سهيڙيندڙ پاران
سموري حياتي لطيفي پيچرن تي پنڌ ڪندڙ ڀٽائي جي فقير ۽ سنڌ جي کاهوڙي ڪردار لطف پيرزادي جي شاهه لطيف بابت لکيل تحقيقي مضمونن کي سهيڙي ڪتابي شڪل ۾ پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪري رهيا آهيون، جن ۾ سنڌ جو شاهه، هوءَ جا لات لطيف جي، شاهه لطيف جي شاعريءَ جا محرڪات، شاهه لطيف تي تحقيق کان رهجي ويل موضوع، گنج شريف ڪيئن ڇپيو، ڀٽائي جا آثار، شاهه لطيف جي وائي ۽ ان جا گائڪ فقير، شاهه جي شاعريءَ ۾ عورت جا ڪردار، ڀٽائيءَ جي شاعري ۾ وطن پرستي، ڀٽائي صاحب جو مذهبي پهلو، روزي ۽ عيد لاءِ لطيف جي موقف سميت شاهه لطيف جي فڪر، ماڳن مڪانن ۽ هن عظيم رهبر، مفڪر، انقلابي، لاهوتي، هنگلاجي، تارڪ، تياڳي، درويش، اولياءَ، صوفي، اويسي ۽ هماليا جيڏي شاعر سان لاڳاپيل شاهڪار لکڻيون شامل آهن.
محبت پائي من ۾ ، رنڍا روڙيا جن،
تن جو صرافن، اڻ توريو ئي اگهايو.
لطف پيرزادي جي وصال بعد سندس لکڻين کي سهيڙي شايع ڪرائڻ جي نيت سان وجود ۾ آيل ”لطف پيرزادو اڪيڊمي“ پاران ڇپايل هن ڪتاب ۾ سندس اهي مضمون شامل آهن، جيڪي گهڻو ڪري 2000ع کان پوءِ جا لکيل آهن. پراڻو مواد ملڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، پوءِ به اسان جي ڪوشش آهي ته سندس سمورا مضمون ڪتابي صورت ۾ پڙهندڙن تائين پهچايون. ڀٽائيءَ جي هن عاشق پنهنجي محبوب هستيءَ تي ايترو ته لکيو آهي جو جيڪڏهن سندس سڀ مضمون هٿ اچن ته اهو چئن پنجن ڪتابن جيترو مواد ٿيندو.
لطف پيرزادي کي ڀٽائيءَ جي حافظ، پارکو، کاهوڙي ۽ سيلاني طور سڃاتو وڃي ٿو. ان سان گڏوگڏ هو هڪ بهترين صحافي، ليکڪ، ٽريڊ يونينسٽ، سياسي ڪارڪن، سماج سڌارڪ ۽ خلق جي خدمت تي يقين رکندڙ هڪ رياضتي فقير هو. هن جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ جدوجهد جي ڏوهه ۾ 15 ڪوڙا به کاڌا ۽ جيل جون سختيون به ڀوڳيون. جڏهن ته عمر جي آخري حصي ۾ سندس نوجوان ڳڀرو پٽ سرويچ کي سچائي ۽ سرويچيءَ جي ڏوهه ۾ کنڀي گم ڪري وڍي چيري ۽ چچري شهيد ڪيو ويو. لطف پيرزادي ڪيتريون ئي مزدور تنظيمون ۽ ٽريڊ يونينون ٺاهيون، ڪيترائي ڳوٺ، اسڪول ۽ اسپتالون ۽ روڊ رستا منظور ڪرايا. ڳوٺ جي ڪيترن ئي مريضن جا ڪراچيءَ جي اسپتالن مان آپريشن ڪرايا، ڳوٺائين ۽ فقيرن سان ڪيتريون ئي مهلون ڪيون، اهو ئي سبب آهي جو کيس فقراءُ جي ماءُ پڻ ڪوٺيو ويندو هو. ڪنهن کيس ڀٽائيءَ جي بحر جو ٽوٻو لکيو آهي ته ڪير کيس شاهه لطيف جو تمر پيو ڪوٺي، ڪنهن هن کي شاهه سائينءَ جو کاهوڙي چيو ته ڪنهن پينگهي ۾ سورن سان پيچ پائيندڙ سڏيو آهي.
چُرن چڻڪن چت ۾ ، هُرن منجهه هِنئين،
لطف ٿيو لطيف چئي، مهر ڪئي ميئين،
ڏکيءَ کي ڏئين، سرهايون ساڻيهه جون.
(شاهه)
لطف پيرزادي پنهنجي سموري زندگي ڀٽائي تي تحقيق ۽ سندس فڪر جي پرچار ڪندي گذاري. هن ڀٽائيءَ تي ادارن کان به وڌيڪ ڪم ڪيو آهي. ان کانسواءِ موهن جي دڙي، سنڌ جي ثقافي ماڳن ۽ شخصيتن تي به سندس جهجهو ڪم ٿيل آهي. لطف پيرزادي کان ڀٽائيءَ بابت پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان ڪراچي طرفان ڪيترائي پروگرام ڪرايا ويا جن جو هاڻ رڪارڊ به نٿو ملي. هن لطيف سائينءَ تي 1970 کان لکڻ شروع ڪيو ۽ آخري پساهن يعني 2018 ع تائين لکندو رهيو. سندس مضمون گهڻي ڀاڱي هلال پاڪستان ۽ عوامي آواز ۾ ڇپيا، ڇو ته پاڻ اتي ڊيسڪ تي به ڪم ڪيائون ۽ رپورٽنگ به ڪيائون. ان سان گڏ ماهوار پيغام سميت ٻين رسالن ۾ پڻ سندس مضمون ڇپبا رهندا هئا. هن فقير اهو ڪم ڪنهن اداري جي اسائنمينٽ طور نه پر ڀٽائي سان عشق جي بنياد تي هڙان وڙان خرچ ڪري ۽ ڪشالا ڪاٽي ماڻهن کي لطيفي لات سمجهائڻ جي نيت سان ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ واسي ڀٽائيءَ کي سمجهي ان جي فڪر تي عمل ڪن ته سنڌ جا مڙوئي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا.
لطف پيرزادو چوندو هو ته ”ڀٽائيءَ کي سمجهڻ ۾اسان کي اڃا صديون لڳنديون ۽ لطيفيات بابت ڪا به راءِ آخري نٿي چئي سگهجي، ڇو ته ڀٽائيءَ جي دور جي مستند تاريخ نٿي ملي. ان ڪري اسان کي قديم روايتن، سينا به سينا منتقل ٿيل ڄاڻ ۽ جاکوڙي محققن جي ڪيل تحقيق، علمي، عقلي ۽ سائنسي بنيادن تي وسيع سوچ سان شاهه لطيف کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻي پوندي. شاهه کي سمجهڻ لاءِ سنڌ جي تاريخ ۽ ٻوليءَ جي ڄاڻ تمام ضروري آهي. سنڌ جي تاريخ جي پسمنظر ۾ جيڪڏهن ڀٽائي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته آساني ٿيندي.“
سو شاهه لطيف کي سمجهڻ ۽ سندس عشق جو صحيح اندازو لڳائڻ ۾ ته اڃا اسان کي صديون لڳنديون پر لطف پيرزادي جي هن ڪتاب ۾اُن عشق جا آثار ضرور پسي سگهجن ٿا، جنهن ۾شاهه سائينءَ جي فڪر، شاعري، ٻولي، آثارن، ماڳن مڪانن ۽ وائي وارن فقيرن کان وٺي رسالي جي ڇپجڻ تائين نه رڳو سموري تاريخ سهيڙيل آهي پر ڀٽ شاهه شهر جي خوبصورتي، لطيفي پانڌيئڙن کي سهولتون ڏيارڻ، ڪراڙ ڍنڍ جي بحالي، لطيفي آثارن جي حفاظت ۽ سيوا کان وٺي ڀٽائيءَ جي راڳ واري روايت کي هٿي وٺرائڻ ۽ عام ڪرڻ سميت سندس پيار، محبت، امن ۽ ڀائيچاري وارو پيغام پکيڙڻ تي زور ڏنل آهي. ڀٽائيءَ بابت گهڻ رخي مطالعي تي ٻڌل هي ڪتاب لطيفيات بابت هڪ مڪمل گائيڊ بُڪ آهي.
ڪيو مطالع مون، هو جو ورق وصال جو،
تنهن ۾تون هين تون، ٻي لات نه لحظي جيتري.
وجود وڃائي پاڻان پاسي ٿيل، خوديءَ کي کائيندڙ هن فنا ٿيل فقير جي هن ڪتاب مان لطف پيرزادي جي سوچ جي وسعت، سندس گهري مشاهدي ۽ مطالعي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. لطف پيرزادي جو تعلق هڪ علمي، ادبي ۽ تعليمدان گهراڻي سان هو، هن 1952 ع ۾ استاد در محمد پيرزادي جي گهر ۾جنم ورتو. ٻن مهينن جي عمر ۾سندس والده جي وفات بعد کيس ٿڃ پنهنجي مامي فقير يار محمد جي گهر واري پياري ۽ سندس پرورش سندس ڏاڏي ميان غلام حسين پيرزادي ڪئي جيڪو تعليمدان، ڀٽائي جو ڄاڻو، فارسي دان ۽ راڳ جو شوقين هو، ميان غلام حسين لاءِ اهو مشهور آهي ته ”هو جڏهن سارنگ ڳائيندو هو ته مينهن وسي پوندو هو.“ جڏهن ته سندس چاچو گل محمد پيرزادو هڪ ڀلوڙ شاعر ۽ مخدوم طالب الموليٰ جو همعصر پڻ هو جيڪو هُن سان خطوڪتابت پڻ ڪندو هو.اهڙي گهر ۾ پرورش ۽ فقير يار محمد ۽ انور پيرزادي جهڙن مامن جي صحبت هن جي لطيف ۾ دلچسپي ايتري قدر وڌائي جو هن چوٿين درجي کان ئي ڀٽائي تي لکڻ شروع ڪيو.
هن جي ڪامريڊ سوڀي سان به سنگت هئي ته شهيد نذير عباسيءَ جو به ساٿي هو، ڄام ساقيءَ کان شمشيرالحيدري، سراج الحق ميمڻ ۽ فقير محمد لاشاري کان سيف ٻنويءَ تائين هن جي ڪيترن ئي صحافين، اديبن، وڪيلن، ڊاڪٽرن، شاگردن، استادن ۽ سياسي سماجي ڪارڪنن، پيرن فقيرن، لاهوتين ۽ سيلانين سان ويجهڙائي رهي. سندس سنگت جو هڪ وڏو حلقو هو ۽ هي هر ننڍي وڏي ماڻهوءَ مان ڪجهه نه ڪجهه پرائڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو هو. انسانيت جي عزت، سيوا ۽ خدمت ئي هن جي سڃاڻپ هئي. هن فقير شاهه جي شاعريءَ جي روح ۾لهي، ڀٽائي جي دور جي تاريخ جو ڳوڙهو مطالعو ۽ لطيفي پيچرن تي پنڌ ڪري شاهه کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، اهو ئي سبب آهي جو سندس هي لکڻيون اسان کي حقيقتن جي ويجهو لڳن ٿيون. منهنجي خيال ۾لطف پيرزادي پاران ڀٽائيءَ کي درست رخ ۾سمجهڻ جو هڪ وڏو سبب سندس ذاتي ڏک ۽ درد به آهن.
شاهه جو هي کاهوڙي پارکو سندس بيتن جي تشريح هڪ الڳ انداز سان ڪندو هو، ڪنهن بيت ۾ ڀلي ڪنهن واقعي يا ماڳ جو سڌو ذڪر نه هجي پر هي فقير چوندو هو ته اهو بيت ڀٽائي هن معاملي تي لکيو آهي. اهڙي طرح سندس دعويٰ هئي ته ڀٽائيءَ جي بيتن ۾ موهن جي دڙي جي آثارن جو پسمنظر به لهي سگهجي ٿو.
اسين هن ڪتاب جي ڇپائي ۾ سمورن سهڪاري ساٿين جا بيحد ٿورائتا آهيون. ڪروڙين قرب سائين بدر ابڙي صاحب جا جنهن بيڪ ٽائيٽل لاءِ ٻه اکر لکي ڏنا ۽ ٽائيٽل لاءِ پنهنجي تصور موجب فقيري ميگهواڙ کان ڀٽائي جي ٺاهيل نئين تصوراتي مجسمي جي تصوير به ونڊ ڪئي، جيڪا هن وقت تائين ڪٿي به شايع ناهي ٿي. ٿورائتا آهيون جاکوڙي عالم ۽ اديب تاج جويي صاحب جا جنهن مهاڳ لکي ڏنو. لک لائق ماما رمضان ساريي جا جنهن لطف پيرزادي جا فائيل جي صورت ۾ سانڍي رکيل مضمون ونڊ ڪيا. ڪنڊياري جي ڳوٺ چنيهاڻيءَ ۾ ”عثمانيه لائبريري“ نالي ڪتب خانو سنڀاليندڙ محمد عثمان عباسي صاحب جا به ڪروڙين قرب جنهن سهڻيءَ بابت ماهوار پيغام ۾ شايع ٿيل مضمون سان گڏ ٻيون لکڻيون به ونڊ ڪيون. ٿورائتا آهيون عوامي آواز سٿ جا جنهن پراڻا فائيل فراهم ڪيا. لک ٿورا اقرار پيرزادي جا جنهن هن ڪتاب ۾ شامل ڀٽائي جي بيتن جا پروف ڏسي ڏنا. ڪروڙين قرب علي حسن چانڊيي صاحب جا جن ڪتاب جي پروف ريڊنگ، ايڊيٽنگ ۽ سيٽنگ سميت سمورن معاملن ۾ هر پل ۽ هر موڙ تي ڀرپور مدد ڪئي. ڪمپوزنگ ۾ هٿ ونڊائيندڙ ڪريمداد خشڪ، نعيم سنڌو ۽ گل نواز پيرزادي جون به لک مهربانيون. مرڪ پبليڪيشن جي سرواڻ، پياري دوست مرتضيٰ لغاري، رکيل مورائي، شاهه محمد پيرزادي، سومار گهانگهري، زرار پيرزادي، مسرور پيرزادي ۽ عبدالرب پيرزادي سميت سمورن سهڪاري ساٿين جا لک لائق، ڪروڙين قرب.
ٿورا م ٿورا، مون تي ماروئڙن جا،
ٿر جي واري ٿورڙي، ان کان گهڻيرا،
ڀلايون ۽ ڀيرا، ڳڻي ڳڻيا ڪيترا.
سچ جو ساٿاري ٿيڻ ۽ حق سچ جي ڳالهه ڪرڻ سبب لطف پيرزادو سموري زندگي ظالم قوتن توڙي سيڻن جي ڪيترين ئي ناانصافين ۽ تڪليفن جو شڪار رهيو. سندس اولاد هئڻ جي ناتي اسان جي زندگي به ڪا پر سڪون ۽ تڪليفن کان آجي ناهي. ڪيترن ئي مسئلن باوجود اسان جي ڪوشش آهي ته لطف پيرزادي جا شاهه لطيف سميت مختلف موضوعن تي لکيل مضمون هٿ ڪري شايع ڪرايون، اها ئي لطيف سرڪار ۽ ڀٽائيءَ جي هن سچي فقير کي اسان طرفان ڀيٽا هوندي. ساڳي وقت لطيفي فڪر جي ڦهلاءُ لاءِ ڪنهن به تنظيم ۽ شخصيت پاران ٿيندڙ هر ڪم ۾ لطف پيرزادو اڪيڊمي رضاڪاراڻي سهڪار ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار آهي.
ڇوري ندوري، نڪو مائٽ منڌ جو،
هو جي هلن ساٿ ۾، ڪمي ۽ ڪوري،
آئون پڻ آهيان انهن ۾، لنگهي ۽ لوري،
هو جي ٿرن جا ٿوري، مونهان مٿانهون گهڻا.
(شاهه)
عنايت پيرزادو
لطف پيرزادو اڪيڊمي
03343237309