شاهه لطيف جي ٻولي
شاھه جي رسالي ۾ جيڪا ٻولي استعمال ڪئي وئي آھي، اھا ھڪ ڊول جي ناھي. شاھ صاحب پنھنجي ڳالھ کي اظھارڻ لاءِ سنڌ ۾ رائج سڀني ٻولين جا لفظ اھڙي ته ڪاريگري ۽ ڏانءَ سان استعمال ڪيا آھن، جو ائين پيو لڳي تھ اھو لفظ جڙيو ئي ان مھل ۽ موقعي لاءِ ھو. سنڌ ڌرتي جيتري قديم آھي، ان حساب سان ايترين ئي قومن ۽ سندن ٻولين جو واهپو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ رهندو آيو آھي. سندن رسالي ۾ موهن جو دڙو کان اڳ توڙي ان وقت جي ٻولي ۽ انھن جي زندگي گذارڻ جي طور طريقن متعلق ڄاڻ، وقت بوقت ھن ڌرتيءَ تي اچي آباد ٿيندڙ ٻاھرين قومن جي ٻولي، حملا آورن جي ٻولي ۽ سنڌ ملڪ جي ٻيڙائتن وڻجارن جو جن جن ملڪن سان واسطو پيو انھن جي ٻولين جا لفظ پڻ رسالي ۾ موجود آھن. ٻولين جي لفظن جا بڳڙيل اچار پڻ استعمال ڪيا اٿئين. سنڌي ماڻھو انھن کي جھڙي طرح اچاريندا ھئا، لطيف بلڪل ان صورت ۾ انھن لفظن کي استعمال ڪيو آھي، جن جا مثال اڳتي ڏنا ويندا. ٿلھي ليکي سندس شاعري ۾ جن ٻولين جا لفظ ملن ٿا، انھن ۾ ھيٺيون ٻوليون شامل آھن:
قديم سنسڪرت، ھندي، گجراتي، پالي، ترڪي (ترڪش)، دراوڙي، فارسي، عربي، ڍاٽڪي ۽ ڪجھ لفظ پنجابي ٻوليءَ جا پڻ ملن ٿا جيڪي سندس ٻولين متعلق ڄاڻ کي ظاھر ڪن ٿا. ڀٽائي شاعر سان گڏ ڪامياب سيلاني، فلسفي ۽ سوچيندڙ شخص ھو، جنھن جي ذھني سطح ايتري ته بلند ھئي جو ھو ھر ڳالھ کي جلد جھٽي، پنھنجي دل ۽ دماغ ۾ سمائي پئي سگھيو. شاعراڻي اظھار وقت انھن ڳالھين، لفظن ۽ واقعن کي پنھنجن لفظن ۾ بيان ڪرڻ ۾ وڏي قابليت جو مظاھرو ڪيو اٿس. جوڳين ۽ سامين جي صحبت ۾ رھي ڪري ويدن جو علم، جوڳين، سنياسين جي عقيدي، مذھب، تيرٿن، عبادتن ۽ وڏن ڏڻن جو جابجا ذڪر ڪري پڙھندڙن کي ويراڳين ۽ تياڳين جي زندگيءَ کان واقف ڪيو اٿس. انھن جي لباس، کاڌ خوراڪ، عادتن، خواھشن، ڪيفيتن، نفسيات ۽ جذبات تي نادر بيت لکي انھن جي زندگيءَ کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا اٿس.
اھڙي طرح ننڍي کنڊ جي تاريخي ماڳن، واقعن ۽ ڪردارن کي سدائين لاءِ پنھنجي شاعريءَ ۾ زندھ ڪري ڇڏيو اٿس جنھن ۾ سورت، گجرات، ڪاٺياواڙ، ڪڇ ڀڄ، کنڀات، جوناڳڙھ، ٿر، پنجاب ۽ ان جي اترين علائقن جي ٻولين جا لھجا پڻ استعمال ھيٺ آندا اٿس. سنڌ ڌرتي جيتري قديم آھي، ان ۾ جيتريون ٻوليون رائج رھيون آھن، انھن سڀني ٻولين جا لفظ سندس شاعريءَ ۾ ملن ٿا، جن جي لسٽ مٿي پيش ڪئي وئي آھي. ھاڻي ھتي اسين انھن بيتن کي شامل ڪنداسين، جن ۾ انھن ٻولين جي لفظن سان گڏ، جاگرافي، تاريخي ماڳن، واقعن ۽ ڪردارن جو ذڪر ٿيل آھي. سنڌو نديءَ جي قدامت ۽ ان جا مختلف وھڪرا سڀ جا سڀ ڪنھن نه ڪنھن طرح رسالي ۾ موجود آھن. پوءِ انھن لاءِ ڪٿي ڪٿي اھڃاڻي اصلاح ڪتب آندا اٿس، ته ڪٿي وري انھن جو سڌو سنئون ذڪر ڪيو اٿس. جڏھن ڪنھن ڪردار جي ڪنھن گڻ تي بيت لکي ٿو ته اھو بيت ان زماني جي تاريخ، وقت ۽ حالتن تي روشني وجھي ٿو ۽ ان ڪردار سان لاڳاپيل ڪھاڻي ڏانھن پڻ واضح اشارا ملن ٿا، جن کي سھيڙڻ ۽ سموئڻ سان گڏ لطيف تي ڪم ڪندڙ محققن جو فرض ٿو ٿئي ته اھي ننڍي کنڊ ۾ آباد توڙي حملي آور قومن جي تاريخ ۽ جاگرافيءَ جو ڳوڙهو اڀياس ڪري، رسالي جي روشنيءَ ۾، تاريخ کي نئين سري سان ترتيب ڏين. سنڌي ٻوليءَ جي ھن عظيم شاعر جي گھڻ پاسائين جاکوڙ کي اھڙي طرح مھانتا ۽ مان ڏئي سگھجي ٿو. لطيف تي رڳو عقيدي وچان ڪنڌ ڌوڻڻ مان ڪي ھڙ حاصل نه ٿيندي، ليڪن سندس تخليقي قوت، مطالعي ۽ ڄاڻ واري گھرائيءَ کي رسالي مان چونڊي يڪجا ڪرڻ سان ئي سندس قد ڪاٺ جي پروڙ پئجي سگھندي.
بر وٺا ٿر وٺا، وٺيون ترايون،
پرھ جو پٽن تي، ڪن ولوڙا وايون،
مکڻ ڀريِن ھٿڙا، سنگھاريون سايون،
ساري ڏھن سامهيون، ٻولاھيون، رائيون،
ٻانهيون ۽ ٻائيون، پکي سونهن پانهنجي.
*
وَرَ ري وانڊين اڏيا، پکا سي مَ پسن،
اتر ڊاھي ان جا، ته ڪنھن کي ڪارون ڪن،
وارث وري تن، اچي شال اولو ٿئين.
*
مٿن ٽٻڪ ٽٻڪڙا، چڪندڙا اچن،
کڙيون کيھ ڀڪليون، پگھر سِرَ پيرن،
اِي وَڙ ويڙھيچن، مون لوڏان ئي لکيا.
شاھه جي لازوال شاعريءَ جي اھيمت ۽ افاديت تي پوءِ ئي ويساھ پڪو ٿيندو ته، ڪھڙا سبب آھن، جو ھو ھر وقت ۽ هر دور ۾ نت نئون ٿو رھي، ھر ايندڙ نسل جي رھنمائي ٿو ڪري. ڀٽائي ڪائنات جي رازن، قدرت جي ڪرشمن تي به خوب لکيو آھي ۽ انساني زندگيءَ جو تعلق ۽ واھپو به ويھي سھيڙيو آھي.
لطيف جي ٻولين متعلق ڄاڻ جي باري ۾ ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي پنھنجي ڪتاب ( شاھ عبداللطيف آف ڀٽ ) ۾ ھڪ جاءِ تي لکيو آھي ته سندس دور ۾ رائج مشھور ٻولين ھندي، عربي ۽ فارسيءَ تي کيس عبور حاصل هو، جن ۾ پڻ اھڙي شاعري ڪري ٿي سگھيو پر ھن پنھنجي شاعريءَ لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي چونڊ ڪئي. ھن ڳالھ تي ڊاڪٽر سورلي حيرت وچان لکيو آھي ته پاڻ اھڙي ٻوليءَ جي چونڊ ڪيائين جيڪا اڃا لکت ۾ ڪا نه اچي سگھي ھئي، اھا صرف ھڪ لھجي تائين محدود ھئي، ائين سنڌي ٻوليءَ جا قديم لفظ جيڪي ختم ٿي چڪا ھئا، استعمال ڪري هن ڄڻ سنڌ جي تاريخ کي زندھ رکيو آھي.