هو جي جھونا پسجن جھوپڙا
شاھه لطيف جي رسالي ۾ مٿئين سٽ سر آسا جي هڪ وائيءَ جو ٿلھه آهي. پنجن مصرعن واري هن وائيءَ کي پڙهندي لڳندو آهي ته لطيف اها وائي، شاھه ڪريم بلڙيءَ وارن لاءِ لکي آهي. اهو ان ڪري جو ”هو جي جھونا پسجن جھوپڙا“ ان ڏانهن ئي اشارو آهي. هن وائيءَ ۾ لطيف پنهنجي مشهور بيت ۾ جيڪو ٻيو فهم چيو آهي ان جو ڏس پڻ ڏنو اٿائين:
روزا نمازون، ايءُ پڻ چڱو ڪم،
او ڪو ٻيو فهم، جنهن سان پسجي پرين کي.
هن وائيءَ جي بند ۾ اهو ٻيو فهم ٻڌايو اٿس، هڪ مصرع ۾ لکيو اٿائين ته ”خدمت ڪر خُلق سين، پانڌ ڳچي پائي.“ اهو فهم آهي خدا جي مخلوق جي خدمت ڪرڻ، سا به نوڙت، نياز ۽ ادب سان. هي نسخو عبادت، رياضت جي عين روح مطابق آهي. هن وائيءَ ۾ ڪهاڙيءَ جو ذڪر به اچي ٿو:
وڌائين وڍڻ لاءِ، ڳن ڪهاڙيءَ پاهي.
*
وڍي وڌائون، هو جو وڻ هئڻ جو...
هن ڪهاڙيءَ ۾ ڳن، ”هئڻ“ واري وڻ کي وڍڻ لاءِ وڌو ويو آهي. لطيف فنا جي اعليٰ درجي تي فائز هئڻ ناتي اسان کي به اهو سبق ٿو ڏئي ته پنهنجي ذات کان آجا ٿيو، پاڻ کي ڪي ڪين ڀانئيو، تڏهن ئي توهان انسان بڻجي سگھندا. هن مسئلي تي لطيف جا ڪيترائي بيت موجود آهن، هتي مثال طور هڪ ٻه بيت پيش ڪجن ٿا:
پاڻ نه کڻن پاڻ سين، نه ڪي ساڻن پاڻ،
اهڙا جنين اهڃاڻ، آئون نه جيئندي ان ري.
*
جيئن ڀيرئين ۽ ڀانئيين، تان هيڏي نه آءُ،
اِن سُرڪيءَ سندو ساءُ، پڇج عزازيل کي.
*
پهرئين بيت ۾ چئي ٿو ته ڪي ڪردار اهڙا به آهن جيڪي پاڻ ساڻ نه کڻندا آهن، يعني انهن کي پاڻ ياد نه هوندو آهي. هو پنهنجو پاڻ وساري ٻي مخلوق جي درد ۽ ڏک کي ڏسندا آهن ۽ انهن جي درمان لاءِ جاکوڙ، رياضت ۽ ڪشالا ڪڍندا آهن. جن ماڻهن جون عادتون ۽ اطوار اهڙا آهن، آئون انهن سُلڇڻن ماڻهن کان سواءِ جي نٿو سگھان، ٻئي بيت ۾ فرمائين ٿا ته ”تون جيڪڏهن عبادت ۽ رياضت ۾ آهين ۽ ان عمل تي توکي ناز يا غرور آهي ته پوءِ هيڏانهن يعني سچن ماڻهن جي صحبت ۾ نه اچ. ڇو ته مان يا پاڻ ڀائڻ واري عمل جو نتيجو شيطان کان پڇي ڏس ته اهو ڪيترو لاڀائتو آهي. “
شاھه ڪريم بلڙيءَ وارو بلڪل فنا جي ان منزل تي رسيل هو جو هن جنهن سڄي زندگي فاقن، ڪشالن ۽ رياضت ۾ گذاري. ڪڏهن به سک ۽ آسائش کي پنهنجي ويجھو اچڻ نه ڏنائين. سندن حياتيءَ جو مطالعو ڪندي حيرت ٿي ٿئي ته پاڻ ڪيڏا صابرين، پاڻ وڃائڻ وارا، ٻين لاءِ زنده رهڻ وارا، مجاهدا ۽ رياضتون ڪندڙ هئا، ايتري تائين جو رات جو شهر مان سير سفر ڪري مسافرن کي لنگر ڪرائيندا هئا. گھر جو رڌ پچاءُ پاڻ ڪندا هئا، مسجد جون مٽيون ڀريندا هئا، مسجد ۾ ڪو مسافر ستل ڏسندا هئا ته ان کي ڀيڙون (زور) به ڏيندا هئا. 88 سال عمر ماڻيائون، يارهن ٻار پيدا ڪيائون، ليڪن ڪڏهن آرام ۽ آسائش کي پنهنجي ويجھو اچڻ نه ڏنائون.
هئڻ سندي هٽ، سودو سلن ڪين ڪي...
*
هئڻ ڪيا هيئن، وانجھا پس وصال کان...
سندن پذيرائي، نيڪ نامي ۽ عزت ايتري هوندي هئي جو ان وقت جا تمام بزرگ، اولياءَ ۽ عالم دين به سندن خاصي عزت ڪندا هئا. ٻين مزدورن سان جڏهن مزدوريءَ تي ڪنهن غيرآباد زمين مان لاھه ڪڍڻ ۽ جهنگ صاف ڪرڻ ويندا هئا ته ساٿي مزدور کين چوندا هئا ته اوهين ويهي بيت چئو، اسين اوهان جي حصي جو ڪم ڪري ٿا وٺون، سندس آواز سريلو هوندو هو، پاڻ سُر سان پنهنجا ۽ ٻين شاعرن جا بيت ڏيندا هئا ۽ مزدور مزدوري ڪندا هئا.
ور سا سڃي ويڙھه، جنهن ۾ سڄڻ هيڪڙو،
سو ماڳ ئي ڦير، جتي ڪوڙڪ ماڙهئين.
اها اڪيلي ۽ نويڪلي جھوپڙي ڀلي جتي سڄڻ اڪيلو هجي. اها جاءِ ئي ڇڏي ڏئي جتي ڪوڙن ماڻهن يا خراب ماڻهن جي رش هجي.
پاڻياريءَ سر ٻهڙو، جر تي پکي جيئن،
اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾ .
ڪهڙو نه نفيس خيال آهي، شاعر چوي ٿو ته: جيئن ڪنهن پاڻياري عورت جي مٿي تي ٻٽا يعني ٻه دلا پيل هوندا آهن يا جيئن پاڻي مٿي ڪو پکي تڙڳي رهيو هوندو آهي، منهنجي من ۾ به پرين ايئن ويٺل آهن. پاڻي ڀرڻ واري عورت جي مٿي تي ٻه دلا آهن، پر اهي هڪٻئي سان گڏجي هڪ ٿي ويا آهن، انهن جو ڌار ڌار وزن به هڪ ٿي ويو آهي. شاھه ڪريم انهن ٻٽن دلن کي ٻهڙو سڏيو آهي، جڏهن ته اسان اتر وارا انهن کي ٻيلهڙو يعني ٻيلھه سڏيندا آهيون. پکيءَ جو به پاڻيءَ تي ڪو وزن نه رهندو آهي، جو پنهنجي پرن ۽ بُجن سبب پاڻيءَ تي ترندو رهندو آهي، هن جا پر واٽر پروف ٿيندا آهن جيڪي ڀِڄي ڳرا نه ٿيندا آهن.
ڪاپائتي، ڪنڀار، آگڙيا ۽ مهاڻا شاھه ڪريم ۽ شاھه لطيف جي شاعريءَ جا پورهيت ڪردار آهن، جن جي ڪرت ۽ انهن جي هٿان ٺهيل شين، بندر بازارين ۽ عيدن جو ذڪر انهن جي حوالي سان ڪيو ويو آهي. شاھه لطيف ته هنن جي هٿن کي سونا هٿ سڏيو آهي ۽ انهن جي ٺهيل مال مان سون پيدا ڪرڻ وارو اصطلاح استعمال ڪيو آهي. هتي نموني طور ڪاپائتي جا ٻه بيت پيش ڪجن ٿا.
سون سريڪا هٿڙا، تياتي تاڪيد سين...
اهڙي ئي خيال وارو ٻيو بيت اٿس:
پاڻياري هر ڪا، جا سر گھڙو ڀري،
ڪا لئه ڀري سڄڻين، ڪا پورهئي لئه ڀري.
ڏسو ته هتي پاڻي ڀرڻ واريءَ جا سماج ۾ ٻه ڪردار آهن ته انهن جو ڪارج به مختلف آهي. اهڙي جيڪا پنهنجي پرينءَ لاءِ ٿي ڀري ان ۾ ڪيڏو نه پريم ۽ سوز سمايو اٿس، وري جيڪا پورهئي لاءِ ٿي ڀري اها به ايتري ئي پاٻوھه ۽ سڪ مان اهو پورهيو ٿي ڪري ته ٻچن جي پيٽ گذر واسطي گھڻي کان گھڻو ڪمائي گھر وڃي. پورهيت جي هن نفسيات جو اظهار شاھه لطيف سر ڪاپائتيءَ ۾ به ڪيو آهي.
ڪاپائتي قرار، منجھان پوڻيءَ آيو...
پورهيت ته سونهندو ئي پورهيو ڪندي آهي، هن کي پنهنجي ڪم سان عشق جي حد تائين لڳاءُ هوندو آهي، جنهن ڪري ڪاپائتي اسر ويل مُلي کان به اڳ پورهئي تي ويندي آهي ۽ پڪي مهل گھر اهڙي طرح ورندي آهي، گھر پهچڻ سان، پنهنجي ٻچن جي ضرورت جي شين ملڻ سان هن جا ٿڪ لهي ويندا آهن.
***