آيو سو اَتور، جنهن ڏکيون ڏِک وهاريون
(شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي 333 هين سالگرهه جي حوالي سان)
درگاهه لطيفيءَ جي خانداني روايتن موجب حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جو جنم ڏينهن پهرين رجب المرجب تي ملهايو ٿو وڃي. هيءَ رسم اڳئين سجاده نشين قبلا سائين الهه بخش شاهه ڀٽائي عرف سيد غلام شبير سائينءَ جن قائم ڪئي. هن وقت هي ڏهاڙو سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ لطيف فائونڊيشن پاران ملهايو ويندو آهي پر ٻه وڏيون تقريبون درگاهه لطيف ڀٽ شاهه تي ۽ ٻي ڀينءَ پور واري ماڳ تي ملهائي ويندي آهي جتي شاهه حبيب جي حويلي هئي. هن وقت اتي مسجد تعمير ٿيل آهي. لطيف جي سوانح نگارن جي اڪثريت هن جاءِ کي لطيف جو ولادت گاهه قبول ڪري ٿي. پر حقيقت ڪجهه اور آهي، جيڪا تحقيق طلب پڻ آهي. سنڌ جي تاريخ نويسن ۽ لطيف جي سوانح نگارن ڪا تاريخ ڪا نه ڄاڻائي آهي. باقي سندس 63 ورهيه حياتيءَ کي بنياد بڻائي سال طئي ڪيو آهي. هن سلسلي ۾ بدر ابڙي جي تحقيق چئي ٿي ته لطيف جو جنم به چوڏهينءَ صفر تي ٿيو هو، جنهن تاريخ تي پاڻ وصال ڪيو هئائون. جڳهه جي باري ۾ هڪڙا، هالا حويلي، ٻيا ڀينءَ پور ته ٽيان وري ٻنهين جڳهن کي گڏائي پيش ڪري رهيا آهن. جڏهن ته تازي تحقيق موجب جنهن جو پهريون اشارو علامه دائود پوٽي ڪيو هو، جنهن کي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب درست قرار ڏيندي پنهنجي راءِ ۾ به شاهه حبيب جا ڪنڊا لڳ سوئي قندر قبرستان ٿو ڄاڻائي. ڊاڪٽر صاحب جي تازي ڇپايل ڪتاب ( لطيف جي سوانح، فڪر ۽ عرفان) ۾ مٿين ڳالهه تي زور ڏيندي ان ئي جاءِ کي ولادت جي جاءِ سڏيو اٿس. هي ڪتاب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ يادگار انسٽيٽيوٽ حيدرآباد تازو ڇپايو آهي. ان کان اڳ رسالي جا ڏهه جلد ترتيب ڏيڻ وقت بلوچ صاحب، علامه دائود پوٽي سان متفق آهي.
سنڌ جي مها ڪوي/شاعر اهڙي دور ۽ حالتن ۾ جنم ورتو جو، ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي کي لکڻو پيو ته ”هن فنڪار جو جنم فطرت جو حادثو يا ڪرشمو هو.“ قدرت هن قديم ڌرتيءَ تي مهربان ٿي، هن کي اهڙو فنڪار، رهبر، اڳواڻ، فلاسافر ۽ قوم جي ٻيڙيءَ جو ناکئو ڏنو، جنهن ظلم، پستي ۽ تباهيءَ هيٺ آيل ڌرتيءَ تي اهڙا ته گل ٽيڙيا جن جي سڳنڌ ولايتون واسي ڇڏيون، ڌرتيءَ وارن جي دماغ کي معطر ڪري انهن مان خام خيالي، فتور، فتنو ۽ فساد ڪڍي، پيار، امن، ڀائيچارو، ايڪتا ۽ هيڪڙائيءَ جا فصل پوکيا. ظلم ۽ ڏاڍ هيٺ آيل، پيڙهيل طبقن کي مٿي آڻي انهن کي جيئڻ جو ڍنگ ڏنو. لطيف جي ڏات ۽ ڏانءُ سنڌي ماڻهن کي اهي اعليٰ ۽ ارفع گڻ آڇيا، جيڪي ورلي ڪنهن قوم وٽ هوندا آهن. اهي گڻ هڪ ماڻهوءَ کي ڪامل انسان بڻائڻ لاءِ ڪافي آهن. هن جي پيغام ۽ تعليم ۾ پاڻ سڃاڻڻ، ٻئي جو ڀلو گهرڻ، ڪنهن جي ڪم اچڻ، سو به خُلق ۽ نوڙت سان، شامل آهن. هن خلوص ۽ پيار سان خدمت ڪرڻ جو درس ڏنو هو.
هن جي پيغام ۾ الله کانپوءِ انسان کي ئي مقدم ۽ اعليٰ ڄاڻايو ويو آهي، جنهن کي رنجائڻ، ان جو حق ڦٻائڻ، ان سان دغا ڪرڻ جهڙن عملن کي عيب ۽ گناهه ڄاڻايو ويو آهي. ايثار، قربانيءَ، سهپ ۽ درگذر کي وڏي وٿ سڏيو ويو آهي. عشق، وفا، مقصد سان سچائيءَ لاءِ هر تڪليف برداشت ڪرڻ کي انسان جي زندگيءَ جو مقصد بڻايو ويو آهي. هيءُ صاحب چوي ٿو ته جيڪي اٿئي سو هتي اٿئي، هتي ڪر ڪا ڪار ڪتڻ جي، ويسلو ويهي وقت نه وڃاءِ، ڪنهن جي ڪم اچ، معاشري ۽ سماج لاءِ ڪجهه ڪري وڃ. عورت، پورهيت ۽ ڪاسبيءَ کي هن خوب ڳايو آهي. سندن فن ۽ صلاحيتن کي ايڏو ته اڀاريو اٿس، جو انهن تي پيار اچيو وڃي، پڙهندڙن جي انهن سان همدردي ٿيو وڃي. اسان جي بناوٽي ۽ ڏيکاءَ واري معاشري جا بخيا اڊيڙي ڇڏيا اٿس. ڪوڙي مان ۽ آڪڙ کي ڪچ ڄاڻي، پڙهندڙن کي انهن کان پري رهڻ جي تلقين ٿو ڪري. چوي ٿو ته اهو پاڻ پڏائڻ وڏو روڳ آهي، ڪنو مرض آهي، ان کان ڀڄ. هي تنهنجي زندگي زهر بڻائي ڇڏيندو، تنهنجو جياپو بي معنيٰ رهجي ويندو، تون محروم ٿي مري ويندين، يعني بلڪل ائين جيئن پاڻيءَ جو ڦوٽو لهرن لڳي اڌ ٿي پوندو آهي. پنهنجي بقا لاءِ اهو ڪي ڪج جو تون هميشه لاءِ زندهه رهين. تنهنجو نانءُ روشن ٿئي. انهن سڀني ڳالهين کي سمجهائڻ خاطر ويهي ترتيب وار پنهنجي شاعريءَ جا سُر سرجيا اٿس سوچي سمجهي ويهي سنڌ کي قلمبند ڪيو اٿس، نه ڇڏيو اٿائين ڪو هڪ پاسو، پرديسي پکين کان وٺي ڪنڊن، ڪانڊيرن تائين، جبل سمونڊ، سنڌو، ڍنڍون، بر، ٿر، جهر جهنگ سڀ جا سڀ ڳايا اٿس. سنڌوءَ سان مخاطب ٿيندي چوي ٿو:
سنڌو تون پوراڻ، جڳ گهڻا ئي سنڀرين....
هڪ سٽ ۾ ڄڻ سنڌوءَ کي عمر ڏئي ڇڏي اٿس، جيڪا ڪيترن ئي جڳن کان وهندي ٿي رهي. الاهي ڪيترا وهڪرا مڙيل اٿس، ڪيئي حڪومتون ۽ بادشاهيون ڏٺيون اٿس، جنهن جي ڪناري تي ويد لکيا ويا هجن، موهين جي دڙي جهڙو شهر آباد هجي، ان جي عمر جو اندازو ڪرڻ ڪا معمولي ڳالهه ناهي. پنهنجي ڳالهه سمجهائڻ لاءِ ڪيئي ڪردار تخليق ڪيا اٿس. هن جيان ته ڪنهن کي ڳالهه ڪرڻ ئي نه ايندي، پاڻ جڏهن چوندو آهي ته ”اديون عبداللطيف چئي“ ته آئون جواب ۾ عرض ڪندو آهيان ”ڀلي چئي، سدا چئي، ٻيو ڪو ائين چئي ئي نٿو سگهي.“ پنهنجو تعلق يا واسطو ڏکويلن وسوڙيلن ۽ درد جي مارين سان جوڙيندي چيائين ته:
ستي سيج هياس، مون کي آهه اٿاريو،
جنين جاڳاياس، آئون نه جيئندي اُن ري.
ننڊ جو ويري آهي. دنيا ۾ جيڪڏهن ڪا خراب ۽ بڇڙي شيءِ ڏسي ٿو ته اها ننڊ آهي. ”ننڊ م هيرج نيڻ“، ”ننڊان نڀاڳن کي، اولانڀا اچن“ ”نيڻين ننڊ اکوڙ...“ ننڊ بيشڪ غفلت ۽ ڪاهلي آهي. هن کي قرآن شريف ۾ موت جي ڀيڻ سڏيو ويو آهي، هي به ان جو مظهر آهي.
***