صوفي لا ڪوفي...!؟
ڪڏهن ڪڏهن لڳندو آهي ته دنيا جي هر مذهب، فلسفي ۽ قانون جي ايجاد انسان کي زير ڪرڻ لاءِ وجود ۾ آندي وئي آهي. اهو ان ڪري جو قدرت واري هن کي اهڙي مٽيءَ مان ٺاهيو آهي، جو وڻيس ته ڪنهن کي مڃي، وڻيس ته ڪنهن کي به نه مڃي. هيءُ پنهنجي مرضيءَ وارو آهي، اگھاڙو ٿي گھمي ته ڇا؟ جي لٽا پائي ته به ان جي مرضي! خليل جبران لکيو آهي ته” غلاميءَ جي هر صورت آزاديءَ جي مقابلي ۾ بڇڙي آهي. ڀلي ته ماڻهو اها پاڻ ئي ڇونه قبول ڪري.“ انسان مذهب، رياست، قانون، رواج يا ڪنهن شخص جي غلامي قبول ڪرڻ لاءِ خود مختيار آهي، وڻيس ته ڪنهن جي اڳيان جھڪي، وڻيس ته نه جھڪي. سڄي دنيا جي مذهبن جا جيڪي باغي ٿيا اهي صوفي هئا. سندن تاريخ تمام پراڻي آهي. اهڙا فرقا زرتشت، يهوديت، عيسائيت، هندو مذهب ۽ اسلام ۾ به پيدا ٿيا. جڏهن رياست ڪنهن مذهب کي هٿيار طور استعمال ڪري پنهنجي رعايا کي غلام بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اتي باصلاحيت ۽ تخليقي ذهن رکندڙ ماڻهن ان خلاف بغاوت ڪري نئون فڪر ڏنو جيڪو برابري، ڀائيچاري، سهپ ۽ محبت تي مدار رکندڙ هو. ايڊورڊ گبن پنهنجي ڪتاب ”رومن سلطنت جو عروج ۽ زوال“ جيڪو عنايت بلوچ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي، هن مسئلي تي تفصيلي بحث ڪري سڀني قومن ۽ مذهبن مان مثال پيش ڪيا آهن، جيڪي قبل مسيح کان شروع ٿي نيٺ هندو مت ۽ اسلام تي اچي دنگ ٿا ڪن.
اسانجي ننڍي کنڊ ۾ هندو مت مان ڀڳتي تحريڪ، ٻڌ ڌرم ۽ ٻين اڪيچار مسلڪن ۽ تحريڪن جنم ورتو، جن برهمڻ جي بالا دستي ۽ ڇوت اڇوت جي مسئلي تي هندو مت کان الڳ ٿي پنهنجو نظريو جوڙيو. مهاتما ٻڌ، ڪبير داس ۽ ميران ٻائي هندو مت جا ويدانتي صوفي آهن، جيڪي برهما يا هڪ هستيءَ کي مڃيندڙ هئا. انهن انسان جي اخلاق کي سنوارڻ لاءِ مايا جي موھه کي تياڳي، من ماري، سڀ ڪنهن سان ميٺ محبت ۽ هيٺانهينءَ سان هلڻ وارن گڻن جي پرچار ڪئي. اهڙي طرح اسلامي تصوف به قرآن شريف جي تعليمات کي بنياد بڻائي، انسان جي آزاد ۽ پاڪ پئدا ٿيڻ جو فلسفو ڏنو ۽ هن ڌرتيءَ کي خدائي فرش ڄاڻي ان تي ڪنهن جي دعويٰ ۽ حق کي نه رڳو رد ڪيو پر ان لاءِ تحريڪ هلائي وقت جي ظالمن سان مهاڏو اٽڪايو، جهڙي طرح صوفي شاھه عنايت شهيد ”جو کيڙي سو کائي“ جو نعرو ڏنو.
هن سلسلي ۾ اسلامي تاريخ ۾ هڪ روايت ملي ٿي ته قبا مسجد جي ڀرسان ڪجھه زمين جو ٽڪرو هو، جنهن جي آباد ڪرڻ لاءِ بلال حبشي پاڻ ڪريمن صه کان اجازت وٺي ان کي آباد ڪيو، ڪجھه سالن کانپوءِ حضور ڪريم صلعم کي عرض ڪيائين ته قبلا آئون هن ٽڪري کي آباد نٿو ڪري سگھان، ان کي ڪنهن ڪڙمي يا مقاطعي دار معرفت آباد ڪرڻ ٿو چاهيان. بلال جي سوال تي امت جي مرسل الله جي آخري نبي جن فرمايو ته ”بلال! جي تون پاڻ ان کي آباد ڪرين ته ان جي اپت توتي حلال آهي، ٻي صورت ۾ ان جي اپت توتي حرام آهي.“ ان کان پوءِ بلال ان کي آباد ڪرڻ ترڪ ڪيو. هي الله جو فرش آهي، جنهن تي ڪنهن جي مالڪيءَ جي حق جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، هوا ۽ پاڻيءَ جيان ڌرتي به سڀني انسانن جي گڏيل ملڪيت آهي، جنهن جي باري ۾ ڪيترين ئي جاين تي ارشاد آهي ته هي فرش اسان اوهان لاءِ وڇايو آهي، ان تي مينهن وسائي اوڀڙ اوڀاريا آهن.گاھه، گل ۽ ميوا پيدا ڪيا آهن، جن جي خوشبوءِ ۽ ذائقو هڪ ٻئي کان مختلف آهي.
هن ڌرتيءَ تي سڀ کان مقدم، اعليٰ ۽ عزت جي لائق صرف انسان آهي، جيڪو پابند آهي پنهنجي پالڻهار جي ٻانهپ ۽ ان جي نشانين تي سوچڻ ۽ عبرت وٺڻ لاءِ. زور زبردستي ڪير ڪنهن کي پنهنجي، فڪر، نظريي ۽ مذهب لاءِ مجبور نٿو ڪري سگھي، ڇو ته آخري پيغمبر جو فرمان آهي ته ”لڪم دينڪم وليّ دين“ ”اوهانجو دين اوهان سان، اسانجو دين اسان سان.“ ته پوءِ اتي ڇيھه ٿي ويو. صوفي مت به الله جي احڪامن ۽ قرآن شريف جي ارشادات تي مبني آهي، جنهن ۾ سڀ برابر آهن ۽ آزاد پڻ. گوري کي ڪاري تي فضيلت ڪانهي. عربي کي عجميءَ تي فضيلت ڪانهي. مومن اهو آهي جنهن جي هٿ ۽ زبان کان ٻيو انسان محفوظ هجي. ظالم، ڪوڙي، منافق تي قرآن شريف ۾ الله پاڪ لعنت وڌي آهي، اهو شيطان جيان در جو تڙيل آهي، ڀلي ڪهڙا به ويس ڪري نيٺ اهو ظاهر ٿيندو. جيڪي ماڻهو پنهنجي بزرگي ۽ عبادت تي فخر ڪندا آهن، انهن تي لطيف خوب لکيو آهي.
جيئن ڀيرئين ۽ ڀانئين، تان هيڏي مَ آءُ،
ان سُرڪي سندو ساءُ، پڇج عزازيل کي.
*
ان پر نه ايمان، جيئين ڪلمي گو ڪوٺائيين،
دغا تنهنجي دل ۾ ، شرڪ ۽ شيطان،
منهن ۾ مسلمان، اندر آذر آهئين.
نه رڳو مسلمان پر ڀٽائي هندوءَ کي به هدايت ٿو ڪري ته پنهنجي مت سان سچو رھه:
ڪوڙو تون ڪفر سين، ڪافر مَ ڪوٺاءِ،
هندو هڏ نه آهئين، جڻيو تو نه جڳاءِ،
تلڪ تنين کي لاءِ، سچا جي شرڪ سين.
اهڙي طرح صوفين ۽ جوڳين ۾ به کرن ۽ کوٽن جا پار پتا ڏنا اٿس ۽ انهن جي اٽڪلن ۽ چالن کي ظاهر ڪيو اٿس، سچن صوفين ۽ جوڳين جا ڳڻ ڳاتا اٿس.
جوڳي هن جڳت جا، ڏنڊا ۽ ڏوٽا،
پني کائين پيٽ ۾ ، ٽڪر ۽ ٽوٽا،
کرا ۽ کوٽا، پورب ٿيندا پڌرا.
*
توکي ويس وڃايو، ويس وڃايو تو،
سامي آهي سو، جو پاڻ وڃائي منجهه پوريو.
*
سچن جوڳين ۽ سامين لاءِ لکيائين ته:
سامي کامي پرينءَ لئه، ڪُسي ٿيا ڪباب،
جھڙو ڏسن ڏوھه کي، تهڙو تن ثواب،
اوتين ارتي گاڏئون، منجھان اکين آب،
سندو ذات جواب، تون ڪيئن پڇين تن کان.
*
آديسين ادب، آهي اکڙين ۾ ،
تن جو حسب نسب ناھه ڪي، نه امان نه اب،
سامين کي سڀين پَرين، روح ۾ رهيو رب،
ريءَ لانگوٽيءَ لب، پاڇي کڻن نه پاڻ سين.
انهن جي نه ذات ٿيندي آهي، نه ڪو حسب نسب هوندو آهي، اهي ڪامل انسان صرف انسان هوندا آهن ۽ ان لاءِ سوچيندا ۽ پتوڙيندا آهن. هو پنهنجي هلت چلت ۽ ڪردار جي ڪري ٻين لاءِ مثال بڻجي ويندا آهن، جھڙيءَ طرح قرآن شريف فرمايو آهي ته ”اوهان لاءِ محمد صلعم اخلاق جو بهتر نمونو آهي.“ شاھه جي رسالي ۾ ڏسنداسين ته ڀٽائيءَ وٽ ڪهڙي قسم جو تصوف ۽ صوفي آهي. هو لڪير جو فقير آهي يا برجستو ڪردار. سنڌ ڇا دنيا جي سڀني صوفين وٽ منصور حلاج جو ڪردار مثالي رهيو آهي پر لطيف اسان سڀني کي منصور بڻائي ڇڏيو آهي:
سڀت پچار پرينءَ جي، سڀت هوت حضور،
ملڪ مڙوئي منصور، ڪهي ڪهندين ڪيترا.
منصور حلاج سن 203 ھجريءَ ۾ سنگسار ڪيو ويو. هي پهريون صوفي هو، جنهن خانقاهن جو رواج وڌو، جتي طالبن کي مختلف قسم جو علم پڙهايو ويندو هو، جنهن ۾ فقه، منطق، عربي، فارسي، طب، طبعيات ۽ فلڪيات جا علم پڙهايا ويندا هئا. هن جون خانقاهون شهري آباديءَ کان ٿورو پرڀرو هونديون هيون، جيئن طالبن جي يڪسوئي ۽ فڪر ۾ ڪو خلل نه پوي. هي پهريون صوفي هو، جنهن حقوق الله لاءِ چيو هو ته اهو بندي ۽ الله جي وچ جو مسئلو آهي. هن حقوق العباد تي زور ڏيندي مظلومن ۽ پيڙهيل طبقن جي ڳالھه ڪئي ۽ رياست جي مخالفت سبب سزاوار بڻيو، هو وقت جي حڪمرانن کي چوندو هو ته الله اوهان کي ڌرتيءَ تي حڪومت ان ڪري نه ڏني آهي ته ان جي مخلوق تي ظلم ڪيو؟
سنڌ جي صوفين جي اڪثريت شهيد ٿيل آهي، جن ۾ هڪڙا قومي ويڙهاند ۾ ڌارين قابض حڪمرانن هٿان شهادت ماڻي سدائين لاءِ تاريخ جي ورقن ۾ امر ٿي ويا، اهڙن شهيدن ۾ دولھ دريا خان، مخدوم بلاول، شاھه عنايت شهيد ۽ شهيد عبد الرحيم مڱرئي گرهوڙ واري جا نالا ڳڻائي سگھجن ٿا. ٻيا اهي شهيد آهن جيڪي ڪنهن مظلوم جي حق وارڻ خاطر چورن ۽ ڌاڙيلن هٿان شهيد ٿيل آهن، انهن ۾ داد شهيد، سيد جمال شاھه، لطيف جي پڙ ڏاڏي ۽ شاھه عبدالڪريم جي ٽئين نمبر پٽ شادي شهيد سميت سنڌ ۾ اهڙا ڪيترائي گمنام شهيد آهن، جيڪي قابض پرڏيهي لشڪرن جي تلوارن جوکاڄ بڻيا، اهڙن ڪردارن لئه لطيف لکيو آهي ته:
جيڏانهن قاتل ڪُل، اکيون اوڏانهين کڻي،
مٿو ڪن نه مُل، پِڪ برابر پانهنجي.
*
ڪلهنئون ڪورين، عاشق عبداللطيف چئي...
*
سرائيڪي شاعر مسلم جي هڪ سٽ آهي :
عاشق صادق اپنا لهو، پاني سي سستا ڪر بيٺي.
لطيف صوفيءَ جون جيڪي وصفون ٻڌايون آهن ۽ ان جو ڪردار بيان ڪيو آهي، اڄ جي زماني ۾ اهڙا صوفي ملڻ مشڪل آهن، ڇو ته صوفين خلاف رياستي تشدد ڏسي، انهن بزرگن جا پويان لڪير جا فقير بنجي صرف راڳ ويراڳ، گاديون وسائڻ ۽ پاڻ وڻائڻ تائين محدود ٿي ويا. اهي صوفيءَ جي مت ۽ ڪردار جي نفي ڪري رهيا آهن. جڏهن ته خلق کي خادم ڪرڻ يا مريد ۽ طالب ٺاهڻ واري عمل کي لطيف بيماري سڏيو آهي:
خلق خادم جيئن ڪرين، ايءُ راول وڏو روڳ،
ڀڳن ڪونهي ڀوڳ، نانگا وڃن نڱيو.
لطيف فرمائي ٿو ته، ڀڄڻ ڪو ڀوڳ ناهي، جيڪي هن سچ جي راھه کي ترڪ ڪري گوشه نشين ٿي ويٺا، انهن اهو عمل ڪنهن وڏي عذاب ۽ مصيبت سبب اختيار ڪيو آهي. ان ڪري صوفيءَ کي صلاح ٿو ڏئي:
صوفي چائين سک طلبين، صوفي ايءُ نه صلاح،
ڪاٽي رکج ڪُلاھه، وجھج اڇلي آڳ ۾ .
*
جوڳ نه جوڳو تون، ڪرين پچارون جوڳ جون ...
*
جوڳئين جوڳ جڳاءِ، جوڳ پڻ سونهي جوڳئين،
هاءِ! مونهين کي واءِ، جا آئون نينهن نه سِکي.
نالي جي صوفين کي لطيف صلاح ٿو ڏئي ته، گھٽ ۾ گھٽ اڳين نيڪ ۽ اعليٰ درجي جي صوفين جي عزت جو ته خيال ڪريو!؟ ايئن نه ٿئي جو توهان جي عمل ۽ ڪردار ڪري انهن جي به گلا ٿئي. ان سلسلي ۾ انهن کي وڌيڪ سمجھاڻي ڏيندي لباس جو مثال ڏنو اٿس ته ڪپڙي کي به ايتري اهميت آهي جو اهو تنهنجي سڃاڻپ وڃائي ٿو ڇڏي. جڏهن ته تون صوفي خرقو ٿو پهرين ته ماڻهو توکي صوفي سمجھي ڀلجي ٿا پون، پر تون صوفي جي پر نٿو پاري سگھين ته ان لباس کي ئي ترڪ ڪر، متان ٻين تي حرف اچي:
توکي ويس وڃايو، ويس وڃايو تو...
صوفي اصل تڏهن ٿو بڻجي جڏهن نفس کي ماري نفي واري منزل کي رسي ٿو، جز وڃائي ڪُل ۾ ضم ٿي وڃي ٿو:
جز وڃايو جوڳئين، ڪُل سي آهينِ ڪم،
آسڻ جن عدم، آئون نه جيئندي ان ري.
ان کانپوءِ صوفيءَ جو هردو صاف ٿي آئيني مثل ٿو بڻجي، دوئي هن کان ڪوهين دور ٿي وڃي ٿي، تڏهن ئي هو پنهنجي اندر ۾ پرينءَ جو جلوو ٿو پسي:
صوفيءَ صاف ڪيو، ڌوئي ورق وجود جو،
تِهان پوءِ ٿيو، جيئري پسڻ پرينءَ جو.
*
صوفي لا ڪوفي، ڪونه ڀانئنس ڪير،
منجھان ئي منجھ وڙهي، پڌر ناهيس پير،
جنين ساڻس وير، ٿئي واهرو تن جو.
هن بيت ۾ لاڪوفي جي معنيٰ ڪن ٿا لامذهب جيڪا غلط آهي، هن لفظ جي سڌي سنئين معنيٰ ٿيندي ”لا“ معنيٰ ”نه“ ڪوفي يعني ڪوفي جو. جنهن جي اصطلاحي معنيٰ آهي دغا باز، ڪوڙو، منافق ۽ سيد جو دشمن. لطيف فرمائي ٿو ته سچو صوفي ڪڏهن به ڪوفي نٿو ٿي سگھي. اهو سچي سيد سان محبت ڪندڙ ۽ ان جو عاشق آهي، ڇو ته ڪوفين امام حسين سان دغا ڪئي هئي، ان بابت لطيف ٻه بيت لکيا آهن:
ڪوفين قهر ڪيو، ٿيا جماعتي يزيد جا،
پليتن کي پڙ ۾ ، ورنھه ور پيو،
سڌر هون هو، شير شهادت رسيو.
هتي ڪوفيءَ کي پليت سڏيو اٿس ۽ سيد کي مضبوط ۽ سچو سهارو سڏيو اٿس، جنهن کي هنن نه سڃاتو، هونئن نه ته ڪوفي به ڪلمي گو هئا، نماز پڙهندا هئا، ليڪن لطيف انهن کي پليت ۽ ڪافر ڪوٺيو آهي:
ڪامل ڪربلا ۾ ، اهل بيت آئيا،
ماري مصرين سين، تن ڪافر ڪنبايا،
سچ ڪه بيبيءَ ڄايا، ههڙا سورهيه سپرين.
*
ڪوفين ڪاغذ لکيو، وچ وجھي الله،
اسين تابع تنهنجا، تون اسانجو شاھه،
هيڪر هيڏي آءُ، تخت تابع تنهنجي.
جڏهن وقت جي خليفي کي خبر پئي ته ڪوفي امام حسين جي حمايت ڪري رهيا آهن ته ابن مسلم کي شهيد ڪرائي ڪوفين تي سختي ڪيائين ته اهي امام حسين کان ڦري ويا ۽ نيٺ ڪربلا جو واقعو پيش آيو، جنهن تي لطيف سائين سڄو سارو ڪيڏارو لکيو آهي. يزيد جي لشڪر ۾ عالم، قرآن جا حافظ ۽ پنج وقت جا نمازي به شامل هئا، جڏهن اذان ايندي هئي ته ٻئي لشڪر جنگ بند ڪري نماز پڙهندا هئا ۽ يزيد جا قاري تلاوت ڪندا هئا. لطيف انهن کي ڪافر ۽ پليت ڪوٺيو ۽ شاهدي ڏني اٿس ته سچو صوفي ڪڏهن به منافق ۽ سيد جو دشمن ٿي نٿو سگھي، سيد جي مقام لاءِ لکيو اٿس ته:
مونکي آھه اميد الله ۾، منهنجي سيد سار لهندو...
***