اجرڪ جي صنعت سان لاڳاپيل لفظن ۽ اصطلاحن جو شاهه جي رسالي ۾ استعمال
سنڌ اندر اجرڪ سازيءَ جا نشان تمام پراڻي دور کان مليا آهن، سنڌو سڀيتا جو موهن جي دڙي واري دور ۽ ان کانپوءِ واري رام جي دور ۾ هن جو عروج هو، ان دور ۾ هن کي سڏيو ئي ”سيتارامي“ ويندو هو، کتري هن ڌنڌي جا ماهر هئا ۽ اهو هنن جو اباڻو ڌنڌو هو، جيڪي سنڌ جي تاريخي ۽ جاگرافيائي حالتن جي مٽجڻ سبب کٽي ٿيا جيڪي اڄوڪي سنڌ ۾ ڌوٻي، رنگاوتي ۽ اجرڪ جي صنعت سان لاڳاپيل آهن. جهڙي طرح هر ڌنڌي ۾ استعمال ٿيندڙ اوزارن، ڪچي مال ۽ شين لاءِ مخصوص نالا ۽ اصطلاح هوندا آهن اهڙي طرح هن صنعت جي حوالي سان پڻ ڪجهه اهڙا لفظ آهن جيڪي مختلف شين ۽ مهلن تي استعمال ڪيا ويندا آهن. اهي لفظ ٻوليءَ ۾ هونئن به موجود هوندا آهن پر استعمال ۾ اچڻ سان انهن جي معنيٰ ۽ مطلب واضح ٿيندو آهي. سنڌ جي ٻين هنرن جهڙوڪ واڍڪي، بوهارڪي، ڪنڀارڪي ۽ موچڪي ڌنڌي وغيره جا اصطلاح جيئن رسالي ۾ موجود آهن اهڙي طرح هن ڌنڌي ۽ هنر سان لاڳاپيل ٻولي پڻ رسالي ۾ جابجا پکڙي پئي آهي. شاهه سائين جتي مومل جي رنگ محل جي لالاڻ جو ذڪر ٿو ڪري اتي هن کي چرون چِت ۾ چري ٿو. ان کي پانوڙي پڪ سان تشبيهه ڏيڻ سان گڏ چرون جو ذڪر ڪري ڪوڙين رنگ رچڻ واري ڳالهه کي شاعراڻي ٻٽاڪ بدران حقيقت جو روپ ٿو ڏئي، اجهو هيئن پيو فرمائي:
هلو هلو ڪاڪ تڙين، چرون جت چڙهن،
ڪوڙين رنگ رچن، پانوڙي پڪ سين.
چرون ٽامي جو ديڳ جيتري وڏي منهن وارو ڊرم هوندو آهي. ان مقصد لاءِ ٺاهيل چلهي ۾ ٻٻر ۽ ڪنڊي جو سڪو ڪاٺ ٻرندو آهي. چرون ۾ مصالحا ۽ پاڻي وجهي ان کي خوب گرم ڪرڻ کانپوءِ منجهس اجرڪ وڌا ويندا آهن جن کي ڪاريگر ٻن ڏنڊن سان گهمائيندو رهندو آهي، هن عمل ذريعي اجرڪ تي ڳاڙهو رنگ چڙهندو آهي. اجرڪ جي ٺهڻ ۽ کرڻ ۾ هي مرحلو اهم هوندو آهي. اجرڪ هتي اچي ئي ريٽو ٿو ٿئي، ان ڪري کٽي اجرڪ کي چرون ۾ وجهي دعا ۽ واحد در وينتي ڪندو آهي ته هن کي ٺاهج، هاريءَ جيان کٽيءَ جو به اڻ ڏٺو سودو آهي. هيڏي حڪمت ۽ ڪثرت واري ڪرت کانپوءِ به چرون ۾ اجرڪ کي جڏهن ٺاهڻ وارو ٺاهي ٿو ته ڦٽي ڌٻا ڌٻا ٿي وڃي ٿو، اڇي ۽ بلو تي به ڳاڙهو رنگ چڙهيو وڃي، ڪڏهن ته اهو اڇن چٽن ۽ ڌٻن سبب خراب ٿيو وڃي. مومل جي حوالي سان شاهه لطيف چئي ٿو ته راڻو به رچي ريٽو ٿيو هو، چرون ۾ اعليٰ جر استعمال ڪيو ويندو آهي، هي اجرڪ جو آخري مرحلو آهي، هن کانپوءِ آخري ڌلائي ٿيندي آهي، جنهن کي تياري چيو ويندو آهي:
رچي جي ريٽا ٿيا، ڪين اٻاٽجن اوءِ،
کُنڀ نه کاري تنهن کي، جا هالاري هوءِ،
توڻي ڌوٻي ڌوئي، ته به لالي لهي مَ ان جي.
”کنڀ“ ڪوري ڪپڙي کي پاڻي ۾ پسائي ان کي چلهي ۾ رکيل ڪنهن ديگڙي جي منهن کي پٽڪي جيان ور ڏبا آهن، ديگڙي ۾ کار وارو پاڻي هوندو آهي. ان جي هيٺان باهه ٻاربي ته ان پاڻيءَ جي ٻاڦ تند تند مان ٿيندي مٽي، مير، ڪلف ۽ ٻين مصالحن کي ڪپڙي کان ڌار ڪندي ويندي آهي، هي آهي اجرڪ جو کنڀ، باقي هر ڌوٻي ڪپڙي کي کنڀ چاڙهيندو آهي، ان کانپوءِ ان کي ڦوڙيندو آهي، جنهن کي اصطلاح ۾ چون ”ڦوڙ“ هن لفظ مان ڦوڙائو لفظ ٺهيو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي جدائي، اها جدائي کٽين جي عمل مان چٽي طرح ڏسي سگهجي ٿي. کنڀ تان ڪپڙي کي لاهي گهڙيءَ کن لاءِ اس تي پٿاريندا آهن ته ڪپڙي مٿان مير ۽ مٽي جهڙي مواد جون ننڍڙيون ننڍڙيون ڳوڙهيون اڀري بيهنديون آهن، جنهن کانپوءِ ڪپڙي کي جالاري پاڻيءَ سان صاف ڪرائي اجرو ڪندو آهي. مٿين بيت ۾ شاهه لطيف جو چوڻ آهي ته اجرڪ جيڪڏهن کنڀ چاڙهي ڌوئبو ته ان جو رنگ نه لهندو، ڇو ته هي ان مرحلي مان گذري آيو آهي، هن جي تند تند ان رنگ ۾ رڱجي ريٽي ٿي آهي.
اجرڪ جي صنعت جو بنيادي اوزار آهي ”پور“ جنهن کي ڪاٺ جي ڪنهن مضبوط ٽڪري تي ماهر واڍو نفيس ۽ باريڪ اڪر ڪندو آهي جنهن ڪري ان ڪاٺ تي رنگ ۽ گل اڀري ايندا آهن، انهن چٽن ۽ گلن کي واضح ڪرڻ لاءِ تکن ۽ باريڪ اوزارن سان ڪاٺيءَ جي ٽڪر کي ڪوريندو آهي، پوءِ ان ۾ ڪيترائي پور، خال ۽ سوراخ ڪيا ويندا آهن جن ڪري ان جا ڪجهه حصا اڀري ايندا آهن، ان کي ”پور“ سڏبو آهي، جنهن سان اجرڪ جي بنيادي ڇر کانسواءِ هر مرحلي جي پورن جا پنهنجا نالا آهن. پور لفظ جو استعمال لطيف هيئن ڪيو آهي:
پنهونءَ ڪيائون پور، ڇوريون ڇُرڻ سکيون.
پنهونءَ جو پور ٿيڻ ۽ ڇورين جو ڇُر سکڻ وارا اصطلاح ڀٽائيءَ جي آفاقي ۽ لاثاني شاعريءَ جا اهي انساني جذبن جا جز آهن، جيڪي فطرت جو حقيقي اظهار هوندا آهن.
”اڇاڙو“لفظ کي لطيف سهڻي ۽ سامونڊي سُر ۾ درياهه ۽ سمونڊ جي پسمنظر ۾ لکيو آهي:
آڇاڙا عميق جا، گڏيا غواصن...
آڇاڙا ان ڪپڙي جي ٽڪر کي چيو وڃي ٿو جيڪو پاٽئي يعني جنهن ڪاٺ جي تختي تي اجرڪ رکي پور هنيو ويندو آهي، ان تي رلهيون، ڪمبل وغيره رکي ان جي مٿان هڪ ڪپڙو رکيو ويندو آهي، جنهن کي اڇاڙو چيو ويندو آهي، جيڪو پور ۾ لڳل واڌو مصالحي کي جذب ڪرڻ لاءِ استعمال ۾ ايندو آهي. اجرڪ جڏهن مصالحن واري پور لڳڻ سبب آلو ٿيندو آهي ته ڄڻ مس ڇٽي جو ڪم ڪندو آهي. سمونڊ ۾ سپون سوجهي لهڻ وارن ٽوٻن کي عميق جا اهڙا اڇاڙا ملن ٿا جيڪي هن جي جسم ۽ منهن تان سمونڊ جي گجي، پگهر ۽ پاڻيءَ جا ڦڙا صاف ڪري ڇڏين يعني هنن کي اهڙا املهه ماڻڪ ٿا ملن جن جي پسڻ سان کين دلي سڪون ٿو ملي ۽ پورهئي جو سڄو ٿَڪ لهيو وڃي. سُر ڪيڏاري ۾ لطيف نير ۽ نيروٽي/ نيرولي جي ڳالهه ڪئي آهي:
ڪارا رڱج ڪپڙا، ادا نيروٽي،
آئون جن لئه لوٽي، سي ملهه مسافر رانئيا.
***