لطيفيات

نت نت آهه نئون

هي ڪتاب سنڌ جي کاهوڙي ڪردار ۽ ڀٽائي جي پارکو لطف پيرزادي جي شاھ لطيف جي شاعريءَ بابت لکيل مضمونن جو مجموعو آهي.
لطف پيرزادي جي هن ڪتاب ۾ شامل مضمونن ۾ شاهه جي زندگي، شاعري کان سواءِ سندس ذاتي ڪردار ۽ شخصيت تي به گهري نظر وڌي وئي آهي. لطف پيرزادي لطيفيات ۾ ڀٽائي جي درگاهه، سندس فقيرن جي ڪردار ۽ اُن ۾ جديديت توڙي قدامت کي به سامهون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. لطف پيرزادي جي سماج، سياست، عقيدت تي گهري نظر هئي، اُهو ئي سبب آهي جو هن لطيف تي منفرد قسم جو ڪم ڪيو آهي.
Title Cover of book نت نت آهه نئون

شاهه لطيف انساني نفسيات، ڪيفيتن ۽ جذبن جو شاعر

شاهه لطيف انساني نفسيات، ڪيفيتن ۽ جذبن جو شاعر


شاهه لطيف جي شاعريءَ جو پسمنظر ويدن دور کان اڄ تائين محيط آهي. سندس شاعريءَ جو ڪينواس ايترو ته وسيع آهي جو ان ۾ هن ننڍي کنڊ جي تاريخ، سماجي حالتون، ٻوليءَ جا لهجا ۽ قومن جا گڻ اوگڻ شامل آهن. ان کان علاوه هن خطي ۾ وسندڙ ماڻهن جي نفسيات، ڪيفيتن ۽ جذبن جي ڀرپور عڪاسي ڪئي اٿس. ڄاڻايل مڙني پهلوئن کي زير بحث آڻڻ لاءِ ڀٽائي مختلف علائقن جا مختلف ڪردار تخليق ڪري، انسان جي روين، نفسيات، ڪيفيتن ۽ جذبات تي وڏي فنڪاراڻي انداز سان لکيو آهي. مختلف حالتن ۾ ماڻهن جا جيڪي رويا، نفسيات، ڪيفيتون ۽ جذبا جڙن ٿا انهن کي هن پنهنجي شاعريءَ جو موضوع بڻايو آهي.
جهڙيءَ طرح هر طبقي جي اصطلاحي ٻولي الڳ الڳ ٿئي ٿي، ويندي ڪرت ۽ ڌنڌي تائين، تيئن نفسيات به سڀ ڪنهن جي الڳ الڳ آهي، ڇو ته اها جاگرافي، حالتن، تاريخي واقعن، ڪارنامن ۽ محرومين منجهان جڙي ٿي، جنهن ڪري انساني نفسيات کي اسين، طبقاتي ۽ طبعي ڀاڱن ۾ ورهائي چڱيءَ طرح پرکي سگهنداسين. ڪيفيتون ۽ جذبات وري ڌرتيءَ تي ظاهر ٿيندڙ لقائن، تاريخي حادثن ۽ انساني روين مان جڙن ٿا، جيڪي خوشي، ڏک، شڪر ۽ الڪن وغيره جي احساساتي صورتن ۾ ملڪي ۽ قومي حالتن سان جڙيل هجن ٿا.
لطيف جي شاعريءَ جو موضوع انسان آهي جنهن جا ڪيئي رنگ ۽ روپ آهن. هو بکيو، ڏکيو، ڪاوڙيل، راضي، عاشق، پنهنجي مرضيءَ وارو، قربان ٿيندڙ، بهادر، بي ڊپو، فطرت جي حسن جو پسندڙ ۽ پرکيندڙ هجڻ سان گڏ ڪائنات بابت گوناگون تصور رکندڙ آفاقي آرٽسٽ به آهي، مختلف ڪردارن جي ماحول، علم، ڄاڻ ۽ وسيع تجربي سبب جيڪا نفسيات جڙي آهي، هن ان مان پيدا ٿيندڙ ڪيفيتون ۽ جذبا وڏي فنڪاريءَ سان يڪجا ڪيا آهن. شاهه جي رسالي ۾ ماڻهو هڪ ڊول جو ناهي، پهريان ته هو جنسي طور نر ۽ ماد ۾ ورهايل آهي، جن جي نفسيات، ڪيفيتون ۽ جذبا الڳ الڳ آهن. طبقاتي ورڇ، ماحول جو اثر، مطلب ته معاشري جي هيٺاهين سطح کان ويندي اعليٰ سطح تائين وارو ماڻهو رسالي ۾ موجود آهي جيڪو وري ٻين جي رهنمائي ڪندڙ، اصول جوڙيندڙ ۽ علم پکيڙيندڙ آهي، وڏي ڳالهه ته اهو شخص به موجود آهي جنهن وٽ ڪِي ڪونهي. اهڙي مجبور ۽ وسوڙيل ڪردار کي اظهاريندي لطيف هڪ بيت ۾ چيو آهي:
بکيءَ کِل نه اڄهي، ڏکيءَ ڏمر نانهه،
اگهاڙيءَ وهانءَ، ويو ويچاريءَ وسري.
هن مختصر بيت ۾ پيش ڪيل ڪردار جي نفسيات، ڪيفيت ۽ جذبا اظهاري لطيف پڙهندڙن کي اهو بانور ڪرائڻ ٿو چاهي ته حالتن، حادثن ۽ جاگرافيائي جوڙجڪ کانسواءِ طبقاتي حيثيت سان به اهي شيون جڙن ٿيون. رسالي ۾ جابجا طبقاتي نفسيات جا عڪس پسي سگهجن ٿا. سر سارنگ ۾ ذخيره اندوز، منافعي خور سرمائيدار جي نفسيات جي نشاندهي ڪندڙ هڪ ڊگهو بيت موجود آهي، جيڪو هتي پيش ڪجي ٿو:
حڪم ٿيو بادل کي ته سارنگ ساٺ ڪجن،
وڄون وسڻ آئيون، ٽهه ٽهه مينهن ٽمن،
جن مهانگي لاءِ ميڙيو، سي ٿا هٿ هڻن،
پنجن مان پندرهن ٿيا، ايئن ٿا ورق ورن،
ڏڪاريا ڏيهه مان، موذي شال مرن،
وهڪي جن ورهه ٿيا، موٽي سي مڙن،
وري وڏي وس جون، ڪيون ڳالهيون ڳنوارن،
سيد چئي سڀن، آهه توهه تنهنجو آسرو.
مٿئين بيت جي ٽِين، چوٿين ۽ پنجين سٽ انهن منافعي خورن ۽ ذخيره اندوزن متعلق آهي، جيڪي سستو ان خريد ڪري، لڪائي ٿا رکن ته جيئن کوٽ جي زماني ۾ ان کي ٽيڻ تي وڪڻي وڏو منافعو ڪمائي سگهن. هنن جي نفسيات ”جن مهانگي لاءِ ميڙيو“ مان ظاهر ڪئي وئي آهي. جڏهن ته انهيءَ ڪيفيت کي ”هٿ هڻڻ“ مان به ظاهر ڪيو ويو آهي. پوءِ جڏهن ”پنجن مان پندرهن ٿيڻ“ واري هن جي خواهش پوري نٿي ٿئي، ڇو ته ديس ۾ وسڪارو ٿيو آهي، پٽن پاهه جهليا آهن، وطن سرسبز ۽ خوشحال ٿي ويو آهي، ان ارزان ٿيو آهي، جيڪي کير ڏيندڙ ڀٽاريون وهڪي ويون هيون، يعني کير ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو هئائون، اهي وري مڙي رهيون آهن، يعني کير ڏهائي رهيون آهن. اهڙي خوشحالي اچڻ تي سماج جو رت چوسيندڙ جيوڙو پريشان آهي. شاعر اهڙن موذي ڪردارن کي ”ڏڪاريو“ جي لقب مان ياد ڪندي بد دعا ٿو ڪري ته شل اهي موذي مري وڃن. هن وڏي وسڪاري جون ڳالهيون ڳنوار ۽ ڌنار ڳائي رهيا آهن. اسان جو شاعر سيد صاحب رب پاڪ جا شڪر ادا ڪري رهيو آهي، جنهن ڌرتيءَ تي پنهنجي رحمت جي پالوٽ ڪري هر جيءَ کي خوشحال بڻائي ڇڏيو آهي.
ساڳي طرح هيٺين بيت ۾ هڪ غريب ملاح جي زال جِي پنهنجي مڙس سان گفتگو پيش ڪئي وئي آهي، جيڪا ايندڙ وقت جي خطرن کان مڙس کي آگاهه ڪري رهي آهي. اهڙي حادثي ٿيڻ تي هوءَ ان کي پنهنجي ڳالهه ياد ڏياري رهي آهي ته مون اڳ ئي تو کي چيو هو ته هن ڀُتي ٻيڙيءَ جو آسرو نه ڪر، درياهه کي مستي آهي، لهرون ضرور لڳنديون، جن جي سَٽ هي اسان جو پراڻو سِڙهه سهي نه سگهندو.
مون ٿي چيوئي ڪانڌ، ڀُتِي ڀاڙ مَ مڪڙي،
سِڙهه پروڻا پاند، لهرون لڳنديون اوچتو.
سر مارئي جي هڪ بيت ۾ مارئي عمر سان هيئن مخاطب آهي:
مون ماروءَ سين لڌيون لوئيءَ ۾ لائون،
سونَ برابر سڳڙا، مون کي ٻانهن ٻڌائون،
عمر! چئه آئون، پَٽ ڪيئن پهريان سومرا.
هِن بيت ۾ مارئيءَ جي نفسيات، ڪيفيت ۽ جذبا پنهنجي وضاحت سميت موجود آهن. سسئيءَ جو پنهونءَ ۽ جتن لاءِ ڪيفيتي تاثر ڪجهه هن طرح آهي:
کوءِ ٻولي! ٻن ٻروچ! گهوري ذات جتن جي،
مون کي چئي لوچ! پيهي ويا ڇپرين.
ڌاري ۽ غاصب قوم لاءِ سنڌي ماڻهن جي اجتماعي نفسياتي ڪيفيت ۽ جذبا ڪجهه هن طرح بيان ڪيا ويا آهن:
پيئيم پٺاڻن سين، ٻولي جي نه ٻجهن،
آئون سنڌيءَ جو سعيو ڪريان، هو پارسيون پڇن،
مون پڻ ملا تن، سرتيون سور پرائيو.
*
ڌريان ئي ڌاريا، مِٽ مئيءَ جا نه ٿيا،
مدي ڏيرن من ۾ ، آئون کليو کيڪاريان
صبح اٿي ساريان، اٺ نه اوطاقن ۾.
سسئيءَ سان ٿيل ويڌن متعلق سسئيءَ جي خيالن، جذبن ۽ نفسياتي ڪيفيتن جو هن طرح اظهار ڪيو ويو آهي:
مون کي جنين ماريو، آن ڪي گڏيا سي
تن ۾ طاقت ناهه ڪا، ادا، انهين ري
سور سليم تي، جيلانهن ڳالهه ڳري ٿي.
مارئيءَ جي نفسيات ۽ وطن جي حب کي اسان جي ڀٽائيءَ هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي:

جيها جي تيها، مون مارو مڃيا،
مون جيڏيون ملير ۾ ، چونڊين موڪ ميها،
منهنجي آه اها! ڪڏهن ڪيرائيندي ڪوٽ کي.
*
ٿر کي ڀانئيون ٿوڪ، جو ڍڪ ڍاٽيئڙن جو...
سنڌي قوم جي قومي نفسيات، ڪيفيتن ۽ جذبن کي شاعراڻي زبان ۾ هيئن اظهاريو ويو آهي:
وڍيءَ سي واڍوڙيا! رت نه ڏٺو جن،
موت قبوليو تن، ڏٺو جن ڏکيءَ کي.
اي قاتل! تو اهڙن امن پسند ماڻهن کي ڪٺو آهي، جن ڪڏهن رت نه ڏٺو هو، ڌرتيءَ جي هيءَ حالت ۽ قتل عام ڏسي، هر ماڻهو مرڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي. اهڙي زندگيءَ کان موت کي ڌرتي ڌڻي ترجيح ڏئي رهيا آهن. اهڙي جنگي صورتحال ۾ هنن کي مرڻ جي پڪ ٿي وئي آهي، جنهن ڪري هو وڙهي مرڻ کي ترجيح ڏئي رهيا آهن.
گهوڙا گهڻي ڀون، ووءِ ووءِ وچن نڱيا
مادر! مٿان مون، ڪانگ لنوندا ڪڏهين.
شاهه لطيف جي سڄي ساري شاعريءَ متعلق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب پنهنجي ڪتاب ( شاهه عبداللطيف جي سوانح حيات، فڪر ۽ عرفان ) جي صفحي 89 تي لکي ٿو ”شاهه جو پيغام ڪنهن وقت، دور يا عرصي لاءِ ناهي، سندس اعليٰ فهم ۽ فڪر ڪنهن خاص خطي يا پرڳڻي، ڪنهن قوم يا قبيلي، ڪنهن ملڪ يا معاشري جي طور طريقن ۽ ريتن، روايتن تائين محدود ناهي. شاهه جو فڪر بني نوع انسان جي سطح تائين وسيع ۽ عالمگير آهي.“ساڳئي ڪتاب جي صفحي 80 تي مٿئين عنوان متعلق ڊاڪٽر صاحب جي راءِ آهي ته ”شاهه انسان جي نفسياتي ڪيفيتن سان هم راز آهي، شاهه جي اعليٰ شعور جي انفراديت انهيءَ ۾ آهي جو کيس پنهنجي ذاتي حال ۽ مشاهدن ذريعي انساني رشتن خاص طرح محبت جي نازڪ مرحلن تي اڀرندڙ اندروني احساسن ۽ نفسياتي ڪيفيتن جي پوري ڄاڻ ۽ آگاهي حاصل آهي. رسالي جي سڀني سُرن هيٺ دل جي دليلن، اندروني احساسن، حالتن ۽ ڪيفيتن جو پرتوو موجود آهي.“ ڊاڪٽر صاحب جي راءِ موجب ”جيڪڏهن شاهه جي ٽيهن سرن مان اهڙا بيت چونڊي انهن جي شرح ڪئي وڃي ته هڪ شاندار ۽ ناياب ڪتاب جڙي سگهي ٿو، جيڪو عالمي طور تي انساني نفسيات، ڪيفيتن، جذبن ۽ سڀاءَ تي روشني وجهي سگهي ٿو. اهڙو ڪتاب هر ماڻهوءَ جي سندس زندگيءَ ۾ رهنمائي ڪري سگهي ٿو.“ڊاڪٽر صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ شاهه جي رسالي جو سُر وار مطالعو پيش ڪيو آهي پر ان ۾ روحاني راز ۽ مذهبي رنگ نمايان آهي.
شاهه لطيف جيئن ته عورتن جو نمائندو شاعر آهي، ان ڪري سندس شاعريءَ ۾ عورتاڻي نفسيات، سندن ڪيفيتن، جذبن ۽ حالات جا ڪيترائي نمونا ۽ رنگ ملن ٿا، جيڪي زميني حقيقتن سان ٺهڪندڙ نسورو سچ آهن، جن کي ڪوڙو چئي نٿو سگهجي، نه وري انهن کي شاعراڻو وڌاءُ ئي چئي ٿو سگهجي، هي بلڪل اهڙيون نشانيون (آيتون) آهن جن کي مٽائي نٿو سگهجي، نه وري ٻيو ڪو اهڙيون نشانيون ڏئي ٿو سگهي:
اڀرن سِيڪارا، پسيو ور ٻين جا...
*
سيئي ٿيون مرڪن، جنين سندا آيا...
*
ڍول مَ کڻي ٻانهڙي، پرهه مَ کڻي پاند،
آئون پنهنجو ڪانڌ، لوڪان لڪي رائيان.
اهڙن بيتن جو ڪو روحاني راز ٿي نٿو سگهي، جنهن ڪري هتي اسين بنا تبصري ۽ تشريح جي ڪجهه اهڙا املهه بيت پڙهندڙن کي پيش ڪنداسين:

ڪانڌ! تنهنجي پاند ري، سيءُ مران سڀ رات،.
ڪامل ڪپاهن ۾ ، جهپ نه اچي جات،
اچين جي پرڀات، ته آئون سيءُ نه ساريان.
*
سُتي پون ڇرڪ، آيل ٻاروچن جا
ومَ وهاٽي ووءِ ڙي! ڪوهياري ڪِرڪَ،
ڌڙ ڌوڻيو تنهن ڌڪ، جڏيءَ جيئڻ نه ٿئي.
*
ڇوريون ڇرڻ سکيون، پنهون ڪيائون پور،
آيو سو اتور، جنهن ڏکيون ڏِک وهاريون.
هنن بيتن تي تبصرو ڪندي اهو ڊڄ ٿو ٿئي ته متان ڪٿي لطيف تي فحاشي پکيڙڻ جون تهمتون نه لڳن، ڇو ته پروفيسر عثمان علي انصاريءَ اهو چئي لطيف جو هيٺيون بيت پنهنجي ترتيب ڏنل رسالي مان ڪڍي ڇڏيو هو ته ”لطيف جهڙو پرهيزگار ۽ متقي ايئن نٿو لکي سگهي.“
چنڊ! لڳنئي منڊ، سنجهي ئي سيخ ٿِين،
ڪر اونداهي انڌ، ته ملان محبوب سين.
چوڏهينءَ جو چنڊ، سج جي ٽٻيءَ هڻڻ سان ئي چٽو ٿي بيهندو آهي.

***