لطيفيات

نت نت آهه نئون

هي ڪتاب سنڌ جي کاهوڙي ڪردار ۽ ڀٽائي جي پارکو لطف پيرزادي جي شاھ لطيف جي شاعريءَ بابت لکيل مضمونن جو مجموعو آهي.
لطف پيرزادي جي هن ڪتاب ۾ شامل مضمونن ۾ شاهه جي زندگي، شاعري کان سواءِ سندس ذاتي ڪردار ۽ شخصيت تي به گهري نظر وڌي وئي آهي. لطف پيرزادي لطيفيات ۾ ڀٽائي جي درگاهه، سندس فقيرن جي ڪردار ۽ اُن ۾ جديديت توڙي قدامت کي به سامهون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. لطف پيرزادي جي سماج، سياست، عقيدت تي گهري نظر هئي، اُهو ئي سبب آهي جو هن لطيف تي منفرد قسم جو ڪم ڪيو آهي.
Title Cover of book نت نت آهه نئون

ڀٽائيءَ جي رسالي ۾ قلندري طريقت جا اهڃاڻ

ڀٽائيءَ جي رسالي ۾ قلندري طريقت جا اهڃاڻ


شاهه جي رسالي ۾ سر پورب، کاهوڙي، ڪلياڻ ۽ رامڪليءَ ۾ ويدانت، تصوف، جوڳين، سامين ۽ ڪاپڙين جي ڪرياڪرمن، تيرٿن، سندن گڻن ۽ ريتن رسمن کان سواءِ انهن جي مختلف فرقن، طريقن، متن ۽ عقيدن تي ڀرپور روشني پوي ٿي. جوڳ پچائيندڙ ڪردارن جي طريقت تي ڪيترائي تنقيدي ۽ تعارفي بيت ملن ٿا. هتي اسان سيوهاڻي شهباز عثمان مروندي مست قلندر جي فقراهي طريقت تي اهڃاڻي ۽ سڌي طريقي سان لکيل بيت چونڊي صوفي مت جي هن شاخ تي روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
شهباز قلندر پنهنجي دور جو مڃيل عالم، شاعر، صوفي مت جو سرگرو ۽ اڳواڻ هو. هن لاءِ چيو ٿو وڃي ته هي سهروردي هو. هن جا خاص ڪري عربي ۽ فارسيءَ ۾ صرف و نحو وارا لکيل ڪتاب ان وقت جي مدرسن ۾ ڪورس طور پڙهايا ويندا هئا. فارسي زبان ۾ سندن غزل، رباعيون ۽ هڪ ڊگهي منقبت ملي ٿي، جيڪا حضرت عليءَ جي شان ۾ لکيل آهي. قلندر جي طريقت جا مکيه اصول هيٺين طرح آهن.
1- ڀڪشوئن وانگر پنجن ابرن جي تلقين يعني ڏاڙهي، مڇون، مٿي جا وار، ڀرون ۽ پنبڻيون ڪوڙائڻ، ٽڪڻ تي وارن جي هڪ چوٽي ڇڏڻ، جنهن کي ”جات“ چوندا آهن، گيڙوءَ رتو لباس پائڻ.
سو ئي ڪيائون روپ، جئان لوڪ لڄ ٿئي.
2- سوا پهر جو سير: طالب جي نفس مارڻ خاطر، سوا پهر بکيا مڱڻ، جنهن جا ٻه مقصد آهن. هڪ ته هن جون ڪٿي اکيون اڙن، جنهن سان خودي کانئي ختم ڪري، انتظار ۽ سهپ پيدا ڪري. ٻيو پنڻ ڪري شرم، لڄ وڃائي پنهنجي نفس کي ماري.
ماين مڱن بکيا، نه ڪا لڄ نه ليهه...
پنڻ واري مال جي ورهاست کي وري پنجن حصن ۾ ورهايو ويندو آهي، جنهن مان هڪ حصو فقير کي پنهنجي نفس لاءِ حلال ڪري ڏنو ويو آهي، باقي چار حصا گهرجائو فقراهه جي شيوا لاءِ آهن، ان سبب ڪري ئي فقير کي پنج پال سڏيو ويو آهي.
3- رياضت: مٽي ڀرڻ، جهاڙُو ڦيرڻ، مچ سائو ڪرڻ، جيءُ کي جفا ڏيڻ، دست ڪهي لا الله، جهاڙو ڪهي الاالله.
4- لاهوت لا مڪان جو سفر: جنهن ۾ صبر، توڪل، تقويٰ، بک، ڏک ۽ سفر جي تڪليف برداشت ڪرڻ ”السفر وطائة المنار“ سفر جي سختي دوزخ جي باهه مثل آهي. لال باغ سيوهڻ کان پٻ جبل ۾ لاهوت لامڪان واري غار تائين قلندر شهباز ۽ لطيف جا تڪيا آهن. لاهوت کي قلندر ڳولهي لڌو ۽ پنهنجي فقيرن تي فرض ڪيائين. لطيف ان رستي کي سنواريو ۽ پنهنجي شاعريءَ ۾ ڳايو، سڄي رستي ۾ ٻنهي درويشن جا تڪيا آهن. ڪٿي کوهيون، مچ ۽ ڪنڊا انهن جا نشان آهن. لاهوت لامڪان ۾ پڻ ٻنهي جا تڪيا موجود آهن. فقير چوندا آهن ته لاهوتين جو رجسٽر ڀٽائيءَ وٽ رکيل آهي.
5- طريقت جي ڄاڻ: پنج ڪلما، پنج مڪان، جبر نه دارد، فقيري لقما روا نه دارد، يعني جنهن ماڻهوءَ کي پنجن ڪلمن ۽ پنجن مڪانن جي خبر ناهي ان کي فقيري لقمو حرام آهي. ان کانسواءِ فقر نامو ۽ قلندر نامو طالب کي ياد ڪرايو ويندو آهي، جنهن ۾ جيئري مرڻ يعني ”موتو قبل ان تموتو“ وارو راز سمايل آهي. هن طريقت جا ٻيا به ڪيترائي اصطلاح آهن، جهڙوڪ زبان جو غسل، زمين توري ويهڻ، فقير جي دنيا اڍائي قدم وغيره. هنن جي حال وسيلي ۾ ڪولابو، ڪنٺو، دُر، نفيل، کڙي لا زنبيل، ڏنڊو يا بيراڳڻ، امام زين العابدين جو قيد جيڪو ڪو ڪو فقير مرشد جي امر سان پائيندو آهي. هن طريقت ۾ طالب جو شريعت وارو نالو ختم ڪري مٿس مرشد ٻيو نالو رکندو آهي. قلندري سنت موجب هر فقير لنگ ٻڌندو آهي. ڀلي کڻي اهو شادي شده هجي ليڪن لنگ انهن کي سونهي ٿو.
لنگ ڪڍيائون لانگ، موٽي ڪن نه مسحو...
لنگ ٻڌڻ کان پوءِ لاهبو ناهي، هي صرف مجرد ۽ ستي جتي فقير کي پائڻ جڳائي. قلندر وٽ اسلامي تصوف ۽ هندومت جي ويدانت گڏ گڏ آهي. قلندر ”جوڻ“ واري نظرئي جو قائل آهي. پنهنجي هڪ شعر ۾ چيو اٿس ته ”آئون دنيا ۾ سؤ دفعا آيس، هر دفعي فقيري منهنجي چيلهه سان ٻڌل هئي“ يعني قلندر موت کان پوءِ ٻيهر انساني روپ ۾ ڌرتيءَ تي وارد ٿيڻ واري مت جو قائل آهي. هندن جو عقيدو آهي ته هن دنيا ۾ جيڪو سٺا عمل ڪندو اهو ٻيهر انسان جي روپ ۾ ڌرتيءَ تي موٽي ايندو. جيڪو پاپ ڪندو ان کي قدرت سزا طور ڪنهن نه ڪنهن جانور جي شڪل ۾ ٻيو جنم ڏيندي. هن جي عَلم جي بيرڪ به اهڙي آهي جهڙي مندر جي مٿان گيڙو وانئٽي يعني جهنڊي هوندي آهي. لال قلندر ئي ان ڪري سڏيو ويو جو پاڻ ڳاڙهو، حلواڻ جهڙو چولو يا جُبو پهريندو هو، جهڙو اڄ بودلائي فقير ويس اوڍيندا آهن. روايتن ۾ آيو آهي ته پاڻ ٻالجتيءَ کان وٺي روزانو هڪ مڱڻهار ڇوڪري کي دهل سميت ساڻ ڪري جهنگل ۾ وڃي دهل تي نچندو هو، جنهن پٺيان قلندري ڌمال جو رواج پيو. پنهنجي هڪ شعر ۾ چيو اٿس ”سر بازار مي رقصم“ يعني آئون وچ بازار ۾ نچان ٿو. قلندر جتي ستي، لنگ بند، تياڳي، نفس مارڻ وارو يگانو مست درويش آهي تيئن لطيف جي طريقت ۾ پڻ شاهه جي وائي ڪندڙ فقير مجرد (ڇڙا) ئي رهندا هئا، جن جو اڳواڻ تمر فقير هو، پوين ۾ اسماعيل فقير کاهوڙي، ولي محمد فقير ۽ يعقوب فقير پڻ ڇڙا رهي زندگي گذاري ويا. موجوده وقت ۾ اها روايت ختم ٿي چڪي آهي.
ڪڇي ڪاڇوٽي، نانگن ٻڌي نينهن جي،
جهڙا آيا جڳ ۾ ، تهڙا ويا موٽي،
تنين جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري.
مٿئين بيت ۾ لنگ، نانگو ۽ چوٽيءَ وارو لفظ قلندر جي شخصيت ڏانهن اشارو آهن. جڏهن ته وچين سٽ ۾ هنن جي جتي ستي رهڻ واري روايت ۽ ان جي پاڪائيءَ جو ذڪر ٿيل آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هو جهڙا ماءُ جي پيٽان پاڪ پوتر ڌرتيءَ تي آيا اهڙا پاڪ صاف رهي ڌرتيءَ ماتا جي پيٽ ۾ داخل ٿيا.
لنگ ڪڍيائون لانگ، موٽي ڪن مسحو،
جا اسلامان اڳي هئي، سا سئائون ٻانگ،
سامي ڇڏي سانگ، گڏيا گورک ناٿ کي.
شاهه جي شاعريءَ ۾ گرو گوبند، گورک ناٿ، مهويشر (مهيسر) اوم ۽ ڀڳوان جهڙا نالا هن راهه جي اڳواڻن ۽ اوتارن لاءِ پيش ڪيا ويا آهن. ڪن محققن جي راءِ موجب اسلام کان اڳ واري ٻانگ وارو اصطلاح ”اوم“ ڏانهن اشارو آهي. هن مت جي تيرٿن ۽ مقدس جاين ۾ لاهوت لا مڪان، هنگلاج، ناني، گنگا، ڪاشي، دوارڪا، مٿرا ۽ گنجي ٽڪر جو ذڪر اچي ٿو، جتي ڪالي ماتا جو مندر آهي، هي به هنگلاجي فقيرن جو زيارت گاهه آهي. هندستاني هنگلاجي ٿر مان ٿيندا گنجي ٽڪر جو تيرٿ ڀيٽي، ڪراچيءَ جي لياريءَ واري علائقي رام جي لانڍي، جتي رام جون چاکڙيون رکيل آهن، جو درشن ڪري پوءِ هنگلاج ڏانهن روانا ٿيندا هئا، هڪ وائيءَ ۾ آهي :
ٿر کي ٿورو لائي ويا، جوڳي جوان جبل جي پاسي..
*
نانگا نانيءَ نڱيا، هنگلاجان هلي،
ديکي تن دوارڪا، مهيسين ملي،
آڳهه جن علي، آئون نه جيئندي ان ري.
***