ملڪ مڙوئي منصور...!!!
حسين بن منصور حلاج 203 هه ۾ المقتدر عباسي خليفي جي دور ۾ ” انا الحق“ جي نعري هڻڻ سبب سنگسار ڪيو ويو هو، ڇو ته هن جو نعرو هو ته ”آئون حق آهيان“ جنهن تي شريعت جي مُلن هن کي تعذير ڏئي سنگسار ڪرايو. اسلامي تصوف ۾ هي پهريون صوفي آهي، جنهن سڀ کان پهريان عوام جي حقن جي ڳالهه ڪئي هئي، جنهن کي عربي محاوري ۾ حقوق العباد چئبو آهي. حڪمرانن کي چوندو هو ته ”الله اوهان کي ڌرتيءَ تي ان ڪري حڪومت نه ڏني آهي ته اوهين ان جي بندن تي ظلم ڪيو، اوهان کي الله جي مخلوق جي خدمت ڪرڻ جڳائي.“ عوامي حقن لاءِ آواز اٿارڻ جي ڏوهه ۾ هن کي سنگسار ڪيو ويو، هن کي سرڪش، هٺيلو ۽ غدار جهڙن لقبن سان نوازيو ويو. هي پهريون صوفي هو جنهن خانقاهن ۽ آستانن جو رواج وڌو، جيڪي اتان جي آباديءَ کان پرڀرو ٻاهر قائم ڪيائين، جتي طالبن ۽ شاگردن کي مختلف علمن جي تعليم ڏني ويندي هئي، جهڙوڪ قرآن شريف، حديث، فقه منطق، رياضي، ڪيميا ۽ عربي، فارسي ٻولين جو گرامر پڙهايو ويندو هو.
منصور جو نعرو هو ته ”الله ڄاڻي، الله جو بندو ڄاڻي! “يعني حقوق الله، الله ۽ بندي جي وچ جو مسئلو آهي، جڏهن ته حقوق العباد سماجي ۽ معاشرتي مسئلو آهي، جنهن کي بلهي شاهه پنهنجي لفظن ۾ هن طرح ورجايو آهي:” مين جانون ميرا الله جاني“ الله جي حقن جي ڳالهه سان گڏ هي شاگردن ۽ طالبن کي عام خلق جي خدمت ڪرڻ، انساني ۽ سماجي حقن جي تلقين ڪندو انهن جي پائماليءَ خلاف جدوجهد ڪرڻ جو درس ڏيندو هو. پيڙهيل، ڦريل ۽ ماريل ماڻهن جي ڏک، درد ۾ انهن جو ساٿي ۽ مددگار بڻيو، ان ڪري ئي سندس نالي پٺيان چوڻي ٺهي ته ”مڙس ته ڪو منصور آهين.“ اهڙي طرح گيلان مان بغداد ٺهيو، جو ان شهر ۾ جمعي جي ڏينهن 250 نمازين کي مسجد ۾ شهيد ڪيو ويو. ان بغداد ۽ ظلم جي ياد ۾ ان شهر تي نالو ئي بغداد پئجي ويو. صوفي مت جا جيڪي به معتبر مسلڪ آهن، انهن ۾ منصور جو مقام مٿانهون آهي. ان جو مٽ ڪير به نه آهي، پر اسان جي قومي شاعر، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي ٻه بيت لکي، ان راءِ کي رد ڪندي ”سنڌي قوم“ کي منصور جو درجو ڏئي ڇڏيو ۽ صوفين تي واضح ڪيائين ته اوهين اڄ سوڌو ان هڪڙي منصور تي اچي بيهي رهيا آهيو، هتي ته ملڪ ئي منصور لڳو پيو آهي، روز ٿا حق سچ جو نعرو هڻندڙ شهيد ڪيا وڃن. پاڻ لکيائين ته:
سڀت پچار پرينءَ جي، سڀت هوت حضور،
ملڪ مڙوئي منصور، ڪهڙا چاڙهيو چاڙهين.
*
سڀت پچار پرينءَ جي، سڀت هوت حضور،
ملڪ مڙوئي منصور، ڪهي ڪهندين ڪيترا؟
اڃا به هن جي دل نه ٺري. اهڙن عاشقن جي هڪ وڏي قطار، جلاد جي اڏيءَ وٽ ڏيکاري ٿو، جيڪي پنهنجي ڪنڌ ڪپائڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن. ڇا ته شاعري ڪئي اٿس. ڪيئن ته انهن جي بهادريءَ کي ڳايو اٿس جيڪي اوچي ڳاٽ جلاد جي اڏيءَ تي اچن ٿا ۽ ڪنڌ ڪٽائي شهادت جو جام پيئن ٿا:
اڳيان اڏين وٽ، پوئين سر سنباهيا،
ڪاٽ ته پوين قبول ۾ ، مڇڻ ڀائين گهٽ،
مٿا مهاين جا، پيا نه پسين پٽ،
ڪلاڙڪي هٽ، ڪُسڻ جو ڪُوپ وهي.
اهو بيت جڏهن دادا ڄيٺمل پراسرام پنهنجي اخبار جي ايڊيٽوريل ۾ لکيو ته ان وقت انگريزن خلاف سڄي هندستان ۾ هلچل هلي رهي هئي. ان وقت جي انگريز سرڪار اخبار ۽ ان جي ايڊيٽر تي بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو. دادا ڄيٺمل پرسرام گرفتار ٿي ڪورٽ پهتو، ان ڪورٽ جو جج ايڇ ٽي سورلي هو، جنهن سرڪاري وڪيل کان پڇيو ته سرڪار کي اخبار جي ڪهڙي حصي يا ڪالم تي اعتراض آهي؟ جنهن تي سرڪاري وڪيل چيوته ايڊيٽوريل ۾ لکيل بيت تي. جج پڇا ڪئي ته بيت جو شاعر ڪير آهي، ان کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي، جنهن تي کيس ٻڌايو ويو ته اهو بيت شاهه لطيف جو آهي، جيڪو ڪيترائي سال اڳ وفات ڪري چڪو آهي. پوءِ جج صاحب سنڌي عالم کي گهرائي بيت جو ترجمو ڪرايو، ان کي سمجهيو. دادا ڄيٺمل پرسرام کي چار سال سزا ٻڌائي وئي.
سورلي تي شاهه جي بيت جو ايڏو ته اثر ٿيو جو هن پنهنجي لاءِ سنڌيءَ جو استاد رکيو، جيڪو هن کي سنڌي پڙهائيندو هو. پوءِ هن لطيف جي شاعريءَ جو مطالعو شروع ڪيو. اڳتي هلي هن لطيف تي ( شاهه عبداللطيف آف ڀٽ ) جي نالي ڪتاب لکيو، جنهن تي آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ کيس ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ڏني. هن ٻيو ڪتاب دنيا جي مخلتف ٻولين جي چونڊ ستن شاعرن جي ڀيٽوار جائزي تي مشتمل لکيو، جنهن ۾ مڙني شاعرن مان شاهه لطيف کي مٿانهون ڄاڻايو اٿس. اها آهي شاهه لطيف جي شاعريءَ جي ڪرامت، جو هڪ غريب سنڌي صحافي سزا کائي ويو ۽ انگريز جج پي ايڇ ڊي جي ڊگري وٺي ٻن ڪتابن جو ليکڪ بڻجي ويو. هن قسم جي شاعري شاهه جي سڄي رسالي ۾ جابجا پکڙي پئي آهي. منهنجو ته ايمان آهي ته سڄو رسالو ڪيڏارو آهي. سنڌ جو نوحو آهي. ڪلياڻ کان سورٺ تائين سسئي، سهڻي، ليلان، کاهوڙي، رامڪلي سڀ جا سڀ سر هڪ دانهن آهن، ماتام آهن.
اڄ آديسي مر، سڀان مرندو سڀڪو...
*
مئي متي مهراڻ ۾ ، پئو ٽپو ڏيئي...
*
سر ڍونڍيان ڌڙ نه لهان، ڌڙ ڍونڍيان سر نانهن،
هٿ ڪرايون آڱريون، ويا ڪپجي ڪانهن
وحدت جي وهانءَ، جي ويا سي وڍيا.
هيءُ شاعر ماڻهوءَ کي مرڻ لاءِ ائين ۽ اتساهيندو آهي، جو مرڻ وارو ان عمل کي ايترو آسان ۽ سولو سمجهندو آهي. جهڙوڪ ٿڪ پٽ تي اڇلائڻ هجي:
مٿو ڪن نه ملهه، پڪ برابر پانهنجي.
*
جيڏانهن قاتل ڪَلَ، اکيون اوڏانهين کڻي.
هي ڪردار پنهنجو سِرُ ائين سٽي ٿا ڇڏين، جيئن ٿڪ پٽ تي اڇلائبي آهي! هن جي شاعريءَ ۾ اوهان کي اذيت گاهون، بند کوليون، ٻيڙيون، هٿ ڪڙيون، ڳچيءَ ڳانا لوهه جا، پيڪڙا پيرن ۾ ۽ ڪوٺين اندر ڪِير ملندا. جيل، چارِي چوگانن ۾ ۽ واهت ڪندڙ وزير ملندا، قيد بند جي شاعري ملندي:
چوريان جو پاسو، ته جسو زنجيرن ۾ ...
*
هٿين هٿ ڪڙول، ڄنگهون ٻانهون ڪاٺ ۾ ...
*
بندي ٻيا قرار، اسين لوچيون لوهه ۾ ...
*
مٿي تن ترار، سدا سانڀيئڙن جي...
*
وڍيون هئين تان ويهه، نه ته وٺي واٽ وانءُ تون
هيءُ تنين جو ڏيهه، ڪات جنين هٿ ۾ .
ڀٽائي صاحب سنڌ جي تاريخ کي پنهنجي تعلق ۾ اهڙو ته سموهيو آهي جو يوناني، ارغون، ترخان، لوڌي، پٺاڻ، مغل، انگريز جن به قومن هن ڌرتيءَ کي زخم رسايا آهن، هن کي لٽيو ڦريو آهي، انهن جا اهڃاڻ هن جي شاعريءَ ۾ موجود آهن:
پيئيم پٺاڻن سين، ٻولِي جي نه ٻجهن،
آئون سنڌيءَ جو سعيو ڪريان، هو پارسيون پڇن،
مون پڻ مُلا تن، سرتيون سور پرائيا.
*
معلم ماڳ نه اڳئين، ڦلنگي منجهه ڦريا،
ملاح تنهنجي مڪڙيءَ، اچي چور چڙهيا،
گهوڙا ڙي گهوڙا، آئون نه جيئندي ان ري.
ان سڄي صورتحال کي چٽڻ کان پوءِ هن وٽ بچي ٿو روئڻ ۽ راڙو مون نماڻيءَ نجهري:
ڪنهن پر روئان پرينءَ کي، پار نه ڄاڻان پنڌ،
ڪيچين ڪارڻ ڪنڌ، نايو ٿي نعرو هڻان.
*
نه ڪنهن ماريا جنگ ۾ ، نه ڪنهن سور ٻري،
روئان ڪيئن ڪري، مادر ملاحن کي.
اهڙي قسم جي بيتن مان ڀل ڪو روحاني راز تلاش ڪري يا ڪير تصوف کي ڳولي لهي پر:
جن کي دور درد جو، سبق سور پڙهن،
فڪر ڦرهي هٿ ۾ ، ماٺ مطالعو ڪن،
پنو سو پڙهن، جنهن سان پسن پرينءَ کي.
هيءُ ته داستان آهي، درد آهي، هيءَ شاعراڻي ڪٿا آهي لٽيل ملڪ جي مارن جي، جن مٿان ناحق جنگيون مڙهيون ويون. وڙهي مرڻ کان سواءِ انهن وٽ ٻِي واهه ڪا نه هئي، اهو ئي سبب آهي جو لطيف سڄي ملڪ کي منصور ٿو سڏي. اهو تسلسل آهي دولهه درياهه خان، مخدوم بلاول، شاهه عنايت شهيد جو. ماضيءَ ۾ سنڌ جي تاريخ ۾ جيڪي قتل عام ٿيا آهن، بابت ڀٽائيءَ جو هي بيت غير معمولي رزميه داستان کان گهٽ نه آهي:
وڍيءَ سي واڍوڙيا، رت نه ڏٺو جن،
موت قبوليو تن، ڏٺو جن ڏکيءَ کي.
هتي ڏکيءَ مان مراد، سنڌ جي ڌرتي آهي.