لوچيان ٿي لاحد ۾ !
ڀٽائيءَ جي نالي ٺهندڙ تنظيمن ڏانهن
لطيف فائونڊيشن، لطيفي لات، لطيفي تحريڪ، ڀٽائي ريسرچ سوسائٽي، انهن مڙني نالن ۾ رکيو ئي ڇاهي؟ سنڌي عوام جي اساٽ ۽ اڻ تڻ انهن نالن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هيءَ قوم پنهنجي محسن ۽ مها ڪويءَ کي ڪجهه ڀيٽا ڏيڻ ٿي چاهي ۽ ڪجهه ڪرڻ گهري ٿي. اهي خواهشون خواب ئي رهجيو وڃن ڇوته ڪنهن جي مفاد پرستاڻي لوڀ ۽ سستي شهرت ماڻڻ جا جتن ڪرڻ ڪري سنڌ جي هن قومي ڪاز کي نقصان رسي رهيو آهي. ٿيڻ ته ائين کپي ته انهن سڀني تحريڪن ۽ تنظيمن جو پاڻ ۾ رابطو رهي. هڪ ٻئي جي ڪارڪردگي ۽ ڪم کان آشنائي رهي. صلاح مصلحت سان هن هماليه جيڏي فنڪار جي شرح، تنقيد، تفسير ۽ سوانح لکڻ ۽ سهيڙڻ وقت انصاف جو دامن نه ڇڏجي، ڇو ته اسان جي ٿورڙي ڀل، غلطي، جذباتي يا سطحي فيصلي سان هن ڪائنات جي فنڪار سان زيادتي ٿي سگهي ٿي. ڀٽائي سڀ جو هوندي به ڪنهن هڪ جو ناهي. جهڙي طرح پاڻ فرد تي زور ڏيندي چيو اٿس ته تون جيڪو به آهين سو ٿيءُ، پنهنجو پاڻ سان سچو رهه. ڪافر آهين ته ڪافر ٿي رهه، چور آهين ته چور ٿي رهه، جوڳي آهين ته جوڳي ٿي رهه، نه ته اهو سڀ ڪجهه نه سڏاءِ، جيڪو تون نٿو ٿي سگهين، متان ٻين تي الزام نه اچي. تنهنجن پرڪارن ڪري، ڪير انهن کي نه لوئي. لڪير جو فقير ٿيڻ کان پرهيز ڪر، سندس تعليم جو مقصد ئي فرد کي سنوارڻ ۽ سينگارڻ آهي، جنهن سان مثالي معاشرو قائم ٿي سگهي ٿو.
مفتي منجهه وِهار، ته قاضيءَ ڪاڻيارو نه ٿئين.
سڄي سنڌ، هند ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جتي به سنڌي ڳالهائيندڙ رهن ٿا، اهي لطيفي درگاهه، لطيفي درس، تعليم ۽ رسالي کي عام ڪرڻ، شان ڀرئي شاعر کي ان مرتبي جي ڀيٽا ڏيڻ واسطي سندس سوانح، فلسفي ۽ پيغام کي عام ڪرڻ سان گڏوگڏ لطيفي درگاهه ۽ لطيفي نگريءَ کي مثالي ۽ پر آسائش بڻائڻ لاءِ جتن ڪرڻ جو سوچي رهيا آهن. هن سلسلي ۾ ڪجهه اسمن جي نشاندهي ڪجي ٿي، جن تي ابتدائي مرحلي ۾ ڪم شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي.
(1) درگاهه تي ايندڙ ماڻهن کي هر قسم جي معلومات ۽ سهولتون ڏنيون وڃن، گڏيل بورچي خانا تعمير ڪرائي مسافر خانن ۾ پاڻيءَ جي رسد ۽ قالين يا فراسين وغيره جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. ادارن جي ٽيم جوڙي پري کان ايندڙ پانڌيئڙن کي ڀٽ شاهه متعلق ڄاڻ ۽ هر قسم جون سهولتون ڏنيون وڃن.
(2) ڀٽ شاهه ڳوٺ جي ترقي ۾ ڳوٺاڻن جي شموليت ۽ سهڪار سان مسئلن جي نشاندهي ۽ انهن جي بهتر حل لاءِ پتوڙڻ جنهن لاءِ هن ڳوٺ جي غير سرڪاري تنظيمن کي شامل ڪري سگهجي ٿو.
(3) ڪراڙ ڍنڍ جي سونهن برقرار رکڻ، ان کي وڌائڻ، سينگارڻ ۽ اها پڪ ڪرڻ ته هن کي سُڪڻ نه ڏبو، هن ۾ سدائين پاڻي هجڻ لازمي آهي. هن جي ٻنهي ڪنارن تي لان ۽ گل ڦل رکيا وڃن. گهمڻ وارن لاءِ اتي بينچون رکيون وڃن.
(4) ڪلچر سينٽر: هن مسئلي تي 76-1975 وارا ڪلچر ڪامپليڪس جا فائيل کولائي، ان پيٽرن تي ڪلچر سينٽر کي آباد ڪيو وڃي. هي سينٽر پنهنجي 55-56 سالن جي عمر ۾ اهو ڪجهه ناهي ڪري سگهيو، جنهن لاءِ جوڙيو ويو هو، هن جي وڌيڪ اسٽڊي ڪري هن کي ايڪويهين صديءَ جي گهرجن پٽاندڙ جوڙيو وڃي. ان کانسواءِ ملاکڙو اسٽيڊيم ۽ ملهن جي هاسٽل، راڳ جي اسڪول ۽ ڳائڻن جي هاسٽل، لائبريري ۽ ميوزيم تي جوڳو ڌيان ڏئي انهن کي لاڀائتو بڻايو وڃي. ريسرچ جي حوالي سان هڪ اهڙي هاسٽل هجي جنهن ۾ لطيف جا پارکو اچي رهن، تحقيق ڪن، لائبريريءَ مان مدد وٺن. سڄي سنڌ اندر جن به اسڪالرن جو ڪم همٿ افزائي لائق هجي، انهن جي ڪم کي ڇپرائي نروار ڪرڻ پڻ اهڙين تنظيمن جي مقصد ۾ شامل ڪيو وڃي.
هن سلسلي ۾ پاڪستان سرڪار، سنڌ حڪومت پاران پڻ پنهنجن وسيلن آهر انهن پاران تعميراتي ڪم، ڪتابن جي ڇپائي ۽ سالياني عرس مبارڪ جا خرچ برداشت ڪيا ٿا وڃن. اسين ٿورو به اڳتي اينداسين، نيڪ نيتيءَ سان ڪم ڪنداسين ته نه ڄاڻ ته ڪيترائي همدرد ۽ هم خيال اوهان جي جذبي جو قدر ڪندي، هن ڪم ۾ هٿ ونڊائڻ ۾ فخر محسوس ڪندا. مٿي ذڪر ڪيل ٽن تنظيمن جو تعلق به ڀٽ شاهه ڳوٺ سان آهي ۽ انهن جا روح روان ڀٽائي پير آهن. هاڻي انهن تي اها ذميواري عائد ٿئي ٿي ته اهي لطيفي قافلي کي ڪهڙي گس تي وٺي ٿا هلن. پانڌيئڙن پاران جيڪا لطيفي تحريڪ وجود ۾ آئي آهي ان جو چيف آرگنائيزر به ڀٽ شاهه جو آهي، باقي ريسرچ سوسائٽي ڪجهه مٿي ڦرين اديبن جو خواب آهي.
هتي اها ڳالهه به ياد رهي ته ملاکڙو گرائونڊ کان الله واري چوڪ تائين روڊ جي اولهه پاسي جيڪي پلاٽ پيا آهن، اهي اوقاف کاتي پاران زائرين خاطر مسافر خانن لاءِ وقف ٿيل آهن، پر 1980ع کان انهن تي ڪابه تعمير نه ٿي رهي آهي، الٽو ميلي ۾ اهي ڪِرائي تي ڏئي ناڻو ڪمايو ٿو وڃي.
اسان جو خيال آهي ته جيڪڏهن سنڌ گورنمينٽ جي اوقاف کاتي وٽ ايتري رقم ناهي جو هن منصوبي کي تڪميل تي پڄائي ته اهي پلاٽ درگاهه تي مختلف درگاهن، ڳوٺن شهرن کان هر سال قافلن جي صورت ۾ ايندڙن کي الاٽ ڪيا وڃن ته اهي اتي پنهنجي لاءِ مسافر خانا تعمير ڪن ۽ انهن کي استعمال ڪن. ائين ڪرڻ سان اسين هن منصوبي ۾ عوامي شرڪت کي يقيني بڻائي سگهنداسين.
لوچيان ٿي لاحد ۾ ، هادي لهان نه حد،
سپريان جي سونهن جو، نڪو قد نه مد،
هت سڪڻ بي عدد، هت پرينءَ پرواهه ناهه ڪا.
***