لطيفيات

نت نت آهه نئون

هي ڪتاب سنڌ جي کاهوڙي ڪردار ۽ ڀٽائي جي پارکو لطف پيرزادي جي شاھ لطيف جي شاعريءَ بابت لکيل مضمونن جو مجموعو آهي.
لطف پيرزادي جي هن ڪتاب ۾ شامل مضمونن ۾ شاهه جي زندگي، شاعري کان سواءِ سندس ذاتي ڪردار ۽ شخصيت تي به گهري نظر وڌي وئي آهي. لطف پيرزادي لطيفيات ۾ ڀٽائي جي درگاهه، سندس فقيرن جي ڪردار ۽ اُن ۾ جديديت توڙي قدامت کي به سامهون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. لطف پيرزادي جي سماج، سياست، عقيدت تي گهري نظر هئي، اُهو ئي سبب آهي جو هن لطيف تي منفرد قسم جو ڪم ڪيو آهي.
Title Cover of book نت نت آهه نئون

شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه انسائيڪلو پيڊيا جو اڀياس

شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه انسائيڪلو پيڊيا جو اڀياس


هن انسائيڪلوپيڊيا کي جيئن هُئڻ کپندو هو هي ان معيار تي پورو لهي نه سگهيو آهي، ڇو ته هن ۾ بيجا ورجاءُ ۽ بيسود احوال درج ڪيا ويا آهن. ساڳين شخصيتن، ماڳن، وسندين، شهرن ۽ واقعن جو بار بار ذڪر ڪرڻ کانپوءِ به انهن متعلق جامع ۽ پوري معلومات نه ڏني وئي آهي. شاهه حبيب جي اولاد لاءِ به ڪيترائي مختلف ۽ اختلافي حوالا ڏنا ويا آهن، انهن جي راوين ۽ ڪتابن جي باري ۾ ڪا به ڄاڻ نه ڏني وئي آهي. شاهه حبيب جي ٻن شادين ۽ انهن مان ٿيل اولاد وارو مسئلو تحقيق طلب آهي، جنهن تي جامع طريقي سان تحقيق ڪري ڪي ٺوس نتيجا ڪڍڻ ۽ ڪنهن هڪ راءِ تي بيهڻ کپندو هو.
هن انسائيڪلوپيڊيا کي اهڙيءَ طرح ترتيب ڏيڻ کپندو هو جيئن سموري معلومات مڪمل صورت ۾ هڪ جاءِ اچي وڃي ها، ڇو ته اڄ هرڪو ماڻهو آڱُرِ جي هڪ اشاري سان سڄي معلومات پڙهڻ ۽ جاچڻ گهري ٿو. ان ڳالهه کي نظر ۾ رکي هن انسائيڪلوپيڊيا کي به اهڙي طرح ٺاهڻ کپندو هو، جيئن پڙهندڙ پنن جي اٿل پٿل کان بچي پوي ها. هن وقت صورتحال اها آهي جو هي انسائيڪلوپيڊيا ڪنهن قانون جي ڪتاب مثل ٿي پيو آهي، جنهن ۾ لکيل هوندو آهي ته قانون فلاڻو، ان جو ڪلاز فلاڻو، سب ڪلاز فلاڻو، ان جو سب سيڪشن فلاڻو، ڏسو صفحو فلاڻو. هن ڪتاب ۾ به اها ڳالهه اڪثر جاين تي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جو بار بار لکيو ٿو وڃي ڏسو باب فلاڻو، عنوان فلاڻو، صفحو نمبر فلاڻو. هتي مثال طور جمال شاهه پهرئين گادي نشين ۽ مائي گلان جا مثال پيش ڪري سگهجن ٿا. جمال شاهه لاءِ ڪتاب اندر مختلف جاين تي پنج ڇهه دفعا ذڪر ڪيو ويو آهي، پر ڳالهه اهائي ساڳي: ڪا به اعتبار جوڳي ۽ تحقيق ٿيل معلومات ڪانهي جنهن کي مڪمل ۽ آخري چئي سگهجي. مائي گلان لاءِ به صرف ٽي روايتون ملن ٿيون: هڪ شاهه لطيف کان دعا گهرڻ، ٻيو نور محمد ڪلهوڙي وٽ پيش ٿيڻ وقت شريعت محمدي صه موجب نڪاح جو مطالبو ڪرڻ ۽ ان مان غلام شاهه ڪلهوڙي جو پيدا ٿيڻ ۽ ان کانپوءِ ماءُ جي چوڻ تي شاهه لطيف جو روضو ٺهرائڻ، پراڻا هالا لڳ خدا آباد ٻيهر جوڙائڻ جتي مائيءَ گلان هڪ ماڙي ٺهرائي هئي، جنهن تي چڙهي لطيف جي روضي جي نيل جي زيارت ڪندي هئي. خدا آباد”ثاني“ لاءِ ڪو احوال ڏيڻ بجاءِ لکيو ويو آهي ته اهي آثار اڄ ميسارجي ويا آهن. جڏهن ته انهن آثارن تي هڪ انگريز ماهر ۽ اشتياق انصاريءَ جي تحقيق ٿيل آهي. ماڙيءَ وارو دڙو اڃا موجود آهي، باقي شهر جي آثارن تي آبادي يعني پوک ڪئي ٿي وڃي. مائي گلان جي قبر محمد آباد لڳ موري ۾ آهي، جنهن جو نه ذڪر ڪيو ويو آهي نه وري ان جو فوٽو ڏنو ويو آهي.
ميان عبدالقدوس جي ٻن پٽن شاهه حبيب ۽ عبدالرشيد جي ذڪر ۾ مختصر طور ٻڌايو ويو آهي ته عبدالرشيد کي پنج پٽ ٿيا جن جا نالا به ڏنا ويا آهن، انهن پنجن مان ٻن جا نالا عبدالقدوس آهن. هڪڙو پهرين جو ۽ ٻيو ٽئين نمبر جو پر اهو ناهي ڄاڻايو ويو ته پهريون عبدالقدوس ڪيتريءَ عمر ۾ ڪڏهن گذاري ويو جو وري ٽئين نمبر پٽ جو ساڳيو نالو رکيو ويو. عبدالرشيد جي اولاد جا پونئير ڪير آهن، ڪٿي انهن جي رهائش هئي، انهن جي خاندان مان هن وقت جيڪڏهن ڪي آهن ته اهي ڪٿي آباد آهن، اهو سڀ ڪجهه ڄاڻايل ناهي. شاهه حبيب جي اولاد لاءِ ڪٿي ٽي پٽ، ڪٿي چار پٽ ته وري ڪٿي پنج پٽ ۽ ٻه نياڻيون ڄاڻايل آهن. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکي ٿو ته عرس فقير ڏيري جي نياڻيءَ مان شاهه حبيب کي ٽي پٽ ٿيا، جن ٽنهين جا نالا عبداللطيف هئا، جن مان هڪ بچيو جيڪو شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه ٿيو. وري بلوچ صاحب ونگ ولاسي تان ڀيرو ۽ شاهه لطيف پاران حج ۽ ڪربلا معليٰ جي زيارت جي ارادي سان علي بندر واري واٽ سان وڃڻ جو ذڪر ڪري ٿو. ”هتي شاهه لطيف جا عزيز رهندا هئا“ جن مان جمال شاهه هن جي ڀائٽي جو پٽ هو، جنهن شاهه صاحب جي ڏاڍي خاطر تواضع ڪئي، جنهن تان راضي ٿي جمال شاهه کي لطيفي گاديءَ تي ويهڻ جي واڌائي ڏني. جمال شاهه جي احوال ۾ ڄاڻي واڻي گهٽي ڏيڻ ۽ لطيف جو کيس گڏ سمهارڻ جو ذڪر ناهي ڪيو ويو، جڏهن ته گاديءَ تي ويهارڻ لاءِ، چنگل گهوڙيءَ جي ان کي سڃاڻڻ واري سڄي روايت نقل ڪئي وئي آهي، پر اهي سڀ ڳالهيون هڪ جاءِ تي ڪٺيون ناهن ڏنيون ويون.
مضمون جي ڊيگهه کان بچڻ لاءِ هتي صرف پنهنجي پاران صفحي وارين پروف جي غلطين، حوالن، روايتن ۽ ڀٽائيءَ سان منسوب واقعن جي گهٽ وڌاين، اڳ پوءِ ۽ کوٽ ڏانهن اشارو ڪندس.
ڊاڪٽر فهميده حسين پاران لکيل ٻه اکر ۾ مرحوم ڊاڪٽر الهه رکيو ٻٽ جي جاءِ تي ”علي نواز ٻٽ“ لکيل آهي. مقدمي جي (11) ب ۾ امداد سرائيءَ کي سراڻي لکيو ويو آهي. ساڳي ئي پيراگراف ۾ ڊاڪٽر نواز علي شوق کي علي نواز جتوئي لکيو ويو آهي، صفحي نمبر xxxiiiتي به امداد سرائيءَ کي سراڻي لکيو ويو آهي. صفحو نمبر xxxii جي v جي آخر ۾ لکيل آهي ته ”تحقيق جي اصولن موجب ان ۾ سڌارا ۽ گهربل واڌار ڪندو ويندو.“ هتي ”واڌارا“ ٿيندو. صفحو نمبر 12 تي ڊاڪٽر بلوچ پاران لطيف جي ڄمڻ واري جاءِ شاهه حبيب جا ڪنڊا لڳ مقام سوئي ڪندر، جو حوالو پهريان ڊاڪٽر علامه دائود پوٽي ڏنو آهي، جنهن تان ڊاڪٽر بلوچ اتارو ڪيو آهي ۽ دائودپوٽي جو حوالو به نه ڏنو ويو آهي. هتي ديهه سوئي ڪندر جاگير جو نقشو به ڏيڻ کپندو هو، ڇو ته ڊاڪٽر بلوچ سروي نمبر 134 ڄاڻايو آهي، جيڪو دائودپوٽي صاحب نمبر234 لکيو آهي. ”چونڊ مضمون“ دائودپوٽو تان هن کي ڀيٽڻ کپندو هو.
شاهه حبيب پاران ڪيل لڏپلاڻ جو خاڪو ڪجهه هيٺين طرح آهي: مٽياريءَ مان سخي هاشم شاهه جي چوڻ تي ڀينءَ پور ۾ آباد ٿيڻ، اتان بخاريءَ جي چوڻ تي هالا حويليءَ لڏي وڃڻ، اتان سئي ڪندر لڳ شاهه حبيب جا ڪنڊا وٽ حويلي اڏڻ ۽ عرس فقير ڏيري وٽان شادي ڪرڻ کانپوءِ، جڏهن ٽيون عبداللطيف جيڪو ڀٽائي سڏيو، ڏهن ٻارهن سالن جو ٿيو ته ڏيرن فقيرن جي عرض ڪرڻ تي، ڪوٽڙي مغل لڏي آيا، جتي ”جنهن جي چيچ سيد هٿ ۾ ، تنهن کي لهر نه لوڏو“ وارو واقعو پيش آيو. ڊاڪٽر بلوچ جي لکڻ موجب شاهه حبيب ٿورو پرڀرو گهر جوڙي ويٺو جتان لطيف ڀٽ تي لڏي آيو.
صفحو نمبر17: لال لئي لڳ مرزا بيگ جي ۽ شاهه حبيب جي حويليءَ جا آثار ميسارجي ويا آهن، اتي زمين آباد ڪئي ٿي وڃي، ان آباد زمين ۾ هڪ دڙو اڃا موجود آهي، جيڪو مرزا جي حويلي ٿي سگهي ٿو. هن ماڳ تي جاڙا واٽر کان ڪچو رستو وڃي ٿو، ٻيو پڪو روڊ کنڊوءَ کان ڳوٺ جادم ٻگهيو وڃي ٿو، ٻنهي رستن سان هن ماڳ تي پهچي سگهجي ٿو، ڪتاب ۾ اڳتي هلي، کنڊو روڊ واري رستي ۽ جادم ٻگهيو ڳوٺ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. صفحو نمبر17 تي ان ڀٽ جو تفصيل سان ذڪر ناهي ڪيو ويو جتي ويٺي لطيف مٿان واري وري وئي هئي. ڪتاب ۾ اڳتي هلي ان ننڍڙي ڀٽ ۽ ڪنڊيءَ جو فوٽو ڏنو ويو آهي، جتي پيءُ پٽ وچ ۾ منظوم ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏنو ويندو آهي:
”لڳي لڳي واءُ، ويا انگڙا ڍڪجي“
(حبيب)
”پيئي کڻي پساهه، پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي“
(لطيف)
هيءَ ڀٽ، ڀٽ شاهه کان ٽنڊي آدم ويندڙ روڊ تي ٻه ڪلوميٽر کن پنڌ تي روڊ جي اتر طرف واقع آهي. هن وقت اها ڪنڊي، ڌاڳن، تعويزن ۽ رنگين اڳڙين سان ڀريل آهي، جيڪي زيارتي ماڻهو ان ۾ ٻڌي ويندا آهن.
صفحي نمبر19 تي ڪوٽڙي مغل ۾ رهائش دوران شاهه لطيف جو مرزا بيگ جي نياڻيءَ تي عاشق ٿيڻ جو ذڪر ناهي ڪيو ويو، جنهن سبب شاهه حبيب تي ڏکيو وقت آيو ۽ شاهه لطيف سيلاني ٿي، وطن جا وڻ ڇڏيا. صفحو نمبر 82 ”برهه مڻايس بر الخ...“ کانپوءِ جيڪا عبارت ڏني وئي آهي ان مان صاف ظاهر آهي ته شاهه لطيف کي مجازي عشق جي چوٽ لڳي. عبارت ڪجهه هن طرح آهي:
”اها برهه جي باهه هئي، جنهن شاهه لطيف کان ڳوٺ جا وڻ ڇڏايا. هن جي من ۾ محبت اهڙو ته مچ مچايو هو، جو هو ڏينهن جا ڏينهن بر پٽ بيابان جهاڳيندو رهيو.“ هن ئي عبارت جون آخري سٽون آهن:
”شاهه حبيب پنهنجي پٽ جي اهڙي پريشان حالت ڏسي کيس سڀاويڪ خيال ٿيو ۽ سندس خاطر لاءِ انهيءَ سڱ ڇڪڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪيائين، پر ڪو وقت سندس سعيا سجايا نه ٿيا، شاهه لطيف نااميديءَ وچان ديس ڇڏي پرديس جا ڏک ڏاکڙا سٺا.
ساجن ڪارڻ سُڃ، مَرُ قبولي سسئي،
اندر جنين اُڃَ، پاڻي اڃيو اُنِ کي.“
مٿين عبارت ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي آهي، جنهن جو حوالو نه ڏنو ويو آهي. ڪتاب ۾ ڊاڪٽر بلوچ پاران ان سڄي قصي جي نفي ڪئي وئي آهي. ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو ته ”شادي عشق ٻئي نه پر پيءُ جي چوڻ ۽ شريعت جي پورائي لاءِ ڪئي هئائين. لطيف جهڙو پرهيزگار ۽ متقي اهڙي حرڪت نٿو ڪري سگهي، اها روش هن جي تعليم ۽ پرورش جي خلاف آهي.“ صفحو نمبر 82 تي کنڀاٽ کي اڪثر جاين تي ”گنباٽ“ لکيو ويو آهي. هن صفحي تي به ”ديهه گنباٽ“ لکيل آهي، جيڪا ”گنڀاٽ“ ٿيندي. صفحو نمبر 84 تي ”هنگلاج ويندي“ جي عنوان هيٺ جيڪو بيت ڏنو ويو آهي ”ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، ڪن وٽيا ڪن ڌار“ لکيل آهي جو ”ڪن وٽيا ڪن ڍار ٿيندو، ڌ، ڌوٻي نه پر ڍ ڍڳو ايندو. صفحي نمبر 13 تي شاهه لطيف جي سوانح واري احوال ۾ لکيل آهي: ”انهيءَ ڪري پوري وثوق چئي سگهجي ٿو.“ هتي ”پوري وثوق سان چئي سگهجي ٿو“ ٿيندو. صفحو نمبر15 تي لکيل آهي ”مٿيئن ڳالهه جي رد ۾ البت هڪ ثبوت ضرورت مليو آهي هتي ”ضرورت“ غلط آهي، اهو ٿيندو ”ضرور“. صفحي نمبر31 تي شاهه لطيف جو بلڙيءَ تان ڀيرو ۾ شاهه لطيف جي حجري جو ذڪر ناهي ڪيو ويو، جيڪو شاهه ڪريم جي روضي ٺهرائڻ واري دور ۾ ، پنهنجي رهائش لاءِ لطيف جوڙايو هو. ميان عبدالواسع سان اڻبڻت جو ذڪر به ناهي ڪيو ويو، ڇو ته ميان عبدالواسع ميان نور محمد ڪلهوڙي جي حمايت ۽ شاهه عنايت شهيد جي مخالفت ڪئي هئي. صفحو نمبر 31-32 تي لکيل آهي ته ”شاهه لطيف ۽ شاهه عنايت شهيد جي ملاقات جي ڪا جوڳي ثابتي ڪانهي،“ جڏهن ته دين محمد وفائي ۽ مير عبدالحسين سانگيءَ ان جو ذڪر ڪيو آهي ته شاهه لطيف (ٻاويهن) سالن جو هو ۽ شاهه عنايت (60) سٺ سالن جو هو، جو ٻنهين جي پاڻ ۾ ملاقات ٿي هئي. شاهه شهيد، لطيف کي ”پسي ڏونگر ڏاهه، جم هلڻ ۾ هيڻي وهين“ الخ، وارو بيت ٻڌايو، ان وقت تائين لطيف سسئي ڪا نه لکي هئي، ان کانپوءِ ئي سسئيءَ جا بيت چيائين. لطيف وري شاهه شهيد کي مارئي جا بيت ٻڌايا، ان وقت تائين شاهه شهيد مارئيءَ جا بيت نه چيا هئا، ان کانپوءِ ئي شهيد مارئي جا بيت چيا:
صفحو نمبر39 جسوڌڻ جي ذڪر ۾ بيت ڏنو ويو آهي:
”ڍور نه اڳيئن ڍار، مهند ملاحن لنگهيو“
موڙي ڇوڙيا مڪڙا، پسي پاڻِيءَ پار،
جسوڌڻ جيها يار، پيئڙا وير وماس ۾ .“
هتي ”لنگهيو“ جي جاءِ تي ”لَکيو“ يعني ڄاتو، سمجهيو ٿيندو ۽ ”ڇوڙيا“ جي جاءِ تي ”چڙهيا“ ٿيندو، ڇو ته پڳهه ڇوڙي پوءِ مڪڙي/مڪڙا يعني ٻيڙيءَ کي ڌڪو ڏبو آهي.
صفحو نمبر38-39 تي ٻانهي خان شيخ جي رسالي مان بيت ڏنا ويا آهن:
”پٽيهل تو ۾ پُورُ، اڳيون ڪونهي آب جو“
سڪين ڪهڙي سُورِ؟ واري پيئي پيٽ ۾ .“
هتي ”پيئي“ جي جاءِ تي ”وريئي“ ٿيندو.
”ڪنڊا تون ڪيڏو؟ الخ... واري بيت جي آخري سٽ لکيل آهي:
”جسوڌڻ جيڏو، ڪو تو ڏٺو پهئڙو.“
هن جي اصل پڙهڻي هيٺين طرح آهي.
”جسوڌڻ جيڏو، ڪِ تو گڏيو پهيئڙو.“
صفحو نمبر43: شاهه لطيف جي بدين واري تڪئي جي احوال ۾ تڪئي ڀرسان کدڙن فقيرن جي مڙهيءَ جي نشاندهي ٿيل آهي. ٻه دفعا مڙهيءَ جي صورتخطي صحيح ڏني وئي آهي، ٽيون دفعو ان کي ”مڙي“ لکيو ويو آهي، جيڪا ”مڙهي“ ٿيندي.
صفحي نمبر 49 تي لطف الله قادريءَ جي احوال ۾ سندس درگاهه يا مزار متعلق ناهي ٻڌايل ته اها اگهماڻيءَ جي ڪهڙي طرف آهي. هتي اهو واضح ناهي ته هي ماڳ اگهماڻي ڪوٽ آهي يا ڪو ٻيو ماڳ. ان ئي نالي سان روپا ماڙيءَ طرف به ماڳ آهي، باقي اگهماڻي ڪوٽ کان ولاسو گهڻو ڏکڻ ڏور آهي، البته هتان به درياهه جو پراڻو وهڪرو آهي يعني ”اگهماڻي ڪوٽ وٽان.“
صفحي نمبر 54 تي سندڙيان سڱڙي الخ... واري وائيءَ جي آخري سٽ لکيل آهي ”آهي عبداللطيف چئي، هيءَ مُئا جيئارڻ جهڙي“ هن جي اصل پڙهڻي آهي:
”هيءَ مُئا جيئاريندڙي“
صفحي نمبر 55 تي شاهه لطيف جا ونگي تان ڀيرا جي احوال ۾ لکيل آهي: ”ونگو ان وقت مشهور واپاري مرڪز شهر ۽ دريائي بندر هو“ هتي ”مرڪز“ جي جاءِ تي ”مرڪزي“ ٿيندو.
صفحو نمبر59 تي ميين مرکئي جي احوال ۾ ڄاڻايل آهي ته ”شاهه لطيف هن جو ايترو خيال رکندو هو جو، هن پنهنجي والد شاهه حبيب جي روضي جو دروازو شاهه ڪريم ۽ لعل محمد لالاڻيءَ ۾ ميين مرکئي جي نسبت سان ڏکڻ طرف ڪيو هو.“ هتي واضح رهي ته شاهه ڪريم جي روضي جو دروازو ڏکڻ نه پر اڀرندي طرف آهي، جڏهن ته سندس والد لال محمد لالاڻيءَ مٿان ڇپر آيل آهي ۽ مٿن کان ڪرڙ جي وڻ هيٺان پاڻيءَ جي نادي رکيل آهي، جيڪا فوٽوءَ ۾ واضح آهي.
صفحي نمبر61 تي ٿر واري ايرياضيءَ تان ڀيرا واري عنوان ۾ ڪاهوءَ جي دڙي جو ذڪر ڪيو ويو آهي، رڳو اهو ڄاڻايل آهي ته هن وقت تباهه ٿي رهيو آهي ۽ آبادي ڪئي ٿي وڃي. هن دڙي جي قدامت ۽ آرڪيالاجي نقطي نگاهه موجب ڄاڻ ڏيڻ کپندي هئي ته هي سنڌو سڀيتا جو قديم ماڳ آهي ۽ هن جو واسطو مهين جي دڙي سان آهي. هن جي کوٽائي ۽ دريافت متعلق تاريخي حقيقتون بيان ڪيون وڃن ها پر جيئن ته هي مواد معمور يوسفاڻيءَ جي ڪتاب ”لطيف جا ٿر تان ڀيرا“ تان کنيو ويو آهي، ان ڪري ان ڪتاب ۾ جيترو لکيل آهي هتي به اهو ڏنو ويو آهي.
صفحي 61 تي عثمان ڪاڇيلو درس جي احوال ۾ بيت ڏنو ويو آهي:
ڪُپيريان پري ٿيا، اَٻُڌي ٻُڌائون،
انهي وٽ آءٌ هير ڏسي آيو.
هن بيت جي اصل پڙهڻي هن طرح آهي:
ڪُپيريان پري ٿيا، اٻڌي ٻڌائون،
اني کي آئون، اجهو ڏسي آيو.
اهڙو ئي هڪ ٻيو بيت آهي:
ڪپيريان پري ٿيا، اٻڌي ٻڌائون،
انين وٽ آئون، رهي آيس راتڙي.
هي رامڪليءَ جا بيت آهن، هنن ٻنهي بيتن جي مٿان جيڪو پهريون بيت آهي، اهو ڪجهه هن طرح آهي:
ڪپيريءَ ۾ پير، ڪنين پاتو پيرئين،
جيئان منجھڻ ماڙهئين، تئان سڄڻ سير،
ان ڀونءِ سندو ڀير، ڪوڙين مان ڪو لهي.
صفحي 64 تي پڊاماڻي پنري جي حوالي سان هڪ بيت هيٺين طرح لکيل آهي:
اڄ گهرجين يار، پڊاماڻي پنرا،
ڪاڇي ٻيئي ٻار، اچي ويرن ويڙهيا.
هن بيت جي اصل پڙهڻي هن طرح آهي:
اڄ گهرجين يار، پڊاماڻي پُنرا،
ڪاڇي ٻيئي پار، اچي ويرن ويڙهيا.
صفحي 78 تي آهي ته ڪي بت وڏا ۽ انسان جي قد جيڏا هئا ته ڪي ننڍا فوٽ جي جيڏا هئا. هتي فوٽ ۽ جيڏا جي وچ تي آيل ”جي“ اضافي آهي جيڪا نه ايندي.
صفحي 79 تي آهي ته پر ٻني ۽ ٻيلي وارا ٻيٽ گيرٿر ۽ کاهڙ به انهن ۾ شامل هئا. هتي ”گيرٿر“ نه پر ”کيريڙ“ ٿيندو. ذهن نشين هجڻ کپي ته صفحي 61 کان 81 تائين 20 صفحا معمور يوسفاڻيءَ جي ڪتاب ”لطيف جا ٿر تان ڀيرا“ تان کنيل آهن. صفحي 81 تي آهي ته ”لطيف ملتان کان واپسيءَ تي ساهي پٽڻ واسطي خدا آباد وٽ لنگر انداز ٿيو. هتي ميان نور محمد پاران معجون موڪلڻ واري روايت درج ناهي ڪئي وئي، جنهن ۾ زهر قاتل هو. لطيف ان دٻليءَ جو ڍڪڻ کولي، ان کي درياهه ۾ اڇليو ته ويجھو جيڪي مڇيون هيون، اهي مري پاڻيءَ جي سطح تي ترڻ لڳيون. پوءِ لطيف پاڻ سان گڏ فقراءَ کي حڪم ڪيو ته هاڻي اتان پاڻي پيئو، اوهان کي تپ ڪڏهن به نه ايندو. هن روايت مان ميان نور محمد جي لطيف سان دشمني ظاهر ٿئي ٿي.
صفحي 97 تي لکيو ويو آهي ”شاهه لطيف ۽ شهباز قلندر لاءِ اهو مشهور آهي ته لاهوت لامڪان ۾ سندن بيٺڪون ۽ چلا آهن.“ هتي لاهوت لامڪان جي حقيقت بيان ڪرڻ کپندي هئي ته ”لاهوت کي پهريان قلندر شهباز ڳولي لڌو ۽ پنهنجي طريقت جي فقيرن لاءِ لاهوت ڪرڻ لازمي ٺهرايو. لطيف کاهوڙي ۽ سر رامڪليءَ ۾ هن واٽ ۽ ماڳ کي ڳائي ظاهر ڪيو، جنهن ڪري لطيف کي لاهوتي سڏيو ويندو آهي. فقيرن جو ايمان آهي ته لاهوتين فقيرن جو رجسٽر لطيف وٽ رکيل آهي“ جو چيائين ته ”نانگا تنهنجو نانءُ لکجي لاهوتين ۾ “ ڪامياب لاهوت يا قبول پيل لاهوت لاءِ هڪ جاءِ اشارو ڏنو اٿس:
”لڳو جن لاهوت، سي مڙهيان مور نه نڱيا.“ عام زيارتين ۽ زماني جي لاهوتين لاءِ لکيائين ته:
پسي تنهن پهڻ کي، اچي نه آرام،
هرا ڪر حرام، کامُ ته کاهوڙي ٿئين.
يعني من مارڻ کانسواءِ لاهوت اجايو آهي، هونئن به قلندري طريقت يا فقيرن جي مت موجب لاهوت لامڪان هڪ روحاني منزل آهي. صفحي 100 تي هاهوت لاءِ لکيل آهي ته بڊي جبل جي چوٽيءَ تي غار آهي جنهن جو نالو 40 سالن کن اڳ گولي فقير نوحاڻيءَ رکيو. هن ئي احوال ۾ ماکيءَ جي پنڊپهڻ ٿيڻ ۽ جبل جي ٻن اوچين ديوارن وچ ۾ رستي جو ذڪر ڪيل آهي، جنهن کي بازار مصطفيٰ صه چئجي ٿو، اهو وضاحت سان ناهي لکيل. هتي ان آدم جي ٻنيءَ جو ذڪر به ٿيل آهي، جتي لاهوتي هر ڪاهي حضرت آدم عه جي سنت بجا آڻيندا آهن. گولي فقير کي مون به ڏٺو. هن وقت ان جا پٽ اُتي ڊيوٽي ڪن ٿا، هي ماڳ بگاشير جي درگاهه لڳ آهي. فقير جي روحاني منزلن ۾ هاهوت به هڪ منزل آهي، جنهن جو ذڪر قلندر نامي ۾ به آهي. ٻيون منزلون هي آهن: جبروت، ملڪوت، ناسوت، هاهوت ۽ لاهوت. هاڻوڪي هاهوت ۾ هڪ سُئي ناڪو آهي جنهن مان لاهوتي نانگ جيان سمهڙ گسڪي ور وڪڙ کائي ٻاهر نڪرندا آهن.
صفحي 102تي ڏهين منزل بهلول ديواني جي مزار بابت لکيو ويو آهي ته هن لاءِ مشهور آهي ته ايران جو شهزادو هو، جنهن شاهاڻي زندگي ترڪ ڪري فقيراڻو رنگ اختيار ڪيو هو. هن جي قبر سان گڏ ٻي قبر مينهن جي آهي جنهن جو ذڪر ناهي ڪيو ويو. ٻيو ته هي ايران وارو بهلول ديوانو ناهي جيڪو مٽيءَ جا گهر ٺاهي جنت وڪڻندو هو، جنهن لاءِ مشهور آهي ته هارون رشيد جي زال کي نَوَ لکي هار عيوض جنت ڏني هئائين. ان جي مزار ايران ۾ آهي. هي بهلول نوحاڻي آهي، هن جو واسطو ميانوال تحريڪ سان هو، جنهن جو عبدالله مگسي پنهنجي مقالي ميانوال تحريڪ مهراڻ رسالي ۾ ذڪر ڪيو آهي. لاهوتي فقير بهلول نالي جي نسبت سان هن کي ايران وارو ديوانو سمجھندا آهن، جهڙي طرح محبت فقير لاءِ چوندا آهن ته قمبر ٻانهو آهي. محبت هن جي طريقت جو نالو آهي. هن ئي صفحي تي آري پير جو ذڪر ڪيو ويو آهي پر هن متعلق وڌيڪ معلومات درج ناهي ڪئي وئي. هيءُ ماڳ آنڌاري جبل جي ڀڪ ۾ آهي. هتي پاڻيءَ جو وڏو ڪنب آهي، جنهن ۾ واڳون آهن. آري پير جي روضي ۾ سندس مزار جي پيرانديءَ ۾ ٻاليءَ جي قبر آهي ۽ سندس کٻي پاسي اڀرندي طرف قبر جي لڳو لڳ واڳونءَ جي قبر آهي، جنهن جو نالو مور فقير ٻڌائين ٿا.
صفحي 104 تي بيت آهي:
”نانگا نانيءَ هليا، هنگلاجان هلي،
ديکي جن دوارڪا، مهيسن ملهي،
آڳهه جن علي، آءٌ نه جيئندي ان ري.
هتي ٻيءَ سٽ ۾ ”ديکي جن دوارڪا“ جي جاءِ تي ”تَنِ“ ٿيندو. هن کان اڳ ۾ هنگلاج جي سفر جو ذڪر ڪيو ويو آهي ته، هيءُ ماڳ ڪراچيءَ کان 300 ميل پري آهي، هتان ”آگو“ اڳواڻ يا سونهون کڻندا آهن. پر اهو ناهي ٻڌايو ويو ته ڪراچيءَ جي لياريءَ واري رام جي اوطاق تان سندس چاکڙين جي زيارت ڪري اتان ئي ”آگو“ کڻندا آهن. آگي جي نشاني اها آهي ته هو هڪ ڇڙهي کڻي قافلي جي اڳ ۾ هلندو آهي. هتي ڇڙهي ۽ رام جي چاکڙين جو ذڪر نه ڪيو ويو آهي.
صفحو 105، ٻاٻيهي ڏونگر تان ڀيرو
هتي هڪ جملو لکيل آهي”شاهه لطيف اهڙي ئي ماحول جو ماحول گهورو هو.“ هي جملو درست هيٺين طرح ٿيندو”شاهه لطيف اهڙي ئي ماحول جو گهورو هو.“ٻيو دفعو جيڪو ماحول لکيل آهي اهو اضافي ۽ غلط آهي.
صفحي 106 تي بيت آهي:
”مڙهه پوريائون ماٺ ٿي، تڪين ناهه تنوار،
آسڻ مٿان ان جي، نت ٽمايم نار،
سامي سڀ ڄمار، ڏئي ڏک ڏور ٿيا.
بيان ۾ چيل آهي ته هتي هڪ جوڳي رهندو هو، جنهن سان لطيف رهاڻ ڪندو هو، ٻئي دفعي جو لطيف آيو ته اتي جوڳي موجود ڪو نه هو، ان جي مڙهيءَ کي تاڪ ڏنل هو. هن نسبت سان هيٺيون بيت وڌيڪ ٺهڪي ايندو:
”تڪيا تاڪيائون، ويا رمندا رام ڏي،
کجان خبر نه لهان، تن آديسين آئون،
ڪنهن کُڻَ کنيائون، ڪيڏانهن ويا ڪاپڙي.
صفحي 106 تي ٻيو بيت ڏنل آهي، جنهن جي آخري سٽ آهي:
سرافنئون ڌار، ماڻڪ ملاحظو ٿئي.
هن سٽ جي صحيح پڙهڻي ٿيندي.
صرافنئون ڌار، ماڻڪ ملاحظو نه ٿئي.
هتي ملاخطو کانپوءِ نه ايندي، ڇو ته صراف کانسواءِ موتيءَ جي سڃاڻپ نه ٿي سگهندي.
صفحي 194 تي آهي:
تن ملاحن جو ماڻ، سمي سِڙ ڪيو پنهنجي
هتي ”سڙ“ غلط آهي، اهو ٿيندو ”سِرُ“.
صفحي 194 تي آهي:
ڪتي مٿي آيون، ڪري تند تيار،
اُتل اوڏانهين ٿئي، جيڏانهن پرينءَ پار،
ڪاپائتيءَ قرار، منجھان پورهئي آيو.
هن بيت جي پهرين سٽ ۾ ”مٿي“ جي جاءِ تي”متي“ ٿيندو. ٻيءَ سٽ ۾ ”اُتَلَ“ جي جاءِ تي ”اُٽل“ ٿيندو ۽ ٽِين سٽ ۾ ”پورهئي“ جي جاءِ تي ”پوڻي“ ٿيندو.
صفحي 194 تي آهي :
ڌڪن هيٺ ڌيري، مان گڏيئي رُڪ سين.
هتي ”گڏيئي“ جي جاءِ تي ”گڏينئي“ ٿيندو.
صفحي 194 تي آهي:
تو جا ڏٺي اَڇُ، تنهن پاڻيءَ پُنا ڏينهڙا.
هيءَ سٽ هن طرح ٿيندي:
تو جا ڀانئين اَڇَ، تنهن پاڻيءَ پُنا ڏينهڙا.
ساڳي صفحي تي ٻيو بيت لکيل آهي:
اک اُلٽي ڌار، ونءُ ابتو عام سين.
هن جي صحيح پڙهڻي ٿيندي”اک الٽي ڌار، ونءُ الٽو عام سين“
صفحي 135 تي عرس فقير ڏيري جي احوال ۾ لکيل آهي ”ڪنڌر“ فقير جيڪو ”ڪندر“ ٿيندو، ڪتاب ۾ هن فقير جو نالو ڪڏهن ”ق“ سان ته ڪڏهن ”ڪ“ سان لکيل آهي، اصل ۾ ان جي صورتخطي ”قندر“ صحيح آهي.
صفحي نمبر 207 تي آهي: ”لاهوتي ٽين منزل تي پهتل جوڳي، ڪل منزلون آهن: ناسوت، ملڪوت، لاهوت ۽ هاهوت.“ اصل ۾ اهي پنج منزلون آهن، جبروت، ملڪوت، ناسوت، هاهوت ۽ لاهوت جنهن لاءِ قلندر جو قول آهي ”پنج ڪلمه، پنج مڪان، خبر نه دارد، فقيري لقمه روا نه دارد“ يعني جنهن کي پنجن ڪلمن ۽ پنجن مڪانن جي خبر ناهي ان کي فقيري لقمو روا ناهي يعني جائز ناهي.
صفحي 207 تي بيت ڏنل آهي:
”ڪن ڪٽ ڪاپٽ، ڪاپڙي لانگوٽيا لال،
لاهوتي لطيف چئي، موهيا ڪنهن نه مال،
ههڙا وٺي حال، هلو ته تڪيا پسون تن جا.
هن بيت جي آخري سٽ ۾ ”وٺي“ جي جاءِ تي ”جنين“ ٿيندو ۽ هلو کانپوءِ ”ته“ نه ايندو. سٽ ڪجهه هن طرح ٿيندي:
”ههڙا جنين حال، هلو تڪيا پسون تن جا.“
صفحي 293 تي روحل فقير لاءِ اهو ڄاڻايل ناهي ته جھوڪ شريف ۾ شاهه عنايت جي گاديءَ تي ڪهڙو درويش هو جيڪو روحل فقير جو مرشد هو ۽ کيس وڃڻ جي اجازت ڏني. هن ئي صفحي تي عبدالمجيد سنڌيءَ جي حوالي سان لکيل آهي ته هي واقعو سرفراز ڪلهوڙي جي دور جو آهي پر ان واقعي جو ذڪر ناهي ڪيو ويو. وري لطيف جا متاخرين واري باب ۾ راڄو ليکي روحل فقير جو ماسات ڄاڻايو ويو آهي جيڪا ڳالهه تحقيق طلب آهي. منهنجي معلومات موجب راڄو ليکي ميان نصير محمد جو منشي هو، جنهن ڪري هن کي ليکي سڏيو ويندو هو. عبدالله مگسي هن کي هندو ڄاڻايو آهي، هن جي سماڌي ڪاڇي ۾ گاج بند جي اڀرندي طرف ڪيهر شاهه مست جي مزار کان ٽي فرلانگ اولهه طرف واقع آهي. روحل فقير جي احوال ۾ ٻه واقعا بيان ڪيا ويا آهن: هڪ مائٽ جي قيمتي شال مٿان وجھڻ وارو واقعو، ٻيو جڏهن راڄو ليکي بهرام خان کي نوڪريءَ مان ڪڍرايو ته فقير جي دل کٽي ٿي، پاڻ به توشاخاني جي ناظر واريءَ نوڪريءَ کان الڳ ٿيو.
صفحي 300 تي مخدوم غلام محمد بگائيءَ جي احوال ۾ لکيل آهي ته ”محمود آباد لڳ مورو جي مسجد ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي روبرو کهڙن جي مخدومن جي قتل تي لکيل مرثيو پڙهائين. هتي”محمود آباد“ غلط آهي. اها آهي محمد آباد.
صفحي 305 تي ميون محمد مبين ٿرائيءَ جي احوال ۾ لطيف جي هڪ سٽ ڏنل آهي:
ردا آهي رضا جي، سا اوڇڻ آديسين.
هن جي اصل پڙهڻي هن طرح آهي:
ردا آهي راز جي، اوڇڻ آديسين
صفحي 310 تي اعجاز شاهه جي احوال ۾ هن جي هڪ بيت جي ٻِي سٽ هيٺين طرح لکيل آهي:
سيم ٻانگ برهه جي، قلٻئون ڪنن ساڻ.
هتي ”سيمِ“ کي اعرابون ڏئي اچار صحيح ڪيو وڃي يا سُئَمِ لکيو وڃي.
صفحي 312 تي اعجاز شاهه جي ڪانگل واري بيت جي ٻي سٽ آهي:
ڪوٺيو چويم ڪن ۾ ، سُن خبر سندي خيرَ،
هتي ”سن“ جي جاءِ تي ”سُڻُ“ ٿيندو.
صفحي 342 تي شاهه جي بيت جي آخري سٽ ڏنل آهي:
ساهڙ ريءَ صواب، آءٌ گهڻو ئي گهوريان.
هتي” ثواب“ ٿيندو.
صفحي 344 تي شاهه لطيف جو پاڻ سڃاڻڻ وارو فلسفو ”من عرف نفسہٗ، فقد عرف ربہٗ “ کي حديث لکيو ويو آهي، جڏهن ته هي حضرت علي ڪرم الله وجهه جو قول آهي.
صفحو 345 تي خواجه محمد زمان لواريءَ واري جي والد جو نالو حاجي عبداللطيف لکيو ويو آهي، جڏهن ته ان کي عبداللطيف ڪلان ڪوٺيو ويندو هو.
صفحي 346 تي خواجه احمد زمان ۽ لطيف جي ملاقات ۽ گفتگوءَ جو احوال شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي حوالي سان ڏنو ويو آهي، اها سڄي ڪهاڻي ان کان اڳ ڊاڪٽر گربجشاڻي لواريءَ جا لال ڪتاب ۾ ڏني آهي. هتي رڳو بيت جو حوالو گربخشاڻيءَ جو ڏنو ويو آهي. لواريءَ جا لال ۾ ڪني پاڻي ۽ سائي وڻ جو ذڪر پڻ ٿيل آهي.جنهن تي خواجه صاحب چيو ته” ان کي ڪنو پاڻي ڏنو وڃي“ اهڙي طرح لطيف خواجه صاحب کي لاجواب ڪري ڇڏيو. هن ملاقات جو ذڪر پرواني ڀٽيءَ به ڪيو آهي، اهو مقالو هن هڪ سال ڀٽائي تي ٿيندڙ ميلي جي ڪانفرنس ۾ پڙهيو هو. پروانو ڀٽي چوي ٿو ته” جڏهن ٻنپهرن جي مانيءَ جو وقت ٿيو ته ٻه ماڻهو آيا، جن لطيف ۽ خواجه صاحب جي وچ تي چادر جھلي پردو ڪيو، پوءِ خواجه صاحب لاءِ الڳ ۽ لطيف لاءِ الڳ ماني آئي. ان موقعي تي لطيف جو بيت پرواني ڀٽيءَ ڏنو آهي ته لطيف اهو بيت ان موقعي تي چيو:
گندي ۽ گراهه، جنهن سناسيءَ سانڍيو،
تنهين کان الله، اڃا اڳاهون ٿئو.
صفحي 377 تي شيخ اياز جي احوال ۾ لکيل آهي ته ”شيخ اياز جي شاعريءَ تي سنڌيءَ جي جن سڄاڻ عالمن ۽ اديبن مضمون، مقالا ۽ ڪتاب لکيا، انهن ۾ محمد ابراهيم جويو، رسول بخش پليجو، غلام محمد گدا ۽ رشيد ڀٽي وغيره شامل آهن.“
هتي ”غلام محمد گدا“ جي جاءِ تي ”مولانا غلام محمد گرامي“ ٿيندو.
صفحي 390 تي صوفي صديق فقير سومري جي احوال ۾ سر راڻي جي بيت جي سٽ ڏني وئي آهي:
راڻو ئي راڻو، راڻي ريءَ ڪين ناهه ٻئيو.
هن سٽ جي اصل پڙهڻي هن طرح آهي:
راڻو ئي راڻو، رِيءَ راڻي ٻئو ناهه ڪي.
صفحي 400 تي غلام محمد شاهه گدا جي احوال ۾ لکيل آهي، ”گدا جي شادي پنهنجن ويجھن عزيزن منجھان هڪ نهايت خوبصورت، پاڪدامن، پارسي عورت سان ٿي هئي.“ هتي پارسي جي جاءِ تي ”پارسا“ ٿيندو. ساڳي ئي صفحي تي گدا شاهه جي شاعريءَ تي اياز قادريءَ جو تبصرو ڏنو ويو آهي: ”استعارن، تشبيهن ۽ صنعتن سان سنگار سونهن بخشيو آهي.“ هي جملو هيٺين طرح ٿيندو:
”صنعتن سان سينگاري سونهن بخشي آهي.“ ”سينگار“ جي جاءِ تي سينگاري ۽ ”بخشيو“ جي جاءِ ”بخشي“ ٿيندو.
صفحي 434 تي صفحو 334 پيسٽ ٿي ويو آهي، جنهن ڪري نارائڻ شيام جو ذڪر هلندي حمل فقير جو ذڪر شروع ٿي ٿو وڃي. شيام جي ذڪر ۾ 434 صفحي وارو مواد ڏنل ئي ڪونهي.
صفحي 437 تي نارائڻ شيام جي احوال ۾ آهي:
ساهه کي ويا سور وٺي، ڄڻ چنڊ کي گرهڻ ڙي ڍوليا!
هاءِ اسانجي جندڙي ٿي وئي پند پهڻ ڙي ڍوليا!
هتي ”پنڊ پهڻ“ ٿيندو، دال کي هيٺان ٽٻڪو ڏئي ڊال ٺاهڻو پوندو.
صفحي 438 تي نياز همايوني جي احوال ۾ لکيو ويو آهي ته ”هن آبڪلاڻي جي مند ۾ سنڌو درياهه ۾ چاڙهه، ان چاڙهه ۾ ڇولين جي ڇوهه ۽ ڪنن ڪڙڪن کي ڪني ٻڌو ۽ اکين ڏٺو هو. هتي ”ڪُنَين جي ڪڙڪن“ ٿيندو.
صفحي 439 تي: ”ڪنن ڪي ڪڙڪن، ويرن جي لهرن جو به اثرائتي انداز ۾ بيان ڪيو آهي، هتي ”ڪنن ڪي ڪڙڪن“ بجاءِ ”ڪنن جي ڪڙڪن“ ٿيندو.
اها آهي حالت هن ڪتاب جي، اڃا ته ڪافي شين تي نه لکيو آهي جو اڳ ئي مضمون ڊگهو ٿي ويو آهي. ارادو هئم ته هن کي تحقيقي مقالي جي صورت ۾ لکان، گهربل ڪتابن مان حوالا ڏئي مڪمل ڪريان.
هن ڪتاب جي مقدمي ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا هڪ ڳالهه لکي آهي ته، شاهه لطيف چيئر ڪراچيءَ جي هر گڏجاڻيءَ ۾ آءٌ هن پراجيڪٽ تي ڳالهائيندو هوس پر ڊاڪٽر پيرزاده قاسم هميشه خاموش رهندو هو. نيٺ جڏهن مون ڇهون دفعو اها ڳالهه ورجائي ته ڊاڪٽر قاسم پيرزاده چيو ته الانا صاحب، آئون به ڀٽائي جو مداح آهيان ۽ کيس دنيا جو عظيم شاعر مڃيندو آهيان، اوهان جي ڳالهه تي آءٌ ڪن لاٽار ۽ خاموشي ان ڪري اختيار ڪندو هوس ته هيڏي وڏي پراجيڪٽ کي سنڀاليندو ڪير ۽ ان کي ان معيار موجب جوڙيندو ڪير؟ جيڪڏهن اوهان ذمو کڻو ته آئون هن پراجيڪٽ کي منظور ٿو ڪريان. هن وقت ڊاڪٽر قاسم پيرزاده جو اهو خدشو سو سيڪڙو سچ ثابت ٿيو ته ڪتاب جو پهريون جلد ئي ان معيار جو جڙي ناهي سگهيو، جيڏو لطيف وڏو شاعر آهي.
***