لطيفيات

نت نت آهه نئون

هي ڪتاب سنڌ جي کاهوڙي ڪردار ۽ ڀٽائي جي پارکو لطف پيرزادي جي شاھ لطيف جي شاعريءَ بابت لکيل مضمونن جو مجموعو آهي.
لطف پيرزادي جي هن ڪتاب ۾ شامل مضمونن ۾ شاهه جي زندگي، شاعري کان سواءِ سندس ذاتي ڪردار ۽ شخصيت تي به گهري نظر وڌي وئي آهي. لطف پيرزادي لطيفيات ۾ ڀٽائي جي درگاهه، سندس فقيرن جي ڪردار ۽ اُن ۾ جديديت توڙي قدامت کي به سامهون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. لطف پيرزادي جي سماج، سياست، عقيدت تي گهري نظر هئي، اُهو ئي سبب آهي جو هن لطيف تي منفرد قسم جو ڪم ڪيو آهي.
Title Cover of book نت نت آهه نئون

شاهه جي شاعريءَ ۾ ٿر تي وسڪاري جا رنگ

شاهه جي شاعريءَ ۾ ٿر تي وسڪاري جا رنگ
( پرين جي پرديس، مونکي مينهن ميڙيا )


ٿر تي وسڪاري کانپوءِ جتي ڌرتي سائي چادر اوڍي، جيڏانهن ڪيڏانهن گل ڦل اپائي ولين جي واس سان ڏيهه سڄو واسي ٿي ڇڏي (پسو جا پٽن ۾ ، کٿوري خوشبوءِ ) اتي پيٽ قوت لاءِ پرديس ويل پرينءَ جي ملڻ ۽ ورڻ جون واڌايون پڻ ملڻ شروع ٿين ٿيون:
اٺي ٿين وراڻ، کيئن واڌايون آئيون...
اهي پرديسي پرين پنهنجن پٽن تي واپس ورن ٿا، پنهنجن عزيزن، پيارن ۽ وهين جي ورنن تي ڪيئي رونقون آڻي، وڇوڙي جا وڍ ڀري ٿا ڇڏين. ان ڪيفيت تي لطيف مٿين سٽ کانپوءِ ٻيون به ڪيتريون ئي حسين ۽ خوبصورت سٽون سرجيون آهن، مثال طور چيو اٿس:
مونکي کنوڻ خوش ڪيو، جا ڪڪر ۾ ڪاري...
*
منهن چڙهيو ماڻهن کي، ڏي واڌايون وڄ،
هينئڙا کپ م کج، سگها ملندئي سپرين.
ٿر ۾ وسڪارو، وڇڙيلن جي ميلاپ جو وسيلو به بڻجي ٿو. هن ڏيهه جي ماڻهن جي اها فطرت ۽ عادت بڻجي وئي آهي، جو ٿريو ڪٿي به هجي اڀ تي ڪڪرن جا ڪارونڀار ڏٺائين، کنوڻين کجڪا ڪيا ته پوءِ هو پل به پرديس ۾ رهي نه سگهندو آهي. پنهنجن پکن ۽ جهوپن جي سڪ هن کي ڇڪي پنهنجن پيارن سان اچيو ملائي، تڏهن ته اسان جي شاعر لکيو آهي:
گهوريون سو پرڏيهه، توڙي ڦلن ڇانئيو...
ٿر تي وسڪاري سان جيڪا خوشحالي ۽ آسودگي اچي ٿي، ماحول جي خوبصورتي ٿئي ٿي ان جا ڪيئي رنگ هن جي شاعريءَ ۾ موجود آهن. قدرت هن وارياسي ملڪ تي جڏهن مهربان ٿيندي آهي، تڏهن شاعر آسماني نکٽن، آثارن ۽ موسم جي تبديليءَ سبب ٿيندڙ امڪاني خوشي ۽ خوشحاليءَ جا گيت ڳائيندو آهي.
مندائتي مينهن جي، کنوڻ نه کوٽي،
آءُ لالن موٽي، گهوريا رسڻ ڏينهڙا.
*
مند ٿي منڊل وڄيا، ڪي اوهيڙن اوڪ،
ڇاڇر ٿي ڇنن ۾ ، مينهون چرن موڪ،
ميها، چڀڙ، ڦنگيون، ٿئين سڀئي ٿوڪ،
لاهين مٿان لوڪ، ڏولائي جا ڏينهڙا.
مينهن وسڻ سان هنن جا ڏک ڏولاوا ڏور ٿيو وڃن، وس ۾ ايڏي ته برڪت آهي جو جن ڀٽارين ڏڪر سبب کير ڏيڻ ڇڏي ڏنو هو، يعني وهڪي ويون هيون، اهي وري تازو ۽ سڄر کير ڏيڻ شروع ڪن ٿيون، لطيف ان ڳالهه کي پنهنجن لفظن ۾ هن طرح بيان ڪيو آهي:
وهڪئي جن ورهه ٿيا، سي ڏيئن کير سڄر،
مينهون پاڻ مراديون، ٿڌا چرن ٿر...
*
آڻيو وجهن آهرين، روڙيو رتا گل،
مارو پاڻ امله، مليرونِ مرڪڻو.
*
پاڻهين پچي پيئيون، ريءَ واهت ريءَ واڙ.
ٿر ۾ وسڪاري کانپوءِ پاڻمرادو پٽن تي ميها، چڀڙ، ڇانهيون ۽ ونگن جون وليون ڦٽي پونديون آهن. اهي ميوو ڏيڻ شروع ڪنديون آهن. ان وقت سڄو ڏيهه مرڪي پوندو آهي، چوڌاري باغ بهار ٿي ويندي آهي. تل ترايون، آب جي اڇل سان ڀرجي وينديون آهن. ان صورتحال کي چٽيندي هڪ بيت چيو اٿس:
چيهو چکيءَ ڪنڌئين، ڪيائين گڙنگ مٿي گل،
هڏا ڪٽيان ٿي هليو، ڀري ترايون تل،
آندائين آب اُڇُل، مٿي باغ بهار ٿي.
وسڪاري کانپوءِ هتي جيڪا آسودگي ٿيندي آهي، ان جي عڪسبندي ڪندي لکي ٿو:
بر وٺا، ٿر وٺا، وٺيون ترايون،
پرهه جو پٽن تي، ڪن ولوڙا وايون،
مکڻ ڀرين هٿڙا، سنگهاريون سايون،
ٻانهيون ۽ ٻائيون، پکي سونهن پانهنجي.
مندائتي مينهن جي جيڪا مستي ۽ جيڪو زور هوندو آهي، ان جي پالوٽ ۾ جيڪا شدت هوندي آهي، آسمان جيڪي ساز ۽ سارنگيون وڄائيندو آهي ۽ کنوڻين جا کجڪاٽ ڪندو آهي، انهن کي به ويهي پنهنجي شاعريءَ ۾ چٽيو اٿس. جهڙي طرح هڪ چترڪار پنهنجي چتر ۾ رنگ ڀريندو آهي، اهڙي طرح هن پنهنجي بيتن ۾ لفظن جي زور تي ڪيئي رنگ ڀريا آهن، جيڪي پڙهندڙ جا بجا پسي سگهي ٿو:
اڄ رسيلا رنگ، بادل ڪڍيا برجن سين،
ساز سارنگيون سرندا، وڄايائين بر جنگ،
صراحيون سارنگ، پلٽيون رات پڌام تي.
*
سڻيو رڙ رعد جي، ڪليون ٿيون ڪنبن...
آسمان جي گجگوڙ جي ٺڪائن، کنوڻين جي کجڪاٽن ۽ تجلين سان جتي زمين روشن ٿئي ٿي، اتي ورن کانسواءِ رهندڙ زالون گهٻرائجي ٿيون وڃن. مٿين سٽ ۾ گجگوڙ لاءِ ”رعد“ عربيءَ جو لفظ استعمال ڪيو اٿائين، جڏهن ته اڪيلن ۽ وانڍين لاءِ پنجابي زبان جو لفظ، ”ڪليون“ استعمال ڪيو اٿائين. گهڻو مينهن وسڻ جي ڪري سيءُ ٿيندو آهي، آسمان تي ڪارا ڪڪر ڇائنجي ويندا آهن، جنهن کي ڪارونڀار چوندا آهيون، سڄو ماحول ۽ فضا سيءَ ۾ وٺجي ويندي آهي، ان صورتحال کي هنن لفظن ۾ بيان ڪيو اٿس:
سڄو صاف نه اڀري، سرلي وچان سڄ،
منهن چڙهيو ماڻهن کي، ڏي واڌايون وڄ،
هينئڙا کپ م کج، سگها ملندئي سپرين.
سارنگ جي سخا جي ڀيٽ ڄام تماچيءَ سان ڪندي چوي ٿو ته جڏهن سارنگ سيج چڙهندو آهي، مينهن کي موڪل ٿيندي آهي ته ڪيتريون ئي نوريون نوازي انهن کي ڏوڻا ڏيج ڏيندو آهي. هتي ”نوريون نوازيون گهڻيون ڏوڻا ڏيئي ڏيج“ لکي نوري ڄام تماچيءَ جي قصي ڏانهن اشارو ڪيو اٿائين، جنهن نوريءَ جي مطالبي تي ملاحن کي ڪينجهر انعام ۾ ڏني هئي ۽ مٿانئن مڙوئي محصول معاف ڪيا هئائين. مٿين بيت مان اها مراد حاصل ٿئي ٿي ته تماچيءَ هڪ نوريءَ کي نوازيو هو، جڏهن ته سارنگ سڀني ڏيهه واسين کي نوازي ٿو ڇڏي. آخر ۾ ٻه بيت عرض رکجن ٿا:
اٻون ڪڪر ڪڍڙيون، اتر ڏي آهينِ،
ڪري آگم آئيون، مند نه مٽائينِ،
مٿان لوڪ لطيف چئي، گوندر گنوائين،
پلر پيارين، اڃين آب اگوندرو.
*
اڄ پڻ اتر پار ڏي، ڪڪر ڪيائين،
مندائتي مينهن جي، رتُ نه روڪيائين،
پلر پلٽيائين، سانگين گهڻا سک ٿيا.