روزي ۽ عيد بابت لطيفي خيالات
(روزا رند رکن، عيد نه اوڏا ڪاپڙي!)
مٿئين سٽ ۾ ٻه مختلف حالتون بيان ڪيون ويون آهن: هڪ روزو جيڪو تسئي ۽ بک جي علامت آهي، جنهن کي اسلام ۾ خداوند ڪريم، تذڪيه نفس لاءِ مقرر ڪيو آهي. هڪ جاءِ تي هن کي جسم جي زڪوات پڻ ڪوٺيو ويو آهي، سماجي ڪارج روزي جو اهو آهي ته جيئن ڍائي ماڻهوءَ کي بک جي تاثير ۽ بکئي ماڻهوءَ جو قدر ۽ احساس ڏياري سگھجي. ٻي حالت آهي عيد. هي عربيءَ ٻولي جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي خوشي.
لطيف جيئن ته انساني سڀاءُ، سماجي حالتن، ڳڻن ۽ اوڳڻن جو آئينيدار شاعر آهي جنهن اسان جي آسپاس جي هر وٿ کي علامتي انداز ۾ پيش ڪري، اسان کي ان جي معنيٰ ۽ مفهوم سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهڙي طرح هن موضوع تي به هن بک، سڃائي، غربت، آسودگي، پيٽ ڀرائي، خوشي ۽ غم جھڙين انساني علتن، عملن ۽ حقيقتن کي اسان جي اڳيان چٽو ڪري پيش ڪيو آهي. ڏک ته هن جو پسنديده موضوع آهن. مٿي ذڪر ڪيل بک ۽ خوشيءَ واري علامت ۽ حالت کي سندس شاعريءَ مان ڪجھه سٽون چونڊي، هن موضوع سان نيبھه ڪندي اهو ڏسنداسين ته بک ۽ خوشيءَ ڏانهن ڀٽائيءَ جو ڪهڙو رويو آهي. انهن جي اظهارڻ مان هو اسان کي ڪهڙو سبق ٿو ڏئي. سندس هڪ عام ۽ مشهور بيت آهي جيڪو لڪير جي فقيرن کي منهن تي چماٽ مثل آهي، جنهن ۾ هو روزي ۽ نماز کي بهتر عمل سڏڻ سان گڏ، ڪنهن ٻئي فهم، ادراڪ ۽ عمل ڏانهن اشارو ٿو ڪري، جيڪو هنن ٻنهي عملن کان افضل آهي:
روزا، نمازون، اي پڻ چڱو ڪم،
او ڪو ٻيو فهم، جنهن سان پسين پرينءَ کي.
هت ته مورڳو ڳجھارت ڏئي ويو آهي، ان فهم کي چٽو ڪري بيان نه ڪيو ويو آهي، ان جو رڳو اشارتن ذڪر ڪيو ويو آهي. سندس شاعريءَ جي ڳوڙهي مطالعي مان اسان کي اهو فهم به ملي ٿو جنهن کي هن وضاحت سان بيان ڪيو آهي. اهو اشارو آسا جي هڪ وائيءَ ۾ ڏنو اٿائين، جنهن جو ٿلھه آهي:
اتهين ڪِي آهي، هو جي جھونا پسجن جھوپڙا...
ان وائيءَ جي هڪ مصرع هن طرح آهي:
خذمت ڪر خُلِقَ سين، پاند ڳچيءَ پائي،
اُتهين ڪي آهي، هو جي جھونا پسجن جھوپڙا.
ان فهم جو ڏس ڏيندي چوي ٿو ته، ڏکي انسانيت جي خدمت ڪر خُلق، اخلاص، خلوص ۽ محبت سان. ان ۾ ئي سڀ ڪجھه سمايل آهي، پرينءَ کي ويجھي ٿيڻ جي اهائي واٽ آهي. بک ۽ ڏک کي وري، هيٺئين بيت ۾ سمجھايو اٿس:
بکي کل نه اڄهي، ڏکيءَ ڏمر نانھه،
اگھاڙيءَ وھانءُ، ويو ويچاري وسري.
بکايل ماڻهوءَ کي کِل ناهي ايندي ۽ ڏکويل ماڻهو ڪاوڙ نه ڪري سگهندو. سنڌيءَ ۾ چواڻي آهي، ”روزن پٺيان عيدون“ تڪليفن ۽ بکن پٺيان، سک ۽ خوشيون، نروار ٿينديون آهن. خوشي ۽ خريد کي مارئيءَ جي هڪ بيت ۾ استعمال هيٺ آندو اٿائين جنهن ۾ عيد جي نالي کڻڻ کانسواءِ، ان کي اظهاريو اٿس. هن بيت ۾ ڌرتي واسين جو جيڪو درد اوتيو اٿس، ان تي ماڻهوءَ کي سوچي ڏڪڻي وٺيو ٿي وڃي:
خوشي ۽ خريد، وئي ويچارن وسري،
سڪڻ ڪيا شهيد، مارو جي ملير جا.
عيد جا اهي ٻه عمل، خوشي ۽ خريد ئي آهن، ان ڏينهن کي بهتر طريقي سان ملهائڻ لاءِ ماڻهو خوشيون ڪندا آهن، پنهنجي حيثيت کان وڌيڪ پنهنجي ٻارن ۽ گھر ڀاتين جي خوشيءَ لاءِ وڌيڪ خرچ ڪندا آهن. پر لطيف جي ڏيھه واسين جي اها حالت آهي جو اهي، اُن خوشي ۽ خريد جي سَڌ ۽ سڪ ۾ مورڳو مريو ٿا وڃن. هنن جي اها خواهش ۽ اها اميد انهن کي شهيد ڪريو ڇڏي. هو پنهنجي بيوسي، مفلسي ۽ لاچاريءَ سببان پنهنجن جذبن، خواهشن ۽ اندر واري انسان کي مرندي پسن ٿا، جنهن کي اسان جو ڀٽائي شهادت جو درجو ٿو بخشي.
سگھن سُڌ نه سور جي، ته گھايل ڪيئن گھارين،
پيل پاسو پٽ تان، واڍوڙ نه وارين،
پر ۾ پچن پرين لاءِ، هئي! هنجون هارين،
سڄڻ جي سارين، تن رويو وهامي راتڙي.
*
بک وڌائون بگرين، جوڳي ڪندا جنڃ،
سامي جھاڳي سڃ، وسئين کي ويجھا ٿيا.
انهن جي تمام پونجي اها بک آهي جيڪا ميڙي سيڙي، هنن پنهنجي ڳنڍين، قنديلن ۽ جنبيلن ۾ محفوظ ڪري رکي آهي. ان سان ئي جشن ملهائيندا آهن، هو پاڻيءَ بدران اڃ اوتي پيئندا آهن. جيڪي ازل جا اڃيا هوندا آهن انهن لاءِ وري پاڻي اڃيو هوندو آهي. هن جي ڇولين، لهرن ۽ روانيءَ ۾ اها تڙپ هوندي آهي، ته شل ڪو اسان کي تاسارو ۽ اڃيو جيءُ گڏجي، جيڪو ٻُڪ ڀري پنهنجي اڃ اجھائي. ان لاءِ اصطلاح ڪتب آندو اٿائين: ”پاڻي اڃيو اُن کي!“ ٻئي هنڌ لکي ٿو ته:
اُن تڙ منجهان تِڪ، ڏني پاڻان اڃ ٿئي...
ويراڳ پائيندڙ فنا مان بقا کي ڳولهيندڙ سدائين بک ۽ اڃ کي عزيز رکندا آهن. انسان جي اندر وارو تڏهن ئي سجاڳ ٿيندو آهي جڏهن اهڙي ڪثرت ڪئي ويندي آهي. انسان جي ڇهين حس جيئارڻ لاءِ پاڻ هڪ نسخو تجويز ڪيو اٿس:
ڪِي سمھه، ڪي جاڳ، کاءُ اڌورو ان،
جا مورت تنهنجي من، تنهن مشاهدو ماڻئين.
عيدون ۽ خوشيون، روزا ۽ بک انهن لاءِ آهن، جيڪي ڍاول آهن، ڇو ته سکيو ستابو ماڻهو بک ۽ ڏک جي احساس کان وانجھيل هوندو آهي. هن کي بک جي تاثير جي خبر ناهي هوندي. جھڙي طرح بکئي ۽ ڏکئي ماڻهوءَ لاءِ خوشي ۽ خريد، اوپري ۽ اڻ ڏٺي شيءِ آهي. اهڙي طرح سکئي ماڻهوءَ لاءِ بک به اهڙي اڻ ڏٺي وٿ آهي. روزيدار تي هڪ بيت لکيو اٿس، جيڪو سُر مارئيءَ جو آهي، هن موضوع تي ان کي به پڙهڻ گھرجي:
صائم سڪي جيئن آذان جي آواز کي،
مون تن اندر تيئن. اڪنڊ اباڻي پار جي.
مارئيءَ ٿي چئي ته جيئن روزائت، آذان جي آواز لاءِ سڪندو آهي، منهنجي من ۾ به مارن لاءِ اهڙي هورا کورا، تڙپ ۽ سڪ آهي.
***