سندي سور صفت
سور نه ساڱاهين ... هنن جا اڌما اوچتا آهن. مُٺ مُٺ سور سڀ ڪنهن وٽ آهن، ليڪن هن الستي عاشق وٽ ته ڀريون آهن، جيڪي مٿي ڪيو، وٿاڻ وٿاڻ ووڙ پيو ڏئي ته آهي ڪا؟ سورن وارِي، ڏکن ڏڌِي، ته ڪا سور پچار ڪجي، انهن سورن سان ڪا رهاڻ رچائجي، جيڪي عاشق جي ڪُڙھه ۾ وڻڪاريون ڪريو سير ڪري رهيا آهن. هن جي هردي کي اوطاق ڪري ويٺل آهن. بس ان گھڙيءَ جو انتظار آهي جڏهن ڀيڄ ڀنيءَ ور وارو ڏئي، اڱڻ مٿي انهن جي اچڻ جي وائي ٿيندي، انهن سان جڏهن ڳر لڳي ڳالهيون ڪنديس ته سور ويچارا هليا ويندا... انهن جي سار انهي ڪري ئي ٿي ٿئي جو هي ڏکئي وقت جا ساٿي ۽ سنگتي آهن، جن سان پرينءَ پڄاڻا روح رچنديون ٿينديون آهن. اندر جا احوال انهن سان ڳرهي، سڄڻ سنديون پچارون ڪري، پاڻ پرچائيندي آهيان. جڏهن ڦوڙائو ٿيو، جدائي جان جلائي، تڏهن اهي ئي سور هئا، جيڪي سڀ مون وٽ رهي پيا، هڪ به سڄڻ سان نه ويو، اهڙن ئي سڄڻ ساٿين تان سوين سُک ساٽو ڪري ڏجن ۽ اهڙو هڪڙو ئي ورھه وهائجي، جيڪو اندر جو اجالو ٿي پوي. ڏک ته سکن جي سونهن آهن، ڇو ته هنن جي ورونهن سان ئي سڄڻ جو وصال ويجھو ٿو ٿئي، تڏهن ته اسانجي قومي شاعر چيو آهي ته:
ڏکن ڏيکاريوس، گوندر گس پرينءَ جو.
سور به قسمين قسمين ٿا ٿين، پر هي جو اڀريو آهي، ان جي ته ڳالھه ئي ٻِي آ، منهنجي انهن سورن سان ڏيٺ ٿي آهي، جيڪي لڄون لاهي ڇڏيندا آهن، عاشق کي اوس پاس جو خيال ئي نه ٿيندو آهي، پوءِ ماجرا اها وڃي ٿيندي آهي جو ”عقل مت شرم، ٽيئي نينهن نهوڙيا!“ الهڙ جوانين کي جڏهن سينڌ تي هٿ رکي ٻن آڱرين وارو ڪيل وچن ياد پوندو آهي ته، ڪهاڙين ۽ بندوقن جي پاڇي کي جھرمر ڄاڻي اڳتي قدم وڌائينديون آهن:
پرتؤ پنهونءَ جو، جھڙ جيئن جھالا ڏي.
آئون پنهنجي پرينءَ کي، وٺيو راھه رئان گھڻو.
سورن سنجھه لڌو آهي، ان ڪري پاڻ ئي مون وٽ ڪهي آيا آهن، هاڻ آئون ڪنهن کي منجھه ڏيان، مر جان پيا ذهن ۾ چڻڪن. منهنجي تن ۾ لاڳيتو پرين ائين ڏکي رهيا آهن جيئن ڀڳل هڏ سور ڪندو آهي. اي سور مون کي ايڏا ڌوڻا نه ڏي، وسوڙيل ۽ ڪمزور آهيان. منهنجي حالت اهڙي آهي جهڙي لوڻ جي پاڻيءَ ۾ هوندي آهي، سور ئي منهنجو سرمايو آهن، مون ته ڪا به ملڪيت يا ڪا ڳڻائڻ جهڙي وٿ سهيڙي ڪا نه رکي آهي، منهنجو ته سڀ ڪجھه سور ئي آهن، جن جي واکاڻ ڪري، انهن کي ساري آئون گد گد ٿي ٿيان، ته انهن مون کي پرينءَ جو پيچرو سونهائيو آهي جنهن تي هلي آئون وصال کي ويجھي ٿي ٿيان:
مٿي منجهان مينهن، پَسو جيئن پاڻي وهي،
مون ڀانئيو نينهن، ڄڀيون ڄيري سنديون.
*
مٿي مٿان مچ، ٻريم ٻاروچن جو،
امڙ اوري اچ، ته سٽ سڻايان سور جي.
هي ته سورن کي سڏ پئي ڪري:
جي ماڻهن کي مارين، تن سورن کي سڏ ڪريان...
هن کي سورن سانڍيو ۽ پورن پاليو آهي، ويچاري ڪڏهن سکن جي پُکي ڪانه پئي آهي. سوريتين ۽ پٽڻ وارين جا پار ئي پڌرا، هنن جون اکيون آلو ماھه، ڳلن تان ڳوڙهن جون بوندون بس نه ڪن... سائو منهن، سونهن ڳئي، ان اُلڪي سبب هنن، هڏن مٿي ماھه نه چاڙهيو، اندر ۾ اهائي اڻ تڻ ته ڦوڙائي فراق جا ڪڏهن ٿا ڏينهن کٽن. ڪڏهن ٿا آسر وندن جا اڱڻ اجرا ٿين، نينهن ته نيئر به اڇا اجرا ڪري ڇڏيا آهن.آئون ته اجايو اچي پريشان ٿي آهيان. ڪيڏي نه ڀوري آهيان جو پرينءَ جي سورن هوندي آئون پاڻ کي هنن سان هيڪاندي نه پئي ڄاڻان، هو ته مون سان ٻيلھه ٻڌا پيا آهن:
سورن سونهائي، ڪِي هيڪاندي هوت سان...
سورن کي هٿ پير ڪين ٿين، هو ته منجهين وهڻ وارا آهن، آئون آهيان جا وهلور پئي وڃان، ته ڪيئن ملبو کي سڄڻين:
سوريتي سور، ڪنهن اڻ سوريتيءَ سين اوريا،
هو وڃي پئي وهلور، هن ويتر سور پرائيا.
سورن جي سار به ائين آهي، جيئن ڇٽل ڦٽ جو کرنڊ کرڙجي پوي، وري درد تازو ٿي پوي:
ڏکي ڏک مٿي ڪري، ڇپر وانءُ پيهي،
گڏبئي ات ڏيهي، سُوڌيون ڏيندئي خبرون.
شاھه جو سڄو رسالو سور آهي دردناڪ دانهن آهي، ڪيڏارو آهي.
اڄ آديسي مر، سڀان مرندو سڀڪو.
***