ڀٽ شاهه جي خوبصورتيءَ وارو منصوبو
هن مسئلي تي پهريان پهريان 1951ع ۾ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير عبدالستار پيرزادي ۽ سنڌ اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر ميران محمد شاهه توجهه ڏنو. سندن ڪوششن سان هاءِ وي کان ڀٽ شاهه تائين پڪو روڊ تعمير ٿيو. بجلي آئي، ننڍڙي ڳوٺ کي يونين ڪائونسل جو درجو مليو. انهن سڄڻن ئي لطيف جو عرس سرڪاري طور تي ملهائڻ جي رسم وڌي. پهرين ميلي تي ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جو بنياد وڌو ۽ ان جا مول متا پڻ هنن ئي مقرر ڪيا، ان سلسلي ۾ سائين جي ايم سيد هنن کي ڪارائتيون تجويزون ڏنيون. هي مرڪز پنهنجو ڪارج اڄ ڏينهن تائين ڏئي نه سگهيو آهي جنهن جو سبب سرڪاري مداخلت آهي. هن وقت ڀٽائي ريسٽ هائوس سرڪاري گيسٽ هائوس بڻجي ويو آهي، جيڪو ضلعي انتظاميا ۽ سرڪاري ميٽنگن کان وڌيڪ ڪو ڪم ڏيڻ ڪرڻ کان قاصر آهي. هي مرڪز لطيف تي تحقيق ڪرڻ لاءِ اديبن، محققن کي اتي سهولتون ڏئي تحقيق ڪرائڻ لاءِ قائم ڪيو ويو هو. هن ڪم ۾ ڪجهه واڌارو ايوب جي دور ۾ به ٿيو. ايوب ڪابينا جي وزير ذوالفقار علي ڀٽي جي ذاتي دلچسپي ۽ ۽ ثقافتي مرڪزي ڪميٽيءَ جي اپيلن تي فنڪار هاسٽل، ميوزيم، لائبريري ۽ آڊيٽوريم جون عمارتون جڙي راس ٿيون، جن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري رسم ۽ افتتاح شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هٿان ٿيل آهي. هن جي ڪوشش سان ئي ايوب خان ثقافتي مرڪز ڪميٽيءَ کي پنهنجي اشاعتي مقصدن لاءِ ڪجهه رقم جاري ڪئي.
ڀٽ شاهه ۽ درگاهه کي خوبصورت بڻائڻ وارو منصوبو، ڀٽي صاحب عوامي حڪومت جي دور 1974ع ۾ شروع ڪيو ۽ ان منصوبي جو افتتاح ڪيو هو، پر هاڻي اهو افتتاح وارو پٿر گم آهي. هن منصوبي هيٺ اتي ڪوارٽرن جي هڪ ڪالوني تعمير ڪرائي وئي ته جيئن درگاهه جي چوگرد رهائشي علائقي کي خالي ڪري، انهن ماڻهن کي ڪالونيءَ ۾ آباد ڪيو وڃي. درگاهه جي چئني طرفن کان پارڪ رکڻ ۽ ڪشادا روڊ تعمير ڪرائڻ جو پروگرام بڻايو ويو هو. شهيد ڀُٽي جو ارادو هو ته جيئن ئي ڪو ماڻهو هاءِ وي کان لهي ڀٽ شاهه ڏانهن اچي ته ان کي روضو چٽيءَ طرح نظر اچي. هن جي ان اسڪيم کي جنرل ضياءَ 1986ع ۾ ناڪام ڪري ٺهيل ڪالونيءَ کي هنرمند ڪالوني ٺاهي اتي مختلف هنرمندن کي آباد ڪيو، جن ۾ اجرڪ، ڪاشي، جنڊي ۽ ڪپڙي اُڻڻ وارن ڪورين کي، اهي ڪوارٽر مالڪاڻن حقن تي الاٽ ڪيا ويا. هن منصوبي کي ناڪام ڪرڻ ۾ ڪجهه بااثرن جو به هٿ آهي، جن جا گهر روضي جي لڳو لڳ آهن ۽ هي اٿڻ لاءِ تيار ناهن، جيڪڏهن هي صاحب اها جاءِ خالي ڪن ته بيشڪ لطيف جي مزار مولانا روميءَ رحه جي روضي جيان ڏيک ڏيڻ لڳندي. روضي جي ڏکڻ ۾ لاڙڪ فقير، تنبورا چوڪ ۽ مارڪيٽ اچي وڃن ٿا. اولهه ۾ ڀٽائي پير، خاصخيلي ۽ مهاجر پاڙو آهي. 91-1990 ع ۾ ٽائون ڪميٽيءَ بس اڏي کي الله واري چوڪ تي ٺهرايو هو، جيڪو اڃا تائين سڃو پيو آهي. تنبوري چوڪ تي ايڏي رش ٿي ٿئي جو پيادل گهمندڙن ۽ ايندڙ زيارتين کي ڏکيائي جو منهن ڏسڻو ٿو پوي. هنن سڀني مسئلن پويان، بااثرن جو اثر رسوخ ڪارفرما آهي، جنهن ڪري سرڪار جا ڪيترائي منصوبا بيڪار بڻجي وڃن ٿا.
شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي پهرين حڪومت ۾ روضي جي اتر طرف رهائشي ڳتيل آبادي هئي، اتان جي رهواسين کي اڍائي ڪروڙ رپيا گهرن ۽ پلاٽن جو معاوضو ڏئي، جڳهه خالي ڪرائي، اتي 12 مسافر خانا ٺهرايا ويا هئا. هاڻي انهن تي به قبضا ٿي رهيا آهن. اوقاف کاتي جي ملي ڀڳت سان انهن مسافر خانن ۾ هوٽل ۽ دڪان قائم ٿي رهيا آهن. ڪيترن مسافر خانن تي قبضا ڪيا ويا آهن، جنهن ڪري زيارت لاءِ ايندڙن کي کلئي آسمان هيٺ صحن تي رهڻو پوي ٿو. هنن مسافر خانن جي اڏاوت پڻ اڻپوري ڪئي وئي آهي، هت نه گڏيل بورچي خانو آهي، نه وري پيئڻ جي پاڻيءَ جي سهولت آهي. مسافرخانن ۾ پکا لڳل ناهن، نه وري اتي ڪي وڇاڻا ئي آهن، هن اسيڪم کي ايوان لطيف جو نالو ڏنو ويو هو. شهيد محترمه جي آخري حڪومتي دور ۾ 15 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان، ڀٽ شاهه خوبصورتي منصوبو جوڙيو ويو، جنهن جي نگرانيءَ سنڌ حڪومت جي رٿابندي ۽ ترقيات کاتي حوالي ڪئي وئي هئي، اِن ڪم جي شروعات ڪندي ڪراڙ ڍنڍ جي بحالي ۽ خوبصورتي تي ڪم شروع ڪيو ويو.
واضح رهي ته ڪراڙ ڍنڍ جا ٽي حصا پوريا ويا آهن، باقي ڪجهه ايڪڙن تي کڏ وڃي بچائي وئي آهي. شهيد ڀٽي جي دور ۾ تنبورا چوڪ کان آڊيٽوريم تائين ڪراڙ جي مٿان پل تجويز ڪيل هئي، پر ڪراڙ جي ڪپر تي موجود هوٽلن کي هٽائي ڍنڍ جو اوڀاريون حصو پوري اتي متاثرن کي پلاٽ ڏنا ويا ۽ ٽيڪسي اسٽينڊ بڻايو ويو. هن منصوبي هيٺ هاءِ ويز چار ڪلوميٽر ۽ ڀٽ شاهه لنڪ روڊ تي وڻڪاري ڪئي وئي، ايڪسيلينس سينٽر وٽ نرسري قائم ڪئي وئي آهي. شهر جي بنيادي سهولتن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي لائين وڇائي وئي، جڏهن ته گندي پاڻيءَ جي نيڪال تي اڃا تائين ڪم ناهي ٿيو. تعليم جي سلسلي ۾ بهتر ڪم ٿيو، پرائمري ۽ هائير گرلس ۽ بوائز اسڪولن ۽ ڪاليجن جون عمارتون جوڙايون ويون آهن، باقي اڏاوتي ڪم اڃا رهيل آهي. شهيد محترمه رهائشي اسڪيم تي اڃا ڪم شروع ناهي ٿيو، البت ان لاءِ زمين هٿ ڪئي وئي آهي. هن شهر جي ڪچين آبادين ۾ ڪو به ترقياتي ڪم نه ڪرايو ويو آهي. انهن جا روڊ ۽ گهٽيون ڪچيون آهن، بارش جي موسم ۾ اتي پاڻيءَ جا تلاءَ ٺهي ٿا وڃن، جڏهن ته گندي پاڻي ۽ ڪچري جي ڍيرن ۾ پڻ اضافو ٿي رهيو آهي، جنهن ڪري اهي علائقا گندگيءَ سبب مڇرن ۽ بيمارين جي لپيٽ ۾ آهن. هتان جي بيسڪ هيلٿ سينٽر کي اڃا اپ گريڊ ناهي ڪيو ويو. هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته گندي پاڻيءَ جي نيڪال ۽ شهر جي صفائيءَ تي ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪيو وڃي ته جيئن شهر حقيقي منعيٰ ۾ خوبصورت ڏسڻ ۾ اچي. بس اسٽينڊ کي شهر کان ٻاهر منتقل ڪري، سواريءَ واري رش تي ڪنٽرول ڪيو وڃي، تنبورا چوڪ کان اندر ڪنهن به گاڏيءَ کي داخل ٿيڻ نه ڏنو وڃي.
هن وقت اها صورتحال آهي جو الله واري چوڪ کان تنبورا چوڪ تائين روڊ جي ٻنهي پاسن کان پارڪنگ سبب اچڻ وڃڻ وارن، خاص ڪري پنڌ ايندڙ ويندڙ ماڻهن کي ڏکيائي جو منهن ڏسڻو پوي ٿو. 1990ع ۾ ٽائون ڪميٽيءَ بس اسٽينڊ ٺهرايو هو، جيڪو اڃا تائين سڃو پيو آهي. ايف ايم ريڊيو کي پنهنجي بلڊنگ ڏئي ان جي ڪيپيسٽي وڌائي وڃي. درگاهه تي وائيءَ واري سماع کي ريڊيو ۽ ٽي ويءَ تان نشر ڪرڻ لاءِ ٽائيم مقرر ڪيو وڃي. هيلي پيڊ، ڀٽ شاهه کان درگاهه تائين وي آءِ پي روڊ واري منصوبي تي عمل ڪري ان کي مڪمل ڪيو وڃي. درگاهه جي اوسي پاسي ڳتيل رهائشي آباديءَ کي معاوضا ڏئي ٻيءَ جاءِ تي منتقل ڪيو وڃي، ائين ڪرڻ سان درگاهه جي خوبصورتي ممڪن ٿي سگهندي ۽ اسان جي شاعر جي درگاهه به مولانا روميءَ جي درگاهه جيان ڏيک ڏيڻ لڳندي. ان سلسلي ۾ رٿابندي ۽ ترقيات کاتي جي مدد سان اهي فائيل ڪڍي سگهجن ٿا، جيڪي شهيد ڀٽو جي پهرين عوامي حڪومت ۾ تيار ڪيا ويا هئا. شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي هن منصوبي جو افتتاح 1974 ع ۾ ڪيو هو، افسوس جو ڪجهه فسادين اهو پٿر به ڀڃي اتان هٽائي ڇڏيو آهي. هن منصوبي تحت روينيو ڪيمپ آفيس کان هاءِ اسڪول طرف ويندڙ روڊ جي کٻي پاسي ايگريڪلچر زون قائم ڪرڻو هو، جتي زرعي ٻج، ڀاڻ دوائون ۽ مشينري جا دڪان ۽ ورڪشاپ قائم ڪرڻا هئا ته جيئن هن علائقي جا آبادگار، هاري ان مان فائدو وٺي پنهنجي اپت وڌائي سگهن ۽ پنهنجي ضرورتن جو پورائو ڪري سگهن. ***