نائچن وارو ڀٽائيءَ جو لوڙهو
لاڙڪاڻي شهر کان ٻاهر، جھڪر جي دڙي کان ڏکڻ طرف نڪرندڙ روڊ تي نائچن جي ڳوٺ لڳ اڀرندي طرف لطيفي آثار آهن، جن کي ”نائچن وارو ڀٽائيءَ جو لوڙهو“ سڏيو ٿو وڃي. هتي تڪئي يعني لطيف جي رهائش جي ڪوٺي ۽ هڪ عدد مسجد جا آثار موجود آهن جنهن ۾ ويھ، پنجويھه ماڻهو نماز پڙهي سگھن ٿا. نائچن واري ڳوٺ ۾ ابڙن جي اڪثريت آهي، ديھه شاهنواز ۽ تپو ابڙا ۾ هي آثار موجود آهن. هي علائقو لاڙڪاڻي تعلقي جي حدن اندر آهي، پر باقراڻي تعلقي ٿيڻ بعد ديھه شاهنواز کي بقاپور ۾ شامل ڪري باقراڻي تعلقي جي حوالي ڪيو ويو هو. جڏهن لاڙڪاڻي مختيارڪار آفيس ۾ ابڙا تپي جي تپيدار کان معلومات ورتي ته هن رڪارڊ ۽ حد جي بقاپور ۾ بدليءَ جي ڳالهھ ڪئي. هن ديھه ۾ ابڙا واھه به آهي، نائچن جو گم ٿي وڃڻ ۽ ابڙن جا ديرا ڄمائڻ واري ڪهاڻي علاوالدين جي ڪاھه جو نتيجو ٿي ڀائنجي. ان ڀاڄ ۾ ڪڇ، ڀڄ ۽ لاڙ کان ابڙن چانڊڪا پرڳڻي ۾ وارد ٿي نائچن کي نيڪالي ڏني، جيڪي دادو ضلعي جي ڪاڇي ۽ درياھه پار ميرن جي رياست ڏانهن لڏي ويا. هي لوڙهو لطيف سائينءَ جي حياتيءَ ۾ آباد ڪيل ٿو ڀانئجي، پاڻ اڪثر هتي ايندا ۽ ڪجھه عرصي لاءِ هتي رهائش اختيار ڪندا هئا. مسجد ۽ تڪئي جا آثار اها ئي شاهدي ڀرين ٿا.
هن لوڙهي جي ايراضي 10 جريب يعني پنج ايڪڙ ٿيندي. هن سڄيءَ ايراضيءَ کي لوڙهو وريل هو، روڊ کان ٺلهن تي شاھي دروازو بيٺل هو، لوڙهي اندر ٻيرن جو باغ هو، جيڪو هر سال لوڙهي کي نئون ڪرڻ لاءِ سامان مهيا ڪندو هو. تڪئي ۽ مسجد جي ڏکڻ طرف ڪجھه قدمن تي هڪ وڏو دڙو آهي، جنهن تي هاڻي کوکرن فقيرن جا گھر آهن، جيڪي ٻن ٽن پيڙهين کان هن لوڙهي جا خدمتگار فقير رهيا آهن. هنن جي وڏي ڏاڏي دريا خان فقير ۽ سندس پٽ الھه بخش کوکر جي دور ۾ هي آثار سٺي حالت ۾ ڏسڻ جوڳا هئا پر انهن جي پونئيرن باغ ڪٽي، تڪيو ۽ مسجد شهيد ڪري مسجد جي صحن ۾ مڇي جي کڏ هنئي آهي، باغ واري ايراضيءَ ۾ پوکي راهي ڪئي ٿي وڃي. گذريل محرم شريف ۾ وڃڻ ٿيو ته سرءُ جو فصل مٽر، لوسڻ ۽ سرنهن بيٺي هئي. کوکرن جي اها روش ڏسي هتان جي ابڙن هي ڪيس وڙهيو، نيٺ ڪجھه ايراضي قبرستان لاءِ منظور ڪرائي، اتي بخشل فقير ۽ بخش علي فقير کي دفن ڪيو، اڄ به انهن جي ٻارهين مهيني ورسي ملهائي ويندي آهي جنهن جو انتظام انٽرنيشنل صوفي تنظيم ڪندي آهي. بخش علي فقير حضرت هنباھه جي سيد ولايت شاھه جو طالب آهي ۽ بخشل فقير، فقير فدا حسين جو طالب هو.
تڪئي ۽ مسجد ۾ ڪلهوڙا دور جون وڏيون ۽ ڳريون سرون استعمال ٿيل آهن، هاڻي به سڄي قبرستان ۾ سرون ٽڙيون پکڙيون پيون آهن. مسجد جي چرين (پيڙهه) ۾ سرون لڳل آهن. هن آثار جي اولھه طرف روڊ، ڏکڻ طرف کوکرن فقيرن جا گھر، اوڀر طرف ديھ جون زمينون ۽ اتر طرف پير چنگل جو قبرستان آهي. لوڙهي ۽ قبرستان جي حد اتر طرف هڪ ٻئي سان ملي ٿي. پير چنگل واري نسبت به عجيب آهي، هن پير لاءِ منهنجي دعويٰ آهي ته اِها، اُها گھوڙي آهي جيڪا نور محمد ڪلهوڙي لطيف سائينءَ کي تحفي ۾ ڏني هئي. جمال شاھه جي گاديءَ تي ويهڻ لاءِ پڻ چنگل تي چڙهي سواري ڪرڻ جو شرط لطيف سائين وڌو هو. هن علائقي ۾ چنگل جمال شاھه جي وقت ۾ آيل ٿي ڀانئجي ۽ دم ڏيڻ بعد هتي دفن آهي. لطيف جڏهن هن گھوڙيءَ تي پهرين سواري ڪئي هئي ته هن جون واڳون گھوڙيءَ جي ڪنڌ تي اڇلي ڇڏيون هيون، نور محمد ۽ سندس نوڪرن جي پڇڻ تي لطيف وراڻيو ته ”اسانجون واڳون ئي ٻين هٿ آهن، هن جون به انهن حوالي ٿا ڪريون.“ بس ان ويل هن کي رنگ لڳي ويو، جنهن جي واڳ ڌڻي واري ان جھڙا ڪنهن جا ڀاڳ! اهوئي سبب آهي، جو اڄ به هن تي پڙ پيا آهن، سکائون ٿيون اچن، سوالين جا سوال پورا ٿا ٿين، ڪيترا ئي بي مراد پنهنجون مرادون ماڻي ٿا وڃن. مير عبدالحسين سانگي لکي ٿو ته ”لطيف سائينءَ جي رحلت کانپوءِ چنگل هميشه مغموم رهندي هئي۽ ڪيترن ڏينهن تائين اکين مان آب جاري هوس.“ (لطائف لطيفي) هن ڪتاب ۾ چنگل گھوڙيءَ جو ٽن حڪايتن ۾ ذڪر آهي.
پهريون ذڪر 9 نمبر حڪايت ۾ آهي، جڏهن نور محمد ڪلهوڙو تحفو پيش ٿو ڪري. ٻيو لطيف جي خدمتگارن جو ذڪر ڪندي نمبر 16 حڪايت ۾ چنگل گھوڙيءَ جي خدمتگار جو نالو ۽ ڳوٺ لکيو اٿس. ٽين جڳھه تي جمال شاھه جو گاديءَ تي ويهڻ ۽ چنگل جو هڻڪار ڪرڻ. جمال شاھه چنگل کي پيشانيءَ تي چمي ڏئي سوار ٿيو ۽ چنگل کي ٿورو پرڀرو گھمائي واپس موٽيو.
اسانجي هن قومي ثقافتي ۽ روحاني ورثي کي بي ڌيانيءَ سبب تباھه ۽ برباد ڪيو پيو وڃي، ڪو به ادارو اها ذميواري قبول ڪندي پاڻمرادو ڪي ڪوششون نٿو وٺي. روينيو، لوڪل گورنمينٽ، ڪلچر ٽوئرزم، سنڌ/ وفاقي آرڪيالاجي کاتو، ڪير به هن طرف ڌيان نٿو ڏئي، جنهن ڪري اسانجا تاريخي اهڃاڻ ميسارجي رهيا آهن. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته بدين شهر ۾ لطيف جو تڪيو، نانگن جو پڙ پڻ قبضاگيرن جي والار هيٺ اچي ويو آهي، چون ٿا اهي زرگر يعني سونارا آهن، جن شاھه ڪريم بلڙيءَ جي ڪنهن جت کان اها ايراضي خريد ڏيکاري ان تي قبضو ڪيو آهي. اسان ماڻهن کي پنهنجي ادبي، ثقافتي، سماجي ۽ سياسي جماعتن ۽ تنظيمن طرفان حڪومت تي دٻاءُ وڌائڻو پوندو، تڏهن اسان پنهنجي تهذيبي ۽ ثقافتي ورثي کي بچائي ۽ محفوظ ڪري سگھنداسين. هند سنڌ ۾ ڪيترائي ماڳ لطيف جي نسبت ۽ حوالي سان موجود آهن. سنڌ جي ڪنهن اداري کي شل اها سمجھه اچي جو لطيفي آثارن کي ڊاڪيومينٽ ڪن. ***