امهاڳ : ادل جي شاعري سنڌ جو گزيٽيئر آهي (عبدالغفار تبسم)
جيون جي چؤواٽي تي، آءٌ تنهنجي ڪارڻ آيو آهـيان،
ڌرتي تنهنجيءَ ڌوڙ پٺيان، آءٌ ڪنڌ ڪپائڻ آيو آهيان.
شـاهه عـنـايت، سـچل، سامي، شاهه ڀٽائيءَ جو پيغام،
ڌرتــي تـنـهـنـجـي جــوڌن کــي، آءٌ ٻــڌائڻ آيـو آهـيـــان.
پهاڙن جي پنڌن جيان جيون جي وک وک جهاڳيندڙ ادل سولنگي پنهنجي حصي جي ڏيهن جون ڀٽون ڀوريندي، وياڪل من جي بي تحاشا آنڌ مانڌ کي شانت ڪرڻ لاءِ هو پنهنجيءَ وت آهر پوريون ڪارون ڪندو رهي ٿو پر ادل جو اندر ڪو عام جو اندر ته ڪونهي هڪ پوري حساس شاعر جو اشانت روح منجهس واسو ڪري ويو آهي تنهن کي ماٺار ڏيڻ شايد دنيا جي هر سچي شاعر جيان ادل جي به وس ۾ نه هجي پر به هو پنهنجن ڪشٽن ۽ ڪشالن کي مخاطب ٿي ورِ ورِ ورجهائيندو ٿو رهي؛
پنڌ واريءَ جو
اُگهاڙا پير هن جا
اندر ۾ اُڃ جون هزارين انتهائون،
سانجهه هن جي پنڌ کي
ڪيئي بند ڏئي ٿي
پاڻ ٿانيڪو ڪري هو ساهه ساهن ۾ سمائي
پير پيرن ۾ ڏئي
ڏور ڏهرن جي مٿان
هو چنڊ جا چارا ڏسي ٿو
هو هوريان هوريان
پنهنجي وک کڻي
سوجهري جي ماڳ ڏي
وڌندو رهي ٿو.
(ادل سولنگي)
سوجهرن جي ماڳن ڏانهن روان دوان رهڻ، ڏکن ڏوجهرن، درد جي رڻن کي ڇيڄن، شادمانن سان اُڪارڻ جي هنر کي شاعري ۽ اهڙين ڪرشماتي ڪارنامن کي ادا ڪندڙ کي شاعر ڪوٺجي ٿو. وقت جو ”ڪوي“ جڏهن پنهنجو سفر بخوبي جاري رکڻ جي صلاحيت ماڻي ٿو ته پوءِ کيس مڃتائن جون اٿاهه وسعتون وڌي هن جي وک وک کان اول گهول ٿين ٿيون، آجيائن ۽ آشيروادن جا پاند وڌي هن کي پنهنجن پناهن ۾ وٺن ٿا، هن کي نت نئينءَ رات جا سڀ اجرا تارا سندس ڪلا جي سندرتا کي سلامي ڏيندا رهن ٿا، پر اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن شاعر پيڙائن جا پولار اورانگهيندي پنهنجين سوچن جي وشال اڏارن سميت ڪن اڏرندڙ کٽولين جيان دردن جي هڙني اوڙاهن، آڙاهن کي مات ڏئي امرتائن جي اپار کي تاڻي پنهنجون ننڊون قربان ڪري ٻنهي نيڻن جا نور نچوڙي پنهنجي ”هئڻ“ کي سڦلتائن ڏانهن وٺي هلي ٿو.
هيءَ دردن هڻي، مڪرن ۽ منافقن واري دنيا جڏهن، سچائين جي گسن تي هلندڙ سقراط ۽ يسوع جي ارواحن جا بوتا ٺاهي سندس وجود جي مٽيءَ هڻي جوتي، سوين سُيون ٽڀوئي ڪنهن ويران ليسوڙيءَ هيٺان دفن ڪري ٿي ته شاعر جو پَلُ پَلُ پنهنجي ذاتي عذاب کان وٺي قومي ۽ ساڻيهه جي سورن کي محسوس ڪندي ڪُري پئي ٿو اهڙيون وارتائون ۽ ڪَربَ جون بلائون اُڪري پار پوڻ جو هنر ڪنهن ڪمال جي ڏات رکندڙ ڏاهي يا شاعر جي حصي ۾ مس اچي ٿو.
ادل سولنگي به ان ڪوتا نگر جي وشالتائن کي جهاڳيندڙ بي رحمين، بي وسين جي عميق جَرَ ۾ ٻُڏي هيڪاندو ٻڏڻ بجاءِ پنهنجي عطا ڪيل آرٽ سان وَرِ وَرِ سطح تي اڀري پنهنجن سرتن جيڏن ۽ پنهنجن لفظن جي خانه بدوش قافلن سان نت نوان ولولا ۽ اڌما ساري وري هلڻ لڳي ٿو ۽ پوءِ هو پنهنجيءَ ڏات ۽ پنهنجيءَ ڏاهپ جو پروميٿس به خود بڻجي پئي، هن کي پنهنجي وهه جي وٽين کي ماکيءَ جون ڌارائون بڻائڻ جو هنر به اچي ٿو ۽ ساڳي وقت هو وقت جي آمرن واري اندر ۾ پنهنجن ٽهڪن کي ٽانڊا بڻائي منهن آڳ ۽ اُلا به ڌڳي سگهي ٿو.
آئون سندس ڪاڻ ائين چئي سگهان ٿو ته هو دراوڙن جي ديس جو وڍيل وجود کنيون پنهنجي ساڻيهه جي سورن تي لڇڻ سان گڏ ميگهه رت ۾ ملهارون بڻجي پنهنجن جيڏن، پاڻ ڏانهن متوجه سنڌ واسين، جي من واري ڪور تي ڪو مور بڻجي پنهنجن اجهل خانه بدوش لفظن سان هو بخوبي ٽهوڪڻ به ڄاڻي ٿو سندس نظمن، غزلن جون بي حساب حُسناڪيون سندس شاعريءَ جون مڌرتائون هجومن کي موهي سگهن ٿيون ۽ في الوقت پڻ ڀرپور موهه ڏئي رهيون آهن پر ان لاءِ سامعين جي سماعتن کي هن ڏانهن همه تن گوش ٿيڻو پوندو. سندس اندر جون لازوال صدائون انهن سندرتائن جي سطحن وٽان ئي ٻڌڻيون پونديون جتان هو پنهنجيءَ شاعريءَ جون پڪارون تاڻي رهيو آهي اسانجي ٿوري ڪن لاٽار هن کي ڌڪڻ بجاءِ اسان کي ئي سندس استعمال هيٺ ٻوليءَ جي امل ميراث کان محروم ڪري سگهي ٿي. هن وٽ ٻهراڙيءَ جي ٻوليءَ واري وکر سان گڏ شهري (civil society) سِوِل سوسائٽيءَ جا ٻهروپي ۽ نج ڏيک پڻ موجود آهن. هوداس ڪيپيٽال کان وٺي ساميءَ جي سلوڪن ۽ اياز جي رچنائن جي ڪينواس تان پنهنجيءَ شاعريءَ جي آبياري ڪرڻ جو ڏانءُ رکي ٿو هن جي شاعريءَ ۾ نظرين، عقيدن، ريتن، ڪُريتن، پاپ پُنَ نياءَ انياءَ جون باڪمال نندائون ۽ آجيائون ملن ٿيون سندس خيالن جي ورونهن مان ڀانت ڀانت جون ياترائون، تاريخ جي نون ورقن جون مهورتون پڻ ملن ٿيون. سندس خانه بدوش لفظن جي قافلن ۾ ديسي پرديسي واهڻن، ڳوٺن ۽ شهرن جي بي حساب نُدرتن سان گڏ سنڌ ۾ موجود ريتن رسمن جي ناڪاري قدرن جون نوحه خوانيون پڻ سٽ سٽ ۾ سمايل آهن، مان ائين چوان ته هي شاعريءَ ۾ سنڌ جو گزيٽيئر آهي ته وڌاءُ نه ٿيندو.
شاعريءَ ۽ ٻوليءَ جي سواد سان گڏ ادل جي شاعراڻي اسلوب سان سنڌ جي ماڳن، مڪانن اُڌمن، اُمنگن، ڪمند جي واڍين کان وٺي تماشامن ۽ روپلن، سيارن سانوڻن، وارن جي چڳن کان وٺي جي هوائن جا حسين احساس ۽ زندگيءَ جون بي پناهه تنوارون ڄڻ لونءَ لونءَ مان تنوارينديون هجن، سندس هائيڪن ۽ بيتن ۾ سنڌ جي سونهن جو ڀرپور منظرنامو موجود آهي.
اميد ته ادل سولنگيءَ جي پيار جي پورهئي کي سڀئي سنڌ واسي پنهنجي جيءَ ۾ جايون ضرور ڏيندا ۽ سنڌ جا ساڃاهه وند ”تون ڇو آهين مان ڇو آهيان؟ تون ڇا معنيٰ مان ڇا معنيٰ؟“ جا امر آلاپ سڻي سندس ورلاپ ضرور وراڻيندا.
عبدالغفار تبسم
ڪراچي
تاريخ 22 ڊسمبر 2014ع