شاعري

خانه بدوش لفظن جا قافلا

”خانه بدوش لفظن جا قافلا“ خوبصورت شاعر ۽ صحافي ادل سولنگي جي تخليقن جو مجموعو آهي. عبد الغفار تبسم لکي ٿو:
”شاعريءَ ۽ ٻوليءَ جي سواد سان گڏ ادل جي شاعراڻي اسلوب سان سنڌ جي ماڳن، مڪانن اُڌمن، اُمنگن، ڪمند جي واڍين کان وٺي تماشامن ۽ روپلن، سيارن سانوڻن، وارن جي چڳن کان وٺي جي هوائن جا حسين احساس ۽ زندگيءَ جون بي پناهه تنوارون ڄڻ لونءَ لونءَ مان تنوارينديون هجن، سندس هائيڪن ۽ بيتن ۾ سنڌ جي سونهن جو ڀرپور منظرنامو موجود آهي.“
  • 4.5/5.0
  • 6069
  • 817
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ادل سولنگي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book خانه بدوش لفظن جا قافلا

سو ديس مسافر منهنجوڙي

جت- سورج پنهنجي سموري سگهه ڌرتيءَ کي اَرپي،
پهاڙن جي اوٽ ۾ آهِلي پوندو هجي،
جت- چنڊ کير ورني چادر اَوڙهي،
تارن ۽ ڪهڪشائن جي ميڙي ۾،
رابيل وانگر ٽڙندو ۽ کڙندو هجي،
جت- چانڊاڻ اجالن جي ورکا ڪندي هجي،
جت- باک ۽ باک کانپوءِ،
روپهري اُس، ڪائنات جي سمورن رنگن،
سونهن ۽ هستيءَ کي نروار،
ڪري ڇڏيندي هجي،
ڏور ڏيهه جا مسافر،
ڪيئي ڏيهه ڏوري هتي پهچندڙ،
سونهن جا ڳولائو دوست،
روشني ۽ رنگن ڀريو ديس،
منهنجو ديس آهي
جت- سمنڊ، اُٻهرين اُٻهرين ويرن سان اُلري،
سامونڊين سان چِلولايون ڪندو هجي،
ڪنارن سان پسار ڪندڙ پشم جهڙن پيرن جو
سواد وٺي موٽ کائيندو هجي.
جت- هوائون مست ٿي ڪؤنرن ڪؤنرن بَدنن سان،
کيچلون ڪنديون هجن.
جت- سونهن ۽ ساڀيا جا آبشار وهندا هجن.
جت- چؤڏسائن ۾ انساني انگن جي مخمور ڪندڙ
پگهر جي خوشبو، اُڏارون ڪندي هجي.
اهو پورهيتن ۽ پيار جو ديس منهنجو ديس آهي.
جت- ڀٽون، ڀڙا ۽ دڙا ڏسين،
جت- ڪارونجهر- هالار- گنجي ٽڪر
ڀڳي ٽوڙهي ۽ کيرٿر جون اُتاهيون ڏسين،
جت نيڻ نهار تائين ساوا کيت کڙيل ڏسين،
چهچ ساوا گاهه - ڳم ۽ ڳنڍير ماڪ ۾ وهنتل ڏسين،
جت- زيتونن جي وڻن تي ڀورين کي پيار ونڊيندو ڏسين،
جت- ٻٻر جي وڻن تي جهرڪين ۽ ڳيرن جا آکيرا ڏسين
اُڀ ۾ پاريهرن ۽ اڇن ڪبوترن جون اڏارون ڏسين،
بگڙا ۽ ڪارڙا تتر ٻوليندي ٻڌين،
ها- جت- فضائون، چئوڏس فطري آوازن جو،
عجيب جهان پيدا ڪنديون - محسوس ڪرين،
او! زندگيءَ جا ڳولائو، سونهن ڳولهيندڙ اجنبي،
پڪ ڀائنجانءِ اِهو ئي منهنجو ديس آهي.
جت- ڀٽن ڀر کٻڙن جي ڇانوَ ۾ ويهي،
تتيءَ ٿڌيءَ کان بي نياز،
ڪنهن ڪويءَ کي زندگيءَ جا گيت رچيندو ڏسين،
جت- مورن کي ناچُ ڪندي ڏسين،
جت- هرڻن کي ڇال ڏيندي ڏسين،
جت- منڇر جي سونهن،
جوڀن جي کِههُ سان دِسِيون واسيندي هجي،
جت- اُتر واءُ گلهڻ سان
ڪينجهر هندورو ٿي پوندي هُجي،
جت ڪنول جون پاتار تائين پاڙون پهتل هجن،
۽ آڪاس تائين ڀونئرن جي اڏار ٿيندي هجي،
اهو گلابن ۽ مينديءَ وارو ديس منهنجو ديس آهي.
جت- هماليه جي سدا ملوڪ وڏ وَر ڌيءُ سنڌوءَ جو روپ ڌاري
سانوڻيءَ جي مند ۾ سڪار جا سنيها کڻي ايندي هجي
جت - ٻيلا ٻرندا ۽ ٻهڪندا ڏسين،
جت- ڌنارن جون جهونگارون، مينهن جون ڍِڪُون
چڙن جو آواز، ٻهراڙيءَ جي سادي سودي زندگي،
شاعرن کي تخليق جي پيچرن ڏانهن
وٺي ويندي هجي.
ورڊ س ورٿ، شيلي ۽ شيڪسپيئر جيان
شاهه ڀٽائي- سچل، سامي
خليفو قاسم ۽ شيخ اياز
زمان ۽ مڪان جون سرحدون اورانگهي
انسان ۽ فقط انسان جو آواز ٿي پوندا هجن.
اهو تخليق کي سونهن بخشيندڙ ديس
منهنجو ديس آهي.
جت- ڌرتي- ڏيهه واسين ۽ ڏيهه مرياداتي ڪيڏاري جا
داستان جڙيا هجن،
جت - نينگريون، اندر جي احساسن، اُڌمن ۽ امنگن کي،
لوڪ گيتن، ڳيچن- جُهمرين ۽ جمالن جو ويس ڍَڪائي
زندگي ۾ روز نوان نوان رنگ ڀرينديون هجن
جت- نوري ڄام تماچي- سورٺ- راءِ ڏياچ،
مومل راڻي- سسئي پنهون،
سهڻي ۽ ميهار توڙي موکي ۽ متارن جهڙا پيار ۽ پنهنجائپ جا
داستان جنم وٺندا هجن.
ڳانڍاپي، ميلاپ ۽ آدرشن جو ديس
مشرق جي آڳاٽن کان به آڳاٽو
لوڪ داستانن جو ديس
منهنجو ديس آهي،
جت- اُٺي جون هوائون، وارن جو چڳون،
چڳن سان نه ڇڄندڙ نينهن وانگر ملائي ڇڏينديون هجن-
جت- ڳڀرو ڇيرين جي ڇم ڇم ۽
چوڙين جي ڇنن ڇنن تي ڳچين جا ڳچ قربان ڪندا هجن
جت - وِنهيون توڙي ڪنگال
مهل پئي مَهلون ڪندڙ هجي
اهو آئي جي آڌر جو ديس
منهنجو ديس آهي،
جت- سارين جا رونبا، ڪڻڪن جون ناڙيون،
ڪمند جي واڍي ۽ ڦٽين جا چونڊا ٿيندا هجن،
جت مکڻ جا چاڻا، ڏُڌَ جا وٽا، ماکيءَ جو تِسِريُون
کير جا گهڙ ا۽ گيهه بُسريون
مهمانيءَ جو معيار ۽ دلين جو قرار هجي،
جت- نرتڪي، سجاڳيءَ جي علامت هجي
جت ڪنور ڀڳت جهڙا صوفي منش راڳي
“نالي الک جي ٻيڙو تار منهنجو”
جهڙا امر گيت آلاپيندا هجن.
جت – فن ۽ فڪر،
احساس جي اُرههَ مان،
ٿڃ وانگر گوها ڏئي نڪرندو هجي
جت – امر جليل جا ڊائلاگ،
ابراهيم جويي جي سَرل ٻولي
سراج جا فڪري اٺسٺا،
آغا سليم جي نثري موسيقي،
شمس سومري جا ويچار سونهان هجن
جت- شاهه جو رسالو، سنڌوءَ جي ساڃاهه، پڙاڏو سوئي سڏ
اونداهي ڌرتي روشن هٿ ۽ موهن جو دڙو جهڙا
ڪتاب لکيا ويا هجن
جت - شيخ اياز شمشير – تنوير، امداد ۽ استاد بخاريءَ جي
شاعراڻي اڳواڻي،
سُرت ۽ ساڃاهه بخشيندڙ هجي.
جت- ڪارونجهر جي ڪُک مان
روپلي جهڙا مانجهي
دودي ۽ ننگر جهڙا جوڌا
دولهه درياهه خان- هوش محمد- هيمون ڪالاڻي
ٻاگهل ٻائي، بختاور- مخدوم بلاول ۽ شاهه عنايت جهڙا
ڌرتيءَ دوست ماڻهو- سورهيائي جا سورج ٿي اڀرندا هجن.
جت اڃاتل سوڍن ۽ اکٽ سورمن کي،
ڦٽڪن جي ڦهڪن ۾
مُرڪي مُرڪي
ڦاهيءَ گهاٽ ڏانهن،
پنهنجي پيرن تي ويندي ڏٺو ويندو هجي،
جت روپاهه ماڙي، اروڙ- مياڻي، سيوستان، ننگر ٺٽي
لاکاٽ، احمد خان برهماڻي، ميهڙ، ڄام شوري
دادو، موري ۽ ٽنڊي بهاول جهڙين وسندين،
باهه جي اُلن، گولين جي وسڪارن
۽ لانگ بوٽن جي شور ۾،
پنهنجو ڪنڌ نه نوايو هجي.
جت- مارئيءَ جو سَتُ ۽ سيل انساني عزم ۽ حوصلي جو،
ڀرجهلو ۽ آٿت هجي،
”هڻڻ هڪلڻ ٻيلي سارڻ“ وارن مانجهين،
رُڪَ ورنيءَ راند ۾ ڪو فرق نه رکندڙ سورمن ۽
سورهين جو سدا ملوڪ ديس
منهنجو ئي ديس آهي
پرانهين پارَ کان پنڌ پيل،
اي دوست!
ايندڙ زماني جا سياح
هن وقت وطن وطن ووڙيندڙ مسافر،
تو قديم پستڪن، صحيفن ۽ تاريخ جي ڪتابن ۾
جنهن سون، ڪپهه ۽ کوهن واري ديس
يا سنڌو ماٿريءَ جي وسندين بابت پڙهيو آهي
اهو ئي ديس- ديسن جو دلبر ديس،
سنڌو ديس - منهنجو ديس آهي.