تو بنا او پرين!
وهه ڀريل گهاگهرون،
ڏيهه جون سانوڻيون،
اوپريون، اوپريون،
ماڪ وهنجاريل،
سونهن چانڊوڪيون.
ها پرين، ها پرين!
ڦول رابيل جا،
ٿوهرن وانگيان،
هٿ ڦٽي ٿا وجهن،
لوڪ جا ٽهڪڙا،
ڄڻ ته ٽانڊا هجن،
هير جا جهوٽڙا،
آڳ جان ڀاسجن،
اوپرو، اوپرو،
لوڪ انبوهه ۾.
ڄڻ ته آهيان ڪڙيل،
ڪنهن وڏي ڊوهه ۾،
پنهنجي ڌرتيءَ تان،
ڄڻ ڌڪاريل هجان،
ساٿ تنهنجي بنا،
آءٌ پينوءَ جيان،
جهول پنهنجو جهلي،
پيار پنندو هجان،
پٿرن جي جڙيل،
اوپري لوڪ کان،
تنهنجو ڏس ڪيئن پڇان،
سمنڊ جيڏو شهر،
آءٌ ٻيڙيءَ جيان،
ڪَل ڪانهي پرين!
ڪنهن ڪناري وڌان.
هيڏي سنسار ۾،
ڀٽڪندو ٿو وتان،
اڻ ڏٺي ڄارَ ۾،
ڦٿڪندو ٿو وتان،
ڌرتتي ڏينهن ۾،
ڇانوَ جيڪر ملي،
يا وري ڪو ڪڪر،
اُڀ تي اڀري اچي،
پيار تنهنجي جيان،
من جي ويران ها،
ٺوٺ ڌرتيءَ مٿان،
مرڪ اوتي وجهي،
کنوڻ جي روشني،
روپ تنهنجو رچي،
تنهنجي وسنديءَ جي،
گس جو ڏَسُ پوي،
آءٌ پل ۾ پرين!
ڪنهن پکيءَ وانگيان،
اُڏرندو، مُرڪندو،
مُرڪندو، اُڏرندو،
تنهنجي آ ڳنڌ مٿان،
پير پنهنجا رکان،
ٻانهن ڦهلائي تنهنجي ڪلهن تي رکان.
درد پنهنجي جيان،
توکي ڀاڪر ڀري،
پنهنجي سيني سان توکي لائي ڇڏيان،
هن سڄي لوڪ کان،
توکي نيڻن ۾ آءُ،
بس لڪائي ڇڏيان،
توبنا او پرين!
هيڏي سنسار ۾،
هيڪلو هيڪلو،
پاڻ کي پاڻ ڄڻ،
اوپرو- اوپرو- اوپرو ٿو لڳان،
او پرين! او پرين!
چنڊ جهڙا پرين.