تند، ڪٽارو، ڪنڌ
اڻ جهليو آ،
اڻ مَيو آ پيار پنهنجو،
جيئن ڪلهي پاتل هجي،
ڪو ڪينرو.
تند، ڪٽاري، ڪَنڌ جهڙو،
اڻ چيو آ پيار پنهنجو.
بولويا جي،
چي گويرا جهڙو چاهه،
سارتر جي رت ۾،
رمندو رهي،
جيئن فينن جو فرانس.
آلندي جي پيار،
پڳ مٽ يار،
پئبلو نرودا،
جيئن چاهيو هو چليءَ کي.
گيت ڳائي، لورڪا،
جيئن جاڳائي ڇڏيو اِسپين کي.
ڪاسترو
ڪيوبا جي ڪاڻِ،
جيئن هو چريو.
وينزويلا ساڻ
جيئن هوگوءَ جو پيار.
ست پنهنجي کي سموهي،
مائوءَ جيئن،
موهي وڌو هو چين کي.
جيئن برما،
آنگ سوچيءَ جو پيار.
نذرالاسلام ۽ مجيب جي،
تخليقيل سونار بنگلاديش جهڙو،
پيار پنهنجو.
آفريڪي آجپي واريءَ منڊيءَ ۾،
هيري جيان جرڪي
منڊيلا نيلسن.
هوچي منهه جي اندر مان،
اُڀري پوي جيئن،
نئون نڪورو ويٽنام.
الجزائر جون اکيون،
جيئن بومدين.
آئني فرينڪ جهڙو،
لازوال،
ليلا خالد جهڙو ڪوئي،
بي مثال،
پيار پنهنجو.
فلسطيني ويڙهه ۾،
باهه ڀڙڪائي وجهن،
نظم جيئن درويش جا.
جيئن خيالن جا ڪبوتر،
اڏارو ڪن پيا،
جبران جي لبنان ۾.
ورڊس ورٿ،
جيئن فطرت کي اظهاري،
پنهنجي تخليق ۾.
جيئن حمزه توف جو،
آوار ٻوليءَ سان پيار.
جيئن مصر جو مان هو،
ناصر جمال،
جيئن ترڪيءَ جو،
اتاترڪ، ڪمال.
طيب اردگان جهڙو،
پيار پنهنجو.
چيڪ جا ايذاءَ گهر،
جيئن اورنگهي وڌيو،
فيوچڪ هيو.
ڀڳت سنگهه، جيئن،
پاڻ ارپيو هنڌ کي،
هيمون ڪالاڻي جيئن،
ساهه ارپيو سنڌ کي،
راجا ڏاهر،
دولهه درياهه خان جهڙو،
پيار پنهنجو.
جيئن ڪارونجهر سان،
ڪولهي روپلو، پيو ڀاڪرين.
جيئن بلاول گهوٽ،
گهاڻي کي هو گهائي ڇڏيو.
جيئن عنايت شاهه،
جرڪائي ڇڏيو هو جهوڪ کي،
جيئن هوشوءَ جي مهابي،
مانُ مياڻي کي مليو.
“سن جي سقراط” جيئن،
رت، ست ۽ روح پنهنجي کي،
سلهاڙيو ديش سان.
سورهين جي بادشاهه،
جيئن چيو هو،
پاڻ کي گهرجي “وطن ٿو يا ڪفن”.
جيئن وڏو ميدان ماري ويو هليو،
جيئن وڏو ويساهه ڏياري ويو هليو.
جيئن ڪولاچي، ڪلهوڙو،
جيئن کهاوڙ ۽ ڀٽو، جيئن پنهور سولنگي،
جيئن تنيو- چولياڻي،
جيئن بليدي، ڏهر، ميمڻ، سومرو،
جيئن ڪوئي کوهارو،
جيئن لانگاهه يا سرويچ ڪو،
آجپي جي راهه ۾،
ويا مارجي،
وطن ۽ ويساهه تان ويا وارجي.
ايشيا جي دل اندر ڌڙڪن جيان
ٽنگيل هجي تصوير ڪا.
ٽئگور، ٽريسا ۽ ٻڍي گانڌيءَ جي،
اور توتان- گهور توتان،
جند منهنجي،
امڙ جي ٿڃ جيان،
مقدس سنڌ منهنجي.
تنهنجي- مسجد جي منارن
تنهنجي سنڌوءَ جي ڪنارن
مندرن جي جانجہه سان
صبح سان
ها- سانجہه سان
تنهنجي جهوليءَ
تنهنجي لوليءَ
تنهنجي ٻوليءَ ساڻ پنهنجو
اڻ پليو آ،
اڻ جهليو آ،
اڻ مَيو آ پيار پنهنجو،
جيئن ڪُلهي پاتل هجي ڪو ڪينرو.
تند، ڪٽاري، ڪنڌ جهڙو،
اڻ چيو آ پيار پنهنجو.