اُڃَ جو پَنڌُ
اُگهاڙا پير هُن جا،
اندر ۾ اُڃ جون
هزارين اَنتهائون،
ڪنهن هيٺلي هرڻ جهڙو،
جنهن جو جيون.
اَندر واري اُڃ،
اُجهائڻ ڪاڻ جيڪو،
رُڃَ جو راهي ٿئي ٿو.
زندگيءَ جي نٽهڻن ۾،
ٿوهرن جي ڇانوَ کي،
سمجهي پناهه.
اُڃَ ۾،
ڪنهن رڃ ۾،
ها سَوَ ڪوهيءَ سُڃَ ۾
بي نور نيڻن ۾،
اُڻيل ڪنهن خواب جان،
ساڀيائن جي،
ٿيندڙ اَنت تي،
جو لُڇي ڦٿڪي پوي ٿو،
پنهنجي مُنهن ڀڻڪي چوي ٿو،
هاءِ!
حياتي، پنڌ اوکو،
جيءَ جوکو،
ڄڻ ته ڪو دوکو هجي ٿو.
هن کي وڃڻو هو،
پرانهين پار ڏي،
ڀٽن جي ٻئي پار،
هن جي تاڙ ۾،
ڪنهن شڪاريءَ جون،
کليل وحشي اکيون،
بندوق جي نالين جيان،
هن کي لڳن ٿيون.
ڏور اولهه ۾،
پهاڙن جي پٺيان،
سج ٿاٻڙجي ڪِري ٿو.
سانجهه هن جي پنڌ کي،
ڪيئي بند ڏئي ٿي،
پاڻ ٿانيڪو ڪري،
هو ساهه ساهن ۾ سمائي،
پير پيرن ۾ ڏئي،
ڏور ڏهرن جي مٿان،
هو چنڊ جا چارا ڏسي ٿو،
هو هوريان هوريان،
وک کڻندي،
سوجهري جي ماڳ ڏي،
وڌندو رهي ٿو،
رات ڪاري کي ڇڏي هو پوئتان،
ماڳ پنهنجي کي وڌي ويجهو ٿئي ٿو.
ڏور اوڀر مان،
اکيون مهٽي،
اُٿي پئي سج ٿو،
سج ڪرڻن ساڻ،
پوندي ڀاڪرين،
مُرڪي پئي ٿو.
سوجهري جي ساٿ ۾،
هاسي سوڍي- سارنگ سهتي،
روپلي ڪولهيءَ کي ساري،
اُڃ کي،
رُڃَ کي،
ها سَوَ ڪوهيءَ سڃ کي،
ورندو وساري،
هو اڃا اڳتي ،
اڃا اڳتي،
اڃا اڳتي وڌي ٿو.