ڪتاب جو نالو: دنيا جون درسگاهون (ڀاڱو ٻيو)
مصنف: پروفيسر مختيار سمون
ڇپائيندڙ: ناليج سينٽر لاڙڪاڻو
ڪيٽيگري: مختلف موضوع
شايع ٿيڻ جو سال: 2019
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 18 آگسٽ 2020 ع
پڙهيو ويو: 573 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 158 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”دنيا جون درسگاهون“ جو ٻيو ڀاڱو ”آمريڪا، ڪئناڊا ۽ آسٽريليا جون يونيورسٽيون“ اوھان اڳيان پيش آهي. هن ڪتاب جي تحقيق ۽ مضمونن جو ليکڪ ناميارو تعليمدان، شاعر ۽ ليکڪ پروفيسر مختيار سمون آهي.
هي ڪتاب دنيا جي درسگاھن جي تعارفي سلسلي جو ٻيو حصو آهي، جنهن ۾ ڪل 38 مضمون آهن جن مان پنجويهه آمريڪا، ست ڪئناڊا، پنج آسٽريليا ۽ هڪ ميڪسيڪو جي اعليٰ معياري يونيورسٽين بابت آهن. انھن يونيورسٽين متعلق ڪارائتي ڄاڻ سان گڏ اتي پڙهندڙ يا پڙهي ڪاميابيون ماڻيندڙ سنڌ جي ڪيترن ئي شخصيتن جو احوال به ڏنو ويو آهي ته جيئن ٻيا نوجوان به معلومات ۽ اتساهه حاصل ڪري اڳتي وڌن ۽ انهن ادارن مان لاڀ حاصل ڪن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب جا حق ۽ واسطا محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پنهنجي پاران
  • مهاڳ: روشنيءَ جو آبشار
  • اعليٰ تعليم لاءِ بهترين رهنمائي
  • آمريڪا جون يونيورسٽيون

  • هارورڊ يونيورسٽي
  • مئسچوسٽس انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي
  • اسٽئنفورڊ يونيورسٽي
  • ڪئليفورنيا انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي
  • شڪاگو يونيورسٽي
  • مئريلئنڊ يونيورسٽي
  • ڪَيس وَيسٽرن رِزرِوِ يونيورسٽي
  • آمريڪا جي جانس هاپڪنس يونيورسٽي
  • ڪولمبيا يونيورسٽي
  • وِسڪانسن يونيورسٽي
  • يئل يونيورسٽي
  • آئِوا اسٽيٽ يونيورسٽي آف سائنس ائنڊ ٽيڪنالاجي
  • آمريڪا جي هيوسٽن يونيورسٽي
  • آمريڪن يونيورسٽي
  • باسٽن يونيورسٽي
  • ورجينيا يونيورسٽي
  • مِڇيگن يونيورسٽي
  • آمريڪا جي ڊيوڪ يونيورسٽي
  • پَينسِلوَينيا اسٽيٽ يونيورسٽي
  • رائيس يونيورسٽي
  • شڪاگو جي اِلنواءِ يونيورسٽي
  • واشنگٽن اسٽيٽ يونيورسٽي
  • ليهاءِ يونيورسٽي
  • نارٿمپٽن ڪميونٽي ڪاليج
  • ٽيڪساس يونيورسٽي
  • ڪئناڊا جون يونيورسٽيون

  • يونيورسٽي آف ٽورنٽو
  • رائرسن يونيورسٽي
  • ڪئناڊا جي لنڊن جي ويسٽرن يونيورسٽي
  • ڪيلگري يونيورسٽي
  • وِنـزَر يونيورسٽي
  • ڪئناڊا جي برٽش ڪولمبيا يونيورسٽي
  • مڪگل يونيورسٽي
  • آسٽريليا جون يونيورسٽيون

  • يونيورسٽي آف سڊني
  • ميلبورن يونيورسٽي
  • يونيورسٽي آف نيو سائوٿ ويلز
  • مونيش يونيورسٽي
  • گرفٿ يونيورسٽي
  • ميڪسيڪو جي يونيورسٽي

  • نيشيل آٽونامس يونيورسٽي
  • A GUIDANCE GOSPEL FOR SCIONS OF SINDH
  • بئڪ ٽائيٽل پيج

  • ڪتاب جا حق ۽ واسطا محفوظ

    ڪتاب جو نالو: دنيا جون درسگاهون ـــ ڀاڱو ٻيو
    (آمريڪا، ڪئناڊا ۽ آسٽريليا جون يونيورسٽيون)
    ليکڪ: پروفيسر مختيار سمون
    ڇاپو: پهريون
    سال: ڊسمبر 2019ع
    ڇپائيندڙ: ناليج سينٽر لاڙڪاڻو
    ڇپيندڙ: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر
    ڊجيٽل ايڊيشن: 2020ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    books.sindhsalamat.com

    ملهه: 300 روپيا



    رابطي لاءِ:
    ناليج سينٽر، لاهوري محلو، لاڙڪاڻو
    فون: / 030034106400744040671



    ھيءُ ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ محمد سليمان وساڻ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ڪراچيءَ پاران پڌرو ڪيو.


    ارپنا

    اعلى تعليم حاصل ڪرڻ جي جستجو ۾ رهندڙ سنڌ جي نوجوانن جي نالي.

    - پروفيسر مختيار سمون


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”دنيا جون درسگاهون“ جو ٻيو ڀاڱو ”آمريڪا، ڪئناڊا ۽ آسٽريليا جون يونيورسٽيون“ اوھان اڳيان پيش آهي. هن ڪتاب جي تحقيق ۽ مضمونن جو ليکڪ ناميارو تعليمدان، شاعر ۽ ليکڪ پروفيسر مختيار سمون آهي.
    هي ڪتاب دنيا جي درسگاھن جي تعارفي سلسلي جو ٻيو حصو آهي، جنهن ۾ ڪل 38 مضمون آهن جن مان پنجويهه آمريڪا، ست ڪئناڊا، پنج آسٽريليا ۽ هڪ ميڪسيڪو جي اعليٰ معياري يونيورسٽين بابت آهن. انھن يونيورسٽين متعلق ڪارائتي ڄاڻ سان گڏ اتي پڙهندڙ يا پڙهي ڪاميابيون ماڻيندڙ سنڌ جي ڪيترن ئي شخصيتن جو احوال به ڏنو ويو آهي ته جيئن ٻيا نوجوان به معلومات ۽ اتساهه حاصل ڪري اڳتي وڌن ۽ انهن ادارن مان لاڀ حاصل ڪن.
    ھن سلسلي جي پھرين حصي ۾ يورپ جي چوئيتاليهه معياري يونيورسٽين متعلق ڪارائتي ڄاڻ آھي جڏھن ته هن جو ٽيون حصو، جيڪو ايشيا جي يونيورسٽين متعلق آهي، پڻ جلدي ڇپجي اوهان تائين پهچندو.
    هي ڪتاب ناليج سينٽر، لاڙڪاڻي پاران 2019ع ۾ ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر وٽان ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون پياري رياضت ٻرڙي جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي، مهربانيون سائين مختيار سمون صاحب جون جنهن ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پنهنجي پاران

    دنيا جهان ۾ تعليم جي آبياري ۽ ترقي لاءِ لکن جي تعداد ۾ ننڍا توڙي وڏا تعليمي ادارا قائم ڪيا ويا آهن جتي علم جي زيور سان آراسته ٿيڻ لاءِ دنيا جا ڪروڙين شاگرد هر روز صبح کان شام تائين ماهر استادن جي نگرانيءَ ۾ ڪلاسن، ڪتابن، لائبريرين ۽ لئبارٽرين وسيلي علم جي اٿاھ سمنڊ ۾ گھڙي ماڻڪ، موتي ۽ لعل ميڙيندا رهن ٿا. ائين ئي، نه رڳو هو پاڻ علم جي دولت سان مالامال ٿين ٿا پر پنهنجي قوم ۽ ملڪ جي آئيندي کي روشن ۽ مستحڪم رکڻ جي راھ به هموار ڪندا رهن ٿا.
    ملڪن جون باشعور حڪومتون نوجوانن کي مستقبل جو معمار سمجهندي انهن جي تعليم ۽ تربيت جو هر طرح سان بندوبست ڪنديون آهن. ترقي يافته ملڪن جا اعليٰ تعليمي ادارا نه رڳو پنهنجي ملڪ پر دنيا جي ٻين ملڪن کان ڪهي آيل شاگردن لاءِ به تعليم، تربيت ۽ ريسرچ جا هڪجيترا موقعا ۽ سهولتون فراهم ڪندا آهن. اهڙا معياري تعليمي ادارا ملڪ جي ترقيءَ سان گڏوگڏ ان جي ڏيهان ڏيھ عزت، عظمت ۽ نيڪناميءَ جو سبب پڻ بڻبا آهن. منهنجي هميشه اها خواهش رهي آهي ته دنيا جي اهڙن ناميارن معياري تعليمي ادارن جي ڄاڻ سنڌ جي نوجوانن تائين به پھچايان ته جيئن اهي به پنھنجي ذهانت ۽ محنت وسيلي انھن ادارن ۾ پھچي اعليٰ تعليم حاصل ڪري دنيا سان ڪلھوڪلھي ۾ ملائي هلن.
    انهيءَ سلسلي ۾ ڪجهه عرصو اڳ مون دنيا جي اعليٰ معيار وارين 130 يونيورسٽين تي مفصل مضمون لکيا جيڪي ان وقت سنڌ جي نامياري اخبار ”ڪاوش“ جي مئگزين ۾ هفتيوار ڇپيا. اهو سلسلو ٻن سالن کان وڌيڪ هليو. سڄي سنڌ ۾ پڙهندڙن منهنجي ان ڪوشش کي ساراهيو هيو ۽ نوجوانن ان ڄاڻ مان وڏو لاڀ به حاصل ڪيو. بعد ۾ انهن مضمونن مان يورپ جي 44 يونيورسٽين تي لکيل مضمونن کي سهيڙي هڪ ڪتاب ”دنيا جون درسگاهون“ (حصو پهريون): ”يورپ جون يونيورسٽيون“ جي نالي سان سال 2017ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو هو. ان ڪتاب جون مهورتي تقريبون پريس ڪلب لاڙڪاڻي پاران پريس ڪلب جي گرائونڊ تي ۽ سنڌ لٽرري فائونڊيشن پاران ٽئين سنڌ لٽريچر فيسٽيول دوران بيچ لگزري هوٽل ڪراچي ۾ منعقد ٿيون هيون جن ۾ مقررن هن ڪم کي نوجوانن جي تعليمي رهنمائي لاءِ ڪارائتو قدم قرار ڏنو هو.
    هي ڪتاب ان سلسلي جو ٻيو حصو آهي جنهن ۾ ڪل 38 مضمون آهن جن مان پنجويهه آمريڪا، ست ڪئناڊا، پنج آسٽريليا ۽ هڪ ميڪسيڪو جي اعليٰ معياري يونيورسٽين بابت آهن. هن جو ٽيون حصو، جيڪو ايشيا جي يونيورسٽين متعلق آهي، پڻ جلدي ڇپجي اوهان تائين پهچندو.
    مون کي اميد آهي ته هي ڪتاب سنڌ جي نوجوانن کي پنهنجي اعليٰ تعليم لاءِ نه رڳو بهترين يونيورسٽي چونڊڻ ۾ مدد ڪندو پر کين اڳتي وڌڻ جو اڻميو اتساهه بخشي کين ڪاميابين واري دڳ سان به روشناس ڪرائيندو.
    مان پنهنجن پيارن دوستن ۽ نامور اديبن پروفيسر ڊاڪٽر احسان دانش، پروفيسر ڄام جمالي ۽ ڊاڪٽر راشد پيرزادي جو شڪر گذار آهيان جن هن ڪتاب متعلق پنهنجا خوبصورت خيال پنن تي اوتي پيش ڪيا جيڪي هن ڪتاب ۾ شامل آهن. ننڍن ڀائرن جهڙي دوست پروفيسر رضوان گل جو به ٿورائتو آهيان جنهن نه رڳو هِن ڪتاب جو ٽائيٽل ٺاهيو، پر پهرين ڀاڱي جو به خوبصورت ٽائيٽل ٺاهيو هو. پياري دوست ڊاڪٽر رياضت ٻرڙي جا وڏا قرب جنهن هن ڪتاب جي ترتيب ۽ ڇپائي ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون.
    ٿــورا نه ٿــورا، مــون تــي مـاروئــڙن جا،
    ٿر ۾ واري ٿورڙي، تنهن کان گهڻيرا،
    ڀــــلائـــيءَ ڀــيــرا، ڳـڻـي ڳـڻـيـان ڪـيـترا.


    پروفيسر مختيار سمون
    ناليج سينٽر لاڙڪاڻو


    مهاڳ: روشنيءَ جو آبشار

    ننڍي لاءِ استادن کان انيڪ ڀيرا ٻڌو ته ’علم روشني آهي...‘ ٿوري سمجھ وڌي ته خبر پئي ته روشني وقت جي پيمائش جو ذريعو به آهي، خاص طور خلا ۾ ترندڙ سيارن جي وچ واري فاصلي کي نوري سالن سان ماپيو ويندو آهي. اڳتي هلي ذهن جي کڙڪي اڃا به کُلي ته پتو پيو ته زندگيءَ ۾ ان روشني ۽ نور جي ڪيڏي اهميت آهي ــ سج جي روشني، چنڊ جي وجود کي روشن ڪري ٿي ۽ اک جو نور زندگيءَ کي. حاصل مطلب ته بي نور زندگيءَ سان نه وقت جي پيمائش ڪري سگھجي ٿي ۽ نه جهانِ رنگ و بو کي پَسي سگھجي ٿو... ۽ هتي نور مان مراد علم ئي آهي، جنهن بابت ننڍي لاءِ استادن کان انيڪ ڀيرا ٻڌو هيو ته ’علم روشني آهي...‘
    ’علم جي ڪا حد ۽ سرحد ناهي.‘ علم جي حصول لاءِ هيءَ سڄي دنيا به ننڍڙي آهي. علم جي ڪائنات، ڪائنات جيان ئي وشال آهي. جيڪي ماڻهو ڌرتيءَ کان آڪاس ڏانهن اسهن ٿا، جيڪي انسان اک جي ماڻڪيءَ کان سفر شروع ڪندي مريخ ۽ مشتري جا مسافر بڻجن ٿا، جيڪي شخص پولارن ۽ پاتالن ۾ پيهي، ڪهڪشائن ۽ خلائن مان اڀرن ٿا ۽ جيڪي بندا بند ڪمرن ۾ ڪائنات جي ڳُجهه جي ڳنڍ کولين ٿا، سي حقيقت ۾ ماڻهپي جي حقيقي مقام جا حقدار آهن. نيوٽن ۽ آئن اسٽائن کان وٺي اسٽيفن هاڪنگ تائين دنيا جا غير معمولي انسان علم جي ان تارن ڀري راهه جا راهي رهيا جنهن تي هلندي هو ڌرتيءَ تي رهي اُڀ جا احوال ٻڌائيندا هيا.
    مان سمجھان ٿو ته اعلى، عمده ۽ حقيقي معنى ۾ معياري تعليم ڪنهن به ماڻهوءَ تي ٻه راز کولي ٿي. پهريون اها ماڻهوءَ کي پنهنجي حقيقت (ماڻهپي) کان آشنا ڪري ٿي ۽ ٻيو ڪائنات کي سمجھڻ ۽ ساڃاهڻ جو شعور عطا ڪري ٿي ۽ جڏهن ڪو ماڻهو اهي ٻئي ڳالهيون سمجھي وڃي ٿو ته منهنجي خيال ۾ کيس پنهنجي تخليق جو مقصد به سمجھ ۾ اچي وڃي ٿو.
    هڪڙا ماڻهو زنده رهندا آهن، ان ڪري جو هو هن دنيا ۾ پيدا ٿيا هوندا آهن پر ٻيا ماڻهو زنده رهڻ جو حق ادا ڪندا آهن. ٻين لفظن ۾ اُهي زنده رهندا آهن زنده رهڻ جو هنر سکڻ لاءِ. اهو سچ آهي ته زنده رهڻ خود هڪ وڏو فن آهي ۽ اهو فن ٽن طريقن سان سکي سگھجي ٿو. پهريون مشاهدي وسيلي، ٻيو تجربي ذريعي ۽ ٽيون مطالعي معرفت. مطالعو زندگيءَ گھارڻ جي ان فن کي سمجھڻ جو معراج آهي ۽ مطالعو تعليم کان سواءِ ممڪن ناهي، پر ڏاهن چيو آهي ته اهڙو مطالعو به ڪارگر ناهي، جيڪو زندگيءَ کي تبديل نه ڪري سگھي. علم جو اثر انسان جي ذات تي ظاهر ٿيڻ کپي ورنه ڀٽائيءَ جي هيءَ سٽ وري وري ورجائڻي پوندي ته:
    پڙهيو پيا پڙهن، ڪڙهن ڪين قلوب ۾.
    سوچجي ته دنيا تمام وڏي آهي، غور ڪجي ته بيحد ننڍي. موجوده صدي جنهن ۾ اسين ساهه کڻون ٿا تنهن کي انفارميشن ۽ ٽيڪنالاجي جي صدي ڪوٺيو وڃي ٿو. انٽرنيٽ سڄي دنيا ۾ ڄاڻ جو ڄار وڇائي ڇڏيو آهي. دنيا گلوبل وليج بڻجي پئي آهي ۽ هن ڌرتيءَ تي رهندڙ سڀ ماڻهو ان ڳوٺ جا واسي بڻجي ويا آهن. دنيا سُڪڙجي رهي آهي پر پوءِ به علم پکڙجي رهيو آهي. علم، جنهن جي ڪا حد ۽ سرحد ناهي.‘
    هونءَ ته علم ڪنهن صوفيءَ جي جُھڳيءَ ۾ به ملي سگھي ٿو ته اهو ڪنهن بَنَ ۾ ڀٽڪندڙ ڀڪشوءَ کان به حاصل ڪري سگھجي ٿو. سڌارٿ جي ’سروم دکم دکم‘ کان وٺي حضرت محمد ﷺ جي قول ’علم حاصل ڪريو محد کان لحد تائين‘ ۽ شاهه لطيف جي رامڪلي جي جوڳين جي عملي تعليم تائين علم جو ڪو سنڌو ۽ سيڙهو ئي ناهي.
    جُز وڃايو جوڳئين، ڪُل سين آهين ڪمُ
    آسڻ جن عدم، آءٌ نه جيئندي ان ري
    سچ ته صوفين جي واٽ نرالي آهي. تصوف جي دنيا ۾ هڪ پاسي ”ڄاڻين ته به نه ڄاڻ، اي در اٻوجھن جو“ (شاهه) جهڙيون سٽون ملنديون ته ٻئي پاسي ”علمون بس ڪرين او يار، اڪو الف تيري درڪار“ (بلهي شاهه) جهڙيون مصرعون. ان صورت ۾ بظاهر ڄڻ محدود علم تي اڪتفا، عجز، نياز ۽ اٻوجھائپ کي هٿي ملي ٿي، پر حقيقت ۾ اها هڪ الڳ دنيا آهي، جنهن کي دنيا جي علم سان نه پر دل جي ديد ۽ روح جي اکين سان پروڙي سگھجي ٿو.
    ان سڄي پس منظر ۾ جڏهن اسان هن ڪتاب جو مطالعو ڪريون ٿا ته اسان جي ذهن ۾ سوچ جا نوان دروازا کُلڻ لڳن ٿا. دنيا جون يونيورسٽيون جديد علم جو اهڙو آب آڇين ٿيون جنهن سان ڪيئي بنجر دليون سيراب ٿي سگھن ٿيون. دنيا جون درسگاهون الڳ الڳ شعبن ۾ علم جو اڻ ميو خزانو ارپڻ لاءِ تيار آهن ۽ وٺڻ وارا اتان پنهنجون جھوليون ڀريندا رهن ٿا. مان سمجھان ٿو ته پروفيسر مختيار سمي هي ڪتاب ”دنيا جون درسگاهون“ (جنهن جو ٻيو ڀاڱو اوهان جي هٿن ۾ آهي) لکي، نه رڳو اسان کي دنيا جي درسگاهن سان متعارف ڪرايو آهي پر هي ڪتاب ڪيترن ئي نوجوانن کي علم جي حصول واري پنڌ ۾ اڳتي ۽ گھڻو اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ هڪ اتساهه جو سبب به آهي. مختيار صاحب هن ڪتابَ جي هڪ مضمونَ ۾ ڪيڏي نه سٺي ۽ درست ڳالهه لکي آهي ته: ”سجاڳ قومون تعليمي اداران کي ان ڪري به هر ڳالهه کان وڌيڪ اهميت ۽ اوليت ڏينديون آهن ڇو ته انهن کي درسگاهن جي ڇانو ۾ امن، آزادي، خوشحالي ۽ پنهنجي نئين نسل جو روشن مستقبل ڪَرَ موڙيندي نظر ايندو آهي. باشعور معاشرن ۾ علم کي انسان جي ٽين اک سمجهيو ويندو آهي. جيڪي ماڻهو يا قومون اها ٽئين اک حاصل ڪرڻ جي فضيلت تي پهتيون آهن انهن دنيا جا ڪي ئي اهم راز ۽ رمزون، ڳُجهه ۽ اسرار پسي ورتا آهن جنهنڪري اهي گھڻين ڳالهين ۾ ٻين کان اڳتي بيٺل نظر اچن ٿيون.“
    هن ڪتاب تي ڪجھ ڳالهائڻ کان اڳ مناسب سمجھان ٿو ته پروفيسر مختيار سمي جي شخصيت ۽ علمي ادبي ڪارنامن بابت به مختصر طور اوهان سان ڪجھ ويچار ونڊيان، ڇوته هن صاحب جي شخصيت پڻ انيڪ انسانن لاءِ اتساهه جو سبب بڻي آهي. خاص طور اُهي نوجوان جن وٽانئس پڙهيو، پُرجھيو ۽ پرايو آهي، انهن لاءِ ته سندس شخصيت بَڙ جي گھاٽي وَڻَ وانگر ئي آهي، جنهن جي ڇانوَ ۾ ويهي زندگيءَ جو سُکُ ماڻي سگھجي ٿو.
    پروفيسر مختيار سمي هڪ اعلى سماج جي اڏاوت ۾ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪيو آهي. هو هڪ ئي وقت هڪ شاعر ۽ نثر نويس طور سڄي سنڌ ۾ سڃاتو وڃي ٿو. هن جي شاعريءَ جو مجموعو ”وفائون منتظر آهن“ ٻه ڏهاڪا اڳ ڇپجي چڪو آهي. هو سماجي ڀلائي وارن ڪمن ۾ به ڀرپور حصو وٺي ٿو ۽ ڪيترن ئي سماجي ڀلائي وارن ادارن سان جڙيل به آهي. چائيلڊ رائٽس ڪامٽي لاڙڪاڻي جي فائونڊر ڪواڊينيٽر، سنڌ ايگريڪلچر سوسائٽي جي سينڊيڪيٽ جي ميمبر ۽ سرڪاري ۽ غير سرڪاري سطح تي قائم ڪيترين ئي سماجي ڪاميٽين جي ميمبر ۽ سرگرم ڪارڪن طور مختيار صاحب اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. انهيءَ حوالي سان هو صوبائي ۽ ملڪي سطح تي ٿيندڙ ڪيترين ئي ڪانفرنسن ۾ شريڪ ٿيڻ کان سواءِ سريلنڪا ۾ وومين رائيٽس اسيمبلي ۽ آمريڪا ۾ سانا طرفان منعقد ڪيل سالياني ڪانفرنس ۾ پڻ شريڪ ٿي چڪو آهي. گڏ و گڏ هن عورتن جي حقن جي حوالي سان هڪ ڪتاب ”عورت ــ حق حيثيت ۽ تشدد“ پڻ ترتيب ڏنو آهي. ان کان علاوه لاڙڪاڻي جي تاريخ تي ڪم ڪندڙ لاڙڪاڻي جي اهم اداري ”لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي“ جي چيئرمين طور ذميداريون نڀائي رهيو آهي. انهن سڀني ڪمن باوجود پروفيسر مختيار جي سڃاڻپ جو حاوي حوالو هڪ تعليمدان ۽ استاد وارو ئي آهي. هن جو علم سان اڻ ميو چاهه آهي. هو 1987ع کان زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام ۾ ۽ پوءِ شهيد زي اي ڀٽو ائگريڪلچر ڪاليج ۾ هڪ محنتي استاد طور ته پڙهائيندو رهيو آهي پر 1992ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ قائم ڪيل سندس اداري ناليج سينٽر ۾ به هو ساڳي طرح علم جي ونڊ ڪندو رهي ٿو. هو هن وقت به هڪ پرائيويٽ آرگنائيزيشن ”سنڌ ايڊيوڪيشن ڊولپمينٽ سوسائٽي“ جي صدر جي حيثيت ۾ تعليم جي بهتريءَ لاءِ جاکوڙي رهيو آهي. کيس جڏهن به موقعو مليو آهي ته هن تعليم جي خدمت جي سلسلي ۾ پنهنجي حصي جو ڪم ڪيو آهي. هن هڪ ليکڪ طور به گھڻو تڻو تعليم سان جُڙيل مضمون لکيا آهن. هن جو اهڙو پهريون مضمون جيڪو منهنجي نظرن مان گذريو سو لاڙڪاڻي جي تعليمي ادارن تي لکيل هيو، جنهن بعد هن دنيا جي درسگاهن تي لکڻ شروع ڪيو.
    پروفيسر مختيار سمي جي هن ڪتاب لکڻ پويان بنيادي محرڪ آهي ’سنڌ جي نوجوانن کي اعلى تعليم لاءِ دنيا جي درسگاهن سان متعارف ڪرائي کين اتساهه ڏيڻ ته جيئن هو به انهن ادارن ۾ تعليم حاصل ڪري سگھن.‘ هن پاڻ هن ڪتاب ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته ”منهنجي هميشه اها خواهش رهي آهي ته دنيا جي اهڙن ناميارن معياري تعليمي ادارن جي ڄاڻ سنڌ جي نوجوانن تائين به پھچي ته جيئن اهي به پنھنجي ذهانت ۽ محنت وسيلي انھن ادارن ۾ پھچي اعليٰ تعليم حاصل ڪري دنيا سان ڪلھوڪلھي ۾ ملائي هلن.“ سمي صاحب جي ان ارادي ۽ نيت ۾ هڪ سوشل ريفارمر واري سوچ موجود آهي. هي ڪتاب پنهنجي موضوع جي لحاظ کان منفرد آهي ۽ ان موضوع تي هن کان اڳ سنڌي ٻوليءَ ۾ شايد ڪوئي ڪتاب نظر نه ايندو.
    پروفيسر مختيار سمي جي هن کان اڳ آيل ڪتابَ يعني هن سلسلي جي پهرين جلد ۾ هن يورپ جي 44 يونيورسٽين بابت معلومات مهيا ڪئي هئي ۽ هي ڪتاب ان سلسلي جو ٻيو جلد آهي جنهن ۾ آمريڪا، ڪئناڊا ۽ آسٽريليا جي يونيورسٽن ۽ اعليٰ تعليمي ادارن جو ذڪر موجود آهي. جن ۾ 24 آمريڪا جون يونيورسٽيون، 7 ڪئناڊا جون يونيورسٽيون، 5 آسٽريليا جون يونيورسٽيون ۽ 1 ميڪسيڪو جي يونيورسٽي شامل آهن. اهڙي طرح هن ڪتاب ۾ ڪُل 37 يونيورسٽين ۽ اعلى تعليمي ادارن جو تذڪرو شامل آهي. مختيار صاحب جي چوڻ مطابق ”هڪ اعتبارجوڳي اندازي مطابق دنيا ۾ ڪل 9-هزار يونيورسٽيون ۽ ان جي ليول جا ٻيا ادارا موجود آهن. پاڪستان ۾ يونيورسٽين جو ڪل تعداد 135 آهي، جڏهن ته آمريڪا ۾ 2680 يونيورسٽيون يا ان ليول جا ٻيا ادارا موجود آهن.“ انهن سمورن انگن اکرن کي ڏسندي اندازو ٿئي ٿو ته دنيا ۾ علم جي آبياريءَ لاءِ ڪيڏيون ڪوششون ٿي رهيون آهن. ڇو ته علم جهالت جو ٽوڙ آهي، تنهنڪري جيتريون وڌيڪ يونيورسٽيون قائم ٿينديون ماڻهو اتروئي باشعور بڻبو ۽ جيترو شعور عام ٿيندو، دنيا اوتري ترقي ڪندي. سڄي دنيا ۾ سائنس ٽيڪنالاجي ۽ ٻين شعبن ۾ ٿيندڙ سموري ترقيءَ جو مدار انهيءَ علم تي آهي. مختيار صاحب انهيءَ علم ۽ علمي ادارن جتان ذهنن ۾ شعور جي روشني پيدا ٿئي ٿي بابت هي ڪتاب لکي سچ ته هڪ ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي.
    مان منڍ ۾ اها ڳالهه چئي آيو آهيان ته هن وقت انٽرنيٽ جي سهولت سبب دنيا سُڪڙجي وئي آهي ۽ علم پکڙجي رهيو آهي، ان صورتحال ۾ دنيا جي يونيورسٽين بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ به ڪو ڏکيو مرحلو نه آهي، پر ان مان اها مراد هرگز نه وٺڻ کپي ’ته پوءِ هن ڪتاب جي ڪهڙي اهميت ٿي...!‘ منهنجي نظر ۾ هن ڪتاب جي چئن حوالن سان تمام وڏي اهيت آهي. اهي چارئي نڪتا آئون مختصر طور هيٺ پيش ڪري رهيو آهيان.
    پهريون ته هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ دنيا جي درسگاهن بابت اهڙي ڪابه معلومات نه ته ڪنهن ڪتاب ۾ ملندي ۽ نه ئي وري انٽرنيٽ تي موجود آهي. تنهنڪري هي ڪتاب خاص طور انهن پڙهندڙن لاءِ ڄاڻ جي کاڻ آهي، جيڪي انگريزي يا اهڙي ٻي ڪا ٻولي پڙهي نه ٿا سگھن جنهن ۾ اهڙي معلومات انٽرنيٽ تان يا ڪنهن ڪتاب مان حاصل ٿي سگھي.
    ٻيو هن ڪتاب ۾ جن يونيورسٽين ۽ ادارن بابت ٻڌايو ويو آهي، انهن جي سموري معلومات جو وسيلو رڳو انٽرنيٽ ناهي پر ان ۾ ليکڪ جي پنهنجي تحقيق ۽ گھڻ رخي معلومات موجود آهي، جيڪا هن ڪتابن ۽ مختلف شخصيتن کان ورتل انٽرويوز وسيلي به حاصل ڪئي آهي، يعني هي ڪتاب لکندي ليکڪ انٽرنيٽ کان سواءِ به کوڙ وسيلا ڪتب آندا آهن. اهڙي وضاحت ڪندي هُن، ڪتابَ ۾ شامل پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکيو آهي ته ”حقيقت هي آهي ته مان دنيا جي درسگاهن تي لکڻ لاءِ معلومات سهيڙڻ ۽ سنڌي نوجوانن لاءِ اعليٰ تعليم ۽ تربيت جا موقعا تلاش ڪرڻ جي سلسلي ۾ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ سنڌين سان رابطو ڪندو رهندو آهيان.“
    ٽيون هن ڪتاب ۾ رڳو درسگاهن جا انگ اکر ڏنل ناهن پر انهن ادارن مان پڙهي ويل يا اُتي پڙهائيندڙ پروفيسرن توڙي دنيا جي اهم سياسي، سماجي، علمي، ادبي شخصيتن ۽ سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ طبَ وارن شعبن ۾ نمايان مقام ماڻيندڙ ماڻهن بابت به اهم معلومات موجود آهي.
    چوٿون اهو ته هي ڪتاب لکندي محترم مختيار سمي ڪوشش ڪري هر يونيورسٽي ۽ اداري مان پڙهي ويل يا انهن ملڪن ۾ مستقل طور رهندڙ ڪيترين ئي اهم سنڌي يا پاڪستاني شخصيتن بابت به ڄاڻ ڏني آهي. جن ۾ بينظير ڀٽو، پرويز مشرف، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ايم ايڇ پنهور، ڊاڪٽر پرويز هود ڀائي وغيره شامل آهن. اهڙي طرح هن الڳ الڳ مضمونن ۾ سنڌ جي ٻين اهم پروفيشنل شخصيتن جهڙوڪه ڊاڪٽر رجب علي ميمڻ، ڊاڪٽر بشير احمد شيخ، ڊاڪٽر عبدالقادر مغل، ڊاڪٽر محمد صفر ميرجت، ڊاڪٽر عمر ملاح، پروفيسر ڊاڪٽر صابن شاهه، ڊاڪٽر فتح محمد سومرو، ڊاڪٽر ڀيرُو لال، ڊاڪٽر محمد يامين ميمڻ، امداد علي رضا سيهڙ، انجنيئر علي حسن ڀٽو، ڊاڪٽر محمد اقبال، نورالنسا گهانگهرو، معشوق ملاح، منصور سمون، ستار مڱڻهار، عزيز سومرو، فواد منگي، ڊاڪٽر امير علي ميمڻ، ڊاڪٽر خليل ميمڻ، مقصود احمد (مئڪس ميمڻ)، ڊاڪٽر الطاف سيال، محمد نواز پنهور، صبغت الله ڦلپوٽو، عبدالصمد، آصف پنهور، عمران شيخ، محمد اڪرم نظاماڻي، جميل احمد ڪولاچي، ذوالفقار شيخ، اسحاق تنيو، جيڪمار، ڊاڪٽر راشد پيرزادو، فياض سومرو، ڊاڪٽر زبير واحد بلوچ، درشن لال، مقصود ميمڻ، ذوالفقار خواجه، آصف علي پنهور، حميره چانڊيو، ڊاڪٽر عبدالروف سومرو وغيره جو به ذڪر ڪيو آهي، جن مان ڪي آمريڪا، ڪئناڊا، آسٽريليا ۽ مئڪسيڪو جي مختلف شهرن ۾ رهائش پذير آهن ته ڪي وري هن ڪتاب ۾ ذڪر هيٺ آيل مختلف يونيورسٽن مان اعلى ڊگريون حاصل ڪري پنهنجي ملڪ واپس اچي پنهنجي قوم جي خدمت ڪري رهيا آهن. انهن مان ڪيترين ئي شخصيتن سان مختيار صاحب جي ذاتي ڄاڻ سڃاڻ به آهي ۽ هن انهن شخصيتن سان پنهنجي تعلق کي به مضمونن ۾ ظاهر ڪيو آهي.
    اهي چارئي ڳالهيون هن ڪتاب کي منفرد ۽ اهميت وارو بڻائين ٿيون. هن ڪتاب جي ٻولي صاف سٿري ۽ هر ماڻهوءَ کي سمجھ ۾ اچڻ واري آهي. هن ۾ ادبي ٻوليءَ واري چاشني ڪونهي، جنهن جي هي مضمونَ لکڻ لاءِ ضرورت به ناهي. هونءَ به هي ادب لطيف جو ڪو ڪتاب ناهي پر هڪ اهم معلوماتي دستاويز آهي ۽ اها معلومات شاگردن کان وٺي هر عام ماڻهو حاصل ڪري سگھي ٿو، ان ڪري اها سهنجي ٻولي هن ڪتاب جي هڪ اضافي خوبي آهي.
    سجاڳ قومن وٽ تعليم جي تمام گهڻي اهميت آهي. هن ڪتاب ۾ الڳ الڳ يونيورسٽين تي لکندي مختيار سمي انهن يونيورسٽين جي قيام جو جيڪو پس منظر ٻڌايو آهي، ان ۾ کوڙ اهڙن شخصن جو ذڪر اچي ٿو جن پنهنجي سڄي حياتي ان هڪ اداري يا يونيورسٽي جي نذر ڪري ڇڏي يا پنهنجي سموري دولت ان تعليم اداري تي خرچ ڪري ڇڏي. مثال طور هاپڪنس يونيورسٽي جي قيام جي سلسلي ۾ جانس هاپڪنس جي خدمتن جو ذڪر ڪندي سمون صاحب لکي ٿو ”جانس هاپڪنس پنهنجي جان ۽ مال کي انسانذات جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هيو. هن جو نظريو اهو هيو ته انساني ڀلائي لاءِ خرچ ٿيندڙ رقم ئي ڪارج ڀري هجي ٿي...... جانس هاپڪنس پنهنجي باقي زندگي ۽ وٽس موجود اڻمئي ناڻي کي انساني ڀلائي لاءِ وقف ڪري جيئڻ جو پهه ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ ان جي نتيجي ۾ اهو ٿيو جو سندس شهر بالٽيمور ۾ جانس هاپڪنس جي دولت مان عام ڀلائي جا ادارا جهڙوڪ جانس هاپڪنس هاسپيٽل، جانس هاپڪنس نرسنگ اسڪول، جانس هاپڪنس اسڪول آف ميڊسن، جانس هاپڪنس بلومبرگ اسڪول آف پبلڪ هيلٿ ۽ جانس هاپڪنس يونيورسٽي جنم وٺي منظر عام تي اچي ويا.“ اهڙي ريت ڪئليفورنيا انسٽيٽوٽ آف ٽيڪنالاجي جو پس منظر بيان ڪندي ان اداري جو بڻ بڻياد وجهندڙ ماڻهو ائموس ٿروپ جو ذڪر هن طرح ڪيو آهي: ”ڪيئليفورنيا رياست جي هڪ ننڍڙي شهر پئسڊينا جي هڪ تعليم دوست مخير شخص ”ائموس ٿروپ“ جي ذهن ۾ هڪ خيال جنم ورتو ته ڇونه پنهنجي حياتيءَ جي باقي بچيل وقت کي وڌيڪ ڪارج ڀريو بڻائڻ لاءِ پنهنجي هن شهر ۾ اعليٰ تعليم جو ڪو درسگاهه جوڙجي. 1891ع ۾ هن پنهنجي انهيءَ خواهش کي عملي جامو پارائڻ لاءِ اڳتي وڌي وڃي شهر جي هڪ مناسب علائقي ۾ هڪ عمارت مسواڙ تي حاصل ڪري ورتي ۽ اتي هڪ يونيورسٽي قائم ڪري ڇڏي. هن ان يونيورسٽي جو نالو پنهنجي نالي پٺيان ”ٿروپ يونيورسٽي“ رکيو..... ٿروپ يونيورسٽي 1920ع ۾ ڪئليفورنيا انسٽيٽوٽ آف ٽيڪنالاجي جو روپ ڌاري دنيا جي ٽاپ معياري درسگاهن ۾ داخل ٿي وئي.“
    ماضيءَ ۾ سنڌ ۾ به اهڙا مخير ماڻهو موجود هيا جن انيڪ فلاحي ڪم ڪيا، خاص طور تعليمي ادارن جي قيام ۾ سندن اهم ڪردار رهيو. ڪراچي، حيدرآباد، شڪارپور، لاڙڪاڻي، نوابشاهه، نوشهروفيروز ۽ سنڌ جي اهڙن ٻين شهرن ۾ اڄ به اهڙا ادارا قائم ٿيل آهن، پر افسوس جو اڄ جي دور ۾ تعليم جي بهتريءَ لاءِ درد رکندڙ انسان اَٽي ۾ لوڻ برابر آهن.
    هن ڪتاب ۾ اوهان کي ذڪر هيٺ آيل يونيورسٽين ۽ الڳ الڳ درسگاهن جي اهم ڪارڪردگي مثلاً سائنس، ٽيڪنالاجي، معاشيات، ڪيميا، فلاسافي ۽ اهڙن ٻين شعبن ۾ نمايان ڪارنامن جو ذڪر پڻ ملندو. گڏوگڏ انهن يونيورسٽين مان جن شخصيتن کي نوبل انعام يا اهڙا ٻيا وڏا اعزاز مليل آهن تن جو به مختيار صاحب پنهنجن مضمونن ۾ خصوصي طور ذڪر آندو آهي. جنهن سان پڙهندڙ جي معلومات ۾ تمام گھڻو اضافو ٿئي ٿو. مثلاً: هارورڊ يونيورسٽيءَ جا 44 اڳوڻا ۽ موجوده استاد نوبل انعام يافته آهن...... ڪئيلفورنيا انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جي استادن، سائنسدانن ۽ پراڻن شاگردن پنهنجي معياري تحقيقن، دريافتن ۽ ايجادن جي نتيجي ۾ 32 نوبيل انعام ۽ 57 بهترين ڪارڪردگيءَ جا ”يونائيٽيڊ اسٽيٽس نيشنل ميڊلس“ ۽ ڪي ئي ٻيا قومي ۽ بين الاقوامي اعزاز حاصل ڪيا آهن. اڄڪلهه پڻ پنج نوبيل انعام يافته استاد انسٽيٽيوٽ جي ٽيچنگ فئڪلٽي ۾ شامل آهن... اسٽئنفورڊ يونيورسٽيءَ جي 25 استادن پنهنجي نمايان تدريسي ۽ تحقيقي ڪارڪردگيءَ جي عيوض نوبل انعام حاصل ڪيا آهن جن مان پندرنهن نوبل انعام يافته استاد اڄ به هن يونيورسٽيءَ ۾ موجود آهن... شڪاگو يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل 78 اسڪالرن، سائنسدانن، عالمن ۽ استادن کي پنهنجن پنهنجن شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي عيوض نوبل انعام ملي چڪا آهن. انهن مان اٺ نوبل انعام يافته اسڪالر اڄ به هن يونيورسٽيءَ ۾ استاد ۽ محقق جي حيثيت سان خدمتون سر انجام ڏئي رهيا آهن... هاپڪنس يونيورسٽي سان سلهاڙيل شاگردن، استادن ۽ محققن پنهنجي ڪارڪردگيءَ ۽ تحقيقن جي عيوض هن وقت تائين 37 نوبيل انعام حاصل ڪيا آهن جن مان 23 نوبيل انعام يافته هن يونيورسٽيءَ جي مختلف فئڪلٽين جا استاد هيا... وسڪانسن يونيورسٽي سان لاڳاپيل استادن، سائنسدانن ۽ اڳوڻن شاگردن پنهنجي نمايان تحقيقن، دريافتن ۽ ڪارڪردگي جي عيوض 19 نوبيل انعام حاصل ڪيا... برٽش ڪولمبيا يونيورسٽي سان وابسطه استادن ۽ شاگردن پنهنجي بهترين تحقيقي ڪم ۽ ڪارڪردگي جي عيوض 7 نوبيل پرائيز، 65 اولمپيڪ ميڊلس ۽ رائيل سوسائٽي آف ڪئناڊا جون 195 فيلوشپس ماڻيون... ڪئناڊا جي مڪگل يونيورسٽي جي اهميت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته هن يونيورسٽي سان لاڳاپيل استادن، ريسرچرس ۽ اڳوڻن شاگردن پنهنجي نمايان تحقيق، دريافتن ۽ ايجادن جي عيوض 12 نوبيل پرائيز، 150 روڊيس اسڪالرشپس، ۽ اهڙا ڪي ئي ٻيا اعزاز ماڻيا آهن... ميلبورن يونيورسٽي جي ستن اڳوڻن شاگردن ۽ استادن پنهنجي ڪارڪردگي جي عيوض نوبيل انعام حاصل ڪيا آهن... نيشنل آٽونامس يونيورسٽي کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته هن جا ٽي اڳوڻا شاگرد مختلف شعبن ۾ سٺي ڪارڪردگي جي ڪري نوبيل انعام حاصل ڪري چڪا آهن، اهي اڳوڻا لائق شاگرد جيڪي هاڻي نه رڳو ميڪسيڪو پر دنيا جا ناميارا سائنسدان ۽ سماج سڌارڪ آهن انهن ۾ الفانسو گاريشيا روبلس (امن جو نوبيل انعام يافته)، آڪٽيويوپاز (ادب جو نوبيل انعام يافته) ۽ ماريو مولينا (ڪيمسٽري جو نوبيل انعام يافته) شامل آهن.
    هن وقت سڄي دنيا ڄاڻ ۽ معلومات حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ آهي. معلومات حاصل ڪرڻ جو پهريون ڏاڪو تعليم آهي، بنيادي تعليم جنهن ۾ لکڻ پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ جو مڪمل هنر شامل آهي، کان پوءِ الڳ الڳ شعبن ۽ موضوعن تي معلومات حاصل ڪرڻ واري ڊوڙ شروع ٿي وڃي ٿي. اسان وٽ اهڙي ڊوڙ مقابلي وارن امتحانن جي شڪل ۾ نظر ايندي آهي، پر ان کان علاوه به ماڻهو سڄي زندگي جيتري معلومات ۽ ڄاڻ حاصل ڪندو رهي اوتري ٿوري آهي، ڇوته ماڻهو جيئن جيئن ڄاڻيندو ويندو آهي، تيئن تيئن کيس پنهنجي اڻڄاڻائي جو احساس وڌندو ويندو آهي. سقراط جو اهو جملو به انهيءَ ڪري ورجايو ويندو آهي ته ”مان ڄاڻان ٿو ته مان ڪجھ به نه ٿو ڄاڻان.“ ان سڄي صورتحال ۾ ڏسجي ته هن وقت انٽرنيٽ وسيلي ڄاڻ جا ذريعا وڌي چُڪا آهن. اتان يقيناً گھڻ رخي ۽ گھڻ موضوعي معلومات حاصل ٿئي ٿي، پر اڄ جي هن جديد دور ۾ به اسان مان کوڙ ماڻهو ان معلومات جي خزاني مان ڪجھ حاصل ڪرڻ جي قابل نه آهن، تنهنڪري اڄ به معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ انيڪ ماڻهن کي ڪتابن تي ئي انحصار ڪرڻو پوي ٿو. ان سڄي صورتحال ۾ مختيار سمي جي هن ڪتاب جي اهميت هيڪاندي وڌي وڃي ٿي. مختيار صاحب هن ڪتاب ۾ مختلف يونيورسٽين ۽ درسگاهن بابت گھڻ رخي معلومات ڏني آهي. مثلاً: شڪاگو يونيورسٽي جي لئبريرين ۾ 85 لک ڪتاب ۽ تحقيقي جنرل موجود آهن... آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌين جي سماجي تنظيم ”سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا“ (سانا) جو بنياد 1989ع ۾ ڪيس ويسٽرن يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ سنڌي شاگردن جي ڪوششن سان پيو هو... ڪولمبيا يونيورسٽي جي لئبريري سسٽم ۾ اٽڪل هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ڪتاب ۽ جرنل شاگردن ۽ محققن جي علمي اڃ اجهائن ٿا... اسان جي ملڪ وانگر اسڪول معني صرف پنجين پرائمري يا سيڪنڊري ڪلاسن وارو ادارو نه آهي پر دنيا ۾ انهيءَ کان مٿي يونيورسٽيءَ جي ليول واري تعليم لاءِ پڻ اسڪول هوندا آهن... يئل يونيورسٽي جي اڳوڻن شاگردن ۾ آمريڪا جا پنج صدر جهڙوڪ جارج ايڇ ڊبليو بش، بل ڪلنٽن، جارج ڊبليو بش، جيرالڊ فورڊ ۽ وليم هائورڊ، آمريڪا جا اڳوڻا گھرو وزير يا سيڪريٽري آف اسٽيٽ هليري ڪلنٽن ۽ جان ڪيري، ميڪسيڪو جو اڳوڻو صدر ارنيسٽو زيڊلو، اٽليءَ جو اڳوڻو وزير اعظم ماريو مونٽي، فلپائين جو اڳوڻو صدر جوسي پاسيانو لائورل، فيڊرل ريپبلڪ آف جرمني جو اڳوڻو صدر ڪارل ڪارسٽينس، ترڪي جو اڳوڻو وزير اعظم تانسو سلر، آمريڪي سپريم ڪورٽ جا اڳوڻا سترنهن چيف جسٽس، دنيا جا ڪي ئي ناميارا سائنسدان، سياستدان، تعليمدان، اديب، فنڪار ۽ ٻين مختلف شعبن جون ڪيتريون ئي نامياريون شخصيتون شامل آهن... يئل يونيورسٽي جي لائبريري سسٽم ۾ اٽڪل سوا ڪروڙ جي لڳ ڀڳ ڪتاب، ناياب نسخا ۽ ڊجيٽل انفرميشن سسٽم موجود آهي... ڪئليفورنيا انسٽيٽوٽ آف ٽيڪنالاجي ۾ ٽن شاگردن تي هڪ استاد وارو تناسب رکيو وڃي ٿو... آئوا اسٽيٽ يونيورسٽي جي خاص ايجاد ۾ پهريون اليڪٽرانڪ ڊجيٽل ڪمپيوٽر پڻ شامل آهي، جيڪو اينٽاسوف بيري ڪمپيوٽر (Atanasoff-Berry Computer) يا سندن نالي جي پهرين اکرن يعني ABC جي نالي سان مشهور ٿيو... ڪئناڊا وارا سنڌي، رائرسن يونيورسٽي کي ڪئناڊا جي ”سنڌ يونيورسٽي“ سڏيندا آهن ڇو ته هتان کوڙ سارا سنڌي تعليم حاصل ڪري چڪا آهن، ۽ بيهڪ جي حوالي سان به رائرسن يونيورسٽي سنڌ يونيورسٽي جيان ئي آهي جيڪا هڪ عمارت ۾ نه بلڪه ڊنڊاس اسڪوائر ۽ ٽورانٽو جي مشهور شاپنگ مال ئيٽن سينٽر جي آس پاس وارين ڪيترين ئي عمارتن تي ٻڌل آهي... ويسٽرن يونيورسٽي آف اونٽاريو لنڊن جي نامياري سائنسدان ”آئوِن سمٿ“ جي نگراني هيٺ 1951 ۾ دنيا ۾ پهريون ڀيرو ”ڪوبالٽ بم“ (Cobalt Bomb) تيار ڪيو جيڪو ڪينسر جي بيماري واري علاج ۾ وڏو ڪارگر ثابت ٿيو... آسٽريليا جي يونيورسٽي آف سڊني ۾ ساڍا ٽي هزار ماڻهن تي مشتمل تدريسي عملو آهي. هن يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل پنجن ڄڻن کي مختلف شعبن ۾ ريسرچ ۽ نين دريافتن تي نوبل انعام ملي چڪا آهن. آسٽريليا جا اڳوڻا پنج وزير اعظم ۽ ٻه گورنر جنرل هن يونيورسٽيءَ ۾ شاگرد ٿي رهيا آهن...
    هن ڪتابَ ۾ يونيورسٽين تي لکندي لکندي مختيار سَمي انهن يونيورسٽين وارن شهرن ۾ موجود سنڌين بابت به چڱي خاصي معلومات فراهم ڪري وڃي ٿو ۽ گڏوگڏ سندن سماجي ڪمن جو به ذڪر ڪري ٿو. هڪ مضمون ۾ لکي ٿو ته ”هيوسٽن ۾ رهندڙ سنڌين جي سماجي ڀلائي واري تنظيم سنڌي ڪميونٽي آف گريٽ هيوسٽن متحرڪ طرح ڪم ڪندي رهي ٿي.“ اهڙي طرح هڪ ٻئي هنڌ لکي ٿو ”آمريڪا ۾ سنڌين جي عام ڀلائي واري تنظيم سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا ”سانا“ پاران هڪ پروگرام شروع ڪيو ويو آهي جنهن جو نالو آهي ”سنڌ اِسڪل ائنڊ ڪيريئر ڊيولپمنٽ پروگرام“ (Sindh Skill and Career Development Program). هن پروگرام تحت ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن ۾ گريجوئيشن ڪندڙ نوجوانن کي ملڪ جي سٺن ادارن توڙي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ روزگار سان لڳائڻ لاءِ نيٽ ورڪنگ، وڊيو ڪانفرنس، معلوماتي ۽ تربيتي سيمينارن ذريعي سندن ڪيريئر ڪائونسلنگ جو بندوبست ڪيو ويو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ ڏيهي ۽ پرڏيهي ٽيڪنيڪل شعبن جي ماهرن جي مدد سان سنڌ جي مختلف ٽيڪنيڪل ۽ انجنئيرنگ وارن تعليمي ادارن ۾ تربيتي ڪلاس ۽ وڊيو ليڪچر ڪرايا وڃن ٿا ته جيئن سنڌي نوجوانن ۾ ٽيڪنيڪل ۽ پروفيشنل مهارتن جو اضافو ٿئي. انهيءَ سان گڏ اها به ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ته دنيا جي مختلف ملڪن ۾ مستقل طور رهندڙ سنڌي ماڻهن کي به ان ڳالهه تي آمده ڪيو وڃي ته اهي به ٽيڪنيڪل ۽ پروفيشنل تعليم ۾ تازو گريجوئيشن ڪندڙ سنڌ جي نوجوانن کي ٻاهرين ملڪن ۾ نوڪري تلاش ڪرڻ ۾ مدد ڪن. انهيءَ حوالي سان انٽرنيٽ تي ڏنل معلومات موجب هن وقت تائين ٽيڪنيڪل تعليم ۾ ڊگري ۽ سٺي ڄاڻ ۽ مهارت رکندڙ اٽڪل پنج سئو سنڌي نوجوانن کي آمريڪا، آسٽريليا، برطانيا، وچ اوڀر وارن ۽ ٻين ملڪن ۾ نوڪرين سان لڳرايو ويو آهي. سانا جو اهو پروگرام انجنئير علي حسن ڀٽو جي نگراني ۾ هلي رهيو آهي.“
    هي ڪتاب گھڻن حوالن سان شاگردن لاءِ رهنمائي فراهم ڪري ٿو مثلاً مختيار سمون هنن يونيورسٽين تي لکندي شاگردن کي انهن يونيورسٽين ۾ داخلا جو طريقيڪار به ٻڌائي ٿو ته اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ جو ڏس به ڏئي ٿو. هارورڊ يونيورسٽي واري مضمون ۾ هن لکيو آهي ته ”ڪهڙي به ملڪي توڙي غير ملڪي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺڻ لاءِ ان يونيورسٽيءَ جا ڪجھ شرط ۽ فارملٽيز پوري ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي. مثال طور پنهنجي ملڪ ۾ داخلا لاءِ صرف بنيادي تعليمي سرٽيفڪيٽ ڏجن ٿا پر يورپ، آسٽريليا ۽ آمريڪا جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ بنيادي تعليمي سرٽيفڪيٽن سان گڏوگڏ انگريزي ٻوليءَ جي مهارت جو سرٽيفڪيٽ ڏيڻ پڻ ضروري هوندو آهي. انگريزي ٻولي جي مهارت جاچڻ لاءِ ”ٽوفل“ جو مخصوص اسڪور گھربل هوندو آهي. ”ٽوفـل“ جو مقصد آهي ٽيسٽ آف انگلش ائز فارين لئنگوج. آمريڪا جي تعليمي ادارن ۾ داخلا وٺڻ جا اهڙا خواهشمند اميدوار جن جي مادري ٻولي انگريزي نه آهي پاڪستان ۾ ئي ٽوفل جي ٽيسٽ ڏئي داخلا لاءِ گھربل اسڪور جو سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري درخواست ٻين تعليمي سندن سان گڏ هارورڊ يونيورسٽي اماڻي داخلا حاصل ڪري سگھن ٿا.“ هڪ ٻئي مضمون ۾ لکي ٿو ته ”پاڪستان جي ٻين نوجوانن سميت سنڌي نوجوانن لاءِ پڻ آمريڪي تعليمي ادارن ۾ اعليٰ تعليم لاءِ کوڙ موقعا موجود آهن. انهن موقعن ۾ فل برائيٽ اسڪالرشپ، ڪميونٽي ڪاليج پروگرام، گلوبل انڊر گريجوئيٽ پروگرام، ڪينيڊي لوگر يوٿ ايڪسچينج پروگرام وغيره شامل آهن. آمريڪا جي مختلف يونيورسٽين مان ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي جي ڊگري پروگرامن لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ خاص طور تي فل برائيٽ اسڪالرشپ جو موقعو موجود آهي.“
    اهڙيءَ طرح مختيار سمي ڪوشش ڪئي آهي ته هر يونيورسٽيءَ تي لکندي سنڌ جي نوجوانن کي انهن يونيورسٽين تائين رسائيءَ جي طريقيڪار کان به آگاهه ڪري. ان حوالي سان هن ڪجھ مضمونن ۾ ته يونيورسٽين جي ويب سائيٽن جون خاص خاص لنڪون به ڏنيون آهن، جن تي وڌيڪ معلومات ملي سگھي ٿي. تنهنڪري مان سمجھان ٿو ته مختيار صاحب جو هي پورهيو، رڳو هڪ ڪتاب ناهي پر سنڌي نوجوانن کي دنيا جي يونيورسٽين جي آگاهي ڏيڻ سان گڏ کين انهن يونيورسٽين تائين رسائڻ جي سلسلي ۾ هڪ مشن به آهي. ان ڪري مان ذاتي طور هن ڪتابَ کي وڏي قدر جي نگاهه سان ڏسان ٿو.
    مختصر طور اهو چوندم ته هي ڪتاب انوکي معلومات جو خزانو آهي. اها معلومات رڳو يونيورسٽين ۽ مختلف درسگاهن تائين محدود ناهي پر هِنَ ۾ انهن سان لاڳاپيل گھڻ رخي معلومات آهي، جنهن سان اسان جي علم ۾ اضافو ٿئي ٿو. علم ۾ اضافو يعني روشنيءَ ۾ واڌارو... روشني اک ۾ هجي ته زندگي پُر نور ۽ ذهنن ۾ هجي ته علم ۽ شعور جي ميدان ۾ ترقي جي اکٽ راهن جو سفر شروع ٿي وڃي.... ”ننڍي لاءِ استادن کان انيڪ ڀيرا ٻڌو ته علم روشني آهي...“ مان مختيار سمي جي هن ڪتاب کي سنڌي ماڻهن لاءِ روشنيءَ جو آبشار سمجھان ٿو، جنهن مان شعور جون لاٽون ڦٽن ٿيون. هي ڪتاب هر ان ماڻهو کي پڙهڻ گھرجي جنهن جي من ۾ علم جي اُڃ موجود آهي.


    ڊاڪٽر احسان دانش
    28 مارچ 2019ع، لاڙڪاڻو


    اعليٰ تعليم لاءِ بهترين رهنمائي

    پروفيسر مختيار سمون صاحب سان منهنجي ڄاڻ سڃاڻ ان وقت ٿي جڏهن آءٌ1988-89 ع ۾ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ وٽرنري شعبي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ داخلا ورتي. سَمي صاحب اسان کي پهرئين سيمسٽر ۾ پاڪستان اسٽدي جو سبجيڪٽ پڙهايو ۽ ان وقت ئي احساس ٿيو ته هو گهڻن استادن کان مختلف شخصيت جو مالڪ، شاگردن سان دوستي وارو رشتو رکندڙ، وسيع دل دماغ ۽ علم ادب سان انتها درجي جو چاهه رکندڙ انسان آهي. ان وقت به هو سنڌي ادبي سنگت ٽنڊوڄام جو سرگرم ميمبر هو ۽ ان وقت کان علم ادب جي دنيا ۾ پنهنجين لکڻين ۽ شاعري ذريعي معاشري جي بهتري لاءِ پنهنجو ڪردار ڀرپور نموني ادا ڪندو پيو اچي.
    دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ هاءِ اسڪول کان يونيورسٽي سطح تائين ڪيريئر ڪائونسلنگ جو باقاعده هڪ ڊپارٽمنٽ موجود هوندو آهي جتي شاگردن کي اعليٰ تعليم لاٰءِ ڪاليج يا يونيورسٽي جي سليڪشن ۾ مدد يا رهنمائي ڪئي ويندي آهي. پاڪستان ۾ اي ۽ او ليول جي اسڪولن ۾ ان سلسلي ۾ ڪا نالي ماتر ٿوري گهڻي ڄاڻ ملي ٿي باقي سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن يا اسان جي يونيورسٽين جتي سنڌ جو عام شاگرد پڙهي ٿو اتي ان قسم جي ڪا به ڳالهه نه آهي. آءٌ پاڻ به اهڙي صورتحال مان گذري چڪو آهيان .جڏهن 1997ع ۾ اءٌ برطانيا ۾ پي ايڇ ڊي جي تعليم لاءِ داخلا جي ڪوشش ڪري رهيو هيس، ان وقت ڪنهن به قسم جي ڪا رهنمائي نه هئي ته يورپ يا ٻين ترقي يافته ملڪن جو ڪهڙيون سٺيون يونيورسٽيون آهن يا ڪهڙي سبجيڪٽ لاءِ ڪهڙي يونيورسٽي بهتر رهندي ۽ اتي داخلا جو طريقيڪار ڇا آهي. انهيءَ سلسلي ۾ انتهائي مشڪل صورتحال مان گذرڻو پيو. ان وقت انٽرنيٽ به ايتري عام نه هئي، پر خوشقسمتيءَ سان ان وقت پروفيسر عبدالله آريجو ۽ منهنجا ڪجهه ٻيا يونيورسٽي جا ٽيچر يونيورسٽي آف نارٿ ويلز بينگر ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهيا هئا ۽ عبدالله آريجو صاحب جي مهرباني جنهن منهنجي داخلا ڪرائڻ ۾ مدد ڪئي ۽ مون اتان 2001ع ۾ پي ايڇ ڊي جي تعليم مڪمل ڪئي. پر اڄ سنڌ جو نوجوان خوشنصيب آهن ۽ جيڪڏهن اهي اعليٰ تعليم يورپ ، آمريڪا، ڪئناڊا يا آسٽريليا جي يونيورسٽين مان حاصل ڪرڻ جا خواهشمند آهن ته انهن لاءِ پروفيسر مختيار سمون نه صرف ڪاوش اخبار ۾ هفتيوار الڳ الڳ يونيورسٽين تي لکي معلومات فراهم ڪئي پر ان سڄي معلومات کي ڪتابن جي شڪل ڏئي هڪ هنڌ محفوظ به ڪيو. سمي صاحب جو پهريون ڪتاب ”دنيا جون درسگاهون“ (ڀاڱو پهريون) يورپ جون يونيورسٽين بابت آهي جيڪو 2017ع ۾ ڇپيو. ان سلسلي جو هي ٻيو ڀاڱو ”آمريڪا، ڪئناڊا ۽ آسٽريليا جا اعليٰ تعليمي ادارا “ هن وقت اسان جي هٿن ۾ آهي.
    پروفيسر سمي صاحب جنهن ڪمال ۽ جهڙي طرح يونيورسٽين جي هسٽري، جيوگرافيڪل لوڪيشن، ان شهر ۽ يونيورسٽي جو ماحول، اتان جي رهڻي ڪهڻي، پڙهڻ کان علاوه ٻيون سرگرميون ۽ منظر بيان ڪيو آهي ته ان کي پڙهڻ سان ائين محسوس پيو ٿئي ته ڄڻ ماڻهو پاڻ اتي موجود هجي. ان کان علاوه هر يونيورسٽي جي داخلا پاليسي، اسڪالرشپ، ڊپارٽمنٽس ۽ سبجيڪٽس، لوڪل ۽ انٽرنيشنل شاگردن جو تعداد، سائنس ۽ آرٽس جي ريسرچ جا ادارا ۽ سينٽر، ليبارٽريز جو تعداد، يونيورسٽي جي ملڪي ۽ عالمي رينڪنگ وغيره بابت معلومات تفصيلي ۽ جامع انداز ۾ پيش ڪئي آهي. اها ئي معلومات هڪ سٺي يونيورسٽي جي سليڪشن لاءِ ضروري هوندي آهي. اڄ جو نوجوان خوشنصيب آهي ڇو ته هاڻي انهن کي انٽرنيٽ يا هِتان هُتان وقت ضايع ڪرڻ کان بغير اهڙن ملڪن جي بهترين يونيوسٽين جي گهربل سڀ معلومات هڪ هنڌ ئي هڪ ڪتاب جي شڪل ۾ ميسر آهي. پروفيسر سمون جس لهڻي جنهن اڻٿڪ محنت ۽ ريسرچ ڪري دنيا جي بهترين تعليمي ادارن جي ايڏي معلومات اسان کي هڪ ڪتاب جي شڪل ۾ فراهم ڪئي آهي.
    ٻلهڙيجي کان پوءِ ٽورنٽو کي آءٌ پنهنجو ٻيو گهر سمجهندو آهيان جتي مون زندگي جا ڏهه ٻارنهن سال گذاريا، منهنجا ٻار به اتي پيدا ٿيا. يونيورسٽي آف ٽورنٽو جنهن کي يو آف ٽي به سڏيو ويندو آهي جيڪا ٽورنٽو جي وچ شهر ۾ موجود آهي ان تي جڏهن آءٌ سمون صاحب جي ڪتاب ۾ پڙهي رهيو هيس ته نه صرف يونيورسٽي پر سمون صاحب جڏهن ان جي تاريخ بيان ڪري ٿو ته ان ۾ پوري ڪئناڊا جي هسٽري سمايل آهي ۽ ايترن سالن ۾ ٽورنٽو ۾ رهڻ جي باوجو مون کي ڪا خبر نه هئي. جنهن طرح سمون صاحب ان يونيورسٽي تي لکيو آهي ته ائين محسوس ٿي رهيو هو ته ڄڻ ڪو هڪ خوبصورت ناول پڙهيو پيو وڃي ۽ دل چوي پئي جلدي جلدي ۾ سڄو ڪتاب پڙهي پورو ڪجي.
    منهنجي نطر ۾ مختيار سمون صاحب جا ٻئي ڪتاب يعني ” دنيا جون درسگاهون“ ڀاڱو پهريون ۽ ڀاڱو ٻيو سنڌ جي هر هاءِ اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيز جي هر فيڪلٽي، لئبريري ۽ سنڌ جي هر لئبريري ۾ هجڻ کپي ته سنڌ جا نوجوان جيڪي دنيا جي بهترين ادارن مان اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي خواهش رکن ٿا انهن کي سموري معلومات هنن ٻن ڪتابن جي صورت ۾ ميسر هجي ۽ پروفيسر سمون صاحب جو، سنڌ جي نوجوانن کي اعليٰ تعليم جي حاصلات ۾ ڪيل رات ڏينهن جو هي پورهيو لاڀائتو ٿئي. آءٌ ذاتي طور تي سمجهان ٿو ته پروفيسر سمون صاحب جو سنڌ جي نوجوانن مٿان هي هڪ اهڙو احسان آهي جنهن جي جيتري به تعريف ڪجي اها گهٽ آهي ۽ اهو احسان شايد ڪير به لاهي نه سگهندو.


    ڊاڪٽر راشد پيرزادو


    آمريڪا جون يونيورسٽيون

    هارورڊ يونيورسٽي

    Harvard University

    هارورڊ يونيورسٽي

    جتي ڪيترا ئي استاد نوبيل انعام يافته آهن

    هڪ اعتبارجوڳي اندازي مطابق دنيا ۾ اٽڪل نو هزار يونيورسٽيون ۽ ان جي ليول جا ٻيا تعليمي ادارا موجود آهن. پاڪستان ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران تسليم شده يونيورسٽين جو ڪل تعداد 188 آهي، جڏهن ته آمريڪا ۾ 2680 يونيورسٽيون يا ان ليول جا ٻيا ادارا موجود آهن. ڪجھ ادارن جو نالو سندن بھترين ڪارڪردگي جي ڪري دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ گونجندو رهي ٿو. اهڙن ناميارن تعليمي ادارن ۾ هارورڊ يونيورسٽي پڻ سڀني کان اڳڀري آهي. تعليمي ميدان ۾ سروي ڪندڙ هڪ اداري ٽائيمس هائير ايجوڪيشن جي 2011ع واري رپورٽ موجب هارورڊ يونيورسٽي معيار جي لحاظ کان دنيا ۾ پھرئين نمبر تي آهي. جڏهن ته دنيا جي هڪ سئو اعليٰ معيار وارين يونيورسٽين ۾ آمريڪا جون ٻيون 42 يونيورسٽيون به شامل آهن.
    پاڪستان جي اڳوڻي وزير اعظم محترمه بينظير ڀٽو، سندس ڀاءُ مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ ڀيڻ صنم ڀٽو، آمريڪا جي صدر باراڪ اوبامه، سميت آمريڪا جا ٻيا اڳوڻا ست صدر جان ايف ڪينڊي، جارج بش وغيره، اقوام متحده جو سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون، انٽرنيٽ سوشل ميڊيا ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪندڙ فيسبوڪ جو باني مارڪ زڪر برگ، آغا خاني ڪميونٽي جو پيشوا آغا خان چوٿون، دنيا جا جڳ مشهور اديب ۽ شاعر آر ڊبليو ايمرسن، ٽي ايس ايليٽ سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا حڪمران، سياستدان، اديب، تاجر ۽ ٻين شعبن سان واڳيل دنيا جون ڪيتريون ئي مشهور شخصيتون هارورڊ يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪري چڪيون آهن. هارورڊ يونيورسٽي ۾ نه رڳو آمريڪا پر دنيا جي ٻين ملڪن جي امير توڙي مڊل ڪلاس جي شاگردن لاءِ پڻ داخلا جا دروازا کليل آهن، ان لاءِ اميدوار جو سٺو تعليمي رڪارڊ، سبجيڪٽن ۾ هوشيارپ، انگريزي ٻوليءَ جي مناسب ڄاڻ، شوق، جستجو ۽ جذبو شرط آهن. ان بابت ڪجھ وڌيڪ لکڻ کان پھريائين اچو ته هارورڊ يونيورسٽي جي تاريخ، داخلائن جي طريقيڪار، اسڪالرشپ ۽ غير ملڪي شاگردن لاءِ موجود ٻين موقعن بابت ڪجھ معلومات حاصل ڪريون.
    هارورڊ يونيورسٽي آمريڪا جي نيوانگلينڊ واري رياست مئسچوسٽس جي گاديءَ واري شهر باسٽن سان لڳولڳ واري علائقي ڪئمبرج ۾ واقع آهي. هن يونيورسٽيءَ جون ڪيئي شاخون باسٽن شھر ۾ پڻ موجود آهن. سن 1620ع ۾ برطانيه ۾ مذھبي بيچينيءَ کان تنگ آيل ڪجھ ماڻهن ۽ سٺي ۽ سڻڀي ڪاروبار جي تلاش ۾ رهندڙ ڪيئي خاندانن برطانيه مان لڏ پلاڻ ڪري مئسچوسٽس رياست جي باسٽن شهر ڀرسان هڪ نئون ڳوٺ ”نيو ٽائون“ نالي ٻڌو. سن 1636ع ۾ مئسچوسٽس جي بي ڪالوني جي اسمبليءَ ان نيو ٽائون ۾ هڪ ڪاليج قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني جنھن جو جو نالو ”نيو ڪاليج“ رکيو ويو، جنھن کي ”نيو ٽائون وارو ڪاليج“ به چوندا هئا. برطانيه جي لنڊن جي سائوٿ ورڪ واري علائقي مان ڪجھ سال اڳ لڏي آيل ڀر واري علائقي ”چارلس ٽائون“ جي چرچ واري پادري جان هارورڊ پنھنجي مرڻ کا ٻه سال اڳ پنهنجي سموري لائبريري ۽ پنهنجي ٻي ملڪيت ۽ جائداد جو پورو اڌ نيوٽائون واري ڪاليج کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو. جان هارورڊ 14 سيپٽمبر 1638ع تي ٽي بي جي بيماريءَ وگھي گذاري ويو. 1639ع ۾ جان هارورڊ جي انهيءَ خدمت جي مڃتا طور نيو ڪاليج جو نالو بدلائي ”هارورڊ ڪاليج“ رکيو ويو ۽ نيو ٽائون واري علائقي جو نالو بدلائي ڪيمبرج رکيو ويو ڇو ته شروعاتي ڏينهن ۾ هن ڪاليج جا استاد جان هارورڊ سميت برطانيه واري ڪئمبرج يونيورسٽيءَ جا پڙهيل هئا.
    اتر آمريڪا جو نيو انگلينڊ وارو پرڳڻو اوائلي دور ۾ برطانيه جي انگريز مهاجرن جو علائقو هو. هن وقت نيو انگلينڊ واري پرڳڻي ۾ آمريڪا جون ڇھ رياستون جھڙوڪ نيو همپشائر، مئسچوسٽس، ڪنيڪٽيڪٽ، مئن ۽ رئوڊ آئلينڊ اچي وڃن ٿيون. انهن مان مئسچوسٽس رياست هارورڊ يونيورسٽيءَ جي ڪري ڏيهان ڏيھ مشهور آهي. شروعاتي سال ۾ هارورڊ ڪاليج ۾ صرف نو شاگرد داخل ٿيا بعد ۾ ڪاليج ۾ اعليٰ معيار جي پڙهائي ۽ ماهر استادن جي بهترين ليڪچرن جي هاڪ سڄي آمريڪا ۾ ڦهلبي وئي جنهنڪري ڪاليج ۾ هر سال شاگردن جو تعداد وڌڻ لڳو، نيٺ ضرورت ۽ ڪاليج جي وڌندڙ شهرت جي پيش نظر 1780ع ۾ مئسچوسٽس رياست جي آئين ۾ هارورڊ ڪاليج جو درجو وڌائي کيس يونيورسٽيءَ جي حيثيت ڏني وئي. اهڙي طرح هارورڊ يونيورسٽي وجود ۾ آئي. اڄڪلھ هارورڊ يونيورسٽيءَ جي مين ڪئمپس هارورڊ ڪاليج جي نالي سان پنهنجي اصلي جڳھ هارورڊ يارڊ، ڪئمبرج ۾ واقع آهي، جڏهن ته هن جون ڪئمپسس سڄي باسٽن شهر ۾ موجود آهن. هارورڊ يونيورسٽي، ڪاليج کان علاوه ڏهن اسڪولن، فئڪلٽين ۽ انسٽيوٽن تي مشتمل آهي، جھڙوڪ؛ فئڪلٽي آف آرٽس ائنڊ سائنس، اسڪول آف انجنيئرنگ ائنڊ اپلائيڊ سائنس، اسڪول آف بزنس ائڊمنسٽريشن، اسڪول آف لا، اسڪول آف مئڊيسن، ڊويزن آف ڪنٽينيونگ ايجوڪيشن، اسڪول آف پبلڪ هيلٿ، اسڪول آف ڊونٽي، اسڪول آف ڊزائين، گورنمنٽ ۽ ريڊڪلف انسٽيٽيوِٽ آف ايدوانسڊ اسٽڊي. هارورڊ ڪاليج ۾ شروعاتي دور ۾ صرف ڇوڪرا پڙهندا هئا ڇو ته اتي ڇوڪرين کي داخلا ڪونه ملندي هئي پر بعد ۾ ڇوڪرين لاءِ تعليم جي اهميت کي تسليم ڪندي هارورڊ يونيورسٽي ۾ ڇوڪرين جي داخلا لاءِ دروازا کوليا ويا. هن يونيورسٽي ۾ ڇوڪرين جو تعداد اڃا به وڌيڪ تڏهن ٿيو جڏهن ريڊڪلف انسٽيٽوٽ آف ايڊوانسڊ اسٽڊي، جيڪو پهريان صرف ڇوڪرين جي تعليم جو ادارو هو ان کي 1894ع ۾ هارورڊ يونيورسٽي سان گڏايو ويو جھنڪري هارورڊ يونيورسٽي ۾ شاگردياڻين جو تعداد وڌي ويو. اڄڪلھ وڏي انگ ۾ ڇوڪرن سميت هزارن جي تعداد ۾ آمريڪا توڙي ٻين ملڪن جون ڇوڪريون پڻ اعليٰ تعليم لاءِ هن يونيورسٽي ۾ داخل آهن. هارورڊ يونيورسٽيءَ ۾ آمريڪا سميت دنيا جي ٻين ملڪن مان داخلا لاءِ لکن جي تعداد ۾ درخواستون جمع ٿين ٿيون جنهن کان پوءِ ميرٽ جي بنياد تي ڏيهي ۽ پرڏيهي اميدوارن کي داخلا ڏني وڃي ٿي. هارورڊ ڪاليج توڙي هارورڊ يونيورسٽي جي هر اسڪول ۾ داخلائن لاءِ الڳ آفيسون قائم آهن. هارورڊ يونورسٽيءَ ۾ داخلائن جي وڌندڙ رجحان جو اندازو ان مان به لڳائي سگھجي ٿو ته هن سال صرف هڪڙي هارورڊ ڪاليج ۾ گريجوئيشن واري ڪورس لاءِ ڏيھ پرڏيھ کان داخلائن جون پنجٽيھ هزار ٽيويھ درخواستون وصول ٿيون جنهن مان ميرٽ جي بنياد تي 2029 اميدارن کي داخلائون ڏنيون ويون. ساڳيءَ طرح يونيورسٽيءَ جي ٻين اسڪولن ۽ فئڪلٽين ۾ پڻ هر سال هزارين داخلائون ڏنيون وڃن ٿيون. هن سال هارورڊ يونيورسٽيءَ جي ڪاليج ۽ اسڪولن ۾ ڪل 21000 شاگرد داخل آهن، جڏهن ته ڪل استادن جو تعداد 2100 آهي. هارورڊ يونيورسٽيءَ جا چوئيتاليھ اڳوڻا ۽ موجوده استاد نوبل انعام يافته آهن.
    هارورڊ يونيورسٽي آمريڪا جي سڀني کان قديمي يونيورسٽي آهي ۽ معيار جي علامت سمجھي ويندڙ ”آءِ وي واءِ ليگ“ جي ميمبر آهي. آءِ وي واءِ ليگ آمريڪا جي قديم پرائيويٽ اٺ معياري يونيورسٽين جي رانديگرن جي ٽيمن جي ”ائٿليٽ ڪانفرنس“ آهي جنهن جي ميمبرشپ نه رڳو راندين پر ميمبر يونيورسٽيءَ جو تعليمي حوالي سان معياري هجڻ جو به ثبوت آهي. آءِ وي واءِ ليگ ۾ هارورڊ يونيورسٽي سميت ڪولمبيا يونيورسٽي، پرنسٽن يونيورسٽي، برائون يونيورسٽي، ڪارنيل يونيورسٽي، يونيورسٽي آف پيننسولا، ڊارمٿ ڪاليج ۽ يئل يونيورسٽي شامل آهن. هارورڊ يونيورسٽيءَ جي موجوده پريزيڊنٽ ڊاڪٽر ڊريو گلپن فائوسٽ آهي جيڪا هن يونيورسٽيءَ جي اٺاويهين ۽ پهرين عورت پريزيڊنٽ آهي. هارورڊ جا شاگرد ضرورت تحت ريسرچ واري ڪم لاءِ آمريڪا جي مختلف علائقن سميت دنيا جي ٻين ملڪن ڏانهن پڻ ويندا آهن. هارورڊ يونيورسٽيءَ جا ريسرچ سينٽر دنيا جي مختلف ملڪن جھڙوڪ؛ ارجينٽينيا، برازيل، چلي، فرانس، گريس، انڊيا، اٽلي ۽ جپان ۾ پڻ موجود آهن.
    سنڌي نوجوان جيڪي ٻاهرين دنيا ۾ تعليم جا خواهشمند آهن، انهن کي گھرجي ته پنهنجي تعليم لاءِ هارورڊ يونيورسٽي ۾ داخلا لاءِ قسمت آزمائي ضرور ڪن. ڪهڙي به ملڪي توڙي غير ملڪي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺڻ لاءِ ان يونيورسٽيءَ جا ڪجھ شرط ۽ فارملٽيز پوريون ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي. مثال طور پنهنجي ملڪ ۾ داخلا لاءِ صرف بنيادي تعليمي سرٽيفڪيٽ ڏجن ٿا پر يورپ، آسٽريليا ۽ آمريڪا جي ڪاليجن ۾ اهڙن سرٽيفڪيٽن سان گڏوگڏ انگريزي ٻوليءَ جي مهارت جو سرٽيفڪيٽ ڏيڻ پڻ ضروري هوندو آهي. انگريزي ٻولي جي مهارت جاچڻ لاءِ ”ٽوفل“ جو مخصوص اسڪور گھربل هوندو آهي. ”ٽوفـل“جو مقصد آهي ٽيسٽ آف انگلش ائز فارين لئنگويج. آمريڪا جي تعليمي ادارن ۾ داخلا وٺڻ جا اهڙا خواهشمند اميدوار جن جي مادري ٻولي انگريزي نه آهي پاڪستان ۾ ئي ٽوفل جي ٽيسٽ ڏئي داخلا لاءِ گھربل اسڪور جو سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري ڊرخواست ٻين تعليمي سندن سان گڏ هارورڊ يونيورسٽي اماڻي داخلا حاصل ڪري سگھن ٿا. يونيورسٽيءَ جي پڌرائي موجب هتي پڙهندڙن مان 60 سيڪڙو شاگردن کي اسڪالرشپ ڏني وڃي ٿي. سنڌي شاگردن کي پڻ انهيءَ موقعي مان فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي.

    ( ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 12 اپريل 2013ع)


    مئسچوسٽس انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي


    Massachusetts Institute of Technology (MIT)

    مئسچوسٽس انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي

    جيڪا سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ اڳڀري آهي


    اهو ته هر ڪوئي مڃي ٿو ته دنيا واقعي ننڍڙي ٿي وئي آهي، پر اوهان ڪڏهن اهو سوچيو آهي ته ڪيئن ۽ ڇو؟ ڀلا پنهنجن بزرگن ۽ وڏڙن واتان ٻڌل ڳالهيون ياد ڪيو. چوندا ها ته اڳي هڪ جڳهه کان ٻئي جڳهه ڏانهن سفر ڪرڻ لاءِ وڏو وقت درڪار هوندو هو. گهر کان نڪتل ماڻهو سان رابطو تيستائين ممڪن نه هو جيستائين واپس موٽي اچي يا وري ڪو سندس چٺي چپاٽي کڻي وارثن تائين پهچائي. گهڻا مثال عربستان ڏانهن سفر جا هوندا ها. چون ته، ”بابا، اسان جو ڦلاڻو ڪي ڦلاڻو همراهه حج ڪرڻ لاءِ عربستان واري سفر تي نڪتو، مهينن جا مهينا پنڌ ڪري وڃي نيٺ پار پيو. ڪجھه مسافر ته پري وارن اهڙن سفرن ۾ منزل تي پهچڻ کان اڳ ئي راهه رباني وٺندا ها“. هاڻي دنيا ننڍڙي ٿي وئي آهي، هزارن ميلن جا مفاصلا ڪلاڪن ۾ طئي ٿا ٿين. ماڻهو ڪيترو به پري هجي پر پنهنجن مٽن مائٽن ۽ دوستن سان چويهه ڪلاڪ ئي رابطي ۾ رهي ٿو، صرف فون يا ڪمپيوٽر تي ڪلڪ ڪرڻ جي دير آهي. انهيءَ کان علاوه ميڊيڪل ، انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ٻين شعبن جي ترقي دنيا جي هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ جي ماڻهن تائين تيزيءَ سان پنهنجا فائدا پهچائي رهي آهي. آخرڪار اهو سڀڪجهه ڪيئن ممڪن ٿيو آهي؟ طوالت کان بچڻ لاءِ جيڪڏهن جواب ۾ صرف ايترو ئي چئجي تڏهن به مناسب ٿيندو ته ”اهي تعليمي ادارا ئي آهن جن مان پيدا ٿيندڙ شعور ۽ تحقيق جي نتيجي ۾ نت نين ايجادن هر قسم جي مفاصلي کي ختم ڪري دنيا کي هڪ ننڍڙي ڳوٺ جيان بڻائي ڇڏيو آهي“. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري جهان ۾ تدريس، تحقيق، ايجادن، دريافتن۽ ٽيڪنڪل اڳڀرائي واري حوالي سان مشهور آمريڪا جي خانگي يونيورسٽيءَ جو درجو رکندڙ ”مئسچوسٽس انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي“ پڻ ”گلوبل وليج“ واري حيثيت ماڻيندڙ دنيا ۾ شاگردن ۽ اهل ِعلم ماڻهن جي دلچسپيءَ جو مرڪز بڻيل آهي. ٽائيمز هائير ايجوڪيشن ورلڊ يونيورسٽيز ريپوٽيشن ۽ رئڪنگ جي 2013ع واري رپورٽ مطابق هي تعليمي ادارو نانءَ ۽ ناموس ۾ دنيا ۾ ٻئي نمبر تي ۽ معيار واري حوالي سان پنجين نمبرتي بيٺل آهي. ”مئسچوسٽس انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي“ کي MIT جي مختصر نالي سان پڻ سڏيو ويندو آهي. تقريبن هر قسم جي سائنس، انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ريسرچ وارو عمل هن اداري جو روح يا بنيادي مقصد آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن اداري آمريڪا جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري ترقيءَ ۾ ڪي ئي نمايان باب شامل ڪيا آهن، جيڪي تعريف سان گڏ تنقيد جو سبب پڻ بڻيا آهن. هن جي تعريف جوڳي تحقيق، ايجادن ۽ دريافتن ۾ عطارد Mercury)) سياري تي ماضيءَ ۾ پاڻياٺ نما مواد جي موجودگيءَ جي دريافت، ”وائرليس پاور ٽرانزميشن“ جي تياري، سج جي روشنيءَ کي توانائي وارن مقصدن لاءِ جمع ڪرڻ لاءِ کوجنا، ڪينسر جي روڪٿام لاءِ تحقيق، دنيا جي قديم ٻولين کي پڙهڻ لاءِ ڪمپيوٽر ٽيڪنڪ جي تياري، مائڪرو وَيوِ ريڊار جي ايجاد، ”مئگنيٽڪ ڪور ميمري“ جي تياري جنهن جي ذريعي ڊجيٽل ڪمپيوٽر جي ايجاد ممڪن ٿي، تيز رفتار فوٽو گرافي، ”ائڪروبئٽڪ روبوٽڪ برڊ“ جي تياري، ”انرشل گائيڊنس سسٽم“ جي تياري، ميڊيڪل سائنسز ۾ وٽامن اَي ۽ پئنسلين جي ڪيميائي سينٿسز علاج لاءِ ”جينيٽيڪلي پروگرامنگ آف اِسِڪن سَيلس“ بابت اڳڀرائي هن اداري ۾ ٿيندڙ تحقيق جي ڪوششن جو ئي نتيجو آهن. اهي سڀئي انساني ڀلائي جو محرڪ بڻيون آهن ۽ هن تعليمي اداري جي نيڪناميءَ کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچايو آهي. انهن سان گڏ هتان جو ڪجهه ٻيون ايجادون ۽ دريافتون جيڪي جيتوڻيڪ آمريڪا جي مفاد ۾ ته آهن پر سندن منفي اثرن ڪري دنيا ۾ تنقيد جو نشانو بڻجنديون رهيون آهن. جهڙوڪ MIT جو ملٽري ريسرچ وارو شعبو جيڪو جنگي استعمال ۾ ايندڙ اهڙي ساز و سامان، هٿيارن ۽ بارودن جي ايجاد ۾ اڳڀرو رهيو آهي جنهن جي استعمال سان ٻي عالمي جنگ توڙي ويٽنام واري جنگ ۾ هزارين جانيون اجل جو شڪار بڻيون ۽ بي تحاشا مالي نقصان پڻ ٿيو. نه رڳو اهو پر انهن جديد گولن بارودن، ميزائيلن، ۽ تباهي جي ٻئي سامان اڄ به آمريڪا ۽ ان جي ساٿاري ملڪن کي دنيا جي ٻين ملڪن مٿان ڀوتارڪو ڪردار ادا ڪرڻ جو خود ساخته اختيار ڏيندو رهيو آهي. اهوئي سبب آهي جو خود آمريڪا جي انسان دوست سائنسدانن جي تنظيم ”يونين آف ڪنسرنڊ سائنٽسٽس“ ۽ MIT جي شاگردن احتجاج ڪري انسٽيٽيوٽ جي انتظاميا تي زور وڌو ته اها ملٽري ريسرچ واري شعبي کان وڌيڪ ڌيان سماجي ۽ ماحولياتي معاملن ۽ مسئلن جي حل ڳولهڻ تي لڳائي. MIT جي سماجي سائنسز واري تدريسي شعبن ۾ پڻ وڏو ڪم ٿي رهيو آهي جهن جا سماج تي مثبت اثر رونما ٿي رهيا آهن جنهن لاءِ هتان جا استاد ۽ تحقيقڪار کيرون لهڻن. دنيا جو ناميارو فلاسفر ۽ لسانيات جو ماهر نئوم چومسڪي پڻ هن ئي اداري ۾ پروفيسر آهي . هن 1960ع ڌاري آمريڪا پاران ويٽنام تي مڙهيل جنگ جي خلاف هلايل تحريڪ ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو. هي دنيا ۾ قومي آزادين جو حامي ۽ ٻين ملڪن ۾ آمريڪا جي مداخلت جو سخت مخالف رهيو آهي. 168 ايڪڙن تي مشتمل ”مئسچوسٽس انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي“ آمريڪا جي شهر ڪئمبرج ۾ چارلس نديءَ جي ڪنڌي تي 1860ع کان قائم آهي. ڪئمبرج، آمريڪا جي نيوانگلينڊ واري رياست مئسچوسٽس جي گاديءَ واري شهر باسٽن سان لڳولڳ وارو هڪ شهر آهي، جنهن تي اهو نالو به برطانيا جي ڪئمبرج واري شهر مان لڏ پلاڻ ڪري آيل ماڻهن رکيو هو. 1860ع ۾ سندس قيام کان اڄ تائين 150 سالن جي سفر ۾ هن اداري سان لاڳاپيل 78 شخصيتن مختلف شعبن ۾ پنهنجي نمايان ڪارڪردگي جي عيوض نوبل انعام حاصل ڪيا آهن. MIT جي ٽيچنگ فئڪلٽي ۾ هاڻي به ڏهه نوبل انعام يافته استاد شامل آهن. هارورڊ يونيورسٽيءَ کان اڌ يا مني ڪلاڪ جي پنڌ تي واقع ”مئسچوسٽس انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي“ ۾ سڀني جديد علمن جهڙوڪ؛ مٽيريل سائنسز ائنڊ انجنيئرنگ، ميڊيڪل انجنيئرنگ، ڪمپيوٽيشنل انجنيئرنگ، اليڪٽريڪل، سِوِلِ، ڪيميڪل، مڪينيڪل انجنيئرنگ، انرجي ائنڊ انوائرنمنٽل مئينجمنٽ، گلوبل چئنج سائنسز، سولجر نئنوٽيڪنالاجيز، نيوڪلئر سائنسز،مئنوفيڪچرنگ ائنڊ پراڊڪٽوٽي، انٽيگريٽِوِ ڪئنسر ريسرچ، ٽرانسپورٽيشن ائنڊ لاجيسٽڪ، آرڪيلاجيڪل مٽيريئلس، ڪمپيئريٽِوِ ميڊيسنس، بِرئين ائنڊ ڪاگنيٽِوِسائنسز، مئنيجمنٽ سائنسز، ارٿ، ائٽماسفيئرڪ ائنڊ پلانيٽري سائنسز، اوشنوگرافي، اپلائيڊ اوشن سائنس، مئٿميٽڪس، بايولاجي، ڪيمسٽري، فزڪس، هيومنٽيز، ميوزڪ ائنڊ ٿيئٽر آرٽس، فارين لئنگوِجِزِ، ايڪنامڪس، پوليٽيڪل سائنس، ائنٿراپالوجي، هسٽري ۽ سوشل سائنسز جا تدريس ۽ ريسرچ وارا ڊپارٽمنٽس، اسڪول، ڪاليج، انسٽيٽيوٽ، سينٽر، لئبارٽريون ۽ لائبريريون قائم آهن. هتي 3470 محقق، استاد ۽ سائنسدان مصروفِ عمل آهن ۽ ڪل 12 هزار شاگرد داخل آهن جن ۾ 170 ملڪن جا ساڍا ٽي هزار شاگرد به شامل آهن. هتان جي انٽرنيشنل شاگردن مان 51 سيڪڙو شاگرد ايشيا جي مختلف ملڪن سان تعلق رکن ٿا. MIT ۾ داخل ڪل شاگردن جي تعداد جو اٽڪل پنجاهه سيڪڙو آرٽس ۽ سوشل سائنسز جي مختلف شعبن ۾ ڊگريون حاصل ڪرڻ لاءِ پڙهائي ڪن ٿا. هن اداري ۾ پڙهائي، رهائش، کاڌي، قلم ڪاغذ ۽ ڪتاب جو ٿلهي ليکي ساليانو خرچ ڇاونجاهه لک روپيا ٿئي ٿو.MIT ۾ مستحق شاگردن جي مالي معاونت به ڪئي ويندي آهي جنهنڪري هتي پڙهندڙ ڪو به لائق ۽ مستحق شاگرد مالي مسئلي جي ڪري تعليم کان محروم نه ٿو ٿئي. هن سال به هتان جا اٽڪل چوهٺ سيڪڙو شاگرد اسڪالرشپ جي سهوليت سان مستفيض ٿي رهيا آهن. مئسچوسٽس انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي ۾ پڙهائي سان گڏ شاگردن لاءِ متحرڪ ۽ پُرُلطف زندگيءَ ۽ مزيدار ماحول جو به وڏو اهتمام ٿيل آهي. هتي جي اسپورٽس، انٽرٽينمنٽ ۽ ڪلچرل سرگرمين جا سرواڻ شاگردن جي ذهني ۽ جسماني نشونما لاءِ دل جي ڪشادگيءَ سان بندوبست ڪندا رهن ٿا. ڊانس، ميوزڪ، آرٽس، ٿيٽر، ادب، شاعري ۽ ثقافتي رنگن سان سينگاريل شاگردن جا 350 گروپ هر وقت ڪنهن نه ڪنهن پروگرام جو اهتمام ڪندا رهن ٿا. هتي پاڪستان اسٽوڊنٽس سوسائٽي پڻ آهي جنهن جي موجوده صدر ڪراچي سان تعلق رکندڙ بايولاجيڪل انجنيئرنگ جي شاگردياڻي منيزه پٽيل آهي. جڏهن ته اليڪٽريڪل انجنيئرنگ جي شاگردياڻي وارده امام نائب صدر ۽ عارفه شفقت سيڪريٽري جنرل آهن. ايم آءِ ٽي جي ريڊيو سروس ۽ اخبار شاگردن کي هر سرگرمي بابت آگاهه ڪندا رهندا آهن. شاگرد يونين پاران مختلف موضوعن تي منعقد ٿيندڙ دنيا جي مختلف شخصيتن جا ليڪچر پڻ شاگردن جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪندا رهن ٿا. هي ادارو”نان فار پرافٽ“ آهي ۽ پنهنجي مدد پاڻ جي بنياد تي ڪم ڪري رهيو آهي. هن کي هڪ خانگي ”بورڊ آف ٽرسٽيز“ هلائي ٿي جنهن جا ڪل 43 ميمبر آهن جن کي پنجن سالن لاءِ چونڊيو ويندو آهي.
    دنيا جي ڪيترن ئي ناميارن سائنسدانن سياست ۽ حڪومتي ڪار وهنوار سان واڳيل ڪيتريون اهم شخصيتن هتان تعليم حاصل ڪئي آهي. پاڪستان جي قائد اعظم يونيورسٽي جي پروفيسر، دانشور ۽ نيوڪليئر فزڪس جي سائنسدان ڊاڪٽر پرويز هود ڀائي سميت اقوام متحده جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل ڪوفي عنان، ايران جي اڳوڻي نائب صدر محمد علي نجفي، اسرائيل جي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو، يونان جي اڳوڻي نائب وزير اعظم لوڪس پئپديموس، ڪوسٽيريڪا، ڪولمبيا ۽ سنگاپور جي اڳوڻن صدرن ترتيبوار جوس فيريئر، ورگليو بارڪو ۽ ٽوني تان ڪينگ يام پڻ هتان تعليم حاصل ڪئي آهي. جيڪڏهن اوهان به هتي پڙهڻ چاهيو ته اهو به پختي ارادي، محنت ۽ ميرٽ وسيلي ممڪن ٿي سگهي ٿو.


    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 24 اپريل 2013ع)


    اسٽئنفورڊ يونيورسٽي

    Stanford University

    اسٽئنفورڊ يونيورسٽي

    جيڪا والدين پنهنجي نوجوان پٽ جي ياد ۾ ٺهرائي


    آمريڪا جي رياست ڪئليفورنيا جي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ اسٽئنفورڊ ۾ واقع اسٽئنفورڊ يونيورسٽي جيڪا ٽائيمس هائير ايجوڪيشن ورلڊ يونيورسٽي ريپوٽيشن جي 2013 واري رپورٽ موجب دنيا جي مشهور ۽ معياري يونيورسٽين واري لسٽ ۾ ڇهين نبمر تي آهي پر ڪجھه ادارا ته کيس دنيا جي ٻيو نمبر معياري يونيورسٽي به مڃين ٿا. هن يونيورسٽيءَ جي قيام پٺيان جنهن پاڪ پيار، شفقت، ۽ مقدس محبت جو قصو آهي اهو نه رڳو هن يونيورسٽيءَ کي دنيا جي هڪ منفرد يونيورسٽي جو درجو بخشي ٿو پر هن جي ٻن بانين لاءِ پڻ دل ۾ عزت ۽ احترام جو جذبو پيدا ڪري ٿو. يونيورسٽيءَ جي قيام جو اهو قصو اندر ۾ هڪ خواهش کي به جنم ڏئي ٿو، اها خواهش هيءَ ته ڪاش اسان جي سنڌڙيءَ ۾ به ڪي اهڙا خوشحال علم دوست ماڻهو پيدا ٿي پون جيڪي پنهنجي اولاد جي اجاين فضول خرچين، عياشين، انائن ۽ بي بنياد سماجي ۽ طبقاتي رتبن حاصل ڪرڻ واري چڪر ۾ ڪروڙين روپيا ضايع ڪرڻ جي بجاءِ زندگيءَ ۾ حاصل ٿيندڙ خوشين، ڪاميابين ، ڪامرانين، ۽ خدانخوسته ٿيندڙ پنهنجن پرين پيارن جي وڇوڙن جي ياد ۾ اهڙا تعليمي ادار قائم ڪن ته جيئن اهي کين به امر ڪري ڇڏين ته سماج ۾ علم، شعور، امن ۽ خوشحالي آڻڻ جو ڪارڻ به بڻجن.
    اسٽئنفورڊ يونيورسٽي جي قيام جو اتساهيندڙ قصو پڙهڻ کان پهريان هيءَ حقيقت ڄاڻڻ به همٿ واري جذبي کي جلا بخشڻ جو سبب ٿي بڻجي ته اڄ کان تقريبن سوا صدي اڳ قائم ٿيل هن يونيورسٽيءَ جي 25 استادن پنهنجي نمايان تدريسي ۽ تحقيقي ڪارڪردگيءَ جي عيوض نوبل انعام حاصل ڪيا آهن جن مان 15 نوبل يافته استاد اڄ به هن يونيورسٽيءَ ۾ پنهجن شاگردن جي تعليم ۽ تربيت ۾ پوري سچائي سان مصروف آهن.
    هن يونيورسٽي جو اهو نالو سندس باني ليلئنڊ اسٽئنفورڊ جي نالي پٺيان پيو. هي همراھ آمريڪا جي شهر نيو يارڪ ۾ پليو، وڏو ٿيو ۽ قانون جو ڪورس پڙهيو. هن کي جڏهن ڪئليفورنيا جي زمين مان سونَ جون کاڻيون دريافت ٿيڻ جي خبر پئي ته هن به پنهنجي قسمت کي چار چنڊ لڳائڻ لاءِ نيويارڪ مان لڏو کڻي اچي ڪيليفورنيا ۾ لاٿو ۽ اتي ريلوي جا رستا تعمير ڪرڻ واري ڪاروبار سان لڳي ويو. انهيءَ سان گڏوگڏ سياست ۾ به حصو وٺڻ لڳو، ۽ پوءِ پنهجي محنت، همٿ ۽ منفرد ڪارڪردگيءَ سان ڪئليفورنيا جي تاريخ ۾ ترقيءَ ۽ نيڪناميءَ جا نوان باب رقم ڪري هتي ئي مٽيءَ ماءُ حوالي ٿي ويو. ليلئنڊ اسٽئنفورڊ هتي ريپبلڪن پارٽيءَ ۾ اڳواڻيءَ واري عھدي تي پهتو جنهن کان پوءِ ڪئليفورنيا رياست جو گورنر به مقر ٿيو ته آمريڪا جو سينيٽر به بڻيو. ليلئنڊ جي گھرواري جو نالو ”جئن اسٽئنفورڊ“ هو ۽ کين هڪڙي پٽ جي اولاد هئي. 1884ع ۾ سندن ننڍڙو ڪٽنب اٽليءَ جي سفر تي نڪتل هو ته رستي ۾ سندن چوڏهن سالن جو نوجوان پٽ بخار وگھي سخت بيمار ٿي پيو ۽ ان بيماري جي هڪ هفتي جي عرصي اندر ئي فوت ٿي ويو. اڪيلي پٽ جي اچانڪ وڇوڙي پيءُ ۽ ماءَ کي سخت صدمو رسايو. پٽ جي انهيءَ وڇوڙي کي خدا جي رضا تسليم ڪندي ليلئنڊ اسٽئنفورڊ ۽ سندس زال فيصلو ڪيو ته اڄ کان پوءِ ڪئليفورنيا جا سڀئي ٻار سندن اولاد آهن تنهنڪري انهن جي تعليم ۽ تربيت ڪرڻ سندن فرض آهي. اهڙي طرح هنن پنهنجي پٽ جي ياد ۾ اسٽئنفورڊ نالي ننڍڙي ڳوٺ ۾ آمريڪا جي معياري يونيورسٽي قائم ڪئي ۽ ڪئليفورنيا جي نوجوانن سميت ٻين علائقن جي نوجوان ٻارن کي معياري تعليم ميسر ڪري پاڻ مٿان عائد پنهنجي پٽ جي تعليم ۽ تربيت جي اڻپوري آس جو ازالو پنهجي قوم جي اولاد جي تعليم ذريعي ڪري تسڪين حاصل ڪرڻ لڳا.
    اسٽئنفورڊ نالي هي ننڍڙو ڳوٺ ڪئليفورنيا رياست جي سانتا ڪلارا ڪائونٽي ۾ واقع آهي، جيڪو خود ليلئنڊ اسٽئنفورڊ پنهنجي جاگير تي پنهنجي نالي پٺيان ٻڌو هو. هن ڳوٺ جي ڪل ايراضي ست ڪلوميٽر هم چورس آهي ۽ 2010ع جي آدمشاري موجب هن ۾ وسندڙ آبادي ڪل تيرنهن هزار اٺ سئو ماڻهن تي مشتمل آهي. هن ڳوٺ جو هڪ پاڙيسري شهر ”پائلو اَلٽو“ آهي جيڪو اتي پيدا ٿيندڙ هڪ منفرد وڻ ”ال پائلو الٽو“ جي نالي پٺيان مشهور آهي.
    مسٽر لئلئنڊ اسٽئنفورڊ پنهنجي ڳوٺ ۾ پنهنجي پٽ جي ياد ۾ اهڙي معياري يونيورسٽي قائم ڪرڻ گھري ٿي جيڪا ڪنهن به صورت ۾ هارورڊ يا اهڙي ئي ڪنهن ٻئي اعليٰ پائي جي اداري کان گھٽ نه هجي. انهيءَ لاءِ هن کي وڏا ڪشالا ڪڍڻا پيا. يونيورسٽي ٺاهڻ کان پهريان هن مئسچوسٽس رياست جي ڪئمبرج واري شهر ۾ قائم هارورڊ يونيورسٽي جو دورو ڪيو ۽ ان يونيورسٽي جي پريزيڊنٽ چارلس ڊبليو ايلئٽ سان صلاح مشورو ڪيو، ان کان علاوه ٻين معياري تعليمي ادارن جهڙوڪ مئسچوسٽس انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي، ڪارنيل ۽ هاپڪن يونيورسٽين کي به گھمي ڏٺو ۽ اتي جي تعليمي ماحول ۽ طريقيڪار ۽ سهوليتن جو جائزو وٺي واپس اچي پنهنجي ڳوٺ اسٽئنفورڊ ۾ 11 نومبر 1885ع ۾ پنهنجي زال سان گڏجي اسٽئنفورڊ يونيورسٽيءَ جو بنياد رکيو. چند سالن جي تعميراتي ڪم ۽ ٻين ضروري تيارين کان پوءِ پهرين آڪٽوبر 1891ع کان هن يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائي جو عمل جاري ٿيو، جيڪو تقريبن سوا صديءَ جو سفر طئي ڪري اڄ عالمي ليول تي مڃتا ماڻي رهيو آهي. شروعاتي سالن ۾ هن يونيورسٽيءَ ۾ ڪل پندرنهن استاد ۽ چار سئو شاگرد هيا بعد ۾ هر سال اهو تعداد هزارن ۾ ٿيڻ لڳو. اڄڪلھه هن يونيورسٽي ۾ 1995 استاد ۽ 16 هزار 8 سئو 70 شاگرد آهن، جن مان 6999 انڊر گريجوئيٽ ۽ 8871 گريجوئيٽ ڪورسن ۾ داخل آهن. هن جا 25 استاد نوبل انعام يافته آهن.
    اسٽئنفورڊ يونيورسٽي 8180 ايڪڙن جي ايراضي تي قائم آهي، جنهن تي يونيورسٽيءَ جون ڪيئي عمارتون تعمير ٿيل آهن. يونيورسٽيءَ جا 96 سيڪڙو شاگرد يونيورسٽيءَ جي هاسٽلن ۾ رهندا آهن. هيءَ يونيورسٽي ستن اسڪولن تي مشتمل آهي جھڙوڪ؛ گريجوئيٽ اسڪول آف بزنس، ارٿ سائنسز اسڪول، انجنئرنگ اسڪول، گريجوئيٽ اسڪول آف ايجوڪيشن، هيومنٽيز ائنڊ سائنسز اسڪول، گريجوئيٽ اسڪول آف لا ۽ گريجوئيٽ اسڪول آف ميڊيسن. اهو ياد رکڻ گھرجي ته اسان جي ملڪ وانگر اسڪول معنيٰ صرف پنجين پرائمري يا سيڪنڊري ڪلاسن وارو ادارو ئي نه پر دنيا ۾ انهيءَ کان مٿي يونيورسٽيءَ جي ليول واري تعليم لاءِ پڻ اسڪول هوندا آهن. خاص طور تي ڪنهن به يونيورسٽيءَ جي اسڪول جو مطلب يونيورسٽيءَ جي فئڪلٽيءَ وارو هوندو آهي جنهن ۾ مخصوص تدريسي شعبن جا هڪ کان وڌيڪ اسپيشلائيزيشن جا شعبا قائم هوندا آهن.
    هن يونيورسٽيءَ جي شروعات کان ٻه سال پوءِ 21 جون 1893ع ۾ ليلئنڊ اسٽئنفورڊ وفات ڪري ويو جنهنڪري يونيورسٽي مالي مشڪلاتن جو شڪار ٿيڻ لڳي، پر مسز جئن اسٽئنفورڊ پنهنجي پٽ جي ياد ۾ جوڙايل هن عظيم يادگار کي ڪڏهن به پوئتي پوڻ ڪو نه ڏنو انهيءَ لاءِ پنهجي ٻي ملڪيت سميت کيس پنهجا ذاتي سونا زيور به وڪڻڻا پيا پر هن هر ڏکئي مرحلي مان يونيورسٽي کي پار اڪاري هن جي تعيلمي بلند معيار کي برقرار رکيو.
    اسٽئنفورڊ يونيورسٽيءَ کي ان زماني جي آمريڪا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي رواجن کان منفرد بڻايو ويو. مثال طور ان وقت مڙدن جي تعليمي ادارن ۾ ڇوڪرين کي داخلا نه ڏني ويندي هئي، ۽ اوائلي يونيورسٽين ۾ مذهبي تعليم جو رواج عام جام هوندو هو، ايتري تائين جو انهن جا تدريسي ڪورس ۽ پاليسون پڻ چرج جي نظر داري هيٺ جڙنديون هيون. پر هن يونيورسٽيءَ کي مثالي ادارو بڻائڻ ۽ سڀني کي هڪ جيترو تعليمي حق ڏيڻ لاءِ هن ۾ ڇوڪرن سان گڏ ڇوڪرين کي به داخلا ڏني وئي ۽ سيليبس کي مذهبي اثر کان آجو رکيو ويو. 1903ع ۾ آمريڪا جي صدر ٿيوڊر روزويلٽ هن يونيورسٽي جو دورو ڪري هن جي خوبصورتي ۽ خاصيتن کي ساراهيو. ڊيوڊ اسٽار جارڊن هن يونيورسٽيءَ جو پهريون پريذيڊنٽ هو جنهن يونيورسٽي جي ترقيءَ ۾ موثر ڪردار ادا ڪيو.
    هن يونيورسٽيءَ مان آمريڪا جي سابق صدر هربرٽ هوور، مالديو جي صدر محمد وحيد حسن ۽ آفريڪا جي ملڪ پيرو جي صدر الجئنڊرو ٽوليڊو سميت دنيا جا ڪيترن ناميارن سائنسدانن، دانشورن، تعليمدانن، صنعتڪارن ۽ ٻين شعبن سان منسلڪ شخصيتن هتان تعليم پرائي آهي.
    اسٽئنفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ ننڍيون وڏيون ويھه لائبريريون آهن جن ۾ لکن جي تعداد ۾ ڪتاب، تحقيقي جرنل، فلمون، نقشا ۽ ٻيو درسي ۽ تحقيقي مواد موجود آهي. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا شاگرد پنهنجي اعليٰ تعليم لاءِ هن يونيورسٽيءَ کي ترجيح ڏين ٿا. پاڪستان جون پڻ ڪيتريون شخصيتون هتان تعليم حاصل ڪري چڪيون آهن ۽ اڄڪلھه پڻ پاڪستان جا ڪافي شاگرد اتي زير تعليم آهن. يونيورسٽيءَ ۾ ٻين انٽرنيشنل شاگرد جي يونين جيان پاڪستاني شاگردن جي فلاح بهبود لا سندن ٺاهيل پاڪستاني اسٽوڊنٽس ايسوسيئيشن پاڪستان مان آيل شاگردن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري ٿي. جيڪڏهن ڪو به ماڻهو ٿوري ڪوشش وٺي ته آمريڪا جي هن عالمي معيار واري يونيورسٽي مان تعليم پرائڻ جو موقعو حاصل ڪري سگھي ٿو.


    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 29 مئي 2013ع)


    ڪئليفورنيا انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي

    California Institute of Science and Technology

    ڪئليفورنيا انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي


    ڪئليفورنيا انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي (California Institute of Technology) ، جنهن کي مختصر طرح صرف ڪئلٽيڪ (Caltech) سڏيو ويندو آهي سو ڪئليفورنيا جي لاس اينجلس ڪائونٽي جي هڪ شهر پئسڊينا (Pasadena) ۾ اڄ کان هڪ سئو ٽيويهه سال اڳ يعني 1891ع ۾ قائم ڪيو ويو هو.
    ڪئيلفورنيا انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جي معياري هجڻ جو ثبوت هن ڳالهه مان به لڳائي سگهجي ٿو ته هن درسگاهه جي استادن، سائنسدانن ۽ پراڻن شاگردن پنهنجي معياري تحقيقن، دريافتن ۽ ايجادن جي نتيجي ۾ 32 نوبيل انعام ۽ 57 بهترين ڪارڪردگيءَ جا ”يونائيٽيڊ اسٽيٽس نيشنل ميڊلس“ ۽ ڪي ئي ٻيا قومي ۽ بين الاقوامي اعزاز حاصل ڪيا آهن. اڄڪلهه پڻ پنج نوبيل انعام يافته استاد ڪئليفورنيا انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جي ٽيچنگ فئڪلٽي ۾ شامل آهن.
    ٽائيمس ايجوڪيشن ورلڊ يونيورسٽيز جي 2014ع واري سروي ۽ رئنڪنگ مطابق ڪئليفورنيا انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي دنيا جي معياري اعليٰ درسگاهن واري لسٽ ۾ مٿاهينءَ واري نائين نمبر تي آهي.
    نه رڳو دنيا ۾ تعليمي ادارن جي معيار جي ڪٿ ڪندڙ سروي وارا ادارا ئي ڪئليفورنيا انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي کي دنيا جو هڪ اعليٰ معيار وارو درسگاهه سمجهن ٿا پر سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري شعبي سان منسلڪ ناميارا سائنسدان ۽ درس و تدريس جو ڪم ڪندڙ شخصيتون پڻ ”ڪئلٽيڪ“ کي هڪ اهم تعليمي ادارو سمجهن ٿيون. انهيءَ ڏس ۾ ڊويزن آف انجنيئرنگ ائنڊ اپلائيڊ سائنس جي چيئرمين ائريس روسڪس جو چوڻ آهي ته ”ڪئليفورنيا انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي دنيا جي درسگاهن ۾ هڪ منفرد نمونو بڻيل آهي. هي انسٽيٽيوٽ سائيز ۽ پکيڙ جي حوالي سان ته ننڍو آهي پر پنهنجي معياري ڪارڪردگيءَ جي ڪري هڪ دلچسپ ۽ پسنديده اداري جي حيثيت رکي ٿو.“
    فلمي دنيا ۽ شوبز واري شعبي سان شهريت رکندڙ آمريڪا جي شهر هاليووڊ کان اٽڪل سورنهن ميل يا پنجويهه ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي قائم ڪئليفورنيا انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جي قيام واري قصي تي نظر ڦيرائڻ سان خبر پئي ٿي ته اُهو اڻويهين صدي جي آخري ڏهاڪي جو ڪو ڏينهن هو جو ڪيئليفورنيا رياست جي هڪ ننڍڙي شهر پئسڊينا جي هڪ تعليم دوست مخير شخص ”ائموس ٿروپ“ جي ذهن ۾ هڪ خيال جنم ورتو ته ڇو نه پنهنجي حياتيءَ جي باقي بچيل وقت کي وڌيڪ ڪارج ڀريو بڻائڻ لاءِ پنهنجي هن شهر ۾ اعليٰ تعليم جو ڪو درسگاهه جوڙجي. 1891ع ۾ هن پنهنجي انهيءَ خواهش کي عملي جامو پارائڻ لاءِ اڳتي وڌي وڃي شهر جي هڪ مناسب علائقي ۾ هڪ عمارت مسواڙ تي حاصل ڪري ورتي ۽ اتي هڪ يونيورسٽي قائم ڪري ڇڏي. هن ان يونيورسٽي جو نالو پنهنجي نالي پٺيان ”ٿروپ يونيورسٽي“ رکيو. شروعاتي سالن ۾ هيءَ يونيورسٽي پنهنجي مختصر تعداد ۾ شاگردن ۽ تدريسي عملي جي مدد سان ڪم ڪرڻ شروع ڪيو پر پوءِ 1907ع ۾ آمريڪا جو ناميارو فلڪيات جو ماهر ۽ ”مائونٽ وِلس آبزرويٽري“ جو پهريون ڊائريڪٽر جارج ايلري هئل اچي ” ٿروپ بورڊ آف ٽرسٽيز“ جو ميمبر بڻيو. هن شخص پنهنجي محنت ۽ جدوجهد جي وسيلي ٿروپ يونيورسٽي کي انجنيئرنگ ۽ سائينٽيفڪ ريسرچ ايجوڪيشن واري هڪ معياري انسٽيٽيوٽ م تبديلي ڪري ڇڏيو. اهڙي طرح 1891ع ۾ قائم ٿيل هي ٿروپ يونيورسٽي تبديل ٿي 1920ع ۾ ڪئليفورنيا انسٽيٽوٽ آف ٽيڪنالاجي جو روپ ڌاري دنيا جي ٽاپ معياري درسگاهن ۾ داخل ٿي وئي.
    ڪئليفورنيا انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي ۾ 1930ع ۾ قائم ڪيل ”جيٽ پراپلشن لئبارٽري“ (Jet Propulsion Laboratory) جنهن کي 1958ع کان وٺي آمريڪا جو قومي ادارو ”نيشنل ايروناٽڪس ائنڊ اسپيس ايڊمنسٽريشن“ (NASA) پنهنجي نظرداري هيٺ هلائي رهيو آهي، سا آمريڪا جي قومي حلقن ۾ وڏي قدرداني جي نگاهه سان ڏٺي وڃي ٿي. انهيءَ کان علاوه هن انسٽيٽيوٽ جي ”ڪئلٽيڪ سيسمولاجيڪل لئبارٽري“ ( (Caltech Seismological Laboratory يعني زميني زلزلن متعلق تحقيق واري سهوليت ۽ فلڪياتي تحقيق وارو ”انٽرنيشنل آبزرويٽري نيٽ ورڪ“ (International Observatory Network) پڻ نه رڳو دنيا ۾ وڏي ساک رکن ٿا پر هن انسٽيٽيوٽ جي افاديت ۽ اهميت جي به شاهدي ڏين ٿا.
    ڪئليفورنيا انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي هڪ اهڙو مخصوص ادارو آهي جتي خاص طور تي انجنيرنگ، ٽيڪنالاجي ۽ سائنس جي اٽڪل ڇويهه مختلف شعبن ۾ اعليٰ معيار جي تدريس ۽ تحقيق جو ڪم ڪيو وڃي ٿو. هن جا اهي معياري تدريس ۽ تحقيق وارا شعبا هيٺ ڄاڻايل نالن وارن اڪيڊمڪ سيڪشنس ۾ ورهايل آهن، جهڙوڪ، بايولاجي ائنڊ بايولاجيڪل انجنيئرنگ، ڪيمسٽري ائنڊ ڪيمسٽري انجنيئرنگ، جيالاجي ائنڊ پِلينيٽري سائنس، انجنيئرنگ ائنڊ اپلائيڊ سائنس، فزڪس، مئٿميٽڪس ۽ ايسٽرانامي وغيره.
    هن انسٽيٽيوٽ جي هڪ هيءَ به خصوصيت آهي ته هن ۾ ٽن شاگردن تي هڪ استاد وارو تناسب رکيو وڃي ٿو جنهنڪري هتان جا شاگرد استادن جي مڪمل ڌيان ۽ سخت نگرانيءَ هيٺ پڙهائي ۽ تحقيق جو ڪم ڪندا رهن ٿا. هن انسٽيٽيوٽ ۾ محدود تعداد ۾ شاگردن کي اعليٰ ميرٽ جي بنيادن تي داخلا ڏني ويندي آهي جنهنڪري هتي انڊر گريجوئيٽ ڪورسن ۾ صرف 925 شاگرد ۽ گريجوئيٽ ڪورسن ۾ 1253 شاگرد داخل آهن. انسٽيٽيوٽ ۾استادن جو تعداد 300 ۽ ريسرچ اسڪالرن جو تعداد 600 آهي.
    هتي اهو ٻڌائڻ پڻ ضروري آهي ته جيتوڻيڪ هن درسگاهه جي سڃاڻپ انسٽيٽيوٽ واري لفظ سان ٿئي ٿي پر حقيقت ۾ ڪئليفورنيا انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي کي هڪ معياري يونيورسٽي جي حيثيت ملييل آهي. هي انسٽيٽوٽ خانگي انتظام هيٺ هلندڙ هڪ اهڙي خانگي يونيورسٽي آهي جيڪا غير تجارتي عدم منافع profit) (Non-for- واري اصول تي هلي پنهنجي شاگردن کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ڄاڻ ڏئي انهن کي ته علم سان مالامال ڪري ڇڏي ٿي پر پاڻ ڪمائي ڪرڻ وارن ادارن ۾ نه ٿي ليکي وڃي.
    ڪئليفورنيا انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جنهن شهر ۾ قائم آهي اهو به هن انسٽيٽيوٽ وانگر ئي هڪ منفرد ۽ دلپزير شهر آهي. هي شهر جنهن جو نالو پئسڊينا آهي اهو پنهنجي حوالي سان خود هڪ نامياري، مشهور ۽ علمي ادارن جو مرڪز سمجهي ويندڙ رياست ڪئليفورنيا جي ڪائونٽي لاس اينجلس جو آباديءَ جي حوالي سان نائون نمبر وڏو شهر آهي. هن شهر جي ڪل آبادي اٽڪل هڪ لک چاليهه هزار ماڻهن تي مشتمل آهي. پئسڊينا شهر کي آمريڪا جي ”سئن گئبريل ماٿري“ جو هڪ اهم ثقافتي مرڪز سان گڏ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي تعليم ۽ تحقيق وارن ادارن وارو شهر سمجهيو وڃي ٿو. انهيءَ خيال جي ثبوت ۾ ٻين ادارن کان علاوه ڪئيليفورنيا انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جو نالو کڻڻ ئي ڪافي آهي جتي محنت، ڪوشش ۽ پڪي ارادي جي مدد سان اوهان به پهچي سگهو ٿا.

    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 15 آڪٽوبر 2014ع)


    شڪاگو يونيورسٽي

    University of Chicago

    شڪاگو يونيورسٽي

    جتي صدر بارڪ اوباما 12 سالن تائين پڙهايو

    هونئن ته سنڌ جي سرواڻ ۽ آفاقي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سڄي شاعري سونَ ۽ هيرن ۾ مڙهائڻ جهڙي آهي پر سندس هيٺ ڄاڻايل شعر ته سنڌ جي مجموعي رويي جي نمائندگي ڪندڙ شعر آهي، جيڪو هن خطي جي ماڻهن جي صلحپسندي، امن، سک، سلامتي ۽ سڪار جي چاهه سان گڏ انهن جي عالمگيريت وارن عظيم احساسن جو پڻ ڀرپور اظهار ڪري ٿو. پاڻ فرمائين ٿا:
    ”سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
    دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.“
    سنڌ جي انهي عالمگيريت ۽ ”جهان جو خير“ واري رويي جو مثال سنڌيءَ ۾ سرجندڙ ادب، شاعريءَ، ڪلچر، روايتن ۽ ٻين کوڙ سارن واقعن ۽ حقيقتن ۾ ته ملي ٿو پر انهي سان گڏ ان ڳالهه جو اندز هر سال نه رڳو سنڌ جي ڀتين تي ظاهر ٿيندڙ ان چاڪنگ مان به لڳائي سگهجي ٿو، جهن ۾ لکيل هوندو آهي ”شڪاگو جي شهيدن کي سرخ سلام“ پر مئي مهيني جي هر پهرين تاريخ تي سنڌ جي ساڃاهوندن پاران شڪاگو ۾ هلايل مزدورن جي حقن واري تحريڪ جي منهندارن ۽ انهيءَ جدوجهد ۾ جانين جو نظرانو پيش ڪندڙن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ وڏين تقريبن، جلسن ۽ جلوسن جو اهتمام به ڪيو ويندو آهي جن ۾ سنڌ جي پورهيت طبقي سان گڏ دنيا جي سڀني پورهيتن جي حقن جي تحفظ ۽ انهن جي سلامتي ۽ تعظيم لاءِ آواز اٿاريو ويندو آهي. هتان جي عوام جو اهو عمل سنڌ جي عالمگيريت واري سوچ ۽ عالمي ڌارا ۾ شموليت واري ڪوشش جو اعليٰ مثال آهي. سنڌ ۾ موجود ان سرگرم فعاليت (Activism) جي ڪري شڪاگو شهر سنڌ جي ٻين ساڃاهوند ماڻهن سميت، هتان جي محنتڪش ۽ مزدور طبقي ۾ به ڪافي مقبول رهيو آهي. هونئن ته اٽڪل هڪ سئو سال اڳ شڪاگو ۾ پورهيت عوام جي سندن جائز حقن بابت هلايل تحريڪ جا انقلابي پهلو ۽ ان جو رومانس اڄ به سڄي دنيا جي ماڻهن کي شڪاگو ڏانهن متوجه ڪري ٿو پر ان شهر جي ٻين گھڻين شان، شوڪت، ترقي ۽ تفريح وارين ڳالهين سان گڏ اتان جو عظيم اعليٰ تعليمي ادارو شڪاگو يونيورسٽي پڻ سندس هڪ اهم ۽ خاص حوالو آهي.
    يونيورسٽي آف شڪاگو جنهن کي عام طور تي شڪاگو يونيورسٽي يا ”يو آف سي“(U of C) به سڏيو ويندو آهي، اها ٽائيمز ايجوڪيشن ورلڊ يونيورسٽي رئنڪنگ جي 2013ع واري سروي مطابق دنيا جي ڏهون نمبر معياري يونيورسٽي آهي. جڏهن ته ڪيو ايس ورلڊ يونيورسٽي رئنڪنگ جي هلندڙ سال واري رپورٽ مطابق شڪاگو يونيورسٽي دنيا جي 100 معياري يونيورسٽين واري لسٽ ۾ اٺين ٽاپ نمبر تي آهي. هن وقت تائين شڪاگو يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل 78 اسڪالرن، سائنسدانن، عالمن ۽ استادن کي پنهنجن شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي عيوض نوبل انعام ملي چڪا آهن. انهن مان اٺ نوبل انعام يافته اسڪالر اڄ به هن يونيورسٽيءَ ۾ استاد ۽ محقق جي حيثيت سان خدمتون سر انجام ڏئي رهيا آهن. آمريڪا جي صدر بارڪ اوباما شڪاگو يونيورسٽي جي اسڪول آف لا ۾ 1992ع کان 2004 تائين ٻارنهن سال قانون جي استاد طور خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. هي يونيورسٽي، آمريڪا جي رياست ايلينوائس (Illinois) جي شهر شڪاگو ۾ هڪ تعليمي فلاحي تنظيم ”آمريڪن بئپٽسٽ ايجوڪيشن سوسائٽيءَ“ پاران آمريڪا جي هڪ وڏي تيل جي واپاري ۽ مخير شخصيت جان ڊي راڪفيلر جي مالي سهڪار سان 1890ع ۾ قائم ڪئي وئي . شڪاگو شهر جي مرڪز کان يارنهن ڪلوميٽر پري ”هائيڊ پارڪ“ ۽ ”ووڊلان“ واري علائقي ۾ 211 ايڪڙن تي مشتمل هن يونيورسٽي جي تعمير لاءِ هڪ ٻئي مخير مارشل فيلڊ پنهنجي زمين عطيي طور ڏني هئي. تازو ئي سال 2008ع ۾ آمريڪا جي هڪ وڏي سڙيپڪار ڊيوڊجِي بوٿ شڪاگو يونيورسٽي جي ”بُوٿ اسڪول آف بزنس“ کي 300 ملين ڊالر عطيي طور ڏنا آهن جيڪي اتان جي تعليمي ترقيءَ لاءِ استعمال ڪيا پيا وڃن. خانگي طور قائم ڪيل شڪاگو يونيورسٽي پنهنجي بهترين تعليمي، تدريسي ۽ تحقيقي معيار جي بنياد تي نه رڳو پنهجي ملڪ پر دنيا جي ٻين ملڪن ۾ پڻ مقبوليت ماڻي آهي. ان جو اندازو هن ڳالهه مان به لڳائي سگھجي ٿو ته آمريڪا کان ٻاهر لنڊن، پئرس، سنگاپور ۽ چين جي بيجنگ شهر ۾ به هن جون ڪئمپسون ۽ سينٽر قائم آهن جتي ڪيترن ئي تدريسي شعبن ۾ انڊر گريجوئيشن ڪورسن لاءِ تعليم ڏني وڃي ٿي. شڪاگو ۾ هن جي ٻي ڪئمپس هتان جي مرڪزي ۽ تجارتي علائقي ”اسٽريٽوائل“ ۾ پڻ موجو آهي. شڪاگو يونيورسٽيءَ ۾ 20 هزار شاگرد داخل آهن، جن ۾ 56 سيڪڙو ڇوڪرا ۽ 44 سيڪڙو ڇوڪريون آهن.
    هڪ عام راءِ موجب آمريڪا جي چند ٽاپ يونيورسٽين، جن کي آمريڪا ۾ تعليمي ادارن جي ڪريم به سڏجي ٿو، جهڙوڪ هارورڊ يونيورسٽي، مئسچوسٽس انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي، يئل يونيورسٽي، شڪاگو يونيورسٽي ۽ پرنسٽن يونيورسٽي ۾ گريجوئيشن ليول جي ڪورسن ۾ پڙهائي ۽ ڪم جي ڪٿ ڪبي ته ان ڏس ۾ شڪاگو يونيورسٽي سڀني کان اڳتي ملندي. هن يونيورسٽي جو ”ڪاليج آف يونيورسٽي آف شڪاگو“ بايولاجيڪل سائنز، فزيڪل سائنسز ۽ سوشل سائنسز جي 50 کن مکيه دريسي ۽ تحقيقي شعبن ۽ 28 مددي سبجيڪٽن ۾ بيچلر آف سائنس ۽ بيچلر آف آرٽس جي ڊگرين لاءِ پڙهائي ۾ وڏي نيڪنامي رکي ٿو. پوسٽ گريجوئيشن لاءِ يونيورسٽيءَ ۾ داخل شاگردن لاءِ ”ڪور ڪلاسز“ (core classes) جو اهتمام ٿيل هوندو آهي جن ۾ هر ڪلاس ۾ شاگردن جو ڪل تعداد صرف 17 رکيو ويندو آهي جن کي سينيئر پروفيسر پڙهائندا آهن.
    شڪاگو يونيورسٽي ۾ تدريس ۽ تحقيق جي پنجن ڊويزنس جهڙوڪ، نيچرل سائنس، ميڊيڪل ۽ بايولاجيڪل سائنس، فزيڪل سائنس، آرٽ ۽ سوشل سائنس ۾ جديد علمن جا سڀئي شعبا موجود آهن، جتي آمريڪا توڙي ٻاهر کان ايندڙ شاگرد پنهنجي پسند جي شعبي ۾ اعليٰ تعليم جا موقعا حاصل ڪندا رهن ٿا. هن يونيورسٽيءَ جا ڇهه پروفيشنل اسڪول جهڙوڪ؛ پرزڪر اسڪول آف ميڊيسنس، بُوٿ اسڪول آف بزنس، ڊِوِنٽي (Divinity) اسڪول، هئرس اسڪول آف پبلڪ پاليسي اسٽديز ۽ اسڪول آف سوشل سروس ائڊمنسٽريشن پڻ شاگردن کي پيشورانه تعليم ۽ تربيت ڏئي دنيا جو ڪارج ڀريو شهري بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهن ٿا.
    هن يونيورسٽيءَ جي لائبريري سسٽم ۾ ڇهه لائبريريون شامل آهن جيڪي شاگردن جي مطالعي ۾ معاونت ڪنديون رهن ٿيون. انهن لئبريرين ۾ 85 لک ڪتاب ۽ ريسرچ جنرل موجود آهن. يونيورسٽي آف شڪاگو ميڊيڪل سينٽر پڻ ميڊيڪل جي پروفيشنل تعليم سان گڏ اعليٰ معيار جي طبي سهوليتن جو اهتمام به ڪندو رهي ٿو. ان کان علاوه شڪاگو يونيورسٽي جا ٻين ملڪي توڙي غير ملڪي ادارن سان تعليمي ۽ تحقيقي شعبن ۾ سهڪار وارا تعلق هن يونيورسٽيءَ جي ڪم ۽ نيڪناميءَ ۾ اضافو ڪندا رهن ٿا. ”شڪاگو يونيورسٽي پريس“ يونيورسٽيءَ ۾ معياري ڇپائي جو مرڪز بڻيل آهي.
    يونيورسٽي آف شڪاگو ۾ تدريسي سال سيپٽمبر جي آخري تاريخن ۾ شروع ٿي ٻئي سال ۾ جون مهيني جي وچ ڌاران ختم ٿي ويندو آهي. تدريسي سال چئن ٽماهي ٽرمن (Terms) ۾ ورهايل هوندو آهي ۽ هر ٽرم 11 هفتن تي مشتمل هوندو آهي. انڊر گريجوئيشن جي شاگردن کي پنهنجي لاڳاپيل شعبي جي هر ٽرم ۾ ٽي يا چار ڪورس پڙهڻا پوندا آهن. هر تدريسي ٽماهي ٽرم موسم جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي. جھڙوڪ؛ سمر ٽرم (جون کان آگسٽ تائين)، آٽم ٽرم (سيپٽمبر کان ڊسمبر تائين)، ونٽر ٽرم (جنوري کان مارچ تائين) ۽ اسپرنگ ٽرم ( اپريل کان جون تائين).
    هيءَ يونيورسٽي پنهنجي گريجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ پروگرامن سان گڏ ٻارن جي تعليم لاءِ ڪجهه ٻيا ادارا پڻ پنهنجي نگراني ۾ هلائي ٿي جهڙوڪ؛ يونيورسٽي آف شڪاگو ليبارٽري اسڪول، اهو هڪ خانگي اسڪول ۽ ”ڊَي ڪيئر“ سينٽر آهي. انهيءَ کان علاوه ”يونيورسٽي آف شڪاگو اسڪول مئٿميٽڪس پراجيڪٽ“ جي تحت هيءَ يونيورسٽي پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن ۾ مئٿميٽڪس جي معياري پڙهائي لاءِ ڪوششون وٺندي رهي ٿي. هن يونيورسٽيءَ جي نگراني ۾ هلندڙ ”سونيا شئنڪمئن آرٿوجينڪ اسڪول“ ۾ ذهني ۽ جذباتي طور متاثر ٿيلن جو علاج، تعليم ۽ تربيت ڪئي وڃي ٿي. هن يونيورسٽي جي ”هائيڊ پارڪ ڊَي اسڪول“ ۾ اسپيشل ٻارن جي پڙهائي ۽ ترتيب ڪئي وڃي ٿي. ان کان علاوه هي يونيورسٽي چار پبلڪ اسڪول ۽ ”اربن (urban) ايجوڪيشنل ڊَي سينٽر“ پڻ هلائي رهي آهي. شڪاگو يونيورسٽي هر سال ڪروڙين ڊالر تحقيق واري شعبي تي خرچ ڪري ٿي جنهنڪري هن کي تحقيقي عمل جو سرگرم ادارو ليکيو وڃي ٿو. هن يونيورسٽيءَ ۾ 12 ريسرچ انسٽيٽيوٽس ۽ 113 ريسرچ سينٽر آهن.
    شڪاگو يونيورسٽي جو آرٽ ۽ فنونِ لطيفه وارو شعبو به ڏاڍو متحرڪ ۽ فعال آهي. جنهنڪري آرٽ سان محبت ڪندڙ دنيا جا هزارين نوجوان هتي اچي آرٽ جي علم سان پنهنجي اڃ اجهائين ٿا. هتي ميوزڪ ڪمپوزيشن، سينما ۽ ميڊيا اسٽڊيز ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري لاءِ تعليم ۽ تحقيق ڪرائي وڃي ٿي. انهيءَ کان علاوه ٿيٽر ۽ پرفارمنگ آرٽ، فائن آرٽس ۽ وزيئل آرٽس ۾ پڻ ماسٽرس جون ڊگريون ڏنيون وڃن ٿيون. شاگردن جي تفريح ۽ تربيت لاءِ هتي جيڪي تنظيمون ۽ ادارا ڪم ڪن ٿا انهن ۾ ”ڪورٽ ٿيٽر“، شڪاگو يونيورسٽي اورينٽل انسٽيٽيوٽ، سمارٽ ميوزم آف آرٽ، رينئسنس سوسائٽي ۽ شاگردن جون ڪي ئي ادب ۽ آرٽس جو تنظيمون شامل آهن. هن يونيورسٽي جو ”ريوا ائنڊ ڊيوڊ لوگن سينٽر فار آرٽس“ جنهن جي قيام لاءِ فن جي شيدائي مسٽر ڊيوڊ لاگن ۽ سندس سيبتي زال مسز ايوا 35 ملين ڊالر جو عطيو ڏنو هو سو به فن ۽ آرٽ جي تعليم جي ترقيءَ ۾ نمايان ڪارڪردگي ادا ڪندو رهي ٿو.
    راند روند وارين سرگرمين ۾ پڻ شڪاگو يونيورسٽي اڳ ڀري آهي. مختلف راندين لاءِ شاگردن جون ٽيمون آهن جن ۾ ڏهه ٽيمون ڇوڪرن ۽ نَوَ ٽيمون شاگردياڻين تي مشتمل آهن. ان کان علاوه تفريحي ۽ فلاحي سرگرمين لاءَ شاگردن جا 400 ڪلب ۽ تنظيمون يونيورسٽي ۾ متحرڪ آهن. شاگردن جي معلومات لاءِ هفتيوار اخبارون ”شڪاگو مئرون“ ۽ شڪاگو ويڪلي پڻ جاري ڪيون وڃن ٿيون.
    بهرحال علم ۽ سکيا سان چاهه رکندڙ نوجوانن لاءِ شڪاگو يونيورسٽي ۾ گھڻو ڪجهه آهي. جٿي همٿ، محنت ۽ جذبي جي مدد سان پهچي اهو سڀڪجهه حاصل ڪري سگھجي ٿو.

    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 9 آڪٽوبر 2013ع)


    مئريلئنڊ يونيورسٽي

    University of Maryland

    مئريلئنڊ يونيورسٽي

    جتي هزارين شاگرد پڙهي رهيا آهن


    لاڙڪاڻي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”پٺاڻ“ سان تعلق رکندڙ منهنجو دوست الطاف سيال مئريلئنڊ يونيورسٽي آمريڪا مان ”اسپيس ٽيڪنالاجيءَ ذريعي فصلن جي مانيٽرنگ ڪرڻ“ بابت ٻن مهينن جي ٽريننگ حاصل ڪري، جيئن ئي سنڌ پهتو ته مان کيس فون ڪري مبارڪ به ڏني ۽ سندس ان ٽريننگ ۽ ان کان اڳ سندس تعليمي سفر ۾ حاصل ڪيل نمايان ڪاميابين ۽ مئريلئنڊ يونيورسٽي بابت معلومات ورتي ته جيئن ان معلومات کي هن مضمون ۾ شامل ڪري سنڌ جي نوجوانن کي دنيا جي هڪ وڌيڪ درسگاهه بابت آگاهي به ڏيان ۽ سنڌ جي ٻهراڙيءَ سان تعلق رکندڙ هن ڪامياب ماڻهوءَ سان روشناس ڪرائي کين به اڳتي وڌڻ جو اتساهه ڏيان. آمريڪا جي بورلاگ فيلوشپ جي مالي سهڪار سان مئريلئنڊ يونيورسٽي مان اسپيس ٽيڪنالاجي ۽ زراعت ۾ تربيت حاصل ڪري آيل الطاف سيال ضلعي لاڙڪاڻي جي باقراڻي تعلقي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”پٺاڻ“ ۾ هڪ هاريءَ جي گھر ۾ جنم ورتو. هن پنهنجي ڳوٺ مان ئي بنيادي تعليم حاصل ڪري سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ ٽنڊوڄام مان انجنيئرنگ ۾ ايم ايس س جي ڊگري ورتي ۽ پوءِ پنهنجي ذهانت ۽ صلاحيت جي بنياد تي پاڪستان سرڪار جي تعليم کاتي وٽان قائداعظم ميرٽ اسڪالرشپ حاصل ڪري پهريان برطانيا جي ڪرئنفيلڊ يونيورسٽيءَ جي سِلسو ڪاليج مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري ۽ پوءِ آمريڪا جي فلبرائٽ فائونڊيشن جي فيلوشپ (مالي سهائتا) حاصل ڪري ڪئليفورنيا يونيورسٽيءَ مان پوسٽ ڊاڪٽوريٽ جو اعزاز ماڻيو. هن ٻي پوسٽ ڊاڪٽوريٽ آسٽريليا سرڪار جي اِنڊيوَرفيلوشپ (مالي سهائتا) حاصل ڪري ڪامن ويلٿ سائنٽيفڪ ائنڊ انڊسٽريل ريسرچ آرگنائيزيشن (CSIRO) آسٽريليا مان حاصل ڪئي. ڊاڪٽر الطاف سيال اڄڪلهه زرعي يونيورسٽي جي انجنيئرنگ فئڪلٽيءَ ۾ پروفيسر آهي ( اڄڪلهه ڊاڪٽر سيال مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي ۾ پروفيسر جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.) مئريلئنڊ يونيورسٽيءَ بابت ٻين ذريعن سميت ڊاڪٽر سيال کان مليل معلومات کي هن مضمون جو حصو بڻائي اوهان کي پڙهڻ لاءِ پيش ڪريان ٿو.
    دي يونيورسٽي آف مئريلئنڊ جنهن کي عام طور تي مئريلئنڊ يونيورسٽي يا صرف ”ايم يو“ به سڏيو وڃي ٿو سا آمريڪا جي مئريلئنڊ رياست ۾ ”پرنس جارج ڪائونٽي“ جي هڪ مشهور شهر ”ڪاليج پارڪ“ ۾ قائم آهي. ڪاليج پارڪ شهر آمريڪا جي گادي واري شهر واشنگٽن کان اٽڪل 13 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. جهڙي طرح هن شهر جو نالو يعني ”ڪاليج پارڪ“ منفرد آهي اهڙي طرح هن شهر ۾ 1856ع ۾ قائم ڪيل مئريلئنڊ ائگريڪلچر ڪاليج مان جنم وٺندڙ مئريلئنڊ يونيورسٽي پڻ پنهنجي بهترين ڪارڪردگيءَ جي ڪري تعليمي دنيا ۾ هڪ منفرد حيثيت جي مالڪ بڻي آهي. ٽائيمز هائير ايجوڪيشن ورلڊ يونيورسٽيز رئڪنگ جي سال 2013ع واري رپورٽ مطابق مئريلئنڊ يونيورسٽي دنيا جي هزارن يونيورسٽين ۾ معيار جي حوالي سان 108 نمبر تي آهي. هيءَ يونيورسٽي هتان جي ”يونيورسٽي سسٽم آف مئريلئنڊ“ جي هڪ فلئگشپ اداري جي حيثيت رکي ٿي. اهو واضع هجي ته ڪنهن تعليمي سسٽم يا آرگنائيزيشن جي هڪ کان وڌيڪ ڪئپمسن تي مشتمل ڪنهن يونيورسٽي يا ٻئي تعليمي اداري ۾ بنيادي، خاص ۽ اڳواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪندڙ ڪئمپس کي فلئگشپ ڪئمپس سڏبو آهي. مئريلئنڊ رياست ۾ ڪاليج پارڪ شهر واري مئريلئنڊ يونيورسٽي کان علاوه هن رياست جي هڪ ٻئي شهر ”بالٽيمور“ ۾ پڻ ساڳئي نالي واري ”مئريلئنڊ يونيورسٽي“ موجود آهي جيڪا ڪاليج پارڪ شهر واري مئريلئنڊ يونيورسٽي کان اڻونجاهه سال اڳ يعني 1807ع ۾ قائم ڪئي وئي هئي. ڪاليج پارڪ شهر واري ”مئريلئنڊ يونيورسٽي“ کي ”ايم يو سي بي“ ۽ بالٽيمور شهر واري ”مئريلئنڊ يونيورسٽي“ کي ”ايم يو بي“ پڻ سڏيو ويندو آهي. مئريلئنڊ يونيورسٽي جي نالي سان هن رياست جي مٿي ڄاڻايل ٻنهي شهرن جون اهي ٻئي يونيورسٽيون سرڪاري سرپرستي هيٺ ساڳئي نالي جي سڃاڻپ سان خودمختيار اعلي تعليمي ادارن جي حيثيت ۾ ڪم ڪنديون رهن ٿيون. اهي ٻئي يونيورسٽيون ”يونيورسٽي سسٽم آف مئريلئنڊ“ جو حصو آهن.
    مئريلئنڊ يونيورسٽي ڪاليج پارڪ مئريلئنڊ رياست جي سڀ کان وڏي سرڪاري يونيورسٽي آهي جيڪا تدريس سان گڏ تحقيق ۾ پڻ اڳڀري آهي. هن يونيورسٽي ۾ 40 هزار شاگرد انڊرگريجوئشن، گريجوئيشن ۽ ڊاڪٽوريٽ وارن 100 کان وڌيڪ جديد تدريسي ڪورسن ۾ داخل آهن. مئريلئنڊ يونيورسٽي آمريڪا جي وفاقي گادي واري شهر واشنگٽن جي ويجهو هجڻ ڪري هن کي تعليم توڙي تحقيق واري ڪم لاءِ آمريڪا جي وفاقي حڪومت جو ڀرپور سهڪار حاصل آهي. آمريڪا جا جڳ مشهور ادارا جهڙوڪ نيشنل ائرو ناٽيڪل ائنڊ اسپيس ائڊمنسٽريشن، جيڪو عام طور تي ناسا (NASA) جي مختصر نالي سان دنيا ۾ سڃاتو وڃي ٿو، اهو ۽ ڊپارٽمنٽ آف هوم لئنڊ سڪيورٽي، نيشنل انسٽيٽيوٽ آف اسٽنڊرڊس ائنڊ ٽيڪنالاجي ۽ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ هن يونيورسٽي جي استادن ۽ محققن کي تحقيق واري شعبي ۾ اداراتي سهڪار سان گڏ مالي سهائتا به ڪندا رهن ٿا جنهنڪري مئريلئنڊ يونيورسٽي ۾ معياري تدريسي عمل سان گڏ تحقيق جو ڪم پڻ معياري طريقي سان ٿيندو رهي ٿو.
    دي يونيورسٽي آف مئريلئنڊ ڪاليج پارڪ ۾ مختلف ريسرچ سينٽرن، انسٽيوٽس کان علاوه 13 مختلف اسڪول ۽ ڪاليج آهن جهڙوڪ جئمس ڪلرڪ اسڪول آف انجنيئرنگ، ڪاليج آف ائگريڪلچر ائنڊ نيچرل ريسورسز، ڪاليج آف بِهيورِيَل ائنڊ سوشل سائنسز، فلپ ميرل ڪاليج آف جرنلزم، ڪاليج آف ڪمپيوٽر، مئٿميٽيڪل ائنڊ نيچرل سائنسز، ڪاليج آف آرٽس ائنڊ هيومنٽيز، ڪاليج آف ايجوڪيشن، ڪاليج آف انفرميشن اسٽڊيز، رابرٽ ايڇ سمٿ اسڪول آف بزنس، اسڪول آف آرڪيٽيڪچر، پلاننگ ائنڊ پرزرويشن، اسڪول آف پبلڪ هيلٿ، اسڪول آف ميوزڪ ۽ اسڪول آف پبلڪ پاليسي. هن يونيورسٽيءَ جي انهن اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ قائم 100 کان وڌيڪ تدريسي ۽ تحقيقي شعبا شاگردن جي دلچسپي جو سبب بڻيل آهن. مئريلئنڊ يونيورسٽي ڪاليج پارڪ جي چئن استادن ۽ هتي پڙهي ويل ٻن شاگردن پنهنجي منفرد ڪم ۽ تحقيق جي عيوض نوبيل انعام حاصل ڪيا آهن.
    بالٽيمور شهر واري مئريلئنڊ يونيورسٽي زيادهه تر پنهنجي ميڊڪل سائنسز واري تدريسي شعبن جي ڪري مشهور آهي. هن جا ست پروفيشنل اسڪول جهڙوڪ اسڪول آف ميڊيسن، ڊينٽل اسڪول، اسڪول آف فارميسي، نرسنگ اسڪول ۽ اسڪول آف پبلڪ هيلٿ ڏيهي توڙي پرڏيهي شاگردن ۾ وڏي مقبوليت رکن ٿا. ان کان علاوه اسڪول آف لا، گريجوئيٽ اسڪول ۽ اسڪول آف سوشل ورڪ پڻ هن يونيورسٽي جا اهم تدريسي ۽ تحقيقي شعبا ليکجن ٿا.
    ٻنهي شهرن يعني ڪاليج پارڪ ۽ بالٽيمور واري مئريلئنڊ يونيورسٽي ۾ تدريس ۽ تحقيق سان گڏ شاگردن جي ذهني ۽ جسماني اوسر ۽ صحت لاءِ انڊور توڙي آئوٽ ڊور تفريحي پروگرامن جو باقاعدگيءَ سان اهتمام ڪيو ويندو آهي. يونيورسٽي جي هاسٽلن ۾ رهندڙ شاگردن جي پرگھور ۽ چڱ ڀلائي جو ڪم يونيورسٽي جو هڪ ادارو ”ڊپارٽمنٽ آف ريزيڊنشل لائيف “ وڏي خبرداريءَ سان ڪندو رهي ٿو. هن اداري پاران رهائشي شاگردن جي تفريح ۽ تدريسي فلاح ۽ واڌاري لاءِ گھڻ ثقافتي پروگرامن سان گڏ فڪري ۽ علمي پختگي لاءِ ”ڪامن گرائونڊ ڊائلاگ“ ۽ ”اڪئڊمڪ ڊيولپمنٽ پروگرام“ جي سري هيٺ تقريبون منعقد ڪيون وڃن ٿيون.
    مئريلئنڊ يونيورسٽي ۾ پڙهڻ لاءِ نه رڳو آمريڪا جي مختلف رياستن جا نوجوان اچن ٿا پر دنيا جي 100 کان وڌيڪ ملڪن جا نوجوان اتي اچي تعليم ۽ تربيت به حاصل ڪن ٿا ته آمريڪا جي خوبصورت شهرن ۽ تاريخي جاين کي ڏسڻ سميت يونيورسٽي توڙي شهر ۾ موجود مختلف قومن ۽ ثقافتن جي ماڻهن سان ملي تفريح سان گڏ تجربو به حاصل ڪن ٿا. ان حوالي سان مئريلئنڊ يونيورسٽي وارن ٻن شهرن ڪاليج پارڪ، بالٽيمور ۽ خود مئريلئنڊ رياست جي تاريخ تي سرسري نگاهه پڻ دلچسپي جو سبب آهي. ڪاليج پارڪ شهر صحيح معنيٰ ۾ تڏهن جڙيو جڏهن واشنگٽن کان 13 ڪلوميٽر ٻاهر مئريلئنڊ ائگريڪلچر ڪاليج قائم ڪيو ويو هو جيڪو پوءِ ترقي ڪري مئريلئنڊ يونيورسٽي بڻيو. اهوعلائقو واشنگٽن کي ويجهو هجڻ ڪري اتان جا ڪافي ماڻهو شهري تنگ مزاجي ۽ روايتي زندگيءَ کان بچڻ لاءِ لڏڻ پلاڻ ڪري اچي ڪاليج جي آس پاس ڪشادي علائقي ۾ گھر ٺاهي رهائش اختيار ڪيو ۽ ان رهائشي علائقي کي ڪاليج پارڪ جو نالو ڏنو جيڪو بعد ۾ ترقي ڪندي هڪ خوبصورت شهر جو روپ اختيار ڪيو. ڪاليج پارڪ شهر جي شهرت ۾ مئريلئنڊ يونيورسٽي وڏو اضافو ڪيو. هن وقت هن شهر جي ڪل آبادي اٽڪل 31 هزار ماڻهن تي مشتمل آهي.
    مئريلئنڊ يونيورسٽيءَ جو ٻيو شهر بالٽيمور هن رياست جو سڀ کان وڏو ۽ آمريڪا جو ڇويهون نمبر وڏو شهر آهي. بالٽيمور شهر جي خوبصورتيءَ جي پيشِ نظر هن کي ”چارم سٽي“ يعني موهيندڙ شهر پڻ چيو ويندو آهي. بالٽيمور شهر جي هڪ تاريخي ۽ نمايان حيثيت ان حوالي سان به آهي ته جڏهن 1812ع واري برطانيا ۽ آمريڪا واري جنگ ۾ برطانوي فوجن آمريڪا جي شهر واشنگٽن ڊي سي کي باهه ڏئي ساڙڻ کان پوءِ ان جي ڀر واري شهر بالٽيمور تي چڙهائي ڪئي ته هڪ وڏي معرڪي جنم ورتو ۽ ان جي نتيجي ۾ حملي آور برطانوي فوج ڪجهه آمريڪي فوجين کي قيدي بڻائي ورتو. بهرحال 13 سيپٽمبر 1812ع واري رات جو مئريلئنڊ جو ناميارو وڪيل ۽ شاعر ”فرانسز اسڪاٽ ڪي“ پنهنجا فوجي ڇڏائڻ لاءِ اتي موجود برطانوي ٻَيڙي (Ship) تي وڃي برطانوي فوجي عملدارن سان ڳالهيون ڪيون صبح ٿيڻ سان هن جيئن ئي ٻَيڙي جي دريءَ ۾ ٻاهر پنهنجي بالٽيمور جي ڌرتي تي نگاهه وڌي ته کيس اتي ڪيترا ئي آمريڪي جهنڊا ڦڙڪندا نظر آيا. ان نظاري کان متاثر ٿي هن هڪڙو نظم لکيو جنهن جو عنوان هيو (The star-spangled banner) يعني ”ستارن سان جڳمڳائيندڙ جهنڊو“ . ان نظم جي من موهيندڙ شاعريءَ کان متاثر ٿي برطانيا جي هڪ موسيقار جان اسٽئفورڊ سمٿ ان کي ڪمپوز ڪيو جيڪو نظم بعد ۾ يعني 1931ع ۾ آمريڪا جو قومي ترانو بڻيو. اهو ”دي اسٽار اسپئنگلڊ بئنر“ وارو ترانو اڄ تائين آمريڪا جي سڃاڻپ ۽ قومي تقريبن جي زينت بڻبو رهي ٿو.
    مئريلئنڊ يونيورسٽي پنهنجو نالو مئريلئنڊ رياست کان ئي ورتو آهي. مئريلئنڊ رياست آمريڪا جي پنجاهه رياستن ۾ سڀ کان ننڍي، ڳتيل آباديءَ واري، خوشحال ۽ خوبصورت رياست آهي. هن رياست جي گادي واري شهر جو نال ”ائناولس“ آهي. مئريلئنڊ يونيورسٽي ۾ پڙهڻ جي خواهش رکندڙ سنڌي نوجوان پنهنجي صلاحيتن، ذهانت ۽ ميرٽ جي بنياد تي پنهنجي ملڪ توڙي دنيا جي مختلف ادارن وٽان اسڪالرشپس، فيلوشپس ۽ اهڙي طرح جي ٻي تعيليمي مالي سهائتا حاصل ڪري اعليٰ تعليم ۽ تربيت حاصل ڪري پنهنجي ۽ پنهنجي والدين جي خوابن کي سچي تعبير بخشي سگھن ٿا.

    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 72 نومبر 2013ع)


    ڪَيس وَيسٽرن رِزرِوِ يونيورسٽي

    Case Westren Reserve University

    ڪَيس وَيسٽرن رِزرِوِ يونيورسٽي

    جتي سنڌي شاگردن هڪ تنظيم ٺاهي


    هونئن ته دنيا به هڪ وسيع درسگاهه ئي آهي جنهن ۾ ماڻهوءَ کي هر روز نت نوان سبق سکڻ جو موقعو ميسر ٿئي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ هو پنهنجي زندگي جي سنوار لاءِ سڌا رستا ڳولي انهن تي گامزن ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو آهي پر اها سکيا غير رسمي تعليم جي زمري ۾ اچي ٿي. غير رسمي تعليم جي مدد سان ماڻهو سکي ته ٿو پر ان سکيا جو دائرو محدود هجي ٿو جنهنڪري هو تيز هلندڙ وقت جي ورانگهه سان ڀيچي ٿي نٿو سگھي ۽ نه ئي وري ترقيءَ جا ڏاڪا چڙهندڙ دنيا سان هم پلئه ٿي سگهي ٿو، تنهنڪري هر باشعور شخص پاڻ ۽ پنهنجي اولاد کي رسمي تعليم جي زيور سان آراسته ڪرڻ لاءِ ڪوشان رهي ٿو. رسمي تعليم جا مرڪز اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون ۽ اهڙا ئي ٻيا درسگاهه هوندا آهن، جتي وقت جي ضرورتن پٽاندڙ درس ۽ تدريس ۽ تحقيق جي سهوليتن جو بندوبست ٿيل هوندو آهي. پاڪستان سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾لکن جي تعداد ۾ اهي تعيليمي ادارا پنهنجي وسعت ۽ معيار مطابق ڪم ڪندا رهن ٿا. آمريڪا ۾ پڻ دنيا جي ناموَر درسگاهن جو وڏو انگ موجود آهي جتان جا استاد، محقق ۽ اتان پڙهي نڪتل شاگرد پنهنجي علم، فهم ۽ ڪارڪردگيءَ جي ذريعي مختلف شعبن جي تاريخ ۾ڪاميابين جا نوان باب شامل ڪندا رهن ٿا. آمريڪا جي اهڙن درسگاهن مان ڪيس ويسٽرن رزرو يونيورسٽي پڻ هڪ آهي. خانگي شعبي جي هن معياري يونيورسٽيءَ پنهنجي تدريسي ۽ تحيقيقي سرگرمين جي سفر ۾ پاڻ سان سلهاڙيل استادن ۽ محققن جي سِرَ تي 15 نوبيل انعام سينگارجندي ڏٺا آهن. هن نامياري يونيورسٽي جو وڌيڪ احوال هيٺينءَ ريت آهي.
    ڪيس ويسٽرن رزرو يونيورسٽي آمريڪا جي اوهائيو رياست جي هڪ خوبصورت شهر ڪليوِلئنڊ ۾ قائم آهي. هن يونيورسٽي جي قيام جو سال ته 1967ع ئي ٻڌايو وڃي ٿو پر ان قيام جي پٺيان هڪ دلچسپ ڪهاڻي آهي جنهن جي شروعات اڻويهين صديءَ جي پڇاڙڪن سالن کان ٿي چڪي هئي.
    قصو هيئن آهي ته ڪيس ويسٽرن رزرو يونيورسٽي ٻن تعليمي ادارن جهڙوڪ 1826ع ۾ اوهائيو رياست جي شهر هڊسن ۾ قائم ٿيل ”ويسٽرن رزرو ڪاليج“ ۽ 1877ع ۾ ڪليولئنڊ شهر ۾ قائم ٿيل ”ڪيس اسڪول آف اپلائيڊ سائنس“ جي سنگم جو نتيجو آهي.
    انهيءَ قصي جو تفصيل هن ريت آهي ته ڪليولئنڊ کان اٽڪل 42 ڪلوميٽرن تي هڊسن ۾ قائم ويسٽرن رزرو ڪاليج کي هڪ مخير شخص ”امسا اسٽون“ پنهجي مالي سهائتا جي مدد سان 1882ع ۾ هڊسن مان منتقل ڪرائي تيزيءَ سان ترقي ڪندڙ شهر ڪليولئنڊ ۾ آندو ۽ ان کي يونيورسٽي جو درجو ڏياري ”ويسٽرن رزرو يونيورسٽي ڪليولئنڊ“ بڻايو. ان دوران ئي ڪليولئنڊ شهر ۾ هڪ ٻيو مخير ماڻهو به رهندو هو، جنهن جو نالو ”ليونارڊو ڪيس جُونيئر“ هو. هي همراهه پنهنجي شهر جي تعليمي ترقي ۽ خدمتِ خلق واري جذبي سان تمام گھڻو سرشار هو ۽ انهيءَ مقصد لاءِ هن پنهنجي سموري دولت ۽ جائداد هڪ ڳجهي ٽرسٽ ٺاهي ان جي حوالي ڪري ڇڏي هئي. ليونارڊو ڪيس پاڻ 1842ع ۾ آمريڪا جي ٽيون نمبر پراڻي ”يئل يونيورسٽي“ نالي درسگاهه مان تعليم پرائي قانون ۾ گريجوئيشن جي ڊگري حاصل ڪئي هئي پر ڪڏهن به وڪالت جو ڪم ڪونه ڪيائين. هو توڙي جو پنهنجي حياتيءَ جو سمورو عرصو بيمار ۽ ڪنوارو ئي رهيو پر هن پنهنجي زندگيءَ کي ڪارج ڀريو بڻائڻ لاءِ ان جي هر پل کي تعليمي ڀلائي جي ڪمن لاءِ استعمال ڪندورهيو. ليونارڊو ڪيس 1859ع ۾ پنهنجي شهر ڪليولئنڊ ۾ ”ڪيس هال“ نالي هڪ وسيع عمارت تعمير ڪرائي جنهن ۾ بعد ۾ ڪليولئنڊ لئبريري ۽ ڪليولئنڊ اڪيڊمي آف نيچرل سائنس قائم ٿي. هن 1877ع ۾ ڪليولئنڊ شهر ۾ پنهنجي خانداني نالي ”ڪيس“ جي پٺيان ”ڪيس اسڪول آف اپلائيڊ سائنس“ جي نالي سان هڪ درسگاهه قائم ڪيو هو. قيام جي شروعاتي دور ۾ هِن اسڪول جا ڪلاس هُن پنهنجي گھر ۾ ئي هلائڻ شروع ڪيا هئا. هي اسڪول هتان جي تدريسي عملي جي محنتن جي نيتجي ۾ ترقي جا ڏاڪا چڙهندو ويو. 1947ع ۾ هن اسڪول کي وڌائي ڪيس انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جو نالو ڏنو ويو. هن انسٽيٽيوٽ پنهنجي سائنسي ۽ ٽيڪنيڪل تعليم ۽ تحقيق وارين سرگرمين ذريعي آمريڪا جي اوهائيو رياست ۾ وڏو نالو ڪمايو. ڪيس انسٽيٽيوٽ جي وڌندڙ مقبوليت جي پيشِ نظر هن کي 1967ع ۾ ويسٽرن رزرو يونيورسٽي سان ملائي هڪ نئين ۽ جامع يونيورسٽي جو بنياد وجهي ان کي ”ڪيس ويسٽرن رزرو يونيورسٽي“ جو نالو ڏنو ويو. اهڙي طرح ٻن اعليٰ تعليمي ادارن جو سنگم سان جنم ورتل ڪيس ويسٽرن رزرو يونيورسٽي ايندڙ سالن ۾ تعليم ۽ تحقيق ۾ اعليٰ رڪارڊ ٺاهيندي اڄ اسان جي هن مضمون جو موضوع بڻي آهي.
    ڪليولئنڊ شهر جي مرڪزي جڳهه کان اٽڪل اٺ ڪلوميٽر پري ”يونيورسٽي سرڪل“ واري علائقي ۾ڪشادي ايراضيءَ تي قائم ڪيس ويسٽرن رزرو يونيورسٽي آمريڪا جي معياري اعليٰ درسگاهن جي تنظيم ايسوسيئيشن آف آمريڪن يونيورسٽيز جي ميمبر هجڻ جو اعزاز رکي ٿي. يو ايس نيوز ائنڊ ورلڊ رپورٽس جي رئنڪنگ مطابق ملڪ جي هزارين قومي درسگاهن ۾ هيءَ يونيورسٽي پنهنجي انڊر گريجوئيشن واري پروگرام جي حوالي سان سترهين نمبر تي ليکي وڃي ٿي. ڪيو ايس ورلڊ يونيورسٽيز رئنڪنگ مطابق هي يونيورسٽي دنيا جي 164-هين معياري يونيورسٽي آهي. هونئن ته هن يونيورسٽي ۾ سڀئي تدريسي شعبا پنهنجو خاص معيار رکن ٿا پر سال 2011ع دوران هن يونيورسٽي جا هيٺ ڄاڻايل چار شعبا پنهنجي تدريسي ۽ تحقيقي سرگرمين ڪري آمريڪي توڙي دنيا جي ٻين ملڪن کان آيل شاگردن ۾ ڪافي مقبول رهيا. اهڙن شعبن ۾ بايوميڊيڪل انجنيئرنگ، بايولاجيڪل سائنس، نرسنگ، مڪينيڪل انجنيرنگ ۽ سائيڪالاجي شامل آهن.
    ڪيس ويسٽرن يونيورسٽي ۾ موجود دنيا جي سڀني جديد علمن جا تدريسي شعبا سندس مختلف اسڪولن، ڪاليجن، انسٽيٽيوٽن ۽ سينٽرن جي سٿ ۾ شامل آهن. انهن ۾ ويڌر هيڊ اسڪول آف مئنيجمنٽ، ڪيس اسڪول آف انجنيئرنگ، ڪاليج آف آرٽ ائنڊ سائنس، اسڪول آف ڊينٽل ميڊيسن، فرانسز بالٽن اسڪول آف نرسنگ، اسڪول آف گريجوئيٽ اسٽڊيز اچي وڃن ٿا.
    ڪيس ويسٽرن رزرو يونيورسٽي جون هونئن ته ٻيون به کوڙ ساريون خاصيتون آهن جيڪي هن يونيورسٽي ڏانهن ڌيان ڇڪائين ٿيون پر هن يونيورسٽي جي هڪ خصوصيت اها به آهي ته هن يونيوسٽيءَ مان سنڌي دوستن جو به هڪ خاصو تعداد پڙهيو آهي ۽ انهن مان ڪيترن ئي مستقل طور آمريڪا ۾ ئي رهائش اختيار ڪئي آهي. نه رڳو ايترو پر ڪيس ويسٽرن يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪندڙ ڊاڪٽر رحمان اي سومرو پاران سانا جي ويب پيج تي رکيل هڪ خط موجب آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌين جي سماجي تنظيم ”سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا“ (سانا) جو بنياد پڻ 1989ع ۾ ڪيس ويسٽرن يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ سنڌي شاگردن جي ڪوششن سان ئي پيو هو. ان ۾ وڏو ڪردار خود سومري صاحب جو هئو جنهن سانالٽ جي سڃاڻپ سان هڪ اِي ميل ٺاهي هئي جنهن جي وسيلي سنڌي دوستن جو هڪ ٻئي سان رابطو رهندو هو. شروع ۾ اها اِي ميل صرف يونيورسٽي وارن دوستن وٽ هوندي هئي جن ۾ ڊاڪٽر صغير شيخ، ڊاڪٽر گل آغا، فدا حسين سمون، ڊاڪٽر نديم جمالي، محمد علي مهر، ڊاڪٽر عبدالرزاق ميمڻ، عبدالوهاب سومرو، ڊاڪٽر منظور انڙ، ڊاڪٽر عطاءُالله سولنگي، ڊاڪٽر زبير شيخ شامل هئا. انهيءَ کان پوءِ آمريڪا ۾ سنڌين جي هي سماجي تنظيم گھڻو وڌي ۽ ويجهي آهي.
    آمريڪا ۾ ڪيس ويسٽرن رِزرو يونيورسٽي يا ڪنهن به ٻئي معياري درسگاهه مان ماڻهو پنهنجي خرچ يا ڪنهن اسڪالرشپ جي مدد سان تعليم حاصل ڪري سگھي ٿو. آمريڪا ۾ تعليم لاءِ ٻين اسڪالرشپس سميت فل برائيٽ اسڪالرشپ جو موقعو اڄڪلهه به موجود آهي جنهن بابت آگاهي تازو ئي لاڙڪاڻي ۽ ملڪ جي ٻين تعليمي ادارن ۾ منعقد ڪيل سيمينارن ۾ ڏني وئي جيڪا، مان ضروري ٿو سمجهان ته ڪيس يونيورسٽي جي تفصيلي احوال سان گڏ اها به هتي شيئر ڪريان ته جيئن اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ ۾ دلچسپي رکندڙ نوجوان وقت سر پنهنجا ڪاغذ لاڳاپيل اختيارين تائين پهچائي سگھن. احوال ڪجهه هن ريت آهي.
    تازو ئي لاڙڪاڻي جي ٻن ادارن سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريري ۾واقع لنڪولن سينٽر ۽ ناليج سينٽر لاڙڪاڻي ۾ منعقد ٿيل سيمينارن ۾ شرڪت جو موقعو مليو. اهي سيمينار آمريڪا جي تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مالي سهائتا واري آمريڪي پروگرام ”فل برائيٽ اسڪالرشپ“ متعلق هيا. آمريڪي ڪائونسليٽ ڪراچي جي پبلڪ افيئر سيڪشن ۾ ايجوڪيشن ائنڊ يوٿ ايڊوائيزر جي حيثيت سان مقرر هڪ سنڌي آفيسر سيف الله جسڪاڻي ۽ يونائيٽيڊ اسٽيٽس ايجوڪيشن فائونڊيشن پاڪستان جي هڪ مقامي آفيسر سيد فراز حسين نقوي ”فل برائيٽ اسڪالرشپ“ حاصل ڪرڻ جي طور طريقن ۽ آمريڪا جي مختلف درسگاهن ۾ تعليم پرائڻ بابت نوجوانن کي تفصيلي معلومات ڏني. انهن ٻنهي دوستن ڳالهائيندي ٻڌايو ته پاڪستان جي ٻين نوجوانن سميت سنڌي نوجوانن لاءِ پڻ آمريڪي تعليمي ادارن ۾ اعليٰ تعليم لاءِ کوڙ موقعا موجود آهن. انهن موقعن ۾ فل برائيٽ اسڪالرشپ، ڪميونٽي ڪاليج پروگرام، گلوبل انڊر گريجوئيٽ پروگرام، ڪينيڊي لوگر يوٿ ايڪسچينج پروگرام وغيره شامل آهن. آمريڪا جي مختلف يونيورسٽين مان ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي جي ڊگري پروگرامن لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ خاص طور تي فل برائيٽ اسڪالرشپ جو موقعو موجود آهي جنهن بابت وڌيڪ ڄاڻ ”دي يونائيٽڊ اسٽيٽس ايجوڪيشنل فائونڊيشن ان پاڪستان“ جي ويب سائيٽwww.usefpakista.org تان حاصل ڪري سگھجي ٿو. ٻيون اسڪالرشپس پڻ موجود آهن جن متعلق ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ هنن ويب سائيٽس جو مطالعو ڪرڻ گھرجي www.finaid.com www.college-scholarships.com يا www.usedugides.com .
    ڪيس ويسٽرن يونيورسٽي جي معلومات سان گڏ هن يونيورسٽي واري شهر ۽ رياست جي ڄاڻ پڻ دلچسپي جو باعث بڻجندي. اوهائيو آمريڪا جي 50 رياستن ۾ ايراضيءَ جي حوالي سان چوٽيهون ۽ آباديءَ جي لحاظ کان ستون نمبر وڏي رياست آهي. هن جي گاديءَ وارو شهر ڪولمبس آهي. اوهائيو رياست جو شهر ڪليوِلئنڊ پنهنجي فطرتي حسن سان گڏ ڪيس ويسٽرن رزرو يونيورسٽي جي حوالي سان مشهور آهي. ڪليولئنڊ ۾ قائم ڪيس ويسٽرن رِزروِ يونيورسٽي مان تعليم پرائڻ جي خواهش رکندڙ نوجوان اتان جي تعليم سان گڏ ڪيس يونيورسٽي ۽ هن شهر ۾ منعقد ٿيندڙ تفريحي سرگرمين سميت هتان جي ماڳن ۽ مڪانن جي موجودگيءَ مان مستفيض ٿيڻ جا پڻ ڪي ئي موقعا حاصل ڪري سگھن ٿا.

    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 19 مارچ 2014ع)


    آمريڪا جي جانس هاپڪنس يونيورسٽي

    Johns Hopkins University

    آمريڪا جي جانس هاپڪنس يونيورسٽي

    جتي ناسا لاءِ به ڪم ٿئي ٿو


    آمريڪا ۾ جانس هاپڪنس يونيورسٽي جو جنم ته 22 جنوري 1876ع تي عمل ۾ آيو پر اسان ڳالهه جي شروعات هن يونيورسٽي جي جنم کان ايڪياسي سال اڳ جنم ورتل هڪ عظيم مخير شخص جي جنم واري ڏينهن يعني 19 مئي 1795ع کان ٿا ڪريون، جنهن کان پوءِ ئي جانس هاپڪنس يونيورسٽي جي حقيقتن کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي ڇو ته جانس هاپڪنس يونيورسٽي جو وجود ۽ نالو ان مخير شخص جي تعليمي ڀلائي واري جذبي ۽ ان جي نالي سان ئي سلهاڙيل آهي.
    عيسوي سال 1795 جي 19 مئي واري ڏينهن آمريڪا جي ميريلئنڊ رياست جي هڪ شهر ڪرافٽن ۾ هڪ خاصي زميندار سموئل جانسن جي گھر ۾ هڪ ٻار جنم ورتو جنهن جو نالو وڏي ڌام ڌوم سان ”جانس هاپڪنس“رکيوويو. جانس هاپڪنس کان پوءِ به هن ساڳئي گهر ۾ ڏهه ٻار ٻيا به ڄاوا پر پنهنجن ٻين ڏهن ئي ڀائرن ۽ ڀينرن جي ڀيٽ ۾ جيڪا عزت، اهميت ۽ محبت ”جانس هاپڪنس“ کي پلئه پئي ان جي دعويٰ سندس ٻيا ڀائر ۽ ڀينر ڪري نه ٿا سگھن. ان جو وڏو سبب هي آهي ته جانس هاپڪنس پنهنجي جان ۽ مال کي انسانذات جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هيو. هن جو نظريو اهو هيو ته انساني ڀلائي لاءِ خرچ ٿيندڙ رقم ئي ڪارج ڀري هجي ٿي.
    جانس هاپڪنس جنهن پنهنجي دولت جو وڏو حصو تعليم جي ترقيءَ لاءِ وقف ڪري جانس هاپڪنس يونيورسٽي جي باني بڻجڻ جو اعزاز ماڻيو هو سو ننڍپڻ ۾ ئي تماڪ جي پوکيءَ واري پنهنجي خانداني ڪرت کان ڌار ٿي اچي پنهنجي چاچي سان سندس ” گيرارڊ هاپڪنس بالٽيمور گراسري هول سيل“ واري ڪاروبار ۾ هٿ ونڊائڻ لڳو ۽ سندس بالٽيمور شهر واري گهر ۾ ئي رهائش اختيار ڪيائين جتي هن جا پنهنجي سڳيءَ سئوٽِ ايلزبيٿ سان عشق وارا پيچ لڳي ويا. پر سندن شادي ۾ سندن مذهبي عقيدو رنڊڪ بڻيو جنهن تحت هو سڳيءَ سئوٽ سان شادي نٿي ڪري سگھيو. عشق ۾ انهيءَ چوٽ جي نتيجي ۾ جانس هاپڪنس توڙي سندس محبوبه سئوٽ سڄي زندگي ڪنوارا رهيا. جانس هاپڪنس پنهنجي باقي زندگي ۽ وٽس موجود اڻمئي ناڻي کي انساني ڀلائي لاءِ وقف ڪري جيئڻ جو پهه ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ ان جي نتيجي ۾ اهو ٿيو جو سندس شهر بالٽيمور ۾ جانس هاپڪنس جي دولت مان عام ڀلائي جا ادارا جهڙوڪ جانس هاپڪنس هاسپيٽل، جانس هاپڪنس نرسنگ اسڪول، جانس هاپڪنس اسڪول آف ميڊسن، جانس هاپڪنس بلومبرگ اسڪول آف پبلڪ هيلٿ ۽ جانس هاپڪنس يونيورسٽي جنم وٺي منظر عام تي اچي ويا. نه رڳو ايترو پر شهر جي ٺاهه ٺوڪ ۽ ريل جي رستن جي سڌاري لاءِ پڻ جانس هاپڪنس جي وقف ڪيل رقم استعال ٿي جانس هاپڪنس جي روح جي اطمينان جو سبب بڻجندي رهي.
    1996ع ۾ آمريڪا جي هڪ تنظيم ”رئنڪنگ آف دي رچئسٽ آمريڪنس آف پاسٽ ائنڊ پريزنٽ“ جي سروي مطابق جانس هاپڪنس آمريڪا جي ماضي ۽ حال واري تاريخ جي 100 سڀ کان وڌيڪ شاهوڪارن واري فهرست ۾ 69 نمبر تي هئو. جانس هاپڪنس يونيورسٽي جي ڪهاڻي انهي مخير شخص جانس هاپڪنس جي ڪهاڻي جو ڪلائيميڪس آهي.
    آمريڪا جي رياست مريلينڊ جي شهر بالٽيمور ۾ خدمت جي جذبي تحت 1876ع ۾ قائم ڪيل جانس هاپڪنس يونيورسٽي خانگي شعبي جي نامياري ريسرچ يونيورسٽي آهي جيڪا پنهنجي قيام کان اڄ تائين هڪ سئو اٺٽيهه سالن جي ڊگھي سفر ۾ پنهنجي شاگردن مان دنيا جي مختلف شعبن جون ڪي ئي ڪامياب ۽ عالمگير شخصيتون پيدا ڪري نه رڳو پنهنجي باني جانس هاپڪنس پر هن يونيورسٽي سان واڳيل دنيا جي نوجوانن ۽ انهن جي والدين جي خوابن جي تعبير ڪندي رهي آهي.
    ٽائيمز ايجوڪيشن ورلڊ يونيورسٽيز رئنڪنگ جي سال 2013ع واري سروي رپورٽ مطابق جانس هاپڪنس يونيورسٽي پنهنجي تدريسي ۽ تحقيقي سرگرمين جي معيار مطابق دنيا جي 15 نمبر اهم ۽ معياري يونيورسٽي آهي. هن يونيورسٽي سان سلهاڙيل شاگردن، استادن ۽ محققن پنهنجي ڪارڪردگيءَ ۽ تحقيقن جي عيوض هن وقت تائين 37 نوبيل انعام حاصل ڪيا آهن جن مان 23 نوبيل انعام يافته هن يونيورسٽيءَ جي مختلف فئڪلٽين جا استاد هئا جن مان 18 ڄڻن جو تعلق ميڊيسن ۽ فزيالاجي واري شعبي سان آهي. آمريڪا جو اڳوڻو اٺاويهون صدر ووڊرو ولسن هن يونيورسٽي جو شاگرد هئو جنهن 1886ع ۾ هن يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي هئي ۽ 1919ع ۾ نوبيل انعام حاصل ڪيو هو. آمريڪا جي نيشنل سائنس فائونڊيشن جي ڪٿ مطابق جانس هاپڪنس يونيورسٽي سائنس، ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ وارن تدريسي توڙي تحقيقي شعبن ۾ آمريڪا جي پهرين صف وارين يونيورسٽين ۾ شامل آهي.
    جانس هاپڪنس يونيورسٽي جون آمريڪا ۾ ٻه ڪئمپسون آهن، جنهن مان هڪ هن جي اصلي ڪئمپس جيڪا ميريلينڊ رياست جي بالٽيمور شهر ۾ آهي ۽ هن جي ٻي ڪئمپس واشنگٽن ڊي سي ۾ قائم آهي. ان کان علاوه جانس هاپڪنس يونيورسٽي جا انٽرنيشنل سينٽر دنيا جي ٻين ملڪن جهڙوڪ چين، سنگاپور، ملائيشيا ۽ اٽليءَ ۾ واقع آهن. جانس هاپڪنس يونيورسٽي جون بالٽيمور شهر ۾ ٻه ڪئمپسون آهن جنهن مان هڪ ”هوم ووڊ ڪئمپس“ ۽ ٻي ”ميڊيڪل انسٽيٽيوشنس ڪئمپس اِيسٽ بالٽيمور“ جي تعارف سان مشهور آهن.
    بالٽيمور شهر جي اتر واري پاسي ۾ واقع هوم ووڊ ڪئمپس ۾ مختلف تدريسي ۽ تحقيقي علمن جا اسڪول ۽ انهن ۾ قائم ڪيترا ئي شعبا انڊر گريجوئيشن جا چوهتر ۽ گريجوئيشن ليول جا ٻاونجاهه مختلف پروگرام هلائيندا رهن ٿا جن ۾ هزارين شاگرد رجسٽر ٿي علم جي روشني سان فيضياب ٿيندا رهن ٿا. جانس هاپڪنس يونيورسٽي جي هوم ووڊ ڪئمپس ۾ قائم اهڙن اسڪولن ۾ ”زئنويل ڪريگر اسڪول آف آرٽس ائنڊ سائنس“، ”جِي سِي ڊبليو اسڪول آف انجنيئرنگ“ ۽ اسڪول آف ايجوڪيشن شامل آهن.
    بالٽيمور شهر جي اوڀارين حصي ۾ قائم جانس هاپڪنس يونيورسٽي جي ”ميڊيڪل انسٽيٽيوشنس ڪئمپس“ ۾ واقع اسڪول آف ميڊيسن، بلومنگ اسڪول آف پبلڪ هيلٿ ۽ اسڪول آف نرسنگ پڻ پنهنجن مختلف شعبن ۾ هزارين شاگردن کي ميڊيڪل سائنس جي ڄاڻ سان آرسته ڪري انهن کي گريجوئيشن ۽ پوسٽ گريجوئيشن جي ڊگرين وارا اعزاز بخشي سماج جي خدمت لاءِ فارغ ڪندا رهن ٿا.
    بالٽيمور شهر جي ڪاروباري مرڪز ۾ هن يونيورسٽي سان لاڳاپيل 2007ع ۾قائم ڪيل ”ڪئري بزنس اسڪول“ ۽ 1857ع ۾قائم ڪيل ”پيباڊي انسٽيٽوٽ“ بزنس ايجوڪيشن، ميوزڪلاجي ۽ پرفارمنس وارن ڪورسن ۾ گريجوئيشن جي ڊگري لاءِ تدريس ۽ تحقيق جو عمل ڪندا رهن ٿا جتي پڻ شاگردن جو وڏو تعداد سدائين درسي سرگرمين ۾ مصروف رهي ٿو.
    جانس هاپڪنس يونيورسٽي جي واشنگٽن ڊي سي واري شهر ۾ مساچوئيٽس اوينيو تي ”ايمبيسيز رو“ جي ڏاکڻي طرف قائم ڪئمپس ۾ زياده تر انٽرنيشنل رليشنس، ڊپلوميسي ۽ ايڪنامڪس وارن ڪورسن ۾ ماسٽرس جي ڊگري لاءِ درس و تدريس جون سرگرميون ڪيون وڃن ٿيون.
    جانس هاپڪنس جي اپلائيڊ فزڪس جي لئبارٽري، ميريلينڊ جي علائقي ” لائورل“ ۾ واقع آهي، جتي خاص طور تي آمريڪا جي ڊفينس واري کاتي ۽ ”ناسا“ لاءِ تحقيقي ڪم ڪيووڃي ٿو.
    جانس هاپڪنس يونيورسٽي ۾ درس، تدريس ۽ مطالعي ۾ معاونت ڪندڙ هڪ بهترين لائبريري سسٽم موجود آهي جنهن ۾ اٽڪل 40 لک ڪتابن، ناياب نسخن ۽ ڊاڪومينٽس جو بي بها خزانو موجود آهي. هاپڪسن يونيورسٽي پريس پڻ هتي ٿيندڙ تحقيق تي مشتمل ڪتاب ۽ جرنل ڇاپي علمي خزاني ۾ واڌارو ڪندي رهي ٿي. انهيءَ کان علاوه هن يونيورسٽي جي شاگردن جي هم نصابي ۽ تفريحي سرگرمين لاءِ اسپورٽس، گئمز، ايٿيليٽس جي سهوليتن سميت شاگردن جي ڀلائي ۽ بهبود وارا گروپ، ڪلب ۽ سماجي تعليمي تنظيمون هر وقت متحرڪ رهي هتي جي شاگردن لاءِ زندگيءَ کي پُر رونق ۽ مزيدار بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهن ٿا.
    بهرحال هاپڪنس يونيورسٽي ۾ اڄڪلهه زيرِ تعليم 24 هزارشاگرد هن معياري يونيورسٽي جي موجودگيءَ مان ته مستفيض ٿي رهيا آهن پر مستقبل ۾ هن يونيورسٽيءَ مان تعليم حاصل ڪرڻ جي خواهش رکندڙ دنيا جي نوجوانن لاءِ پڻ هن يونيورسٽيءَ جا دروازا کليل آهن.
    هاپڪنس يونيورسٽي سان گڏ بالٽيمور شهر ۽ ان جي رياست ميرلينڊ جي معلومات وٺڻ پڻ ضروري آهي. بالٽيمور آمريڪا جو ڇويهون نمبر وڏو شهر آهي جيڪو آمريڪا جي رياست ميرلينڊ ۾ واقع آهي. بالٽيمور شهر سان گڏ ڪائونٽي پڻ آهي. بالٽيمور جيڪو 1729ع ۾ قائم ڪيو ويو هيو سو وچ ائٽلانٽڪ آمريڪا جو ٻيو نمبر وڏو سامونڊي بندر آهي. بالٽيمور ميٽروپوليٽن ايريا جي ڪل آبادي اٽڪل ستاويهه لک ماڻهن تي مشتمل آهي. بالٽيمور شهر جي خوبصورتي جي ڪري هن کي ”چارم سٽي“ پڻ سڏيو ويندو آهي. اڄڪلهه بالٽيمور شهر جي گھڻي شهرت جو سبب جانس هاپڪنس يونيورسٽي ۽ ان جا ميڊڪل سائنس ۽ انجنيرنگ وار مرڪز آهن پر هن شهر ۾ ٻيا سرڪاري ۽ غير سرڪاري درسگاهه ۽ يونيورسٽيون پڻ آهن جهڙوڪ يونيورسٽي آف ميريلينڊ بالٽيمور، لويلا يونيورسٽي، ناٽر ڊئم آف ميريلينڊ يونيورسٽي، يونيورسٽي آف بالٽيمور، ڪوپن اسٽيٽ يونيورسٽي، مارگن اسٽيٽ يونيورسٽي وغيره.
    مريلينڊ رياست آمريڪا جي ننڍين رياستن مان هڪ آهي، جيڪا پنهنجي زميني سرحدن سان آمريڪا جي ٻين رياستن جهڙوڪ ورجينيا، ويسٽ ورجينيا ۽ واشنگٽن ڊي سي سان ڳنڍيل آهي. ميريلينڊ رياست کي آمريڪا جي سڀ کان وڌيڪ شاهوڪار رياست پڻ سمجهيو وڃي ٿو. ميريلينڊ رياست جي گاديءَ جو هنڌ اناپولس آهي جڏهن ته هاپڪنس يونيورسٽي وارو شهر بالٽيمور هن جو سڀ کان وڏو شهر آهي.
    جيڪڏهن ڪو نوجوان پنهنجي محنت ۽ ميرٽ جي بنياد تي جانس هاپڪنس يونيورسٽي ۾ تعليم لاءِ پهچي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو ته پوءِ ان کي اهو به موقعو ميسر هجي ٿو ته هوپنهنجي تعليمي ۽ تفريحي مقصد لاءِ نه رڳو بالٽيمور ۽ ميريلينڊ رياست جا ٻيا علائقا پر آمريڪا جا ٻيا تفريحي ۽ تاريخي ماڳ مڪان ۽ شهر پڻ گھمي ڦري ڏسي سگھي ٿو پر شرط اهو آهي ته هن جي شاگرديءَ واري زندگيءَ جو هر لمحو علم، ڄاڻ ۽ معلومات کي حاصل ڪرڻ واري مقصد لاءِ استعمال ٿيڻ گھرجي.

    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 16 اپريل 2014ع)


    ڪولمبيا يونيورسٽي

    Columbia University

    ڪولمبيا يونيورسٽي

    جتي آمريڪا جو صدر اوباما ۽ سنڌ جواديب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به پڙهيو


    آمريڪا جي نيويارڪ شهر ۾ واقع ڪولمبيا يونيورسٽي جي ڪاغذن ۾هونئن ته دنيا جي ٻين مشهور شخصيتن سميت پاڪستان جي ڪيترن ئي شخصيتن جا نالا به ان جي شاگردن ۽ اسڪالرن جي حيثيت ۾ لکيل هوندا پر سنڌ جي هڪ عظيم شخص جو نالو ڪولمبيا يونيورسٽي جي اڳوڻن شاگردن واري لسٽ ۾ مُنڊي تي ٽِڪ جيان لڳندو هوندو. ڪولمبيا يونيورسٽي جو اهو اڳوڻو سنڌي شاگرد جديد سنڌ جو تمام وڏو محقق ۽ ناميارو اديب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هئو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ 1946ع ۾ نيويارڪ جي هن ڪولمبيا يونيورسٽي مان ايجوڪيشن واري مضمون ۾ پي ايڇ ڊي جو اعزاز حاصل ڪري واپس سنڌ آيو ۽ هتي اچي رات ڏينهن محنت ڪري سنڌي لوڪ ادب، ٻولي ۽ تاريخ جي انيڪ موضوعن تي ڪيترائي تحقيقي ڪتاب لکي سنڌي ساهت جي جهولي ڀرڻ سان گڏ، هن سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر، سنڌي لئنگويج اٿارٽي جي چئرمين ۽ سنڌ جي تعليم جي وزير جي حيثيت سان علم ادب ۽ تعليم جي وڏي ۽ بي لوث خدمت ڪئي. ڪولمبيا يونيورسٽي پنهنجن ٻين ڪامياب شاگردن جيان سنڌ مان ڪهي آيل پنهنجي هن لائق شاگرد تي پڻ نازان هوندي.
    ڪولمبيا يونيورسٽي پنهنجن ڪيترن ئي تاريخ ساز اڳوڻن شاگردن جيان پاڻ به نه رڳو آمريڪا پر دنيا جي عظيم درسگاهن جي تاريخ جو هڪ سونهرو باب آهي. هن جو بنياد هڪ ڪاليج جي حيثيت سان اڄ کان 260 سال اڳ پيو هو. اها 1754ع واري سال جي ڳالهه آهي جڏهن برطانيا جي تڏهوڪي بادشاهه جارج ٻئي آمريڪا جي نيويارڪ رياست جي نيويارڪ شهر ۾ اعليٰ تعليمي اداري جي ضرورت کي محسوس ڪندي، هتي ”ڪِنگس ڪاليج“ جي نالي سان هڪ شانائتو ۽ اعليٰ درجي جو درسگاهه قائم ڪرڻ جو فرمان جاري ڪيو هو. ان زماني ۾ آمريڪا جي ٻين رياستن جيان نيويارڪ واري رياست پڻ برطانيا جي قبضي ۾ هئي. گِريٽ بِرٽين جي بادشاه جارج ٻئي جي حڪمنامي جي تعميل ۾ نيو يارڪ شهر جي ميڊسن ايونيو واري علائقي ۾ ”ڪِنگس ڪاليج“ جڙي راس ٿيو ۽ اتي سکڻ سيکارڻ جا سلسلا به جاري ٿي ويا. ان کان ڪجهه ئي سال پوءِ برطانيا جي تسلط کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ آمريڪي رياستون تحرڪ ۾ آيون جنهن جي نتيجي ۾ سال 1784ع ۾ آمريڪا جي انقلابي جنگ شروع ٿي وئي. هن جنگ ۾ آمريڪي فوج ۽ عوام جي ڪاميابي کان پوءِ آمريڪا آزاد ملڪ جي حيثيت سان جشن ملهايو ۽برطانوي راڄ دوران قائم ٿيل ڪِنگس ڪاليج جو نالو تبديل ڪري ڪولمبيا ڪاليج رکيو ويو. ڪولمبيا ڪاليج نيويارڪ سٽي ۾ تعليمي گھرجن جي پورائي ۾ ڪافي معاون ثابت ٿي رهيو هو پر اعليٰ تعليم لاءِ هڪ مڪمل يونيورسٽيءَ واري ضرورت کي پورو ڪري نه پئي سگھيو. بهرحال ڪولمبيا ڪاليج پنهنجي تدريسي ۽ تحقيقي سرگرمين جي بنياد تي ترقي جا ڏاڪا چڙهي رهيو هو. انهي ڳالهه کي تسليم ڪندي 1896ع ۾ هن ڪاليج جو درجو وڌائي ان کي يونيورسٽي جي حيثيت ڏني وئي ۽ سندس نالو بدلائي ”ڪولمبيا يونيورسٽي اِن دي سِٽي آف نيويارڪ“ رکيو ويو. اهڙي طرح نيويارڪ شهر ۾ هن عظيم ۽ اعليٰ سطح جي درسگاهه وجود وٺي پنهنجي علم جي فيض کي عام ڪرڻ شروع ڪري ڏنو جيڪو اڄ تائين رنگ، نسل ۽ عقيدي جي فرق کان بنا دنيا جي هر طالبعلم لاءِ حاضر آهي.
    ڪولمبيا يونيورسٽي جنهن جو بنياد ڪاليج جي حيثيت ۾ نيويارڪ شهر جي ميڊسن ايونيو واري علائقي ۾ پيو هو ان کي بعد ۾ اتان منتقل ڪري سندس موجوده جاءِ يعني نيويارڪ جي تمام اهم بارو (Borough) مينهٽن (Manhattan) جي اترئين پاسي جنهن کي اَپرمينهٽن سڏيو وڃي ٿو، جي مارننگ سائيڊ هائيٽس واري علائقي ۾ آڻي قائم ڪيو ويو، جتي هيءَ يونيورسٽي علم، ادب، تحقيق، سائنس ۽ تاريخ جي ميدان ۾ پنهنجي ڪارڪردگيءَ وسيلي ترقيءَ جا نوان باب رقم ڪندي رهي ٿي.
    ورلڊ ٽائيمس هائير ايجوڪيشن جي سال 2014ع واري سروي مطابق ڪولمبيا يونيورسٽي دنيا جي تيرهون نمبر ٽاپ معياري يونيورسٽي آهي. ڪولمبيا يونيورسٽيءَ کي نيويارڪ رياست جي سڀ کان پراڻي ۽ يونائيٽڊ اسٽيٽس آف آمريڪا جي پنجون نمبر پراڻي يونيورسٽي هجڻ جو اعزاز به حاصل آهي. جيئن هيءَ يونيورسٽي عمر ۾ پنهنجن ٻين ساٿي درسگاهن کان وڏي آهي، اهڙيءَ طرح هن جي تدريسي ۽ تحقيقي ڪارڪردگي پڻ دنيا جي ڪيترن معياري درسگاهن کان مٿاهين آهي. هن يونيورسٽيءَ پنهنجي ڪلاسيڪي انداز کي جديد زماني جي مُروَج ۽ ماڊرن تعليمي طور طريقن سان جوڙي دنيا ۾ هڪ منفرد مقام حاصل ڪيو آهي. ڪولمبيا يونيورسٽيءَ جي تاريخ جو هي به هڪ اهم پهلو آهي ته هن يونيورسٽيءَ سان وابسطه شاگردن، استادن، محققن ۽ سائندانن کي سندن شعبن ۾ بهترين ڪارڪردگي جي عيوض 82 نوبيل انعام پلئه پيا آهن. انهن مان اٺ نوبيل انعام يافته استاد اڄ بـه ڪـولـمـبـيـا يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجون تدريسي ۽ تحقيقي خدمتون سر انجام ڏئي رهيا آهن.
    ڪولمبيا يونيورسٽي جنهن جو سرڪاري طور منظور ٿيل نالو ”ڪولمبيا يونيورسٽي اِن دِي سِٽي آف نيو يارڪ“ آهي، سا نيويارڪ جي مينهٽن جي علائقي مارننگسائيڊ هائيٽس ۾ اٽڪل 35 ايڪڙن تي ڦهيل آهي. هن يونيورسٽي جا 20 تدريسي اسڪول آهن جن ۾ دنيا جي سڀني جديد علمن جا تدريسي ۽ تحقيقي شعبا اعليٰ ڊگرين وارا ڪورس آفر ڪندا رهن ٿا. اڄڪلهه هن يونيورسٽيءَ ۾ اٽڪل 30 هزار شاگرد رجسٽر ٿيل آهن جن مان خاصو تعداد دنيا جي ٻين ملڪن کي ڪَهي اچي ڪولمبيا يونيورسٽي مان تعليم سان فيضياب ٿي رهيو آهي.
    ڪولمبيا يونيورسٽيءَ ۾ جنرل سائنس، انجنيئرنگ ۽ ميڊيڪل سائنس جي مختلف شعبن ۾ تحقيق جي عيوض ٿيل نت نين دريافتن ۽ ايجادن دنيا ۾ انڊسٽري ۽ ٽيڪنالاجي جي ترقي کي وڏي هٿي وٺرائي آهي. 1940ع دوران ڪولميا يونيورسٽي جي فزڪس واري شعبي طرفان يورينيم ائٽم کي ٽوڙڻ ۽ ان تي ڪيل تجربن ۽ تحقيقن هن يونيورسٽي کي عالمي سطح تي نروار ڪيو هو. هن جي سائنسدانن جي نمايان دريافتن ۽ ايجادن ۾ ايم ايف ريڊيو، ليزر، ايم پي اِي جِي ٽو، گرين فلوريسينٽ پروٽين، ايل سي ڊي ٺاهڻ لاءِ سيڪيوئينشل ساليڊيفڪيشن ٽيڪنالاجي، سسٽم مئنينجمنٽ آف آرٽ (سمارٽ) شامل آهن. ڪولمبيا يونيورسٽي جو ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز وارو شعبو پڻ هر گذرندڙ ڏينهن سان تحقيق ۽ ايجادن جو اعليٰ رڪارڊ ٺاهيندو رهي ٿو. هن شعبي ۾ هر سال سَوَن جي تعداد ۾ نوان تجربا ۽ نيون دريافتون انساني صحت لاءِ سهوليتون پيدا ڪنديون رهن ٿيون. فارماسوٽيڪل واري مارڪيٽ ۾ هن وقت به موجود اٽڪل 30 مختلف دوائون ڪولمبيا يونيورسٽي جي لئبارٽرين ۾ تحقيق جو نتيجو آهن. ڪولمبيا يونيورسٽي جي اهڙين دريافتن ۽ ايجادن ۾ هڏن جي سور، بلڊ ڪلاٽنگ، ڪينسر جي تشخيص، دل جي مرضن ۽ ٻين ڪيترين ئي بيمارين جي دوائون شامل آهن.
    ڪولمبيا يونيورسٽي جا ڪاليج آف فزيشنس ائنڊ سرجنس، ڪاليج آف ڊينٽل ميڊيسن، ميلمئن اسڪول آف پبلڪ هيلٿ، ڪولمبيا يونيورسٽي اسڪول آف نرسنگ، ڪاليج آف انجنيئرنگ ائنڊ اپلائيڊ سائنس، گريجوئيٽ اسڪول آف آرٽس ائنڊ سائنس، اسڪول آف سوشل ورڪ، ڪولمبيا لا اسڪول، گريجوئيٽ اسڪول آف جرنلزم، اسڪول آف انٽرنيشنل ائنڊ پبلڪ افيئرس، ڪولمبيا اسڪول آف ڪنٽينيوئنگ ايجوڪيشن هر سال هزارين شاگردن جي گريجوئيشن، ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي جي ڊگرين لاءِ پڙهائي ۽ تحقيق جو اعليٰ بندوبست ڪري پنهنجي ڪاميابين ۽ نيڪنامين ۾ اظافو ڪندا رهن ٿا.
    هن يونيورسٽيءَ جون دنيا جي ٻين ملڪ ۾ پڻ تعليمي ۽ تحقيقي سهوليتون موجود آهن جن کي ڪولمبيا گلوبل سينٽر جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. ڪولمبيا يونيورسٽي جا اهڙا سنيٽر چين جي شهر بيجنگ، ترڪي جي استنبول، فرانس جي پئرس، هندوستان جي بمبئي، ڪينيا جي شهر نيروبي، برازيل جي رِيو ڊي جئنيرو ۽ چليءَ جي وڏي شهر سينتياگو ۾ پڻ موجود آهن
    ڪولمبيا يونيورسٽيءَ کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته هن جي اڳوڻن شاگردن سائنس توڙي سياست يا وري ادب، معاشيات ۽ سماج جي ٻين شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي جي عيوض وڏا عهدا ۽ اعزاز ماڻيا آهن. هن يونيورسٽي جي اهڙن اڳوڻن شاگردن ۾ آمريڪا جو موجوده صدر بارڪ اوباما، آمريڪا جا ٻه اڳوڻا صدر ٿيوڊور روزويلٽ، فرينڪلن روزويلٽ، جارجيه جو صدر مخائيل ساڪشولي، اِيسٽ تيمور جو صدر جوسي ريموس هورٽا، ايسٽونيا جو صدر توماس هينڊرڪ، هندوستان جو آئين تيار ڪندڙ ڊاڪٽر بي آر اميڊڪر، ڪمپيوٽر ڪمپني ”آءِ بي ايم“ جو باني هرمن هوليرٿ، ايف ايم ريڊيو جو موجد ايڊون آرم اسٽرانگ ۽ انٽرنيٽ جي سرچ مشين گوگل چئينا جي باني ”ڪائي فو لي“ سميت مختلف شعبن جون مشهور شخصيتون شامل آهن.
    ڪولمبيا يونيورسٽي جي شاگردن کي دنيا جي مختلف ملڪن جي سربراهن جي تجربن مان فيضياب ڪرڻ لاءِ هتي ”ورلڊ ليڊرس فورم“ نالي هڪ پليٽفارم جوڙيو ويو آهي جنهن ۾ دنيا جي ناميارن اڳوڻن کي گھرائي انهن کي شاگردن ۽ استادن جي اڳيان ڳالهائڻ جو دعوت ڏني وڃي ٿي. هن وقت تائين ڪولمبيا يونيورسٽي جي هن فورم ۾ شريڪ ٿي ڳالهائڻ وارن ليڊرن ۾ ايران، افعانستان ۽ عراق جا موجوده صدر احمدي نجاد، حامد ڪارازائي ۽ جلال طالاباني، پاڪستان ۽ آمريڪا جا اڳوڻا صدر پرويز مشرف ۽ بل ڪلنٽن، روس جو موجوده وزيراعظم ولدامير پيوٽين، هندوستان جو اڳوڻو وزيراعظم اٽل بهاري واجپائي ۽ اقوام متحده جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل ڪوفي عنان سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا حڪمران شامل آهن.
    ڪولمبيا يونيورسٽي جي لئبريري سسٽم پڻ وسيع ۽ جامع آهي جنهن ۾ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ڪتاب ۽ جرنلَ يونيورسٽي جي شاگردن ۽ تحقيڪارن جي علمي اڃ اجهائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهن ٿا.
    هن يونيورسٽيءَ ۾ شاگردن جي گروپن توڙي يونيورسٽي انتظاميا طرفان اشاعت جو ڪم پڻ گھڻي انداز ۾ ٿيندو رهي ٿو جنهن جي نتيجي ۾ يونيورسٽي ۾ ڪيتريون ئي اخبارون، رسالا، تحقيقي جرنل ۽ ڪتاب ڇپبا رهن ٿا. هتان نڪرندڙ اهڙين اخبارن، مئگزينس ۽ جرنلس ۾ ڪولمبو ڊيلي اسپيڪٽر، دي بليو ائنڊ وائيٽ، ڪولمبو پوليٽيڪل ريويو، ڪولمبيا جنرل آف لِٽرري ڪِرٽسزم، دِي جنرل آف پاليٽڪس ائنڊ سوسائٽي، ڪولمبيا ايڪنامڪس ريويو، ڪولمبيا سائنس ريويو، دي جـنـرل آف فـلاسـافـي ۽ ڪـولـمـبـيـا اِيـسـٽ ايـشـيـا ريـويو وغيره شامل آهن.
    هم نصابي سرگرمين واري حوالي سان پڻ هي يونيورسٽي گھڻو اڳڀري آهي. اهڙين سرگرمين ۾ شاگردن جون سماجي ، ثقافتي، تعليم ڀلائي واريون تنظيمون، اسپيچ ۽ ڊبيٽ سوسائٽيون، اسپورٽس ائنڊ ائٿليٽڪس ڪلب، انٽرٽينمنٽ، پرفارمنگ آرٽس ۽ ميوزيڪل ٿيٽر وغيره وڏو متحرڪ ڪردار ادا ڪندا رهن ٿا. ڪولميا يونيورسٽي جو اسٽوڊنٽس ريڊيو ۽ ٽيليويزن اسٽيشن پڻ شاگردن جي آگاهي سان گڏ انهن جي تفريح لاءِ به وڏو مواد ميسر ڪنديون رهن ٿيون.
    بهرحال اهي سموريون ڳالهيون ۽ خاصيتون نيو يارڪ سِٽي واري ڪولمبيا يونيورسٽي جون آهن ، جن مان مستفيض ٿيڻ لاءِ اوهان به ڪوششون ڪري سگھو ٿا، ڪاميابيون ضرور ملنديون.

    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 7 مئي 2014ع)


    وِسڪانسن يونيورسٽي

    University of Wisconsin-Madison

    وِسڪانسن يونيورسٽي

    جتي سنڌي محقق ايم ايڇ پنهور به پڙهيو


    اها ڳالهه اطمينان جوڳي آهي ته هن وقت به دنيا جي ڪيترين ئي ناميارين يونيورسٽين ۾ اسان جي سنڌ جا به ڪيترائي نوجوان توڙي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ سينيئر سطح جا پروفيشنلز اعليٰ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. هنن کان اڳ به انهن درسگاهن مان سنڌ جي جن سپوتن اعليٰ تعليم حاصل ڪري واپس پنهنجي ديس ۾ اچي پنهجي ڌرتي ۽ ڌرتيءَ واسين جي خدمت ڪئي آهي انهن ۾ آمريڪا جي وسڪانسن يونيورسٽي مان اعليٰ تعليم حاصل ڪندڙ دادو ضلعي جي نندڙي ڳوٺ محمد ابراهيم پنهور سان تعلق رکندڙ سنڌ جو سپوت، ناميارو ليکڪ، تاريخدان ۽ زرعي سائنسدان ايم ايڇ پنهور پڻ شامل آهي. ايم ايڇ پنهور جو پورو نالو محمد حسن پنهور هو. هن وسڪانسن يونيورسٽي مان 1949ع ۾ مڪينيڪل انجنيئرنگ ۾ گريجوئيشن ۽ 1953ع ۾ ائگريڪلچر انجنيئرنگ ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي. ايم ايڇ پنهور پنهنجي اعليٰ صلاحيتن جي ذريعي سنڌ جي زراعت، تاريخ، آرڪيالاجي، ٻولي ۽ ٻين انيڪ موضوعن تي ڪم ڪري ڪتاب ۽ تحقيقي مقالا لکي سنڌ جي وڏي خدمت ڪئي آهي. وسڪانسن يونيورسٽي جي ان اڳوڻي لائق شاگرد ۽ سنڌ سان محبت ڪندڙ انتهائي معتبر شخصيت ايم ايڇ پنهور جو حوالو پڻ سنڌ ۾ وسڪانسن يونيورسٽيءَ جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو.
    وسڪانسن يونيورسٽي 1849ع ۾ آمريڪا جي وسڪانسن رياست جي شهر مئڊسن ۾ قائم ڪئي وئي. هيءَ يونيورسٽي وسڪانسن رياست جي نه رڳو پهرين سرڪاري ۽ نامياري يونيورسٽي آهي پر هن کي ” يونيورسٽي آف وسڪانسن سسٽم“ جي ”فلئگشپ يونيورسٽي“ هجڻ جو درجو پڻ حاصل آهي. ياد رهي ته فلئگشپ يونيورسٽي اهڙي يونيورسٽي جي مکيه ڪئمپس کي چئبو آهي جنهن جون هڪ کان وڌيڪ ڪئمپسون هجن ۽ اهي مختلف شهرن ۾ ڦهليل هجن. وسڪانسن رياست جي مئڊسن شهر واري وسڪانسن يونيورسٽي واري فلئگشپ ڪئمپس پنهنجي تدريسي ۽ تحقيقي سرگرمين ۾ وڏي نيڪنامي حاصل ڪئي آهي. انهيءَ دعويٰ جو اندازو هن حقيقت مان به لڳائي سگھجي ٿو ته هن يونيورسٽي سان لاڳاپيل استادن، سائنسدانن ۽ اڳوڻن شاگردن پنهنجي نمايان تحقيقن، دريافتن ۽ ڪارڪردگي جي عيوض 19 نوبيل انعام ۽ ٻيا ڪيترا ئي ڏيهي ۽ عالمي ايوارڊ حاصل ڪيا آهن. وسڪانسن يونيورسٽي جي مئڊسن شهر واري ڪئمپس ۾ هن وقت اٽڪل 35 هزار شاگرد زيرِتعليم آهن جن مان خاصو تعداد پرڏيهي شاگردن جو پڻ آهي. هن ڪئمپس جي مختلف تدريسي ۽ تحقيقي اسڪولن، انسٽيٽيوٽن ۽ ريسرچ سينٽرن ۾ 135 مختلف انڊر گريجوئيٽ پروگرام، 151 ماسٽرس ليول جا پروگرام ۽ 110 ڊاڪٽوريٽ ڊگري جا مختلف پروگرام جاري آهن، جن ۾ شاگرد وڏي دلچسپي سان مصروف آهن.
    آمريڪا جي هڪ معتبر اداري ”ڪارنيگي ڪلاسيفڪيشن آف انسٽيٽيوٽس آف هائير ايجوڪيشن“ جي طرفان وسڪانسن يونيورسٽيءَ کي ”وِي ايڇ آر يو“ جو درجو حاصل آهي، جنهن جو مطلب آهي ”ويري هاءِ ريسرچ يونيورسٽي“ يعني تمام گھڻين تحقيقي سرگرمين واري يونيورسٽي.
    وسڪانسن يونيورسٽي مئڊسن جي قيام جي تاريخ جا ورق اٿلائڻ سان خبر پئي ٿي ته جڏهن اڃا آمريڪا واري وسيع علائقي وسڪانسن کي رياست واري حيثيت حاصل ڪونه ڪئي هئي ۽ انتظامي طور تي ان علائقي کي صرف هڪ ”ٽيريٽري“ (Territory) ئي ليکيو ويندو هو تڏهن هن ٽيريٽري جي علاقائي قانون ساز اسيمبليءَ هڪ ٺهراءَ منظور ڪري ”يونيورسٽي آف ٽيريٽري آف وسڪانسن“ جي قيام جو اعلان ڪيو هو ۽ ان منصوبي کي عملي جامون پارائڻ لاءِ هڪ بورڊ پڻ تشڪيل ڏني هئي. پر افسوس جو اها بورڊ يونيورسٽيءَ جي قيام جي حوالي سان ڪو خاص ٻوٽو ٻاري نه سگھي هئي. انهيءَ ڳالهه کان ڏهه سال پوءِ جڏهن سال 1848ع ۾ وسڪانسن واري علائقي کي آمريڪا جي رياست جي حيثيت ڏني وئي تڏهن هن رياست جي آئين ۾ وسڪانسن رياست جي گادي واري شهر ۾ هڪ جامع ۽ وسيع رياستي يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي شق رکي وئي. انهيءَ پسمنظر ۾ وسڪانسن رياست جي پهرين گورنر هڪ حڪمنامون جاري ڪري 1849ع ۾ ”يونيورسٽي آف وسڪانسن“ جو قيام عمل ۾ آندو ۽ ان وقت جي نامياري تعليمدان ۽ منتظم جان ايڇ لئٿراپ کي هن يونيورسٽي جو چانسلر مقرر ڪيو.
    دنيا جي تعليمي تاريخ ۾ پنهنجي اعليٰ ڪارڪردگيءَ وسيلي شهرتن ۽ نيڪنامين جا ڪي ئي باب شامل ڪندڙ يونيورسٽي آف وسڪانسن جنهن کي عام طور تي صرف وسڪانسن يونيورسٽي يا ”ڊبليو يو مئڊسن“ پڻ سڏيو ويندو آهي تنهن جي شروعات صرف 17 شاگردن تي مشتمل هڪ ڪلاس سان ٿي هئي، جيڪو پنجين فيبروري 1849ع تي ان وقت جي هڪ ننڍڙي پر عورتن جي نامياري درسگاهه ”مئڊسن فيميل اڪيڊمي“ ۾ هلايو ويو هو. بعد ۾ هيءَ يونيورسٽي پنهنجي تدريسي ۽ تحقيقي سرگرمين جي بنياد تي ترقين جا مرحلا طئي ڪندي وڃي فلئگشپ يونيورسٽي واري درجي تي پهتي ۽ اڄڪلهه هن يونيورسٽي جون پنهنجين مستقل ۽ ڪشادين عمارتن ۽ ايراضين تي هڪ کان وڌيڪ ڪئمپسون قائم آهن.
    يونيورسٽي آف وسڪانسن جي ترقيءَ جو سَهِرو ٻين گهڻن ڌرين کان علاوه خاص طور تي هن جي ان سربراهه جي سر تي به آهي، جيڪو ويهين صدي جي شروعات ۾ هن يونيورسٽي جي پريزيڊنٽ طور مقرر ٿيو هو. يونيورسٽي جو اهو پريزيڊنٽ چارلس وئن هائيز هڪ دورانڊيش، وسيع نظر، آدرشي ۽ اورچ انسان هئو. 1904ع ۾ يونيورسٽي جي هڪ تقريب ۾ خطاب ڪندي چارلس وئن هائيز هڪ پرعزم اعلان ڪندي چيو هو ته ”تيستائين مان سک جو ساهه نه کڻندس جيستائين وسڪانسن يونيورسٽي جو فيض وسڪانسن رياست ۾ موجود هر گھر تائين نه ٿو پهچي“. چارلس هائيز جي هن جملي جي هر لفظ ۾ موجود عزم ۽ همٿ واري تاثر جي مدِ نظر هن کي ”وسڪانسن آئيڊيا“ جو نالو ڏنو ويو جيڪو اڄ تائين هن يونيورسٽيءَ جي ايوانن ۾ گونجندو رهي ٿو. چارلس هائيز پنهنجي باصلاحيت ٽيم سان گڏجي هن يونيورسٽي کي ترقيءَ جي شاهراهن تي آڻي يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ تحقيق ۽ تعليم کي وسڪانسن رياست جي ماڻهن جي معيارِ زندگيءَ کي وڌائڻ، صحت جي سهوليتن، ماحولياتي پاڪيزگي، زرعي ۽ صنعتي ترقي ۽ معاشي خوشحاليءَ سان جوڙي پنهنجن لفظن جو ڀرم رکي ڏيکاريو جنهنڪري اڄ به وسڪانسن ۾ هن جو نالو وڏي عزت ۽ احترام سان ورتو وڃي ٿو.
    وسڪانسن يونيورسٽي جون مختلف جڳهن تي قائم ٻين ڪئمپسن جهڙوڪ 1956ع ۾ قائم ڪيل ملوائوڪي ڪئمپس، 1968ع ۾ قائم ڪيل گرين بي ۽ پارڪ سائيڊ واريون ڪئمپسن کان علاوه رياست جو نون ٻيون يونيورسٽيون ۽ ڏهه ٻيا تعليمي مرڪز وسڪانسن يونيورسٽي سان ملائي 1971ع ۾ ”وسڪانسن اسٽيٽ يونيورسٽيز سسٽم“ تشڪيل ڏنو ويو جنهن جي ڪري مئڊسن واري شهر ۾ قائم وسڪانسن يونيورسٽي ”يونيورسٽي آف وسڪانسن سسٽم“ جي فلئگشپ ڪئمپس جو درجو ماڻيو.
    وسڪانسن يونيورسٽي مئڊسن ڪئمپس ٻاويهن اسڪولن تي مشتمل آهي جن ۾ انجنيئرنگ، هيلٿ سائنسز، ائگريڪلچر ائنڊ لائيف سائنسز، ويٽرنري مئڊيسنز، هيومن اڪالاجي، بزنس اسٽڊيز، نرسنگ، فارميسي، پبلڪ افيئرس، ماس ڪميونيڪيشن، اڪنامڪس، ايجوڪيشن، لٽريچر، لئنگوسٽڪس، جيوگرافي ۽ پيور سائنسز، سوشل سائنسز، ائگريڪلچرل سائنس ائنڊ ٽيڪنالاجي سميت دنيا جي ٻين سڀني جديد سبجيڪٽن ۾ گريجوئيشن، ماسٽرس ۽ ڊاڪٽوريٽ لاءِ پڙهائي ۽ تحقيق ڪرائي وڃي ٿي.
    هتي هيءَ ڳالهه پڻ قابل ذڪر آهي ته زرعي تعليم ۽ تحقيق جي حوالي سان هن يونيورسٽي جو ڪاليج آف ائگريڪلچر ائنڊ لائف سائنسز وڏي اهميت ۽ افاديت رکي ٿو، جنهنجي ڪري زرعي تعليم ۽ تربيت ۾ دلچسپي وٺندڙ شاگرد توڙي زرعي آبادگار اعليٰ تعليم ۽ لاڳاپيل ننڍن وڏن ڪورسن لاءِ هن يونيورسٽي کي ترجيح ڏيندا آهن.
    ڪيو ايس ورلڊ يونيورسٽيز رئنڪنگ جي 2014ع واري سروي مطابق هيءَ يونيورسٽي دنيا جي 100 معياري يونيورسٽين ۾ اٺٽيهين نمبر تي آهي.
    وسڪانسن يونيورسٽي ۾ پڙهائي لکائي ۽ تحقيقي سرگرمين سان گڏ شاگردن جي تفريحي، صحت ۽ ذهني اوسر وارين سرگرمين تي پڻ خاصو ڌيان ڏنو وڃي ٿو. هن يونيورسٽيءَ جا اسٽوڊنٽس يونين، ميموريل يونين، مختلف تدريسي حال جهڙوڪ بئسڪام هال، ميوزڪ هال، وئن هائيز هال، گرينگر هال، ڊيجوبي هال، باٽنيڪل گارڊنس، ميوزم آف جيولاجي، ميوزم آف آرٽ، اِفيجِيز مائونڊ، آن ڪئمپس ڊيري پلانٽ، ريزيڊنشل هال، يونيورسٽي هاسپيٽس، ايٿيلٽڪ، فوٽ بال، باسڪٽ بال، آئيس هاڪي، وومين باسڪٽ بال ڪلبس، ڪئمپس ريڊيو ۽ ٽي وي سروس، ڪئمپس نيوز پيپرس، چاليهن لائبيرين تي مشتمل وسيع لائبريري سسٽم کان علاوه پرفارمنگ آرٽ، انٽرٽينمنٽ ۽ ڊانس ڪلب هن يونيورسٽي کي شاگردن لاءِ تمام گھڻي پسنديده جڳهه بڻائين ٿا جيڪا پڙهائي ۽ تحقيقي سرگرمين جي بهترين سهوليتن سان گڏ شاگردن لاءِ هڪ متحرڪ ۽ مزيدار زندگي گذارڻ جا موقعا به فراهم ڪندي رهي ٿي.
    وسڪانسن يونيورسٽي سان گڏ وسڪانسن رياست ۽ يونيورسٽي واري شهر مئڊسن جو جائزو پڻ گهربل ۽ دلچسپ معلومات مهيا ڪندو، جيڪو هيٺين طرح آهي.
    آمريڪا جي وسڪانسن رياست هن ملڪ ۾ هڪ منفرد حيثيت رکي ٿي. هن رياست کي ”آميرڪن ڊيريلينڊ“ (American Dairyland) پڻ سڏيو ويندو آهي ڇو ته هي رياست کير ۽ ان مان تيار ٿيندڙ ٻين شين جو مرڪز آهي. سياحت واري حوالي سان پڻ هي رياست مرڪزي حيثيت رکي ٿي. هر سال سموري دنيا کان ايندڙ سياح هتي موجود تفريحي ۽ تاريخي جاين کي گھمي نه رڳو پاڻ محضوض ٿيندا رهن ٿا پر هتان جي معاشي ترقي ۾ پڻ ڳچ ناڻو ڳنڍيندا رهن ٿا. وسڪانسن رياست ايراضي جي حوالي سان آمريڪا جي 23 نمبر وسيع ۽ آبادي جي لحاظ کان 20 نمبر ڳتيل رياست آهي. آمريڪا جي وچ اتر واري طرف واقع هن رياست جو سرحدون آمريڪا جي ٻين ناميارين رياستن جهڙوڪ مينيسوٽا، ايلينياس، آئِوا ۽ مچيڪگن وغيره سان ملن ٿيون.
    اٽڪل اڍائي لک آبادي تي مشتمل شهر مئڊسن نه رڳو وسڪانسن يونيورسٽي جو جنم ڀومي آهي پر هي شهر وسڪانسن رياست جو ٻيو نمبر وڏي شهر هجڻ سان گڏ هن جي گادي جو هنڌ پڻ آهي. وسڪانسن جو سڀ کان وڏو شهر ملوائڪي آهي. بهرحال دنيا جي هن حصي ۾ وسڪانسن يونيورسٽي جي حسناڪين کان علاوه ٻيون ڪهڙيون نعمتون، خصوصيتون ۽ خوبصورتيون موجود آهن انهن جو وڌيڪ ادراڪ ته اتي پهچڻ سان ضرور ٿيندو پر دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۽ ان جي اعليٰ درسگاهه ۾ پهچڻ لاءِ محنت، همٿ ۽ حوصلي وارو دڳ اپنائڻو پوندو.

    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 21 مئي 2014ع)


    يئل يونيورسٽي

    Yale University

    يئل يونيورسٽي

    جتان ڪجهه اڳوڻن آمريڪي صدرن به تعليم حاصل ڪئي


    سجاڳ قومون تعليمي اداران کي ان ڪري به اهميت ۽ اوليت ڏينديون آهن ڇو ته انهن کي درسگاهن جي ڇانو ۾ امن، آزادي، خوشحالي ۽ پنهنجي نئين نسل جو روشن مستقبل ڪَرَ موڙيندي نظر ايندو آهي. باشعور معاشرن ۾ علم کي انسان جي ٽين اک سمجهيو ويندو آهي. جيڪي ماڻهو يا قومون اها ٽئين اک حاصل ڪرڻ جي فضيلت تي پهتيون آهن انهن دنيا جا ڪي ئي اهم راز ۽ رمزون، ڳُجهه ۽ اسرار پسي ورتا آهن جنهنڪري اهي گھڻين ڳالهين ۾ٻين کان اڳتي بيٺل نظر اچن ٿيون. علم جي پرمسرت پيماني مان جام نوش ڪري زندگيءَ جون راحتون، رونقون ۽ نعمتون ماڻيندڙ قومن پنهنجن ملڪن ۾ معياري درسگاهن جون لائينون لڳائي ڇڏيون آهن، اوهان جيڏانهن نظر ناز کڻو اوهان کي انهن درسگاهن ۾ معياري تعليم جي ذريعي ٻاريل چراغ مان روشنين جا ڪرڻا جڳ مڳائيندي نظر ايندا.
    دنيا جي اهڙن کوڙ سارن باوقار درسگاهن ۾ آمريڪا جي ڪنَيٽِڪٽ (Connecticut) رياست جي مشهور شهر نيو هَئيوِن (New Haven) ۾ واقع يئل (Yale) يونيورسٽي پڻ شامل آهي. هي يونيورسٽي آمريڪا جي ٽيون نمبر سڀ کان پراڻي يونيورسٽي ۽ دنيا جي يارنهون نمبر اعليٰ معيار واري يونيورسٽي آهي. هن يونيورسٽي جي اڳوڻن شاگردن ۾ آمريڪا جا پنج صدر جهڙوڪ جارج ايڇ ڊبليو بش، بل ڪلنٽن، جارج ڊبليو بش، جيرالڊ فورڊ ۽ وليم هائورڊ، آمريڪا جا اڳوڻا گھرو وزير يا سيڪريٽري آف اسٽيٽ هليري ڪلنٽن ۽ جان ڪيري ، ميڪسيڪو جو اڳوڻو صدر ارنيسٽو زيڊلو، اٽليءَ جو اڳوڻو وزير اعظم ماريو مونٽي، فلپائين جو اڳوڻو صدر جوسي پاسيانو لائورل، فيڊرل ريپبلڪ آف جرمني جو اڳوڻو صدر ڪارل ڪارسٽينس، ترڪي جو اڳوڻو وزير اعظم تانسو سلر، آمريڪي سپريم ڪورٽ جا اڳوڻا سترنهن چيف جسٽس ۽ ٻين شعبن جون ڪيتريون ئي نامياريون شخصيتون شامل آهن.
    آمريڪا جي هن يونيورسٽي جا بنياد رکڻ جو سهرو آمريڪا ۾ برطانوي بيٺڪيتي راڄ جي چند مذهبي پادرين جي سر تي سجايل آهي. آمريڪا کنڊ جي ڪيترين ئي رياستن تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ جڏهن برطانوي حڪمرانن پنهنجن ماڻهن کي هتي آباد ڪرڻ شروع ڪيو تڏهن انهن حڪمرانن سان گڏ انهن نون آباد ٿيندڙ ماڻهن پڻ پنهنجين نئين حاصل ڪيل رياستن ۽ شهرن ۾ ٻين سهوليتن سان گڏ تعليمي سهوليتن جا بنياد رکڻ شروع ڪيو. آمريڪا جي ڪنيٽڪٽ رياست جي شهر نيو هَئيوِنِ ۾ لڏي آيل پادرين ان دور جي رواج مطابق ڪوششون ڪرڻ شروع ڪيون ته نيو هَئيوِن شهر ۾ هڪ اهڙو تعليمي ادارو قائم ڪجي جتي نوجوانن کي مذهبي تعليم ڏني وڃي. اهڙين ڪوششن جو آغاز سترهين صدي جي پهرئين اڌ يعني 1640ع کان ٿيو، جن ۾ ڪاميابي تڏهن نصيب ٿي جڏهن 1701ع ۾کين ”ڪاليجيئيٽ اسڪول“ قائم ڪرڻ جو چارٽر جاري ڪيو ويو جنهن ۾ مذهبي تعليم سان گڏ آرٽس ۽ سائنس جي تعليم ڏيڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي هئي. هي ڪاليجيئيٽ اسڪول پهريان نيو هَئيوِن شهر کان اٽڪل ستاويهه ڪلوميٽر پري هڪ ننڍڙي شهر ڪِلنگوَرٿ ۾ قائم ڪيو ويو هو جنهن کي بعد ۾ 1716ع ۾ اتان شفٽ ڪري نيو هَئيوِنِ شهر ۾ آندو ويو.
    نيو هَئيوِنِ واري ڪاليجيئٽ اسڪول جو ”يئل يونيورسٽي“ بڻجڻ وارو سفر هئين شروع ٿيو ته هن ڪاليج جي منتظم پرنسپال ”ڪاٽن ماٿر“ برطانيا جي وئلس رياست جي هڪ وڏي واپاري ۽ مخير انسان ايليهو يئل (Eliho Yale) جيڪو ان وقت انڊيا جي شهر مدراس ۾ برطانيا جي واپاري تنظيم ”ايسٽ انڊيا ڪمپني“ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر هئو، کي هن ڪاليج جي مالي مدد ڪرڻ لاءِ هڪ خط لکيو. ايليهيو يئل جي اندر ۾ علم دوستي، عام ڀلائي ۽ خدمتِ خلق وارو جذبو موجود هو تنهن هن خط جي ڀرپور موٽ ڏيندي هن ڪاليج جي ترقي لاءِ پنهنجي مال جي گدام مان قيمتي سامان جا نوَ وڏا ڪارٽون (ٻَورا)، 417 ناياب ڪتاب ۽ برطانوي بادشاهه جارج پهرين جي هڪ تصوير ڪاليج انتظاميا کي تحفي ۾ موڪلي ڏني. ڪاليج جي منتظم ڪاٽن مارٿر، ايليهيو يئل کان مليل اهو سامان مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪيو جنهن مان هن کي 800 پائونڊن جي آمدني ٿي ۽ اها ڪل رقم ڪاليج جي ترقي تي خرچ ڪئي وئي. ارڙهين صدي ۾ اها هڪ وڏي رقم هئي. برطانيا جي ان مخير شخصيت ايليهو يئل جي هن مالي سهائتا ڪاليج جي وجود کي مستحڪم ڪري ڇڏيو جنهنڪري ڪاليج ڪاميابيءَ جون ڏاڪڻيون چڙهڻ لڳو. ايليهو يئل جي هن تعليم دوستيءَ واري خدمت جي اعتراف ۾ 1718ع ۾ هن ڪاليج جو نالو تبديل ڪري ”يئل ڪاليج“ رکيو ويو.
    ارڙهين صدي جي آغاز ۾ شروع ٿيل ”يئل ڪاليج“ مسلسل ترقي جي راهه تي گامزن رهيو جنهنڪري لاڳاپيل اختيارن هن جي اهميت، ضرورت ۽ شاگردن جي دلچسپيءَ جي مد نظر هن ڪاليج جو درجو وڌائي هن کي 1887ع ۾”يئل يونيورسٽيءَ“ جي حيثيت ڏني. يونيورسٽي بڻجڻ تي هن ۾ جديد علمن جا مختلف شعبا جوڙيا ويا. جهڙوڪ يئل اسڪول آف ميڊيسن، گريجوئيٽ اسڪول آف آرٽ ائنڊ سائنس ( يئل يونيورسٽي جي هن اسڪول کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته آمريڪا ۾ پهريون ڀيرو 1861ع ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري هن اسڪول جاري ڪئي)، اسڪول آف لا، اسڪول آف فاريسٽري، اسڪول آف فائين آرٽ، اسڪول آف ميوزڪ وغيره. اڄ ڏينهن تائين پڻ جديد دور جي گهرجن مطابق هن يونيورسٽي جي تدريسي ۽ تحقيقي شعبن ۾ اضافو ٿيندو رهي ٿو ۽ بدلجندڙ وقت جي مطابقت سان يونيورسٽي ۾ گهربل شعبا قائم ڪيا وڃن ٿا. ان حوالي سان جيڪي وڌيڪ تدريسي شعبا يئل يونيورسٽي جو حصو بڻيا آهن انهن ۾ اسڪول آف انجنيئرنگ ائنڊ اپلائيڊ سائنس، اسڪول آف آرڪيٽيڪچر، يئل اسڪول آف پبلڪ هيلٿ، اسڪول آف نرسنگ، اسڪول آف ڊراما، اسڪول آف مئنيجمنٽ، يئل فزيشن ايسوسيئيٽ پروگرام، بهيوِرِيَل سائنس وغيره شامل آهن. يونيورسٽي جي لائبريري سسٽم ۾ اٽڪل سوا ڪروڙ جي لڳ ڀڳ ڪتاب، ناياب نسخا ۽ دجيٽل انفرميشن سسٽم موجود آهي. آرٽس ميوزم، نيچرل ميوزم، آرٽ گئليري سميت هن جا ڪلچرل ڪلب، اسپورٽس جا ميدان ۽ زندگيءَ جي سڦلتا جون ٻيون سهوليتون هن يونيورسٽي کي نوجوان شاگردن لاٰءِ هڪ دلپسند جاءِ پڻ بڻائين ٿيون.
    يونيورسٽيءَ جي مرڪزي ڪئمپس کي آمريڪا جي خوبصورت شهري ڪئمپسن مان هڪ سمجهيو وڃي ٿو. هي ڪئمپس ٽي سئو ڏهه ايڪڙن تي واقع آهي. هن جون وسيع ۽ شانائتيون عمارتون ڪالونيل دور، وڪٽورين گوٿڪ، مورش آرڪيٽيڪچر ۽ موجوده دور جي جديد فنِ تعمير جو اعليٰ نمونو آهن. هن جي ٻي ”ويسٽ ڪئمپس“ نيو هئيون شهر جي ڪاروباري علائقي ۾ هڪ سئو ڇٽيهه ايڪڙن تي ڦهليل آهي. هتي جون ڪل 260 عمارتون، خوبصورت ٽاور، ڪشاده لان ۽ وڻن جي جهرمٽن سان سينگاريل رستا يونيورسٽي جي خوبصورتي جا اهڃاڻ آهن.
    يئل يونيورسٽي ۾ پهريون انٽرنيشنل شاگرد 1830ع ۾ داخل ٿيو جنهن جو تعلق لاطيني آمريڪا سان هيو اڄڪلهه هن يونيوسٽي جي سمورن شاگردن جو 16 سيڪڙو انٽرنيشنل شاگردن تي مشتمل آهي، جيڪي دنيا جي 100 کان وڌيڪ مختلف ملڪن سان واسطو رکن ٿا. هن يونيورسٽي جي اها به خاصيت آهي ته جڏهن اڃا يورپ توڙي آمريڪا جي ڪيترين ئي يونيورسٽين ۾ عورت شاگردن کي داخلا ڪو نه ڏني ويندي هئي تڏهن هن يونيورسٽيءَ اڻويهين صديءَ جي شروعات ۾ يعني 1830ع کان ڇوڪرين لاءِ گريجوئيشن وارن ڪورسن ۾ داخلا جو عمل جاري ڪيو هو.
    پبليڪيشن واري حوالي سان پڻ يئل يونيورسٽي مخصوص نيڪنامي رکي ٿي. هر سال هن يونيورسٽي جي ريسرچ اسڪالرن جي تحقيق تي مشتمل ڪيترا ئي ريسرچ پيپر، ٿيسزون، جنرل ۽ ڪتاب ڇاپيا وڃن ٿا. يونيورسٽي جي اخبارن ۽ مئگزينن جي ڇپائي واري ريت پڻ هن يونيورسٽي ۾ پراڻي آهي. هن يونيورسٽي جي ناميارين اخبارن ۾ 1878ع ۾ شروع ڪيل ”دي يئل ڊيلي نيوز“، هفتيوار ”يئل هرالڊ “ ۽ 1898ع ۾ جاري ڪيل ”دي يئل رڪارڊ“ مئگزين شامل آهن.
    يئل يونيورسٽي جي معلومات حاصل ڪرڻ سان گڏ هڪ نظر هن جي شهر ۽ رياست تي وجھڻ پڻ ضروري آهي ته جيئن هن يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪرڻ جي خواهش رکندڙ ان مان لاڀ حاصل ڪري سگھن.
    يئل يونيورسٽي وارو شهر نيوهئيون 1638ع ۾ برطانيا مان لڏي آيل انگريزن قائم ڪيو هو، جيڪي عيسائي عقيدي پروٽيسٽنٽ جا پوئلڳ هئا ۽ کين ”پيوريٽن“ پڻ سڏيو ويندو هو. آمريڪا جي آدمشماري واري اداري ”سينسس بيورو“ جي رپورٽ مطابق 2012ع ۾ هن شهر جي ڪل آبادي هڪ لک ٽيهه هزار هئي. هي شهر آمريڪا جي منفرد رياست ڪينٽڪٽ ۾ يئل يونيورسٽي جي ڪري دنيا ۾ وڏي شهرت رکي ٿو. نيو يارڪ ۽ مساچوئيسٽس سان سرحدي پاڙيسرائپ رکندڙ ڪينٽڪٽ رياست جو نالو سندس وچ مان وهندڙ آمريڪا جي هڪ وڏي ندي ”ڪينٽڪٽ رِور“ تان پيو آهي. ڪينٽڪٽ رياست جو گادي وارو شهر ”هارڊ فورڊ“ آهي.
    يئل يونيورسٽي ۾ تعليم لاءِ ويندڙ خوشنصيب نه رڳو هن يونيورسٽي ۾ موجود تعليمي ۽ تحقيقي سهوليتن مان مستفيض ٿيندا آهن پر اهي نيو هئيون شهر ۽ ڪينٽڪٽ رياست جي ٻين تاريخي، تفريحي ۽ علمي ادبي جاين جو سير ڪرڻ جا موقعا پڻ حاصل ڪري وٺندا آهن. جيڪڏهن اوهان به يئل يونيورسٽي ۽ نيوهئيون جا لقاءَ پسڻ چاهيو ٿا ته محنت ۽ پختي ارادي جي مدد سان اهو سڀ ڪجهه ممڪن بڻجي سگھي ٿو.


    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 11 جون 2014ع)


    آئِوا اسٽيٽ يونيورسٽي آف سائنس ائنڊ ٽيڪنالاجي

    Iowa State University

    آئِوا اسٽيٽ يونيورسٽي آف سائنس ائنڊ ٽيڪنالاجي

    جنهن ٻي عالمي جنگ دوران ائٽم بم ٺاهڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو


    باشعور نوجوان ته ڪارج ڀريون تعليمي ڊگريون حاصل ڪرڻ لاءِ ملڪي توڙي دنيا جي اعليٰ درسگاهن جي معلومات حاصل ڪرڻ ۾ دلچسپي وٺندا رهن ٿا پر والدين پڻ حال آهر پنهنجي اولاد جي بهترين تعليم لاءِ هميشه فڪرمند رهندا آهن ۽ کين سٺي کان سٺي تعليمي اداري جي تلاش هوندي آهي ته جيئن هو پنهنجي اولاد کي تعليم لاءِ اوڏانهن موڪلي سگھن تنهنڪري اهي به درسگاهن بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۾ وڏي دلچسپي وٺندا آهن.
    هونئن به درسگاهه هر ساڃاهوند ماڻهوءَ لاءِ وڏي عزت ۽ اهميت واري جاءِ هجي ٿي تنهنڪري سڀئي ساڃاهوند ماڻهو درسگاهن جا تفصيل وڏي دلچسپي سان پڙهندا آهن ۽ ان حوالي سان ٿيندڙ ڪم کي پڻ ساراهيندي سرهائي محسوس ڪندا آهن.
    دنيا جي درسگاهن بابت ڪاوش جي مڊويڪ مئگزين ۾ ڇپجندڙ هنن مضمونن تي نوجوانن سان گڏ بزرگ شخصيتن کان پڻ مون کي جيڪو فيڊ بيڪ ملندو رهيو آهي ان مان مون کي پنهنجي هن ننڍڙي علمي ادبي خدمت جي اهميت ۽ ڪارج جو پڻ اندازو ٿيندو آهي. اهڙو ئي هڪ اتساهيندڙ فيڊ بيڪ تازو ئي هڪ بزرگ شخصيت (ڪرمچند بختراءِ) ڪي بي دوداڻي کان مليو. منهنجي هن علمي پورهئي جَي هِن اڻڏٺل قدردان فون تي ڳالهيندي ٻڌايو ته ڪاوش ۾ ڇپجندڙ منهنجا هي درسگاهن تي لکيل مضمون نه رڳو هو وڏي دلچسپيءَ سان باقاعدي پڙهندو رهي ٿو پر انهن کي سنڀالي به رکي ٿو ڇو ته اهي نيئن نسل جي لاءِ هڪ سونهين (گائيڊ) جي حيثيت رکن ٿا. دوداڻي صاحب ٻڌايو ته هن پاڻ اٽلي جي شهر رَوم ۽ آمريڪا جي شهر واشنگٽن جي ادارن مان پراجيڪٽ آئڊنٽيفڪيشن، پِلاننگ، مانيٽرنگ ائنڊ ايووليشن ۾ ڪورس ڪيا آهن ۽ 1998ع ۾ سنڌ حڪومت جي منسٽري آف سائنس ائنڊ ٽيڪنالاجي مان سيڪريٽري جي عهدي تان رٽائر ڪيو اٿائين. پاڻ اصل ۾ ضلعي لاڙڪاڻي جي هڪ ننڍڙي شهر باڊهه سان تعلق رکي ٿو ۽ اڄڪلهه ڪراچيءَ ۾ سڪونت پذير آهي.
    اهڙو ئي ٻيو اتساهيندڙ فيڊبئڪ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي اڳوڻي وائيس چانسلر ڊاڪٽر رجب علي ميمڻ کان به مليو هو. هن صاحب به منهنجي فيس بڪ جي پيج تي پنهنجي ڪمينٽس ذريعي منهنجي درسگاهن وارن مضمونن کي سنڌ جي نئين نسل جي تعليمي سجاڳي لاءِ ڪارائتو قدم سڏيندي مون کي مسلسل لکڻ جي تجويز ڏني هئي.
    مون جڏهن اهڙي همٿ افزائي جي روشنيءَ ۾ دنيا جي هڪ وڌيڪ اعليٰ درسگاهه تي لکڻ جو ارادو ڪيو ته ”آئوا اسٽيٽ يونيورسٽي آف سائنس ائنڊ ٽيڪنالاجي“ منهنجي ذهن جي ڪينواس تي اڀري نروار ٿي آئي، ڇوته آمريڪا جي هن معياري درسگاهه مان سنڌ جي شهر بدين جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”طيب ملاح“ جي هڪ پورهيت خاندان سان تعلق رکندڙ زرعي يونيورسٽي جو منهنجو سينيئر دوست ۽ قرآن شريف جو سنڌي ٻوليءَ ۾ منظوم ترجمو ڪندڙ شاعر احمد ملاح جو ويجهو عزيز ڊاڪٽر عمر ملاح پڻ هن يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪري آيو آهي. انهيءَ کان علاوه آئوا اسٽيٽ يونيورسٽي مان سنڌ جون ٻيون نالي واريون شخصيتون به اعليٰ تعليم حاصل ڪري آيون آهن جن ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي جا چار اڳوڻا وائيس چانسلر ڊاڪٽر رجب علي ميمڻ، ڊاڪٽر بشير احمد شيخ، ڊاڪٽر عبدالقادر مغل، ڊاڪٽر محمد صفر ميرجت، ساڳئي يونيورسٽي جا پروفيسر ڊاڪٽر صابن شاهه، ڊاڪٽر فتح محمد سومرو، ڊاڪٽر ڀيرُو لال ۽ غير سرڪاري تنظيم مئنيجمنٽ ائنڊ ڊيولپمنٽ سينٽر جو روح روان ڊاڪٽر محمد يامين ميمڻ پڻ هن ئي يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي جي تعليم حاصل ڪري آيا آهن ۽ ممڪن آهي ته آئِوا اسٽيٽ يونيورسٽي بابت منهنجي هن تعارفي مضمون کان پوءِ سنڌ جا ٻيا به کوڙ سارا نوجوان پڻ اعليٰ تعليم لاءِ ”آئِوا اسٽيٽ يونيورسٽي“ جو رخ ڪن.
    عام طور تي ”آئوا اسٽيٽ يونيورسٽي“ جي نالي سان مشهور آمريڪا جي هن درسگاهه جو پورو نالو ”آئوا اسٽيٽ يونيورسٽي آف سائنس ائنڊ ٽيڪنالاجي“ آهي. هن يونيورسٽي جوسفر اٽڪل ڏيڍ صدي کن اڳ تڏهن کان شروع ٿيو جڏهن آئوا رياست جي قانون ساز جنرل اسيمبلي 1858ع ۾هتي زرعي تعليم جي اهميت کي محسوس ڪندي هڪ ڪاليج قائم ڪرڻ جو ٺهراءُ پاس ڪيو هو. جنرل اسيمبلي جي ان فيصلي جي پيروي ۾ 22 مارچ 1858ع تي آمريڪا جي آئوا رياست جي ڪائونٽي ”اسٽوري“ جي هڪ چڱي خاصي شهر ”ائمز“ ۾ ”آئوا اسٽيٽ ڪاليج آف ائگريڪلچر ائنڊ ماڊل فارم“ جو بنياد رکيو ويو هو. هن ڪاليج آف ائگريڪلچر کي اها به انفراديت حاصل هئي ته جڏهن ڪاليج جي بنياد پوڻ کان پوءِ پهريون ڀيرو ڪاليج ۾ پڙهائي جي سيشن جو آغاز ٿيو ته هن ۾ ”ڪو ايجوڪيشن“ يعني گڏيل تعليم وارو سرشتو لاڳو ڪيو ويو ۽ ان تحت ڇوڪرين کي پڻ ڇوڪرن سان گڏ هڪ ڪلاس ۾ ويهي تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويو. هونئن آمريڪا جي ڪيترن ئي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ ان دور جي رواج مطابق تعليم جو ”ڪو ايجوڪيشن“ وارو طريقو رائج ڪونه هئو. هي ڪاليج جيڪو پهريان صرف زرعي تعليم ڏيڻ لاءِ قائم ڪيو ويو هو 1898ع ۾ ان ۾ انجنيئرنگ جي شعبي جو اضافو ڪري ان کي ٿورو وسيع بڻايو ويو ۽ ڪاليج جو نالو تبديل ڪري ان کي”آئوا اسٽيٽ ڪاليج آف ائگريڪلچر ائنڊ ميڪنيڪ آرٽ“ رکيو ويو.
    آئوا اسٽيٽ ڪاليج پنهجي قيام کان پوءِ آئوا رياست سميت ملڪ جي ٻين علائقن کان ايندڙ نوجوانن جي زرعي ۽ ٽيڪنيڪل تعليم جي ضرورتن جي پورائي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لڳو جنهنڪري آئوا رياست جي انتظاميا هن ڪاليج کي اڃا وڌيڪ وسيع بڻائڻ جي ضرورت محسوس ڪندي 1959ع ۾ هن کي ترقي ڏئي يونيورسٽي بڻائڻ جو اعلان ڪيو. اهڙي طرح 1958ع ۾ وجود ورتل زرعي ڪاليج هڪ صديءَ جي سفر کان پوءِ ”آئوا اسٽيٽ يونيورسٽي آف سائنس ۽ ٽيڪنالاجي“ جي حيثيت ماڻي ورتي.
    آئوا اسٽيٽ يونيورسٽي کي ماضيءَ ۾ توڙي اڄڪلهه آمريڪا ۾ زرعي تعليم، ويٽرنري سائنسز، انجنيئرنگ، ايڪسٽينشن سروسز ۽ هوم ايڪنامڪس وارن تدريسي ۽ تحقيقي شعبن ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪندڙ يونيورسٽين ۾شامل سمجهيو وڃي ٿو. هن يونيورسٽيءَ کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته آمريڪا جو پهريون ويٽرنري سائنس وارو اسڪول 1879ع ۾ هن درسگاهه طرفان ئي قائم ڪيو ويو هو جڏهن خود هي يونيورسٽي اڃا آئوا اسٽيٽ ڪاليج واري شڪل ۾ موجود هئي. آئوا اسٽيٽ يونيورسٽي ۾ اڄڪلهه 27 هزار شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. هن يونيورسٽيءَ جون وسيع ايراضيءَ تي جوڙيل 127 کن عمارتون پنهنجي اندر ۾ علم جي مشتاقن لاءِ علم جي دولت جا بي انداز خزانا سمايون بيٺيون آهن.
    آئوا اسٽيٽ يونيورسٽي آف سائنس ائنڊ ٽيڪنالاجي ۾ڪل اٺ ڪاليج آهن جيڪي يونيورسٽي جي فئڪلٽين واري حيثيت رکن ٿا هن ڪاليج جي مختلف هڪ سئو کان وڌيڪ تدريسي شعبن ۾ 100 بيچلر، 112 ماسٽرس ڊگري ۽ 84 پي ايڇ ڊي وارن پروگرامن ۾ هر سال هزارين شاگردن کي داخلائون ڏنيون وڃن ٿيون.
    آئوا اسٽيٽ يونيورسٽي جا اٺ ئي ناميارا ڪاليج هن ريت آهن: ڪاليج آف ائگريڪلچر ائنڊ لائيف سائنسز، ڪاليج آف انجنيئرنگ، ڪاليج آف هيومن سائنسز، ڪاليج آف لبرل آرٽس ائنڊ سائنس، ڪاليج آف ويٽرنري ميڊيسنز، ڪاليج آف ڊزائين، ڪاليج آف بزنس ۽ ڪاليج آف گريجوئيٽ. آئوا اسٽيٽ يونيورسٽي جي انهن ڪاليجن ۾ جديد علمن جا سڀئي تدريسي ۽ تحقيقي شعبا موجود آهن.
    آئوا اسٽيٽ يونيورسٽي ۾ تحيققي سرگرمين جي نتيجي ۾ ٿيندڙ ايجادون هن يونيورسٽي جي نيڪنامي ۾ اضافو ڪنديو رهن ٿيون. هن يونيورسٽي جي خاص ايجاد ۾ پهريون اليڪٽرانڪ ڊجيٽل ڪمپيوٽر پڻ شامل آهي. تنهنڪري هن يونيورسٽيءَ کي جديد ۽ ماڊرن ڪمپيوٽنگ واري فيلڊ ۾ پهريون قدم رکندڙ درسگاهه جو اعزاز پڻ حاصل آهي. سال 1937-42ع دوران هن يونيورسٽي جي مئٿميٽڪس ۽ فزڪس واري پروفيسر ائتناسوف ۽ انجنيئرنگ واري شعبي جي شاگرد ڪلفرڊ بيرِي گڏجي تحقيق ڪري اليڪٽرانڪ ڊجيٽل ڪمپيوٽر ايجاد ڪيو هو جيڪو اينٽاسوف بيري ڪمپيوٽر (Atanasoff-Berry Computer) يا سندن نالي جي پهرين اکرن يعني ABC جي نالي سان مشهور ٿيو.
    آئوا اسٽيٽ يونيورسٽي آف سائنس ائنڊ ٽيڪنالاجي ۾ آمريڪا جي اسٽيٽ ڊپارٽمنٽ جي اِنرجي واري ريسرچ لئبارٽي پڻ قائم آهي جتي هن يونيورسٽي 1942ع ۾ ٻي مهاڀاري جنگ دوران آمريڪا جي فوجي انجنيئرن جي نگراني ۾ ائٽم بم ٺاهڻ ۾ پڻ ڪردار ادا ڪيو هو. اڄڪلهه هن لئبارٽري ۾ توانائي، تيز رفتار ڪم ڪندڙ ڪمپيوٽر، ماحول جي صفائي ۽ اهڙن ئي ٻين ترقيءَ وارن منصوبن تي ڪم ٿيندو رهي ٿو. انهيءَ کان علاوه هن يونيورسٽي جي مختلف ڪاليجن ۾ جديد طرز تي ٺهيل تحقيقي ساز و سامان سان آرستا ريسرچ لئبارٽريون سائنس، سماج ۽ ٻين ڪائناتي حقيتن جا نت نوان راز ۽ رمزون تلاش ڪري انهن مٿان ايجادون ڪري دنيا جي ترقيءَ ۾ حصو وٺنديون رهن ٿيون.
    هن يونيورسٽي ۾ پارڪ لائبريري جي نالي سان قائم لائبريري سسٽم ۾ اٽڪل 26 لکن کان وڌيڪ ڪتاب موجود آهن. انهيءَ سان گڏ ٻيو ناياب مواد، مسودا، ۽ ڊجيٽل انفرميشن سسٽم جي سهوليت پڻ شاگردن جي مطالعي وارين ضرورتن کي پوري ڪرڻ ۾ معاونت ڪندي رهي ٿي. هر سال هزارن جي تعداد ۾ نوان ڇپيل ڪتاب ۽ تحقيقي جرنل لائبريري جي ذخيري ۾ اضافو ڪندا رهن ٿا. آئوا اسٽيٽ يونيورسٽي ۾ ناياب ۽ جديد ايجادن تي مشتمل سائنس، آرٽس، ائگريڪلچر ۽ ٽيڪنالاجي وغيره جون ميوزمس پڻ موجود آهن، جيڪي نه رڳو اتي جي شاگردن کي سندن پڙهائي ۽ تحقيق واري حوالي سان معاونت ڪن ٿيون پر سياحن جي دلچسپي جو سبب پڻ بڻجنديون رهن ٿيون.
    بهرحال آئوا اسٽيٽ يونيورسٽي هڪ اهڙو اعليٰ سطح جو درسگاهه آهي جتي شاگردن کي سندن دلچسپي ۽ جديد زماني جي ضرورتن مطابق تعليم جي بهترين موقعن ملڻ سان گڏ رهائش، تفريح ۽ تندرستي واريون سهوليتون پڻ ميسر هجن ٿيون. جيئن ته آئوا اسٽيٽ يونيورسٽي تي اهوسندس نالو آمريڪا جي ان رياست جي ڪري آهي جنهن جي هڪ شهر ايمز ۾ هي يونيورسٽي واقع آهي تنهنڪري ضروري آهي ته آئوا رياست ۽ ايمز شهر جو به ٿورو جائزو وٺون.
    آئوا رياست تي سندس اهو نالو ان علائقي ۾ رهندڙ هڪ اصولوڪي قبيلي ”آئوي“ (Ioway) تان پيو. آئوا آمريڪا جي اهڙي منفرد رياست آهي جنهن جي اولهه ۽ اوڀر وارن طرفن کان آمريڪا جون ٽي مشهور نديون لڳن ٿيون، جهڙوڪ هن رياست جي اوڀر ۾ مسيپسي رِوَر ۽ اولهه ۾ مسوري رِوَر ۽ بِگ سيوڪس رِوَر آهن. آئوا رياست کي آمريڪا جي هنٽرلئنڊ پڻ سڏيو ويندو آهي. هنٽر لئنڊ اهڙي علائقي کي چئبو آهي جيڪو دريائن جي ويجهو هجڻ ڪري قدرتي نظارن سان ڀرپور ۽ ۽ زرعي آبادڪاريءَ لاءِ مناسب هجي.
    ”اَيمز“ آئوا رياست جي اسٽوري ڪائونٽي جو هڪ خوبصورت شهر آهي جتي آئوا اسٽيت يونيورسٽي واقع آهي. هن يونيورسٽي ۾ پڙهڻ لاءِ ويندڙ شاگرد ايمز سان گڏ آئوا جي خوبصورتي ۽ اتان جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ مڪانن جي سير سفر مان به مستفيض ٿي سگهن ٿا.

    (ڪاوش مڊ ويڪ مئگزين، 9 جولاءِ 2014ع)


    آمريڪا جي هيوسٽن يونيورسٽي

    University of Huston

    آمريڪا جي هيوسٽن يونيورسٽي

    جتي کوڙ سارا سنڌي به رهن ٿا


    ”دِي يونيورسٽي آف هيوسٽن“ ٽيڪساس رياست جي ٽيون نمبر وڏي يونيورسٽي آهي جيڪا 1927ع ۾ قائم ڪئي وئي. هيءَ ”يونيورسٽي آف هيوسٽن سسٽم“ جي فليگشپ يونيورسٽي آهي. فليگشپ يونيورسٽي هڪ کان وڌيڪ ڪئمپسن واري يونيورسٽيءَ جي مکيه ڪئمپس کي چئبو آهي جتي تدريسي شعبن سميت سموري يونيورسٽي سسٽم جي انتظاميه جا دفتر پڻ هوندا آهن.
    هيوسٽن يونيورسٽي ۾ اٽڪل 41 هزار شاگرد زير تعليم آهن جيڪي هن يونيورسٽي جي 300 کان وڌيڪ مختلف تعليمي ڪورسن ۾ گريجوئيشن، پوسٽ گريجوئيشن، ڊاڪٽوريٽ ۽ پوسٽ ڊاڪٽوريٽ جي ڊگرين ۽ اعزازن لاءِ رات ڏينهن مصورفِ عمل آهن. دنيا جي هڪ سئو ملڪن کان وڌيڪ انٽرنيشنل شاگردن جو پڻ خاصو تعداد هيوسٽن يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪري رهيو آهي. هيوسٽن يونيورسٽي جي رڪارڊ مطابق هيءَ يونيورسٽي هر سال اٽڪل اٺ هزار ڪامياب اميدوارن کي سندن تعليم ۽ تحقيق مڪمل ٿيڻ تي ڊگرين سان آراسته ڪري کين سماج ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ فارغ ڪندي آهي. سائنس ۽ ٽڪنالاجي وارن شعبن ۾ هن يونيورسٽي جا 40 ريسرچ سينٽر مسلسل ريسرچ، ايجادن ۽ دريافتن جي ذريعي هيوسٽن يونيورسٽيءَ جي ناماچاريءَ ۾ اضافو ڪندا رهن ٿا. هتان جي ريسرچ وارن اهڙن نمايان شعبن ۾ خاص طور تي بايو ميڊيڪل سائنسز، انجنيئرنگ ائنڊ ٽيڪنالاجي، انرجي ائنڊ نيچرل سائنسز، سُپر ڪنڊڪٽِوِٽي ۽ اِسپيس ڪمرشلائيزيشن ائنڊ ايڪسپلوريشن اچي وڃن ٿا.
    همعصر زماني ۾ دنيا ۾ اعليٰ تعليم جي نامياري درسگاهه جو درجو حاصل ڪندڙ هيوسٽن يونيورسٽي جو قصو به ڏاڍو دلچسپ آهي جيڪو هن طرح شروع ٿئي ٿو. اهو 27 مارچ 1927ع وارو ڏينهن هيو جو هيوسٽن ۾ هڪ تعليم واري اداري ”هيوسٽن اِنڊپينڊنٽ اسڪول ڊسٽرڪٽ بورڊ آف ايجوڪيشن“ جي عملدارن جيڪي حقيقت ۾ هن اداري جي بورڊ آف مئنيجمنٽ جا ٽرسٽيز (Trustees) هيا، انهن بورڊ جي هڪ اجلاس ۾ ريزوليشن يا ٺهراءُ پاس ڪيو ته هيوسٽن ۾ نوجوانن جي هائير سيڪنڊري تعليم وارين ضرورتن جي پورائي لاءِ هڪ جونيئر ڪاليج قائم ڪيو وڃي. ان ٺهراءَ جي پوئواري ۾ هڪدم ئي ”جونيئر ڪاليج“ قائم ڪيو ويو جنهن پنهنجو ڪم ”سانجئڪنٽو هاءِ اسڪول“ ۾ ئي ڪرڻ شروع ڪيو. جونيئر ڪاليج جي بهترين پڙهائي ۽ وڌندڙ نيڪنامي هن ڪاليج جي ترقي جا دروازا کوليندي وئي. هن جي قيام کان صرف ڇهه سال پوءِ يعني آڪٽوبر 1933ع ۾ ٽيڪساس جي گورنر هڪ بل پاس ڪرائي هن ڪاليج جو درجو وڌائي هن کي يونيورسٽي بڻائڻ جو فيصلو ڪيو. گورنر جي هن فيصلي کان پوءِ ڇهن مهينن جي عرصي ۾ سمورا انتظام مڪمل ڪري اپريل 1934ع ۾ هيوسٽن واري هن جونيئر ڪاليج جو نالو بدلائي هن کي يونيورسٽي جو درجو ڏئي سندس نئون نالو ”دِي يونيورسٽي آف هيوسٽن“ رکيو ويو.
    هيوسٽن ۾ هن نئين يونيورسٽي جي قيام واري عمل کي ساراهيندي هتان جي ٻن مخير شخصيتن ”بين توب“ ۽ ”جَي جَي سيٽگسٽ“ جي وارثن هن جي نئين ڪئمپس جي تعمير لاءِ 110 ايڪڙ زمين تحفي ۾ ڏني. هي يونيورسٽي پنهنجي قيام کان جلد ئي پوءِ اهڙي ته اورچائي ۽ سنجيدگيءَ سان ڪم ڪري اڳتي وڌڻ لڳي جو 1951ع ۾ هيءَ يونيورسٽي ٽيڪساس رياست جي ٻيو نمر وڏي ۽ تيزيءَ سان ترقي ڪندڙ يونيورسٽي ليکجڻ لڳي.
    هيوسٽن يونيورسٽي جي اڌ صدي مڪمل ڪرڻ تي هن جي پنجاهين سالگرهه جي موقعي تي 1977ع ۾ ٽيڪساس جي قانون ساز اسيمبلي هڪ ٺهراءُ پاس ڪري ”يونيورسٽي آف هيوسٽن سسٽم“ جو قيام عمل ۾ آندو. نه رڳو ايترو پر هن جي مرڪزي حيثيت جي پيشِ نظر هن يونيورسٽيءَ کي ”يونيورسٽي آف هيوسٽن سسٽم“ جي فلئگشپ يونيورسٽي جي حيثيت ڏني وئي.
    2011ع ۾ آمريڪا جي هڪ نامياري اداري ”ڪارنيگي فائونڊيشن فار دي ايڊوانسمنٽ آف ٽيچنگ“ طرفان يونيورسٽي آف هيوسٽن کي ٽاپ ڪيٽيگري واري ريسرچ يونيورسٽي جو درجو ڏنو ويو آهي. يونيورسٽي آف هيوسٽن جي مکيه ڪئمپس هيوسٽن شهر جي ڏکڻ اوڀر ۾ واقع ڪالهون روڊ تي واقع آهي. 1991ع تائين هيوسٽن يونيورسٽي کي يونيورسٽي پارڪ جي سڃاڻپ سان سڃاتو ويندو هيو، پر هاڻي کيس صرف هيوسٽن يونيورسٽي يا ”يو ايڇ“ جي مختصر نالي سان پڻ سڏيو ويندو آهي.
    يونيورسٽي آف هيوسٽن سسٽم ۾ ڪل چار يونيورسٽي ڪئمپسون آهن جيڪي الڳ الڳ يونيورسٽيءَ جي حيثيت رکن ٿيون ۽ هيوسٽن شهر جي مختلف علائقن ۾ واقع آهن. اهي چار ئي هن طرح آهن جهڙوڪ دِي يونيورسٽي آف هيوسٽن شُگرلينڊ، دِي يونيورسٽي آف هيوسٽن ڪليئر ليڪ، دِي يونيورسٽي آف هيوسٽن ڊائون ٽائون ۽ دِي يونيورسٽي آف هيوسٽن وِڪٽوريا.
    هيوسٽن يونيورسٽي مختلف اڪيڊمڪ ڪاليجن تي مشتمل آهي. هن جي ناميارن ڪاليجن ۾ ڪيولن ڪاليج آف انجنيئرنگ، ڪاليج آف ٽيڪنالاجي، ڪاليج آف نيچرل سائنس ائنڊ مئٿميٽڪس، ڪاليج آف بزنس، ڪنراڊ هِلٽن ڪاليج آف هوٽل ائنڊ ريسٽارنٽ مئنيجمنٽ، ڪاليج آف ايجوڪيسن، ڪاليج آف آپٽوميٽري، ڪاليج آف فارميسي، گريجوئيٽ ڪاليج آف سوشل ورڪ ۽ يونيورسٽي آف هيوسٽن لا سينٽر شامل آهن.
    فنون لطيفه جهڙوڪ پرفارمنگ آرٽ، وزئيل آرٽ، ميوزڪ، ڊرامه ۽ ٿيٽر جي حوالي سان پڻ هيوسٽن يونيورسٽي نه رڳو تعليم ۽ ٽريننگ واري ڏس ۾ اهم حيثيت رکي ٿي پر هتي منقعد ٿيندڙ آرٽ ۽ ثقافت جا شو، سيشن ۽ تقريبون پڻ هن جي شهرت ۾ نمايان طور تي اضافو ڪن ٿا. هيوسٽن يونيورسٽي جا دِي جان مورس اسڪول آف ميوزڪ، دِي اسڪول آف ٿيٽر ائنڊ ڊانس آرٽ ۽ ڪلچرل تعليم ۽ تربير ۾ قابل قدر ڪردار ادا ڪري نه رڳو انهن شعبن ۾ ڪامياب شاگردن کي ڊگريون ڏين ٿا پر حقيقي طور تي فنڪار پيدا ڪري سماج جي ان حسين پهلو کي نکارڻ ۾ پڻ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا رهن ٿا. يونيورسٽي جي فائن آرٽس شعبي واري بلڊنگ ۾ واقع ”بلئفر گئلري“ به قابل ذڪر آهي جيڪا همعصر دور جي فنڪارن، مصورن ۽ آرٽسٽن جي فنپارن ۽ شهڪارن جي شانائتي نموني نمائشون ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار رهندي آهي. هيوسٽن يونيورسٽي ۾ ٻاهر کان آيل شاگردن جي رهائش جو پڻ جوڳو انتظام ٿيل آهي. هتان جي شاگردن جي سماجي ڀلائي واري جذبي ۽ سرگرم ايڪٽوزم جو اندازو ان حقيقت مان به لڳائي سگهجي ٿو ته يونيورسٽي ۾ اٽڪل چار سئو کان وڌيڪ شاگردن جو تنظيمون، ڪلبس، سرڪلس ۽ باضابطه ويلفيئر وارا گروپ ٺهيل آهن جيڪي شاگرد برادري جي تعليمي، سماجي، تفريحي، راند روند ۽ عام ڀلائي لاءِ ڪا نه ڪا سرگرمي ڪندا رهن ٿا. هوسٽن يونيورسٽيءَ جو ايجوڪيشنل ٽيلويزن ۽ ريڊيو نيٽ ورڪ هميشه يونيورسٽي اندر ٿيندڙ علمي، ادبي، سماجي ۽ ثقافتي سرگرمين کان پنهنجي شاگردن کي آگاهه ڪندا رهن ٿا. هيوسٽن يوينورسٽي جي ٽيچنگ فئڪلٽي ۾ هڪ نوبيل انعام يافته استاد سان گڏ ٻيا اهڙا به ڪي ئي پروفيسرس ۾محقق ۽ سائنسدان به شامل آهن جن مختلف تدريسي ۽ تحقيقي شعبن ۾ پنهنجي نمايان ڪم ۽ ڪارڪردگيءَ جي عيوض ڪي ئي نيشنل ۽ انٽرنيشنل انعام ۽ اعزاز حاصل ڪيا آهن.
    هيوسٽن يونيورسٽي ۾ سنڌ جا شاگرد پڻ پهچي تعليم پرائيندا رهيا آهن. سنڌي نياڻي شاهده ڀٽو پڻ هن يونيورسٽي جي شاگرد آهي. هيوسٽن شهر ۾ سنڌين جو پڻ ڪافي تعداد پنهنجي ڪٽنبن سميت مستقل رهائش پذير آهي. هيوسٽن ۾ رهندڙ سنڌين جي سماجي ڀلائي واري تنظيم سنڌي ڪميونٽي آف گريٽ هيوسٽن متحرڪ طرح ڪم ڪندي رهي ٿي. هيوسٽن ۾ مستقل طور رهندڙ سنڌين ۾ امداد علي رضا سيهڙ پڻ هڪ آهي. امداد علي رضا سيهڙ مورو سان تعلق رکندڙ سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر ۽ تعليمدان ناطق مورائي جو فرزند آهي. هو سي ايس ايس امتحان ۾ پهرين پوزيشن کڻي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڊپٽي ڪمشنر رهيو پر بعد ۾ آمريڪا منتقل ٿي اتان جي ميامي يونيورسٽي فلوريڊا مان قانون ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪري هيوسٽن ۾ قانون جي هڪ فرم قائم ڪري اتي قانون واري شعبي ۾ ماهر اٽارني طور ڪم ڪري رهيو آهي. سندس وڏو ڀاءُ ڊاڪٽر محمد اقبال پڻ هوسٽن ۾ اعليٰ عهدي تي فائز آهي. ان کان علاوه نامياري ليکڪه نورالنسا گهانگهرو، خيرپور ناٿن شاهه سان تعلق رکندڙ معشوق ملاح، حيدرآباد وارو منصور سمون ۽ آمريڪا ۾ پيپلز پارٽي جو متحرڪ اڳواڻ، ضلعي بدين جي ماتلي شهر سان تعلق رکندڙ ستار مڱڻهار، سانگهڙ جو عزيز سومرو، سکر جو فواد منگي، ڊاڪٽر امير علي ميمڻ ۽ ٻيا به ڪي ئي سنڌي هيوسٽن ۾ ڪيترن ئي سالن کان مستقل طور آباد آهن. (مان پڻ سال 2015ع ۾ هيوسٽن ۾ منعقد سانا جي ڪنوينشن ۾ شامل ٿيو هيس ۽ ٽي ڏينيهن هيوسٽن ۾ رهڻ کان پوءِ آمريڪا جا ٻيا شهر پڻ گهميا ها.)
    ٽيڪساس رياست ۾ واقع هيوسٽن آمريڪا جو چوٿون نمبر وڏو شهر ليکجي ٿو. هونئن ته هن شهر جي ترقي، خوبصورتي ۽ زندگيءَ سان ڀرپور گهما گهميءَ جا ٻيا به کوڙ حوالا آهن پر هن شهر ۾ واقع ”دِي يونيورسٽي آف هيوسٽن“ دنيا ڀر جي علم جي متلاشين جي نظر جو مرڪز بڻيل رهي ٿي. جيڪڏهن اوهان به هوسٽن يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ واري مقصد لاءِ پهچي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃو ٿا ته پوءِ هيوسٽن جون ٻيون حسناڪيون به اوهان کي پري ڪونه هونديون.

    ( ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 29 آڪٽوبر 2014ع)


    آمريڪن يونيورسٽي

    American University

    آمريڪن يونيورسٽي

    جنهن کي خوبصورت ترين يونيورسٽي قرار ڏنو ويو هئو


    آمريڪن يونيورسٽي آمريڪا جي هڪ نامياري يونيورسٽي آهي جيڪا آمريڪا جي گاديءَ واري شهر واشنگٽن ڊِي سِي ۾ واقع آهي. هن يونيورسٽي جي تعليمي ۽ تحقيقي ڪارڪردگي، پڙهائي جي موقعن، اتان جي ناميارين شخصيتن ۽ هن جي قيام جي تاريخ جو تفصيلي ذڪر ڪرڻ کان اڳ هن عظيم درسگاهه ۾ اڄ کان 33 سال اڳ منعقد ڪيل هڪ تقريب ۾ اتان جي شاگردن، استادن ۽ انتظامي عملي جي سامهون آمريڪا جي پنجٽيهين صدر جان ايف ڪينڊي پاران امن جي موضوع تي ڪيل تقرير مان صرف انهن ٽن ڳالهين جو ذڪر ڪرڻ ضروري ٿو سمهجان جن سان نه رڳو يونيورسٽين جي اهميت ۽ افاديت اجاگر ٿئي ٿي پر ان سان گڏ آزدي، امن، ماڻهوءَ جي منشا ۽ ان سان جڙيل حاصلات جي اهميت جي به پروڙ پئي ٿي. هن يونيورسٽي جي اسٽيج تان آمريڪي صدر جون ڪيل اهي ٽئي ڳالهيون ماڻهو جي اندر ۾ هڪ اڻميو اتساهه پيدا ڪري کيس علم واري واٽ وٺرائي آزدي، امن ۽ عظمت واري منزل ڏانهن گامزن ٿيڻ جو ڏس به ڏين ٿيون ته آمريڪن يونيورسٽي جي حُسن، اهميت ۽ ڪارج کي سمجهڻ ۾ به مدد ڪن ٿيون.
    آمريڪا جي صدر جان ايف ڪينيڊي 10 جون 1963ع تي آمريڪن يونيورسٽي جي دوري دوران اتي منعقد ٿيل هڪ تعليمي تقريب ۾ پنهنجي عالمانه ۽ مدبرانه تقرير دوران آمريڪن يونيورسٽي جي اهميت کي اجاگر ڪندي انگريزي ٻوليءَ جي نامياري ليکڪ ۽ شاعر جان ايڊورڊ مئسيفيلڊ جو هي جملو حوالي طور پيش ڪيو هو جنهن ۾ جان مئسيفيلڊ چيو هو ته ”مشڪل سان ڪا ٻي ارضي شيءِ يونيورسٽي کان وڌيڪ خوبصورت ٿي سگهي ٿي.“ صدر ڪينيڊيءَ يونيورسٽي بابت هن انگريز شاعر جي اهڙي نفيس ۽ خوبصورت خيال جي وضاحت ڪندي وڌيڪ چيو هو ته ”مئسيفيلڊ جو مقصد صرف يونيورسٽي جي ڪئمپس يا ان ۾ تعمير ٿيل ٽاور جي خوبصورتي ناهي پر اصل خوبصورتي اها آهي ته يونيورسٽي هڪ اهڙي جاءِ هجي ٿي جتي جهالت کان نفرت ڪندڙ ماڻهو ساڃاهه، شعور ۽ علم جي حاصلات لاءِ جدوجهد ڪندا آهن ۽ سچ ڏسي سگهڻ جي قوت رکندڙ فردَ ٻين ۾ به اهڙي قوت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.“
    آمريڪن يونيورسٽي جي پنڊال ۾ پنهنجن خوبصورت لفظن ۽ حوالن سان درسگاهن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ کان پوءِ آمريڪا جي هن هر دلعزيز ۽ ساڃاهوند صدر جان ايف ڪينڊيءَ هن يونيورسٽي جي شاگردن ۽ انهن جي استادن جي اڳيان ٻه ٻيون اهڙيون ڳاليهون ڪيون هيون جن کي آفاقي سچ ئي سڏجي ته ان ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. هن چيو هو ته ”ڪو به ماڻهو ايتري ئي عظمت ماڻي سگهي ٿو جيتري هو طلبي ٿو ۽ ان لاءِ ڪم به ڪري ٿو“ ۽ ٻيو اهو ته ”امن ۽ آزادي هميشه گڏ ئي هلندا آهن، اهي ٻئي هڪ ٻئي کان سواءِ نامڪمل ۽ اڌورا هوندا آهن.“
    آمريڪن يونيورسٽي ۾ جان ايف ڪينڊي جي اهڙي اتساهيندڙ ۽ زندگي جي اعليٰ قدرن کي اپنائڻ جو درس ڏيندڙ تقرير کان پوءِ جڏهن آمريڪن يونيورسٽي جي قيام جي قصي ۽ هن جي اعليٰ تدريسي ۽ تحقيقي ڪارڪردگيءَ جو مطالعو ڪجي ٿو ته يونيورسٽين لاءِ جان مئسيفيلڊ جا چيل هي لفظ 100 سيڪڙو سچ ثابت ٿين ٿا ته ”مشڪل سان ئي ڪا ٻي ارضي شيءِ يونيورسٽي کان وڌيڪ خوبصورت ٿي سگهي ٿي.“
    آمريڪا جي گادي واري شهر واشنگٽن ڊي سي ۾ واقع هيءَ يونيورسٽي جنهن جو پورو نالو ته ”دي آمريڪن يونيورسٽي“ آهي پر سهوليت خاطر کيس صرف ”اَي يو“ به سڏيندا آهن. دنيا اندر خانگي شعبي واري اعلي معيار جي ريسرچ يونيورسٽي جو مقام رکندڙ آمريڪن يونيورسٽي جي قيام جو چارٽر جيتوڻيڪ 24 فيبروري 1893ع تي جاري ٿيو هو پر هن جو باقاعدي افتتاح ان کان 21 سال پوءِ يعني 1914ع ۾ ٿيو.
    هن درسگاهه جي قيام واري تاريخ ۾ هيءَ ڳالهه به هڪ اهم ورق جيان شامل آهي ته هيءَ يونيورسٽي جيڪا واشنگٽن جي مئٿڊسٽ چرچ جي بشپ جان فيلچر هرٽ قائم ڪئي هئي تنهن جي پيڙهه جو پٿر 1902ع ۾ آمريڪا جي ان وقت جي صدر ٿيوڊر روزويلٽ رکيو هو ۽ هن يونيورسٽي جو افتتاح آمريڪا جي هڪ اهڙي صدر ڪيو هو جيڪو پڻ 1913ع کان 1921ع تائين آمريڪا جو پنجويهون صدر بڻجڻ کان پهريان آمريڪا جي مختلف تعليمي ادارن ۾ پروفيسر ۽ پرسٽن يونيورسٽي جو سربراهه رهڻ سان گڏ پنهنجي دور جو هڪ ناميارو استاد ۽ تعليمدان رهي چڪو هو. 1914ع ۾ آمريڪن يونيورسٽي جو افتتاح ڪندڙ آمريڪا جو اهو علم دوست صدر ٿامس ووڊرو ولسن هئو.
    آمريڪن يونيورسٽي جي قيام جو قصو هن ريت آهي ته هي يونيورسٽي آمريڪا جي نامور شهر واشنگٽن جي هڪ مشهور ميٿڊسٽ چرچ جي نگرانيءَ هيٺ قائم ڪئي وئي هئي. ان زماني ۾ يورپ توڙي آمريڪا ۾ رواج مطابق چرچ حڪومتي معاملن کان وٺي درسگاهن توڙي ٻين سماجي ادارن مٿان حاوي هوندو هو. جديد دنيا ۾ اڄ به وڏي تدريسي ۽ تحقيقي شهريت رکندڙ ڪيترائي آڳاٽا ناميارا درسگاهه چرچ پاران ئي قائم ڪيل آهن جيڪي اڄ تائين پنهنجي نانءَ ۽ ناموس کي پنهنجي بهترين ڪارڪردگيءَ سان وڌائيندا رهن ٿا، انهن ۾ آمريڪن يونيورسٽي پڻ اچي وڃي ٿي.
    هن يونيورسٽي جي نمايان تاريخي حقيقتن مان هڪ هيءَ به آهي ته جڏهن آمريڪا ۾ اڃا عورتن کي ووٽ ڏيڻ جو حق به حاصل نه ٿيو هو ۽ نه ئي وري اعليٰ تعليمي اداران ۾ عورتن ۽ آفريڪي ماڻهن کي داخلائن ڏيڻ جو رواج هو تڏهن به هن يونيورسٽيءَ جي شروعاتي ڪلاس ۾ ڪل اٺاويهه شاگردن مان پنج عورت شاگردياڻون به شامل هيون. 1915ع ۾ هن يونيورسٽي هڪ آفريڪن شاگرد کي پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ اسڪالرشپ جاري ڪري هڪ غير جانبدار روايت جي شروعات ڪئي هئي جيڪا اڄ تائين جاري آهي. اڄڪلهه هن يونيورسٽي ۾ اٽڪل 23 هزار شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن جن ۾ خاصو تعداد دنيا جي ڏيد سئو مختلف ملڪن کان ايندڙ قابل شاگردن جو به شامل آهي. يونيورسٽي جي ڪل شاگردن جو 65 سيڪڙو شاگردياڻين تي مشتمل آهي.
    اسان جي سهڻي سنڌ جي ڪراچي شهر ۾ قائم سنڌ مدرسته السلام يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد علي شيخ پڻ فل برائيٽ اسڪالر جي حيثيت سان آمريڪن يونيورسٽي واشنگٽن ۾ تعليم ۽ تحقيق ڪري اتان ”سٽيزنس رائيٽ ٽو انفرميشن“ جي موضوع تي پوسٽ ڊاڪٽوريٽ فيلوشپ جو اعزاز حاصل ڪيو آهي.
    آمريڪن يونيورسٽي ستن تدريسي ۽ تحقيقي اسڪولن ۽ ڪاليجن تي مشتمل آهي جيڪي هن يونيورسٽي جي فئڪلٽين جي حيثيت رکن ٿا. يونيورسٽي جي اهڙين ناميارن ادارن ۾ ڪاليج آف آرٽس ائنڊ سائنس، اسڪول آف بزنس، اسڪول آف ڪميونيڪيش، اسڪول آف انٽرنيشنل سروس، اسڪول آف پروفيشنل ائنڊ ايڪسٽينڊڊ اسٽڊيز، اسڪول آف پبلڪ افيئرس، ۽ واشنگٽن ڪاليج آف لا شامل آهن. هن يونيورسٽي جي اٽڪل 950 استادن، محققن ۽ تحقيقارن جي نگراني ۾ 69 مختلف تدريسي شعبن جي پروگرامن ۾ بيچلر، 73 تدريسي ۽ تحقيقي پروگرامن ۾ ماسٽرس ۽ 11 مختلف تحقيقي پروگرامن ۾ ڊاڪٽوريٽ لاءِ پڙهائي ۽ تحقيق ڪرائي وڃي ٿي.
    جيتوڻيڪ آمريڪا جي هي خانگي يونيورسٽي ٻين به ڪيترن ئي تدريسي شعبن ۾ پڻ نيڪنامي رکي ٿي پر هن جي شهرت جو وڏو حوالو هن جي پبلڪ پاليسي، هيومن رائيٽس، انٽرنيشنل سروس ۽ انٽرنيشنل لا وارن تدريسي ۽ تحقيقي شعبن ۾ لبرل نصاب ۽ اعلي پائي جي ڪارڪردگي آهي.
    آمريڪن يونيورسٽي جو اوائلي اسڪول آف آرٽس ائنڊ سائنس جيڪو 1925ع ۾ قائم ڪيو ويو هيو ان ۾ اينٿراپالاجي، ايڪنامڪس، انوائرنمنٽل سائنس، هسٽري، لئنگوِج، فارين اسٽڊيز، لٽريچر، سوشالاجي پرفارمنگ آرٽس، فلاسافي ائنڊ رليجن، فزڪس، فزيالاجي ۽ هيلٿ وارن شعبن ۾ تدريس ۽ تحقيق ڪرائي ڊگريون ڏنين وڃن ٿيون.
    هن يونيورسٽي جو ڪاگاڊ اسڪول آف بزنس جيڪو 1955ع ۾ قائم ڪيو ويو هيو سو بزنس مئنيجمنٽ ۽ ائڊمنسٽريشن واري تعليم ۾ نه رڳو آمريڪا پر دنيا ۾ وڏي نيڪنامي رکي ٿو. هن ۾ انٽرنيشنل بزنس، فنانس، ٽيڪسيشن، رِيئل اسٽيٽ ۽ انفرميشن ٽيڪنالاجي ۾ ڊگريون ڏنيون وڃن ٿيون.
    آمريڪن يونيورسٽي ۾ 1957ع ۾ قائم ڪيل اسڪول آف انٽرنيشنل سروس پڻ هن درسگاهه جو وڏي شهرت رکندڙ ادارو آهي جنهن ۾ انٽرنيشنل پِيس ائنڊ ڪنفلڪٽ ريزوليشن، گلوبل پاليٽڪس، ڪمپيئريٽِوِ ائنڊ ريجنل اسٽيڊيز ۾ پڙهائي ۽ تحقيق ڪرائي وڃي ٿي.
    اسڪول آف پبلڪ افيئرس جيڪو پڻ 1957ع ۾ ئي قائم ڪيو ويو هو سو پڻ پنهنجي منفرد تعليمي پروگرامن جي ڪري تعليمي ۽ تحقيقي ميدان ۾ اهم جاءِ والاري ٿو. هن اسڪول ۾ ڪل ٽي شعبا آهن جهڙوڪ گورنمنٽ، پبلڪ ۽ سوسائٽي اسٽڊيز. انهن ٽنهي شعبن ۾ بيچلر کان وٺي ڊاڪٽوريٽ ليول جي ڊگرين لاءِ پڙهائي ڪئي وڃي ٿي. هن اسڪول ۾ ستهتر استاد ۽ محقق وڏي جانفشاني سان شاگردن جي تعليم ۽ تربيت لاءِ ڪم ڪندا رهن ٿا.
    اسڪول آف ڪميونيڪيشن جيڪو 1984ع ۾ قائم ڪيو ويو هو ان جي تدريسي ۽ تحقيقي شعبن جهڙوڪ ڪميونيڪيشن ايجوڪيشن ۽ ڪميونيڪيشن ريسرچ ۾ پڻ اعليٰ پائي جو تدريس ۽ تحقيقي عمل سر انجام ڏنو وڃي ٿو جنهنڪري هي اسڪول به ڪمينيڪشن جي شعبي ۾ دلچسپي رکندڙ نوجوانن جي دلچسپيءَ جو مرڪز بڻيل رهي ٿو.
    آمريڪن يونيورسٽي ۾ 2012ع ۾، هڪ اسڪول جو اضافو ڪيو ويو جنهن کي اسڪول آف پروفيشنل ائنڊ ايڪسٽينڊڊ اسٽڊيز سڏيو وڃي ٿو. هن اسڪول ۾ ڏيهي شاگردن لاءِ واشنگٽن مينٽرشپ پروگرام ۽ ٻيا انٽرنشپ پروگرام شروع ڪيا ويا آهن.
    آمريڪن يونيورسٽي ۾ شاگردن جي باضابطه تعليم لاءِ مٿي ڄاڻايل تدريسي سهوليتن کان سواءِ جديد گهرجن مطابق جوڙيل ۽ لکين ڪتابن ۽ ڊجيٽل ذريعن وارين سهوليتن سان آرستا ٿيل لائبريريون ۽ لئبارٽريون، رهائشي هال، پلي گرائونڊس، جسماني ۽ ذهني تندرستي ۽ ترقي لاءِ اسپورٽس، لٽرري، انٽيليڪچوئل، ڊبپيٽنگ ۽ انٽرٽينمنٽ ڪلب، پبليڪيشنس ۽ ٻيون اهڙين ڪيتريون ئي سهوليتون ميسر ٿيل آهن.
    آمريڪن يونيورسٽي جتي شاگردن جي تعليم ۽ تفريحي ڀلائي واريون ڪيتريون ئي سوسائٽيون سرگرم آهن اتي يونيورسٽي پاران نيشنل پبلڪ ريڊيو پڻ ڪم ڪندو رهي ٿو جيڪو تفريحي پروگرامن سان گڏ تعليمي ۽ معلوماتي پروگرام به هلائندو رهي ٿو جنهن مان نه رڳو هن يونيورسٽي جا شاگرد مستفيض ٿيندا رهن ٿا پر عام ماڻهو به هن جي پروگرامن کي ٻڌي انهن مان حِظ حاصل ڪندا رهندا آهن.
    بهرحال آمريڪا جي گادي واري شهر واشنگٽن ڊي سي ۾ واقع آمريڪن يونيورسٽي ۾ آمريڪي شاگردن سميت دنيا جي سڀني ملڪن جي شاگردن لاءِ اعليٰ تعليم جا هڪ جيترا موقعو موجود آهن، جيڪو به نوجوان انهن موقعن مان فائدو وٺڻ جي خواهش ڪندو ته پوءِ ان کي مسلسل محنت واري واٽ وٺڻي پوندي.

    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين 24 ڊسمبر 2014ع)


    باسٽن يونيورسٽي

    Boston University

    باسٽن يونيورسٽي

    جيڪا گراهم بيل ۽ مارٽن لوٿرڪنگ جي مادر علمي آهي


    ڇا ٿا ڀانيو، جيڪڏهن ڪنهن نوجوان کي اهڙي يونيورسٽي ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعو ملي وڃي جنهن يونيورسٽي ۾ ڪنهن وقت آمريڪا جي نسلي امتياز جو مخالف ۽ انساني حقن جو علمبردار مارٽن لوٿر ڪنگ جونيئر شاگرد رهيو هجي، يا وري جنهن يونيورسٽي ۾ مواصلاتي دنيا ۾ انقلاب آڻيندڙ سائنسدان ۽ ٽيليفون جو ايجاد ڪندڙ برطانيا جو اسڪاٽلينڊ ڄائو گراهم بيل پروفيسر جي حيثيت سان پڙهائي چڪو هجي، يا وري جنهن يونيورسٽيءَ ۾ ڪيترن ئي سائنسي ۽ سماجي علمن جي ماهر استادن سميت انگريزي ادب جا ٻه نوبيل انعام يافته ناميارا ليکڪ ۽ شاعر رابرٽ لويل ۽ رابرٽ پنسڪي پڻ ڳچ عرصي تائين استاد جي حيثيت سان ڪم ڪري چڪا هجن. اهڙي اعليٰ پائي ۽ مانَ مرتبي واري يونيورسٽي ۾ پهچي اتي اعليٰ تعليم جي بي بها زيور سان آراستا ٿيڻ، ڇا ڪنهن به طالبِ علم ماڻهوءَ لاءِ ڪنهن وڏي اعزاز کان گهٽ ڳالهه ٿي سگهي ٿي؟ يقين سان چئي سگهان ٿو ته مون سميت اوهان سڀني جو جواب اهو ئي هوندو ته ”ڪڏهن به نه.“ ۽ ها، آخرڪار ايڏن وڏن لائق ۽ فائق استادن ۽ شاگردن جي اها نامياري يونيورسٽي ڪهڙي آهي؟ دوستو، اها يونيورسٽي آهي آمريڪا جي شهر بوسٽن جي خوبصورت علائقي ۾ قائم، ”يونيورسٽي آف باسٽن“، جنهن کي سهوليت خاطر ”باسٽن يونيورسٽي“ يا صرف ”يو بي“ (UB)پڻ سڏيو ويندو آهي.
    اسان سنڌ واسين لاءِ اها ڳالهه فخر جو سبب آهي ته اسان جي سهڻي سنڌ مان به اسان جا ڪيترا ئي سنڌي سپوت دنيا جي گهڻين ئي ٻين معياري درسگاهن سميت آمريڪا ۾ واقع عالمي طور تي شهرت رکندڙ ناميارين شخصيتن جي هن مادر علمي باسٽن يونيورسٽي مان پڻ تعليم پرائي چڪا آهن. باسٽن يونيورسٽيءَ مان تعليم حاصل ڪندڙ سنڌين ۾ سکر واسي، چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي جو اڳوڻو شاگرد ۽ اڄڪلهه آمريڪا جو ناميارو ڊاڪٽر، سنڌي ايسوسيئشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) جو سيڪريٽري ڊاڪٽر خليل ميمڻ به شامل آهي. ڊاڪٽر خليل ميمڻ باسٽن يونيورسٽي جي ميڊيڪل ڪئمپس مان ڊگري حاصل ڪري اتي ئي مستقل رهائش اختيار ڪئي آهي.
    خانگي شعبي جي هيءَ يونيورسٽي جيتوڻيڪ اڄڪلهه پنهنجي مزاج ۽ معيار ۾ حقيقي طور تي غيرجانبدار ۽ دنيا جي جديد علمن جي پڙهائي جو هڪ اهم مرڪز بڻيل آهي پر هن جي شروعات پڻ يورپ ۽ آمريڪا جي اڳوڻي رواج مطابق چرج جي نظرداري هيٺ ئي ٿي هئي. شروعاتي ڏينهن ۾ هن اداري جو نالو باسٽن يونيورسٽي نه پر ”نيوبري بائيبليڪل انسٽيٽيوٽ“ هئو ۽ اهو انسٽيٽيوٽ 1839ع ۾ آمريڪا جي نيو انگلينڊ ريجن ۾ واقع ورمانٽ رياست جي شهر نيوبري ۾ ”يونائيٽيڊ ميٿڊسٽ چرج“ سان لاڳاپيل هوندو هو. نيوبري ۾هن انسٽيٽيوٽ جي قيام کان ڪجهه سال پوءِ هن اداري جي ڪشادي عمارت جي تعمير لاءِ مساچوئيسٽس رياست جي هڪ مشهور شهر بوسٽن جي پنڪني اسٽريٽ ۾ 30 ايڪڙ زمين خريد ڪري اتي هڪ شاندار عمارت تعمير ڪئي وئي هئي جنهن کان پوءِ هن انسٽيٽيوٽ کي نيوبري شهر مان شفٽ ڪري بوسٽن شهر۾ آندو ويو ۽ اتي ئي هن جو نالو تبديل ڪري سندس نئون نالو ”باسٽن ٿيلاجيڪل انسٽيٽيوٽ“ رکيو ويو هو.
    بهرحال بوسٽن جي هن ٿيالاجيڪل انسٽيٽيوٽ جو مقدر صرف هڪ ننڍي اداري هجڻ تائين محدود نه هو پر هن جي منزل اڃا به اڳتي هئي ڇو ته هن انسٽيٽيوٽ جي بوسٽن شهر ۾ منتقل ٿي اچڻ کان پوءِ بوسٽن جي ان وقت جي ٽن وڏن تاجرن ۽ سماج سڌارڪن جيڪي هن انسٽيٽوٽ جا ٽرسٽي (Trustee) يا منتظم پڻ هئا، تن بوسٽن ۾ اعليٰ ۽ جديد تعليم لاءِ هڪ معياري يونيورسٽي جي ضرورت کي محسوس ڪندي، ڪوششون وٺي مسچوسٽس رياست جي قانون ساز اسيمبلي مان 1869ع ۾هڪ قانون پاس ڪرايو جنهن تحت ”باسٽن ٿيالاجيڪل انسٽيٽيوٽ“ کي ترقي ڏئي ان کي يونيورسٽي جو درجو ڏنو ويو. ان کان پوءِ هن نئين وجود ۾ آيل يونيورسٽي جو نالو ”يونيورسٽي آف باسٽن“ رکيو ويو جيڪا اڄڪلهه پنهنجي معياري تدريسي ۽ تحقيقي سرگرمين جي ڪري ڏيهان ڏيهه مشهور آهي.
    باسٽن يونيورسٽيءَ کي وجود ۾ آڻيندڙ سندس اهي ٽئي باني شخصيتون جن جي نالن پٺيان اڄ به باسٽن يونيورسٽيءَ جي ويسٽ ڪئمپس جون ٽي هاسٽلون سڃاتيون وڃن ٿيون سي هيا جيڪب سليپر، لي ڪليفلن ۽ مسٽر اسحاق رچ. باسٽن يونيورسٽي جي قيام واري ڪم لاءِ سندن سهولتڪارن ۾ لي ڪليفلن جي پٽ وليم جو نالو به وڏي احترام سان ورتو ويندو آهي جيڪو ان وقت مسچوسٽس رياست جو گورنر هيو ۽ مسچوسٽس جي قانون ساز اسيمبلي مان پاس ٿيل باسٽن يونيورسٽي واري چارٽر تي وڏي فارخدليءَ سان صحيح ڪري يونيورسٽي جي قيام جي منظوري ڏني هئائين.
    هن يونيورسٽي ۾اڄڪلهه اٽڪل 33 هزارن کان وڌيڪ شاگرد زير تعليم آهن جيڪي بيچلرس، ماسٽرس، ڊاڪٽوريٽ ۽ پوسٽ ڊاڪٽوريٽ جي ڊگرين ۽ اعزازن ماڻڻ لاءِ هتان جي مختلف تدريسي شعبن ۾ پنهنجي اٽڪل ساڍا ٽي هزار استادن ۽ مددي اسٽاف جي نگرانيءَ ۾ رات ۽ ڏينهن محنت ۾ مشغول آهن. دنيا جي 130 کان وڌيڪ ملڪن کان آيل انٽرنيشنل شاگردن جو خاصو تعداد پڻ بوسٽن يونيورسٽي جي علم جي خزانن مان فيضياب ٿيندو رهي ٿو.
    هن يونيورسٽي کي آمريڪا جي هڪ نامياري اداري ”ڪارنيگي ڪلاسيفڪيشن آف انسٽيٽيوشنس آف هائير ايجوڪيشن“ پاران هڪ شانائتي اعليٰ تحقيقي سرگرمين واري درسگاهه جو درجو ڏنو ويو آهي. يونيورسٽي جي ستن اڳوڻن شاگردن، استادن ۽ تحقيقڪارن پنهنجي نمايان تحقيقين ۽ بهترين ڪارڪردگيءَ جي عيوض نوبيل انعام ۽ ڪي ئي ٻيا اعزاز ماڻيا آهن. هن جي اهڙن نوبيل انعام يافته شاگردن مان مارٽن لوٿر ڪنگ جونيئر به شامل آهي جنهن 1955ع کان پنهنجي قتل واري ڏينهن يعني چوٿين اپريل 1968 تائين آمريڪا ۾ آفريڪي نسل جي باشندن خلاف نسلي امتيار جي خاتمي ۽ سندن بنيادي انساني حقن جي بحاليءَ واري تحريڪ هلائي هئي. سندس ان تحريڪ جي نتيجي ۾ آمريڪا ۾ آباد آفريڪي نسل جي ماڻهن جا بنيادي انساني حق بحال ٿيا ۽ کين اليڪشن ۾ حصي وٺڻ جو به حق حاصل ٿيو. اهو لوٿر ڪنگ جي تحريڪ جو ئي نتيجو هو جو آمريڪا ۾سياهه فام آباديءَ جي حقن جي بحاليءَ کان پوءِ ئي اهو ممڪن بڻجي سگهيو ته آفريڪي نسل جو پهريون شخص بارڪ اوباما ٻيو دفعو آمريڪا جو صدر بڻجي سگهيو.
    اها حقيقت به هن يونيورسٽي جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿي ته هيءَ ئي آمريڪا جي اهڙي پهرين يونيورسٽي آهي جنهن 1877ع ۾ ڪنهن عورت کي پهريون ڀيرو پي ايڇ ڊيءَ جي ڊگريءَ سان نوازيو هو. هن يونيورسٽي جي اها پهرين آمريڪي خوشنصيب شاگرد عورت هيلن ميگل هئي جنهن ”گريڪ ڊراما“ جي موضوع تي تحقيق ڪري ٿيسز لکي بوسٽن يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي هئي. هونئن هن کان اڳ آمريڪا ۾ عورتن کي اهڙا اعليٰ تعليم جا موقعا ميسر نه هوندا هئا.
    باسٽن يونيورسٽي ٻن ڪئمپسن تي مشتمل آهي جن مان سندس مکيه ڪئمپس بوسٽن شهر جي ”فين وَي ڪنمور“ ۽ ”آلشٽن“ واري علائقي ۾ چارلس رِور (Charles River) جي ڀرسان واقع آهي جنهن کي ”چارلس رِور ڪئمپس“ به سڏيو ويندو آهي، هن جي ”ميڊيڪل سينٽر ڪئمپس“ شهر جي ”سائوٿ اينڊ“ واري علائقي ۾ واقع آهي. اهي ٻئي ڪئمپسون جديد سائنسي ۽ سماجي علمن جي 17 اسڪولن ۽ ڪاليجن تي مشتمل آهن. انهن کان علاوه يونيورسٽيءَ اندر واقع ڪيتريون ئي ريسرچ لئبارٽريون، ريسرچ انسٽيوٽس ۽ سينٽر سائنس ٽيڪنالاجي، ميڊيڪل سائنسز، انوائرنمنٽل سائنسز ۽ سوشل سائنسز جي مختلف موضوعن ۽ مامرن تي اعليٰ پئماني جي تحقيقي ڪم لاءِ سهوليتون ۽ معاونت ميسر ڪندا رهن ٿا. عيسوي سال 1875ع ۾ اهو اعزاز به هن يونيورسٽيءَ جي هڪ ريسرچ لئبارٽري کي ئي مليو هو جتي هتان جي استاد ۽ سائنسدان گراهم بيل هڪ ڊگهي ۽ پُرمغز ريسرچ واري سرگرميءَ کان پوءِ ٽيلفون ايجاد ڪئي هئي، جيڪا پوءِ هڪ اڻٽر ضرورت بڻجي سموري دنيا ۾ ڦهلجي وئي.
    يونيورسٽيءَ جي باسٽن شهر وارين ٻنهي ڪئمپسن ۾ سندس مکيه اسڪولن ۽ ڪاليجن جو تفصيل ڪجهه هن ريت آهي: بوسٽن يونيورسٽي ۾ اسڪول آف ميڊيسن، اسڪول آف مئنيجمنٽ، اسڪول آف لا، اسڪول آف پبلڪ هيلٿ، اسڪول آف هاسپيٽيبلٽي ائڊمنسٽريشن، اسڪول آف ايجوڪيشن، اسڪول آف سوشل ورڪ، گريجوئيٽ اسڪول آف آرٽس ائنڊ سائنس، هينري گولڊ مين اسڪول آف ڊينٽل ميڊيسن ۽ فيڊرڪ پئريڊ اسڪول آف گلوبل اسٽڊيز وغيره اچي وڃن ٿا. ساڳئي طرح هن يونيورسٽي جي ناميارن ڪاليجن ۾ ڪاليج آف انجننيئرنگ، ڪاليج آف ڪميونيڪيشن، ڪاليج آف هيلٿ ريهيبليٽيشن، ڪاليج آف جنرل اسٽڊيز، ڪاليج آف فائين آرٽس، ڪاليج آف آرٽس ائنڊ سائنس ۽ ميٽروپوليٽن ڪاليج وغيره اچي وڃن ٿا. مٿي ڄاڻايل اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ اڍائي سون کان وڌيڪ تدريسي ۽ تحقيقي شعبا موجود آهن، جن ۾ بيچلرس کان وٺي پي ايڇ ڊي ۽ پوسٽ ڊاڪٽوريٽ تائين ڊگرين لاءِ ڪورس پڙهايا وڃن ٿا.
    باسٽن شهر کان علاوه آمريڪا جي ٻين شهرن جهڙوڪ لاس اينجلس، واشنگٽن ڊي سي سميت دنيا جي اٽڪل ويهن ملڪن جي ٽيٽيهه شهرن ۾ پڻ هن يونيورسٽيءَ جون ڪئمپسون، اسٽڊي بورڊس ۽ سينٽرس موجود آهن جتي مختلف سبجيڪٽن ۾ اعليٰ ڊگرين لاءِ پڙهائي وارو ڪم ٿيندو رهي ٿي. اهي ڪئمپسون برطانيا جي شهر لنڊن، بيلجم جي شهر بروسلز، آسٽريليا جي شهر سڊني، فرانس جي شهر پيرس ۽ متحده ارب امارات جي رياست دبئي سميت دنيا جي ٻين وڏن شهرن ۾ واقع آهن.
    دنيا جي يونيورسٽين جي تعليمي، تحقيقي ۽ انتظامي معيار جي ڪٿ ڪندڙ هڪ عالمي اداري ٽائيمز هائيرايجوڪيشن ورلڊ يونيورسٽيز رينڪنگ جي سروي مطابق بوسٽن يونيورسٽي 2015ع ۾ پنهنجي معيار جي لحاظ کان دنيا ۾ 57-هين نمبر تي بيٺل آهي. باسٽن يونيورسٽي ۾ شاگردن جي رهائش، مطالعي، تفريح ۽ سندن ذهني ۽ جسماني تندرستيءَ لاءِ پڻ اعليٰ پائي جا انتظام ٿيل آهن. ان حوالي سان هتان جو بوسٽن يونيورسٽي اسٽوڊنٽس وليج، رهائشي هال، مگر ميموريل لئبريري، سنٽر فار اسٽوڊنس سروس بوسٽن پليرائيٽ ٿيٽر، هٽنگن ٿيٽر ڪمپني ۽ اهڙن ئي ٻين ادارن، گروپن ۽ شاگردن جي ڀلائي وارين تنظيمن جون خدمتون سارهه جوڳيون آهن. بوسٽن يونيورسٽي ۾ قائم هارورڊ آرڪائيول سينٽر جيڪو اڳ ۾ ٽونٽيٿ سينچري آرڪائيوز جي نالي سان سڃاتو ويندو هيو، ان ۾ ڪلاسيڪي شاعرن ۽ اديبن سميت صحافتي، سفارتڪاري، ثقافتي ۽ فنون لطيفه جي ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ مشهور شخصيتن جا دستاويز ۽ ڊاڪومينٽس موجود آهن جيڪي مطالعي جو شوق رکندڙ شاگردن کي ضروري ڄاڻ سان گڏ اڳتي وڌڻ جو احساس به ڏياريندا رهن ٿا. بهرحال بوسٽن يونيورسٽيءَ ۾ ته اهو سڀ ڪجهه آهي جيڪو ڪنهن به نوجوان کي سندس روشن مستقبل سان آشنا ڪري سگهي ٿو پر ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ اڳتي به خواهشمند شاگرد کي ئي وڌڻو پوندو، جيئن شاعرن جي سرتاج شاهه عبدالطيف ڀٽائي چيو آهي ته ”پاڻ ئي ايندو هوت ،پر آءٌ به اڳڀري ٿيان“.

    ( ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 18 فيبروري 2015ع)


    ورجينيا يونيورسٽي

    University of Virginia

    ورجينيا يونيورسٽي

    جنهن جي باني ٿامس جيفرسن وصيت ڪئي هئي ته ”منهنجي ڪتبي تي آمريڪي صدر نه، پر هِن يونيورسٽيءَ جو باني لکيو وڃي.“


    ورجينيا يونيورسٽي تي لکڻ جي ارادي سان جڏهن دنيا جي هن نامياري درسگاهه متعلق مواد ڪٺو ڪري ان جو مطالعو ڪرڻ لڳس ته مون کي ورجينيا يونيورسٽي جي بانيءَ جي حوالي سان هڪ وڏو اتساهيندڙ قصو پڙهڻ لاءِ مليو هيو جيڪو باشعور ماڻهن ۽ سلجهيل قومن جي نظر ۾ علم ۽ ادب جي قدر ۽ قيمت کي به ظاهر ڪري ٿو ته وري انهيءَ سان گڏوگڏ ورجينيا يونيورسٽيءَ سميت دنيا جي سڀني درسگاهن جي اهميت ۽ افاديت کي به اجاگر ڪري ٿو. اهو اتساهيندڙ قصو مان هتي حوالي طور پيش ڪري ان کان پوءِ ورجينيا يونيورسٽي متعلق وڌيڪ تفصيل پيش ڪيان ٿو.
    آمريڪا جو ناميارو فلاسافر ۽ دانشور ٿامس جيفرسن آمريڪا جي بانين مان هڪ هيو. هن 1776ع ۾ آمريڪا جي آزاديءَ جو پروانو (Declaration of Independence) تحرير ڪيو هو ۽ هو نَوَ سال يعني 1801ع کان 1809ع تائين آمريڪا جو ٽيون صدر به رهي چڪو هو. ٿامس جيفرسن جيڪو انهيءَ کان اڳ آمريڪا جي پهرين صدر جارج واشنگٽن جي دور ۾ آمريڪا جو سيڪريٽري آف اسٽيٽس به رهي چڪو هو سو جهموري قدرن جو وڏو مبلغ هئو. هن جي ئي سر تي آمريڪا جي سماج جي ڪيترن ئي اونداهن پهلوئن جي خاتمي جو سهرو پڻ سجايل آهي. نه رڳو ايترو ئي پر ٿامس جيفرسن هڪ وڏو مدبر ۽ علم دوست شخصيت به هئو. ان جو ثبوت هن حقيقت مان به لڳائي سگهجي ٿو ته جڏهن هن آمريڪا جي صدارت ۽ سياست تان رٽائرمنٽ ورتي ته هن آمريڪا جي ورجينيا رياست جي هڪ ننڍڙي شهر ”چارلٽسوائل“ ۾ ورجينيا يونيورسٽي جي نالي سان هڪ شانائتو درسگاهه قائم ڪري ان جو باني بڻيو. ٿامس جيفرسن پنهنجي زندگيءَ جو باقي بچيل وقت تعليم جي اوسر لاءِ وقف ڪري ورجينيا يونيورسٽي جو بنياد رکي ان جي واڌ ويجهه ۽ ترقي لاءِ جيڪي خدمتون سر انجام ڏنيون، اهي اڄ به آمريڪا ۾ وڏي قدر جي نگاهه سان ڏٺيون وڃن ٿيون.
    ان مٿئين قصي جو جيڪو اڃا به وڌيڪ اتساهيندڙ پهلو آهي اهو هن طرح آهي ته ٿامس جيفرسن پنهنجي مرڻ کان اڳ ۾ پنهنجن سڀني عزيزن ۽ پيارن کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ کين تاڪيد سان وصيت ڪئي ته سندس مرڻ کان پوءِ سندس قبر تي جيڪو ڪتبو لڳايو وڃي ان تي سندس نالي سان گڏ آمريڪا جو صدر لکڻ بجاءِ کيس ورجينيا يونيورسٽيءَ جو باني لکيو وڃي.
    چيو وڃي ٿو ته ٿامس جيفرسن جي پونئيرن سندس ان وصيت جي بجا آوري ڪئي، جنهنڪري آمريڪا جي ورجينيا رياست جي چارلٽسوائل شهر کان ٿوري مفاصلي تي واقع ٿامس جيفرسن جي اباڻي ڳوٺ ”مونٽي سيلو“ ۾ سندس پنج هزار ايڪڙ زرعي زمين جي وچ ۾ ٺهيل سندس خوبصورت گهر جي ڀرسان هڪ ننڍڙي قبرستان ۾ اڄ به سندس قبر تي لڳايل ڪتبي تي سندس اها آخري وصيت ۽ خواهش هن طرح تحرير ٿيل آهي ته؛ ”مان آمريڪا جو صدر رهيس ليڪن منهنجي خواهش آهي ته مان آمريڪا جي صدر بجاءِ هڪ يونيورسٽيءَ جي بانيءَ جي حيثيت سان سڃاتو وڃان.“
    هاڻي اوهان غور ڪريو ته هڪ اهڙو ادارو ۽ درسگاهه جنهن سان پنهنجي سڃاڻپ ۽ نسبت ظاهر ڪندي آمريڪا جو اڳوڻو صدر پنهنجي لاءِ آمريڪا جي صدارت کان به هڪ وڏو اعزاز سمجهي ٿو، ان درسگاهه مان ڪنهن به طالبِ علم لاءِ تعليم ۽ تربيت پرائڻ جو موقعو حاصل ڪرڻ ڪيتري نه خوشنصيبي جي ڳالهه ٿي سگهي ٿي، ان جو ادارڪ ڪو سچو علم دوست ماڻهو ئي ڪري سگهي ٿو. بهرحال اهو ناميارو درسگاهه آهي ورجينيا يونيورسٽي، جنهن متعلق ڪجهه وڌيڪ تفصيل هيٺئين ريت آهن.
    ورجينيا يونيورسٽي 1819ع ۾ ٿامس جيفرسن قائم ڪئي هئي جيڪا اڄڪلهه آمريڪا جي سرڪاري شعبي جي نامياري ريسرچ يونيورسٽي طور سڃاتي وڃي ٿي. هن درسگاهه جو پورو نالو ”دِي يونيورسٽي آف ورجينيا“ آهي پر آساني خاطر مختصر طور کيس صرف ”يو وِي“ (UV)پڻ سڏيو ويندو آهي.
    شروعاتي ڏينهن ۾ هن يونيورسٽي جي وزيٽنگ بورڊ ۾ ٿامس جيفرسن کان علاوه آمريڪا جا ٻيا ٻه اڳوڻا صدر جئمس ميڊسن ۽ جئمس مئنرو به شامل هئا. جڏهن ٿامس جيفرسن هي يونيورسٽي قائم ڪري رهيو هو تڏهن جئمس مئنرو آمريڪا جو صدر هئو ۽ بعد ۾ هو پڻ ورجينيا يونيورسٽي جو انتظامي سربراهه يعني ”ريڪٽر“ (( Rector بڻيو. هن يونيورسٽي جي ان تاريخي پسمنظر ۽ اهميت جي پيشنظر اقوام متحده جي هڪ نامياري اداري يونيسڪو (UNESCO) ٿامس جيفرسن جي ”مونٽي سيلو“ ڳوٺ واري گهر سميت هن يونيورسٽي کي به 1987ع ۾ دنيا جي نامور ورثو يعني ”ورلڊ هيريٽيج سائيٽ“ (World Heritage Site) جو درجو ڏنو آهي.
    ورجينيا يونيورسٽي جنهن جا شروعاتي تدريسي ڪورس خود ٿامس جيفرسن ئي ترتيب ڏنا هئا ۽ خود به ان يونيورسٽي جو انتظام سنڀالڻ سان گڏ ڪلاس ۾ وڃي شاگردن کي پڙهائيندو به هو، ان سان آمريڪي مخير ماڻهن جي محبت ۽ عقيدت جو اهو عالم آهي جو اهي هن يونيورسٽي جي ايتري ته مالي مدد ڪندا رهن ٿا جو ڪيترن ئي موقعن تي اها مالي مدد خود سرڪار پاران هن يونيورسٽي لاءِ جاري ٿيندڙ فنڊن (Funds) کان به وڌيڪ هوندي آهي. ورجينيا يونيورسٽي کي اهو اعزاز پڻ حاصل آهي ته هن سان لاڳاپيل ستن شخصيتن کي سندن نمايان تحقيقن، ايجادن ۽ ڪارڪردگيءَ جي عيوض نوبيل انعام ملي چڪا آهن. انهيءَ کان علاوه هن يونيورسٽي جا ست اڳوڻا شاگرد آمريڪي خلائي اداري جا ناميارا خلاباز (Astronauts) رهي چڪا آهن. هن درسگاهه جي کاتي ۾ ٻي اهم ڳالهه هيءَ آهي ته هن جا 50 ڄڻا آمريڪا جو انتهائي معتبر ايورڊ ”روڊيس اسڪالرشپ“، 29 ڄڻا ”ٽريومين اسڪالرشپ“ ۽ 4 ڄڻا ”چرچل اسڪالرشپ“ حاصل ڪر چڪا آهن. آمريڪا جي ڪنهن به سرڪاري درسگاهه جي اها هڪ نمايان ڪارڪردگي ليکجي ٿي.
    ورجينيا يونيورسٽي جيڪا اڄڪلهه دنيا جي بهترين ۽ جديد علمن جي پڙهائي ۽ تحقيق جو مرڪز سمجهي وڃي ٿي تنهن جي قيام جو پسمنظر پڻ ڏاڍو دلچسپ آهي. ڳالهه هن طرح آهي ته ورجينيا يونيورسٽي جي وجود ۾ اچڻ جي ضرورت تڏهن محسوس ڪئي وئي هئي جڏهن اڃا آمريڪا جي رياست ورجينا ۾ جهموري قدرن ۽ زندگيءَ جي جديد سائنسي اصولن جي پاسداري ڪندڙ ڪنهن اعليٰ تعليمي اداري جو قيام عمل ۾ ڪو نه آيو هو. جيتوڻيڪ ورجينيا ۾ ان وقت به ”ڪاليج آف ميري ۽ وليم“ نالي تعليمي ادارو پنهنجي حساب سان تعليمي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو جٿان خود ٿامس جيفرسن پڻ تعليم حاصل ڪئي هئي پر بعد ۾ هو جڏهن آمريڪا جو صدر بڻيو تڏهن هن کي پنهنجي ان پراڻي ڪاليج تي چڙهيل مذهبي رنگ ۽ اتي سائنسي علمن جي نفي واري رجحان خائف ڪري ڇڏيو هو جنهنڪري هن جي دل ۾ ورجينيا ۾ هڪ اهڙي اعليٰ تعليمي اداري جي قيام جي خواهش اڀري جنهن ۾ آزادانه ۽ غير روايتي طرح سان علم، ادب، سائنس، آرٽ ۽ ٻين جديد علمن جي پڙهائي واري عمل ٿئي. هن اهڙي خواهش جو اظهار ان وقت جي هڪ نامور آمريڪي”آرٽسٽ چارلس ولسن پيل“ کي خط لکي هن طرح ڪيو هو ته ”مان چاهيان ٿو ته ورجينا ۾ هڪ اهڙي يونيورسٽي قائم ڪجي جنهن ۾ جديد علمن جي روان دوان بحر مان نه رڳو آمريڪا پر دنيا جي ٻين ملڪن مان ايندڙ باصلاحيت شاگرد پڻ ڄاڻ ۽ شعور جا پيالا پي پُر ٿين“. نيٺ ٿامس جيفرسن پنهنجي انهيءَ عظيم خواب کي عملي جامو پارا ئي ورجينيا يونيورسٽي جو قيام عمل ۾ آندو ۽ ان درسگاهه جو منتظم بڻجي پنهنجي زندگيءَ جا باقي بچيل ڏينهن آمريڪا ۾ علم ادب جي آبياري ڪندي گذاريا.
    ٿامس جيفرسن پنهنجي هن قائم ڪيل ورجينيا يونيورسٽي سان ان حد تائين عشق ۾ مبتلا هو ۽ هن يونيورسٽي جي شاگردن ۽ استادن سان ايتري ته محبت ڪندو هو جو هو هر آچر تي انهن لاءِ رات جي ماني جو بندوبست پنهنجي گهر ۾ ڪندو هو، ۽ اهو سلسلو سندس مرڻ گهڙيءَ تائين جاري رهيو. بهرحال ورجينيا يونيورسٽي پنهنجي ان شاندار تاريخ ۽ معياري تعليمي ۽ تحقيقي سرگرمين جي ڪري اڄڪلهه دنيا ۾ وڏي مقبول بڻيل آهي. هن وقت هن يونيورسٽي ۾ اٽڪل ٻاويهه هزار شاگرد زيرِ تعليم آهن جن ۾ خاصو تعداد انٽرنيشنل شاگردن جو پڻ شامل آهي.
    ورجينيا يونيورسٽي جا جيڪي اهم اسڪول ۽ ڪاليج آهن جن کي هن يونيورسٽي جي فئڪلٽين جي حيثيت حاصل آهي انهن ۾ ڪاليج آف آرٽس ائنڊ سائنس، اسڪول آف آرڪيٽيڪچر، اسڪول آف انجنيئرنگ ائنڊ اپلائيڊ سائنس، اسڪول آف ميڊيڪل سائنس، اسڪول آف نرسز، اسڪول آف ڪنٽينويئنگ ائنڊ پروفيشنل اسٽڊيز، اسڪول آف ڪامرس، اسڪول آف لا، فرينڪ اسڪول اف ليڊر شپ ائنڊ پبلڪ پاليسي وغيره اچي وڃن ٿا.
    انهن کان علاوه ورجينيا يونيورسٽي جي ٽي ريزيڊنشل ڪاليج پڻ وڏي اهميت جا حامل آهن. انهن ڪاليجن ۾ برائون ڪاليج، هيئرفورڊ ڪاليج ۽ انٽرنيشنل ريزيڊنشل ڪاليج اچي وڃن ٿا. هنن ڪاليجن ۾ داخل ٿيندڙ باصلاحيت شاگرد پاڻ کي خوشنصيب سمجهندا آهن.
    ورجينيا يونيورسٽي سان ٻيا به ڪيترا ئي ادارا منسلڪ آهن جيڪي هن درسگاهه جي شاگردن جي سکيا، تربيت ۽ ٽريننگ ۾ هٿ ونڊائيندا رهن ٿا. يونيورسٽي جي اهڙن منسلڪ ادارن ۾ ”ريئر بوڪ اسڪول“، ”نيشنل ريڊيو ايسٽرانامي آبزرويٽري“، ”يونيورسٽي آف ورجينيا سينٽر فار پاليٽڪس“، ”ويلڊن ڪُوپر سينٽر فار پبلڪ سروس“،”انسٽيٽيوٽ فار پوليٽيڪل ليڊرشپ“، ”ملر سينٽر فار پبلڪ افيئرس“ ۽ ”فارلن ميوزم آف آرٽ“ وغيره اچي وڃن ٿا.
    ورجينيا يونيورسٽي جو لائبريري سسٽم پڻ ڏاڍو جاندار ۽ متاثرڪُن آهي. هن لائبريري سسٽم ۾ ورجينينا يونيورسٽي جي مرڪزي لائبريري سان گڏ، هن جي ڪاليجن، اسڪولن ۽ مختلف تدريسي شعبن جون ڪي ئي لئبريريون شامل آهن. يونيورسٽي جي مرڪزي لائبريري ۾ مختلف موضوعن تي اٽڪل 50 لکن کان وڌيڪ اهم ڪتاب، تحقيقي جرنل ۽ مسودا موجود آهن. هن لئبريري سسٽم ۾ ”اليڪٽريڪل ٽيڪسٽ سينٽر“ پڻ شامل آهي جنهن ۾ اٽڪل 70 هزارن کان وڌيڪ آن لائين ڪتاب مطالعي جي شوقين شاگردن ۽ ٻين پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ هميشه موجود هوندا آهن. انهيءَ کان علاوه هن سينٽر ۾ تحقيق ۽ تدريس ۾ معاونت ڪندڙ وڏي تعداد ۾ نقشا، چارٽ، ۽ ٻيون تعليمي ۽ تاريخي نوعيت جا عڪس ۽ تصويرون ڊجيٽل صورت ۾ موجود هونديون آهن. ورجينيا يونيورسٽي ۾ شاگردن جي رهائش جي اعليٰ بندوبست سان گڏ انهن جي نشونما لاءِ سماجي، ثقافتي سرگرمين ۽ اسپورٽس ۽ انٽرٽينمنٽ جي پروگرامن جو به باقاعدگيءَ سان بندوبست ڪيو ويندو آهي، انهيءَ لاءَ نه رڳو يونيورسٽي انتظاميا پر شاگردن جون سماجي، ثقافتي ۽ ادبي تنظيمون، گروپ ۽ ڪلب هميشه متحرڪ رهندا آهن.
    بهرحال ورجينيا يونيورسٽي پنهنجن سڀني حسانڪين، اعليٰ ريتن، رسمن، رواجن ۽ علم جي وسيع خزانن سميت آمريڪا جي ورجينيا رياست جي ”چارلٽسوائل“ شهر ۾ علم جي متلاشين جا دڳ نهاريندي رهي ٿي. جيڪي اتي پهچي چڪا آهن اهي فيض پرائي رهيا آهن ۽ ٻيا جيڪي اتي پهچڻ جي خواهش ڪن ٿا تن کي محنت، همٿ ۽ حوصلي واري واٽ وٺڻي پوندي.

    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 26 آگسٽ 2015ع)


    مِڇيگن يونيورسٽي


    University of Michigan

    مِڇيگن يونيورسٽي


    آمريڪا جي هڪ نامياري درسگاهه ”يونيورسٽي آف مِڇيگن“ جي احوال ڏيڻ کان پهريان ان ئي حوالي سان لاڳاپيل هڪڙو ڪارائتو ۽ تڪڙو اطلاع ڏيڻ چاهيان ٿو جيڪو ممڪن آهي ته دنيا ۾اعليٰ تعليم جا موقعا تلاش ڪندڙ ڪنهن باصلاحيت نوجوان جي لاءِ فائديمند ثابت ٿئي. اهو اعلاع هن طرح آهي ته آمريڪا جي هڪ تعليمي ڀلائي واري تنظيم ”يونائيٽيڊ اسٽيٽس ايجوڪيشن فائونڊيشن اِن پاڪستان“ (USEP) پاران تازو ئي پنهنجي ويب سائيٽ تي ۽ مختلف اخبارن ۾ اسڪالرشپ جو هڪ اشتهار ڏنو ويو آهي، جنهن جي ذريعي ڪو به متسحق ۽ باصلاحيت نوجوان مِڇيگن يونيورسٽي سميت آمريڪا جي ڪنهن به معياري درسگاهه مان اعليٰ تعليم جو موقعو حاصل ڪري سگهي ٿو. ان اسڪالرشپ جو نالو آهي ”فلبرائيٽ ايوارڊس-2016“ (Fulbright Awarad-2016). اعليٰ تعليم لاءِ اسڪالرشپ جي هن اشتهار موجب آمريڪا جي اسٽيٽ ڊپارٽمنٽ طرفان ”يونائيٽيڊ اسٽيٽس ايجنسي فار انٽرنيشنل ڊيولپمنٽ“ (USAID) جي سهڪار سان جاري ڪيل ”فلبرائيٽ اسڪالرشپ پروگرام“، جيڪو پاڪستان جي باصلاحيت شاگردن سميت سنڌ جي نوجوانن لاءِ پڻ آهي، اهڙن باصلاحيت شاگردن کي ڏنو ويندو جيڪي سال 2016ع کان آمريڪا جي ڪنهن به يونيورسٽي ۾ گريجوئيشن، ماسٽرس يا پي ايڇ ڊي جي ڊگريءَ لاءِ تعليم جاري ڪرڻ جي خواهش رکن ٿا، پر شرط اهو آهي ته انهن وٽ گهربل تعليمي لياقتن جي دستاويزن(Documents) سميت ”جِي آر اِي“ (GRE) يعني Graduate Record Examination ۽ ٽافل (TOEFL) يعني Test of English as a Foreign language جي گهربل اِسڪور (Score) جو سرٽيفيڪيٽ يا مارڪن جو دستاويزي ثبوت پڻ موجود هجي. هيءَ اسڪالرشپ ڪلنيڪل ميڊيسن واري سبجيڪٽ کان سواءِ باقي ٻين تدريسي ۽ تحقيقي شعبن خاص طور تي انرجي، واٽر، ائگريڪلچر، هيلٿ، ايجوڪيشن وغيره ۾ گريجوئيشن، ماسٽرس يا پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪرڻ جي خواهشمندن لاءِ آهي. هن اسڪالرشپ جي لاءِ درخواست ڏيڻ جي آخري تاريخ 13 مئي 2015ع آهي. وڌيڪ معلومات هيٺ ڄاڻايل ويب سائيٽن www.usefpakistan.org ياwww.usefpakistan.org/document/FAQs,pdf ۽ انهيءَ اداري جي اِي ميل info@usefpakistan.orgيا فون نمبر 0518431300 ذريعي به حاصل ڪري سگهجي ٿي.
    مٿي ڄاڻايل اسڪالرشپ حاصل ڪندڙ خوشنصيب نوجوانَ آمريڪا جي ٻين يونيورسٽين سميت اتان جي مِڇيگن رياست جي ڪنهن به يونيورسٽي ۾ پڻ اعليٰ تعليم لاٰ داخلا وٺي سگهن ٿا. آمريڪا جي مِڇيگن رياست ۾ هونئن ته ٻيون به وڏي معيار واريون سٺيون يونيورسٽيون آهن جهڙوڪ آڪلينڊ يونيورسٽي، وئينِ اسٽيٽ يونيورسٽي، پر هن رياست جي مختلف شهرن ۾ مِڇيگن جي نالي سان اهڙيون چار مختلف ۽ خودمختيار سرڪاري يونيورسٽيون پڻ واقع آهن جيڪي نه رڳو هن رياست جون پراڻيون يونيورسٽيون ليکجن ٿيون پر تدريس ۽ تحقيق واري حوالي سان پڻ هنن يونيورسٽين دنيا ۾ وڏو نالو ڪمايو آهي. مِڇيگن رياست جي انهن يونيورسٽين ۾ 1903ع ۾ قائم ٿيل ويسٽرن مِڇيگن يونيورسٽي، 1892ع ۾ قائم ٿيل سينٽرل مِڇيگن يونيورسٽي، 1855ع ۾ قائم ٿيل مِڇيگن اسٽيٽ يونيورسٽي ۽ 1817ع ۾ قائم ٿيل يونيورسٽي آف مِڇيگن شامل آهن.
    ”يونيورسٽي آف مِڇيگن“ جيڪا مڇيگن رياست جي سڀ کان آڳاٽي يونيورسٽي آهي سا پنهنجي شاگردن ۽ عملي ۾ عام طور ”مِڇيگن يونيورسٽي“ يا صرف ”يو مِڇي“ ۽ ”يو ايم“ جي نالن سان مقبول آهي. هيءَ يونيورسٽي مڇيگن رياست جي شهر اين آربر (Ann Arbor) ۾ واقع آهي. ”اين آربر“ شهر ٻن عورتن جي نالي سان منسوب ٿيل آهي، جيڪي هن شهر جي ٻن وڏن زميندارن جون زالون هيون. هڪ اين رمسي (Ann Rumsey) ۽ ٻي اين ائلين (Ann Allen). انگريزي ٻوليءَ ۾ آربر (Arbor) وڻڪار يا باغ جي وچم ٺهيل رهڻ واري جاءِ کي چئبو آهي. هن علائقي جي انهيءَ خصوصيت جي ڪري هن شهر کي اين آربر جو نالو ڏنو ويو آهي. آمريڪا جي هي نامياري يونيورسٽي جيڪا سرڪاري انتظام هيٺ هلندڙ بهترين پبلڪ ريسرچ يونيورسٽي طور سڃاتي وڃي ٿي سان مڇيگن رياست جي سڀ کان پراڻي ۽ نالي واري يونيورسٽي آهي.
    هن يونيورسٽي جي قيام جو قصو اڄ کان اٽڪل ٻه صديون اڳ يعني 1817ع کان شروع ٿئي ٿو جڏهن اڃا آمريڪا جي مڇيگن رياست، جهن جي نالي پٺيان هي يونيورسٽي سڃاتي وڃي ٿي، تنهن اڃا رياست يا اسٽيٽ واري حيثيت ئي حاصل نه ڪئي هئي پر هن علائقي کي ان وقت ”مڇيگن ٽيريٽري“(Michigan Territory) جي نالي سان سڃاتو ويندو هيو. مڇيگن ٽيريٽري پاران رياست جي حيثيت حاصل ڪرڻ کان 20 سال پهريان وجود ۾ آيل هن يونيورسٽيءَ جو شروعاتي نالو به Catholepistemiad يا University of Michigania هو جيڪا ان وقت يعني 1817ع ۾ مڇيگن جي هڪ ٻئي شهر ڊيٽرائٽ (Detroit) ۾ قائم ڪئي وئي هئي. ڊيٽرائٽ تنهن وقت مڇيگن ٽيريٽري جو گادي وارو شهر هيو. بعد ۾ 1937ع ۾ هن يونيورسٽي کي سندس موجوده جڳهه يعني اين آربر (Ann Arbor) ۾ منتقل ڪيو ويو جتي هن پنهنجي ڪم ۽ ڪارڪردگيءَ وسيلي ترقي جا تڪڙا ڏاڪا ٽپي آمريڪا جي علمي کيتر ۾ اعليٰ مقام حاصل ڪيو آهي. اڄڪلهه مڇيگن يونيورسٽي جون ٻه سيٽلائيٽ ڪئمپسون پڻ آهن جيڪي هن ئي رياست جي ٻن ٻين شهرن جهڙوڪ ”فلنٽ“ ۽ ”ڊيئربورن“ ۾ واقع آهن.
    سيٽلائيٽ ڪئمپس، ڪنهن به يونيورسٽي، ڪاليج يا ڪنهن ٻئي تعليمي درسگاهه جي اهڙي شاخ يا برانچ کي سڏيو وڃي ٿو جيڪا پنهنجي اداري جي مکيه ڪئمپس کان پري ڪنهن ٻئي شهر، ٻئي صوبي ۽ رياست يا وري ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ واقع هجي. ٻئي ملڪ ۾ واقع اهڙي سيٽلائيٽ ڪئمپس کي ان يونيورسٽي جي انٽرنيشنل برانچ يا ڪئمپس پڻ سڏيو ويندو آهي. دنيا ۾ معياري يونيورسٽين جون اهڙيون اٽڪل 200 سيٽلائيٽ يا انٽرنيشنل ڪئمپسون آهن جيڪي ٻئي هنڌ واقع آهن. مثال طور صرف آمريڪي يونيورسٽين جون ئي اٽڪل 78 انٽرنيشنل ڪئمپسون آمريڪا کان ٻاهر دنيا جي ٻين ملڪن ۾ واقع آهي. ايشيا جي نامياري ملڪ متحده عرب امارت (UAE) ۾ ئي سندن پنهنجين ملڪي يونيورسٽين کان علاوه دنيا جي ترقي يافته ملڪن جي يونيورسٽين جون اٽڪل 40 کن انٽرنيشنل ڪئمپسون قائم آهن. ساڳي طرح دنيا جي مختلف يونيورسٽين جون چين ۾ 15، سنگاپور ۾ 12، قطر ۾ 9، ۽ ڪئناڊا ۾ 6 انٽرنيشنل سيٽلائيٽ ڪئمپسون واقع آهن.
    آمريڪا واري مڇيگن يونيورسٽي جي مکيه ڪئمپس مڇيگن رياست جي هڪ ننڍي پر خوبصورت شهر اين آربر (Ann Arbor) ۾ آهي جڏهن ته هن جون ٻيون ٻه سيٽلائيٽ ڪئمپسون ”فلنٽ“ ۽ ”ڊيئربورن“ ۾ واقع آهن. هن يونيورسٽي جي ٽنهي ڪئمپسن ۾ اٽڪل 51 هزار شاگرد زير تعيلم آهن جن ۾ خاصو تعداد اهڙن انٽرنيشنل شاگردن جو به آهي جيڪي دنيا جي 100 وڌيڪ مختلف ملڪن سان تعلق رکن ٿا. مڇيگن يونيورسٽي جي انهن ڪئمپسن ۾ اٽڪل 6 هزار ٽيچنگ اسٽاف کان علاوه ۽ ٻيو به وڏي تعداد ۾ مددي عملو هر وقت شاگردن کي سندن پڙهائي ۽ تحقيق واري عمل ۾ رهنمائي ڪندو رهي ٿو.
    مڇيگن يونيورسٽي جي اين آبرر شهر واري مکيه ڪئمپس کي سندس وسعت ۽ مصروف تدريسي ۽ تحقيقي سرگرمين جي ڪري ساڳئي ئي شهر اندر وڌيڪ چئن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، جهڙوڪ؛ مڇيگن يونيورسٽي سينٽرل ڪئمپس (هي ڪئمپس هن يونيورسٽي جي اصلوڪي ڪئمپس آهي جيڪا 1837ع ۾قائم ڪئي وئي هئي)، مڇيگن يونيورسٽي نارٿ ڪئمپس، مڇيگن يونيورسٽي ميڊيڪل ڪئمپس، ۽ مڇيگن يونيورسٽي سائوٿ ڪئمپس.
    مڇيگن يونيورسٽي 17 مختلف ڪاليجن ۽ اسڪولن تي مشتمل آهي جن ۾ دنيا جي سڀني جديد علمن جا سوين تدريسي ۽ تحقيقي شعبا قائم آهن. هن يونيورسٽي جي انهن ناميارن ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ ڪاليج آف انجنيئرنگ، ڪاليج آف سائنس، ڪاليج آف فارميسي، راس اسڪول آف بزنس اسٽڊيز، اسڪول آف نيچرل ريسورسز ائنڊ انوائرنمنٽ، اسڪول آف پبلڪ هيلٿ، اسڪول آف سوشل ورڪ، اسڪول آف ڊينٽسٽري، اسڪول آف لا، اسڪول آف آرٽس، اسڪول آف ايڪنامڪس، اسڪول آف لٽريچر ائنڊ لنئگوجز ۽ اسڪول آف سوشل سائنسز ۽ اسڪول آف ايجوڪيشن وغيره اچي وڃن ٿا.
    مڇيگن يونيورسٽي جي هاسپيٽل، ۽ لائبريري سسٽم کي دنيا جي بهترين ميڊيڪل سهوليتن ۽ مطالعي جي مرڪز طور سمجهيو وڃي ٿو. هن جي مرڪزي لئبريري سسٽم ۾ يونيورسٽي جي ٽنهي ڪئمپسن جون 19 لئبريريون پڻ شامل آهن، جنهن ۾ اٽڪل هڪ ڪروڙ ٽيهه لکن کان وڌيڪ ڪتاب، جرنل ۽ مسودا موجود آهن. انهيءَ کان علاوه وافر انداز ۾ موجود ڊجيٽل مواد پڻ هن يونيورسٽي جي لئبريري سسٽم جو هڪ خاص حوالو اهي. هن يونيورسٽي جو اشاعتي ادارو ”مڇيگن يونيورسٽي پريس“ پڻ هن جي لئبريري سسٽم جو حصو آهي.
    مڇيگن يونيورسٽي ڊَي (Day) يونيورسٽي هجڻ سان گڏ ريزيڊنشل درسگاهه پڻ آهي جتي نه رڳو مقامي شاگرد يونيورسٽي جي ورڪنگ ٽائيم ۾ هتي اچي درس، تدريس ۽ تحقيق وارين سرگرمين ۾ شامل ٿين ٿا پر شهر ۽ ملڪ کان ٻاهران آيل شاگردن لاءِ هن يونيورسٽي ۾ اعليٰ رهائشي سهوليتون پڻ ميسر ٿيل آهن. اهو واضح هجي ته ڊَي (Day) اسڪول، ڊَي ڪاليج يا ڊَي يونيورسٽي اهڙي تعليمي اداري کي چئبو آهي جتي هر روز شاگرد تعليم لاءِ اچي شام جو واپس گهر هليا وڃن ۽ اتي شاگردن لاءِ رهائش جي سهوليت موجود نه هجي پر ريزيڊنشل اداري ۾ ٻاهر کان آيل شاگردن جي رهائش جو بندوبست پڻ ٿيل هوندو آهي.
    شاگردن جي تعليمي۽ سماجي ڀلائي ۽ سندن جسماني ۽ ذهني واڌ ويجهه لاءِ يونيورسٽي پاران ڪي ئي پروگرام ترتيب ڏنا ويندا آهن. انهيءَ سان گڏ هن يونيورسٽي جي ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾شاگردن جي تعليمي واڌاري ۽ انهن جي چڱ ڀلائي لاءَ ڪم ڪندڙ شاگردن جا گروپ ۽ سماجي تنظمون پڻ متحرڪ آهن جيڪي مڇيگن يونيورسٽي جي شاگردن جي مرڪزي يونين ”سينٽرل اسٽوڊنٽس گورنمنٽ“ (CSG) جو حصو آهن. هن يونين پاران پنهنجي مدد پاڻ جي بنياد تي شاگردن جي بهتري لاءِ ڪي ئي ڪم ڪيا وڃن ٿا. ساڳئي طرح مڇيگن انجنيئرنگ ڪائونسل پڻ انهيءَ ڏس ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪندي رهي ٿي.
    بهرحال مڇيگن يونيورسٽي به دنيا جي اهڙن ئي معياري تعليمي ادارن مان هڪ آهي جتان تعليم حاصل ڪرڻ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي، پر اتي ڪئين پهچجي ان لاءِ مهنجو اهو يقين آهي ته مڇيگن يونيورسٽي توڙي زندگي جي ڪنهن به ٻي خوبصورت منزل تي پهچڻ جا دڳ تلاش ڪرڻ لاءِ علم جي ڏيئي جي روشني جي آڌر وٺڻي پوندي، بلڪل اهڙي طرح جيئن شاعرن جي سرتاج شاهه عبدالطيف ڀٽائي فرمايو آهي ته؛
    ڏَورج ڏيئو هٿ ڪري، ڏَور ۾ ڏيئان ڌار
    ڪـوڙيـن لک هــزار، اونـداهـي انـڌا ڪيا.

    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 25 مارچ 2015ع)


    آمريڪا جي ڊيوڪ يونيورسٽي

    Duke University

    آمريڪا جي ڊيوڪ يونيورسٽي

    جتي مارٽن ليوٿر ڪنگ جونيئر حقن لاءِ تقريرون ڪيون

    آمريڪا جي ڊيوڪ يونيورسٽي جو احوال اورڻ کان پهريان، اوهان سان پنهنجي هڪ ڪيفيت ونڊڻ چاهيان ٿو. اها هيءَ ته مان جڏهن به دنيا جي ڪنهن درسگاهه تي لکڻ جو ارادو ڪري قلم ڪاغذ کڻي ويهندو آهيان تڏهن منهنجي ذهن ۾ هڪ سوال اڀري ايندو آهي، ته ڇا اهو واقعي به ممڪن آهي ته پرڏيهه جو اهو درسگاهه جنهن تي مان لکي رهيو آهيان انهيءَ ۾ منهنجي سنڌ جي ڪنهن ڳوٺ يا شهر جي مڊل ڪلاس يا غريب خاندان سان تعلق رکندڙ اهڙو نوجوان به پهچي سگهي ٿو جنهن جي دل ۾ هن مضمون پڙهڻ کان پوءِ ان درسگاهه ۾ وڃي تعليم پرائڻ جو شوق جاڳي پوي، باوجود ان حقيقت جي ته ان نوجوان وٽ موجود گهربل لياقت، تعليمي معيار ۽ صلاحيت ته هجي پر هن جا مالي وسيلا کيس اوڏانهن وڃڻ جي اجازت نه ڏين، تڏهن به هو ان تعليمي اداري مان اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ واري پنهنجي خواهش کي دل مان بيدخل ڪري نه سگهي ۽ اتي پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي؟
    اهڙي سوال جي اڀرڻ سان جڏهن به مان ڪنهن گنڀيرتا واري حالت ۾ اچي ان جو جواب ڳولڻ شروع ڪندو آهيان ته عين انهيءَ وقت ئي هڪدم شاعرن جي سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو هڪ بيت منهنجي ذهن جي ڪينواس تي اچي اميدن جا ڪي ئي روشن سج اڀاري مايوسيءَ واري ماحول کي ختم ڪري مٿي ڄاڻايل سوال جو جواب ڏئي ڇڏيندو آهي ته ”ها اهو ممڪن آهي“. محنت ۽ همٿ ڪرڻ وارو هر حالت ۾ پنهنجي مقصد ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو. همٿن، اميدن ۽ ممڪنات جي جهان سان روشناس ڪرائيندڙ ڀٽائي سائين جو اهو بيت هن طرح آهي ته
    جي گهڙيا سي چڙهيا، ائين اٿيئي،
    مئي متي مهراڻ ۾، پئه ٽپو ڏيئي.
    انهيءَ مٿئين شعر دهرائڻ کان پوءِ جڏهن چوڌاري نظر ڦيرائيندو آهيان ته مون کي ملڪي توڙي غير ملڪي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ وچولي معاشي ڪلاس يا هيٺئين ۽ غريب طبقي سان تعلق رکندڙ ڪيترن ئي باصلاحيت سنڌي نوجوانن جا مثال ملي ويندا آهن، جن رات ۽ ڏينهن محنت ۽ همٿ ڪري دنيا جي سٺن ادارن ۾ پهچڻ جا موقعا ۽ طريقا تلاش ڪيا ان کان پوءِ پنهنجي ميرٽ ۽ محنت جي بنياد تي مختلف ادارن ۽ حڪومتن پاران آڇيون ويندڙ اسڪالرشپس، فيلوشپس، فئنانشل اسسٽنس ۽ ٻيون مالي سهائتائون حاصل ڪري پنهنجي پسند جي تعليمي ادارن ۾ پهتا ۽ اتان سٺي طريقي سان تعليم حاصل ڪري پنهنجي منزل ۽ مقصد کي ماڻڻ ۾ ڪامياب ويا آهن. مان پنهنجن اڳلن مضمونن ۾ سنڌ جي ننڍن وڏن ڳوٺن ۽ شهرن سان تعلق رکندڙ اهڙن ڪيترن ئي اهل ۽ باصلاحيت سنڌي نوجوانن جو ذڪر به ڪري چڪو آهيان.
    تازو ئي اسان جي ملڪ جي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ واقع قائدِ اعظم يونيورسٽي پڻ اهڙي هڪ اسڪالرشپ جو اعلان ڪيو آهي جنهن تحت قائدِ اعظم يونيورسٽي مان پڙهيل يا اتي پڙهندڙ شاگرد، استاد ۽ ٻيا ريسرچ فيلو وغيره هن اسڪالرشپ مان فائدو وٺي سگهن ٿا. سنڌي نوجوانن جو وڏوتعداد پڻ هن يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪري چڪو آهي ۽ هر سال جيان هن وقت به کوڙ سارا سنڌي نوجوان اتي زيرِ تعليم آهن ممڪن آهي ته اهي به پنهنجي صلاحيتن جي بنياد تي هن اسڪالرشپ مان فائدو وٺي سگهن تنهنڪري ڊيوڪ يونيورسٽي جي تفصيلي جائزو وٺڻ کان پهريان ان اسڪالرشپ جو به مختصر ذڪر ڪريون ٿا. هن اسڪالرشپ جو نالو آهي ”اِسپلِٽ پي ايڇ ڊي اسڪالرشپس انڊر ايڇ اِي سِي فنڊيڊ پي ايس ڊي پي پروجيڪٽ“ (Split PhD Scholarships Under HEC Funded PSDP Project). هيءَ اسڪالرشپ ماڻيندڙ خوشنصيب ٻه سال مقامي درسگاهه ۽ ٻه سال دنيا جي ڪنهن به ملڪ جي نامياري يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪري ايڪنامڪس، انٽرنيشنل رليشنس، ائنٿروپالاجي، آرڪيالاجي ۽ ڊ.ايس.ايس دوران تدريسي ۽ تحقيق سبجيڪٽن ۾ پي ايڇ ڊي جو اعزاز حاصل ڪري سگهن ٿا. هن اسڪالرشپ لاءِ درخواست ڏيڻ جي آخري تاريخ 05 مئي 2015ع آهي. اسڪالرشپ بابت وڌيڪ معلومات هن ويب سائيٽ تان حاصل ڪري سگهجي ٿي: www.qau.edu.pk .
    هاڻي اچون ٿا دنيا جي هڪ اهڙي درسگاهه طرف جنهن کي ڊيوڪ يونيورسٽي سڏيو وڃي ٿو. هيءَ يونيورسٽي آمريڪا جي نارٿ ڪئرولينا (North Carolina) رياست جي هڪ خوبصورت شهر درهام (Durham) ۾ واقع آهي. درهام نالي سان هڪڙو شهر برطانيا جي صوبي انگلينڊ ۾ به واقع آهي پر ڊيوڪ يونيورسٽي جي جنم ڀومي آمريڪا وارو درهام ئي آهي.
    ڊيوڪ يونيورسٽي (Duke University) جيڪا نه رڳو آمريڪا پر دنيا ۾ خانگي شعبي جي معياري ريسرچ يونيورسٽين مان هڪ ليکي وڃي ٿي تَنهن جي قيام جو قصو 1838ع کان شروع ٿئي ٿو جڏهن اُن سال مذهبي تعليم سان گڏ رسمي تعليم کي به عام ڪرڻ جو خيال رکندڙ ڪجهه متحرڪ شهرين جي هڪ گروپ ”يونين انسٽيٽوٽ سوسائٽي“ جوقيام عمل ۾ آندو ۽ ان طرفان ”برائونس اسڪول هائوس“ نالي هڪ ننڍڙي درسگاهه جو بنياد آمريڪا جي رياست ڪئرولينا جي شهر ”ٽرنٽي“(Trinity) ۾ رکيو. هن اسڪول ٿوري عرصي ۾ ترقي ڪري ٽرنٽي ڪاليج جي نالي سان سڃاڻپ حاصل ڪئي. 1892ع ۾ ٽرنٽي ڪاليج کي ٽرنٽي شهر مان منتقل ڪري سندس موجوده جڳهه يعني درهام شهر ۾ آندو ويو. هن شهر ۾ ٽرنٽي ڪاليج پنهنجي ڪارڪردگي جي بنياد تي ترقي جا مرحلا تيزيءَ سان طئي ڪرڻ شروع ڪيا جنهنڪري مٿس هڪ اهڙي شاهوڪار مخير شخص جي نگاهه پئي جنهن هن ڪاليج کي وڌائي يونيورسٽي بڻائڻ لاءِ پنهنجي طرفان ڏنل وڏيءَ رقم تي مشتمل هڪ فنڊ قائم ڪيو جنهن جو نالو رکيائين ”دِي ڊيوڪ انڊوومنٽ فنڊ“ ۽ 1924ع ۾ هن ڪاليج جو درجو وڌرائي هن کي ڊيوڪ يونيورسٽي بڻايو ويو. ڊيوڪ يونيورسٽي جو پايو وجهندڙ ان مخير شخص جو نالو ”جيمس بُچنن ڊيوڪ“ هئو ۽ هو آمريڪا جو وڏو انڊسٽريل هئو ۽ هن پنهنجي پيءُ ”واشنگٽن ڊيوڪ“ جي نالي سان ئي پنهنجي ملڪيت جو وڏو حصو وقف ڪري يونيورسٽيءَ جو بنياد وجهرايو جنهنڪري سندس انهيءَ خدمت جي مڃتا ۾ هن يونيورسٽي جو نالو به سند والد جي نالي پٺيان ”ڊيوڪ يونيورسٽي“ ئي رکيو ويو.
    درهام شهر ۾ ڊيوڪ يونيورسٽي جون ٽي ڪئمپسون آهن جنهن ۾ هڪ کي اِيسٽ ڪئپمس ۽ ٻئي کي وَيسٽ ڪئمپس ۽ ٽين کي سينٽرل ڪئمپس سڏيو وڃي ٿو. انهيءَ کان علاوه نارٿ ڪئرولينا رياست جي هڪ ٻئي شهر ”بيوفورٽ“ (Beaufort) ۾ يونيورسٽي جي “ميرائين ريسرچ ليب” پڻ ريسرچ واري حوالي سان هڪ وڏي اهميت رکي ٿي. ڊيوڪ يونيورسٽي جي اِيسٽ ڪئمپس ۾ شروعات ۾ انڊر گريجوئيشن جي سطح جي تعليم حاصل ڪرڻ جي خواهش رکندڙ اميدوارن کي داخل ڪيو ويندو هو. سال 1972ع تائين هن يونيورسٽي جي اِيسٽ ڪئمپس ۾ صرف عورت شاگردياڻين کي ئي داخلا ڏني ويندي هئي ۽ ان جو نالو به ”وومنس ڪاليج آف ڊيوڪ يونيورسٽي“ ئي هوندو هو پر پوءِ جڏهن هن يونيورسٽي ۾ به ”ڪو ايجوڪيشن“ جو رواج عام ٿيو ته هن جي مين Men)) ۽ وومين (Women) ڪاليجن کي گڏائي هڪ ڪيو ويو ۽ انهن کي ٽرنٽي ڪاليج آف آرٽس ائنڊ سائنسز جو نالو ڏنو ويو.
    بهرحال ڊيوڪ يونيورسٽي پنهنجي نئين تعارف سان نه رڳو روايتي درس وتدرس جي پاسداري لاءِ قدم کڻڻ لڳي پر جديد دور سان هم آهنگي ڪندي هن يونيورسٽي پنهنجي اندر انهن سڀني سجيڪٽن جا تدريسي ۽ تحقيقي شعبا قائم ڪيا جيڪي بدلجندڙ دور جي ضرورتن مطابق آهن. دنيا جي يونيورسٽي جي معيار جي ڪٿ ڪندڙ هڪ نامياري اداري ٽائيمز هائير ايجوڪيشن ورلڊ يونيورسٽيز رئنڪنگ جي 2015ع جي هڪ سروي مطابق ڊيوڪ يونيورسٽي دنيا جي معياري يونيورسٽين واري لسٽ ۾ ارڙهين ٽاپ نمبر تي آهي. هن وقت هن يونيورسٽي ۾ اٽڪل ويهه هزار شاگرد زير تعليم آهن جن ۾ خاصو تعداد دنيا جي هڪ سئو کان وڌيڪ ملڪن کان آيل شاگردن جو پڻ آهي.
    ڊيوڪ يونيورسٽي جي اڳوڻن شاگردن ۾ آمريڪا جي اڳوڻي صدر رچرڊ نڪسن ۽ سائوٿ آمريڪا جي ملڪ چلي جي اڳوڻي صدر رابرٽ ليفڪور سميت آمريڪا ۽ دنيا جي ٻين ملڪن جون ڪيتريون ئي اهم سياسي، سماجي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سان واڳيل شخصيتون تعليم حاصل ڪري چڪيون آهن. ڊيوڪ يونيورسٽي جي پنجن اڳوڻن شاگردن ۽ فئڪلٽي ميمبرن ڪيمسٽري ۽ فزڪس جي اهم موضوعن تي پنهنجي نمايان ريسرچ جي عيوض نوبيل انعام حاصل ڪيا آهن.
    ڊيوڪ يونيورسٽي جا جيڪي ناميارا اسڪول، ادارا ۽ ڪاليج آهن انهن مان ڪجهه هتي ڄاڻائجن ٿا: گريجوئيٽ اسڪول، اسڪول آف ميڊيسن، سئنفورڊ اسڪول آف پبلڪ پاليسي، نڪولس اسڪول آف انوائرنمنٽ، ٽرنٽي ڪاليج آف آرٽس ائنڊ سائنسز، اسڪول آف لا، نرسنگ اسڪول، ڊِوِنٽي اسڪول، فوڪا اسڪول آف بزنس، پرئٽ اسڪول آف انجنيئرنگ، اسڪول آف ميڊڪيل انجنئيرنگ، اسڪول آف مائيڪرو اليڪٽرانڪس وغيره.
    ڊيوڪ يونيورسٽي پنهنجي هر دور ۾ تعليم سان گڏ سماجي ۽ ثقافتي حوالي سان پڻ متحرڪ ڪردار ادا ڪندي رهي آهي. آڳاٽي دور ۾ جڏهن آمريڪا جي اندر ”سِوِل رائيٽس“ جي ڀڃڪڙيءَ ۽ نسلي بنيادن تي امتيازي قدمن جا ڪيس گهڻا ٿيندا هئا تڏهن به هن يونيورسٽي جا شاگرد ۽ استاد انساني حقن جي بحالي لاءِ متحرڪ ڪردار ادا ڪندا ها، اهو ئي سبب هيو جو آمريڪا ۾ ان وقت جي انساني حقن جي علمبردار مارٽن ليوٿر ڪنگ جونيئر 1960ع ۾ ڊيوڪ يونيورسٽي ۾ وڃي اتي سِول رائيٽس جي بحاليءَ لاءِ تقريرون ڪيون.
    ڊيوڪ يونيورسٽي جو لائبريري سسٽم ۽ آرٽ ميوزم پڻ منفرد حيثيت جا حامل آهن. هن يونيورسٽي جي ”ڊيوڪ يونيورسٽي لائبريري سسٽم“ کي آمريڪا جي ڏهن ٽاپ پرائيويٽ ريسرچ لائبريري سسٽم ۾ ليکيو وڃي ٿو. ڊيوڪ لئبريري سسٽم ۾ ڊيوڪ يونيورسٽي جي ٽنهي ڪئمپسن کان علاوه هن جي ٻين ريسرچ سينٽرن جو لئبريريون پڻ شامل آهن جن ۾ لکن جي تعداد ۾ ڪتاب، مسودا ۽ ڊجيٽل معلومات جا ذريعا موجود آهن. هن يونيورسٽي جي ”نشر ميوزم آف آرٽ پڻ“ ڏسڻ وٽان آهي جنهن ۾ 13 هزارن کان وڌيڪ آرٽ جا شاهڪار موجود آهن.
    ڊيوڪ يونيورسٽي جي اِيسٽ ڪئمپس م موجود لِبرل آرٽ، ايجوڪيشن ۽ فنونِ لطيفه وارا تدريسي ۽ تحقيقي ڊپارٽمنٽ جهڙوڪ ڊانس، ڊراما، فلم۽ ميوزڪ کان علاوه هسٽري، لٽريچر، هسٽري آف آرٽ، فلاسافي، وومين اسٽڊيز ۽ رائٽنگ وارا شعبا هن ڪئمپس جي حسن جو حاوي پهلو سمجهيا وڃن ٿا.
    ساڳئي طرح ڊيوڪ يونيورسٽي جي ٻين ڪئمپسن ۾ پڻ سائنس، ميڊيڪل، انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي وارن شعبن کان علاوه شاگردن جي رهائش، انهن جي سماجي ڀلائي ۽ جسماني ۽ ذهني نشونما لاءِ کوڙ ساريون سهوليتون ميسر ٿيل آهن.
    ڊيوڪ يونيورسٽي جي انهن سڀني سهوليتن مان مسفيض ٿيڻ جي خواهش رکندڙ نوجوانن کي محنت واري واٽ وٺڻ گهرجي جيڪا کين ڊيوڪ يونيورسٽي ۾ به پهچائي سگهي ٿي.

    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 29 اپريل 2015ع)


    پَينسِلوَينيا اسٽيٽ يونيورسٽي

    Pennsylvinia State University

    پَينسِلوَينيا اسٽيٽ يونيورسٽي

    جيڪا ڪنهن خوبصورت خواب جهڙي آهي

    درسگاهن جي دنيا به ڏاڍي دلچسپ، دلڪش، دلپذير، دلربا ۽ دل لُڀائيندڙ هجي ٿي. هن روشن دنيا سان جيڪڏهن ڪو هيڪر چڱي طريقي سان روشناس ٿي وڃي ته پوءِ هو ان کان ڪڏهن به ڌار ٿيڻ لاءِ راضي نه ٿيندو آهي. حقيقت به هي آهي ته درسگاهون متحرڪ زندگي جي علامت هونديون آهن. هي شعور ۽ ساڃاهه جون اهڙيون جڳهون هونديون آهن جتي ماڻهوءَ جو ذهنُ علمَ، عقلَ ۽ ڦهمَ جي روشني سان منوَر ٿي دنيا جهان جا وڏا وڏا اسرار پسي وٺندو آهي. درسگاهون ننڍپڻ ۽ نوجواني جي نعمتن سان سرشار شاگردن لاءِ اهڙو ذريعو هونديون آهن جن جي مدد سان هو روشن مستقبل جا دڳ تلاش ڪري نه رڳو پنهنجي والدين جي خواهشن کي شرف بخشڻ جي ڪوشش ڪندا آهن پر هو انهن رستن تي هلي پنهنجي امنگن ۽ خوابن کي به تعبير بخشيندا آهن ته وري پنهنجي قوم ۽ ملڪ جي توقعات تي لهي هميشه لاءِ سرخروبه ٿي ويندا آهن. توڙي جو ڪو به ماڻهو پنهنجي حياتيءَ دوران درسگاهن ۾ طالبعلم جي حيثيت سان ننڍپڻ ۽ جوانيءَ جا صرف چند سال ئي گذاري ٿو پر اهي چند سال سموري زندگي ان ماڻهوءَ جي حيثيت، حالت، ڪردار۽ ڪارڪردگي مان پيا جهلڪندا رهندا آهن. درسگاهن مان پڙهي فارغ ٿيندڙ ماڻهوءَ جي هَردي ۾ اها خواهش به هميشه پئي هُرندي رهندي آهي ته ڪاش وري ننڍپڻ جا بي فڪري وارا ۽ جوانيءَ جا حسين ڏينهن واپس ورن ته وري اسڪول وڃي بينچ تي ويهجي ۽ قلم ڪتاب کڻي سائين کان الف بي سکجي يا ڪاليجي ڪورس پڙهي وڃي اهڙين يونيورسٽين ۾ پهچجي جتي علم جا اٿاهه بحر ڇوليون هڻندا هجن ۽ جتي جوماحول پُرعزم جذبي، همٿ، حوصلي، جستجو ۽ جدوجهد وارن رنگن ۾ رڱيل به هجي ته وري ساڳئي وقت جوانيءَ جي بي فڪر چلولاين جو آئينه دار به هجي. اهو ئي سبب آهي جو درسگاهن سان نيهن جو ناتو ڳنڍي ويهڻ وارن ماڻهن جي وات تي سدائين هيءَ وائي هوندي آهي ته
    درسگاهن سان دل منهنجي، ڪتب خانو وطن منهنجو،
    ڪـتـابـن ۾ دفـن ٿـيـنـدس، ورق ٿـيـنـدا ڪـفـن مـنـهنجو.
    بهرحال اها ته هئي درسگاهن سان دل لڳيءَ جي ڳالهه، جيڪا دل چاهيو ته هتي شيئر ڪجي، پر هن مضمون ۾ اڳتي هڪ اهڙي درسگاهه جي ڳالهه ڪنداسين جتي جيڪڏهن اوهان پهچي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃو ته شايد اوهان به ان کي پنهنجن ٻين تعليمي ادارن جيان سموري زندگي وساري نه سگهو ۽ اها درسگاهه آهي ”پينسلوينيا اسٽيٽ يونيورسٽي“.
    دِي پينسلوينيا اسٽيٽ يونيورسٽي( The Pennsylvania State University ) ، آمريڪا جي رياست ڪامن ويلٿ آف پينسلوينيا، جنهنکي صرف پينسلوينيا به سڏيندا آهن، جي شهر ”سينٽر ڪائونٽي“ جي ”اسٽيٽ ڪاليج بارو“ ۾ واقع آهي. سرڪاري سرپرستي ۾هلندڙ هن يونيورسٽي جي قيام جي تاريخ جو قصو 1855ع کان شروع ٿئي ٿو جنهن جو تفصيل هيٺ هن مضمون ۾ ايندو. پينسولينيا اسٽيٽ يونيورسٽي کي آسانيءَ خاطر ”پين اسٽيٽ“ (Penn State) يا صرف ”پِي ايس يو“به سڏيندا آهن. اعليٰ معيار جي تدريس، وقتائتي تحقيق، سماجي ۽ انساني ڀلائي لاءِ سرگرميون ۽ اهڙا ئي ٻيا ڪارج ڀريا پروگرام ۽ پرجيڪٽ هن يونيورسٽي جا خاص حوالا آهن. پينسلوينيا رياست جي هڪ ٻئي شهر فليڊيلفيا (Philadelphia) ۾ به ”يونيورسٽي آف پينسلوينيا“ جي نالي سان هڪ الڳ ۽ خودمختيار يونيورسٽي آهي جيڪا 1740ع ۾ قائم ڪئي وئي آهي جنهن جو ذڪر ڪنهن ٻئي دفعي ڪبو پر هن مضممون ۾”سينٽر ڪائونٽي“ واري ”دِي پينسلوينيا اسٽيٽ يونيورسٽي“ جو احوال ڪيون ٿا.
    دِي پينسلوينيا اسٽيٽ يونيورسٽي جي تاريخ به دنيا ٻين سڀني ناميارن درسگاهن وانگر دلچسپ ۽ ڪارڪردگي جي بنياد تي ڪيل ترقي جي واقعن سان ڀري پئي آهي. هي درسگاهه يونيورسٽي جي حيثيت ۾ ته اڄ کان صرف ٻاهٺ سال اڳ يعني 1953ع ۾ نروار ٿي پر هن اداري جي شروعات 1855ع ۾ هڪ اسڪول جي حيثيت سان ان وقت ٿي جڏهن آمريڪا جي هڪ نامياري رياست ”ڪامن ويلٿ آف پينسلوينيا“ جي قانونساز ”جنرل اسيمبلي آف پينسلوينيا“ ۾ زرعي تعليم جي ترقي لاءِ ”فارمرز اسڪول آف پينسلوينيا“ قائم ڪرڻ جو هڪ ٺهراءُ پيش ڪيو. ان ٺهراءَ ايندي ئي سينٽر ڪائونٽي شهر جي هڪ تعليم دوست زرعي آبادگار ۽ مخير شخصيت ”جيمس اِروِن آف بيليفونٽ“ (James Irvin of Bellefonte)پنهنجي 200 ايڪڙ زرعي زمين اسڪول جي قيام لاءِ عطئي طور پيش ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ سنيٽر ڪائونٽي ۾ ”فارمرز اسڪول آف پينسلوينيا“ جو قيام عمل ۾ آيو. هن اسڪول جي زرعي تعليم ۾ وڌندڙ مقبوليت جي پيش نظر 1862ع ۾ هن کي ترقي ڏئي هن جو نالو ”ائگريڪلچر ڪاليج آف پينسلوينيا“ رکيو ويو. ان کان پوءِ به هن ڪاليج جي ارتقا جو عمل جاري رهيو ۽ 1874ع ۾ هن کي اڃا به اڳتي وڌائي هن جو نالو ”پينسلوينيا اسٽيٽ ڪاليج“ ڪيو ويو.
    اهو 1882ع وارو سال هيو جو هڪ ناميارو تعليمدان ۽ اعليٰ پائي جو منتظم ”جارج ڊبليو ايٿرٽن“ هن ڪاليج جو پرنسپال مقرر ٿيو جنهن ڪاليج ۾ لبرل آرٽس ۽ انجنيئرنگ سميت ڪجهه ٻيا به شعبا متعارف ڪرايا. آخرڪار هتان جي انجنيئرنگ واري شعبي جي اهڙي ته اعليٰ ڪارڪردگي رهي جو هي ڪاليج آمريڪا جي ڏهن وڏن ۽ ناميارن انجنيئرنگ ڪاليجن مان هڪ ليکجڻ لڳو.
    آمريڪا جي اڳوڻي فوجي جنرل ۽ هن جي چوٽيهين صدر ڊي ڊيوڊ آئسنهائور جو ڀاءُ ملٽن آئسنهائور جڏهن هن ڪاليج جو پرنسپال بڻي ته ڪاليج کي يونيورسٽي جو درجو ڏيارڻ لاءِ هُن ڪوششون شروع ڪري ڏنيون جن رنگ لاتو ۽ آخرڪار 1953ع ۾”پينسلوينيا اسٽيٽ ڪاليج“ جو درجو وڌائي کيس ”دِي پينسلوينيا اسٽيٽ يونيورسٽي“ بڻايو ويو، جيڪا پنهنجي قيام کان اڄ تائين آمريڪا جي تعليمي تاريخ ۾ پنهنجي بهترين ڪارڪردگيءَ جا نمايان باب درج ڪري چڪي آهي.
    اڄڪلهه پينسلوينيا يونيورسٽيون جو 24 ڪئمپسون آهن جيڪي پينسلوينيا رياست جي مختلف شهرن ۾ واقع آهن. هن جي مکيه ڪئمپس ”يونيورسٽي پارڪ ڪئمپس“ پيننسلوينيا رياست جي ”سينٽر ڪائونٽي“ جي هڪ ننڍڙي پر خوبصورت علائقي ”اسٽيٽ ڪاليج بارو“ ۾ واقع آهي. هن علائقي ۾ زياده تر آبادي هن يونيورسٽي ۽ ٻين ڪاليجن جي شاگردن، استادن ۽ ٻئي مددي عملي تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ”ٽائون شپ آف ڪاليج“ به اچي وڃي ٿي. پارڪ ڪئمپس کي پينسلوينيا اسٽيٽ يونيورسٽي جي فلئگشپ ڪئمپس جو درجو حاصل آهي. يونيورسٽي جي صرف هن ڪئمپس ۾ اٽڪل 45 هزار شاگرد زير تعليم آهن جن ۾ وڏو انگ انٽرنيشنل شاگردن جو پڻ شامل آهي. پينسلوينيا اسٽيٽ يونيورسٽي جي سمورين ڪئمپسن ۾ اٽڪل هڪ لک کن شاگرد مختلف ڪورسن ۾ داخل آهن. شاگردن جو خاصو تعداد آن لائين ٽيچنگ ذريعي پڻ هن يونيورسٽي مان اَنڊر گريجوئيشن ۽ گريجوئيشن جا ڪورس ڪندا رهن ٿا.
    پينسلوينيا رياست جي مختلف يونيورسٽين ۾ سنڌ جي باصلاحيت نوجوانن جي موجودگي به اسان سڀني لاءِ وڏي اتساهه جي ڳالهه آهي. انهيءَ جو هڪڙو اتساهيندڙ مثال سنڌ جي شهر حيدرآباد سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر زبير واحد بلوچ آهي جيڪو اڄڪلهه ”يونيورسٽي آف پينسلوينيا“ جي پئٿالاجي ائنڊ ليبارٽري ميڊيسن واري شعبي ۾ پروفيسر جي حيثيت سان خدمتون سر انجام ڏئي رهيو آهي. ڊاڪٽر زبير سنڌ جي نامياري اديبه ۽ سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي پروفيسر ڊاڪٽر قمر واحد جو لائق فرزند آهي. ڊاڪٽر زبير واحد بلوچ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو مان ايم بي بي ايس ڪرڻ کان پوءِ پينسلوينيا يونيورسٽي مان ”ٽيومر اميونالاجي“ واري شعبي ۾ پي ايڇ ڊي ڊگري حاصل ڪئي ۽ اتي ئي پروفيسر مقرر ٿيو آهي.
    يونيورسٽي پارڪ ڪئمپس چوڏهن ڪاليجن ۽ ڪيترن ئي ٻين شعبن تي مشتمل آهي جن مان ڪجهه هن ريت آهن: ڪاليج آف ايگريڪلچرل سائنسز، ڪاليج آف انجنيئرنگ، ڪاليج آف انفارميشن سائنسز ائنڊ ٽيڪنالاجي، ڪاليج آف هيلٿ ائنڊ هيومن ڊيولپمنٽ، ڪاليج آف آرٽس ائنڊ آرڪيٽيچر، ڪاليج آف بزنس، ڪاليج آف ڪميونيڪيشنز، ڪاليج آف ارٿ ائنڊ منرل سائنسز، ڪاليج آف ايجوڪيشن، ڪاليج آف سائنس، ڪاليج آف نرسنگ ۽ شريئير آنرس ڪاليج وغيره. آسٽريليا، جرمني ۽ چين ۾ به هن يونيورسٽي جون گلوبل ڪئمپسون آهن جن ۾ اتان جي ملڪن جي شاگردن جو خاصو تعداد تعليم حاصل ڪري رهيو آهي.
    هن يونيورسٽي ۾ تدريسي ۽ تحقيقي شعبن سان گڏ ريسرچ ليبارٽريون، لئبريريون، رهائشي هاسٽلون ۽ هال به موجود آهن.
    هيٺ ٿورو ذڪر پينسلوينيا رياست جو ڪيون ٿا.
    پينسلوينيا آمريڪا جي اوتر اولهه واري هڪ خوبصورت رياست آهي جنهن پنهنجو نالي جي اڌ حصو پنهنجي باني کان ئي ورتو آهي. هن رياست جو باني ”وليم پين“ هئو جنهن هن رياست کي پنهنجي پيءَ ”ايڊمرل سَر وليم پين“ جي ياد ۾ پينسلوينيا جو نالو ڏنو. پينسلوينيا يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا جي تيرنهن اصلوڪن رياستن مان هڪ آهي. هن جي گادي جو هنڌ هرسبرگ آهي.
    پينسلوينيا رياست ۾ ”پينسلوينيا اسٽيٽ يونيورسٽي“سميت هن رياست جون ٽي ٻيون نامياريون يونيورسٽيون پڻ آمريڪا جي معياري ۽ مشهور يونيورسٽين جي تنظيم ”ايسوسيئيشن آف آمريڪن يونيورسٽيز“ جون ميمبر آهن، انهن يونيورسٽين ۾ ڪارنيگي ميلن يونيورسٽي، يونيورسٽي آف پينسلوينيا ۽ يونيورسٽي آف پٽسبرگ شامل آهن.


    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 17 جون 2015ع)


    رائيس يونيورسٽي

    Rice University

    رائيس يونيورسٽي

    جتي ڪينيڊي، منڊيلا ۽ پيوٽن خطاب ڪرڻ لاءِ آيا


    اها ته سڀني کي خبر آهي ته انگريزي لفظ رائيس (Rice) جي سنڌي ۾ معنيٰ آهي ”چانور“ يعني چانورن يا سارين کي انگريزي ٻوليءَ ۾ رائيس چئبو آهي. ان حوالي سان ممڪن آهي ته ”رائيس يونيورسٽي“ (Rice University) متعلق به اوهان مان ڪجهه پڙهندڙ دوست اهو سمجهندا هوندا ته هيءَ رائيس يونيورسٽي آهي تنهنڪري هن يونيورسٽي ۾ چانورن يا سارين جي فصل ۽ ان جي پوکيءَ جي طريقن يا وري چانورن کائڻ پچائڻ ۽ انهن جي فائدن يا نقصانن متعلق ڪا ڄاڻ ۽ تعليم ڏني ويندي هوندي، پر دوستو ائين نه آهي.
    حقيقت هيءَ آهي ته جيئن اسان وٽ راويتي طور تي ڪيترن ئي ماڻهن جا نالا ڀاڄين، ميوون، موسمن ۽ مهينن وغيره جي طرز تي رکيا ويندا آهن جئين؛ مرچو، ليمون، انب، سانوڻ، جمعو، رمضان وغيره اهڙي طرح تي ٻين قومن ۾ به ڪيترن ئي ماڻهن ۽ انهن جي خاندانن جي سڃاڻپ پڻ اهڙين شين جي نالن پٺيان ٿيندي آهي. جهڙوڪ رائيس (چانور)، گرين ووڊ (سائو ڪاٺ)، اسٽون (پٿر)، بش ( ٻوڙو يا سَرُ) وغيره.
    مٿين تمهيد ٻَڌڻ مان منهنجو مقصد اهو آهي ته جيئن اهو ٻڌائي سگهان ته رائيس يونيورسٽي چانورن واري يونيورسٽي نه آهي پر هن يونيورسٽي جي سڃاڻپ ان شخص جي نالي پٺيان آهي جنهن کي اڄ کان اٽڪل سوا سئو سال کن اڳ فِراڊ يا ٺڳيءَ واري هڪ واردات دوران قتل ڪيو ويو هيو. ان مرحوم شخص جو نالو آهي ”وليم مارش رائيس“ (William, Marsh Rice). هن يونيورسٽيءَ جو نالو ان همراهه جي ياد ۾ سندس نالي پٺيان ”وليم مارش رائيس يونيورسٽي“ رکيو ويو، جيڪا عام طور تي ”رائيس يونيورسٽي“ سڏجي ٿي. هيءَ يونيورسٽي آمريڪا جي رياست ٽيڪساس جي نامياري شهر هيوسٽن ۾ واقع آهي ۽ هن کي آمريڪا جي ويهن معياري درسگاهن ۾ ليکيو وڃي ٿو. دنيا جي يونيورسٽين ۾ معيار جي لحاظ کان رائيس يونيورسٽي 69 نمبر ٽاپ تي بيٺل آهي. هيوسٽن ۾ واقع خانگي انتظام هيٺ هلندڙ هن درسگاهه جيتوڻيڪ يونيورسٽي جي حيثيت ته 1965ع ۾ حاصل ڪئي آهي پر هن جي قيام جو قصو اڻويهين صدي جي پڄاڻيءَ واري سال يعني سن 1900ع کان تڏهن شروع ٿئي ٿو جڏهن 1900ع ۾ هيوسٽن جي هڪ وڏي ڪاروباري ۽ شاهوڪار شخص وليم مارش رائيس کي قتل ڪيو ويو. هن قصي جو تفصيل ڪجهه هيٺيئن ريت آهي.
    وليم مارش رائيس نالي هڪ وڏو واپاري آمريڪا جي هيوسٽن شهر ۾ رهندو هو. جيتوڻيڪ هو اصل ۾ ته آمريڪا جي هڪ ٻي رياست مساچوسيٽس جي شهر اسپرنگفيلڊ جو رهاڪو هئو پر هيوسٽن ۾ پراپرٽي بزنس، تعميراتي ڪم ۽ ڪپهه جي ڪاروبار ذريعي هن تمام گهڻي شاهوڪاري حاصل ڪئي هئي ۽ ارب بتي بڻجي ويو هو. ڇاڪاڻ ته هيوسٽن ۾ رهي ڪري هن گهڻو ڪجهه ڪمايو هو تنهنڪري سندس خواهش هئي ته هو هيوسٽن شهر ۾ تعليم جي ترقي لاءِ ڪجهه ڪم ڪري ۽ ان حوالي سان هن هيوسٽن ۾ پنهنجي نالي پٺيان هڪ اعليٰ تعيليمي ادارو قائم ڪرڻ جو پروگرام جوڙيو هو جتان مستحق شاگرد اعليٰ معيار جي تعليم مفت ۾ حاصل ڪري سگهن. سندس اها به خواهش هئي ته هن جي مرڻ کان پوءِ سندس سموري ملڪيت ان تعليمي اداري کي وقف ڪئي وڃي. پر چوندا آهن ته بندي جي من ۾ هڪڙي ۽ خدا جي من ۾ ٻي. ٿيو هيئن جو وليم مارش رائيس جي ٻن ذاتي ملازمن جي دل ۾ بي ايماني جنم ورتو ۽ هنن پنهنجي مالڪ کي موت جي ننڊ سمهاري سندس سمورو مال ۽ ملڪيت هڙپ ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو. اُها سال 1900ع جي سيپٽمبر مهيني جي ٽيويهين تاريخ واري رات هئي، جيئن ئي وليم مارش رائيس سڄي ڏينهن جي ڪم ڪار ۽ مصروفيت مان آجو ٿي اچي پهنجي گهر واري ڪمري ۾ آرامي ٿيو ته هن جي هڪ نمڪ حرام خاص گهريلو ملازم ”چارلس ايف جَون“ پنهنجي اڳواٽ سٽيل سازش تحت ”وليم مارش رائيس“ کي مارڻ لاءِ سندس وات ۽ نڪ ۾ ”ڪلوروفارم“ (Chloroform) وجهي ڇڏيو جنهن جي ڪري ساهه ٻوساٽجڻ سبب وليم مارش تڙپي تڙپي دم ڌڻي حوالي ڪيو. انهيءَ دوران سندس هن ملازم وليم مارش جي ڪوڙي صحيح سان بئنڪ جو چَيڪ ۽ سندس ڪوڙو وصيت نامو جاري ڪري فري تعليمي اداري لاءِ سندس وقف ٿيل سموري دولت نيو يارڪ ۾ پنهنجي ئي هڪ ساٿاري پيٽرڪ جي نالي تي منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر اهي پنهنجي ان بيهودي سازش ۾ ڪامياب ڪو نه ٿي سگهيا ۽ پوليس ٻنهي کي گرفتار ڪري جيل اماڻي ڇڏيو.
    ان کان پوءِ وليم مارش رائيس جي هڪ همدرد دوست ”جيمس اَي بيڪر“ وليم مارش جي وصيت مطابق سندس سموري ملڪيت جيڪا ان وقت 40 لک ڊالرکان به مٿي هئي سا وليم مارش رائيس جي نالي تي هڪ تعليمي ادارو قائم ڪرڻ ۾ ڪم آندي ۽ ان اداري جو انتظام بورڊ آف ٽرسٽيز جي حوالي ڪيو. اهڙي طرح وليم مارش جي قتل کان 12 سال پوءِ يعني 23 سيپٽمبر 1912ع تي سندس ٻارهين ورسيءَ جي موقعي تي ”وليم مارش رائيس انسٽيٽيوٽ فار ايڊوانسمنٽ آف ليٽرس، سائنس ائنڊ آرٽ“ جو افتتاح ڪيو ويو ۽ هن اداري جو سربراهه پرنسٽن يونيورسٽي جي مئٿميٽڪس ڊپارٽمنٽ جي اڳوڻي چيئرمين پروفيسر ايڊگر اوڊيل لَويٽ کي بڻايو ويو. پروفيسر لويٽ هڪ قابل منتظم هئو جنهن پنهنجي مقرري سان ئي وڏيون ڪوششون وٺي رائيس انسٽيٽيوٽ کي ترقي جي رستي تي گامزن ڪيو.
    پروفيسر لَويٽ (Lovette) هن اداري متعلق پنهنجو منصوبو بيان ڪندي هڪ دفعي چيو هو ته ”اسان کي هن اداري جي تعليمي معيار کي بلند ڪرڻ تي ڌيان ڏنو وڃي نه ڪِي صرف شاگردن جو تعداد وڌائڻ تي. هن اداري جي بهترين استادن کي انڊر گريجوئيٽ ڪلاسن کي پڙهائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي“. رائيس انسٽيٽيوٽ جي هن سربراهه جي اهڙي خواهش موجب رائيس انسٽيٽيوٽ ۾ شروعاتي طور 48 ڇوڪرا ۽ 49 ڇوڪرين کي بلڪل ئي مفت ۾ داخلا ڏني وئي جن لاءِ ٻارنهن لائق پروفيسر مقرر ڪيا ويا.
    ان کان پوءِ هر گذرندڙ ڏينهن سان هن انسٽيٽوٽ جي ترقي ۾ اضافو ٿيندو ويو. هن اداري ۾ جديد تعليم جا نت نوان تدريسي ۽ تحقيقي ادار قائم ڪيا ويا، ماهر استادن، سائنسدانن ۽ سماجي علمن جي ماهرن جون خدمتون حاصل ڪيون ويون. بهرحال پنهنجي اهڙي بهترين ڪارڪردگي عيوض هن درسگاهه آخرڪار 1960ع ۾ يونيورسٽي جي حيثيت حاصل ڪئي.
    هن يونيورسٽي ۾ عالمي سطح جا اڳواڻ مختلف وقتن تي دوارا ڪري اتي ليڪچر ڏيندا رهيا آهن. 1962ع ۾ آمريڪا جو تڏهوڪو صدر جان ايف ڪينڊي هن يونيورسٽي جو آنرري وزيٽنگ پروفيسر هيو ۽ هتي هن پنهنجي پهرين ليڪچر ۾ چيو هو ته
    The greater our knowledge increases, the greater our ignorance unfolds.
    يعني ”جيتري اسان جي ڄاڻ وڌي ٿي اوتري پنهنجي جهالت بابت خبر به پوي ٿي“. ان کان پوءِ هن آمريڪا جي انهن ڪوششن جو ذڪر ڪيو هيو جنهن جي نتيجي ۾ سندن پهريون خلاباز چنڊ تي وڃي پهتو هيو. 1999ع ۾ آفريڪا جي عالمي اڳواڻ نيلسن منڊيلا هن يونيورسٽي ۾ هڪ وڏي مجموعي کي خطاب ڪيو ۽ ساڳي طرح 2001ع ۾ روس جو صدر ولاديمير پيوٽن جڏهن آمريڪا جي دوري تي آيو هيو تڏهن آمريڪا جي تڏهوڪي صدر جارج ڊبيلو بش کيس رائيس يونيورسٽي ۾ وٺي آيو جتي هن هتان جي ”اسٽوڊنٽ ڪنسرٽ هال“ ۾ خطاب ڪيو هيو.
    رائيس يوينورسٽي ۾ پهريان مفت ۾ تعليم ڏني ويندي هئي پر پوءِ 1965ع کان فيس جو رواج پيو جيڪو اڃا تائين جاري آهي. اڄڪلهه هن يونيورسٽي ۾ ساڍا پنج هزار شاگرد داخل آهن ۽ استادن جو تعداد 600 آهي. هن يونيورسٽي جي ٽن اڳوڻن شاگردن پنهنجي نمايان ريسرچ ۽ ڪارڪردگي عيوض ٽي نوبيل انعام حاصل ڪيا آهن جن کان سواءِ ٻيا به ڪئي ايوارڊ ۽ اعزاز هن درسگاهه جي شاگردن کي مليا آهن.
    رائيس يونيورسٽي جي ڪئمپس 258 ايڪڙن تي وڻن جي جهڳٽن ۾ واقع آهي هن جي خاص تدريسي شعبن ۾ جارج برائون اسڪول آف انجنيئرنگ، وِيز اسڪول آف نيچرل سائنسز، اسڪول آف سوشل سائنسز، اسڪول آف آرڪيٽيچر، شفرڊ اسڪول آف ميوزڪ، جونز گريجوئيٽ اسڪول آف بزنس ائنڊ مئنيجمنٽ، گلاسڪاڪ اسڪول آف ڪنٽينيوئنگ ايجوڪيشن شامل آهن. هي يونيورسٽي خاص طور تي پنهنجن اپلائيڊ سائنسز وارن تدريسي ۽ تحقيقي پروگرامن واري حوالي سان دنيا ۾ وڏي نيڪنامي رکي ٿي. هن جي انهن پروگرامن ۾ نينوٽيڪنالاجي، آرٽيفيشل هارٽ ريسرچ، اسپيس سائنس، اسٽرڪچرل ڪيميڪل اينالسز، اينالاٽيڪل ريسرچ ۽ مٽيريل سائنس ريسرچ شامل آهن.
    انهن کان علاوه رائيس يونيورسٽي جا نوَ ريزيڊنشل ڪاليج، جيمس پيڪر انسٽيٽيوٽ آف پبلڪ پاليسي، سينٽر فار نينواسڪيل سائنس ائنڊ ٽيڪنالاجي، بايو سائنس ريسرچ ڪوليبوريٽِوِ، ويسع لائبريريون، ليباريٽريون، راند روند جا ميدان، انٽرٽينمنٽ ڪلب، رائيس اسٽيڊيم، اسٽوڊنٽس ڪنسرٽ هال، رهائشي هال، ڊبيٽنگ ڪلب ۽ هن يونيورسٽي جي 258 ايڪڙن تي مشتمل وڻن ۽ وڻڪار سان سينگاريل ڪئمپس هن درسگاهه کي هڪ منفرڊ نظارو ۽ حيثيت ڏيارين ٿا.
    جيڪڏهن ڪنهن نوجوان کي اسڪالرشپ يا ڪا ٻي مالي مدد ميسر آهي ته پوءِ دنيا جي ٻين درسگاهن سان گڏ آمريڪا واري رائيس يونيورسٽي به اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ بهترين آپشن (Option) ٿي سگهي ٿو.


    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 8 جولاءِ 2015ع)


    شڪاگو جي اِلنواءِ يونيورسٽي

    University of Illinois

    شڪاگو جي اِلنواءِ يونيورسٽي

    جتي ”اسٽوڊنٽ گورنمينٽ“ به آهي


    اِلنواءِ يونيورسٽي آمريڪا جي انهيءَ شهر ۾ واقع آهي جنهن جي ٻين خوبين کان علاوه هڪ اها به آهي ته اهو شهر دنيا جي مشهور تفريحي ماڳ هجڻ سان گڏ اسان وٽ مزدور تحريڪ جي حوالي سان به گهڻو مشهورآهي. ان شهر جو نالو آهي شڪاگو.
    سموري دنيا ۾ جڏهن پهرين مئي تي شڪاگو جي مزدور تحريڪ جي شهيدن کي ڀيٽا ڏيڻ ۽ پورهيتن جي حقن جي بحالي ۽ سندن عظمت جي مڃتا لاءِ ”پورهيتن جو عالمي ڏينهن“ ملهايو ويندو آهي ته اسان جي سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ به مزدورن کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ماڻهن جا ميڙاڪا ٿيندا آهن ۽ سڀني اخبارن ۽ رسالن ۾ مزدور تحريڪ جي حوالي سان مضمون به شايع ٿيندا آهن. انهن ميڙاڪن ۾ ٿيندڙ تقريرن ۽ اخبارن ۾ ڇپجندڙ تحريرن ۾ شڪاگو شهر اهم حوالي طور ايندو آهي.
    شڪاگو جو ٻيو حوالو به ڏاڍو اهم آهي. اهو هن طرح ته آمريڪا جي اِن شهر پنهنجي ڌرتي تي ڏيهي ماڻهن کان علاوه پرڏيهه جي ٻين ماڻهن سميت جن سنڌ واسين کي پنهنجي جيءَ ۾ جاءِ ڏني آهي انهن ۾ هڪ اهڙو ناميارو سنڌي شاعر به شامل آهي جنهن جو لکيل هڪ گيت سنڌ سميت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ هر سنڌيءَ جي دل جي ترجماني ڪري ٿو. اهو سنڌي شاعر اسحاق تنيو آهي ۽ سندس لکيل گيت جيڪو راڳ جي راڻيءَ عابده پروين ڳايو آهي تنهن جا ٻول ڪجهه هيٺئين ريت آهن:
    هِن جنم هُن جنم ۾ وچن ٿو ڪريان
    مان جٿي ڀي هجان سنڌ تنهنجو ٿيان.
    اِلنواءِ يونيورسٽي جي ديس ۾ رهندڙ سنڌي شاعر اسحاق تنيو اصل ۾ قمبر ضلعي جي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ ”ٺوڙهي بجار“ سان تعلق رکي ٿو. هن بنيادي تعليم پنهنجي ڳوٺ ٺوڙهي بجار جي پرائمري اسڪول، هاءِ اسڪول قمبر ۽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ ڪراچي يونيورسٽي مان ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ اتي ئي صحافتي دنيا ۾ داخل ٿيو. ڪجهه سال اڳ هو آمريڪا وڃي اتان جي اِلنواءِ رياست جي شهر شڪاگو ۾ مستقل آباد ٿيو آهي جتي اڄڪلهه آءِ ٽي ڪنسلٽنٽ جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو آهي.
    هن يونيورسٽي جو پورو نالو ”دِي يونيورسٽي آف اِلنواءِ ايٽ شڪاگو“ (The University of Illinois at Chicago) آهي پر آسانيءَ خاطر هن کي ”اِلنواءِ يونيورسٽي“ يا صرف ”يو آءِ سِي“ (UIC) به سڏيندا آهن.
    سرڪاري سرپرستي ۽ ان جي مالي سهائتا سان هلندڙ شڪاگو جي هيءَ ريسرچ يونيورسٽي پنهنجي تدريسي ۽ تحقيقي سرگرمين، استادن ۽ شاگردن جي متحرڪ زندگي ۽ تعليم ڏانهن سنجيده روين جي ڪري نه رڳو پنهنجي ملڪ پر دنيا ۾ پڻ وڏي نيڪنامي رکي ٿي. هن درسگاهه جون ٻه ڪئمپسون آهن جن مان هڪ ”نيئر ويسٽ سائيڊ ڪميونٽي ايريا“ ۾ ۽ ٻي وڏي ڪئمپس ”شڪاگو ايريا“ ۾ واقع آهي جن ۾ اٽڪل 30 هزار شاگرد زير تعليم آهن. انهن ۾ انٽرنيشنل شاگرد به آهن، جن ۾ صرف ايشيا کنڊ جي مختلف ملڪن جا اٽڪل ٽي هزار شاگرد پڻ شامل آهن.
    هونئن ته جديد تعليم جي هر شعبي ۾ هن يونيورسٽي جي تعريف جوڳي ڪارڪردگي رهي آهي پر خاص طور تي هن يونيورسٽي جو ميڊيڪل اسڪول آمريڪا جي ميڊيڪل سائنس واري تعليمي سهوليتن ۾ ڪافي اهم ليکجي ٿو. اِلنواءِ اسٽيٽ ۾ موجود ماهر فزيشن، هيلٿ ڪيئر پروفيشنلس، ڊينٽسٽ، فارماسسٽ، فزيڪل ٿراپسٽ، نرسز ۽ ميڊيڪل پريڪٽشنرس جو گهڻو تعداد اِلنواءِ يونيورسٽي جي ميڊيڪل اسڪول مان ئي مستفيض ٿيل آهي.
    اِلنواءِ يونيورسٽي جي قيام جي تاريخ اٽڪل ڏيڍ سئو سال کن پراڻي آهي جيڪا عيسوي سال 1859ع کان شروع ٿئي ٿي. اهو ان طرح جو اڄ به هن يونيورسٽي جا باني هن يونيورسٽي جو ارتقائي ڏاڪو شڪاگو ۾ قائم انهن خانگي هيلٿ ڪاليجن کي سمجهن ٿا جن جي بنيادن تي هن يونيورسٽي وجود ورتو آهي. شڪاگو جي انهن ڪاليجن ۾ ”شڪاگو ڪاليج آف فارميسي“، ”ڪاليج آف فزيشنس ائنڊ سرجنس“ ۽ ”ڪاليج آف ڊينٽسٽري“ شامل آهن.
    بهرحال يونيورسٽي جي قيام جو چارٽر ته 1867ع ۾ ئي حاصل ڪيو ويو هيو جنهن جي روشنيءَ ۾ هن يونيورسٽي جو بنياد اِلنواءِ رياست جي هڪ ٻئي علائقي ”اربانا چئمپيئن“ ۾ وڌو ويو پر هن جي هڪڙي برانچ پوليٽينڪل جي نالي سان شڪاگو ۾ به قائم ڪرڻ جو وچن ڪيو ويو. اربانا چئمپيئن واري النواءِ يونيورسٽي پڻ دنيا ۾ وڏي نيڪنامي رکي ٿي ۽ اها يونيورسٽي پڻ شڪاگو واري النواءِ يونيورسٽيءَ جيان ”النواءِ يونيورسٽي سسٽم“ هيٺ هلي ٿي. ”اربانا چئمپيئن“ واري ڪئمپس هن يونيورسٽي سسٽم جي فليگشپ ڪئمپس ليکجي ٿي.
    1935ع ۾ جڏهن ”رچرڊ جَي ڊيلي“ نالي هڪ علم دوست کي چونڊي النواءِ رياست جي پارليمينٽ ۾ پنهنجي شهر جي نمائندگي لاءِ اماڻيو ويو ته هن پنهنجي ماڻهن جي ٻين ڪيترن ئي اهم معاملن تي نمائندگي ڪرڻ سان گڏ شڪاگو ۾ به اِلنواءِ يونيورسٽي جي ڪئمپس قائم ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ورتيون جيڪي ڪامياب ٿيون ۽ 1935 ۾ شڪاگو ۾ اِلنواءِ يونيورسٽي جي انڊر گريجوئيٽ ڪئمپس قائم ڪئي وئي. ويهه سال بعد ”رچرڊ جي ڊيلي“ جڏهن 1955ع ۾ شڪاگو جو ميئر (Mayor) بڻيو ته هن پنهنجي شهر ۾ هڪ باقاعده ۽ خودمختيار يونيورسٽي قائم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون. هن جي انهن ڪوششن جي نتيجي ۾ شڪاگو ۾ اِلنواءِ يونيورسٽي کي سڀ ئي اختيار ڏئي کيس مٿاهون درجو ڏنو ويو ۽ هن کي ڊگريون جاري ڪرڻ جو به مجاز بڻيو ويو، جنهن کان پوءِ هي يونيورسٽي جديد علمن جي مختلف شعبن ۾ پڙهائي ۽ تحقيق کان پوءِ گريجوئيشن، ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي جون ڊگريون جاري ڪرڻ لڳي. هن کان اڳ هن يونيورسٽي ۾ تدريسي عمل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ هن جي شاگردن لاءِ به ڊگريون النواءِ يونيورسٽي جي اربانا چئمپئين واري ڪئمپس ئي جاري ڪندي هئي. بهرحال شڪاگو واري ڪئمپس جي بااختيار ٿيڻ کان پوءِ وڏي تعداد ۾ شاگرد هتان فيضياب ٿي زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
    اِلنواءِ يونيورسٽي شڪاگو 15 ڪاليجن ۽ ٽن ڪئمپسن تي مشتمل آهي. شڪاگو ۾ هن جي ٽن ڪئمپسن کي ”اِيسٽ ڪئمپس“، ”وَيسٽ ڪئمپس“ ۽ ”سائوٿ ڪئمپس“ جي نالن سان سڃاتو وڃي ٿو. انهن ٽنهي ڪئمپسن ۾ ٻين ڪيترن ئي ادارن ، لائبريرين ۽ لئبارٽيرين سميت جيڪي اهم ڪاليج آهن انهن جا نالا هيٺئين ريت آهن: ڪاليج آف ميڊيسن، ڪاليج آف فارميسي، ڪاليج آف ڊينٽسٽري، ڪاليج آف پبلڪ هيلٿ، ڪاليج آف نرسنگ، ڪاليج آف اپلائيڊ هيلٿ سائنسز، ڪاليج آف لبرل آرٽ ائنڊ سائنس، ڪاليج آف انجنيئرنگ، ڪاليج آف آرڪيٽيڪچر، ڊزائيننگ ائنڊ آرٽ، ڪاليج آف بزنس، ڪاليج آف اربن پلاننگ، گريجوئيٽ ڪاليج ائنڊ آنرس ڪاليج شامل آهن.
    انهن کان علاوه اِلنواءِ يونيورسٽي شڪاگو جا ٻيا ريسرچ سينٽر، ۽ هن درسگاهه جا تدريسي ۽ تحقيقي معياري پرگرام پڻ هتي ٿيندڙ تحقيقي ۽ تدريسي عمل ۾ نه رڳو وڏي معاونت ڪن ٿا پر پنهنجن نت نين ايجادن ۽ دريافتن وسيلي پڻ سماج جي ڀلائي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهن ٿا. النواءِ يونيورسٽي جي اهڙن ادارن ۾ سينٽر آف اسٽڪچرل بايولاجي، ڪينسر سينٽر، نيشنل سينٽر فار ايڪسيلنس اِن وومين هيلٿ، نيورو سائنس پروگرام، گارنٽيڊ پروفيشنل پروگرام، ڪائونسل فار ٽيچر ايجوڪيشن، موونگ اميج آرٽس پروگرام شامل آهن.
    هيءَ يونيورسٽي 74 بيچلر ڊگري ڪورسز، 77 ماسٽرس ۽ 60 ڊاڪٽوريل ڊگري ليول جا ڪورس آفر ڪري ٿي جن ۾ ڏيهي شاگردن سميت وڏي تعداد ۾ دنيا جي ٻين ملڪن جا شاگرد پڻ داخلائون وٺي اعليٰ تعليم جي زيور سان آراستا ٿين ٿا.
    اهو ياد رکڻ گهرجي ته النواءِ يونيورسٽي کي النواءِ رياست جي ٻيو نمبر پراڻي يونيورسٽي هجڻ جو اعزاز حاصل آهي. انهيءَ کان علاوه هيءَ يونيورسٽي آمريڪا جي معياري يونيورسٽين جي فورم ”ايسوسيئيشن آف آمريڪن يونيورٽيسز“ جي پڻ ميمبر آهي.
    النواءِ يونيورسٽي جو لائبريري سسٽم ۽ ريسرچ لئباريٽرين جو نيٽ ورڪ پڻ هتي جي شاگردن توڙي ٻين محققن جي ڪم ۾ وڏي معاونت جو سبب بڻجن ٿا. النواءِ يونيورسٽي ۾ شاگردن کي هر وقت يونيورسٽي جي سرگرمين بابت آگاهه رکڻ ۽ تعليمي ميدان ۾ کين نت نئين معلومات فراهم ڪرڻ لاءِ يونيورسٽي جو ايجوڪيشنل ريڊيو ۽ هتان جو ٽيليوزن نيٽ ورڪ مصروفِ عمل رهي ٿو. انهن ذريعي مختلف تدريسي سبيجيڪٽن جي اهم نڪتن تي معياري ليڪچر ۽ سير حاصل بحث مباحثا نشر ڪري شاگردن جي صلاحيتن ۾ اضافو ڪيو وڃي ٿو. آمريڪا جي هڪ اداري ”يو ايس نيوز ائنڊ ورلڊ رپورٽ“ جي سال 2015ع جي تجزئي موجب يونيورسٽي آف النواءِ شڪاگو آمريڪا جي يونيورسٽين ۾ معيار جي حوالي سان 149 نمبر تي آهي.
    بهرحال النواءِ يونيورسٽي پهنجين سمورين تدريسي ۽ تحقيقي سهوليتن سميت نه رڳو آمريڪا جي نوجوانن جي اعليٰ تعليم ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهي ٿي پر دنيا جي ٻين باصلاحيت نوجوانن لاءِ به هن درسگاهه جا دروازا هميشه کليل هوندا آهن، جيڪڏهن هتان جو به ڪو ئي نوجوان چاهي ته هو پنهنجي تعليمي ڪارڪردگي، محنت ۽ ميرٽ جي وسيلي انهن دروازن مان داخل ٿي النواءِ يونيورسٽي شڪاگو مان اعليٰ تعليم حاصل ڪري سگهو ٿو.

    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين 19 آگسٽ 2015ع)


    واشنگٽن اسٽيٽ يونيورسٽي

    Washington State University

    واشنگٽن اسٽيٽ يونيورسٽي


    آمريڪا جي نامياري درسگاهه واشنگٽن اسٽيٽ يونيورسٽيءَ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه کان پهريان لفظ ”واشنگٽن“ جي وضاحت ڪرڻ ضروري آهي، ته جيئن هن مضمون ۾ مختلف جاين تي واشنگٽن لفظ جي ورجاءَ سان پيدا ٿيندڙ مونجهاري کان بچي سگهجي، ڇاڪاڻ جو واشنگٽن جي نالي سان آمريڪا ۾ هڪ شهر به آهي ته هڪ رياست به موجود آهي ۽ انهن ٻنهي کان علاوه واشنگٽن جي نالي سان ٻيا به ماڳ مڪان، تعليمي ۽ سماجي ادارا موجود آهن. سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته ان ئي نالي سان آمريڪا جو هڪ صدر به رهي چڪو آهي.
    جيڪڏهن اوهان لفظ ”واشنگٽن“ بابت تفصيلي معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ ”دِي آڪسفورڊ ريفرنس ڊڪشنري“ کڻي ان جي ورق گرداني ڪندئو ته اوهان کي هن ڊڪشنري ۾ واشنگٽن لفظ جون خاص طور تي ٽي داخلائون ملنديون ۽ انهن ٽنهي داخلائن ۾ هن لفظ جي تشريح ڪجهه هيٺينءَ طرح ملندي، جهڙوڪ:

    (1) واشنگٽن جارج: هن جو پورو نالو جارج واشنگٽن هيو جيڪو 1732ع ۾ ڄائو ۽ 1799ع ۾ پرلوڪ پڌاري ويو. هي همراهه آمريڪا جي آزاديءَ جو هيرو ۽ يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا جو پهريون صدر هئو جنهن 1789ع کان 1796ع تائين آمريڪا مٿان حڪومت ڪئي.

    (2) واشنگٽن ڊي سي: هي يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا جو گادي وارو شهر آهي. هن کي ڊي سي ان ڪري سڏين ٿا جو هي ڊسٽرڪٽ آف ڪولمبيا جي سرحدن اندر آهي. هي شهر جارج واشنگٽن جي دور ۾ ئي وجود ۾ آيو جيڪو يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا جو پهريون صدر هئو ۽ هن شهر جو نالو پڻ سندس نالي پٺيان رکيو ويو. ياد رهي ته واشنگٽن ڊي سي آمريڪا جي رياست نيو جرسي ۾ واقع آهي.

    (3) واشنگٽن اسٽيٽ: هيءَ واشنگٽن آمريڪا جي اتر اولهه واري علائقي ۾ سندس هڪ رياست آهي جيڪا پهريان برطانيا جي قبضي هيٺ هئي ۽ بعد ۾ يعني اڻويهين صدي جي پهرين اڌ ۾ آمريڪا جي حوالي ٿي. هيءَ 1889ع ۾ يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا جي 42-هين رياست بڻي. هن جي گاديءَ جو هنڌ اولمپيا آهي. هن رياست تي واشنگٽن جو نالو پڻ آمريڪا جي پهرين صدر جارج واشنگٽن جي ياد ۾ ئي رکيو ويو هو. مونجهاري کان بچڻ لاءِ واشنگٽن شهر کي ”واشنگٽن ڊي سي“ ۽ واشنگٽن رياست کي ”واشنگٽن اسٽيٽ“ سڏيندا آهن.
    واشنگٽن اسٽيٽ يونيورسٽي به انهيءَ آمريڪي رياست يعني واشنگٽن اسٽيٽ جي شهر ”پلمئن“ (Pullman) ۾ واقع آهي ۽ هن درسگاهه پنهنجي نالو به پنهنجي رياست کان ئي حاصل ڪيو آهي. هن يونيورسٽي جو پورو نالو واشنگٽن اسٽيٽ يونيورسٽي (Washington State University) آهي. هن يونيورسٽيءَ جي قيام جا آثار 1890ع ۾ تڏهن نمودار ٿيا هيا جڏهن خود واشنگٽن رياست اڃا تازو تازو ئي وجود ۾ آئي هئي ۽ هن نئين رياست ۾ اعليٰ تعليم جي گهرجن جي پورائي لاءِ هتي ”واشنگٽن اسٽيٽ ڪاليج“ جي نالي سان هڪ درسگاهه قائم ڪيو ويو. 1892ع ۾ واشنگٽن رياستِ ”پلمئن“ ۾ هڪ ٻيو ڪاليج ”واشنگٽن ائگريڪلچر ڪاليج ائنڊ اسڪول آف سائنس“ قائم ڪيو ويو. هن درسگاهه جي وڌندڙ مقبوليت جي پيشِ نظر هن ۾ ائگريڪلچر کان علاوه مختلف جديد علمن جا ٻيا به تدريسي شعبا شامل ڪري هن جو نالو تبديل ڪري هن کي 1905ع ۾ ”اسٽيٽ ڪاليج آف واشنگٽن“ بڻايو ويو.
    بهرحال هن درسگاهه جي ارتقا جو دنگ صرف اتي ئي نه ٿيڻو هو پر هر گذرندڙ ڏينهن سان هن مڪتب جي مقبوليت وڌندي رهي جنهن ڪري 1959ع ۾ هن کي ترقي ڏئي کيس يونيورسٽي جو درجوڏنو ويو ۽ ان جو نالو ”واشنگٽن اسٽيٽ يونيورسٽي“ رکيو ويو. هن کي سهوليت خاطر صرف ”ڊبليو ايس يو“ (WSU) به سڏيندا آهن.
    آمريڪا جي نامياري تعليمي ترقي واري اداري ”ڪارنَيگِي فائونڊيشن فار ايڊوانسمنٽ آف ٽِيچِنگ“ جي هڪ سَروي موجب واشنگٽن اسٽيٽ يونيورسٽي آمريڪا جي انهن 108 يونيورسٽين ۾ شامل آهي جتي سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ ٻين سماجي علمن ۾ اعليٰ سطح جون تحقيقي سرگرميون تمام گهڻائي ۽ تيزيءَ سان ٿينديون رهن ٿيون جنهنڪري کين ”هاءِ ريسرچ ايڪٽوٽي يونيورسٽي“ جو درجو مليل آهي. هي يونيورسٽي واشنگٽن رياست جي ٻيو نمبر وڏي درسگاهه هجڻ جو اعزاز پڻ رکي ٿي، جتي اٽڪل 28 هزار شاگرد زيرِ تعليم آهن. هن يونيورسٽي ۾ ڏيهي ۽ مقامي شاگردن کان علاوه خاصو تعداد دنيا جي ٻين ملڪن کان ايندڙ انٽرنيشنل شاگردن جو پڻ شامل آهي.
    هن يونيورسٽيءَ جون ٽي ڪئمپسون واشنگٽن رياست جي مختلف ٽن شهرن ۾ آهن جيڪي واشنگٽن يونيورسٽي ”اسپوڪين“، واشنگٽن يونيورسٽي ”ٽراءِ سٽيز “ ۽ واشنگٽن يونيورسٽي ”وئنڪوور“ جي نالي سڃاتيون وڃن ٿيون. اهي ٽئي ڪئمپسون 1989ع ڌاران قائم ڪيون ويون هيون جيڪي بهترين تدريسي ۽ تحقيقي عمل جي ڪري وڏي نيڪنامي رکن ٿيون.
    2012ع ۾ هن يونيورسٽي جي هڪ ”گلوبل ڪئمپس“ به قائم ڪئي وئي آهي جيڪا انٽرنيٽ ذريعي دنيا جي هر ماڻهو لاءِ پهچ جوڳي آهي. هن گلوبل ڪئمپس ۾ انٽرنيٽ ذريعي مختلف علمن جا تدريسي ڪورس آفر ڪري آن لائين ڊگري پروگرام لاءِ تدريسي عمل ڪيو وڃي ٿو ۽ ان ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ شاگردن کي انڊر گريجوئيشن جون ڊگريون ڏنيون وڃن ٿيون. يونيورسٽي جي اهڙن پروگرامن کي ”ڊبيلو ايس يو آن لائين“ (WSU-Online) سڏين ٿا. مٿين ٽن ڪئمپسن ۽ آن لائين پروگرامن ۾ هن سال پڻ اٽڪل پنجويهن هزارن کان وڌيڪ شاگرد اعليٰ تعليم جي عمل سان فيض ياب ٿي رهيا آهن.
    واشنگٽن اسٽيٽ يونيورسٽي 12 ڪاليجن تي مشتمل آهي جيڪي هن يونيورسٽي جي فئڪلٽين جي حيثيت رکن ٿا. انهن ڪاليجن ۾ اٽڪل 65 تدريسي شعبا ۽ اسڪول آهن جن ۾ 200 کان وڌيڪ ڊسيپلينس يا شعبن ۾ تدريسي ۽ تحقيقي عمل کان پوءِ شاگردن کي سندن ڪورسن مطابق کين بيچلرس، ماسٽرس ۽ ڊاڪٽوريل ڊگريون ڏنيون وينديون آهن. انهن ڪاليجن ۾ ڪئرسن ڪاليج آف بزنس ائنڊ مئنيجمنٽ، ڪاليج آف ائگريڪلچر، هيومن ائنڊ نيچرل ريسورس سائنسز، وائلينڊ ڪاليج آف انجنيئرنگ ائنڊ آرڪيٽيڪچر، ايڊورڊ ائنڊ مرو ڪاليج آف ڪميونيڪيشن، ڪاليج آف ايجوڪيشن، ڪاليج آف ميڊيڪل سائنسز، ڪاليج آف نرسنگ، ڪاليج آف ويٽرنري ميڊسن، ڪاليج آف فارميسي، ڪاليج آف آرٽس ائنڊ سائنس ۽ ڪاليج آف ايجوڪيشن شامل آهن. انهن کان علاوه هن جو آل يونيورسٽي ”آنرس ڪاليج“، گريجوئيٽ اسڪول ۽ پرڏيهي شاگردن کي انگريزي ٻوليءَ سيکارڻ لاءِ آمريڪن انگلش لئنگويج سينٽر، ريسرچ ليبارٽريون، ايڪسيلينس سينٽر، انسٽيٽيوٽ، لئباريٽريون ۽ لائبريريون پڻ هن يونيورسٽي جي اهم تدريسي ۽ تحقيقي ادارن ۾ شامل آهن جيڪي شاگردن، استادن ۽ محققن جي علمي ڪمن ۽ سرگرمين ۾ وڏي معاونت ڪنديون رهن ٿيون.
    واشنگٽن اسٽيٽ يونيورسٽي جو ائگريڪلچر وارو شعبو گهڻو سگهارو آهي ڇاڪاڻ ته يونيورسٽي جو بنياد ئي ڪاليج آف ائگريڪلچر ۽ سائنس اسڪول تي رکيل آهي. هن جا ائگريڪلچر، فوڊ سائنس، ويٽرنري سائنس ۽ فاريسٽري وارا شعبا ريسرچ جي تدريسي ڪارڪردگي جي حوالي سان وڏي ناماچاري رکن ٿا.
    واشنگٽن رياست جي 39 ڪائونٽيز ۾ هن يونيورسٽيءَ جون آفيسون موجود آهن جن جي مدد سان مختلف شهرن ۾ ائگريڪلچر، نيچرل ريسورس مئنيجمنٽ ۽ هيومن ائنڊ لائيف اِسڪل وارن شعبن ۾ ٽريننگ پروگرام ۽ تربيتي ورڪشاپ منعقد ڪيا وڃن ٿا. يونيورسٽي سان لاڳاپيل ميوزيڪل اسڪول پڻ وڏي مقبوليت رکي ٿو، جنهن ۾ ميوزڪ ايجوڪيشن ائنڊ ڪمپوزيشن ۾ انڊر گريجوئيٽ ۽ گريجوئيٽ سطح جي تعليم ۽ سکيا ڏئي ڊگريون ڏنيون وڃن ٿيون.
    شاگردن کي مثبت سرگرمين ۾ مشغول رکڻ، يونيورسٽي جي ترقي ۽ ڀلائي وارن ڪمن ۾ سندن شموليت کي يقيني بڻائڻ لاءِ يونيورسٽي ۾ ”اسٽوڊنٽ گورنمنٽ“ قائم ڪئي وئي آهي جنهن ۾ شاگردن جي ڀلائي واريون ٻه تنظيمون جهڙوڪ 1915ع ۾ وجود ۾ آيل ”ايسوسيئٽيڊ اسٽوڊنٽس آف واشنگٽن اسٽيٽ يونيورسٽي“ ۽ 1970 ۾ قائم ٿيل ”گريجوئيٽ پروفيشنل اسٽوڊنٽس ايسوسيئشن“ اليڪشن ذريعي ڪاميابي ماڻي اقتدار ۾ اچي يونيورسٽيءَ اندر آمريڪي حڪومت جهڙو سيٽ اپ جوڙي تعليم جي ترقي ۽ شاگردن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪنديون آهن. انهن کان علاوه ٻيون تنطيمون جهڙوڪ اسٽوڊنٽس انٽرٽينمنٽ بورڊ، اسٽوڊنٽس بوڪ ڪارپوريشن، ريزيڊنشنل اسٽوڊنٽس ايسوسيئشن، اسٽوڊنٽس ليگل سروس، انٽرنيشنل اسٽوڊنٽس ڪائونسل وغيره پڻ يونيورسٽي جي شاگردن جي ڀلائي لاءَ ڪم ڪنديون رهن ٿيون.
    واشنگٽن رياست ۾ اعليٰ تعليم جا ٻيا به اٽڪل 40 کن سرڪاري ۽ خانگي درسگاهه موجود آهن پر خاص طور تي هتان جون ويسٽرن واشنگٽن يونيورسٽي، ايسٽرن واشنگٽن يونيورسٽي، سينٽرل واشنگٽن يونيورسٽي، يونيورسٽي آف واشنگٽن، ۽ واشنگٽن اسٽيٽ يونيورسٽي سائنس، ٽيڪنالاجي، ميڊيڪل سائنس، آرٽس ۽ سوشل سائنس جي مختلف شعبن ۾ اعليٰ معيار جي پڙهائي ۽ تحقيق حوالي سان مشهور آهن.


    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 26 آگسٽ 2015ع)


    ليهاءِ يونيورسٽي

    Lehigh University

    ليهاءِ يونيورسٽي

    هڪ حسين واديءَ جي شاندار درسگاهه

    آمريڪا جي هڪ خوبصورت ماٿري ”ليهاءِ وَيلِي“ ۾ واقع ليهاءِ يونيورسٽيءَ کي ڏسڻ جو اتفاق به مون لاءِ ڪنهن وڏي خوشيءَ کان گهٽ نه هئو. مون کي آمريڪا ۾ آئي چار ڏينهن ٿي چڪا هئا پر اڃا تائين هتان جي ڪنهن يونيورسٽي جي درشن ڪرڻ واري خواهش پوري نه ٿي سگهي هئي. بهرحال ٽڪيساس رياست جي نامياري شهر هيوسٽن ۾ منعقد سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) جي ڪنوينشن جي پڄاڻي کان پوءِ جڏهن اسان ٽي دوست سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو سيڪريٽري ڊاڪٽر مشتاق ڦل، حيدرآباد ڊويزن جي سيڪنڊري ايجوڪيشن وارو ڊائريڪٽر سيد رسول بخش شاهه ۽ مان هيوسٽن مان هوائي جهاز رستي اڍائي ٽي ڪلاڪ سفر ڪري نيوجرسي رياست جي شهر ايڊيسن ۾ واقع پنهنجي لاڙڪاڻي واري دوست انجنيئر علي حسن ڀٽو وٽ پهتاسين ته اسان جي گهمڻ ڦرڻ جو هڪ نهايت ئي دلپذير پروگرام جڙيو جنهن ۾سرِفهرست ”ليهاءِ يونيورسٽي بيٿلحم“ جو دورو هئو، جيڪو اسان سڀني انجنيئر علي حسن ڀٽو جي اڳواڻي ۾ گڏجي ڪيوسين.
    اسان کي پنهنجي ڪار تي سوار ڪري نيوجرسي جي ”ايڊيسن ٽائون“ کان اٽڪل هڪ سئو ڪلوميٽر جو سفر طئي ڪري بيٿلحم شهر ۾ واقع ليهاءِ يونيورسٽي جي اڱڻ تي آڻيندڙ انجنيئر علي حسن ڀٽو سانا جو خزانچي ۽ سنڌ جي تعليم يافته طبقي خاص طور تي ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن، فني مهارتن ۽ هنرمنديءَ جي زيور سان آراسته سنڌي نوجوانن جي روشن مستقبل لاءِ شروع ڪيل سانا جي ئي هڪ شاندار پراجيڪٽ ”سنڌ اِسڪِلس ڊيولپمنٽ پروگرام“ (Sindh Skills Development Program) جنهن کي مختصر طرح ”ايس ايس ڊي پي“ (SSDP) سڏين ٿا، جو سرواڻ پڻ آهي. لاڙڪاڻي ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”ڪوٽ ڀٽو“ سان تعلق رکندڙ انجنيئر علي حسن ڀٽو جي جدوجهد جي اتساهيندڙ ڪهاڻي ۽ ”ايس ايس ڊي پي“ جو تفصيلي ذڪر به هيٺ هن مضمون ۾ ڪبو پر پهريان ڳالهه ڪيون ٿا ليهاءِ يونيورسٽي جي.
    ليهاءِ يونيورسٽي آمريڪا جي نامياري ريسرچ يونيورسٽي آهي جيڪا هتان جي پينسلوينيا رياست جي هڪ ننڍڙي پر خوبصورت شهر ”بيٿلحم“ ۾ واقع آهي. بيٿلحم شهر ”ليهاءِ ماٿري“ (Lehigh Valley) ۾ واقع آهي جنهن جي نسبت سان هي درسگاهه ”ليهاءِ يونيورسٽي“ جي نالي سان ڏيهان ڏيهه سڃاتي وڃي ٿي. هيءَ يونيورسٽي نيويارڪ کان اٽڪل ڏيڍ سئو ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. پينسلوينيا رياست جو خوبصورت ۽ وڏو شهر فيلڊيلفيا ليهاءِ يونيورسٽي کان اٽڪل 112 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي.
    ليهاءِ يونيورسٽي 1865ع ۾ قائم ڪئي وئي هئي. پنهنجي قيام کان وٺي اڄ تائين هن يونيورسٽي آمريڪا سميت دنيا جي ڪيترن ئي نوجوانن کي جديد علم ۽ شعور جي زيور سان آراستا ڪيو آهي. هن يونيورسٽي جي کوڙ سارن استادن، شاگردن ۽ محققن مختلف وقتن تي پنهنجي بهترين تعليمي ۽ تحقيقي ڪارڪردگيءَ جي عيوض دنيا جا اعليٰ انعام جهڙوڪ نوبيل پرائيز، پلزر پرائيز ۽ فلبرائيٽ فيلوشپ ايوارڊ حاصل ڪرڻ سان گڏ دنيا جي ناميارن ادارن جهڙوڪ نيشنل اڪيڊمي آف سائنس ۽ آمريڪن اڪيڊمي آف آرٽ ۽ سائنس ۾ ميمبرشپ جو اعزازَ به حاصل ڪيا آهن.
    ليهاءِ يونيورسٽي جي اهميت جو اندازو هن ڳالهه مان به لڳائي سگهجي ٿو ته هن يونيورسٽي جا ڪيترا ئي اڳوڻا شاگرد مختلف شعبن ۾ خاص مقام تي پهچي دنيا جا اهم شخص بڻجي ويا آهن. يونيورسٽي جي اهڙن اڳوڻن شاگردن ۾ ٿائيلينڊ جو اڳوڻو ڊپٽي پرائيم منسٽر پونگپل ايڊائيريڪسرن، سعودي عرب جو اڳوڻو پيٽروليم ۽ مِنرل ريسورسز جو وزير علي الناعمي، يونائٽيڊ اسٽيٽس جي ڪانگريس جا اڳوڻا ميمبر وليم ڊئوڊ بلئڪسلي ايني، ڪارريل بينسن، انڊيا ۾ يونائيٽيڊ اسٽيٽس جو اڳوڻو سفير رچرڊ راهول شرما، آمريڪا جي ڪنيڪٽيڪٽ رياست جو اڳوڻو گورنر رابرٽ هرلي، نيو جرسي رياست جواڳوڻو سينيٽر رابرٽ مارٽن، يونائيٽيڊ اسٽيٽس جو عمان ۾ اڳوڻو سفير رچرڊ شميرر سميت سائنس، ٽيڪنالاجي، بزنس ۽ ميڊيڪل سائنس جي شعبن جون ڪي ئي نامياريون شخصيتون هن يونيورسٽي ۾ شاگرديءَ جو اعزاز حاصل ڪري چڪيون آهن.
    ليهاءِ يونيورسٽي جيڪا اڄڪلهه خانگي شعبي جي ناليواري ريسرچ يونيورسٽي ليکي وڃي ٿي تنهن جو بانيڪار هڪ اهڙو شخص آهي جنهن پنهنجي ڪيرئير جي شروعات هڪ ڊکڻ جي حيثيت سان ڪئي هئي. شروعات ۾ هو نيويارڪ شهر ۽ پينسلوينيا جي ”اسپرنگوائيل“ شهر ۾ ڊکاڻڪي دوڪان تي ڪم ڪندو هو پر سخت محنت ۽ جانفشاني کان ڪم وٺندي هو پينسلوينيا اسٽيٽ جو وڏو تاجر، سياسي، سماجي اڳواڻ ۽ ريل روڊ ڪنسٽرڪشن ڪمپنيءَ جو مالڪ بڻجي ويو هو. هن پنهنجي انهي سموري حاصلات ۽ ملڪيت جي ڪجهه حصي کي قومي ڪارج لاءِ خرچ ڪرڻ جي خيال سان 1965ع ۾ ليهاءِ ويلي جي شهر بيٿلحم ۾ ليهاءِ يونيورسٽي قائم ڪئي. ليهاءِ يونيورسٽي جي انهي عظيم بانيءَ جو نالو ”اسا پئڪر“ (Asa Packer) آهي.
    ليهاءِ يونيورسٽي اڄڪلهه ٽن ڪئمپسن تي مشتمل آهي، جيڪي ساوڪ سان سينگاريل ۽ لينڊ اسڪيپ تي جڙيل فنِ تعمير جو اعليٰ نمونو بڻيل آهن. ليهاءِ يونيورسٽيءَ جي انهن ٽن ڪئمپسن جا نالا هن طرح آهن: اسا پئڪر ڪئمپس، مائونٽين ٽاپ ڪئمپس ۽ ميوري گُڊمين ڪئمپس.
    ليهاءِ يونيورسٽي ۾ چار ڪاليج آهن جيڪي هن يونيورسٽي جي فئڪلٽين جي حيثيت رکن ٿا. جهڙوڪ؛ پِي سِي روزن ڪاليج آف انجنيئرنگ ائنڊ اپلائيڊ سائنس، ڪاليج آف آرٽس ائنڊ سائنس، دِي ڪاليج آف بزنس ائنڊ ايڪنامڪس ۽ ڪاليج آف ايجوڪيشن.
    ليهاءِ يونيورسٽيءَ ۾ جيڪي خاص تدريسي ۽ تحقيقي شعبا آهن انهن ۾ بايولاجيڪل سائنسز، ڪيميڪل ائنڊ بايوماليڪيولر انجنيئرنگ، سِوِل ائنڊ انوائرنمنٽل انجنيئرنگ، اڪائونٽنگ، آرٽ آرڪيٽيڪچر ائنڊ ڊزائين، اليڪٽيڪل ائنڊ ڪمپيوٽر سائنس، انڊسٽريل ائنڊ سسٽمس انجنيئرنگ، انسٽرڪشنل ٽيڪنالاجي، مٽيريل سائنس ائنڊ انجنيئرنگ، ارٿ ائنڊ انوائرنمنٽل سائنسز، ڪائونسلنگ سائيڪالاجي، ايڪنامڪس، انگلش، جرنلزم ائنڊ ڪميونيڪيشن، انٽرنيشنل رليشنس، ڪيميسٽري، فئنانس، مئنيجمنٽ، مارڪيٽنگ، هسٽري، فلاسافي، ميوزڪ، ماڊرن لئنگوجز ائنڊ لٽريچرس، فزڪس، پوليٽيڪل سائنس، ٿيٽر، ٽيچر ايجوڪيشن، اسپيشل ايجوڪيشن، اسڪول سائڪالاجي ۽ سوشالاجي ائنڊ ائنٿرپالاجي وغيره شامل آهن. مٿين تدريسي ۽ تحقيقي شعبن ۾ ڪامياب شاگردن کي بيچلرس، ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊيءَ جي ڊگرين ۽ اعزازن سان نوازيو ويندو آهي.
    ليهاءِ يونيورسٽي ۾ پڙهائي جي اعليٰ انتظامن کان علاوه شاگردن جي تفريح، ذهني ۽ جسماني نشونما وارين سرگرمين جو پڻ بهترين بندوبست ٿيل آهي. ائٿليٽڪس ۽ ٻين راندين وارين سرگرمين ۾ هن يونيورسٽيءَ جون ٽيمون وڏي نيڪنامي رکن ٿيون. يونيورسٽي جي ائٿليٽڪس واري ٽيم ”دِي مائونٽين هاڪس“ جي نالي سان سڏجي ٿي. هي يونيورسٽي آمريڪن اسپورٽس واري نامياري تنظيم ”پيٽرياٽ ليگ“ جي ميمبر پڻ آهي. هن يونيورسٽي جا شاگرد”نيشنل فوٽ بال ليگ“، ”ميجر ليگ بيس بال“، ”ميجر ليگ ساسر“ ۽ ”نيشنل باسڪيٽ بال ايسوسيئيشن“ ۾ پروفيشنل ڪيريئر رانديگرن جي حيثيت سان شامل ٿيندا رهيا آهن ۽ اولمپڪ راندين ۾ پڻ پنهنجي ملڪ لاءِ گولڊ ميڊلس ماڻيندا رهيا آهن.
    انهيءَ کان علاوه ليهاءِ يونيورسٽي جون لائبريريون، لئباريٽريون ريسرچ سينٽر، پبشلنگ پريس، اپسورٽس گرائونڊس، ميوزمس ۽ جيمناسٽڪس جا اسپاٽ هن يونيورسٽي کي هڪ اهم حيثيت بخشين ٿا. هن يونيورسٽي ۾ شاگردن جي رهائش لاءِ اٽڪل 14 آرمده هاسٽلون پڻ موجود آهن جتي ٻاهر کان ايندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون رهن ٿيون.
    ليهاءِ يونيورسٽي جي انهي احوال کان پوءِ ٿورو ذڪر ”ايس ايس ڊي پي“ يعني ”سنڌ اسڪل ڊيولپمنٽ پروگرام“ جو ڪريون ٿا، ممڪن آهي ته ليهاءِ يونيورسٽي سميت دنيا جي ڪنهن به تعليمي اداري يا سنڌ جي درسگاهن مان اعليٰ تعليم حاصل ڪيل ڪو سنڌي نوجوان ان مان به مستفيض ٿي سگهي.
    ”ايس ايس ڊي پي“ نالي وارو هي پروگرام سانا پاران 2013ع ۾ شروع ڪيو ويو آهي. هن پروگرام تحت تعليمي ادارن مان تازو ئي گريجوئيشن ڪندڙ سنڌي نوجوانن کي ايس ڊي پي جي ماهرن جي ٽيم آن لائين سهوليت ذريعي پنهنجي ملڪ سميت دنيا جي جاب مارڪيٽ ۾ متعارف ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ان حوالي سان نوجوانن کي انٽرنيشنل جاب مارڪيٽ جي رجحانن بابت آگاهه به ڪيو ويندو آهي ته کين انٽرويو لاءِ پڻ تياري ڪرائي کين لاڳاپيل شعبي ۾ متعارف به ڪرايو ويندو آهي ۽ ڪاميابي ماڻيندڙ نوجوان کي ٻاهرين ملڪن ۾ سيٽ ٿيڻ ۾ پڻ مدد ڪئي ويندي آهي. هن پروگرام جي مدد سان اڄ تائين ڪيترا ئي سنڌي نوجوان مڊل ايسٽ جي ملڪن توڙي يورپ، آمريڪا، ڪئناڊا ۽ آسٽريليا ۾ روزگار سان لڳي چڪا آهن.
    ايس ڊي پي جي آفيس آمريڪا کان علاوه هتي حيدرآباد ۾ پڻ قائم ڪئي وئي آهي جيڪا گريجوئيٽ نوجوانن جي رهنمائي ڪندي رهي ٿي. هن پروگرام جو سرواڻ آمريڪا م رهائش پذير انجنيئر علي حسن ڀٽو آهي. علي حسن ڀٽو جيڪو لاڙڪاڻي جي هڪ محنتڪش گهراڻي سان تعلق رکي ٿو، تنهن پرائمري تعليم لاڙڪاڻي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”ڪوٽ ڀٽو“ مان ۽ سيڪنڊري تعليم ”بنگل ديري“ جي هاءِ اسڪول مان حاصل ڪئي. انٽرميڊيئيٽ ٽنڊوڄام جي ڪاليج مان پاس ڪري مهراڻ يونيورسٽي مان اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ۾ گريجوئيشن حاصل ڪئي. تنهن کان پوءِ سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف شهرن ۾ نوڪريون ڪندو وڃي سعودي عرب پهتو. اتي پڻ هن اليڪٽريڪل انجنيئر جي نوڪري حاصل ڪئي. سعودي عرب ۾ پڻ هن سنڌي نوجوانن کي نوڪري سان لڳائڻ لاءِ سندن ڪائونسلنگ ڪئي ۽ اتي ”سنڌي ايسوسيئيشن آف گلف ريجن“ (ساگر) جي نالي سان هڪ ڪيريئر ڪائونسلگ جي تنطيم ٺاهي ڪيترن ئي پڙهيل لکيل ۽ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن ۾ گريجوئيشن ڪيل سنڌي نوجوانن کي مختلف ملڪن ۾ جاب حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. اڄڪلهه هو آمريڪا ۾ مستقل رهائش پذير آهي ۽ اتان جي هڪ اليڪٽريڪل ڪمپني ”پي پي ايل“ ۾ چيف انجنئير هجڻ سان گڏ سنڌي نوجوانن جي ڪيريئر بلڊنگ لاءِ ”ايس ايس ڊي پي“ ۾ رضاڪارانه طور تي خدمتون به سرِ انجام ڏئي رهيو آهي. بهرحال قومي جذبي سان سرشار اهي تنظيمنون ۽ ڪردار ته پنهنجو فرض نڀائيندا اچن ٿا پر نوجوانن وٽ ڪاميابي ماڻڻ لاءِ بهترين اعليٰ تعليم، ايمانداري ۽ محنت جي جذبي جو هجڻ به تمام ضروري آهي.
    ليهاءِ يونيورسٽي ۾ دلچسپي رکندڙ دوستن لاءِ هڪ اطلاع هي به آهي ته هيءَ يونيورسٽي آمريڪا واري بيٿلحم شهر ۾ واقع آهي. ڇو ته ”بيٿلحم“ جي نالي سان دنيا ۾ ٽي شهر موجود آهن، هڪ فلسطين ۾ جنهن کي ”بيتلحم“ سڏين ٿا، ساڳي نالو وارو شهر سائوٿ آفريڪا جي فري اسٽيٽ صوبي ۾ به واقع آهي جنهن کي به ”بيٿلحم“ ئي سڏيو وڃي ٿو. ٽيون ”بيٿلحم“ شهر ليهاءِ يونيورسٽي وارو آهي جيڪو آمريڪا جي رياست پينسلوينيا جي ليهاءِ ۽ نارٿمپٽن ڪائونٽيز ۾ واقع آهي. ليهاءِ يونيورسٽي هن شهر جي خاص سڃاڻپ بڻيل آهي.

    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 7 آڪٽوبر 2015ع)


    نارٿمپٽن ڪميونٽي ڪاليج

    Northampton Community College

    نارٿمپٽن ڪميونٽي ڪاليج

    جتي سنڌ جي ڳوٺن جا شاگرد پڻ پڙهن ٿا


    تازو ئي مون جڏهن آمريڪا جي پينسلوينيا رياست ۾ نارٿمپنٽن ڪميونٽي ڪاليج گهمي ڏٺو تڏهن مون کي خبر پئي ته آمريڪا ۾ ڪميونٽي ڪاليجز جو هڪ وڏو نيٽ ورڪ موجود آهي جنهن جي ذريعي هن قسم جا ڪميونٽي ڪاليج جن جو تعداد 1200 کن آهي، نه رڳو آمريڪا جي نوجوانن جي جنرل ۽ پروفيشنل تعليم ۽ تربيت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن پر سنڌ سميت دنيا جي ٻين ملڪن ۽ علائقن جا نوجوان شاگرد پڻ وڏي تعداد ۾هتي پهچي هتان جي معياري تعليم ۽ تربيت جي سهوليتن مان فيضياب ٿين ٿا.
    آمريڪا جي ڪميونٽي ڪاليجن ۾ اچڻ جو هڪ فائدو اهو به آهي ته ڪميونٽي ڪاليجز واري تعليم آمريڪا جي يونيورسٽين ۽ انهن سان لاڳاپيل ڪاليجن مان تعليم حاصل ڪرڻ جي مقابلي ۾ سستي ۽ گهٽ خرچ واري آهي، ڇو ته ڪميونٽي ڪاليجن جي فيس ۽ ٻيو خرچ پکو يونيورسٽين جي ڪاليجن ۾ ٿيندڙ خرچ کان گهڻو گهٽ هجي ٿو پر پڙهائي جو معيار ۽ تعليمي ماحول ساڳيو ئي اعليٰ هوندو آهي. ان کان علاوه ڪميونٽي ڪاليجن ۾ آمريڪا جي مستحق شاگردن سميت ترقي پذير ملڪن جي شاگردن لاءِ پڻ بهترين اسڪالرشپس جو بندوبست به ٿيل آهي. هن مضمون ۾ هيٺ اهڙي هڪ اسڪالرشپ جي معلومات پڻ ڏنل آهي. سنڌ جا محنتي نوجوان پڻ وقتاتي ڪوشش ڪري پنهنجي صلاحيتن آڌار اهي اسڪالرشپ حاصل ڪري آمريڪا جي ڪنهن به ڪميونٽي ڪاليج مان تعليم حاصل ڪري سگهن ٿا.
    مان جڏهن ”نارٿمپٽن ڪميونٽي ڪاليج“ پهتو هيس تڏهن مون کي اتي جو تعليمي ماحول، شاگردن جون سرگرميون، ڪاليج ڪئمپس ۽ اتان جو ماحولياتي حسن ڏسي تمام گهڻو اتساهه مليو. ان وقت ته منهنجي خوشي جي حد ئي نه رهي جڏهن آمريڪا جي هن نامياري ڪميونٽي ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪندڙ سنڌ جي تاريخي شهر سن جي هڪ نوجوان رهواسي غلام نبي ڇڇر سان ملاقات ٿي. غلام نبي ڇڇر جيڪو پرائمري استاد جو پٽ آهي تنهن آمريڪا جي اسٽيٽ ڊپارٽمنٽ جي اعلانيل اسڪالرشپ حاصل ڪري آمريڪا جي هن ڪاليج ۾ پنهنجي پهچڻ جو ڏاڍو اتساهيندڙ قصو بيان ڪيو ۽ اهو به ٻڌايو ته سنڌ جا ٻيا به چار نوجوان هُن وانگر ساڳئي اسڪالرشپ حاصل ڪري ٻه مهينا کن اڳ آمريڪا ۾ پهتا آهن جن مان هڪ سنڌ جي شهر خيرپور جو وجيڪمار آهي جيڪو واشنگٽن جي ”ايڊمنڊس ڪميونٽي ڪاليج“ (Edmonds Community College, Lynwood) ۾ پڙهي رهيو آهي ۽ ٻيو ٽنڊوڄام شهر جو نوجوان جيڪمار آهي جيڪو فلوريڊيا رياست ۾ ”ميامي جي ڊئڊ ڪميونٽي ڪاليج“ (Dade Community College) ۾ بزنس ائڊمنسٽريشن جو ڪورس ڪري رهيو آهي. سنڌ جي ضلعي ٿرپارڪر جي شهر مٺيءَ جو نوجوان نرندر ڪمار سوٽهڙ پڻ ان ساڳي ئي ڪاليج ۾ زيرِتعليم آهي. انهن کان علاوه سنڌ جي هڪ ننڌڙي ڳوٺ شيخ ڀرڪيو جو نوجوان احسان ٿهيم پڻ آمريڪا جي اسٽيٽ ڊپارٽمنٽ جي اسڪالرشپ وسيلي ئي آمريڪا جي ڪئليفورنيا رياست ۾ واقع ”سئانتا روز ڪميونٽي ڪاليج“ (Santa Rose Community College) ۾ بزنس مئنيجمنٽ جي سرٽيفڪيٽ ڪورس لاءِ زير تعليم آهي. غلام نبي ڇڇر هڪ محنتڪش ۽ باصلاحيت نوجوان آهي جنهن جي جدوجهد جي اتساهيندڙ ڪهاڻي به هن مضمون ۾ هيٺ بيان ڪبي، پر پهريان اچو ته آمريڪا جي ڪميونيٽي ڪاليج سسٽم خاص طور تي نارٿمپٽن ڪميونٽي ڪاليج جو جائزو وٺون.
    نارٿمپٽن ڪميونٽي ڪاليج (Northampton Community College) 1967ع ۾ قائم ڪيو ويو جنهن جي مکيه ڪئمپس پينسلوينيا رياست جي ليهاءِ واديءَ ۾ نارٿمپٽن ڪائونٽي جي شهر نارٿمپٽن ٽائون شپ جي پسگردائي واري هڪ خوبصورت علائقي ۾ واقع آهي. هن ڪميونيٽي ڪاليج پنهنجو نالو به ”نارٿمپٽن ڪائونٽي“ کان ئي ورتو آهي جنهنڪري کيس ”نارٿمپٽن ڪميونٽي ڪاليج“ سڏيو وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح آمريڪا جا ٻيا ڪميونٽي ڪاليج مختلف نالن سان سڃاتا وڃن ٿا. حقيقت هي آهي ته هي ڪميونٽي ڪاليج پنهنجي علائقي ۾ وسندڙ ڪميونٽي جي نوجوانن جي تعليمي ۽ تربيتي ضرورتن جي پورائي لاءِ ئي هوندا آهن، جن ۾ دنيا جهان جي ٻين ملڪن جي شاگردن کي به داخلا ڏئي هنن جو اسڪوپ ۽ اهميت وڌائي کين انٽرنيشنل حيثيت جو بڻايو ويو آهي. هن وقت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا نوجوان وڏي تعداد ۾ آمريڪا جي مختلف ڪميونٽي ڪاليجن ۾ زيرِ تعليم آهن جن مان خاصو تعداد نارٿمٽن ڪميونٽي ڪاليج بيٿلحم ۾ پڻ تعليم جي بي بها زيور سان آراستا ٿي رهيو آهي.
    نارٿمٽن ڪميونٽي ڪاليج جو قيام آمريڪي حڪومت جي ان تعليمي پاليسي جو نتيجو آهي جنهن تحت هن جهڙا ٻيا 1200 ڪاليج آمريڪا جي مختلف رياستن ۾ قائم ڪيا ويا آهن، جيڪي آمريڪا جي مختلف رياستن جي ننڍن وڏن شهرن ۾ واقع آهن. هتان جو ڪو به ڪميوني ڪاليج بنيادي طور تي هائير سيڪنڊري ايجوڪيشن جو اهڙو ادارو هجي ٿو جتي ٻن سالن جي عرصي تي مشتمل ڪورس پڙهائي شاگردن کي گريجوئيشن جي تعليم لاءِ تيار ڪيووڃي ٿو. ڪجهه ڪميونٽي ڪاليجز ۾ تازو ئي چئن سالن جي گريجوئيشن جا ڪورس پڻ شروع ڪيا ويا آهن. ان کان علاوه هنن ڪاليجن ۾ ڊپلوما، ايسوسيئيٽ ڊگري ۽ سرٽيفڪيٽ ڪورسن لاءِ به داخلائون ڏنيون وڃن ٿيون جنهن ۾ ڪو به اهل شخص داخلا وٺي سگهي ٿو.
    1970ع کان پهريان هن قسم جي ڪاليجن کي ”جونيئر ڪاليج“ جي نالي سان سڏيو ويندو هو پر بعد ۾ هنن ڪاليجن جي اهميت ۽ ڪميونٽي جي نوجوانن جي تعليم ۽ تربيت ۾ سندن اهم ڪارڪردگي جي پيش نظر کين ڪميونٽي ڪاليجز جو نالو ڏنو ويو.
    نارٿمپٽن ڪميونٽي ڪاليج ”ليهاءِ ويلي“ جي نارٿمپٽن ڪائونٽي ۾ رهائش پذير ڪميونٽي سميت دنيا جي ٻين ملڪن مان ايندڙ شاگردن لاءِ اعليٰ تعليم ۽ پيشيورانه ٽرينگس جا وڏا موقعا پيدا ڪندو رهي ٿو. هن ڪاليج مان هر سال اٽڪل 35 هزار شاگرد هتان جي ”ڪريڊٽ“ ۽ ”نان ڪريڊٽ“ پرگرامن مان مستفيض ٿي سرٽيفڪيٽ ۽ ڊگريون حاصل ڪري نه رڳو پنهنجي اعليٰ تعليم لاءِ يونيورسٽين ۾ پهچن ٿا پر ڪيترا ئي شاگرد هتان حاصل ڪيل تعليم ۽ تربيت جي بنياد تي نيشنل ۽ انٽرنيشنل جاب مارڪيٽ ۾ اچي سٺي روزگار جا ذريعا به تلاش ڪري وٺن ٿا.
    نارٿمپٽن ڪميونٽي ڪاليج ۾ اٽڪل 100 کان وڌيڪ تدريسي ۽ تحقيقي ڪورسن ۾ ڊگري، ڊپلوما ۽ سرٽيفڪيٽ ڪورسن لاءِ پڙهائي وارو عمل ٿيندو رهي ٿو. هتي جا ڪجهه اهم ۽ نمايان تدريسي شعبا هن ريت آهن جهڙوڪ؛ انجنيئرنگ، بزنس مئنيجمنٽ، ميڊيا، ارلي چائيلڊ هوڊ ايجوڪيشن، ۽ پبلڪ سيڦٽي ائنڊ مئنيجمنٽ، ڪمپيوٽر انفارميشن ٽيڪنالاجي، ڪمپيوٽر مينٽيننس ائنڊ سروس ٽيڪنالاجي، اڪائوننٽنگ، ڊائگنوسٽڪ ميڊيڪل سونوگرافي، ڊينٽل هائيجن، ڪنسٽرڪشن مينيجمنٽ، ڪلنري آرٽس، آرڪيٽيڪچر، آٽوميٽو ٽيڪنالاجي، بايولاجيڪل سائنس، ڪميونيڪيشن اسٽڊيز، ڪرمنل جسٽس، اپلائيڊ سائڪولاجي، بايوٽيڪنالاجي، گرافڪ ڊزائين، ايجوڪيشن، اليڪٽرومڪينيڪل ٽيڪنالاجي، انوائنرنمنٽل سائنس، گلوبل اسٽڊيز، انگلش، ڪيميسٽري، ايمرجنسي سروس ايڊمنسٽريشن، فائين آرٽس، هاسپيٽبلٽي مئنيجمنٽ ميٽنگ ائنڊ ايوينٽ پلاننگ، مساج ٿراپي، انٽيريئر ڊزائيننگ، هسٽري، نرسنگ، پوليٽيڪل سائنس، مارڪيٽنگ، فلاسافي، ريڊيو ٽي وي ائنڊ ملٽي ميڊيا ۽ جرنلزم، ويب ڊزائينگ، ويٽرنري سائنس، سوشالاجي، اسپورٽس مئنيجمنٽ، وومين ائنڊ جينڊرس اسٽڊي وغيره قابلِ ذڪر آهن.
    نارٿمٽن ڪميونٽي ڪاليج جي وڌندڙ مقبوليت جي پيشِنظر هن ڪاليج جي هڪ ڪئمپس پينسلوينيا جي هڪ ٻي ڪائونٽي ”مونرئو“ (Moroe County) جي هڪ ننڍڙي شهر ”ٽينرسوايل“ (Tannersville) ۾ پڻ 1988ع ۾ قائم ڪئي وئي آهي جتي پڻ شاگردن جو وڏو انگ مختلف شعبن ۾ تعليم حاصل ڪري رهيو آهي.
    نارٿمٽن ڪميونٽي ڪاليج جي ٻين خوبين کان سواءِ هن جي قابل تعريف سرگرمي ”ڪميونٽي انگيجمنٽ“ آهي. هن پروگرام تحت ڪاليج جا شاگرد توڙي ٽيچنگ اسٽاف پنهنجي علائقي جي ڪميونٽي سان مددگار بڻجي انهن جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ مختلف سرگرميون ڪن ٿا جنهن سان ڪاليج جي استادن شاگردن ۽ ڪميونٽي وچ ۾ هڪ رابطو به بحال رهي ٿو ته ڪميونٽي ڪاليج پنهنجي تعليم ۽ تربيت واري عمل جو ڪارج به حاصل ڪري وٺي ٿو. آمريڪا جي ڪميونٽي ڪاليجن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان ۾ تقريبن هر سال يونائيٽيڊ اسٽيٽس ايجوڪيشن فائونڊيشن (USEFPakistan) يا وري يوايس ايڊ (USAID) طرفان اخبارن توڙي انٽرنيٽ وسيلي اسڪالرشپ جو اعلان ڪيو ويندو آهي. ان اسڪالرشپ جو نالو ”ڪميونٽي ڪاليجز انيشيٽِو“ (Community College Initiative) آهي. هن مان سنڌي نوجوان به فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا. هي اسڪالرشپ آمريڪا جي ڪميونٽي ڪاليجن مان اپلائيڊ انجنيئرنگ، بزنس مينجمنٽ ائنڊ ائڊمنسٽريشن، ميڊيا، ٽوئرازم ائنڊ هاسپيٽيبلٽي مئنيجمنٽ، پبلڪ سيفٽي (ريسڪيو، ڊزازسٽر مئنيجمنٽ سروسز) ۽ ارلي چائيلڊ هوڊ ايجوڪيشن وارن شعبن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڏني ويندي آهي. اسڪالرشپ بابت وڌيڪ معلومات انٽرنيٽ وسيلي هيٺ ڏنل ويب سائيٽ تان حاصل ڪري سگهجي ٿي جهڙوڪ
    http://www.usefpakistan.org/Programs/CommunityCollege.cfm?Tab=Programs
    نارٿمٽن ڪموينٽي ڪاليج ۾ اهڙي اسڪالرشپ تي سنڌي نوجوان غلام نبي ڇڇر پڻ ”ريڊيو ائنڊ ٽي وي پروڊڪشن“ جو هڪ سال جو ڪورس ڪري رهيو آهي. مون جڏهن هن نوجوان کان سندس ڪاميابي جو ڪهاڻي پچي ته هن ٻڌايو ته ”مان ضلعي ڄامشوري جي تعلقي سن جي مسجد اسڪول مان پرائمري تعليم حاصل ڪئي آهي جتي منهنجو والد به پرائمري استاد هيو. مان گورنمنٽ بوائز سيڪندري اسڪول سن مان مئٽرڪ ۽ انٽرميڊيئيٽ جو امتحان اي گريڊ ۾ پاس ڪري صادقين انسٽيٽيوٽ آف انفارميشن ٽيڪنالاجي ڪراچيءَ مان ”انفارميشن ٽيڪنالاجي“ مان ڊپلوما ڪئي ۽ ان کان پوءِ ڪراچي يونيورسٽي مان ماس ڪميونيڪيشن ۾ گريجوئيشن جي ڊگري حاصل ڪئي.
    آمريڪا جي هن ڪاليج ۾ پهچڻ جو قصو ۽ طريقو بيان ڪندي غلام نبي ڇڇر ٻڌايو ته ”مان هڪ ڏينهن انٽرنيٽ ذريعي ڪمپيوٽر تي آمريڪا ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي هڪ اسڪالرشپ جو اشتهار ڏٺو. اها اسڪالرشپ آمريڪا جي اسٽيٽ ڊبارٽمنٽ پاران هيو ۽ ان جو نالو ”ڪميونٽي ڪاليج اِنيشيٽو پروگرام“ (Community College Initiative Program) هيو. مون به ان اسڪالرشپ لاءِ درخواست جمع ڪئي. سڄي ملڪ مان اٽڪل هڪ هزار اميدوار هيا جن مان ڪل 76 اميدوارن کي چونڊيو ويو، جن ۾ اسان چار سنڌي نوجوان به هياسين ۽ اهڙي طرح مان نارٿمپٽن ڪميونٽي ڪاليج ۾ پهتو آهيان جتي اڄڪلهه ”ريڊيو ائنڊ ٽي وي پروڊڪشن“ جو هڪ سال جو پروفيشنل سرٽيفڪيٽ ڪورس ڪري رهيو آهيان.
    بهرحال جيڪي نوجوان آمريڪا جي ڪميونٽي ڪاليج ۾ پڙهڻ جي خواهش رکن ٿا انهن کي گهرجي ته هو غلام نبي ڇڇر وانگر انٽرنيٽ ذريعي اسڪالرشپ جي تلاش ڪندا رهن ۽ ان سان گڏ پنهنجي سبيجڪٽن ۾ سٺي ڄاڻ حاصل ڪرڻ سان گڏ انگريزي ٻولي جي مهارت به حاصل ڪن ته جيئن اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ ٽيسٽ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ڪميونٽي ڪاليج ۾ داخلا حاصل ڪرڻ ۾ سوڀارو ٿي سگهجي.

    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 4 نومبر 2015ع)


    ٽيڪساس يونيورسٽي

    University of Texas

    ٽيڪساس يونيورسٽي

    جتي 50 هزار شاگرد پڙهن ٿا

    ٽيڪساس يونيورسٽي تي لکڻ لاءِ مان جڏهن هن درسگاهه بابت حقيقتون ڳولهي رهيو هيس ته هن يونيورسٽي جي هڪ شاگردياڻي جي حوالي سان تازو عالمي ميڊيا ۾ آيل هڪڙي خبر پڙهي مون کي کوڙ سارو اتساهه به مليو ته تعجب به ٿيو. خبر هيءَ هئي ته ڏهين جولاءِ تي آمريڪي صدر بارڪ اوباما جڏهن پنهنجي سرڪاري دوري جي سلسلي ۾ آمريڪا جي رياست ٽيڪساس جي شهر آسٽن ۾ پهتو جتي ٽيڪساس يونيورسٽي به واقع آهي، اتي هن آسٽن شهر ۾ سندس تقرير لاءِ مخصوص ٿيل اٽڪل هڪ صدي پراڻي ”پئرامائونٽ ٿيٽر“ جي پنڊال ۾ وڃڻ کان پهريائين اتان جي هڪ هوٽل ”منگوليا ريسٽورينٽ“ ۾ پهچي اتي ٽيڪساس يونيورسٽي جي هڪ شاگردياڻي ”ڪينسي بٽن“ سان ملاقات ڪئي، ان کان حال احوال ورتا ۽ ان سان گڏ ڪافي جو ڪپ پڻ پيتو.
    اهو واقعو نه رڳو ٽيڪساس جي هن شاگردياڻي لاءِ اتساهيندڙ هيو جو سندس ملڪ جي صدر سندس هڪڙي خط جي عيوض ساڻس ملاقات ڪئي پر اسان جهڙي ملڪ جي ماڻهن لاءِ اها ڳالهه تعجب ۾ وجهندڙ آهي ڇو ته اسان وٽ ڪنهن به حڪمران پاران ڪنهن عام ماڻهو سان ائين ملي ۽ سندس ڏک سور ٻڌڻ ناممڪن آهي جنهن لاءِ يونيورسٽي جو شاگرد ته تصور به نٿو ڪري سگهي.
    قصو هيئن آهي ته ٽيڪساس يونيورسٽي جي هن شاگردياڻي صدر اوباما کي خط لکيو هيو ته سندس والدين بي روزگار هجڻ ڪري پريشان آهن. اهو خط جڏهن صدر پڙهيو ته هن کين نه رڳو روزگار سان لڳائڻ ۾ مدد ڪئي پر جڏهن هو ٽيڪساس ۾ آيو ته هن شاگردياڻي جي همٿ افزائي ۽ دلجوئي لاءِ ساڻس ملاقات به ڪئي ۽ هڪ عام ماڻهوءَ جيان هڪ ننڍڙي ريسٽورنٽ ۾ ويهي هن سان گڏ ڪافي به پيتي.
    والدين لاءِ فڪرمند رهندڙ ان شاگردياڻي ”ڪينسي بٽن“ ۽ هن کان اڳ پڙهي نڪتل دنيا جي ٻين مشهور شخصيتن جي مادر علمي يونيورسٽي آف ٽيڪساس جي تاريخي حقيقت ۽ سندس نمايان تدريسي ۽ تحقيقي ڪارڪردگي جو سرسري جائزو به دلچسپي کان خالي نه آهي جيڪو هن طرح آهي.
    يونيورسٽي آف ٽيڪساس، آمريڪا جي رياست ٽيڪساس جي خوبصورت شهر آسٽن ۾ واقع آهي. هن درسگاهه کي عام طور تي ٽيڪساس يونيورسٽي يا صرف ”يو ٽي“ پڻ سڏيو ويندو آهي. آسٽن شهر واري هن يونيورسٽيءَ جي ڪئمپس نه رڳو ”ٽيڪساس يونيورسٽي سسٽم“ جو حصو آهي پر هيءَ فلئگشپ ڪئمپس پڻ آهي. ”ٽيڪساس يونيورسٽي سسٽم“ جي نالي سان ٽيڪساس جو هي اعليٰ درسگاهه 1883ع ۾ قائم ڪيوويو هيو.
    سرڪاري سرپرستيءَ هيٺ هلندڙ هيءَ يونيورسٽي ٽيڪساس سان گڏ آمريڪا جي ٻين رياستن ۽ دنيا جي ٻين ملڪن مان ايندڙ نوجوانن کي علم ۽ شعور جي زيور سان آراسته ڪندي رهي ٿي. ٽيڪساس يونيورسٽي جي آسٽن شهر واري ڪئمپس آمريڪا جي پنجون نمبر وڏي يونيورسٽي ڪئمپس ليکي وڃي ٿي جٿي اٽڪل 50 هزار شاگرد 24 هزار استادن، انتظامي ۽ مددي عملي جي رهنمائي ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن.
    ٽيڪساسس يونيورسٽي جي سٺي تحقيقي ۽ تدريسي ڪارڪردگيءَ جي پيش نظر هن کي 1929ع ۾ ”آمريڪن ايسوسيئيشن آف يونيورسٽيز“ جو ميمبر بڻايو ويو. هي ايسوسيئيشن آمريڪا ۽ ڪئناڊا جي 62 معياري يونيورسٽين جو هڪ گڏيل پليٽفارم آهي جنهن جي بنياد ته هن جون ميمبر يونيورسٽيون هڪ ٻئي سان تحقيقن، دريافتن، پراجيڪٽن ۽ تدريسي سرگرمين ۾ سهڪاري ٿينديون آهن.
    ٽيڪساس يونيورسٽي کي ”پبلڪ آئوِيز“ (Public Ivies) جي ميمبر هجڻ جو اعزاز پڻ آهي. ”پبلڪ آئويز“ آمريڪا جي اهڙين معياري تعليمي ادارن کي سڏجي ٿو جيڪي آمريڪا جي هڪ ٻئي اداري ”آئوِي ليگ“ جي ميمبر تعليمي ادارن سان پڙهائي، تحقيق ۽ راندين وارين سرگرمين واري حوالي سان مقابلو ڪري سگهندا هجن. اهي ٻئي، يعني ”پبلڪ آئويز“ ۽ ”آئوي ليگ“ (Ivy League) آمريڪا جي سڀ کان وڌيڪ معياري يونيورسٽين ۽ ٻين درسگاهن جي شناخت بڻيل آهن.
    حقيقت ۾ ”پبلڪ آئويز“ وارو اصطلاح تڏهن مشهور ٿيو جڏهن هڪ تعليم دوست شخصيت ”رچرڊ مول“ جيڪو يئل يونيورسٽي، بائوڊين ڪاليج يونيورسٽي آف ڪئليفورنيا سانتا ڪروز ۽ واسر ڪاليج جو ڊائريڪٽر ايڊميشنس طور خدمتون سر انجام ڏيندو هيو، تنهن آمريڪا جي ڪيترين ئي تعليمي ادارن جو دورو ڪري انهن مان معياري ادارن جي ڪٿ ڪري 1985ع ۾ هڪ ڪتاب ” Public Ivies: A guide to best public colleges and universities“ لکيو هيو.
    بهرحال ٽيڪساس يونيورسٽي آسٽن، آمريڪا جي اها نامياري يونيورسٽي آهي جتي تعليم حاصل ڪندڙ نوجوانن کي پنهنجو مستقبل چوڏهينءَ جي چنڊ جيان روشن ۽ شاندار نطر ايندو آهي. هن يونيورسٽي جي تاريخي حقيقيت ۽ سندس موجوده صورتحال هيٺينءَ ريت آهي.
    ٽيڪساس رياست اڃا جڏهن آمريڪا جو حصو ڪو نه بڻي هئي ۽ اها اڃا ميڪسيڪو ملڪ جو علائقو ئي هئي تڏهن 1927ع ۾ ميڪسيڪو جي قانون ساز اسيمبلي ٽيڪساس ۾ اعليٰ تعليم جي سهوليتن جي پورائي لاءِ اتي هڪ يونيورسٽي ٺاهڻ جو ٺهراءُ پاس ڪيو هيو پر ان تي عملي طور تي ڪا پيش رفت ڪونه ٿي هئي ۽ اهو ٺهراءُ ڪاغذن جو ئي حصو بڻيو رهيو. بهرحال 1836ع ۾ ٽيڪساس ميڪسيڪو کان علحدگي اختيار ڪري هڪ آزاد رياست بڻيو ۽ پوءِ 1845ع ۾ ٽيڪساس آمريڪا سان الحاق ۾ اچي ان جي هڪ رياست بڻيو.
    آمريڪا جي رياست بڻجڻ کان پوءِ حڪومت پاران ڪوششون ورتيون ويون ته جيئن هتي ٽيڪساس يونيورسٽي جي نالي سان هڪ اعليٰ درسگاهه قائم ڪجي. انهيءَ رٿ کي سنجيندگيءَ سان عملي جامو پارائڻ لاءِ 1881ع کان تڪڙيون ڪوششون وٺي ٽيڪساس جي سڀ کان وڏي ۽ گادي واري شهر آسٽن کي چونڊيو ويو جتي يونيورسٽي جي عمارتن جو ڪم تيزي سان شروع ڪيو ويو ۽ آخرڪار ٽيڪساس رياست جي تاريخ ۾ اهو مبارڪ ۽ سدورو ڏينهن آيو جڏهن ٽيڪساس يونيورسٽي جڙي راس ٿي شاگردن جي تعليم ۽ تربيت لاءِ 15 سيپٽمبر 1883ع تي پنهنجا دروازا کوليا.
    شروعات ۾ آسٽن واري شهر ۾ صرف 40 ايڪڙن تي قائم ٿيندڙ هيءَ يونيورسٽي اڄڪلهه اٽڪل 1500 ايڪڙن تي ڦهلجي چڪي آهي. هن جي مکيه ڪئمپس آسٽن جي مرڪزي علائقي ۾ آهي جيڪا ڏيڍ سئو عمارتن تي مشتمل آهي. يونيورسٽي جي ٻي ڪئمپس جيڪا ”جَي جَي پِڪل ريسرچ ڪئمپس“ سڏجي ٿي سا اتر آسٽن ۾ واقع آهي ۽ هن يونيورسٽي جون ڪجهه ٻيون ملڪتيون ۽ حصا ٽيڪساس جي ٻين شهرن ۾ واقع آهن.
    ٽيڪساس يونيورسٽي ۾ ڪل 18 ڪاليج ۽ اسڪول آهن جن ۾ 100 کان وڌيڪ تدريسي ۽ تحقيقي شعبا آهن جيڪي هر سال مختلف ڊگرين لاءِ ڪورس متعارف ڪرائيندا رهن ٿا. ان کان علاوه هن يونيورسٽيءَ جي سائنس، آرٽس، انجنيئرنگ، لائيف سائنس ۽ ڪلچر متعلق ستن ميوزمن، 17 لائبريرين ۽ وڏي تعداد ۾ ريسرچ لئبارٽرين کان علاوه به ڪي ئي ٻيون سهوليتون موجود آهن جيڪي شاگردن جي تعليم ۽ تحقيق واري حوالي سان سندن وڏي معاونت ڪنديون رهن ٿيون.
    ٽيڪساس يونيورسٽي جا ڪاليج ۽ اسڪول هن ريت آهن، جهڙوڪ؛ ڪاليج آف فارميسي، ڪاليج آف نيچرل سائنسز، ڪاليج آف ايجوڪيشن، ڪاليج آف ڪميونيڪيشن، ڪاليج آف لبرل آرٽس، ڪاليج آف فائين آرٽس، ڪاڪريل اسڪول آف انجنيئرنگ، ڊيل ميڊيڪل اسڪول، مئڪومڪس اسڪول آف بزنس، جيڪسن اسڪول آف جيو سائنسز، اسڪول آف پبلڪ افيئرس، اسڪول آف آرڪيٽيڪچر، اسڪول آف انفارميشن، اسڪول آف نرسنگ، اسڪول آف سوشل ورڪس ۽ اسڪول آف انڊرگريجوئيٽ اسٽڊي وغيره.
    ٽيڪساس يونيورسٽي پنهنجي انهن مٿي ڄاڻايل ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ واقع هڪ سئو کان وڌيڪ جديد علمن جي شعبن ۾ هر سال هڪ انڊرگريجوئيٽ ۽ 170 گريجوئيٽ پروگرامن ۾ شاگردن کي داخلائون ڏيندي آهي. سال 10-2009ع ۾ ٽيڪساس يونيورسٽيءَ مختلف تدريسي شعبن جون اٽڪل ساڍا تيرهن هزار ڊگريون جاري ڪيون جن ۾ 67 سيڪڙو بيچلر، 22 سيڪڙو ماسٽرس، 7 سيڪڙو ڊاڪٽوريٽ ۽ 4 سيڪڙو پروفيشنل ڊگريون هيون.
    ٽيڪساس يونيورسٽيءَ مان ڪي ئي اهڙا شاگرد پڙهي نڪتا آهن جن عملي زندگيءَ ۾ پير پائي پنهنجي علم، ڄاڻ، فهم ۽ فراست جي بنياد تي معاشري جي مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي جي عيوض نه رڳو سماج جي ڀلائي ۽ ترقيءَ ۾ پنهنجو ڀرپور حصو ڳنڍيو آهي پر پنهنجين انهن خدمتن جي اعتراف ۾ عالمي ادارن جا ايوراڊ به ماڻيا آهن. هن يونيورسٽي سان لاڳاپيل اهڙن شخصيتن مان ڏهن ڄڻن نوبيل انعام ۽ ڪيترن ئي پلزر پرائيز، نيشنل ميڊلس آف ٽيڪنالاجي ۽ نيشنل ميڊلس آف سائنس حاصل ڪيا آهن. هن يونيورسٽي جي اڳوڻن شاگردن ۾ چنڊ تي پهچندڙ چوٿون خلاباز الن بين، آمريڪا جي اڳوڻي صدر جارج ڊبيلو بش جي گهر واري لارا بش ۽ سندس ڌيءَ جينا بش، آمريڪا جي هڪ ٻئي اڳوڻي صدرليڊن بي جانسن جي گهرواري ليڊي برڊ جانسن ۽ سندس ڌيءُ لينڊا، پيرو جو اڳوڻو صدر فردنندو بيلندي پيري ايران جو اڳوڻو دفاعي وزير مصطفيٰ چمرن، فلسطين نيشنل اٿارٽي جو اڳوڻو وزير اعظم سلام فياد سميت مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ڪي ئي ٻيون نامياريون شخصيتون شامل آهن.
    اهو ممڪن آهي ته اوهان کي به ڪڏهن ٽيڪساس يونيورسٽيءَ ۾ وڃڻ جو اتفاق ٿئي تنهنڪري ان يونيورسٽي سان گڏ ان جي شهر آسٽن ۽ رياست ٽيڪساس جو به سرسري جائزو هيٺيئن ريت پيش ڪجي ٿو.
    ٽيڪساس، ايراضي ۽ آبادي جي حوالي سان آمريڪا جي ٻيو نمبر وڏي رياست آهي. جڏهن ته الاسڪا ايراضي جي لحاظ کان آمريڪا جي پهريون نمبر وڏي رياست ۽ ڪئليفورنيا آباديءَ جي لحاظ کان آمريڪا جي سڀ کان وڏي رياست آهي. جيتوڻيڪ ٽيڪساس ايراضي ۾ الاسڪا جي ڪل چاليهه سيڪڙو جيتري آهي پر هي آمريڪا جي ٻيو نمبر وڏي رياست آهي. ٽيڪساس رياست يونائيٽڊ اسٽيٽ آف آمريڪا جي ڏاکڻي مرڪزي حصي ۾ واقع آهي. هن رياست جو سڀ کان وڏو شهر هوسٽن آهي جنهن کي آمريڪا جو چوٿون نمبر وڏو شهر پڻ ليکيو وڃي ٿو.
    آسٽن شهر جتان جي ٽيڪساس يونيورسٽي جو ذڪر هن مضمون ۾ مٿي ٿي چڪو آهي سو ٽيڪساس رياست جو گادي وارو شهر آهي. هي شهر ٽيڪساس جو چوٿو نمبر ۽ آمريڪا جو يارهون نمبر وڏو شهر آهي.
    هونئن ته ٽيڪساس رياست ۽ آسٽن شهر جا ٻيا به کوڙ سارا حوالا آهن جيڪي دنيا جي سياحن کي هيڏانهن ڇڪي ايندا آهن پر هنن جو هڪ مضبوط حوالو ٽيڪساس يونيورسٽي آهي جيڪو علم جي آسائتن کي پاڻ ڏانهن متوجه ڪندو رهي ٿو. اهو به ممڪن آهي ته هن تعارفي مضمون پڙهڻ کان پوءِ سنڌ جو ڪو نوجوان ٽيڪساس يونيورسٽي جي علم جا جلوا پسڻ لاءِ ڪڏهن آسٽن ڏانهن اسهي پئي.


    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 6 آگسٽ 2014ع)


    ڪئناڊا جون يونيورسٽيون

    يونيورسٽي آف ٽورنٽو

    University of Toronto, Canada

    يونيورسٽي آف ٽورنٽو

    جنهن جا 14 اڳوڻا شاگرد وزيراعظم ٿيا


    ڪئناڊا جي ٽورنٽو شهر ۾ پنهنجي ٻارن ٻچن سان مستقل طور رهندڙ ڏوڪري تعلقي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ٻلهڙيجي سان تعلق رکندڙ منهنجي شاگرد دوست ۽ سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا، ٽورنٽو جي نائب صدر ڊاڪٽر راشد پيرزادي جڏهن فون تي ڳالهه ٻولهه دوران مون کي اهو ٻڌايو ته هو ڪجهه ڏينهن لاءِ ڳوٺ پيو اچي ته مان کيس لاڙڪاڻي اچڻ جي دعوت ڏيندي چيو هو ته هو پنهنجي انهيءَ دوري دوران ٿورو وقت منهنجي اداري ناليج سينٽر لاءِ به ڪڍي ۽ هتي پڙهندڙ شاگردن کي به پنهنجي زندگيءَ جي جدوجهد، ڪاميابين ۽ حاصلاتن سان گڏ ڪئناڊا ۾ تعليم ۽ روزگار جي موقعن بابت آگاهه ڪري ۽ اڳتي وڌڻ جو اتساهه ڏئي. جڏهن هو گذريل سال ڊسمبر واري مهيني ۾ هتي آيو ته ناليج سينٽر ۾ شاگردن سان به مخاطب ٿيو ۽ مون سان به ڪئناڊا ۽ اتي جي تعليم جي حوالي سان تفصيلي حالي حوالي ٿيو. ڊاڪٽر راشد سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام مان اينيمل هسبنڊري ائنڊ ويٽرنري سائنس ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي. هو اتي اسان جي سٺن شاگردن ۾ شامل هئو. بعد ۾ پاڪستان حڪومت جي مئرٽ اسڪالرشپ حاصل ڪري برطانيا جي نارٿ وئلز يونيورسٽي بئنگر مان پي ايڇ ڊي ڪري واپس اچي ڪجهه وقت پاڪستان ۾ نوڪري ڪيائين ۽ پوءِ اڄ کان ڏهه سال اڳ هو ڪئناڊا هليو ويو. ڪجهه عرصو آمريڪا جي فلوريڊا رياست جي شهر ٽيمپا جي اينيمل هاسپيٽل ۾ به نوڪري ڪيائين. ڊاڪٽر راشد پيرزادو اڄڪلهه ڪئناڊا جي صوبي اونٽاريو جي گادي واري شهر ٽورنٽو ۾ مستقل طور پنهنجي جانورن جي اسپتال هلائي ٿو ۽ هو اتان جو پهريون ڪامياب سنڌي ويٽرنري ڊاڪٽر آهي.
    ڪئناڊا جي شهر ٽورنٽو جو هڪ خاص حوالو يونيورسٽي آف ٽورنٽو پڻ آهي جيڪا گذريل پوڻِيُن ٻن صدين کان تعليم ۽ تحقيق ذريعي ڪئناڊا جي ترقيءَ ۽ نيڪناميءَ ۾ اضافو ڪندي رهي آهي. ٽورنٽو يونيورسٽي تعليم، تحقيق ۽ ان عمل مان حاصل ٿيندڙ پيداوار ۽ ڪمرشل خدمتن جي عيوض حاصل ڪيل ناڻي مان پنهنجي ملڪ جي معيشت ۾ هر سال 16 ارب ڊالرن جو ڪنٽريبيوشن ڏئي ٿي. 1921ع ۾ هن يونيورسٽيءَ جي گريجوئيٽ ۽ پروفيسر ڊاڪٽر فيڊرڪ گرانٽ بئينٽنگ ”ذيابيطس“ (شوگر جي بيمار) جي علاج لاءِ ”انسولن“ واري دوا دريافت ڪري دنيا ۾ پنهنجي ۽ يونيورسٽيءَ جي نانءَ ۽ ناموس ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. هن ئي يونيورسٽي جي استادن ارنيسٽ مئڪ، جئمس ٿل، ۽ جان ڊڪ تحقيق ذريعي پهريون ڀيرو ڪئنسر جا اسٽيم سيل دريافت ڪيا آهن جن جي بنياد تي ڪئنسر جي موذي مرض جو علاج ڳولهڻ جون ڪوششون ڪيون وڃن ٿيون. يونيورسٽي آف ٽورنٽو جي ٻين تحقيقي دريافتن ۾ ”سنگل لَنگ ٽرانسپلانٽ“، ”اليڪٽرانڪ هارٽ پيس ميڪر“، ”الزهيمر“ بيماري جي جِين جي دريافت ”ٽي سيل“ جي جِين جي ڪلوننگ ۽ دنيا جي پهرين ”نَرِوِ ٽرانسپلانٽيشن“ شامل آهي. ٽورنٽو يونيورسٽي جي اها به هڪ انفرادي خاصيت آهي ته هتي هر شاگرد کي داخلا جي پهرئين سال کان ئي استادن جي نگرانيءَ ۾ تحقيق واري ڪم سان لڳايو ويندو آهي. هتان جي شاگردن کي ”ريسرچ اپرچونٽي پروگرام“ تحت اهم تدريسي شعبن ۾ تحقيق ڪرڻ لاءِ دنيا جي مختلف ملڪن ڏانهن به موڪليو ويندو آهي. يونيورسٽيءَ ۾ قائم ”بيسٽ سينٽر فار انوويشن ائنڊ انٽرپرينيورشپ“ ۽ اهڙا ٻيا ادارا استادن ۽ شاگردن جي ريسرچ پراڊڪٽ کي مارڪيٽ ۾ پيش ڪندا آهن. يونيورسٽي جي تحقيقي شعبي جي ملڪي صنعتن سان پارٽنرشپ آهي جن جي ذريعي يونيورسٽي پاران ڪيل نت نين ايجادن کي اتر آمريڪا جي مارڪيٽ ۾ متعارف ڪرايو وڃي ٿو ۽ اهي شهرين جي دلچسپيءَ جو سبب بڻجنديون رهن ٿيون. يونيورسٽي آف ٽورنٽو شهرين ۽ ڪميونٽي جي ڀلائي ۽ خدمتن لاءِ پڻ جامع پروگرام ذريعي ٻين ادارن سان گڏجي پيئڻ جي پاڻي، دائمي انرجي ۽ هيلٿ ڪيئر لاءِ خدمتون سر انجام ڏيندي رهي ٿي. انهيءَ ڏس ۾ يونيورسٽي سان لاڳاپيل 10 اسپتالون پڻ قابلِ ذڪر آهن. يوينورسٽي آف ٽورنٽو جي اڳوڻن شاگردن مان 14 ڄڻا ڪئناڊا جا وزيراعظم بڻيا آهن ۽ ڪيترن ئي ٻين شاگردن مختلف شعبن جي ماهر طور مڃتا حاصل ڪئي آهي. هن يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل ڇهن شخصيتن کي نوبل انعام ملي چڪا آهن. يونيورسٽي آف ٽورنٽو کي ”يو آف ٽي“ جي مختصر نالي سان پڻ سڏيو ويندو آهي. ٽائيمزس هائير ايجوڪيشن ورلڊ يونيورسٽيز رئنڪنگ جي 2013ع واري رپورٽ موجب دنيا جي معياري يونيورسٽين ۾ ٽورنٽو يونيورسٽي 16 نمبر تي آهي. يونيورسٽيءَ جي پريزيڊنٽ پروفيسر ڊاڪٽر ڊيوڊ نائيلر موجب ”هيءَ يونيورسٽي سهولتن، سرگرمين، ثقافتن، ٻولين جي گھڻائي ۽ متحرڪ زندگيءَ جي پيشِ نظر ٽورنٽو شهر ۾خود هڪ شهر وانگر آهي“.
    يونيورسٽي آف ٽورنٽو 1827ع ۾ قائم ڪئي وئي. هن جي قيام جي قصي کي سمجهڻ لاءِ ڪئناڊا جي تاريخ تي به سرسري نگاهه وجهڻي پوندي. اها ڳالهه عالم آشڪار آهي ته يورپ جي ڪجهه ٻين قومن جيان برطانيا جي انگريزن نه رڳو ايشيا جي ملڪن تائين پنهنجي قبضي ۽ اقتدار جا هٿ ڦهلايا هيا پر آفريڪا ۽ آمريڪا کنڊن جا ڪيترا ئي ملڪ به سندن تجارتي، قبضاگيري ۽ اقتداري شوق جو شڪار رهيا آهن. اتر آمريڪا کنڊ ۾ يونائيٽڊ اسٽيٽس (متحده رياستن) سميت ڪئناڊا جي ڌرتي به سندن قبضي هيٺ رهي آهي. سورهينءَ صديءَ ۾ موجوده ڪئناڊا وارن ڪيترن ئي صوبن ۽ علائقن تي فرانس جو غلبو هو پر پوءِ 1763ع ۾ پئرس معاهدي تحت فرانس اهي سڀئي علائقا برطانيا سلطنت جي حوالي ڪيا جيڪي 1867ع تائين الڳ الڳ ڪالونيءَ جي حيثيت سان برطانيا جي ڪنٽرول ۾ رهيا. پهرين جولاءِ 1867ع ۾ برطانيا جي قبضي هيٺ آيل اتر آمريڪا جي ٽن ڪالونين کي ملائي، ان کي فيڊريشن آف ڪئناڊا جو نالو ڏنو ويو. اهڙيءَ طرح اتر آمريڪا ۾ ڪئناڊا جي نالي سان هڪ ملڪ نروار ٿيو. ڪئناڊا ۾ هر سال پهرين جولاءِ واري ڏينهن کي ”ڪئناڊا ڊي“ طور ملهايو وڃي ٿو ۽ هن ڏينهن تي ڪئناڊا ۾ عام موڪل هوندي آهي. 1931ع ۾ ”اسٽيچوٽ آف ويسٽمنسٽر“ هيٺ ڪئناڊا مٿان برطانوي راڄ کي جزوي ختم ڪري ان کي هڪ آزاد ملڪ جي حيثيت ڏني وئي. 1982ع ۾ ”ڪئناڊا ائڪٽ“ جي ذريعي ڪئناڊا جا مڪمل اختيار ان جي پارليامنٽ حوالي ڪيا ويا. ڪئناڊا اتر آمريڪا جي اترئين حصي ۾ واقع آهي. هن ۾ 10 صوبا ۽ ٽي ٽيريٽريز آهن. ڪئناڊا اڄڪلهه دنيا جو وڌ ۾ وڌ بين الثقافتي ۽ گهڻ مذهبي ملڪ آهي جتي دنيا جي تقريبن سڀني ملڪن جا ڪيترائي ماڻهو آباد آهن. اڄ کان 500 سال اڳ هيءَ ڌرتي ڌاري آبادڪاريءَ کان پاڪ هئي ۽ هتي صرف ڪئناڊا جا اصلوڪا رهاڪو آباد هيا جيڪي ٽن ڪئٽيگرين ۾ سڃاتا ويندا هيا جهڙوڪ ”انڊئين“، ”انيوٽ“ ۽ ”ميٽس“. ڪرسٽوفر ڪولمبس نارٿ آمريڪا واري سموري علائقي کي انڊيا سمجهي ان جي رهاڪن کي انڊين سڏيو هو. اصلوڪا رهاڪو 35 مختلف ٻوليون ڳالهائيندا هيا. انهن جي ٻوليءَ جي لفظ ”ڪئناٽا“ مان ڪئناڊا ۽ ”ٽڪرانٽو“ مان ٽورنٽو مشهور ٿيو. اصلوڪن رهاڪن کي ”فرسٽ نيشن“ يا ”فرسٽ پيپل آف ڪئناڊا“ سڏيو وڃي ٿو. اصلوڪا رهاڪو اڄڪلهه ڪئناڊا جي آباديءَ جو اٽڪل چار سيڪڙو آهن باقي ٻي سموري آبادي دنيا جي مختلف ملڪن مان آيل ماڻهن تي مشتمل آهي. ڪئناڊا جي ڪل آبادي ساڍا ٽي ڪروڙ ماڻهن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ 58 سيڪڙو آبادي انگريزن ، 22 سيڪڙو فرانسين ۽ 20 سيڪڙو دنيا جون ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙن تي مشتمل آهي. انگلش ۽ فرينچ ڪئناڊا جي سرڪاري ٻوليون آهن.
    يونيورسٽي آف ٽورنٽو جي قيام جو قصو هن ريت آهي ته ڪئناڊا جي منتشر علائقن مٿان قابض برطانوي حڪومت اڃا هنن علائقي کي فيڊريشن آف ڪئناڊا وارو درجو نه ڏنو هو. ان کان 40 سال اڳ ڪئناڊا صوبي جي ليفٽيننٽ گورنر جان سمڪوءِ ۽ چرچ جي پيشوا جان اسٽرچن جي ڪوششن سان 1827ع ۾ يورڪ شهر (هاڻوڪو ٽورنٽو) ۾ ”ڪِنگس ڪاليج“ قائم ڪيو ويو. هن ڪاليج جي قائم ڪرڻ جو هڪ مقصد اهو به هئو ته جيئن ڪئناڊا وارين برطانوي ڪالونين جي شاگردن کي آمريڪا جي رياستن مان تعليم حاصل ڪرڻ کان روڪجي ڇو ته اتي جي ادارن ۾ سياست هئي ۽ نصاب ۾ برطانيا ۽ انگريزن لاءِ نفرت وارو مواد پڙهايو پئي ويو. ڪاليج جي 25 سالن جي ڪامياب ڪارڪردگيءَ کان پوءِ برطانيا جي راڻيءَ جي آشيرواد سان هن جي درجي ۾ واڌارو ڪري پهرئين جنوري 1850ع تي ”يونيورسٽي آف ٽورنٽو“ ٺاهي وئي ۽ ڪنگس ڪاليج کي ان ۾ ضم ڪيو ويو. اڄڪلهه ٽورنٽو يونيورسٽي ٽن ڪئمپسن تي مشتمل آهي. هن يونيورسٽيءَ ۾ 81 هزار شاگرد پڙهن پيا جن ۾ مقامي شاگردن سميت 12 هزار انٽرنيشنل شاگردن پڻ شامل آهن. هتي پڙهندڙ، دنيا جي ڏيڍ سئو ملڪن جي شاگردن ۾ پاڪستان جا 206 شاگرد به شامل آهن. ٽورنٽو يونيورسٽيءَ جي سينٽ جارج علائقي واري ڪئمپس کي 7 ڪاليج، 15 فئڪلٽيون ۽ اسڪول آف گريجوئيٽ اسٽڊي آهي. يونيورسٽي جي ٻي ڪئمپس اسڪاربارو واري علائقي ۾ آهي ۽ ٽين ڪئمپس مسيسئوگا شهر ۾ آهي. يونيورسٽيءَ ۾ سائنس، ميڊيڪل، انجنيئرنگ، ڪمپيوٽر، آرٽس، ميوزڪ، سوشل سائنسز ۽ بزنس مئنيجمنٽ جي سڀني جديد ۽ ڪلاسيڪي علمن جي 85 شعبن سان گڏ، 44 لائبريريون، 800 اسٽوڊنٽس ڪلب ۽ يونيون، تجارتي مرڪز، اسپتالون، اسپورٽس، انٽرٽينمنٽ، پبلشنگ ۽ ڪلچرل سينٽر آهن.
    سنڌ مان ڪئناڊا پڙهائي لاءِ ويندڙ نوجوان اتي پڙهڻ سان گڏ اتان جي ڪلچر، ماڳن ۽ مڪانن کان به لطف اندوز ٿي سگھن ٿا ته ڪئناڊا ۾ رهندڙ نامور سنڌين جهڙوڪ ڊاڪٽر راشد پيرزادو، فياض سومرو، درشن لال ۽ ٻين کوڙ سارن جي صحبت، صلاحن ۽ تجربن جي روشنيءَ ۾ پاڻ لاءِ به اتي سونهري موقعن جي تلاش ڪري سگهن ٿا. فياض سومرو ڪيترن ئي سالن کان ڪئناڊا مان ”انڊس ايشيا آن لائين“ جي نالي سان انٽرنيٽ تي هڪ جرنل شايع ڪندو رهي ٿو جنهن ۾ خاص طور سنڌ جي خبرن کي نمايان ڪري پيش ڪندو آهي. درشن لال اصل ۾ لاڙڪاڻي جي اوڏ ڪميونٽيءَ سان تعلق رکي ٿو، سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ مان انجنئرنگ ۾ ماسٽرس ڪرڻ کان پوءِ مستقل طور ڪئناڊا ۾ مقيم آهي. بهرحال تعليم، تحقيق ۽ ترقيءَ جا موقعا ته موجود آهن بس رڳو محنت، همٿ ۽ حوصلي جي ضرورت آهي.


    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 24 جولاءِ 2013ع)


    رائرسن يونيورسٽي

    Ryerson University

    رائرسن يونيورسٽي

    جيڪا ڪيترن ئي سنڌي نوجوانن جي به مادر علمي آهي

    جڏهن کان موهن جو دڙي وارن آثارن جي ڀر ۾ واقع لاڙڪاڻي ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ٻلهڙيجي، جنهن کي کاٻي ڌر جي سياست سان لاڳاپيل ماڻهو ”لٽل ماسڪو“ پڻ سڏيندا آهن، مان هڪ پورهيت ۽ هاري گهراڻي جو نوجوان راشد پيرزادو سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام مان ائنيمل هسبنڊري ائنڊ ويٽرنري سائنس واري شعبي ۾ گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي ذهانت، صلاحيت ۽ همٿ جي بنياد تي اسڪالرشپس حاصل ڪري برطانيا، آمريڪا ۽ ڪئناڊا جي يونيورسٽين مان ڊاڪٽوريٽ ۽ پوسٽ ڊاڪٽوريٽ جون ڊگريون حاصل ڪري، ڪئناڊا جي ”رائرسن يونيورسٽي“ واري شهر ٽورانٽو ۾ جانورن جي عاليشان اسپتال قائم ڪري ۽ انهيءَ شهر ۾ ئي پنهنجو گهر گهاٽ به ٺاهي ويٺو آهي، تڏهن کان مون کي ڪئناڊا وارو ملڪ به ڄڻ موهن جي دڙي جي ڪنهن پاڙيسري ڳوٺ جيان ئي لڳندو آهي، جتي وڏن شهرن جي شاهوڪارن لاءِ جيڪڏهن پهچڻ ڏکيو ناهي ته ساڳئي وقت اسان جي پياري سنڌ جي ننڍڙن ۽ پوئتي پيل ڳوٺن سان تعلق رکندڙ پورهيت ۽ هاري گهراڻن جي باصلاحيت نوجوانن لاءِ پڻ اتي پهچڻ مشڪل ناهي. ڇو ته صلاحيت ۽ محنت هڪ اهڙي پاسپورٽ، ويزا ۽ دولت جيان آهي جيڪا ماڻهوءَ کي دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ تائين پهچائي سگهي ٿي. مان پنهنجي انهيءَ مٿين بيان جي صداقت کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪئناڊا ۾ قائم دنيا جي نامياري درسگاهه رائرسن يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪيل يا اڃان تائين اتي پڙهندڙ ڪيترن ئي اهڙن سنڌي سپوتن جا مثال ڏئي سگهان ٿو جن سنڌ جي ننڍڙن ڳوٺن يا شهرن ۾ جنم ورتو، سنڌ جي تعلمي ادارن مان بنيادي تعليم حاصل ڪئي ۽ پوءِ پنهنجي ذهانت ۽ صلاحيتن ۾ اضافو ڪري وڃي ڪئناڊا جي رائرسن يونيورسٽي ۾ پهتا.
    انهيءَ ڏس ۾ جڏهن ٽورانٽو ۾ رهندڙ ۽ رائرسن يونيورسٽي مان تازو ئي ڊجيٽل ميڊيا ۾ ماسٽرس جي ڊگري ڪندڙ دادو شهر جي ذوالفقار شيخ ۽ ٻلهڙيجي ڳوٺ واري ڊاڪٽر راشد پيرزادو سان رابطو ڪيم ته هنن ٻڌايو ته اسان ڪئناڊا وارا سنڌي رائرسن يونيورسٽي کي ڪئناڊا جي ”سنڌ يونيورسٽي“ سڏيندا آهيون ڇو ته هتان کوڙ سارا سنڌي تعليم حاصل ڪري چڪا آهن ۽ بيهڪ جي حوالي سان به رائرسن يونيورسٽي سنڌ يونيورسٽي جيان ئي آهي جيڪا هڪ عمارت ۾ نه پر ”ڊنڊاس اسڪوائر“ ۽ ٽورانٽو جي مشهور شاپنگ مال ”ئيٽن سينٽر“ جي آس پاس وارين ڪيترين ئي عمارتن تي ٻڌل آهي. هنن وڌيڪ ٻڌايو ته رائرسن يونيورسٽي جو پهريون سنڌي شاگرد ميرپور خاص وارو محمد نواز پنهور آهي. هن هتان سِوِل انجنيئرنگ ۾ ماسٽرس جي ڊگري وٺي هتي ايمانٽن البرٽا ۾ ڊائريڪٽر جي حيثيت سان نوڪري ڪري رهيو آهي. سنڌ جي سکر سان تعلق رکندڙ صبغت الله ڦلپوٽو ۽ عبدالصمد پڻ هن ئي يونيورسٽي مان سول انجنيرنگ ۾ ڊگري حاصل ڪئي آهي. صبغت الله ڦلپوٽو ڪئناڊا ۾ هڪ سرڪاري اداري ۾ اعليٰ عهدي تي مقرر آهي. سنڌ جي ٺٽي شهر سان تعلق رکندڙ ذوالفقار خواجه پڻ رائرسن يونيورسٽي مان سول انجنيئرنگ ۾ ڊگري حاصل ڪري هتي انجنيئر جي حيثيت سان نوڪري ڪري رهيو آهي. دادو وارو آصف پنهور، عمران شيخ ۽ بدين وارو محمد اڪرم نظاماڻي پڻ هن يونيورسٽي مان سول انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪئي آهي. عمران شيخ پڻ اتي هڪ سرڪاري اداري ۾ اعليٰ عهدي تي مقرر آهي. ڪراچي واري جميل احمد ڪولاچي رائرسن يونيورسٽي مان اڪائونٽنگ ۾ گريجوئيش ڪئي ۽ اتي ئي هڪ قانون واري اداري ۾ نوڪري ڪري رهيو آهي. ذوالفقار شيخ ۽ محمد اڪرم نظاماڻي تازو ئي هن يونيورسٽي مان تعليم مڪمل ڪئي آهي.
    مون جڏهن ڪئناڊا ۾هڪ نامياري انجنيئر جي حيثيت سان نوڪري ڪندڙ سنڌ جي نيو درٻيلو شهر سان تعلق رکندڙ مقصود احمد ميمڻ سان، جيڪو ”مئڪس ميمڻ“ جي نالي سان مشهور آهي، رابطو ڪيو ته هن ٻڌايو ته هن ڪئناڊا حڪومت کان تعليم وارو قرض حاصل ڪري رائرسن يونيورسٽي مان ”اپلائيڊ سائنس اِن سِوِل انجنيئرنگ“ ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي آهي. اڄڪلهه هو ڪئناڊا جي شيل ڪمپنيءَ ۾ هڪ لِيڊنگ انجنيئر طور نوڪري ڪري ٿو ۽ هن پنهنجي ڪٽنب سميت مستقل طور ڪئناڊا جي ڪلئگري شهر ۾ ئي رهائش اختيار ڪئي آهي.
    رائرسن يونيورسٽي جي قيام واري تاريخ تي نظر ڦيرائڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته جيتوڻيڪ هيءَ يونيورسٽي اڄڪلهه سرڪاري سرپرستي ۾ هلندڙ هڪ نامياري پبلڪ يونيورسٽي آهي، پر هن جو قيام به دنيا جي ٻين ڪيترن ئي بهترين يونيورسٽين جيان هڪ مخير ماڻهوءَ جي تعليم دوستيءَ ۽ عوامي خدمت ۽ ڀلائي واري جذبي تحت ئي هڪ ننڍڙي تعليمي اداري جي حيثيت سان ئي ٿيو هيو. اهو قصو هن ريت آهي ته 1852ع ۾ ڪئناڊا جي اونٽاريو صوبي جي هڪ علم دوست شخص ايگرٽن رائرسن (Egerton Ryerson) ٽورانٽو شهر ۾ استادن کي پڙهائڻ جي سکيا ڏيڻ وارو هڪ تربيتي ادارو ”ٽورنٽو نارمل اسڪول“ قائم ڪيو. ڪئناڊا جي صوبي اونٽاريو ۾ ان نوعيت جو اهو پهريون تربيتي ادارو هو.
    ٻي مهاڀاري جنگ کان پوءِ دنيا جي گهڻن ملڪن جيان ڪئناڊا به جڏهن صنعتي ترقي وارو دڳ ورتو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري شعبي پڻ هتي وڏي اهميت اختيار ڪئي. جنگ کان ستت ئي پوءِ اونٽاريو صوبي جي سرڪار 1946ع ۾ ايگرٽن رائرسن واري قائم ڪيل نارمل اسڪول جي جاءِ تي ”دي ٽورانٽو ٽريننگ ائنڊ رِي اسٽيبلشمنٽ انسٽيٽيوٽ“ قائم ڪيو جنهن جو سربراهه ”هارورڊ هيلن ڪر“ کي بڻايو ۽ ان سان گڏ هن کي صوبي جو ٻين نوَن (9) ٽيڪنيڪل تعليمي ۽ تربيتي سينٽرن جي سنڀال جي پڻ ذميواري ڏني وئي. جڏهن نامياري منتظم ۽ تعليمي ماهر ”هارورڊ هيلن ڪر“ (Howard Hillen Kerr) اهي ذميواريون سنڀاليون ته هن اونٽاريو صوبي ۾ پڻ آمريڪا جي نامياري درسگاهه مساچئوسٽس انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جهڙو دنيا جو اعليٰ معيار وارو ٽيڪنيڪل تعليم جو ادارو قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ان ڏس ۾ هو آمريڪا وڃي مساچئوسٽس انسٽيٽيوت آف ٽيڪنالاجي جو تفصيلي جائزو به وٺي آيو. آخرڪار هن اونٽاريو صوبي ۾ ٽيڪنيڪل تعليم کي زور وٺرائڻ واري پنهنجي ان سوچ کي عملي جامو پارائيندي هتان جي صوبائي سرڪار کي ان ڳالهه تي راضي ڪيو ته هتي ٽيڪنيڪل ۽ پيشوارانه تعليم جو هڪ بهترين ادارو قائم ڪيو وڃي. اهڙي طرح ”دي ٽورنٽو ٽريننگ ائنڊ رِي اسٽيبلشمنٽ انسٽيٽيوٽ“ کي ترقي ڏئي 1948ع ۾ اتي هڪ بهترين درسگاهه قائم ڪيو ويو جنهن جو نالو رکيو ويو ”دي رائرسن انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي“.
    هن اداري جڏهن اونٽاريو جي ٽيڪنيڪل تعليم واري شعبي ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاري تي پوءِ سندس درجو وڌائي ان کي 1966ع ۾ ”رائرسن پوليٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ“ بڻايو ويو. بهرحال هن اداري جي منزل صرف اها نه هئي پر هي ته پنهنجي ڪمن ۽ ڪارنامن ذريعي اڳتي وڌي اعليٰ تعليم جو هڪ ناميارو ادارو بڻجڻ جي صلاحيت پيدا ڪري رهيو هيو. آخرڪار اهو ڏينهن به اچي پهتو جڏهن اونٽاريو صوبي جي سرڪار هن اداري جي اهميت ۽ افاديت کي تسليم ڪندي هن کي 1971ع ۾ ترقي ڏئي يونيورسٽي جي حيثيت ڏني ۽ هن جو نالو رکيو ويو ”رائرسن يونيورسٽي ٽورانٽو“.
    رائرس يونيورسٽي ۾ اڄڪلهه اٽڪل 38 هزار شاگرد زير تعليم آهن، جن ۾ خاصو انگ دنيا جي ڪيترن ئي ٻين ملڪن کان آيل شاگردن جو پڻ شامل آهي. هيءَ يونيورسٽي 100 کان وڌيڪ تعليمي ۽ تحقيقي شعبن ۾ گريجوئيشن، ماسٽرس، پي ايڇ ڊي ۽ پوسٽ گريجوئيشن جي ڊگري ۽ اعزازن لاءِ پروگرام هلائي رهي آهي. هن يونيورسٽي جي انجنيئرنگ ائنڊ آرڪيٽيڪچرل سائنس واري فئڪلٽي، ”ٽيڊ راجرس اسڪول آف مئنيجمنٽ“ ۽ ڪميونيڪشن سائنس وارو شعبو شاگردن ۾ وڏي مقبوليت رکن ٿا. هن جي انجنيئرنگ فئڪلٽي ۾ سِوِل، انڊسٽريل، اليڪٽريڪل، ڪيميڪل، ڪمپيوٽر انجنيئرنگ ۽ بايو ميڊيڪل سميت ڪيترن ئي ٻين جديد ٽيڪنالاجين ۾ انجنيئرنگ جي ڊگريءَ لاءِ پڙهائي ۽ تحقيق ڪرائي وڃي ٿي. ”ٽيڊ راجرس اسڪول آف مئنيجمنٽ“ ۾ بزنس ٽيڪنالاجي مئنيجمنٽ، اڪائونٽنگ ائنڊ فئنانس، هاسپيٽيبلٽي ائنڊ ٽوئرزم مئنيجمنٽ سميت بزنس ۽ اڪائونٽنگ جي ٻين سبجيڪٽن ۾ پڻ ڊگريون ڏنيون وڃن ٿيون. رائرسن يونيورسٽي جي ٻين ناميارين فئڪلٽين ۾ فئڪلٽي آف ڪميونيڪيشن ائنڊ ڊزائين، فئڪلٽي آف سائنس، فئڪلٽي آف آرٽس ۽ فئڪلٽي آف ڪميونٽي سروس وغيره شامل آهن. رائرسن يونيورسٽي جو هڪ ٻيو اسڪول جيڪو ”دِي جِي رائيمنڊ چنگ اسڪول آف ڪنٽينيوئنگ ايجوڪيشن“ جي نالي سان مشهور آهي اهو پڻ ايجوڪيشن جي شعبي ۾ معياري تعليم جي وڏي ساک رکي ٿو.جٿان هر سال ڪيئي شاگرد ڊگري ۽ سرٽيفيڪيٽ ڪورس ڪري ڪاميابين جي دڳن تي گامزن ٿين ٿا. رائرسن يونيورسٽي ان حوالي سان به اعليٰ درسگاهن ۾ هڪ منفرد حيثيت رکي ٿي ته هن جي مختلف شعبن ۾ٿيندڙ ريسرچ جي نتيجي ۾ حاصل ڪيل دريافتن ۽ ايجادن کي دنيا جي سڀني سماجن لاءِ سودمند بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون وڃن ٿيون. ريسرچ جي اهڙن شعبن ۾ توانائي، ڊجيٽل ميڊيا، ماحول ۽ پائيدار ترقي، صحت ۽ خوشحالي، سِوِل سوسائٽي، ڊزائين، انجنيئرنگ، ثقافتي صنعت، بزنس ۽ سکڻ سيکارڻ وارا ادارا شامل آهن.
    بهرحال ٽورانٽو شهر جي مرڪزي علائقي ۾ قائم رائرسن يونيورسٽيءَ ۾ مٿي ڄاڻايل شعبن سميت ٻيون به تدريسي ۽ تحقيقي عمل ۾ معاونت ڪندڙ ڪي ئي سهوليتون، جهڙوڪ لئباريٽريون، لائبريريون، ميوزم ۽ شاگردن جي ذهني ۽ جسماني نشونما لاءِ رانديون ۽ راندين جا ميدان، هال ۽ تفريح جا مرڪز موجود آهن، جيڪي سنڌ مان سفر ڪري اتي پهچندڙ شاگردن لاءِ به ايترا ئي ڪارج ڀريا آهن جيترا ڪنهن به ٻئي ملڪ کان ڪُوچ ڪري آيل نوجوانن لاءِ.
    سنڌ ۾ اطلاعات کاتي ۾ ڊائريڪٽر ايڊمن ۽ اڪائونٽس جي عهدي تي رهندڙ ۽ پوءِ اتان موڪل ڪري پنهنجي ڪٽنب سميت لڏپلاڻ ڪري ڪئناڊا ۾ مستقل طور رهائش اختيار ڪري ٽورانٽو جي رائرسن يونيورسٽيءَ ۾ ڊجيٽل ميڊيا واري شعبي جو شاگرد بڻجندڙ ذوالفقار شيخ ٻڌايو ته ”ڪئناڊا هن وقت جديد تعليم جي حوالي سان تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ آمريڪا جهڙي ملڪ کي به پوئتي ڇڏي ويو آهي، ايتري قدر جو نه رڳو ايشيا، عرب ۽ يورپي ملڪن بلڪه آمريڪا جا شاگرد به هتان تعليم حاصل ڪرڻ پيا اچن. ان ڪري هتي تعليم کي هڪ انڊسٽري طور ورتو پيو وڃي جنهن مان حڪومت کي اربين ڊالر ملي رهيا آهن. هتان جي يونيورسٽين ۾ پڙهڻ لاءِ ٻاهرين ملڪن مان ايندڙ شاگردن کي ساليانو 35 هزارکان 40 هزار ڊالرن تائين خرچ ڪرڻو پوي ٿو.“
    ڪئناڊا ۾ تعليم لاءِ ملندڙ قرض بابت ذوالفقار شيخ ٻڌايو ته، ”اميگريشن ذريعي ڪئناڊا جو مستقل رهائشي وارو اسٽيٽس هجڻ سبب مون کي تعليم لاءِ اونٽاريو صوبي جي تعليمي پروگرام هيٺ قرض پڻ مليو جنهن مان نه صرف مون ڊگريءَ جي في ادا ڪئي بلڪه ڪجھ قدر گھر جي خرچ جا پئسا به مليا جيڪي تمام معمولي قسطن ۾ ادا ڪرڻا اٿم. جيڪڏهن اهو قرض نه هجي ها ته شايد مون لاءِ هيءَ ڊگري حاصل ڪرڻ ممڪن ڪونه هجي ها.“
    جيڪڏهن اوهان به رائرسن يونيورسٽيءَ مان مٿي ڄاڻايل سنڌي سپوتن جيان تعليم حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ته پوءِ پنهنجي صلاحيتن ۽ محنت کي پنهنجو معمول ۽ مشعلِ راهه بڻائي پنهنجو قدم اڳتي وڌايو منزل اوهان جي انتظار ۾ آهي.


    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 22 آڪٽوبر 2014ع)


    ڪئناڊا جي لنڊن جي ويسٽرن يونيورسٽي

    Westren University, Canada

    ڪئناڊا جي لنڊن جي ويسٽرن يونيورسٽي

    جنهن جي هڪ استاد انسولن ۽ ٻين اهم سائنسي ايجادون ڪيون


    منهنجو هڪ اندازو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن نوجوان کي چئجي ته تون لنڊن ڏانهن وڃي اتي ”ويسٽرن يونيورسٽي“ مان تعليم حاصل ڪري اچ، ته شايد اهو نوجوان برطانيا جي گاديءَ واري شهر لنڊن جا خواب ڏسڻ شروع ڪندو ۽ برطانيا واري لنڊن ۾ ئي ”ويسٽرن يونيورسٽيءَ“ جي ڳولا شروع ڪندو، ڇو ته دنيا ۾ برطانيا وارو لنڊن ئي گهڻو مشهور آهي، پر ان لنڊن ۾ کيس ”ويسٽرن يونيورسٽي“ جي نالي سان ڪو ادارو هٿ ئي نه ايندو. اهو ان ڪري جو ويسٽرن يونيورسٽي ته برطانيا واري لنڊن ۾ آهي ئي ڪو نه! اها يونيورسٽي ته نارٿ آمريڪا کنڊ جي هڪ وسيع، خوبصورت ۽ ٿڌي ملڪ ڪئناڊا واري لنڊن ۾ واقع آهي. دنيا ۾ لنڊن جي نالي سان ٻه شهر آهن هڪ برطانيا جي انگلينڊ رياست ۾ ۽ ٻيو ڪئناڊا جي اونٽاريو صوبي ۾. هاڻي اهو ڪئين ٿيو، ان بابت به معلومات حاصل ڪريون ٿا پر پهريان بهتر آهي ته ”ويسٽرن يونيورسٽي“ جو حال احوال ڄاڻي وٺون.
    ”دِي ويسٽرن يونيورسٽي آف لنڊن اونٽاريو“ 1878ع ۾ ڪئناڊا جي صوبي اونٽاريو جي شهر لنڊن ۾ قائم ڪئي وئي هئي. ڪئناڊا جا ماڻهو هن يونيورسٽيءَ کي سهوليت خاطر صرف ”ويسٽرن“ جي نالي سان پڻ سڏيندا آهن. هن جو قيام يورپ توڙي دنيا جي ڪيترن ئي ٻين علائقن جي اڳلي زماني واري رواج مطابق ئي ٿيو هو، جنهن تحت زياده تر اڳوڻا تعليمي ادارا چرچ جي نگراني هيٺ هلندا هيا. هي يونيورسٽي ان وقت جي هڪ ڪئنيڊيَن مذهبي اڳواڻ بشپ اسحاق هيلمٿ 1878ع ۾ لنڊن ۾ قائم ڪئي هئي ۽ 1908ع تائين هي درسگاهه به چرچ جي اجارادريءَ هيٺ هلندو رهي. ان کان پوءِ جيئن ئي يورپ جون حڪومتون ۽ سماج جا ٻيا ادار چرچ جي اثر کان ٻاهر نڪتا ته هيءَ يونيورسٽي پڻ ان اثر کان آجپو حاصل ڪري دنيا جي ٻين جديد يونيورسٽين جي طرز تي سرڪاري سهڪار ۽ خودمختيار انتظاميا جي نگراني هيٺ ترقيءَ جا ڏاڪا چڙهندي رهي آهي. ويسٽرن يونيورسٽي ۾ درس ۽ تدريس جو باقاعده آغاز ان جي قيام کان ٽي سال پوءِ 1881ع کان شروع ٿيو. هن جي شروعاتي ڪلاس ۾ صرف 15 شاگرد داخل هيا جن پنهنجي تعليم مڪمل ڪري 1883ع ۾ گريجوئيشن جي ڊگري حاصل ڪئي. اڄڪلهه يونيورسٽي ۾ اٽڪل 30 هزار شاگرد پڙهي رهيا آهن، جن ۾ انٽرنيشنل شاگردن جو تعداد 20 سيڪڙو آهي.
    ”اڪيڊمڪ رئڪنگ آف ورلڊ يونيورسٽيز“ جي سال 2012ع واري سروي مطابق ويسٽرن يونيورسٽي ڪئناڊا جي ٽاپ معياري يونيورسٽين ۾ ڏهين نمبر تي هئي. هن يونيورسٽي جا ڪيئي اڳوڻا شاگرد توڙي استاد پنهنجي ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي مختلف انعام، اعزاز ۽ ٻه نوبل پرائيز پڻ ماڻي چڪا آهن.
    ويسٽرن يونيورسٽي جي دلپزير ۽ ڪشادي ڪئمپس اونٽاريو جي لنڊن شهر جي خوبصورت جڳهه تي 1220 ايڪڙن جي وسيع ايراضي تي ڦهليل آهي جنهن جي وچ مان ڪئناڊا جي مشهور ندي ”ٿئمز رِوِر“ گذري ٿي. هيءَ ندي ويسٽرن يونيورسٽي جي وشال سيني تان پنهنجو گذرگاهه ٺاهي نه رڳو پنهنجي پاڻيءَ ۾ پيار، علم ۽ ادب جو هڳاءُ سمائي اڳتي وڌي وڃي ٿي پر اها ويسٽرن يونيورسٽي کي پڻ فطرتي خوبصورتيءَ سان سينگاريندي ۽ سنواريندي رهي ٿي. ڪئناڊا جي لنڊن شهر واري هي ”ٿئمز ندي“ (Thames River) پڻ برطانيا واري لنڊن شهر جي وچ مان وهندڙ ”ٿئمزندي“ جي همنام آهي. ٿئمز ندي سان سلهاڙيل ويسٽرن يونيورسٽي واري هي ڪئمپس ڪل ٻياسي ننڍين ۽ وڏين عمارتن تي مشتمل آهي جن ۾ ڪشاده ليڪچر هال، اسٽيٽ آف آرٽ ريسرچ لئبارٽيون، سيمينار هال، ڊپارٽمنل لئبريون، سينٽرل لائبريري، آفيسون ۽ رهائشي هال وغيره شامل آهن.
    يونيورسٽي 12 فئڪلٽين تي مشتمل آهي جهڙوڪ؛ فئڪلٽي آف انجنيئرنگ، فئڪلٽي آف ايجوڪيشن، ڊان رائيٽ فئڪلٽي آف ميوزڪ، فڪلٽي آف آرٽس ائنڊ هيومنٽيز، فئڪلٽي آف لا، فئڪلٽي آف سائنس، فئڪلٽي آف سوشل سائنس، رچرڊ آئِوي اسڪول آف بزنس، اسڪول آف ميڊيسن ائنڊ ڊينٽسٽري ۽ اسڪول آف گريجوئيٽ ائنڊ پوسٽ اسٽڊيز. هن جا اهي اسڪول پڻ فئڪلٽي واري حيثيت رکن ٿا. مٿي ڄاڻايل انهن فئڪلٽين ۽ اسڪولن ۾ دنيا جي سڀني جديد علمن جا شعبا قائم آهن. هن جي فئڪلٽين ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ تدريسي ۽ تحقيقي شعبا شامل آهن. فئڪلٽين جا ڪجهه ناميارا تدريسي شعبا جن ۾ هر وقت شاگردن جي گهماگهمي رهي ٿي سي هن ريت آهن جهڙوڪ؛ ڊپارٽمنٽ آف ڪيميڪل انجنيئرنگ، ڊپارٽمنٽ آف سِوِل انجنيئرنگ، ڊپارٽمنٽ آف انوائرنمنٽل انجنيئرنگ، ڊپارٽمنٽ آف اليڪٽيڪل ائنڊ ڪمپيوٽر انجنيئرنگ، ڊپارٽمنٽ آف مڪينيڪل ائنڊ مٽيريلس انجنيئرنگ، ڊپارٽمنٽ آف ميڊيڪل انجنيئرنگ ڊپارٽمنٽ آف ڪميونيڪيشن سائنسز ائنڊ ڊِس آرڊرس، ڊپارٽمنٽ آف آڪيوپيشنل ٿراپي، ڊپارٽمنٽ آف هيلٿ ائنڊ ريهيبيليٽيشن سائنسز، ڊپارٽمنٽ آف ڪينسالاجي، ڊپارٽمنٽ آف نرسنگ، ڊپارٽمنٽ آف هيلٿ سائنسز، ائناٽامي ائنڊ سيل بايولاجي، ڪلينيڪل نيورالاجيڪل سائنسز، ميڊيڪل اميجننگ، فيملي ميڊيسن، مائڪروبائلاجي، هيڊ ائنڊ نيڪ سرجري، گائناڪالاجي، سائڪياٽري، پئڊرياٽرڪس، ڊپارٽمنٽ آف ميڊيا ٿيوئري ائنڊ پراڊڪشن، ڊپارٽمنٽ آف ميڊيا انفرميشن ائنڊ ٽيڪنوڪلچر، ڊپارٽمنٽ آف هيلٿ انفارميشن، ڊپارٽمنٽ آف جرنلزم، ڊپارٽمنٽ آف پاپولر ميوزڪ ڪلچر ۽ ڊپارٽمنٽ آف ميڊيا اسٽڊيز، ارٿ سائنس، پلئنيٽري سائنسز، اسٽيٽسٽيڪل ائنڊ ائڪچورل سائنس، ڪمپيوٽر سائنس، فزڪس، ايسٽرانامي، بائلاجي، ڪئمسٽري، اپلائيڊ مئٿميٽڪس، ڪلاسيڪل اسٽڊيز، انگلش، فلاسافي، فلم اسٽڊيز، ماڊرن لئنگوِجزِ ائنڊ لٽريچر، رائيٽنگ، ريٽورڪ ائنڊ پروفيشنل ڪميونيڪيشن، ميوزڪ ايجوڪيشن، ميوزڪ ريسرچ ائنڊ ڪمپوزيشن، ميوزڪ پرفارمنس، انٽيليڪچوئل پراپرٽي، انفارميشن ائنڊ ٽيڪنالاجي لا، بزنس لا، جنرل لا، ايجوڪيشن، بزنس ائڊمنسٽريشن ائنڊ مئنيجمنٽ، جاگرافي، مائگريشن ائنڊ ايٿنڪ رليشن، نيورو سائنس پوليٽيڪل سائنس، هسٽري، ايڪنامڪس، ۽ ڊپارٽمنٽ آف وومين اسٽديز ۽ وغيره شامل آهن.
    ويسٽرن يونيورسٽي سان منسلڪ ٻيا ڪاليج، اسپتالون، ميڊيڪل سينٽر ۽ ريسرچ انسٽيوٽ پڻ نه رڳو يونيورسٽي جي تدريسي ۽ تحقيقي سرگرمين ۾ اهم معاونت ڪندا رهن ٿا پر انهن مان مقامي ماڻهن جي چڱ ڀلائي وارن پروگرامن کي به وڏو لاڀ حاصل ٿيندو رهي ٿو. ويسٽرن يونيورسٽيءَ سان منسلڪ اهڙن ادارن ۾ لنڊن هيلٿ سينٽر، سينٽ جوزف هيلٿ ڪيئر لنڊن، ونڊزر ريجنل هاسپيٽل، گريس هاسپيٽل، چلڊرن هيلٿ ريسرچ انسٽيٽيوٽ، لنڊن ريجنل ڪئنسر پروگرام، رائرٽس ريسرچ انسٽيٽوٽ، ڪِنگس يونيورسٽي ڪاليج، هيورن يونيورسٽي ڪاليج، بريسشيا يونيورسٽي ڪاليج وغيره شامل آهن.
    هن يونيورسٽي جي تحقيقن ۽ دريافتن مان پڻ انساني سماج کي ڪافي فائدو رسيو آهي. هتان جي هڪ نامياري سائنسدان سر فريڊرڪ بئٽنگ 1920ع ۾ تحقيق جي نتيجي ۾ ذيابيطس (Diabetics) واري بيماري لاءِ انسولن (Insulin) واري دوا جي ايجاد لاءِ ڪافي بنيادي دريافتون ۽ پيش قدميون ڪيون هيون جنهن جي نتيجي ۾ بعد واري دور ۾ انسولن جي دوا مارڪيٽ ۾ اچي ذيابيطس جي مريضن کي وڏو فائدو رسايو آهي. ان کان علاوه هتان جي سائنسدانن جي هڪ ٻئي گروپ نامياري سائنسدان ”آئوِن سمٿ“ جي نگراني هيٺ 1951ع ۾ دنيا ۾ پهريون ڀيرو ”ڪوبالٽ بم“ (Cobalt Bomb) تيار ڪيو جيڪو ڪينسر جي بيماري واري علاج ۾ وڏو ڪارگر ثابت ٿيو. ويسٽن يونيورسٽي جي ذريعن مطابق آئون سمٿ ۽ سندس ساٿين جي ان ايجاد سان ڪينسر جي ڪامياب علاج ۾ 75 سيڪڙو واڌ آئي آهي. ويسٽرن يونيورسٽي جي هڪ ٻئي سائنسدان ڊاڪٽر ”چل يانگ ڪئنگ“ ”ايڇ آءِ وي“ (HIV) کان بچاءَ واري ويڪسن ٺاهي ورتي آهي جيڪو پڻ ”ايڇ آءِ وئي“ ذريعي لڳندڙ بيماري مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش واري حوالي سان دنيا ۾ پهريون قدم ليکيو وڃي ٿو. هن ويڪسن کي انسانن تي استعمال ڪرڻ لاٰءِ تجويز يونائيٽڊ اسٽيٽس جي فوڊ ائنڊ ڊرگ ائڊمنسٽريشن پاران منظوري واري عمل لاءِ غور ويچار هيٺ رکي وئي آهي ۽ فيصلي اچڻ کان پوءِ ئي هن دوا کي انسانن تي آزمائشي طور استعمال ڪيو ويندو. شاگردن جي رهائش، تفريح ۽ ذهني نشونما لاءِ پڻ ڪيترن ئي سرگرمين جو اهتمام ٿيل آهي ۽ شاگردن جا مختلف ڪلبس، گروپ ۽ سماجي، ثقافتي ڀلائي واريون تنظيمون پڻ ڪئمپس ۾ پرلطف علمي، ادبي، تفريحي ۽ تعميري ماحول ميسر ڪري ڏيڻ لاءِ هميشه متحرڪ رهنديون آهن.
    مستحق شاگردن جي مالي سهائتا لاءِ پڻ يونيورسٽي توڙي حڪومت جي طرفان قدم کنيان ويندا آهن. ڪئناڊا جي مرڪزي ۽ صوبائي حڪومتون ”ڪئناڊا اسٽوڊنٽس لون ائنڊ گرانٽس“ واري پروگرام تحت شاگردن جي درخواستن تي غور ڪنديون آهن. ان کان علاوه يونيورسٽيءَ پاران ”اونٽاريو اسٽوڊنٽس اسسٽنس پروگرام“ تحت شاگردن جي مختلف طريقن سان مالي سهائتا ڪئي ويندي آهي. يونيورسٽي جي مرڪزي لائبريري ۾ اٽڪل 50 لک ڪتاب، ريسرچ جرنل ۽ ڊجيٽل معلوماتي مٽيريل ميسر آهي جيڪو هر وقت تحقيڪارن لاءِ مدگار ثابت ٿيندو رهي ٿو.
    بهرحال سنڌي نوجوان به جيڪڏهن ويسٽرن يونيورسٽي سميت ڪئناڊا جي ڪهڙي به اعليٰ درسگاهه ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪندا ته مون کي اميد آهي ته کين به ڪئناڊا ۾ نه رڳو انهن علمي ادارن جا اڱڻ سندن آجيان لاءِ آسائتا ملندا پر ڪئناڊا ۾مستقل طور رهندڙ سوين سنڌي خاندان پڻ کين جيءَ ۾ جايون ڏيڻ لاءِ تيار ملندا.

    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 26 نومبر 2014ع)


    ڪيلگري يونيورسٽي

    University of Clagary

    ڪيلگري يونيورسٽي

    جيڪا تحقيقي ڪم ۾ اهم حيثيت رکي ٿي

    تازو ئي مون جڏهن ڪئناڊا مان نڪرندڙ هفتيوار اردو اخبار ”ڪميونٽي ٽائيمز ڪئناڊا“ ۾ هڪ خبر پڙهي، جنهن جي سرخي هن ريت هئي ته ”کيلگري ميں بھي سندھيوں نے کلچرل ڈےمنايا“ يعني ”ڪئناڊا جي شهر ڪيلگري ۾ رهندڙ سنڌين پنهنجي ثقافت جو ڏينهن ملهايو“، تڏهن مون کي ڏاڍي خوشي ٿي. ڪئناڊا جي خوبصورت شهر ڪيلگري ۾ رهندڙ هي اُهي سنڌي آهن جيڪي پنهنجي علم ۽ شعور، صلاحيتن ۽ همٿن جي ذريعي اتر آمريڪا کنڊ جي هن ترقي يافته ملڪ ڪئناڊا ۾ پهچي نه رڳو پنهنجي روزگار ۽ تعليم کي جاري رکي پنهنجي ڪيريئر جي ترقي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن پر اهي پنهنجي ثقافت، ٻولي ۽ سنڌ ڌرتي جي امن، پيار ۽ اهنسا واري پيغام کي به اجاگر ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهن ٿا.
    ”ڪيلگري يونيورسٽي“ البرٽا صوبي جي ”ڪيلگري“ شهر ۾ واقع آهي، جنهن جو پورو نالو ”دِي يونيورسٽي آف ڪيلگري“ آهي. ان کي ”يو آف سِي“ پڻ سڏيو ويندو آهي. اڄ کان 53 سال اڳ 1966ع ۾ قائم ٿيل ڪيلگري يونيورسٽي 14 فئڪلٽين ۽ اٽڪل 85 کان وڌيڪ درسي ۽ تحقيقي شعبن، مرڪزن ۽ انسٽيٽيوٽس تي مشتمل آهي. جيتوڻيڪ هيءَ يونيورسٽي پنهنجي موجوده نالي ۽ حيثيت سان صرف اڌ صدي اڳ کان نروار ٿي آهي پر حقيقت ۾ هن جي قيام جو قصو 1905ع کان شروع ٿئي ٿو جيڪو هن ريت آهي.
    ڪئناڊا ۾ البرٽا جي نالي سان هڪ نئين صوبي جي قيام ۾ اچڻ کان پوءِ ٻين شعبن جي ترقي سميت تعليم جي ترقي لاءِ پڻ ڪوششون ٿيڻ لڳيون. ان حوالي سان 1905ع ۾ هن صوبي جي هڪ اهم شهر ڪيلگري ۾ ”البرٽا نارمل اسڪول“ جي نالي سان پرائمري ۽ سيڪنڊري استادن جي تربيت لاءِ هڪ تربيتي ادارو قائم ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح هي ادارو صرف اسڪولي استادن جي تربيت لاءِ ڪم ڪري رهيو هو تنهنڪري هتان جي باشعور رهاڪن اهو مطالبو ڪرڻ شروع ڪيو ته ڪيلگري ۾ سرڪاري مالي سهائتا جي ذريعي هڪ مڪمل، وسيع ۽ گهڻ رخي يونيورسٽي جو قيام پڻ عمل ۾ آندو وڃي ته جيئن هتان جي نوجوانن جون اعليٰ تعليم واريون ضرورتون پڻ آساني سان پوريون ٿي سگهن. انهيءَ ڏس ۾ البرٽا جي قانون ساز اسيمبلي ۾ پڻ هڪ بل پيش ڪيو ويو جنهن ۾ ڪيلگري شهر ۾ هڪ مڪمل يونيورسٽي جي قيام جو مطالبو ڪيل هو، پر هن اسيمبليءَ مان يونيورسٽي قيام جي بجاءِ ”ڪيلگري ڪاليج“ ٺاهڻ جو پروانو مليو.
    بهرحال ان کان پوءِ به هتان جي شهرين هڪ خودمختيار ڊگري آڇيندڙ يونيورسٽي جي گهرج تان هٿ ڪو نه کنيو، پر پنهنجين ڪوششن کي جاري رکيو جنهن جي ڪري سندن ضرورت ۽ خواهش کي مدِنظر رکندي 1945ع ۾ ”البرٽا يونيورسٽيءَ“ پنهنجي هڪ شاخ ڪيلگري شهر ۾ به قائم ڪئي. ڪيلگري شهر ۾البرٽا يونيورسٽي جي اها شاخ تيزي سان ترقيءَ جون منزلون طئي ڪندي رهي. ڪيلگريءَ ۾ برانچ يونيورسٽي جي اهڙي ڪاميابيءَ کي محسوس ڪندي هن جي ترقيءَ جو منصوبو جوڙيو ويو ۽ آخرڪار 1966ع ۾ البرٽا يونيورسٽيءَ جي هن ڪيلگريءَ واري برانچ يونيورسٽي کي ترقي ڏئي کيس هڪ بااختيار يونيورسٽي بڻائي، سندس نالو ”دِي يونيورسٽي آف ڪيلگري“ رکيو ويو. اهڙي طرح هن شهر ۾ ڪيلگري يونيورسٽيءَ نئون وجود وٺي پنهنجي تعليمي ۽ تحقيقي سفر جو نئين سر آغاز ڪيو جيڪو گذريل اڌ صديءَ کان اڄ تائين جاري آهي.
    هيءَ يونيورسٽي جنهن ۾ اٽڪل 32 هزار شاگرد زير تعليم آهن سا ڪئناڊا جي پنجن بهترين تدريسي ۽ تحقيقي اعليٰ معيار وارن درسگاهن مان هڪ ليکي وڃي ٿي. هن جي ويب سائيٽ تي ڏنل معلومات موجب ڪيلگري يونيورسٽيءَ پنهنجي ڪارڪردگيءَ جا بنياد ڇهن اصولن تي رکيا آهن جنهنڪري هر ڏينهن هن جي ناماچاريءَ ۾ اضافو ايندو رهي ٿو. يونيورسٽي جا اهي بنيادي ڇهه اصول هن طرح آهن؛ قابليت ۽ صلاحيت جي دلڪشي ۽ دلپذيري، تدريس ۽ تحقيق جو ميلاپ؛ گهڻ رخا علمي موقعا، ڪميونٽي سان شراڪتي عمل ۽ مستقل مزاجي.
    هن جي تحقيقي اوليتن بابت ويب سائيٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ تحقيق جا شعبا ۽ موضوع جديد دنيا جي سماجي، محولياتي، معاشي ۽ انساني ترقي جي گهرجن پٽاندڙ آهن. اهڙن تحقيقي شعبن ۽ موضوعن ۾ دماغ ۽ دماغي صحت، ماحول ۽ وچڙندڙ بيماريون، بدلجندڙ دنيا ۽ انساني رويا ۽ صلاحيتون، نئين ارضي ۽ خلائي ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ ۾ صحت جي مسئلن جا حل، حال ۽ مستقل لاءِ توانائي جو بندوبست وغيره اچي وڃن ٿا.
    هيءَ يونيورسٽي 14 فئڪلٽين ۽ ساڻس منسلڪ هڪ ڪاليج، جديد سهوليتن سان آرستا لائبريرين ۽ لئباريٽرين تي مشتمل آهي. انهيءَ سميت هن جا 85 ريسرچ انسٽيٽيوٽ ۽ سينٽر پڻ هتان جي شاگردن جي تدريسي ۽ تحقيقي عمل ۾ معاونت ڪندا رهن ٿا. فئڪلٽين جو تفصيل هن ريت آهي جهڙوڪ؛ فئڪلٽي آف سائنس. فئڪلٽي آف آرٽس، فئڪلٽي آف انوائرنمٽل ڊزائين، فئڪلٽي آف گريجوئيٽ اسٽڊيز، فئڪلٽي آف سوشل ورڪ، فئڪلٽي آف ويٽرنري ميڊيسن، اسڪول آف انجنيرنگ، اسڪول آف ميڊيسن، هاسڪين اسڪول آف بزنس، ويرڪلينڊ اسڪول آف ايجوڪيشن، فئڪلٽي آف لا، فئڪلٽي آف ڪنسيولاجي ۽ فئڪلٽي آف نرسسنگ وغيره. انهن فئڪلٽين ۾ جديد علمن جا سڀئي شعبا موجود آهن جن ۾ شاگردن کي انڊر گريجوئيشن، گريجوئيشن ۽ پي ايڇ ڊي جي ڊگرين لاءِ پڙهائي ۽ تحقيق جا موقعا فراهم ڪري کين ڪاميابي ماڻڻ تي ڊگريون ڏنيون وڃن ٿيون.
    يونيورسٽي جي ٻين شعبن ۾ فزيڪل ايجوڪيشن، فزيڪل ايڪٽوٽي ائنڊ هيلٿ، بائلاجيڪل سائنس، جيو سائنس، ميٿميٽيڪل ائنڊ اسٽيٽسٽيڪل سائنس، اسپورٽس سائنس، نينوسائنس، اينٿراپالاجي، وومين اسٽڊيز، بزنس مئنيجمنٽ ائنڊ ايڊمنسٽريشن، فزڪس، ڪيمسٽري، ايسٽرانامي، ايڪنامڪس وغيره جا تدريسي ۽ تحقيقي شعبا ۽ انهن کان علاوه آرٽس، سائنس، انجنيئرنگ ۽ ميڊڪل سائنس جا ٻيا سڀئي شعبا پڻ شامل آهن.
    هتان جو لائبريري سسٽم ڏاڍو ڪارگر آهي. هن سسٽم ۾ ٻين لائبريرين سميت مئڪيمي لائبريري، ڊيٽا لائبريري، هيلٿ سائنس لائبريري، هاءِ ڊينسٽي لائبريري، فائين آرٽس ائنڊ وزيل سورسز، بزنس لائبريري، دي ملٽري ميوزمس ائنڊ آرڪائيوز، ڪينيڊين آرڪيٽيڪچرل آرڪائيوز وغيره شامل آهن. انهن مڙني لائبريرين ۾ لکن جي تعداد ۾ ڪتاب ۽ ڄاڻ جا ڊجيٽل ذريعا موجود آهن. هن يونيورسٽي مان پڙهي ويل ڪيترائي اڳوڻا شاگرد ڪئناڊا جون وڏيون شخصيتون بڻيا آهن. ڪيناڊا جو موجوده وزير اعظم اسٽيفن هارپر ۽ هن ملڪ جو ناميارو خلاباز رابرٽ ٿرسڪ پڻ هن يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪري چڪا آهن.
    هن يونيورسٽي جي پهرين ۽ باني منتظم هربرٽ آرم اسٽرانگ جيڪو وڏو دانشور به هيو، يونيورسٽين جي اهميت ۽ ڪارج بابت پنهنجو نظريو پيش ڪندي چيو هو ته ”جيتوڻيڪ يونيورسٽيون سماج ڏانهن ئي جوابده هونديون آهي ڇاڪاڻ ته اهو سندن سهڪاري هوندو آهي پر جيڪڏهن انهن کي حقيقي نيڪنامي حاصل ڪرڻي آهي ته پوءِ کين سماج جي علمي ۽ شعوري ترقيءَ ۾ اڳواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.“ هي درسگاهه پنهنجي باني صدر جي خواهش مطابق سماج جي علمي ۽ شعوري ترقي ۾ اڳواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪندي رهي ٿي.
    ڪيلگري يونيورسٽي ۾ تعليم لاءِ ويندڙ سنڌي نوجوانن لاءِ اها به خوشي جهڙي ڳالهه آهي ته شهر ڪيلگري ۾ سنڌي ماڻهن جو خاصو تعداد آباد آهي، جنهن جو ثبوت ڪئناڊا ۾ نڪرندڙ اڙدو اخبار جي هن مضمون ۾ مٿي ڄاڻايل خبر ۾ به نمايان آهي. ڪيلگري جا رهاڪو سنڌي ڪئناڊا ۾ نه رڳو پنهنجي ڪٽنب جي ڪفالت، ۽ ٻارن جي اعليٰ تعليم ۽ تربيت لاءِ سرڪاري ۽ خانگي شعبي ۾ اعليٰ عهدن تي سٺيون نوڪريون ڪن ٿا پر پنهنجي مادر ڀومي سنڌ جي ثقافت، مهمانوازي ۽ رواداريءَ واري ريت کي قائم ۽ دائم رکڻ لاءِ پڻ هر ممڪن پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهن ٿا. ان حوالي سان مون جڏهن ڪيناڊا ۾ آباد لاڙڪاڻي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ٻلهڙيجي سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر راشد پيزادي سان رابطو ڪيوته هن ٻڌايو ته ”ڪئناڊا جي ڪيلگري شهر ۾ اٽڪل ستر کان هڪ سئو تائين سنڌين جا ڪٽنب آباد آهن، جن ۾ مقصود ميمڻ، ذوالفقار خواجه، آصف علي پنهور ۽ ٻيا شامل آهن.“
    تازو ئي ڪجهه اسڪالرشپس جو اعلان ڪيو ويو آهي جن مان هڪ اسڪالرشپ ڪئلگري يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي جي ڊگريءَ لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ جي خواهش رکندڙ باصلاحيت شاگردن لاءِ آهي. هن اسڪالرشپ جو نالو ”آئيز هاءِ ڊاڪٽوريل رڪريوٽمنٽ اسڪالرشپ“ (Eyes High Doctoral Recruitment Scholarship) آهي. هن اسڪالرشپ لاءِ ڪئناڊا ۽ پاڪستان سميت ايشيا جي ڪنهن به ملڪ سان تعلق رکندڙ باصلاحيت نوجوان درخواست ڏئي سگهن ٿا. هي اسڪالرشپ ڪئلگري يونيورسٽي ۾ وڌ ۾ وڌ چار سال پڙهائي ۽ تحقيق ڪري پنهنجي پسند جي سبجيڪٽ ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ آهي. هن اسڪالرشپ لاءِ ڪامياب ٿيندڙ باصلاحيت انٽرنيشنل شاگردن کي پڙهائي لاءِ ٽيهه هزار ڊالر ساليانو ۽ ڪئناڊا جي مقامي يا اصلي رهاڪو شاگرد کي 25 هزار ڊالر ساليانو ڏنا ويندا. هن اسڪالرشپ جا وڌيڪ تفصيل هيٺ ڄاڻايل ويب سائيٽ تان حاصل ڪري سگهجن ٿا:

    https://grad.ucalgary.ca/faculty/eyeshigh


    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 28 جنوري 2015ع)


    وِنـزَر يونيورسٽي

    University of Windsor

    وِنـزَر يونيورسٽي

    جيڪا ڪئناڊا جي گلن واري شهر ۾ قائم آهي


    وِنزَر (Windsor) جي نالي سان دنيا ۾ ٻه شهر آهن، هڪڙو يورپ کنڊ جي ملڪ برطانيا جي صوبي انگلينڊ ۾ لنڊن کان اٽڪل چوٽيهه ڪلوميٽر ڏکڻ طرف برڪشائير ڪائونٽي (Berkshire County) ۾، ۽ ٻيو اتر آمريڪا کنڊ جي مشهور ملڪ ڪئناڊا جي صوبي اونٽاريو جي ايسِڪس ڪائونٽي (Essex County). ياد رهي ته برطانيا آمريڪا يا ڪئناڊا ۾ ”ڪائونٽي“ جي حيثيت ٿوري گهڻي فرق سان اسان واري ملڪ جي ڪنهن ڊويزن واري ئي هجي ٿي.
    برطانيا واري وِنزر شهر جي مقبوليت جو گهڻو سبب اتي واقع شاهي محل آهي جيڪو ”ونزر ڪئسل“ (Windsor Castle) جي نالي سان مشهور آهي. ونزر ڪئسل جيڪو برطانيا جي شاهي گهراڻي جي ذاتي رهائشگاهه آهي، اهو يارهين عيسوي صدي دوران انگلينڊ جي فاتح بادشاهه وليم پهرئين (جنهن کي وليم دِي ڪانڪيورر William the Conqueror به چوند آهن) جوڙايو هو. هن محل ۾ انهن ڏينهن کان وٺي اڄ تائين برطانيا جا ڪي ئي بادشاهه، راڻيون، راڻا، شهزادا ۽ شهزاديون، موجوده راڻي ايلزبيٿ-ٻيءَ سميت، سڪون پذير رهيا آهن. هن ونزر شهر ۾ ”فردر ايجوڪيشن“ (Further Education) (جنهن کي پاڪستان ۾ پاڻ هائير سيڪنڊري ايجوڪيشن سڏيندا آهيون) جي هڪ نامياري درسگاهه ”اِيسٽ برڪشائئر ڪاليج“ پڻ آهي جيڪا هتان جي هائير ايجوڪيشن واري سطح جي تعليم ۾ وڏي ناماچاري رکي ٿي. هن ڪاليج جون شاخون وِنزَر کان علاوه برڪشائر ڪائونٽي جي ٻين شهرن جهڙوڪ ”لئنگلي“ ۽ سلو (Slough) ۾ به آهن. بهرحال اهو ته برطانيا جي وِنزر جو ڪاليج پر هن مضمون ۾ پاڻ ڪئناڊا واري ونزر شهر ۽ ان ۾ واقع ”ونزر يونيورسٽي“ جوذڪر ڪريون ٿا.
    هي شهر ڪئناڊا جي صوبي ڏکڻ اولهه اونٽاريو جي ”ايسڪس ڪائونٽي“ (Essex County) ۾ واقع آهي. شهر جي خوبصورتي جو اندازو ان ڳالهه مان به لڳائي سگهجي ٿو ته هن کي سندس رهاڪو ”سِٽي آف روزِز“ يعني ”گلن وارو شهر“ پڻ سڏيندا آهن. ونزر يونيورسٽي جنهن هن شهر جي حسانڪين ۾ اضافو ڪرڻ سان گڏ هتان جي علمي ميدان ۾ جيڪي شعور جا ڦلدار شجر لڳايا آهن انهن جو ثمر نه رڳو ڪئناڊا جي نوجوانن پر دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ايندڙ علم جي متلاشين جي پلئه پڻ پوندو رهي ٿو.
    هن جو پورو نالو ”يونيورسٽي آف ونزر“ آهي پر عام طور تي هن کي صرف ”ونزر يونيورسٽي“ يا ”يو آف ڊبليو“ به سڏيو ويندو آهي. هيءَ سرڪاري سرپرستي هيٺ هلندڙ ريسرچ يونيورسٽي آهي جنهن ۾ اڄڪلهه 20 هزارن کان وڌيڪ نوجوان شاگرد پڙهندڙ آهن جن ۾ خاصو تعداد نياڻين ۽ اٽڪل 100 مختلف ملڪن جي شاگردن جو پڻ آهي. جيتوڻيڪ هن درسگاهه کي يونيورسٽيءَ واري حيثيت ۽ موجوده نالو اڄ کان اٽڪلهه 53 سال اڳ مليو پر حقيقت ۾ هن جي قيام جو قصو اڄ کان 158 سال اڳ يعني 1857ع کان شروع ٿئي ٿو.
    قصو هن ريت آهي ته ونزر شهر ۾ 1857ع ۾ هڪ ڪاليج قائم ڪيو ويو هو جنهن جو نالو رکيو ويو ”زِمپشن ڪاليج“. هن ۾ شروعاتي طور تي صرف ڇوڪرن کيي تعليم ڏني ويندي هئي. هتي معياري تعليم جي هن ۾ شاگردن جي داخلا وڌڻ لڳي، جنهنڪري ڪاليج کي وسيع بڻائي هن ۾ اَنڊرگريجوئيشن جا تدريسي ڪورس به شروع ڪيا ويا ۽ هن کي ترقي ڏئي 1919ع ۾ ”ويسٽرن يونيورسٽي آف اونٽاريو“ سان سندس الحاق ڪيو ويو. 1950ع ۾ پهريون دفعو هن ڪاليج جي انتظاميا ونزر ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۽ شهرن جي ڇـوڪـرين لاءِ بـه داخـلائـن جـو اعـلان ڪري هن کي ڪوايجوڪيشن (Co-Education) وارو درسگاهه بڻايو.
    ازمپشن ڪاليج جي نيڪنامي ۽ هن شهر ۾ ماسٽرس ۽ انهيءَ کان مٿي وارين ڊگرين واري تعليم جي ضرورت کي محسوس ڪندي اونٽاريو صوبي جي قانون ساز اسيمبلي هڪ ايڪٽ (Act) پاس ڪري هن ڪاليج کي ترقي ڏئي کيس هڪ خودمختيار يونيورسٽي بڻائڻ جو پروانو جاري ڪيو، جنهن جي پيش نظر پهرين جولاءِ 1953ع تي هي ڪاليج ترقي ڪري ”ازمپشن يونيورسٽي“ بڻيو. ستت ئي پوءِ يعني 1963ع ۾ هن کي ”يونيورسٽي آف ونزر“ جو نالو ڏئي هن سان ازمپشن يونيورسٽي سان گڏ ڪجهه ٻيا به ڪاليج جهڙوڪ ايسڪس ڪاليج، ڪئنٽربري ڪاليج، رڊيمر ڪاليج ۽ آئيونا ڪاليج به منسلڪ ڪيا ويا. ونزر يونيورسٽي جي 1913ع ۾ سلور جوبلي ملهائي وئي ڇاڪاڻ ته ان سال هن درسگاهه ”ونز يونيورسٽي“ جي حيثيت سان پنجاهه سالن جو شانائتو سفر پوري ڪري پنهنجا قدم اڳتي ويا هيا.
    ونزر يونيورسٽي ۾ ڪل نَوَ فئڪلٽيون آهن جهڙوڪ فئڪلٽي آف انجنيرنگ، فئڪلٽي آف سائنس، فئڪلٽي آف آرٽس، فئڪلٽي آف سوشل سائنسز، فئڪلٽي آف نرسنگ، فئڪلٽي آف هيومنٽيز، فئڪلٽي آف ايجوڪيشن، فئڪلٽي آف لا، فئڪلٽي آف هيومن ڪينيٽڪس، فئڪلٽي آف گريجوئيٽ اسٽڊيز ۽ فئڪلٽي آف بزنس. انهن علاوه هتي ٻيا به ڪي ئي ريسرچ سينٽر، انسٽيٽيوٽ، اسڪول ۽ ادار شامل آهن.
    هن يونيورسٽي جي مٿي ڄاڻايل فئڪلٽين ۽ ٻين ادارن ۾ همعصر دنيا جي سڀني جديد علمن جا تدريسي ۽ تحقيقي شعبا موجود آهن جن مان چند هن ريت آهن جهڙوڪ بايولاجيڪل سائنس، ارٿ ائنڊ انوائرنمنٽل سائنس، ڪمپيوٽر سائنس، مئٿميٽڪس، جنرل سائنس، اليٽريڪل انجنيئرنگ، انوائرنمنٽل انجنيرنگ، انڊسٽريل، مئنيفيوچرنگ ائنڊ سسٽمس انجنيئرنگ، آٽوميٽِوِ، ايرواسپيس ائنڊ مٽيريلس انجنيئرنگ، سِوِل انجنيئرنگ، فزڪس، ڪيمسٽري، اسٽيٽڪس، ايڪنامڪس، اڪائونٽنگ، مارڪيٽنگ، بزنس مئنيجمنٽ، هيومن ريوسرسز، فئنانس ائنڊ اِسٽريٽجي، اِسپورٽس اسٽڊيز، مووِمنٽ سائنس ائنڊ اسپورٽس مئنيجمنٽ، ڪرمنالاجي، لئنگِوِجِز، لٽريچر ائنڊ ڪلچر، اينٿروپالاجي، هِسٽري، ڪميونيڪيشن، ميڊيا ائنڊ فلم، فلاسافي، ڊراميٽيڪ آرٽ، سائيڪالاجي، سوشالاجي، سوشل ورڪ، وومين اسٽڊيز، وزيئل آرٽ وغيره. يونيورسٽي جي ”لا فئڪلٽي“ پڻ باقاعده تدريس ۽ تحقيق واري عمل کي جاري رکڻ سان گڏ هتان جي شهرين جي مسئلن ۽ مشڪلاتن کي حل ڪرڻ لاءِ کين قانوني صلاح مشورا ۽ مدد ڏيڻ واري حوالي سان پڻ متحرڪ ڪردار ادا ڪندي رهي ٿي جنهنڪري هن فئڪلٽي کي پڻ وڏي قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. لا فئڪلٽي جي ماهر پروفيسرن، قانوندانن، شاگردن ۽ سماجي ڪارڪن جي مدد سان ”ڪميونٽي لِيگل ائيڊ“، ”لِيگل اَسسٽنس ونزر“ ۽ ”اسٽوڊنٽس لِيگل ايڊ سروس“ جهڙا قانوني مدد ڏيڻ وارا فلاحي ادارا هلايا وڃن ٿا جيڪي شهرين جي قانوني مدد فراهم ڪن ٿا.
    ونزر يونيورسٽيءَ ۾ ويسٽرن اونٽاريو يونيورسٽي به پنهنجو هڪ سيٽلائيٽ اسڪول قائم ڪيو آهي جتي ميڊسن ۽ ڊينٽسٽري وارن شعبن ۾ تدريسي ۽ تحقيقي سرگرميون سر انجام ڏنيون وڃن ٿيون.
    مٿي ڄاڻايل سهوليتن سان گڏ يونيورسٽيءَ جي مرڪزي ”لڊي لائبرري“ جيڪا هن يونيورسٽي جي هڪ نامياري صدر ”جان فرانسز لڊي“ جي نالي سان منسوب ٿيل آهي، سا پڻ 24 ڪلاڪ کليل رهي جنهن ۾ اٽڪل 30 لکن کان وڌيڪ ڪتاب، تحقيقي جرنل، مسودا ۽ ڄاڻ جا ٻيا اليڪٽرنڪ ذريعا موجود آهن جن مان به فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو. شاگردن جي رهائش، صحت، ذهني ۽ جسماني چڱ ڀلائي لاءِ ريزيڊنشل هال، ايٿليٽڪس ائنڊ اسپورٽس ڪلب، ڊبيٽنگ سوسائٽيون، انٽرٽينمنٽ ائنڊ ڪلچرل ڪلب، ڪئمپس ريڊيو ۽ ٽيليويزن، يونيورسٽي مئگزين ۽ نيوز پيپرس وغيره موجود آهن.


    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 22 اپريل 2015ع)


    ڪئناڊا جي برٽش ڪولمبيا يونيورسٽي

    The University of British Columbia

    ڪئناڊا جي برٽش ڪولمبيا يونيورسٽي

    جنهن جي ستن استادن کي نوبيل پرائيز مليا

    برٽش ڪولمبيا يونيورسٽي ڪئناڊا جي صوبي ”برٽش ڪولمبيا“ جي شهر ”وينڪوور“ (Vancouver) ۾ واقع آهي جيڪا سرڪار جي سرپرستي هيٺ هلندڙ بهترين ريسرچ يونيورسٽين مان هڪ ليکي وڃي ٿي. هن کي برٽش ڪولمبيا صوبي ۾ اعليٰ تعليم جي سڀ کان پراڻي درسگاهه هجڻ جو اعزاز حاصل آهي. پنهنجي صوبي جي نالي پٺيان سڃاڻپ رکندڙ برٽش ڪولمبيا يونيورسٽي کي سهوليت خاطر صرف ”بِي سِي يو“ (BCU) به سڏيندا آهن. هن جون ٻه ڪئمپسون آهن جن ۾ اٽڪل سٺ هزار شاگرد زير تعليم آهن ۽ انهن ۾ اٽڪل 12 هزار انٽرنيشنل شاگرد به شامل آهن جيڪي دنيا جي 160 مختلف ملڪن سان تعلق رکن ٿا. برٽش ڪولمبيا يونيورسٽي هر سال 300 کان وڌيڪ مختلف فيلڊس آف اسٽڊي ۾ گريجوئيشن، ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي جي تعليم ۽ ڊگريون ڏيڻ جو اهتمام ڪندي رهي ٿي. يونيورسٽي جي تعليمي معيار ۽ ان جي نتيجي ۾ ڪاميابين جو اندازو ان ڳالهه مان به لڳائي سگهجي ٿو ته هن سان لاڳاپيل استادن ۽ شاگردن پنهنجي بهترين تحقيقي ڪم ۽ ڪارڪردگي جي عيوض 7 نوبيل پرائيز، 65 اولمپيڪ ميڊل ۽ رائيل سوسائٽي آف ڪئناڊا جون 195 فيلوشپس ماڻي چڪا آهن.
    برٽش ڪولمبيا يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪري ويلن مان ڪيترا ئي اڳوڻا شاگرد سائنسدان، سماجي ماهر، سياستدان ۽ منتظم بڻجي نه رڳو پنهنجو پر پنهنجي ملڪ ۽ هن يونيورسٽي جو نالو پڻ روشن ڪيو آهي. هن يونيورسٽي جي اهڙن اڳوڻن شاگردن ۾ ڪئناڊا جو ٻه اڳوڻا وزيراعظم به شامل آهن. ٽائمز هائير ايجوڪيشن ورلڊ يونيورسٽيز رئنڪنگ جي سال 2014ع ۽ 2015ع جي ڪٿ موجب هيءَ يونيورسٽي دنيا جي معياري يونيورسٽين ۾ ٻٽيهين نمبر تي آهي. هن يونيورسٽي ۾ زياده تر شاگرد پنجن وڏين فئڪلٽين ۽ انهن ۾ قائم جديد علمن وارن شعبن ۾ مختلف ڊگرين لاءِ داخل آهن. هن جي ناليوارين فئڪلٽن ۾ فئڪلٽي آف انجنيئرنگ، فئڪلٽي آف سائنس، فئڪلٽي آف ميڊيسن، فئڪلٽي آف آرٽس ۽ سودر اسڪول آف بزنس شمار ٿئي ٿو.
    برٽش ڪولمبيا يونيورسٽي ۾ داخل باصلاحيت شاگردن کي سندن تعليمي ڪارڪردگي جي عيوض اسڪالرشپ به ڏني ويندي آهي. سال 2015-2014 دوران ڪيترن ئي شاگردن کي اسڪالرشپس ڏنيون ويون جهن لاءِ ڪئناڊا جي تعليم دوست تنظيمن ۽ ادارن هن يونيورسٽي کي پنجٽيهه ملين ڊالرس جو عطيو ڏنو هيو.
    برٽش ڪولمبيا يونيورسٽي جي قيام جو قصو ته 1908ع کان شروع ٿئي ٿو پر حقيقت ۾ هن درسگاهه هڪ خود مختيار يونيورسٽي جي حيثيت ۽ پنهنجو موجوده نالو اڄ کان هڪ سئو سال اڳ يعني سال 1915ع کان حاصل ڪيو آهي. قصو هن طرح آهي ته 1871ع ۾ جيئن ئي برٽش ڪولمبيا وارو علائقو هڪ صوبي جي حيثيت سان ڪئناڊا ۾ شامل ٿيو ته اتان جي حڪومت هن نئين صوبي جي تعليمي ترقي لاءِ ڪوششون وٺڻ شروع ڪيون. ان حوالي سان 1908ع ۾ ڪئناڊا جي شهر ”وينڪيوور“ ۾ سيڪنڊري ۽ اعليٰ تعليم جي ضرورتن جي پورائي لاءِ هڪ ڪاليج قائم ڪيو ويو جنهن کي ڪئناڊا جي ”ڪيوبيڪ“ صوبي جي شهر ”مونٽريل“ ۾ واقع ”مڪِ گِل يونيورسٽي“ سان منسلڪ ڪيو ويو، جنهنڪري هن ڪاليج جو نالو ”مڪ گِل يونيورسٽي ڪاليج آف برٽش ڪولمبيا“ رکيو ويو جيتوڻيڪ هي ڪاليج نوجوانن جي اعليٰ تعليم وارين ضرورتن جي پورائي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو هيو پر تڏهن به ڪئناڊا جي هن صوبي ۾ هڪ خودمختيار يونيورسٽي جي اشد ضرورت محسوس ڪئي پئي وئي جنهن جي پورائي لاءِ 1915ع ۾ هن ڪاليج جو درجو وڌائي هن کي يونيورسٽي بڻايو ويو ۽ هن جو نئون نالو ”دِي يونيورسٽي آف برٽش ڪولمبيا“ رکيو ويو.
    برٽش ڪولمبيا يونيورسٽيءَ جون ٻه ڪئمپسون آهن. هن جي مکيه ڪئمپس جيڪا ”وينڪوور“ شهر ۾ آهي ۽ ”وينڪوور ڪئمپس“ “Vancouver Campus” جي نالي سان مشهور آهي، تنهن ۾ ڪيتريون اهم فئڪلٽيون، اسڪول، انسٽيٽيوٽس ۽ انهن جا تدريسي شعبا موجود آهن. انهن مان چند نمايان هن طرح آهن جهڙوڪ؛ فئڪلٽي آف اپلائيڊ سائنس، فئڪلٽي آف آرٽس، فئڪلٽي آف ايجوڪيشن، فئڪلٽي آف ڊينٽسٽري، فئڪلٽي آف فاريسٽري، فئڪلٽي آف لئنڊ ائنڊ فوڊ سسسٽم، فئڪلٽي آف فارماسوٽيڪل سائنسز، فئڪلٽي آف لا، فئڪلٽي آف ميڊيسن، فئڪلٽي آف سائنس، اسڪول آف آرڪيٽيڪچر ائنڊ لئنڊ اسڪيپ آرڪيٽيڪچر، اسڪول آف آڊيولاجي ائنڊ اسپيچ سائنسز،سائوڊر اسڪول آف بزنس، اسڪول آف ڪميونٽي ائنڊ ريجنل پلاننگ، اسڪول آف انوائرنمنٽل هيلٿ، اسڪول آف گريجوئيٽ ائنڊ پوسٽ ڊاڪٽوريل اسٽڊيز، ڪاليج آف هيلٿ ڊسپلين، ڪاليج فار انٽرڊسپلينري اسٽديز، اسڪول آف جرنلزم، اسڪول آف نرسنگ، اسڪول آف ميوزڪ، اسڪول آف پاپوليشن ائنڊ پبلڪ هيلٿ، اسڪول آف سوشل ورڪ، اسڪول آف لائبريري، آرڪائيول ائنڊ انفارميشن اسٽڊيز وغيره.
    يونيورسٽي جي ٻي ڪئمپس خوبصورت شهر ”ڪلوئنا“ (Kelowna) جي ”اوڪناگن وَيلي“ (Okanagan Valley) ۾ واقع آهي جنهن کي ”اوڪناگن ڪئمپس“ سڏيندا آهن. هن ڪئمپس ۾موجود سائنس، انجنيئرنگ، نرسنگ، آرٽس، مئنيجمنٽ ۽ ايجوڪيشن وارا تدريسي شعبا وڏي نيڪنامي رکن ٿا.
    برٽش ڪولمبيا يونيورسٽي جي شاندار سينٽرل لائبريريءَ ۾ مختلف موضوعن تي اٽڪل 60 لکن کان وڌيڪ ڪتاب، مسودا ۽ ڊجيٽل سهوليتون موجود آهن جن مان هتان جا شاگرد ۽ محقق مستفيض ٿيندا رهندا آهن. ان کان علاوه يونيورسٽي جي آرڪائيوز، ريسرچ لئباريٽريون ۽ اهڙا ڪي ئي ٻيا ادارا تحقيقي ڪم ۾ هميشه مصروفِ عمل رهن ٿا.
    برٽش ڪولمبيا يونيورسٽي ۾ شاگردن جي متحرڪ ۽ خوشحال زندگيءَ لاءِ سڀئي سهوليتون موجود آهن ، جن ۾ آرمده هاسٽليون، راند روند جا گرائونڊ ۽ ڪلب، انٽرٽينمنٽ ڪلب ۽ ڊبيٽنگ سوسائيٽيون پڻ موجود آهن. هن يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪرڻ ڪنهن به شاگرد لاءِ وڏي ڀاڳن جي ڳالهه آهي.
    اسان جي لاءِ اها به خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته انگلينڊ جي برمنگهم شهر ۾ رهندڙ نامياري سنڌي ليکڪا ثريا مخدوم جو ڀاءُ زاهد مخدوم گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڪئناڊا جي وينڪوور شهر ۾ ”پراونشل ڪورٽ آف برٽش ڪولمبيا“ ۾ چيف جج جا فرض سر انجام ڏئي رهيو آهي.
    تازو هڪ اسڪالرشپ جو اعلان ڪيو ويو هو جنهن جو نالو ”بئنڪ آف مونٽريل وزٽنگ اسڪالر اِن وومين اسٽڊيز“ آهي. هي اسڪالرشپ ڪئناڊا جي نامياري درسگاهه ”يونيورسٽي آف اوٽاوا“ جي ”اِنسٽيٽيوٽ آف فيمينسٽ ائنڊ جينڊر اسٽڊيز“ جي سهڪار سان ڏني ويندي جيڪا هڪ سال يعني 2017- 2016ع لاءِ آهي. هن اسڪالرشپ تحت ”وومن اسٽڊيز“ سبجيڪٽ ۾ تحقيق ڪرڻ لاءِ ڪو به باصلاحيت اميدوار ”يونيورسٽي آف اوٽاوا“ جي ”دِي انسٽيٽيوٽ آف فيمينسٽ ائنڊ جينڊر اسٽڊيز“۾ اچي سگهي ٿو. هن اسڪالرشپ جي خواهشمند لاءِ لازمي آهي ته هو پي ايڇ ڊگري هولڊر هجي. وڌيڪ معلومات هيٺ ڄاڻايل ويبسائيٽ ڏسو:

    http://socialsciences.uottawa.ca/fem/applications-bank-montreal

    ٻين اسڪالرشپس لاءِ هي ويبسائيٽس ڏسو:
    International Global Leadership Award in Canada Scholarship Positions 2015-20

    http://scholarship-positions.com/category/canada-graduate-positions/

    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 24 جون 2015ع)


    مڪگل يونيورسٽي

    MicGill University

    مڪگل يونيورسٽي

    جيڪا ڪئناڊا جي نامياري يونيورسٽي آهي

    تازو ئي عالمي توڙي ڪئناڊا جي قومي ميڊيا ۾ مڪگل يونيورسٽي (McGill University) جو ذڪر حوالي طور ايندو رهيو آهي، ڇاڪاڻ جو ٿورو عرصو اڳ عام چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻي ڪئناڊا جي ٽيويهين وزيراعظم طور جنهن شخص حڪومت جون واڳون سنڀاليون آهن اهو هن يونيورسٽي جو شاگرد رهي چڪو آهي. مڪگل يونيورسٽي جو اهو اڳوڻو شاگرد ۽ ڪئناڊا جو موجوده وزيراعظم جسٽن ٽروڊئو آهي جنهن 44 سالن جي ننڍيءَ عمر ۾ هن ملڪ جو وڏو منصب ماڻي هڪ نئين تاريخ رقم ڪئي آهي.
    جسٽن ٽروڊئو (Justin Trudeau) جيڪو خود به ڪئناڊا جي پندرهين وزيراعظم جيمس ٽروڊئو جو پٽ آهي تنهن مڪگل يونيورسٽي مان بيچلر آف آرٽس اِن لٽريچر جي ڊگريءَ لاءِ تعيلم حاصل ڪئي هئي. هن يونيورسٽي مان گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ هي همراهه ڪجهه عرصو مختلف اسڪولن ۾ ٽيچر به رهيو پر پوءِ ستت ئي ٻيهر اچي مڪگل يونيورسٽي ۾ داخل ٿيو ۽ اتي انوائرنمنٽل جاگرافيءَ ۾ ماسٽرس جي ڊگري لاءِ تعليم وٺڻ شروع ڪيائين جيڪا هو گهڻو وقت جاري نه رکي سگهيو ۽ وڃي سياست ۾ سيهڙيو ۽ آخرڪار ڪئناڊا جو وزير اعظم بڻجي ويو.
    بهرحال ماضيءَ توڙي اڄڪلهه واري ڪئناڊا جا اهڙا ٻيا به ڪيئي ڪامياب ڪردار هن يونيورسٽيءَ جا شاگرد رهي چڪا آهن جن جو مختصر احوال به پڙهندڙن جي دلچسپيءَ ۽ اتساهه لاءِ هن مضمون ۾ ضرور ڏبو پر پهريان يونيورسٽي جي تفصيلي خبر چار لهون ٿا ته جيئن پنهنجي اعليٰ تعليم لاءِ پرڏيهه جي درسگاهن ۾ وڃڻ جا خواب ڏسندڙ ڪي نوجوان هن يونيورسٽي کي به پنهنجي مستقبل جي ممڪنات ۾ شامل ڪري سگهن.
    سرڪاري سرپرستيءَ هيٺ هلندڙ مڪگل يونيورسٽي ڪئناڊا جي اوڀر واري صوبي ڪيوبيڪ (Quebec) جي نامياري شهر مونٽريل (Montreal) ۾ واقع آهي جيڪا اڄ کان اٽڪل ٻه صديون کن اڳ يعني 1821ع ۾ وجود ۾ آئي هئي. هيءَ يونيورسٽي اڄڪلهه دنيا جي بهترين ريسرچ يونيورسٽين مان هڪ ليکي وڃي ٿي.
    مڪگل يونيورسٽي جي قيام جو قصو به حقيقت ۾ دنيا جي ٻين ڪيترن ئي نامور درسگاهن وانگر انهن جي قيام جي پٺيان بيٺل ڪنهن علم دوست مخير شخص جي سخاوت جو ئي قصو آهي. هن يونيورسٽي جي قيام جو ڪريڊٽ مونٽريل شهر جي هڪ نامياري واپاري ۽ علم دوست شخص جيمس مڪگل ڏانهن وڃي ٿو. جنهن جي نالي پٺيان ئي هي درسگاهه ”مڪگل يونيورسٽي“ طور ڏيهان ڏيهه سڃاتو وڃي ٿو. هن يونيورسٽي جو باني جيمس مڪگل اصل ۾ اسڪاٽش نسل جو آهي جنهن جو جنم به اسڪاٽلينڊ ۾ ئي ٿيو هيو. هن پنهنجي تعليم به اسڪاٽلينڊ جي شهر گلاسڪو ۾ واقع ”گلاسڪو يونيورسٽي“مان ئي حاصل ڪئي هئي. بعد ۾ جڏهن سندس والدين گلاسڪو مان هجرت ڪري ڪئناڊا جي شهر مونٽريل ۾ اچي مستقل رهائش پذير ٿيا ته جيمس مڪگل به هتي اچي هڪڙو ننڍڙو ڪاروبار شروع ڪيو جيڪو سندس محنت، جانفشاني ۽ ڪوششن سان اڳتي هلي وڏي ڪاروبار ۾ تبديل ٿي ويو جنهنڪري هي همراهه به وڏو دولتمند بڻجي ويو. جيمس مڪگل پنهنجي هن نئين ملڪ، جنهن کيس مالامال ڪري ڇڏيو هو جو احسان چڪائڻ ۽ هتان جي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڪمايل دولت عام ڀلائي جي ڪيترن ئي چڱن ڪمن ۾ خرچ ڪرڻ شروع ڪئي ۽ آخرڪار اها وصيت به ڪئي ته سندس مرڻ کان پوءِ سندس رهيل ملڪيت ”رايل انسٽيٽيوٽ آف ايڊوانسمنٽ آف لرننگ“ جي حوالي ڪئي وڃي ته جيئن ان ذريعي تعليم جي ترقي لاءِ ڪم ٿي سگهي. جڏهن جيمس مڪگل زندگيءَ جي پڄاڻي تي راهه رباني ورتي ته سندس وصيت جي پوئواري ۾ سندس ڇڏيل ملڪيت مٿي ڄاڻايل اداري جي حوالي ڪئي وئي جنهن سان هن تعليمي اداري وڏي ترقي ڪئي. هن اداري پاران موئنٽريل شهر ۾ ٻه رايل گرامر اسڪول ۽ 1821ع ۾ ”مڪگل ڪاليج“ قائم ڪيو ويو جنهن ۾ ”موئنٽريل ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ“ پڻ شامل ڪيو ويو. هن ڪاليج پاران پهريون دفعو ڪئناڊا ۾ ميڊڪل ۾ گريجوئيشن جي ڊگريءَ لاءِ تدريس ۽ تحقيق جو ڪم شروع ڪيو ويو، جنهنڪري هي ڪئناڊا ۾ ميڊيڪل تعليم جو پهريون ادارو ليکجڻ لڳو. هن ڪاليج جي وڌندڙ مقبوليت جي مدِ نظر ستت ئي هن جو درجو وڌائي کيس ”مڪگل يونيورسٽي“ جو درجو ڏنو ويو.
    هن يونيورسٽي سان لاڳاپيل استادن، ريسرچرس ۽ اڳوڻن شاگردن پنهنجي نمايان تحقيق، دريافتن ۽ ايجادن جي عيوض 12 نوبيل پرائيز، 150 روڊيس اسڪالرشپس ۽ اهڙا ڪيئي ٻيا اعزاز ماڻيا آهن. اها ڳالهه پڻ تعريف جوڳي آهي ته هن يونيورسٽي جي اڳوڻن شاگردن پنهنجي علم دوستي جو مظاهرو ڪندي مختلف شهرن ۾ ڪجهه ادارا قائم ڪرڻ ۾ ڀرپور مدد ڪئي آهي، اهڙن ادارن ۾البرٽا صوبي جي مڪگل يونيورسٽي ڪاليج آف برٽش ڪولمبيا، جان هاپڪنس اسڪول آف ميڊيسنس، مڪگل جي سيٽلائيٽ ڪئمپس ڊاسن ڪاليج ۽ مڪ شلچ اسڪول آف ميڊسن ائنڊ ڊينٽسٽري شامل آهن.
    مڪگل يونيورسٽي جون ٻه ڪئمپسون آهن. هڪ کي ڊائون ٽائون ڪئمپس ۽ ٻي کي مئڪڊونلڊ ڪئمپس سڏيو وڃي ٿو. ڊائون ٽائون واري ڪئمپس هن يونيورسٽي جي مکيه ڪئمپس آهي جنهن ۾ ڪيترن ئي اهم تدريسي شعبن سميت هن جي انتظاميا جون آفيسون به واقع آهن هي ڪئمپس شهر جي وچ ۾ واقع آهي جڏهن ته مئڪڊونلڊ ڪئمپس شهر کان اٽڪلهه ٽيهه ڪلوميٽر اولهه ۾ هڪ خوبصورت علائقي ۾ واقع آهي.
    مڪگل يونيورسٽي ڪل 11 اهم فئڪلٽين ۽ ڪيترن ئي اسڪولن ۽ ٻين تدريسي شعبن، ريسرچ انسٽيٽيوٽس، وسيع لائبريرين ۽ جديد سائنسي لئباريٽرين تي مشتمل آهي. هن يونيورسٽي جي خاص فئڪلٽين ۾ فئڪلٽي آف انجنيئرنگ، فئڪلٽي آف ميڊيسنز، فئڪلٽي آف ائگريڪلچرل ائنڊ انوائرنمنٽل سائنسز، فئڪلٽي آف آرٽس، فئڪلٽي آف ڊينٽسٽري، فئڪلٽي آف ايجوڪيشن، فئڪلٽي آف رليجس اسٽڊيز، فئڪلٽي آف مئنيجمنٽ، اسڪول آف ميوزڪ، فئڪلٽي آف لا ۽ فئڪلٽي آف سائنس وغيره اچي وڃن ٿيون.
    مڪگل يونيورسٽي جي ٻين تدريسي ۽ تحقيقي شعبن ۾ اسڪول آف ڪمپيوٽر سائنس، اسڪول آف انفارميشن اسٽڊيز، اسڪول آف فزيڪل ائنڊ آڪيوپيشنل ٿراپي، اسڪول آف نرسنگ، اسڪول آف ڊائيٽيٽڪس ائنڊ هيومن نيوٽريشن، اسڪول آف اربن پلاننگ، اسڪول آف سوشل اسٽڊيز، اسڪول آف آرڪيٽيڪچر، انسٽيٽيوٽ آف اسلامڪ اسٽڊيز، اسڪول آف ڪنٽينيوئنگ اسٽڊيز، انسٽيٽيوٽ آف پيراسيٽالاجي، مڪگل ايگزيڪيٽو انسٽيٽيوٽ، مڪگل يونيورسٽي هيلٿ سينٽر وغيره شامل آهن.
    مڪگل يونيورسٽي ۾ اٽڪل 30 هزار شاگرد زيرِتعليم آهن جن ۾ خاصو تعداد دنيا ٻين ملڪن کان آيل انٽرنيشنل شاگردن جو به شامل آهي. هن يونيورسٽي ۾ اهي شاگرد هتي جي 300 مختلف تدريسي ۽ تحقيقي ڪورسن ۾ گريجوئشن، ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي جي ڊگرين لاءِ ماهر استادن جي نگراني ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن.
    دنيا جي يونيورسٽين جي تعليمي ۽ تحقيقي معيار ۽ نيڪنامي جي ڪٿ ڪندڙ هڪ عالمي اداري ٽائيمز هائير ايجوڪيشن ورلڊ يونيورسٽيز جي 2015ع واري سروي رپورٽ مطابق مڪگل يونيورسٽي پنهنجي تعليمي، تحقيقي سرگرمين ۽ ماحول جي حوالي سان دنيا جي اٺٽيهين ٽاپ معيار واري يونيورسٽي آهي. هن يونيورسٽي کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته هيءَ درسگاهه يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا جي يونيورسٽي نه هجڻ جي باوجود به پنهنجي ڪم ۽ ڪارڪردگيءَ جي ڪري آمريڪي يونيورسٽين جي معتبر تنظيم ”ايسوسيئيشن آف آمريڪن يونيورسٽيز“ جي ميمبر آهي.
    ڪئناڊا جي ڪيوبيڪ صوبي جي سرڪاري ٻولي فرينچ آهي ڇو ته هتي جي اڪثريت رهاڪن جي مادري ٻولي به فرينچ ئي آهي تڏهن به هن صوبي ۾ ٽي اهڙيون يونيورسٽيون آهن جن ۾ انگريزي ٻوليءَ ۾ ئي تعليم ڏني ويندي آهي ۽ مڪگل يونيورسٽي به انهن مان هڪ آهي.
    مڪگل يونيورسٽي ۾ ٻاهر کان ايندڙ شاگردن جي رهائش لاءِ هاسٽلن، ريزيڊنشل هالن ۽ مختلف رهائشي منصوبن جو خاص اهتمام ٿيل آهي جن ۾ اٽڪل 4 هزار شاگرد رهائش پذير آهن. هن يونيورسٽي ۾ شاگردن جي سماجي ڀلائي، همنصابي ۽ تفريحي سرگرمين ۾ يونيورسٽي جي انتطاميا سان گڏ شاگردن جون ڀلائي واريون تنظيمون پڻ اهم ڪردار ادا ڪنديون رهن ٿيون. شاگردن جي اهڙين تنطيمن ۾ اسٽوڊنٽس سوسائٽي آف مڪگل يونيورسٽي، ”پوسٽ گريجوئيٽ اسٽوڊنٽس سوسائٽي“ ۽ ”انٽرنيشنل رليشنس اسٽوڊنٽس ايسوسيئيشن“ قابل ذڪر آهن.
    مڪگل يونيورسٽي ۾ ڪيترا ئي اهڙا شاگرد رهي چڪا آهن جيڪي بعد ۾ پنهنجي تعليم ۽ صلاحيتن جي بنياد تي وڏن منصبن تي پهتا آهن. اهڙن مان هڪ اڳوڻي شاگرد جيڪو ڪئناڊا جو موجوده وزير اعظم آهي جو ذڪر مٿي ڪري چڪا آهيون. هن يونيورسٽي جي اهڙن ٻين ناميارن اڳوڻن شاگردن ۾ ڪئناڊا جا ٻه اڳوڻا وزيراعظم سر جان ايبٽ، سر ولفرڊ لائرئير، مصر جو اڳوڻو وزير اعظم احمد ناظف، ڪوسٽا ريڪا جو اڳوڻو صدر ڊانيئل اوڊبر ڪيوروس، لوٽيوا جي اڳوڻي عورت صدر وائرا وڪي فريبرغا سميت ملڪ جا ڪي ئي نامور سـائـنـسدان، اديب ۽ ٻين شعبن سان لاڳاپيل شخصيتون شامل آهن. اوهان به هن يونيورسٽيءَ جي ڪامياب شاگردن جي لسٽ ۾ شامل ٿي سگهو ٿا.


    آسٽريليا جون يونيورسٽيون

    يونيورسٽي آف سڊني


    University of Sydney, Australia

    يونيورسٽي آف سڊني

    جيڪا دنيا جي چند خوبصورت يونيورسٽين مان هڪ آهي


    آسٽريليا ۽ سنڌ جي ٻن اخبارن ۾ تازو ڇپيل ٻه خبرون منهنجي ڌيان ۽ دلچسپيءَ جو سبب بڻبيون رهيون آهن. اهي ٻئي خبرون ماڻهوءَ جي ٿولهه ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ مسئلن ۽ مرضن ۽ انهن جي حل ڳولهڻ متعلق آهن. سنڌ جي نامياري اخبار ڪاوش ۾ 29 جولاءِ تي ڇپيل خبر موجب ”نيوزيلئنڊ جي سرڪار پنهنجي هڪ شهري البرٽ بيٽنهوئس کي حد کان و ڌيڪ ٿلهي هجڻ ڪري ملڪ مان نڪري وڃڻ جو حڪم ڏنو آهي. نيوزيلئنڊ جي قانون مطابق ٻه مڻ کان وڌيڪ وزن رکندڙ ماڻهوءَ کي ملڪ نيڪالي ڏني وڃي ٿي. البرٽ جو وزن ٻن مڻن کان وڌيڪ آهي جنهن جي ڪري نيوزيلئنڊ جي صحت واري پاليسي متاثر ٿي رهي آهي.“ ڪاوش جي انهيءَ خبر کان چار ڏينهن اڳ يعني 25 جولاءِ تي آسٽريليا جي مشهور اخبار ”دي سڊني مارننگ هرالڊ“ ۾ سڊني يونيورسٽيءَ جي حوالي سان ڇپيل تازي خبر اها آهي ته ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي تعاون سان يونيورسٽيءَ ۾ 500 ملين ڊالرن جي لاڳت سان هڪ تحقيقي سينٽر جي قيام جون تياريون آخري مرحلن ۾ آهن. هن سينٽر ۾ اها تحقيق ڪئي ويندي ته ماڻهوءَ جي نامناسب موٽائپ يا ٿلهي ٿيڻ جو سبب ڇا آهي ۽ موٽائپ تي ضابطو ڪيئن آڻي سگھجي ٿو. ٿولهه سان گڏ شگر جي بيماري (ڊائبٽيز)، دل، ڦڦڙن ۽ بُڪين جي بيمارين جي روڪٿام لاءِ پڻ ڪي حل ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ته جيئن آسٽريليا سان گڏ دنيا جي سموري انسانذات کي انهن موذي مرضن کان ڇوٽڪارو ڏياري سگھجي. هن تحقيقي سينٽر کي چارلس پرڪنس جي نالي سان منسوب ڪيو ويو آهي. چارلس پرڪنس هن يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪندڙ پهريون اصلوڪو ڌرتي ڌڻي (Aboriginal) آسٽريلوي هئو. هُو 60 سالن جي عمر ۾ بڪين جي بيماري ۾ مبتلا ٿي مري ويو. هن انسان دوست تحقيقي ڪم لاءِ مختلف شعبن جا هڪ هزار سائنسدان ۽ ٻيو تحقيقي عملو سڊني يونيورسٽي ۾ مخصوص ڪيل لئبارٽرين ۽ فيلڊ ۾ ڪم سان لڳايو ويندو. يونيورسٽي آف سڊني جي انهيءَ ڪم لاءِ گھربل رقم جو پورائو WHO پاران مالي سهائتا ۽ 2010ع ۾ سڊني يونيورسٽيءَ کي ڊونيشن ۾ مليل دنيا جي وڏي مصور پبلو پڪاسو جي پينٽنگ جي وڪري سان ڪيو ويو آهي. پڪاسو جي اها پيينٽنگ 20 ملين ڊالرن ۾ لنڊن ۾ وڪرو ڪئي وئي ۽ اها رقم يونيورسٽي جي هن تحقيقي سينٽر لاءِ مخصوص ڪئي وئي آهي.
    سڊني يونيورسٽيءَ جي اها خبر منهنجي روح کي ڇهندي مون لاءِ هن طرح جا پيغام ڇڏي وئي، جهڙوڪ (1) يونيورسٽيون همعصر زماني ۾ انسانذات لاءِ پيدا ٿيندڙ مسئلن جا حل تلاش ڪنديون رهنديون آهن. (2) ڌرتي ڌڻين جي اهميت کي تسليم ڪرڻ گھرجي جيئن سڊني يونيورسٽيءَ چارلس پرنڪنس کي مڃتا ڏيندي آسٽريليا واري ڌرتي جي اصلي وارثن جي حيثيت کي تسليم ڪيو. (3) آرٽ ۽ فن جو ائين ئي قدر ڪرڻ گھرجي جيئن پڪاسو جي پينٽنگ (painting) پنهنجي قيمت جا لکين ڊالر ڪمائي هن يونيورسٽيءَ جي جهوليءَ ۾ وجهي هن کي هڪ وڌيڪ اهم ڪم ڪرڻ جو اهل بڻائي وئي. اهي سڀئي نشانيون زندهه ۽ باشعور قومن جون هونديون آهن.
    يونيورسٽي آف سڊني آسٽريليا جي سڀني يونيورسٽين کان وڌيڪ پراڻي آهي. هي يونيورسٽي 24 سيپٽمبر 1850ع ۾ آسٽريليا جي رياست ”نيوسائوٿ ويلس“ جي گاديءَ واري شهر سڊني ۾ قائم ڪئي وئي. دنيا جي کوڙ سارن ٻين ملڪن جيان هن يونيورسٽيءَ جي قيام جي تاريخ به آسٽريليا مٿان برطانوي راڄ جي تاريخ سان گڏ ئي پڙهڻي پوندي. تاريخن جا ڪتاب ٻڌائن ٿا ته انڊئين ۽ سائوٿ پئسيفڪ اپسمنڊن وچ ۾ گهيريل هي ٻيٽ جيڪو هاڻي آسٽريليا جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. اهو زميني پکيڙ جي لحاظ کان دنيا جو ڇهون نمبر وڏو ملڪ ۽ ننڍي ۾ ننڍو کنڊ آهي. هن ملڪ کي اڃا ”آسٽريليا“ جو نالو ڪونه مليو هيو جو هڪ اندازي موجب اڄ کان 50 يا 60 هزار سال اڳ آفريڪا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي علائقن جا ماڻهو اچي هن ٻيٽ تي آباد ٿيا هيا. اهي ئي ماڻهو اڄڪلهه آسٽريليا جا اصلي رهاڪو (Aboriginal) سڏجن ٿا. يورپي قومن جي پهرين ماڻهوءَ جنهن هن ٻيٽ کي ڳولي لڌو اهو برطانوي رائيل مرچنٽ نيوي جو ڪئپٽن جئمس ڪوڪ هو. هن کي پئسفڪ سمنڊ ۾ اڻ سروي ٿيل زميني علائقن جا نقشا ٺاهڻ جو ڪم سونپيل هيو ۽ هن انهي ڪم جي نڀاءَ طور نيوزيلينڊ کان ”هوائي“ (Hawai) تائين نقشا ٺاهيا ۽ آخرڪار سندس قتل به ”هوائي“ ۾ ئي ٿيو. جئمس ڪوڪ سامونڊي سفر ڪندو 1770ع ۾ آسٽريليا واري هن ٻيٽ جي جنهن علائقي ۾ اچي پهتو ان کي هن ”نيو سائوٿ ويلس“ جو نالو ڏنو ۽ ان جو نقشو به تيار ڪيائين. هن علائقي ۾ انگريزن کي باقائدگيءَ سان آباد ڪرڻ جو پهريون سهرو هڪ ٻئي برطانوي عملدار ڪئپٽن ارٿر فلپ مٿان اچي ٿو جنهن پهريون ڀيرو 1788ع ۾ برطانوي انگريزن جو وڏو ٻيڙو (First Fleet) ڀري اچي آسٽريليا جي ”نيو سائوٿ ويلس“ واري علائقي ۾ پهتو ۽ برطانوي سرڪار طرفان اتان جو گورنر مقرر ٿيو. آسٽريليا جو نالو به هڪ برطانوي جاکوڙي سياح ”مئٿيو فلائينڊرس“ مشهور ڪيو. هن 1814ع ۾ پنهنجي سفر نامي جي ڪتاب ”اَي ووئيج ٽو ٽيرا آسٽرئلس“ ۾ هن علائقي جو نالو آسٽريليا لکيو جيڪو بعد ۾ مشهور ٿيو، هن کان پهريان ان ٻيٽ کي (Terra Austrlis) يعني ”ڏکڻ وارو علائقو“ سڏيو ويندو هيو.
    سڊني يونيورسٽيءَ جو قيام به آسٽريليا مٿان برطانوي راڄ دوران ئي ٿيو. يونيورسٽيءَ کان اڳ نيو سائوٿ ويلس ۾ صرف ”سڊني ڪاليج“ ڪم ڪري رهيو هيو. 1448ع ۾ نامياري شاعر، صحافي، سياستدان ۽ نيو سائوٿ قانون ساز اسيمبليءَ جي ميمبر وليم چارلس وينٽ ورٿ تجويز ڏني ته آسٽريلوي سماج جي آزادي ۽ هتي خودمختيار حڪومت جي قيام واري خواهش کي حقيقت جو روپ ڏيڻ لاءِ ”اسٽيٽ يونيورسٽي“ جو قيام ضروري آهي. انهيءَ کان پوءِ 24 سيپٽمبر تي قانون سازي اسيمبليءَ سڊني ڪاليج جو درجو وڌائي ”يونيورسٽي آف سڊني“ بڻائڻ جي منظوري ڏني. جنهن عمارت ۾ هن يونيورسٽيءَ جو افتتاح ٿيو هو اها اڄڪلهه ”سڊني گرامر اسڪول“ ۾ تبديل ڪئي وئي آهي. 1859ع ۾ هن يونيورسٽيءَ کي سڊني جي مرڪزي تجارتي علائقي کان ٽي ڪلوميٽر مفاصلي تي ”ڪئمپرڊائون“ واري علائقي ۾ مستقل طور تبديل ڪيو ويو، جتي اڄڪلهه هن يونيورسٽيءَ جي ڪئمپس پنهنجي پوري جاه و جلال سان موجود آهي. هن جي ٻي ڪئمپس سڊني جي ٻئي علائقي ”ڊارلنگٽن“ ۾ آهي. اهي ٻئي مکيه ڪئمپسون آهن جتي تدريسي شعبن سان گڏ يونيورسٽيءَ جون انتظامي آفيسون به موجود آهن. يونيورسٽيءَ جون ٻيون ڪئمپسون هن ريت آهن؛ ڪمبرلئنڊ ڪئمپس، سينٽ جئمس ڪئمپس، روزيلي ڪئمپس ۽ ڪئمڊيَن ڪئمپس. سڊني يونيورسٽي لاءِ چيو وڃي ٿو ته اها دنيا جي ڏهن خوبصورت يونيورسٽين مان هڪ آهي. هن کي ”سئنڊ اسٽون“ يونيورسٽي پڻ چيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته هي يونيورسٽي آسٽريليا ۾ برطانوي بيٺڪيتي راڄ دوران پٿرن سان ٺهيل عمارت ۾ قائم ڪئي وئي ، اهڙين سئنڊ اسٽون يونيورسٽين واري گروپ ۾ آسٽريليا جون ٻيون به ڇهه يونيورسٽيون اچي وڃن ٿيون. برطانيا ۾ پڻ آڳاٽيون ”ريڊ برڪ يونيورسٽيون“ آهن، جيڪي ان دور کان ڳاڙهين سرن سان ٺاهيل عمارتن ۾ قائم آهن.
    يونيورسٽي آف سڊني 16 فئڪلٽين، اسڪولن ۽ ريزيڊنشل ڪاليجن تي مشتمل آهي. فئڪلٽي آف ائگريڪلچر، انجنيئرنگ، هيلٿ سائنسز، فارميسي، نرسنگ، ميوزڪ، ويٽرنري سائنسز، بزنس مئنيجمنٽ، انفرميشن ٽيڪنالاجيز، انوارنمنٽ، آرڪيٽيڪچر، آرٽس ائنڊ سوشل سائنسز جا ڪيترائي تدريسي شعبا هتان جي هزارين شاگردن جي دلچسپيءَ مرڪز بڻيل آهن. هيءَ يونيورسٽي ان حوالي سان به دنيا ۾ منفرد آهي جو هن جي شاگردن، پروفيسرن ۽ ٻئي عملي تي مشتمل فوج جو هڪ رِزَروِ فورس ”سڊني يونيورسٽي ريجمنٽ“ جي نالي سان ٺهيل آهي. 1900ع ۾ برطانيا جي فوج جا ٻه عملدار ايجورٿ ڊيوڊ ۽ جي ٽي ولسن جڏهن سڊني يونيورسٽيءَ ۾ فزڪس جا پروفيسر مقرر ٿيا هيا ته انهن هن يونيورسٽيءَ ۾ ”يونيورسٽي رائيفل والنٽيئر ڪور“ قائم ڪيو جيڪو تبديل ٿيندي پهريان ”ڪالونيل نيو سائوٿ ويلس ڊفينس فورس“ ۽ پوءِ ”سڊني يونيورسٽي ريجمنٽ“ بڻيو. يونيورسٽيءَ ۾ هن وقت 50 هزار شاگرد داخل آهن ۽ ساڍا ٽي هزار ماڻهن تي مشتمل تدريسي عملو آهي. هن يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل پنجن ڄڻن کي مختلف شعبن ۾ ريسرچ ۽ نين دريافتن تي نوبل انعام ملي چڪا آهن. آسٽريليا جا اڳوڻا پنج وزير اعظم ۽ ٻه گورنر جنرل هن يونيورسٽيءَ ۾ شاگرد رهيا آهن.
    هتي مرڪزي لائبريريءَ کان علاوه 11 ننڍيون لائبريريون مختلف ڪئمپسن ۾ قائم آهن، جن ۾ اٽڪل 50 لک ڪتاب ۽ جرنلن سميت ٽي لک اليڪٽرانڪس ڪتاب ۽ جرنل موجود آهن. يونيورسٽيءَ ۾ قائم ميوزمس ۽ گئيلريون شاگردن توڙي عام ماڻهن جي دلچسپيءَ ۽ ڌيان جو مرڪز بڻيل آهن. هن جي نڪولس ميوزم ۾ آسٽريليا سميت دنيا جي ٻين ملڪن مان مليل نَواردات، ميڪلي ميوزم ۾ جيتن، سائنسي اوزارن ۽ انساني تاريخ جي اهڃاڻن بابت مواد ۽ ناياب ڪتابن واري ميوزم ۾ هڪ لک اسي هزار ناياب ڪتاب ۽ هٿ سان لکيل نسخا موجود آهن. دنيا جي نامياري سائنسدانن گليلو، نڪولس ڪاپرنيڪس ۽ هيلي جا لکيل هٿ جا نسخا پڻ هن ميوزم ۾ موجود آهن.
    سڊني يونيورسٽي ۾ پڻ آڪسفورڊ ۽ ڪئمبرج يونيورسٽي جي نموني تي ڪجهه ريزڊنشل يعني رهائشي ڪاليج پڻ موجود آهن جتي تدريس سان گڏ شاگردن جي رهڻ جو بندوبست پڻ ٿيل آهي. انهن ڪاليجن ۾ سينٽ جانسن ڪاليج، سينٽ ائندريوز ڪاليج، سينٽ پائولس ڪاليج، سئنڪٽا سوفيا ڪاليج، ويسلي ڪاليج ۽ وومين ڪاليج شامل آهن. انهن کان علاوه مئڊلبئوم هائوس، انٽرنيشنل هائوس ۽ ”سڊني يونيورسٽي وليج“ پڻ هن يونيورسٽيءَ جي تدريس، تحقيق ۽ رهائشي سهوليتن جو حصو آهن. هن يونيورسٽي ۾ دنيا جي 137 ملڪن جي شاگردن جو وڏو انگ پڻ زيرِ تعليم آهي. سڊني يونيورسٽيءَ ۾ داخل پاڪستاني شاگرد پڻ هتان جي متحرڪ، پُرُلُطف ۽ آزاد زندگيءَ جا مزا به ماڻين ٿا ته پنهنجي علم ۽ شعور جي آسودگيءَ لاءِ جاکوڙ به ڪندا رهن ٿا. هنن جي هڪ الڳ ”پاڪستان اسٽوڊنٽس يونين“ قائم ٿيل آهي. انهيءَ سان گڏ پاڪستاني شاگرد يونيورسٽيءَ جي ٻين شاگرد يونين، ڪلبن ۽ گروپن جي سرگرمين ۾ پڻ حصو وٺندا آهن. ”يونيورسٽي آف سڊني يونين“ هتان جي هڪ پراڻي تنظيم آهي جيڪا تعليمي ۽ تفريحي پروگرام منعقد ڪندي رهي ٿي. ”اسٽوڊنٽس ريپرزنٽيشن ڪائونسل“ شاگردن جي تدريس، سياسي ۽ سماجي معاملن جي حل ۽ سهوليتن لاءِ ڪم ڪري ٿي ۽ انهيءَ سان گڏ 1929ع کان هڪ هفتيوار اخبار ”هوني سوئٽ“ پڻ شايع ڪندي رهي ٿي. ”سڊني يونيورسٽي اسپورٽس فٽنيس“ 42 اسپورٽس ڪلب هلائي رهي آهي. بهرحال اهي سڀئي سهوليتون نه رڳو آسٽريلوي نوجوانن لاءِ آهن پر دنيا جي ٻين ملڪن سميت سنڌ جا شاگرد پڻ انهن مان مستفيض ٿي سگهن ٿا.

    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 21 آگسٽ 2013ع)


    ميلبورن يونيورسٽي


    University of Melbourne

    ميلبورن يونيورسٽي

    جتان جي ستن استادن ۽ اڳوڻن شاگردن نوبيل انعام حاصل ڪيا


    آسٽريليا جي رياست ”وڪٽوريا“ جي گادي واري شهر ”ميلبورن“ ۾ 1853ع ۾ قائم ڪيل هن درسگاهه جو پورو نالو ”يونيورسٽي آف ميلبورن“ آهي. هيءَ آسٽريليا جي ٻيو نمبر پراڻي يونيورسٽي آهي، جڏهن ته هن جي سڀ کان پراڻي يونيورسٽي ”سڊني يونيورسٽي“ آهي. ٽائيمز ايجوڪيشن ورلڊ يونيورسٽيز رئنڪنگ جي 2013ع واري سروي مطابق ميلبورن يونيورسٽي دنيا جي اٺوَنجاهون نمبر ٽاپ معياري يونيورسٽي آهي.
    هتان جي ستن اڳوڻن شاگردن ۽ استادن پنهنجي ڪارڪردگي جي عيوض نوبيل انعام حاصل ڪيا آهن. آسٽريليا جا چار اڳوڻا وزير اعظم جوليا گلرڊ، هرالڊ هالٽ، سر رابرٽ مينزيز ۽ الفرڊ ڊيڪن، اڳوڻو نائب وزير اعظم ڊاڪٽر جم ڪيرن، پنج اڳوڻن گورنر جرنلن رچرڊ ڪيسي، سر ڊيلمن ڪائون، پيٽرهالنگورٿ، سر آئزڪ ۽ سر نينيان اسٽيفن ۽ ملائيشيا جي اڳوڻي نائب وزيراعظم اسماعيل عبدالرحمان سميت ٻين شعبن جون ڪيتريون ئي نامياريون شخصيتون هن يونيورسٽي ۾ شاگرد رهي چڪيون آهن.
    هن يونيورسٽي ۾ اٽڪل 47 هزار شاگرد زيرِتعليم آهن جن ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ ملڪن سان تعلق رکندڙ 12 هزار انٽرنيشنل شاگرد پڻ شامل آهن ان حوالي سان هيءَ يونيورسٽي گھڻ ثقافتي ۽ گھڻ رنگي آبادي واري هڪ شهر جو ڏيک ڏئي ٿي. هن ۾ اٽڪل ستن هزارن تي مشتمل تدريسي ۽ انتظامي عملو هر وقت پنهجا منصبي فرض ادا ڪندو رهي ٿو.
    ميلبورن يونيورسٽي جي قيام اعلان آسٽريليا جي ان وقت واري مالياتي وزير هگ چائيلڊرس چوٿين نومبر 1852ع تي ملڪي بجيٽ واري تقرير ۾ مختلف شعبن لاءِ مخصوص ٿيندڙ رقم بابت ڳالهائيندي ڪيو. ان مقصد لاءِ بجيٽ ۾ 10 هزار آسٽريلوي پائونڊن جي خطير رقم ۽ 20 هزار پائونڊن جي اسپيشل گرانٽ مخصوص ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو. اڄ کان اٽڪل اڍائي سئو سال اڳ اها رقم وڏي اهميت جي حامل هئي. مالياتي وزير هگ چائيلڊرس جي ان تقرير جي پيروي ۾ 22 نومبر 1853ع تي ”يونيورسٽي آف ميلبورن“ جي قيام لاءِ ”ايڪٽ آف انڪارپرويشن“ پيش ڪيو ويو جنهن تحت 3 جولاءِ 1854ع تي يونيورسٽي جو قيام عمل ۾ آيو.
    هن يونيورسٽيون جون چار ڪئمپسون آهن جيڪي شهر جي مختلف علائقن جهڙوڪ برنلَي، سائوٿ بئنڪ، هاٿارن ۽ ويريبي ۾ واقع آهن. برنلي ڪئمپس ۾ هارٽيڪلچر، سائوٿ بئنڪ ڪئمپس ۾ پرفارمنس آرٽس، هاٿارن ڪئمپس ۾ ڪامرس ۽ وريبي ڪئمپس ۾ وٽرنري سائنس وارين تدريسي فيلڊس جا مختلف ۽ جديد شعبا واقع آهن. ٻين علائقن ۾ قائم ڪريسوِڪ ڪئمپس ۾ فاريسٽري، ڊوڪي ڪئمپس ۾ ائگريڪلچر، ۽ شيپرٽن ڪئمپس ۾ ريورل هيلٿ جا شعبا ۽ اڪيڊمڪ سينٽر فار فئملي ميڊيسن، ڊينٽرسٽري ۽ هيلٿ سائنسز واقع آهن. يونيورسٽيءَ ۾ 22 گريجوئيٽ اسڪولن، 12 ريزيڊينشل ڪاليجن، 100 کان وڌيڪ تحقيقي سينٽرن ۽ انسٽيٽيوٽن کان علاوه جديد لائبريري سسٽم پڻ قائم آهي جنهن ۾ 12 کان وڌيڪ لائيبريريون شامل آهن. هن لائبريري سسٽم ۾ اٽڪل 50 لک ڪتابن، تحقيقي جرنلن ۽ 32 هزار اليڪٽرانڪس بوڪ پڻ موجود آهن
    ميلبورن يونيورسٽي ۾ جن تدريسي ۽ تحقيقي شعبن ۾انڊر گريجوئيشن، گريجوئيش ۽ ڊاڪٽوريٽ جا ڊگري ڪورس پڙهايا وڃن ٿا انهن ۾ اينيمل هسبنڊري، انجنيرنگ، فزيوٿراپي، ميڊيسن، آرڪيٽيڪچر، بايوٽيڪنالاجي، نرسنگ سائنس، پبلڪ پاليسي ائنڊ مئنيجمنٽ، پراپرٽي ۽ ڪنسِٽرڪشن، ايجوڪيشن، پرفارمنگ آرٽ، فاريسٽ سائنس، اربن پلاننگ، اربن ڊزائين، آرٽس، سوشل سائنسز، ايڪنامڪس، فوڊ سائنس ۽ ٽيچنگ وغيره شامل آهن.
    هتي ادبي، ثقافتي ۽ تفريحي سرگرميون به باقاعدگيءَ سان ٿينديون رهن ٿيون. هتي اسپورٽس ڪلب، سائيڪلنگ ڪلب، ڊبيٽس سوسائٽيون، ادبي سرڪلس ۽ انٽرٽينمنٽ گروپس شاگردن جي ذهني، جسماني ۽ سماجي اوثر ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا رهن ٿا.
    ميلبورن شهر ۾ سنڌي ڪٽنب پڻ آباد آهن. خاص طور تي سنڌ جي روهڙي شهر جي قاضي خاندان جا ڪيترائي فرد پنهنجن ٻارن ٻچن سميت هتي مستقل طور آباد آهن. انهن مان ڊاڪٽر الطاف قاضي ۽ ڊاڪٽر روبينا قاضي ميلبورن جي سٺن ڊاڪٽرن طور سڃاتا وڃن ٿا. لاڙڪاڻي جو قدير شيخ ميلبورن جي سيون اليون اسٽورس جو انچارج آهي ۽ حميره چانڊيو ميلبورن جي سٽي بئنڪ ۾ نوڪري ڪري ٿي. لاڙڪاڻي جو ڊاڪٽر عبدالرئوف سومرو آسٽريليا ۾ پنهنجي ڪلينڪ هلائي ٿو ۽ لاڙڪاڻي جي کنڊو شهر جي ابڙا خاندان جا ڪافي فرد پڻ آسٽريليا ۾ مستقل طور آباد آهن. ميلبورن ۾ هندو سنڌين جو پڻ وڏو تعداد آباد آهي جيڪي اتي سماجي ۽ ثقافتي سرگرميون پڻ منعقد ڪندا رهن ٿا.
    ميلبورن شهر دنيا ۾ هڪ نمايان حيثيت رکي ٿو. آباديءَ جي لحاظ کان هي آسٽريليا جو ٻيو نمبر وڏو ۽ وڪٽوريا رياست جي حڪومتي گادي وارو شهر آهي. ميلبورن يونيورسٽي کان سواءِ هن شهر جون ٻيون يونيورسٽيون جهڙوڪ وڪٽوريا يونيورسٽي، مونيش يونيورسٽي، سِوِنبرن يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي، لا ٽروب يونيورسٽي، آر ايم ٽي يونيورسٽي پڻ هن شهر کي علم ادب جي سونهن ۽ سينگار سان آراسته ڪنديون رهن ٿيون. ميلبورن کي آسٽريليا جو اهم اقتصادي مرڪز هجڻ سان گڏ هتان جو ثقافتي مرڪز هجڻ جو اعزاز به حاصل آهي. هتان جي درسگاهن سان گڏ جيڪي ٻيون خصوصيتون هن شهر جي سڃاڻپ ليکجن ٿيون انهن ۾ ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ، نيشنل گيلري آف وڪٽوريا، رايل ايگزيبيشن بلڊنگ، اسٽريٽ آرٽ، ميلبورن ميوزم ۽ ميلبورن زو شامل آهن. هن شهر کي ”يونيسڪو سِٽي آف لٽريچر“ پڻ سڏيو ويندو آهي. آسٽريليا جنهن کي يورپ جي ڊچ قوم سان تعلق رکندڙ هڪ کاهوڙيءَ ڳولهي لڌو هو سو ارڙهين صدي دوران برطانوي انگريزن جي راڄ هيٺ اچي ويو، جنهنڪري هن ملڪ جي ڪيترن ئي شهرن، رياستن ۽ جاين جا نالا برطانوي شهرن، رياستن ۽ مشهور شخصيتن جي نالن جهڙا آهن. هتان جي اصلوڪي رهاڪن کي ”آسٽريلين اباريجينس“ جي نالي سان سڃاتا وڃي ٿو. هتي يورپين ۽ انگريزن جي قبضي کان پهريائين اصلوڪي رهاڪن جون ڪي ئي ٻوليون ڳالهايون وينديو هيون، پر اڄڪلهه انگريزي ٻولي آسٽريليا جي هڪ مکيه ۽ سرڪاري ٻولي ليکي وڃي ٿي. آسٽريليا جي درسگاهن ۾ به انگريزي ٻوليءَ ۾ تدريس وارو عمل سرانجام ڏنو وڃي ٿو. ميلبورن يونيورسٽي جي مکيه تدريسي ٻولي پڻ انگريزي ئي آهي.
    آسٽريليا جي سفر جا سانباها ڪندڙن جي ڄاڻ لاءِ اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته آسٽريليا پڻ سماج جي تقريبن هر شعبي ۾ يورپ ۽ آمريڪا جيان ترقيءَ جي مٿائين سطح تي هلندڙ ملڪ آهي. جيتوڻيڪ هي ملڪ زميني طور ڪنهن ٻئي ملڪ سان ڳنڍيل ڪو نه آهي پر هن جا پاڙيسري ملڪ انڊونيشيا، اِيسٽ تيمور، پپوا نيو گني ۽ نيوزيلينڊ وغيره آهن، جن سان اچ وڃ جو سلسلو پاڻي يا هوائي سفر ذريعي ممڪن هوندو آهي. هن جو سرڪاري طرح پور نالو ”ڪامن ويلٿ آف آسٽريليا“ آهي. هي ملڪ ڇهن رياستن ۽ ٻن ٽيريٽريز تي مشتمل آهي. هن جي ڇهن رياستن ۾وِڪٽوريا اسٽيٽ، نيو سائوٿ ويلز اسٽيٽ، ڪوئينس لئنڊ اسٽيٽ، تسمانيا اسٽيٽ، وَيسٽرن آسٽريليا اسٽيٽ ۽ سائوٿ آسٽريليا اسٽيٽ ۽ ان کان علاوه ٻه ٽيريٽريون جهڙوڪ آسٽريلين ٽيريٽري ۽ ناردرن ٽيريٽري شامل آهن.

    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 4 جون 2014ع)


    يونيورسٽي آف نيو سائوٿ ويلز

    University of New South wales

    يونيورسٽي آف نيو سائوٿ ويلز

    جتي پنجاهه هزار شاگردن پڙهن ٿا

    آسٽريليا جي نيو سائوٿ ويلز يونيورسٽي جي تفصيل سان ڳالهه ڪرڻ کان پهريان تازو اعلانيل ٻن اهڙين اسڪالرشپس جي اشتهارن جو مختصر ذڪر ٿا ڪريون جن ۾ پاڪستان جي ٻين صوبن سميت سنڌ جي اهل نوجوانن کي پڻ يونيورسٽي آف نيو سائوٿ ويلز آسٽريليا ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي برطانيا ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ کين مالي سهائتا جا موقعا ميسر ڪري ڏيڻ جي آڇ ڪئي وئي آهي.
    مٿي ڄاڻايل ٻن غير ملڪي درسگاهن مان تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ٻه الڳ اشتهار تازو انگريزي اخبار ڊان ۾ ڇپيا آهن. انهن مان هڪڙي اسڪالرشپ جو اشتهار روڊيس ٽرسٽ، آڪسفورڊ يونيورسٽي برطانيا وارن جو آهي. روڊيس ٽرسٽ پاران هر سال دنيا جي 83 باصلاحيت نوجوانن جي اعليٰ تعليم لاءِ اهليت ۽ ميرٽ جي بنيادن تي ”ايجوڪيشن روڊيس اسڪالرشپ“ (Education Rhodes Scholarship)تحت مالي سهائتا ڪئي ويندي آهي. هيءَ اسڪالرشپ ماڻيندڙ نوجوانن کي آڪسفورڊ يونيورسٽي جي ڪنهن به تدريسي شعبي ۾ ٻن سالن جي پوسٽ گريجوئيشن واري تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سمورو خرچ پکو ڏنو ويندو آهي. پاڪستان مان پڻ هر سال ميرٽ جي بنياد تي روڊيس اسڪالرشپ لاءِ اهل اميدوار چونڊيا ويندا آهن جنهن لاءِ هن ڀيري به اخبارن ۾ اشتهار ڇپايو ويو آهي.
    اسڪالرشپ جو ٻيو اشتهار جيڪو ساڳئي اخبار ۾ ساڳئي تاريخ تي ڇپيو آهي سو هائير ايجوڪيشن ڪميشن (HEC) اسلام آباد طرفان آهي. اهو آسٽريليا جي نيو سائوٿ ويلز يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪرڻ جي خواهش رکندڙ پاڪستاني شاگردن لاءِ اسڪالرشپ متعلق آهي. وڌيڪ معلومات انهن ادارن جي هتي هيٺ ڄاڻايل ويب سائيٽس تان حاصل ڪري سگهجي: www.rhodeshouse.ox.ac.uk/about/rhodes-countries/pakistan. ۽ www.hec.gov.pk/ossphase2
    هاڻي اچون ٿا نيو سائوٿ ويلز يونيورسٽي آسٽريليا جي ان تفصيلي ڳالهه جي طرف، جيڪا هن يونيورسٽي جي هر پهلو کي واضح ڪري ان متعلق گهربل آگاهي فراهم ڪندي.
    ”يونيورسٽي آف نيو سائوٿ ويلز“ آسٽريليا جي ناموَر سرڪاري يونيورسٽي آهي. هن جو قيام 1949ع ۾ عمل ۾ آيو. هن جي مکيه ڪئمپس نيو سائوٿ ويلز رياست جي گادي واري شهر سڊني جي مرڪزي علائقي کان اٽڪل ستن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي سڊني جي ”ڪينسنگٽن“ واري علائقي ۾ واقع آهي. هن ۾ اٽڪل 50 هزار شاگرد زيرِ تعليم آهن جن ۾ خاصو تعداد دنيا جي ڏيڍ سئو ملڪن کان آيل شاگردن جو پڻ شامل آهي. ڪيو ايس ورلڊ يونيورسٽيز رئنڪنگ جي گذريل سال واري جائزي مطابق نيو سائوٿ ويلز يونيورسٽي دنيا جي ٻاونجاهون ۽ آسٽريليا جي پنجون نمبر معياري يونيورسٽي آهي. هيءَ يونيورسٽي، آسٽريليا جي معياري ۽ اهم ريسرچ يونيورسٽين جي نمائنده تنظيم ”گروپ آف اَيٽ“ (Group of Eight)جي ميمبر آهي. هن گروپ جون ميمبر يونيورسٽيون هر سال نه رڳو ڪامياب سائنسدان ۽ ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ ماهر پيدا ڪنديون رهن ٿيون پر آسٽريليا ۾ سائنس ۽ ٻين سماجي علمن ۾ ٿيندڙ تحقيق ۾ پڻ ”گروپ آف اَيٽ“ جي ميمبر يونيورسٽين جو 75 سيڪڙو حصو شامل آهي. هن گروپ ڪل اٺ يونيورسٽيون شامل آهن جن ۾ يونيورسٽي آف نيو سائوٿ ويلز سميت، يونيورسٽي آف ويسٽرن آسٽريليا، مونيش يونيورسٽي، آسٽريلين نيشنل يونيورسٽي، يونيورسٽي آف ائڊيليڊ، يونيورسٽي آف ڪوئينسلئنڊ، يونيورسٽي آف ميلبورن ۽ دِي يونيورسٽي آف سڊني شامل آهن. يونيورسٽين بابت وڌيڪ ڄاڻ گروپ آف ايٽ جي هن ويب سائيٽ تان به حاصل ڪري سگهجي ٿي:
    www.go8.edu.au/page/member-information
    يونيورسٽيءَ جي اصل نسل جو سلسلو هن جي قيام کان هڪ صدي اڳ نيو ويلز رياست جي رهاڪن ۽ اتان جي انتظاميا جي ان سوچ سان ملي ٿو جيڪا هن رياست کي پوئتي پيل زرعي پسمنظر مان ڪڍي هڪ ترقييافته صنعتي علائقو ٺاهڻ متعلق هئي. نيو ويلز رياست جي سرڪار جو خيال هيو ته هن رياست ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ هڪ ادارو جوڙجي ته جيئن هتان وڌ ۾ وڌ انجنيئر پيدا ڪري سگهجن. ان خيال کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ 1843ع ۾ ٽيڪنڪل تعليم جو هڪ ادارو ”سڊني مڪينيڪلس انسٽيٽيوٽ“ جي نالي سان قائم ڪيو ويو. جڏهن هي انسٽيٽيوٽ ڪاميابي واري راهه تي گامزن ٿيو ته 1878ع ۾ هن جو درجو وڌائي هن کي ”سڊني ٽيڪنيڪل ڪاليج“ بڻايو ويو، انهيءَ کان بعد هن ڪاليج کي پارليامينٽ جي ايڪٽ تحت 1949ع ۾ ”دِي نيوسائوٿ ويلز يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي“ جو درجو ڏنو ويو. شروعاتي دور ۾ هن يونيورسٽي ۾ صرف ميڪنيڪل انجنيئرنگ، سِوِل انجنيئرنگ، مائيننگ انجنيئرنگ، اليڪٽرڪل انجنيئرنگ ۽ ڪجهه ٻين ٽيڪنيڪل شعبن ۾ تعليم ڏني ويندي هئي پر بعد ۾ هن کي سماج جي ٻين پهلوئن لاءِ پڻ ڪارج ڀريو بڻائڻ لاءِ هن ۾سائنس، ميڊسنز، لا (قانون)، آرٽس ۽ هيومنٽيز جا شعبا به شامل ڪيا ويا.
    هن يونيوسٽي جي ”ڪينسنگٽن“ ۾ مکيه ڪئمپس کان علاوه ٻي ڪئمپس ڪاليج آف فائين آرٽس شهر جي هڪ خوبصورت علائقي ”پئڊنگٽن“ ۽ يو ين ايس ڊبليو ڪئمپس ”ڪيبنرا“ شهر ۾ واقع آهن. هن يونيورسٽيءَ جون ٻيون ٻه ننڍيون ڪئمپسون ۽ فيلڊ اسٽيشنس سڊني جي علائقن رئنڊوِڪ، ڪُوگي، فلائورس گئپ، مئنلي ويلي، ڊي واءِ ۽ بئنڪسٽائون ۾ موجود آهن.
    هن يونيورسٽيءَ ۾ انجنيرئنگ، ميڊيسنز، لا، آرٽس ائنڊ سوشل سائنسز، انوائرنمنٽ، بزنس ائڊمسنٽريشن وارين ڪل نوَن فئڪلٽين کان علاوه ڪجهه ريزيڊنشل ڪالجن پڻ آهن. انهن ۾ فلپ بئنڪسٽر ڪاليج، شالون ڪاليج، نيو ڪاليج، گولڊٽين ڪاليج، وارئن ڪاليج، ڪريسٽن ڪاليج وغيره شامل آهن. يونيورسٽيءَ ۾ مهلڪ بيماري ڪينسر متعلق ”يو اين ايس ڊبليو لووي ڪينسر ريسرچ سينٽر“ قائم آهي جنهن کي آسٽريليا جو سڀ کان وڏو ڪينسر ريسرچ سينٽر سمجهيو وڃي ٿو. هن ريسرچ سينٽر ۾ اٽڪل 400 محققن جي لاءِ هڪ ئي وقت تحقيق واريون سرگرميون ڪرڻ جي سهوليت ۽گنجائش موجود آهي. هتان جو”مارڪ وينرائيٽ ائنالٽيڪل سينٽر“، ”فٽنيس ائنڊ اَڪُئيٽڪس سينٽر“، پڻ پنهنجي تحقيقي ۽ تدريسي سرگرمين سبب هتان جي شاگردن جي دلچسپيءَ جو سبب بڻيا رهن ٿا.
    يونيورسٽي آف نيو سائوٿ ويليز دنيا جي ٻين ناميارين يونيورسٽين سان هڪ معاهدي تحت هر سال پنهنجا ڪجهه شاگرد هڪ اڪيڊمڪ سميسٽر لاءِ اتان جو تعليمي ۽ تحقيقي تجربي مان مستفيض ٿيڻ لاءِ انهن يونيورسٽين ڏانهن موڪليندي رهندي آهي. هن يونيورسٽي سان اهڙي معاهدي هيٺ آيل دنيا جي يونيورسٽين مان آمريڪا جي نيويارڪ يونيورسٽي، جان هاپڪنس يونيورسٽي، پرنسٽن يونيورسٽي، يونيورسٽي آف ڪئليفورنيا برڪلي، لنڊن اسڪول آف ايڪنامڪس، يونيورسٽي ڪاليج آف لنڊن، ٽي ايڇ زيورخ ۽ ڪجهه ٻيون يونيورسٽيون شامل آهن.
    نيو سائوٿ ويلز يونيورسٽي ۾ شاگردن کي سائنسي کوجنائن واري تحقيقي عمل ۾ اتان جي سائنسدانن سان گڏ شامل ڪيو وڃي ٿو جنهنڪري يونيورسٽي ۾ شاگردن طرفان جاري ڪيل تحقيقي پراجيڪٽ ڪارآمد نتيجا ڏيندا رهن ٿا جيڪي نه رڳو هن يونيورسٽي جي نيڪنامي ۾ اضافو ڪن ٿا پر سماج جي ترقيءَ ۾ پڻ ڀاڱي ڀائيوار ٿين ٿا.
    خوبصورت ڪئمپس واري آسٽريليا جي هن معياري يونيورسٽي ۾ تدريسي ۽ تحقيقي سرگرمين جي جديد سهوليتن سميت هتان جي شاگردن لاءِ مطالعي، تفريح ۽ صحت بخش سرگرمين لاءِ به گھڻو ڪجهه ميسر ٿيل آهي. اهڙين سهوليتن ۾ يونيورسٽيءَ جون ڪتابن ۽ ڊجيٽل انفارميشن سسٽم سان آراسته لائبريريون، پِلي گرائونڊس، ٿيٽرس، انٽرٽيمنٽ ڪلبس، ڊبيٽ سوسائٽيون، شاگردن جي ڀلائي واريون آرگنائيزيشنس، ڊرامئٽڪ ڪلب ۽ اهڙيون ئي ٻيون سوسائٽيون ۽ وينيوز موجود آهن.
    نيوسائوٿ ويلز يونيورسٽي مان پڙهي نڪتل ڪيترا ئي شاگرد مختلف شعبن ۾ پنهنجي نمايان ڪارڪردگيءَ جي ڪري آسٽريليا توڙي دنيا جي ٻين ملڪن ۾اهم منصبن ۽ حيثيتن تي فائز آهن. هن يونيورسٽي جي اهڙن اڳوڻن شاگردن ۾ نيو سائوٿ ويلز رياست جو وزيراعظم ۽ آسٽريليا جو اڳوڻو پرڏيهي وزير ”باب ڪار“ ، آسٽريليا جي گئرون انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل ريسرچ جي ڊائبيٽڪ ائنڊ اوبيسٽي سيڪشن جو اڳوڻو منتظم ۽ گلوڪوز منتقل ڪندڙ ”جي ايل يو ٽي4“ دريافت ڪندڙ سائنسدان پرفيسر ڊيوڊ جيمس، ايران جي اسلامڪ آزاد يونيورسٽي سسٽم جو اڳوڻو پريزيڊنٽ حامد ميرزاده، ايران جو ڪامرس جو وزير مهدي غضاضنفري، سنگاپور جي انٽرنيشنل بئنڪنگ ۽ اسٽنيڊرڊ چارٽرڊ بئنڪ جو گلوبل هيڊ روگر ڪاربيٽ، ٿائيلينڊ جو ڪرائون پرنس مها واجرالنگڪارن کان علاوه ٻيون به ڪي ئي ناليواريون شخصيتون شامل آهن.
    بهرحال نوجوانن کي اهو ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته پنهنجي ملڪ يا دنيا جي اهم شخصيت بڻجڻ لاءِ ماڻهوءَ جو باشعور، اعليٰ تعليميافته ۽ اعليٰ ڪردار جو مالڪ هجڻ ضروري آهي. دنيا جا درسگاهه پڻ اهڙي تربيت ڏيندا رهن ٿا، جن ۾ آسٽريليا واري هيءَ نيو سائوٿ ويلز يونيورسٽي پڻ شامل آهي.


    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 16 جولاءِ 2014ع)


    مونيش يونيورسٽي

    Monash University

    مونيش يونيورسٽي

    جيڪا آسٽريليا جي گادي واري شهر ميلبورن ۾ قائم آهي

    مونيش يونيورسٽي آسٽريليا جي رياست وڪٽوريا جي گاديءَ واري نامياري شهر ميلبورن ۾ واقع آهي جيڪا 1958ع ۾ قائم ڪئي وئي هئي. هيءَ وڪٽوريا رياست جي ٻيو نمبر پراڻي ۽ وڏي يونيورسٽي آهي. آسٽريليا جي هيءَ پهرين يونيورسٽي آهي جيڪا اتان جي رواج جي ابتڙ ڪنهن شخصيت جي نالي پٺيان سڃاتي ويندي آهي ۽ اها شخصيت آهي آسٽريلوي فوج جو اڳوڻو ڪمانڊر سر جان مونيش. جڏهن ته آسٽريليا جون ٻيون سڀئي يونيورسٽيون يا درسگاهون پنهنجي شهرن يا رياستن جي نالن پٺيان سڃاتيون ويندا آهن.
    هتي اهو ڄاڻڻ به ضروري آهي ته هيءَ يونيورسٽي جنهن ماڻهوءَ ”سر جان مونيش“ جي نالي سان پنهنجي سڃاڻپ رکي ٿي، اهو هيو ڪير؟ سرجان مونيش جرمن نسل جي خاندان جو فرد هئو جنهن جو جنم سندس خاندان پاران جرمني کان لڏي آسٽريليا ۾ آباد ٿيڻ کان ٻه سال پوءِ ٿيو هو. هن جو پيءُ دوڪاندار هئو. هن آسٽريليا جي هڪ ننڍي شهر مان بنيادي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ ميلبورن يونيورسٽي مان سِوِل انجنيئرنگ ۾ ماسٽرس ۽ ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي هئي. سول انجنيرنگ واري شعبي ۾ سٺي ڪارڪردگي ۽ صلاحيتن جي بنياد تي وِڪٽورين انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرس جو صدر ۽ انسٽيٽيوشن فار سِوِل انجنيئرس لنڊن جو ميمبر بڻيو. 1884ع ۾ هن يونيورسٽي جي نيم فوجي ڪمپنيءَ ۾ شامل ٿي ليفٽيننٽ جو عهدو ورتو ۽ پوءِ ترقي ڪندو آسٽريليا جي فوج ۾ ڪمانڊر جي عهدي تي پهتو. پهرين عالمي جنگ ۾ سر جان مونيش آسٽريلين آرمي جو ڪمانڊر هئو ۽ هن پنهنجي حڪمت عملي ۽ هوشيارپ جي مدد سان آسٽريليا جي تاريخ ۾ ڪاميابين ۽ ڪامرانين جا ڪيترا ئي باب شامل ڪرائي ڇڏيا. سر جان مارشل جي پنهنجي قوم لاءِ ڪيل بي لوث خدمتن جي موٽ ۽ اعتراف ۾ آسٽريلين عوام ۽ حڪومت مونيش يونيورسٽي سميت ڪيترائي ماڳ، مڪان ۽ ادارا سر جان مونيش جي نالي سان منسوب ڪري ڇڏيا، جن ۾ جان مونيش سائنس اسڪول، دِي سٽي آف مونيش، مونيش فِري وَي، مونيش ميڊيڪل سينٽر ۽ سائوٿ آسٽريلين ٽائون آف مونيش شامل آهن. نه رڳوايترو پر آسٽريليا جي ڪرنسي جي هڪ سئو ڊالر واري نوٽ تي جيڪا تصوير ڏنل آهي، اها به سر جان مارشل جي ئي آهي
    جيتوڻيڪ مونيش يونيورسٽي گهڻي آڳاٽي ڪو نه آهي تنهن هوندي به اڌ صدي کان ٿورو مٿي عمر جي ڏاڪي تي پهچي هن يونيورسٽي نه رڳو آسٽريليا پر دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ايندڙ شاگردن جي تعليم ۽ تربيت ۾ جيڪو نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي اهو ساراهه جوڳو آهي. مونيش يونيورسٽي جون صرف آسٽريليا ۾ ئي پنج ڪئمپسون آهن. ان کان علاوه دنيا جي ٻين ملڪن جي وڏن شهرن ۾ پڻ هن يونيورسٽيءَ جون ڪئمپسون، اسڪول، لرننگ سينٽر ۽ ريسرچ اسٽيشنون واقع آهن. پرڏيهه ۾ واقع مونيش يونيورسٽي جي برانچ ادارن ۾ ملائيشيا واري مونيش يونيورسٽي ڪئمپس، چين ۾ واقع جوائنٽ گريجوئيٽ اسڪول، اٽليءَ ۾ قائم مونيش يونيورسٽي پريٽو سينٽر، انڊيا جي بمبئي شهر ۾ مونيش ريسرچ اڪيڊمي ۽ سائوٿ آفريڪا ۾ مونيش يونيورسٽي ڪئمپس شامل آهن. مونيش يونيورسٽي جي آسٽريليا ۾ واقع ڪئمپسن ۽ انهن ۾ موجود اهم تدريسي ۽ تحقيقي شعبن جو مختصر تفصيل ڪجهه هيٺينءَ ريت آهي.
    مونيش يونيورسٽي ڪيلٽن ڪئمپس: هيءَ ڪئمپس مونيش يونيورسٽي جي ٻين سڀني ڪئمپسن کان وڏي آهي، جنهن کي يونيورسٽي جي ”فلئگشپ ڪئمپس“ يعني مکيه ڪئمپس جي حيثيت حاصل آهي. هي ڪئمپس تمام وسيع ۽ ڪشادي آهي جيڪا تقريبن هڪ ڪلوميٽر کان وڌيڪ ايراضيءَ تي ڦهليل آهي. مونيش يونيورسٽي جي هن ڪيلٽن ڪئمپس ۾ اٽڪل 26 هزار شاگرد زيرِ تعليم آهن. هيءَ ڪئمپس ميلبورن جي مرڪزي علائقي کان ويهن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڏکڻ اوڀر ۾ واقع آهي. ڪيلٽن ڪئمپس ۾ يونيورسٽيءَ جون جيڪي اهم فئڪلٽيون موجود آهن انهن ۾ فئڪلٽي آف ميڊيسن فئڪلٽي آف نرسنگ ائنڊ هيلٿ سائنس، فئڪلٽي آف آرٽ، فئڪلٽي آف بزنس ائنڊ ايڪنامڪس، فئڪلٽي آف انجنيئرنگ، فئڪلٽي آف ايجوڪيشن، فئڪلٽي آف انفارميشن ٽيڪنالاجي، فئڪلٽي آف لا ۽ انهن فئڪلٽين جا ٻيا شعبا قائم آهن. انهن کان علاوه يونيورسٽيءَ جون سائنس ۽ ميڊيڪل جون اهم ۽ گهڻي تعداد ۾ ريسرچ لئباريٽريون پڻ هن ڪئمپس ۽ ان جي اوسي پاسي ۾ ئي واقع آهن.
    تدريسي ۽ تحقيقي سرگرمين کان علاوه يونيورسٽي جي هيءَ ڪئمپس شاگردن جي سماجي ۽ ثقافتي سرگرمين جو ڳڙهه بڻيل هوندي آهي جنهنڪري هتي هميشه زندگي جواني، جوڀن، آدرشن، حوصلن ۽ همٿن جي رنگن ۾ رلجي پر رونق ۽ متحرڪ بڻيل رهندي آهي. هن ڪئمپس ۾ شاگردن جي رهائش لاءِ ڇهه وڏيون هاسٽلن پڻ موجود آهن جن کي ريزيڊنشل هال سڏيو ويندو آهي.
    مونيش يونيورسٽي ڪالفيلڊ ڪئمپس: هي ڪئمپس مونيش يونيورسٽي جي ٻيو نمبر وڏي ڪئمپس شمار ٿئي ٿي جنهن ۾چوڏنهن هزار کان وڌيڪ شاگرد علم پرائي رهيا آهن. ڪالفيلڊ ميلبورن جو نواحي علائقو آهي جيڪي ميلبورن جي مرڪزي حصي کان اٽڪل 12 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. مونيش يونيورسٽي جي هيءَ ڪئمپس ڪالفيلڊ جي نالي سان سڃاتي ويندي آهي.
    مونيش يونيورسٽي پيننسولا ڪئمپس: هي ڪئمپس مونيش يونيورسٽي جي ٽيون نمبر وڏي ڪئمپس ليکي وڃي ٿي. هن ڪئمپس ۾ اٽڪل 35 هزار شاگرد زيرِ تعليم آهن. پيننسولا ڪئمپس ميلبورن شهر جي مرڪزي علائقي کان اٽڪل 40 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڏکڻ اوڀر ۾ مارننگٽن پيننسولا واري علائقي ۾ واقع آهي. هن ڪئمپس ۾ ميڊيڪل سائنسز جي ڪيترن ئي شعبن ۾ انڊر گريجوئيشن کان وٺي گريجوئيشن ۽ پوسٽ گريجوئيشن جي ڊگرين لاءِ پڻ ڪورس آفر ڪيا ويندا آهن. هن ڪئمپس جي خاص فئڪلٽين ۾ فزيوٿراپي، سائيڪالاجي، ايمرجنسي اِن هيلٿ ائنڊ پئراميدڪ، نرسنگ وغيره اچي وڃن ٿا.
    مونيش يونيورسٽي بيروِڪ ڪئمپس: يونيورسٽي جي هيءَ ڪئمپس وڪٽوريا رياست جي هڪ خوبصورت شهر بيروڪ ۾ واقع آهي جيڪو ميلبورن جي مرڪزي علائقي کان اٽڪل 43 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. مونيش يونيورسٽيءَ جي هي ڪئمپس پنهنجي علائقي جي نالي جي نسبت سان ئي بيروڪ ڪمپس طور سڃاتي ويندي آهي. جيتوڻيڪ وڪٽوريا جو هي شهر ويجهي ماضيءَ ۾ ترقي ڪري وڌي ويجهي هڪ نئين آبادي وارو شهر بڻجي ويو آهي پر تنهن هوندي به هن شهر ۾ اعليٰ تعليم جي ضرورتن جي پورائي لاءِ مونيش يونيورسٽيءَ پاران هيءَ ڪئمپس قائم ڪري نه رڳو هن شهر جي نوجوانن پر ٻين علائقن ۽ ملڪن کان ايندڙ انٽرنيشنل شاگردن جي اعليٰ تعليم جي گهرجهن کي به پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
    مونيش يونيورسٽي الفرڊ ڪئمپس: مونيش يونيورسٽي جي هيءَ ڪئمپس ”دي الفرڊ هاسپيٽل“ ۾ واقع آهي جيڪا وڪٽوريا رياست جي ٻيو نمبر وڏي اسپتال آهي. مونيش يونيورسٽي جي هن ڪئمپس تي سندس نالو پڻ هن اسپتال جي نسبت سان ئي پيل آهي جنهنڪري هيءَ الفرڊ ڪئمپس جي نالي سان سڃاتي ويندي آهي. ميڊيڪل سائنسز جا ڪجهه اهم شعبا هن ڪئمپس جي سڃاڻپ بڻيل آهن. انهن شعبن ۾ سينٽرل ڪلينيڪل اسڪول، پبلڪ هيلٿ ائنڊ پريوينو ميڊيسن اسڪول، ڊپارٽمنٽ آف فارينسڪ ميڊيسنز ۽ ڊپارٽمنٽ آف ايپيڊيمالاجي قابل ذڪر آهن.
    مونيش يونيورسٽي پارڪوِل ڪئمپس: هي ڪئمپس ميلبورن جي اترئين مرڪزي ۽ تجارتي علائقي کان ٽن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي پارڪوِل واري علائقي ۾ واقع آهي. هي جديد طرز تي ٺهيل ڪئمپس آهي جنهن ۾ موجود عالمي معيار جون ريسرچ لئبارٽريون ۽ تدريسي سهوليتون شاگردن جي پڙهائي ۽ تحقيق واري عمل ۾ وڏي معاونت ڪنديون رهن ٿيون. هن ڪئمپس جي مکيه فئڪلٽين ۾ فئڪلٽي آف فارميسي ائنڊ فارماسوٽيڪل سائنسز، فئڪلٽي آف اسپيشلائيزيشن اِن ايرياز آف فارميوليشن سائنسز ۽ فئڪلٽي آف ميڊيسنل ڪئمسٽري شامل آهن.
    مونيش يونيورسٽي جي هڪ خاص ڳالهه هيءَ به آهي تي هن جي شاگردن ۾ ڇوڪرن کان وڌيڪ تعداد ڇوڪرين جو آهن هن جي ڪل 64 هزار شاگردن ۾ 36 هزار ڇوڪريون ۽ 28 هزار ڇوڪرا زير تعيلم آهن. مونيش يونيورسٽي ۾ معياري تعليم ۽ تحقيق واري عمل جي پيش ِنظر هتي انٽرنيشنل شاگردن جو پڻ وڏو انگ موجود هجي ٿو. هن سال به هن يونيورسٽي ۾ پرڏيهي شاگردن جو تعداد 11 هزار آهي جيڪي دنيا جي ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ملڪن مان ڪُوچ ڪري مونيش يونيورسٽي ۾ اچي علم جي بحر مان فيض ياب ٿي رهيا آهن.
    ملائيشيا جي صوبي سلنگور جي شهر ”بندر سن وَي“ ۾ واقع مونيش يونيورسٽي جي سن وَي ڪئمپس به آسٽريليا کان ٻاهر مونيش يونيورسٽي جي نامياري ۽ معياري ڪئمپس ليکي وڃي ٿي. هن يونيورسٽي ۾ ملائيشيا ۽ ٻين ملڪن کان آيل شاگردن جو پڻ خاصو تعداد زير تعليم آهي. ملائيشيا ۾مونيش يونيورسٽي جي هن ڪئمپس ۾ اٽڪل چار هزار شاگرد گريجوئيشن کان ڊاڪٽوريٽ جي ڊگرين تائين وارن ڪورسن ۾ داخل آهن. هن ڪئمپس جي مکيه فئڪلٽين ۾ ميڊيسن ائنڊ هيلٿ سائنسز فئڪلٽي، انجنيرنگ فئڪلٽي، انفارميشن فئڪلٽي، بزنس، آرٽس ائنڊ سائنس فئڪلٽيون اچي وڃن ٿيون.
    آسٽريليا ۾ مونيش يونيورسٽي جي مختلف فئڪلٽين ۽ تدريسي شعبن جي مقبوليت ۽ اهميت جو اندازو اتي داخل شاگردن جي تعداد مان به لڳائي سگهجي ٿو. يونيورسٽي جي معلوماتي لٽريچر مطابق شاگردن جو وڌ ۾ وڌ انگ هن يونيورسٽي جي بزنس ائڊمنسٽريشن ائنڊ ايڪنامڪس واري فئڪلٽيءَ ۾ داخل آهي جن جو تعداد 16 هزار شاگردن تي مشتمل آهي. ان کان علاوه ميڊيسن، نرسنگ ائنڊ هيلٿ سائنسز واري فئڪلٽي ۾ 11 هزار شاگرد، آرٽس ۾ 10 هزار، انجنيئرنگ فئڪلٽي ۾ 6 هزار، سائنس ۾ ساڍا پنج هزار، ايجوڪيشن فئڪلٽي ۾ ساڍا پنج هزار، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ 3 هزار، لا ۾ ساڍا ٽي هزار، فارماسوٽيڪل سائنسز ۾ ٻه هزار، آرٽس ڊزائين ائنڊ آرڪيٽيڪچر ۾ پوڻا ٻه هزار ۽ ڪجهه شاگرد ٻين شعبن ۾ به داخل آهن.
    مونيش يونيورسٽي ۾ غريب پر غير معمولي صلاحيتون رکندڙ ذهين شاگردن لاءِ ”سر جان مونيش اسڪالرشپ پروگرام“ جي نالي سان مالي سهائتا جو هڪ نظام به آهي جنهن تحت ضرورتمند شاگردن کي سندن ميرٽ ۽ ضرورتن جي مطابق مختلف اسڪالرشپس ڏنيون وينديون آهن. اهڙين اسڪالرشپس ۾ مونيش انٽرنيشنل اسڪالرشپ، مونيش اسڪالرشپ فار ايڪسيپشنل اچيومنٽ ۽ مونيش اسڪالرشپ فار ايڪسيلينس شامل آهن.
    بهرحال مونيش يونيورسٽي جيڪا پنهنجي قيام کان اڄ تائين آسٽريليا ۾ علم جو فيض عام ڪندي رهي ٿي، ان مان مختلف شعبن جون ڪيتريون ئي نامياريون شخصيتون علم جي دولت سان مالا مال ٿي پنهنجي قوم ۽ ملڪ جي ترقي ۾ هٿ ونڊائينديون رهن ٿيون. جيڪڏهن اوهان به مستقبل ۾اهڙن ئي ڪامياب شخصيتن جي لسٽ ۾ پنهنجو نالو لکرائڻ جا خواهشند آهيو ته پوءِ محنت جو سندرو ٻڌي اعليٰ تعليم جي تلاش لاءِ نڪري پئو، دنيا جي سڀني اعليٰ درسگاهن سميت آسٽريليا جي مونيش يونيورسٽي به اوهان جي آمد جي انتظار ۾ آهي.

    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 25 فيبروري 2015ع)


    گرفٿ يونيورسٽي

    Griffith University

    گرفٿ يونيورسٽي

    جيڪا خوبصورت رياست ڪوئينس لينڊ ۾ قائم آهي

    ”گرفٿ يونيورسٽي“ جو سربستو احوال لکڻ کان پهريان مان اُن سوال جي جواب ۾ ڪجهه لکڻ چاهيان ٿو جيڪو اڪثر ڪري منهنجا پڙهندڙ دوست مون کان پڇندا رهندا آهن. سندن سوال هوندو آهي ته ڇا مان اُهي سڀئي ملڪ گهمي چڪو آهيان جن ملڪن جي يونيورسٽين تي تعارفي مضمون لکندو رهان ٿو؟
    منهنجَي مانوارن دوستن جي اطلاع لاءِ عرض آهي ته هن وقت تائين مان صرف اٺن ملڪ جهڙوڪ برطانيا (انگلينڊ، اسڪاٽلينڊ، ويلز)، آمريڪا (نيويارڪ، واشنگٽن، هيوسٽن، پينسلوينيا)، ترڪي (استنبول) سريلنڪا (ڪولمبو، ڪينڊي، نوارايليا)، سعودي عرب (مڪو، مدينو، جده) ، متحده ارب امارات (دبئي، شارجه، عجمان، ابوظهبي، ام القوين، الفجيره)، ايران (تهران، زاهدان، مشهد، قم، اصفهان) ۽ عراق (ڪربلا، مشهد، ڪاظمين، سامره) ۾ وڃي چڪو آهيان. آمريڪا، ترڪي ۽ عراق ڏانهن هي مضمون لکڻ ۽ ڪاوش اخبار ۾ ڇپجڻ کان ڪجهه عرصو پوءِ ويو هيس، باقي دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ڪو نه ويو آهيان. ها، جيتري قدر اڻڏٺن ملڪن، ماڻهن ۽ درسگاهن تي لکڻ جو سوال آهي ته ان جو جواب ڪنهن ڏاهي جي هن قول مان به ملي سگهي ٿو، جنهن ۾ هن چيو آهي ته ”علم انسان جي ٽين اک آهي“.
    حقيقت ۾ فطري طور تي ڪو به انسان پنهنجين ٻن اکين سان صرف اهو ئي ڪجهه ڏسي ۽ پسي سگهي ٿو جيڪو ڪجهه سندس سامهون موجود هجي ٿو ۽ جيستائين سندس نظر جي پهچ هجي ٿي. اهڙيءَ طرح پنهنجين ٻن اکين سان طبعي طور هو محدود حدن تائين شين کي ڏسي ۽ پرکي سگهي ٿو، پر ان جي ابتڙ، علم ڪنهن به انسان جي اهڙي اک جيان هوندو آهي جنهن جي وسيلي هو نه رڳو سندس سامهون موجود شين جي انهن حقيقتن ۽ گهرائين تائين به پهچي سگهندو آهي جيڪي سندس ٻن اکين کان اوجهل هونديون آهن پر هو ته پنهنجي علم واري ان ٽين اک سان زمان ۽ مڪان جون سڀئي سرحدون پار ڪري لکين سال اڳ وارين حقيقتن، ۽ هزارين ميلن تي واقع جڳهن جاين، ماڳن، مڪانن جي تاريخ، اتان جي سياسي سماجي حالتن ۽ علمي ادبي ۽ ثقافتي منظرنامن سان به مکا ميل ٿي سگهي ٿو ۽ انهن جي کوج به ڪري سگهي ٿو.
    مان به دنيا جي درسگاهن تي لکڻ لاءِ پنهنجي ان ٽين اک جو استعمال ڪري انهن بابت اهم حقيقتون معلوم ڪري وٺندو آهيان. ان حوالي سان تحقيق لاءِ منهنجا جيڪي ذريعا هوندا آهن انهن ۾ انٽرنيٽ، معلوماتي بروشر، ڪتاب، اخبارون، دنيا جي يونيورسٽين مان پڙهي آيل يا اتي پڙهندڙ سنڌي نوجوان ۽ مختلف ملڪن ۾ مستقل طور رهندڙ سنڌي ماڻهو شامل آهن. مان انهن سڀني سان سلهاڙيل رهندو آهيان ۽ انهن مٿي ڄاڻيل ذريعن جي مدد سان ڪنهن به ملڪ جي يونيورسٽي يا ڪنهن ٻئي درسگاهه تي ڏينهن جا ڏينهن تحقيق ڪري تعارفي مضمون لکي پڙهندڙن تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان ۽ اميد ڪندو آهيان ته من ڪي منهنجي ڏيهه جا خوشنصيب نوجوان هتان معلومات ۽اتساهه وٺي محنت ۽ جدوجهد ڪري انهن اعليٰ تعليمي ادارن ۾ پهچي اتان پاڻ کي علم، فهم ۽ ڄاڻ جي بي بها زيور سان آراستا ڪري اچن.
    گرفٿ يونيورسٽي جيڪا جديد فن تعمير جو اعليٰ نمونو ۽ معياري تعليم ۽ تحقيق جو مرڪز سمجهي وڃي ٿي تنهن جي نالي جي نسبت آسٽريليا جي اڳوڻي وزير اعظم ”سَر سيموئل واڪر گرفٿ“ جي نالي سان جڙيل آهي. سيموئل واڪر گرفٿ جيڪو آسٽريليا جي اڳوڻي وزير اعظم هجڻ سان گڏ ڪورٽ آف ڪوئينسلنڊ جو چيف جسٽس ۽ ڪورٽ آف آسٽريليا جو پهريون چيف جسٽس ۽ هڪ لائق ۽ انصاف پسند جج به رهي چڪو آهي، تنهن جو هڪ وڏو ڪارنامو اهو به ڳڻجي ٿو ته هو آسٽريليا جو آئين ٺاهيندڙ سياسي دانشورن مان پڻ هڪ اهم ڪردار آهي. سر سيموئل گرفٿ جي انهن خدمتن جي عيوض کيس خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ هن يونيورسٽي جو نالو ”گرفٿ يونيورسٽي“ رکيو ويو.
    سرڪاري نگراني هيٺ هلندڙ يونيورسٽي (Griffith University) ريسرچ يونيورسٽي آهي جيڪا اڃا پنهنجي زندگيءَ جي صرف چاليهين سال ۾ پئي هلي پر هن انهيءَ مختصر عرصي اندر نه رڳو آسٽريليا پر دنيا جي ٻين ملڪن کان ايندڙ شاگردن جي تعليم ۽ تربيت ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي اهو هن جي تاريخ ۾ سونهري باب جيان شامل آهي. يونيورسٽي جي مقبوليت جو اندازو هن ڳالهه مان به لڳائي سگهجي ٿو ته هتي هن وقت به اٽڪل 43 هزار شاگرد پڙهي رهيا آهن جن ۾ خاصو تعداد دنيا جي ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ملڪن مان آيل نوجوانن جو پڻ شامل آهي.
    گرفٿ يونيورسٽي آسٽريليا جي ڏکڻ اوڀر ۾ واقع سندس ٻيو نمبر وڏي ۽ خوبصورت رياست ڪوئينسلئنڊ (Queensland)جي گاديءَ واري شهر برسبين (Brisbane) جي هڪ نواحي علائقي ناٿن (Nathan) ۾ واقع آهي. هن يونيورسٽيءَ جون پنج ڪئمپسون آهن جيڪي هن رياست جي پنجن مختلف علائقن ۾ واقع آهن. هن جي قيام جي قصي کي چاجڻ لاءِ جڏهن هن جي تاريخ جي ورقن تي نظر ڦيرائجي ٿي ته پروڙ پئجي ٿي ته اهو 1965 جو زمانو هيو جو آسٽريليا جي رياست ڪوئينسلينڊ جي گادي واري شهر برسبئن ۾ اعليٰ تعليم جو هڪ وڌيڪ خود مختيار ادارو قائم ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪئي وئي. ڪوئينسلينڊ جي سرڪار ان ضرورت جي پورائي لاءِ ”برسبئن“ شهر جي مرڪزي علائقي کان اٽڪل ست ڪلوميٽر پري هڪ علائقي ”ناٿن“ ۾ 430 ايڪڙ زمين هن اعليٰ درسگاهه جي عمارتن جي تعمير لاءِ مخصوص ڪري ڇڏي. ان کان پوءِ گرفٿ يونيورسٽي جي قيام جون تياريون ڪجهه سال جاري رهيون ۽ آخرڪار جڏهن هي يونيورسٽي ٺهي راس ٿي ته 1975ع ۾ پهريون ڀيرو هن ۾ تدريسي عمل جو آغاز ڪيو ويو. شروعات ۾ هن جا چار اسڪول جيڪي فئڪلٽين واري حيثيت رکن پيا شروع ڪيا ويا جن ۾ پهرين انڊرگريجوئيٽ بيچ ۾ 441 ڄڻن کي داخلائون ڏنيون ويون. يونيورسٽي جي انهن بنيادي چئن اسڪولن ۾ اسڪول آف آسٽريلين انوائرنمنٽل اسٽڊيز، اسڪول آف سائنس، اسڪول آف هيومنٽيز، اسڪول آف ماڊرن ايشين اسٽڊيز اچي وڃن ٿا. انهن اسڪولن ۾ مٿي ڄاڻيل ڊسپلينس جا ڪي ئي ٻيا تدريسي شعبا پڻ قائم ڪيا ويا جن ۾ شاگردن پنهنجي دلچسپي،صلاحيت ۽ جاب مارڪيٽ جي ضرورتن کي مدِنظر رکي گريجوئيشن وارن ڪورسن ۾ داخل ٿيڻ لڳا. ناٿن ۾گرفٿ يونيورسٽي جي اها پهرين عمارت جنهن ۾ اڄ کان اٽڪل 40 سال اڳ تدريسي عمل شروع ٿيو هو اها هن يونيورسٽي جي پهرين ۽ بنيادي ۽ مکيه ڪئمپس ليکي وڃي ٿي جيڪا ”ناٿن ڪئمپس“ جي نالي سان مشهور آهي.
    ناٿن ڪئمپس جيڪا پنهنجي علائقي جي قدرتي نظارن ۽ زميني لينڊ اسڪيپس جي مناسبت سان ٿيار ٿيل عمارتن ۾ واقع آهي ان جي ڊزائين ملڪ جي نامياري ۽ ماهر آرڪيٽيڪٽ انجنيئر ”رابن گبس“ کان ڪرائي وئي هئي. گرفٿ يونيورسٽي جي لائبريري پڻ پنهنجي خوبصورتي ۽ فن تعمير جو هڪ اعليٰ نمونو سمجهي وڃي ٿي جيڪا پڻ رابن گبسن ڊزائين ڪئي هئي. رابن گبسن پاران گرفٿ يونيورسٽي جي لائبريري جي اهڙي بهترين ۽ خوبصورت ڊزاينئنگ جي عيوض کيس لائبريري ڊزائينگ جو آسٽريليا جو پهرين نيشنل ايورڊ کيس ڏنو ويو هو. گرفٿ يونيورسٽي هن جون ٻيون چار ڪئمپسون ڪوئينسلينڊ جي ٻين علائقن جهڙوڪ گولڊ ڪوسٽ شهر، لوگان سِٽي ۽ برسبئن (Brisbane) جي ٻن ٻين نواحي علائقن ”سائوٿ بئنڪ“ ۽ ”مائونٽ گروئيويٽ“ ۾ واقع آهن. انهن ڪئمپسن بابت مختصر معلومات هيٺيئن ريت آهي.
    گولڊ ڪوسٽ ڪئمپس: هي ڪئمپس آسٽريليا جي خوبصورت ساحلي شهر گولڊ ڪوسٽ ۾ واقع آهي. ڏيهي ڪلچر ۽ روايتن جون جهلڪيون هن علائقي کي هڪ خاص خوبصورتي بخشين ٿيون. برسبئن کان اٽڪل 94 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع هن شهر کي آسٽريليا جي اصولڪن ”ڪمبوميري ابوريجنل“ ماڻهن جي ڌرتي پڻ سڏيو ويندو آهي. گرفٿ يونيورسٽي جي گولڊ ڪوسٽ ڪئمپس ۾ اٽڪل ساڍا سترهن هزار شاگرد داخل آهن جيڪي هن ڪئمپس ۾ موجود مختلف تدريسي شعبن مان ڪورس ڪري رهيا آهن. هن ڪئمپس جو گرفٿ سينٽر فار ميڊيسن ائنڊ اورل هيلٿ تدريسي سرگرمين سان گڏ تحقيقي سرگرمين جو پڻ مرڪز بڻيل آهي. ان کان علاوه هن سينٽر ۾ واقع مختلف لئباريٽريون ۽ ڊينٽل ڪلينڪ هتان جي عوام جي ميڊيڪل وارين سهوليتن ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪنديون رهن ٿيون. هتي ئي يونيورسٽي جي ٽيچنگ هاسپيٽل پڻ ميڊيڪل سائنس جي شاگردن جي تربيت ۾ اهم جاءِ والاري ٿي. هيءَ ڪئمپس ميڊيڪل سائنس جي تعليم ۽ تحقيق ۾ تمام گهڻي شهريت رکي ٿي. ان سان گڏ هن جا انسٽيٽيوٽ آف بزنس ائنڊ ٽيڪنالاجي پڻ پنهنجي ڪارڪردگيءَ جي ڪري گهڻي نيڪنامي رکن ٿا.
    لوگان سٽي ڪئمپس: گرفٿ يونيورسٽي جو جيتوڻيڪ گهڻو فوڪس ڪميونٽي هيلٿ ۽ ايجوڪيشن ۾ ڊگري ڪورسن واري تعليم ۽ تربيت تي آهي پر هن جا ٻيا تدريسي ۽ تحقيقي پروگرام جهڙوڪ انفارميشن ائنڊ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي، ٽيچنگ ائنڊ ريسرچ ۽ بزنس وغيره پڻ شاگردن ۾ گهڻو مقبول آهن. هن ڪئمپس ۾ اٽڪل ٽي هزار شاگرد مختلف ڊگرين لاءِ پنهنجي پڙهائي ۾ مصروف آهن.
    سائوٿ بئنڪ ڪئمپس: هيءَ ڪئمپس خاص طور تي تخليقي ۽ پرفارمنگ آرٽ واري تعليم ۾ ڊگري ۽ ٽريننگ ڪورسن واري حوالي سان گهڻي شهرت رکي ٿي. هن ڪئمپس ۾ واقع ڪوئينسلينڊ ڪاليج آف آرٽ، گرفٿ گريجوئيشن سينٽر ۽ ڪوئينسلينڊ ڪنزرويٽوريم واري حوالي سان پڻ مشهور آهي. هن يونيورسٽي ۾ پڻ مٿي ڄاڻيل شعبن جي مختلف گريجوئيشن ۽ پوسٽ گريجوئيشن ڊگري ڪورسن ۾اٽڪل چار هزار شاگرد داخل آهن.
    مائونٽ گرئيويٽ ڪئمپس: هيءَ ڪئمپس خاص طور تي سوشل ۽ بهيوريل سائنس جي تعليم واري حوالي سان سڃاتي وڃي ٿي. ان کان علاوه بزنس ائنڊ ٽيڪنالاجي واري حوالي سان پڻ هن جا انسٽيٽيوٽ معياري تعليم ۽ تربيت مهيا ڪندا رهن ٿا. مجموعي طور تي گرفٿ يونيورسٽي ۾ انجنئيرنگ، ميڊيڪل سائنسز، بزنس ايڊمنسٽريشن ائنڊ مئنيجمنٽ، سوشل سائنسز ائنڊ هيومنٽريز، انوائرنمنٽ، پلاننگ ائنڊ آرڪيٽيڪچر، ايجوڪيشن، سائنسز، جنرل سائنس، ڪامرس، ايجوڪيشن ائنڊ پروفيشنل اسٽڊيز، ايشين اسٽڊيز، لئنگوجز ائنڊ لئنگوسٽڪس، لٽريچر، ڪرمنالاجي، فزيڪل سائنسز، فلم، سوشل ورڪ، ڊينٽسٽري، نرسنگ ائنڊ مڊ وائفري، وزيئل ۽ ڪريئيٽِو آرٽ ۽ ٻين جديد علمن جا تدريسي ۽ تحقيقي شعبا قائم آهن.
    انهن تدريسي سهوليتن کان علاوه شاگردن جي ذهني نشونما، تفريح، صحت ۽ سماجي ۽ ثقافتي سرگرمين لاءِ پڻ جوڳو بندوبست ٿيل آهي. آسٽريليا جي ٻين شهرن کان ايندڙ شاگردن توڙي انٽرنيشنل شاگردن جي رهائش لاءِ بهترين هاسٽلون پڻ موجود آهن. انهن هاسٽلن مان ڪنهن هڪ ۾ اوهان به رهي سگهو ٿا پر شرط اهو آهي ته اوهان پنهنجي ميرٽ، صلاحيت ۽ تعليمي سطح وارن سرٽيفڪيٽن جي آڌار تي پهريان گرفٿ يونيورسٽي ۾ ڪنهن به ڊگريءَ يا ڪورس لاءِ داخلا وٺو ۽ پوءِ گرفٿ يونيورسٽي جي هاسٽلن ۾ رهڻ جا به حقدار بڻجي ويندؤ.

    (ڪاوش مڊ ويڪ مئگزين، 27 مئي 2015ع)


    ميڪسيڪو جي يونيورسٽي

    نيشيل آٽونامس يونيورسٽي


    National Autonomous University, Mexico

    نيشيل آٽونامس يونيورسٽي

    جيڪا ميڪسيڪو جي مشهور يونيورسٽي آهي

    ڏکڻ آمريڪا جنهن کي لاطيني آمريڪا به سڏجي ٿو، ۾ واقع نامياري ملڪ ميڪسيڪو جي ”نيشنل آٽونامس يونيورسٽي“ جو احوال لکڻ کان پهريان ميڪسيڪو حڪومت جي اعلانيل هڪ اهڙي اسڪالرشپ جو ذڪر ڪريون ٿا جيڪا، ممڪن آهي ته ڪنهن به باصلاحيت، هوشيار ۽ همٿ ڀرئي نوجوان کي ميڪسيڪو ملڪ جي ”نيشنل آٽونامس يونيورسٽي“ سميت اتان جي ٻين درسگاهن مان پڻ تعليم پرائڻ جو موقعو فراهم ڪري ڏئي.
    هيءَ اسڪالرشپ جنهن جو نالو آهي ”ميڪسيڪن گورنمنٽ اسڪالرشپ پروگرام فار فارين اسٽوڊنٽس“ (Mexican Govt. Scholarship Program for Foreign Students) تنهن موجب پاڪستان سميت دنيا جي 180 ملڪن جا باصلاحيت شاگرد جيڪي ميڪسيڪو جي تعليمي اداران مان تعليم حاصل ڪرڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا، اهي هن اسڪالرشپ لاءِ درخواست ڏئي سگهن ٿا. هي اسڪالرش ميڪسيڪو جي ٻين درسگاهن سميت نيشنل آٽونامس يونيورسٽي مان اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ به ڪم آڻي سگهجي ٿي. اسڪالرشپ جا وڌيڪ تفصيل هن ريت آهن ته سواءِ بزنس ايڊمنسٽريشن، اڪائونٽنگ، مارڪيٽنگ، ايڊورٽائزمنٽ، ڊينسٽري ۽ پلاسٽڪ سرجري وارن ٽيچنگ سبجيڪٽن جي باقي هيومنٽيز، سوشل سائنسز، ميڊيڪل، انجنيئرنگ ۽ جنرل سائنس جي ٻين سڀني سبجيڪٽن مان ڪنهن ۾ به ماسٽرس ۽ ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ يا گريجوئيٽ ۽ پوسٽ ڊاڪٽوريل سطح جي ريسرچ ڪرڻ لاءِ هي اسڪالرشپ حاصل ڪري سگهجي ٿي. انهي اسڪالرشپ وسيلي صرف ميڪسيڪو جي اهڙن 70 کن اعليٰ معيار جي درسگاهن جيڪي ميڪسيڪو جي ”نيشنل ڪائونسل فار سائنس ائنڊ ٽيڪنالاجي“ وٽ رجسٽر ٿيل آهن، مان ڪنهن به هڪ مان تعليم حاصل ڪري سگهجي ٿي. هن اسڪالرشپ لاءِ درخواست ڏيڻ جي آخري تاريخ 31 آگسٽ 2015ع آهي. ان بابت وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ انٽرنيٽ وسيليwww.scholarship-positions.com ويب سائيٽ تي ڏنل ”ميڪسيڪن گورنمنٽ اسڪالرشپ پروگرام 2016ع“ جي اشتهار کي ڌيان سان پڙهڻ گهرجي يا پاڪستان ۾ ميڪسڪو واري سفارتخاني مان يا ان جي ويب سائيٽ تان معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي.
    ميڪسيڪو ملڪ، جنهن جي گاديءَ جو شهر ”ميڪسيڪو سِٽي“ سڏجي ٿو، ان جي گاديءَ واري شهر ۾ قائم ”نيشنل آٽونامس يونيورسٽي“ ۾ نه رڳو سينٽرل ۽ لاطيني آمريڪا پر ٻين ملڪن جي شاگردن سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا شاگرد زير تعليم آهن. نيشنل آٽونامس يونيورسٽي آف ميڪسيڪو (National Autonomous University of Mexico) سرڪاري سرپرستي ۾ هلندڙ ريسرچ يونيورسٽي آهي جنهن کي سينٽرل آمريڪا سميت لاطيني آمريڪا جي سڀ کان وڏي يونيورسٽي هجڻ جو اعزاز حاصل آهي.
    جيتوڻيڪ هيءَ يونيورسٽي پنهنجي موجوده شڪل ۽ صورت ۾ ته اڄ کان صرف هڪ صدي کن اڳ يعني 22 سيپٽمبر 1910ع ۾ وجود ۾ آئي پر حقيقت ۾ ”نيشنل آٽونامس يونيورسٽي“ ميڪسيڪو جي ان قديم درسگاهه جو تسلسل آهي جنهن جي قدامت ساڍن چئن صدين تي ڦهليل آهي. ان تاريخي درسگاهه جو نالو ”رايل ائنڊ پونٽيفيڪل يونيورسٽي آف ميڪسيڪو“ آهي جيڪا ميڪسيڪو سِٽيءَ ۾ مقدس رومن سلطنت (Holy Roman Empire) جي ان وقت جي حڪمران ”چارلس پنجين“ جي هڪ حڪمنامي جي پيرويءَ ۾ 21 سيپٽمبر 1551ع ۾ قائم ڪئي ويو هئي. ياد رهي ته هي اهو زمانو هيو جڏهن رومن ايمپائير جيتوڻيڪ پنهنجي جوانيءَ جا ڏينهن گذاري پنهنجي پڇاڙڪي دور ۾ داخل ٿي چڪي هئي پر اڃا ان وقت تائين يورپ ۽ دنيا جي ڪجهه ٻين ملڪن سميت سينٽرل آمريڪا جو هي ملڪ ميڪسيڪو پڻ مقدس رومن سلطنت جو حصو ئي هيو ۽ هتي ان وقت رومي بادشاهه جو ئي حڪم هلندو هيو.
    آڳاٽي رَوم (Rome)، جيڪو هاڻي اٽليءَ جو هڪ تاريخي شهر آهي، جي نسبت سان رومن ايمپائير سڏجندڙ هن سلطنت جي شروعات 27 قبل مسيح واري دور ۾ تڏهن ٿي هئي جڏهن آڪٽيويئن (Octavian) نالي هڪ همراهه رَوم جي رياست جي پهرين بادشاهه جي حيثيت سان حڪومتي واڳون سنڀالي آگسٽس(Augustus) جو لقب اختيار ڪيو. آگسٽس جي معني آهي ”باعزت“. اهڙي طرح رومن ايمپائير جو بنياد پيو.ان کان پوءِ رومن ايمپائر جو دائرو وڌائڻ لاءِ مختلف دورن ۾هن جا مختلف حڪمران ٻين ملڪن تي چڙهايون ڪري انهن کي فتح ڪندا رهيا اهو سلسلو تيستائين جاري رهيو جڏهن پنجين عيسوي صدي يعني 476ع ۾ رومن ايمپائير جي آخري حڪمران ”روملس آگسٽلسس“ (Romulus Augustulus) کي بيدخل ڪيو ويو. ان کا پوءِ رومن ايمپائير ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي جهڙوڪ وَيسٽرن رومن ايمپائير ۽ اِيسٽرن ايمپائير. اڳتي هلي ايسٽرن رومن ايمپائير ته 1453ع ۾ ختم ٿي وئي پر ويسٽرن ايمپائير ”هولي رومن ايمپائير“ جي نالي سان 1806ع تائين قائم رهي.
    ميڪسيڪو جيڪو اسپين جي قبضي هيٺ هيو سو پڻ اسپين مٿان رومن ايمپائر قابض ٿيڻ سان هولي رومن ايمپائير جو حصو بڻجي ويو هو. ان ئي زماني ۾ هولي رومن ايمپائير جي بادشاهه چارلس پنجين (Charles V) ميڪسيڪو جي گادي واري شهر ميڪسڪو سِٽيءَ م 1551ع ۾ ”رايل ائنڊ پونٽيفيڪل يونيورسٽي آف ميڪسڪو“ جي نالي سان هڪ درسگاهه قائم ڪرايو هيو جيڪو بعد ۾ ”نيشنل آٽونامس يونيورسٽي آف ميڪسيڪو“ جو بنياد بڻيو.
    نيشنل آٽونامس يونيورسٽي آف ميڪسيڪو جي قائم ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ان وقت جي ميڪسيڪو جي وزير تعليم، ”جسٽو سيرا“ جو آهي. هو ترقي پسند رويا رکندڙ علم دوست ماڻهو هيو جنهن 1910ع ۾ جديد دور جي ضرورتن تحت لبرل ايجوڪيشن کي ميڪسيڪو ۾ عام ڪرڻ پئي چاهيو تنهن آٽونامس يونيورسٽي کي بنا دير آپريشنل بڻائڻ لاءِ هن جو ڪم ڪار ان ئي عمارتن ۾ شروع ڪرايو جن ۾ آڳاٽي دور ۾ رايل ائنڊ پونٽيفيڪل يونيورسٽي آف ميڪسڪو قائم هئي جيڪا پوءِ بدلجندڙ دور جي تعليمي ضرورتن سان هم آهنگ نه ٿي سگهڻ ڪري 1867ع ۾ بند ٿي چڪي هئي. نيشنل آٽونامس يونيورسٽي جي ان پراڻي ۽ مکيه ڪئمپس، جيڪا ”سيوڊيڊ يونيورسٽيريا“ جي نالي سان مشهور آهي، کي 2007ع ۾ يونيسڪو پاران ”ورلڊ هيريٽيج سائيٽ“ (UNESCO World heritage Site) قرار ڏنو ويو آهي.
    نيشنل آٽونامس يونيورسٽيءَ کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته هن جا ٽي اڳوڻا شاگرد مختلف شعبن ۾ سٺي ڪارڪردگي جي ڪري نوبيل انعام حاصل ڪري چڪا آهن، اهي اڳوڻا لائق شاگرد جيڪي هاڻي نه رڳو ميڪسيڪو پر دنيا جا ناميارا سائنسدان ۽ سماج سڌارڪ آهن انهن ۾ الفانسو گاريشيا روبلس (امن جو نوبيل انعام يافته)، آڪٽيويوپاز (ادب جو نوبيل انعام يافته) ۽ ماريو مولينا (ڪيمسٽري جو نوبيل انعام يافته) شامل آهن. انهن کان علاوه نيشنل آٽونامس يونيورسٽي جي اڳوڻن شاگردن ۾ ميڪسيڪو جا پنج صدر جهڙوڪ ڪارلوس ساليناس، لوئيس ايچيوريا، مگيول اليمان ۽ ميڊرڊ هرتادو. ڪوسٽا ريڪا جو اڳوڻو صدر ابيل پاشيڪو، گئٽامالا جو اڳوڻو صدر الفانسو پورٽيلو ۽ بوليوويا جو اڳوڻو نائب صدر الويرو گريشيا سميت مڪسيڪو ۽ دنيا جي علم ادب، سماج ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو وڏيون نامور شخصيتون به شامل آهن.
    نيشنل آٽونامس يونيورسٽي ۾ 40 فئڪلٽيون، ۽ ڪيئي ٻيا انسٽيٽيوٽ، ڪلچرل سينٽر، ايڪالاجيڪل رِزَروَ، سينٽرل لائبريري، ميوزم، نارمل ۽ نيشنل پرپيئريٽري اسڪول وغيره آهن. ياد رهي ته نارمل اسڪول اهڙن ادارن کي سڏيو ويندو آهي جتي استادن جي تربيت ٿيندي آهي ۽ جتي کين پڙهڻ پڙهائڻ جا ڍنگ ۽ اصول سيکاريا ويندا آهن.
    نيشنل آٽونامس يونيورسٽي ۾ جديد تعليم جا سڀئي شعبا موجود آهن جن ۾ گريجوئيشن کان وٺي ڊاڪٽوريٽ ۽ پوسٽ ڊاڪٽوريٽ جي ڊگرين لاءِ درس و تدريس ۽ تحقيق جو ڪم ٿيندو رهي ٿو. تاهم هن جي ناميارن فئڪلٽين ۽ شعبن ۾ فئڪلٽي آف انجنيئرنگ، فئڪلٽي آف ميڊيسن، فئڪلٽي آف سائنس، فئڪلٽي آف سوشل سائسز، فئڪلٽي آف فائين آرٽس، فئڪلٽي آف پوليٽيڪل سائنس، فئڪلٽي آف جيورسپريڊنس، فئڪلٽي آف لٽريچر، فئڪلٽي آف ويٽرنري ميڊيسن ائنڊ اينيمل سائنسز، فئڪلٽي آف آرڪيٽيڪچر، فئڪلٽي آف اڪائونٽنگ ائنڊ ايڊمنسٽريشن کان علاوه ٻيا ڪي ئي تدريسي شعبا آهن جن ۾ هر وقت تدريس ۽ تحيقيق جو ڪم اعليٰ طريقي سان ٿيندو رهي ٿو جنهنڪري اتان جا استاد ۽ شاگرد هميشه متحرڪ رهن ٿا.
    انهن کان علاوه نيشنل آٽونامس يونيورسٽي جا ڪجهه ناميارا نيشنل اسڪول جهڙوڪ نيشنل اسڪول آف پلاسٽڪ آرٽ، نيشنل اسڪول آف ميوزڪ، نيشنل اسڪول آف نرسري ائنڊ ابسٽيٽرڪ، نيشنل اسڪول آف سوشل ورڪ، نيشنل پرپيئريٽري اسڪول، نيشنل اسڪول آف هاءِ اسٽڊيز پڻ پنهنجي ڪارڪردگيءَ جي حوالي سان وڏي نيڪنامي رکن ٿا. هن يونيورسٽي جا ڪاليج آف سائنس ائنڊ هيومينٽيز ۽ ان جا ٻيا پنج اسڪول ۽ انسٽيٽيوٽ آف اِيسٿيٽڪ ريسرچ ۽ سينٽر فارجينومڪس سائنسز، انسٽيٽيوٽ آف ايسٽرانامي، انسٽيٽيوٽ آف بايو ٽيڪنالاجي، انسٽيٽيوٽ آف نيوڪليئر سائنسز، انسٽيٽيوٽ آف ايڪالاجي، انسٽيٽيوٽ آف سيل فزيولاجي، انسٽيٽيوٽ آف جيوفزڪس، انسٽيٽيوٽ آف مٽيريلس ريسرچ، انسٽيٽيوٽ آف ڪيمسٽري، انسٽيٽيوٽ آف بايو ميڊيڪل، انسٽيٽيوٽ آف اپلائيڊ ميٿميٽڪس ائنڊ سسٽمس ريسرچ ۽ انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ پڻ پنهنجي تحقيقي ۽ تدريسي ڪم جي لحاظ کان گهڻا نمايان آهن. نيشنل آٽونامس يونيورسٽيءَ جون ميڪسيڪو سِٽي ۾ ڇهه ڪئمپسون آهن، جڏهن ته ميڪسيڪو جي مختلف شهرن ۾ پڻ هن يونيورسٽيون جون اٺ سيٽلائيٽ ڪئمپسون انهن شهرن جي نوجوانن جي تعليم ۽ تربيت ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪنديون رهن ٿيون.
    ميڪسيڪو کان ٻاهر نيشنل آٽونامس يونيورسٽي جا توسيعي اسڪول ڪئناڊا، يونائيٽيڊ اسٽيٽس ۽ چين ۾ واقع آهن جيڪي پڻ ٻين سبجيڪٽن جي پڙهائي سان گڏ خاص طور تي اسپينش ۽ انگريزي ۽ فرينچ ٻوليءَ جي سکيا ۾ اڳواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪندا رهن ٿا. هن جي اهڙن اسڪولن ۾UNAM اسڪول ٽيڪساس، لاس اينجلس، شڪاگو، اليناس، ڪيوبي شامل آهن.
    نيشنل آٽونامس يونيورسٽي آف ميسيڪو جا پرڏيهي شاگردن لاءِ گڏيل تعليمي ۽ تحقيقي پراجيڪٽ مختلف ملڪن جي يونيورسٽين ۾ جاري آهن. فارين اسٽڊي وارن پروگرامن ۾ هن جا پروگرام بيجنگ يونيورسٽي چين، ڪيروينٽس انسٽيٽيوٽ ميڊرڊ، اسپين، يونيورسٽي آف ڪوسٽا ريڪا، پئرس سوربون يونيورسٽي، نارٿرج يونيورسٽي ڪليفورنيا ۽ ڪئليفورنيا اسٽيٽ يونيورسٽي نارٿرج ۾ پڻ جاري آهن. بهرحال ميڪسيڪو جي نيشنل آٽونامس يونيورسٽي ۾ مٿي ڄاڻايل تعليمي سهوليتن سان گڏ شاگردن جي تندرستي ۽تفريح جي لاءِ پڻ ڪي ئي سهوليتون موجود آهن پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اتي پهچڻ لاءِ پنهنجي همٿ کي ٻيڻو ۽ ٽيڻو ڪرڻو پوندو.

    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 20 مئي 2015ع)


    A GUIDANCE GOSPEL FOR SCIONS OF SINDH

    My friend Prof. Mukhtiar Samo is an accomplished educationist, renowned writer and a popular poet of Sindhi language. He is also credited for establishing a Knowledge Centre in Larkana to quench learning thirst of youth. His book “Dunya Joon Darsgahoon” (The World Universities” is indeed, a labour of love done ardently to ignite a spark of eagerness among Sindhi students to acquire higher education in high ranking international universities abroad.
    This is the second volume of his book in this series which contains in it a detailed and interesting information about 24 Universities of USA, 7 of Canada, one of Mexico and 5 Universities of Australia. The first volume of the book published two years earlier was about 44 high ranking European universities. As of earlier this book also gives a complete insight into higher education, develops a desire among aspiring students to study in world class universities. It also guides sufficiently about admission procedures, scholarships, opportunities and facilities in those universities. The writing style of an author is very interesting, it is just like he is talking with readers in a tender tone while walking hand in hand with them through lush lawns of the world famed Universities.
    There are many inspirational anecdotes in the book to emulate and feel satisfied. For instance, while reading a history of Harvard University, one finds an inspiring role of John Harvard who had given his whole wherewithal to the “New Town College” which later on attained the status of a world famed academy known as “Harvard University” that was named after him in recognition of his love for learning, and education. The book mentions vividly about a few former USA presidents and their
    love and dedication to learning and academies, who were famous for their scholarly aptitude. Amongst them, John F. Kennedy and Thomas Jefferson were well known. John F. Kennedy was an honorary visiting professor and one line taken from his lecture has become a quotable quote. It goes so: “The Greater our knowledge increases, the greater our ignorance unfolds.” This shows a sublime sense of civility and scholarship. Another former president of USA Thomas Jefferson, was too a scholar of high repute, who had written Declaration of Independence of America. He was the founder of Virginia University. In last days of life, he had invited his heirs to declare his will before them. He had expressed his will in these terms. “Inscription on my grave epitaph should carry my name as a founder of Virginia University, not the president of USA.” It shows a culmination of commitment to the cause of learning, enlightenment and attachment with academy of a politician of high stature. There is also a marvelous mention of famous personalities who hailing from different occupations vocations and other commercial activities have played praiseworthy roles in educational advancements.
    It is an admitted fact that universities are cradles of learning, scholarship, discoveries and inventions. All Universities mentioned in the book of USA, Canada, Mexico and Australia have maintained individual identities and made their marks in different disciplines. Not only it, but they have discovered and invented startling instruments as well as made miracles in medical world, finding treatments of deadly diseases such as Diabetics and cancer. For example, Western University of London Ontario, Canada’s renowned scientist Fredric Bunting had found in his research “Insulin” in 1920 and another group of scientists headed by Iron Smith had invented “Cobalt bomb” in 1951 for cancer treatment. This shows the profound patronage and encouragement by the government to the academies.
    It would be improper not to appreciate commendable contribution of “Community Colleges of USA” for launching a laudable program known as “community College Initiative program” through which USAID and USEFP scholarships are being awarded to Pakistani students and many Sindhi youth are enjoying Studies in USA thanks to USA and her people. This “Honour for Humanity Concept” in academic arena is worth appreciating.
    The Canadian Government also aptly earns appreciation for welcome steps for enabling students to carry on their education in the fields of their interest and specialty through “Canadian students loan and grants programs” and other Foreign scholarships that facilitate students of underdeveloped countries like Pakistan to acquire education with ease.
    When I read history of Monish University of Australia, it amazed me a lot, because it is named after of Sir John Monish, an ex-army commander of Australia, in recognition of his services for country and his people without discrimination among compatriots. It reveals that he received an acknowledgement from his people in return of love he had shown to them, otherwise a General is seen as a symbol of savagery and the continuum of a saga of horror hammering Halaku Khan and so on.
    The University of Sidney Australia has been playing a very vital role in research particularly in medical fields and many breakthroughs are done by its research scholars in Heart, Lungs, Kidneys and Diabetics diseases treatments under patronage of government.
    Australian Government cogently merits compliments for facilitating and sponsoring aspiring students of underdeveloped countries like Pakistan through “Education Rhodes Scholarships Programs.” This is why many students from Sindh are studying there in different disciplines.
    There is a detailed description about National Autonomous University of Mexico, many able alumina of this university have received Nobel prizes for peace, literature, and in scientific achievements. Mexico Government also deserves plaudits for launching scholarship programs for foreign students.
    Sindhi Association of North America (SANA) is also lauded for its commendable contribution and remarkable role in social welfare services for aspirant and skilled Sindhi youth in terms of facilitation for admissions in educational institutions, accommodations, and help in getting appropriate employment. Its “Sindh Skill Development programs” (SSDP) is also highly appreciated.
    Other oversees welfare and cultural organizations like “Sindhi Association of Gulf Region” (SAGR) and “Sindhi Community of great Huston” are also lauded for guiding and helping skilled youth in pursuit of their higher education and jobs on one hand and providing occasions to expatriate Sindhis for reunion also. However, this book is an excellent addition in Sindhi literature for covering a compact history of universities of USA (North America), Canada, Mexico (Latin America), and Australia.
    Last but not least, it is my humble suggestion that this book may be made available in public as well as educational institutions libraries so as to well equip new generation and promising youth with complete information about studies in foreign Universities availing self-orientation by it.
    Well done dear Mukhtiar, you are a true savant son of Sindh, born of Moen-Jo-Daro!


    - Prof. Jam Jamali
    Larkano


    بئڪ ٽائيٽل پيج


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 982
    ڪتابن جو مشاهدو: 3271942
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 861479
    2020 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ