ڪتاب جو نالو: نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون
مصنف: انجنيئر عبدالوھاب سھتو
ڇپائيندڙ: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر
ڪيٽيگري: لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
شايع ٿيڻ جو سال: 2019
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 05 جولائي 2019 ع
پڙهيو ويو: 608 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 106 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هيءُ ڪتاب منفرد ۽ ٽه-رُخو ڪتاب آهي، جيڪو پهاڪن ۽ چوڻين تي پيار ۽ پنهنجائپ سان نُور نچوئيندڙ ۽ ناز ۽ نينهن سان لُنءَ لڳائيندڙ انجنيئر عبدالوهاب سَھتي ڪيو آهي. هِن ڪتاب ۾ پهاڪا ۽ چوڻيون به آهن، ننڍڙيون ۽ وڏڙيون آکاڻيون به آهن، ته سٺي ۽ سمجهه ڀري حياتي گذارڻ لاءِ نصيحتون به آهن، ان ڪري ئي هن ڪتاب جو نانءُ ”نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون“ رکيو ويو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي (رجسٽرڊ) قنبر جو ڪتاب نمبر ۶۲
  • سنڌ سلامت پاران
  • انتساب
  • پيش لفظ
  • مقدمو
  • متن

  • [ آ ]
  • [ ا ]
  • [ ب ]
  • [ ٻ ]
  • [ ڀ ]
  • [ ت ]
  • [ ٺ ]
  • [ پ ]
  • [ ج ]
  • [ چ ]
  • [ ڇ ]
  • [ خ ]
  • [ د ]
  • [ ڏ ]
  • [ ڍ ]
  • [ ر ]
  • [ ز ]
  • [ س ]
  • [ ش ]
  • [ ص ]
  • [ ض ]
  • [ ع ]
  • [ غ ]
  • [ ف ]
  • [ ڦ ]
  • [ ق ]
  • [ ڪ ]
  • [ ک ]
  • [ گ ]
  • [ ڳ ]
  • [ گهه ]
  • [ ل ]
  • [ م ]
  • [ ن ]
  • [ و ]
  • [ هه ]
  • [ ي ]
  • مددي ڪتاب ۽ حوالا
  • ڏسڻي
  • انجنيئر عبدالوهاب سهتي جا ڇپيل ڪتاب
  • ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر پاران ڇپرايل ڪتاب

  • ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي (رجسٽرڊ) قنبر جو ڪتاب نمبر ۶۲

    © ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي (رجسٽرڊ) قنبر ۲۰۱۹ع

    ڪتاب: نصيحت آموز آکاڻين وارا پھاڪا ۽ چوڻيون
    ليکڪ: انجنيئر عبدالوهاب سهتو
    پهريون ڇاپو: اپريل ۲۰۱۹ع
    ڇپائيندڙ: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر

    قيمت: ۳۰۰ رپيا


    “Proverbs and Sayings based on Moral Anecdotes”
    By: Engr. Abdul Wahab Sahito
    1st Edition: April 2019 A.D
    Published by: Dr. Muhabbat Academy®, Kambar
    E-mail: drmuhabbatacademy@gmail.com
    Rs. 300/-


    هيءُ ڪتاب ڊاڪٽر محبت اڪيـڊمي قنبر جي چيئرمين امتياز احمد مغل، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي، قنبر، پاران پڌرو ڪيو.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”نصيحت آموز آکاڻين وارا پھاڪا ۽ چوڻيون“اوهان اڳيان پيش آهي. ھن ڪتاب جو ليکڪ ۽ سھيڙيندڙ انجنيئر عبدالوھاب سھتو صاحب آھي.
    هيءُ ڪتاب منفرد ۽ ٽه-رُخو ڪتاب آهي، جيڪو پهاڪن ۽ چوڻين تي پيار ۽ پنهنجائپ سان نُور نچوئيندڙ ۽ ناز ۽ نينهن سان لُنءَ لڳائيندڙ انجنيئر عبدالوهاب سَھتي ڪيو آهي. هِن ڪتاب ۾ پهاڪا ۽ چوڻيون به آهن، ننڍڙيون ۽ وڏڙيون آکاڻيون به آهن، ته سٺي ۽ سمجهه ڀري حياتي گذارڻ لاءِ نصيحتون به آهن، ان ڪري ئي هن ڪتاب جو نانءُ ”نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون“ رکيو ويو آهي.
    ھي ڪتاب 2019ع ۾ ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر پاران ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آهيون پياري رياضت ٻرڙي جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ مھربانيون سائين عبدالوھاب سھتي صاحب جون جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    انتساب

    مان پنھنجي ھيءَ ننڍڙي ڪاوش پنھنجي ناني مرحوم محمد جمن ۽ نانيءَ مرحومه مؤمنة خاتون جي نالي منسوب ڪيان ٿو.
    منھنجو نانو پاڪستان جي ٺھڻ کان اڳ ئي رضا ڪري ويو ھيو، جيڪو مون اکئين ڪو نه ڏٺو. ناني ۽ امان جي واتان سندس باري ۾ گھڻو ڪجھ ٻڌم. اکين کان وڏو ھئڻ جي باوجود ھيانءَ جو سڄو ھيو. لوڪ ادب جون ڪيتريون صنفون ازبر ھيس. قصا، ڪھاڻيون، ديوَن پرين جون آکاڻيون، ڏور، بيت، نقل، نظير، مولود، ڳجھارتون، مناقبا، مناجاتون، ڏِٺون، معمائون، لِڪ وارا بيت، پھاڪا، چوڻيون وغيرھ ڄڻ پاڻ ٺاھيندو ھيو. اکين کان معذور ھيو، پر ماڻھن کي وندرائي پنھنجي ۽ پنھنجي ٻچن جي روزي ڪمائيندو ھيو.
    منھنجي نانيءَ به اھي سمورا وکر ساڻ ڪري، مڙس مئي کان پوءِ، مڙس ماڻھو ٿي ٻچا پاليا. سندس انھيءَ خوبيءَ ۽ ھمت ڀريي جذبي کي مون اکئين ڏٺو، سمجھيو، پرکيو ۽ ھينئين سان ھنڍايو.
    رب پاڪ ٻنھي کي پنھنجي جوار رحمت ۾ رکي.

    - انجنيئر عبدالوهاب سهتو


    پيش لفظ

    زندگيءَ جي باري ۾؛ اُن جي مُلهائتي ۽ اڻ ملهائتي هجڻ جي ليکي چوکي ۾؛ اُن جي ڏکن ۽ سکن، اهنجن ۽ سهنجن کي نظر ۾ رکندي؛ ان جي آزمائشن ۽ آزمودن جي حساب سان؛ سياڻن ۽ اَياڻن جي خيالن ۽ هَلتن کي پرکيندي؛ ننڍن ۽ وڏن سماجن توڙي مختلف گروهن ۽ ٽولن ۾ ڪيترن ئي قسمن جا پهاڪا ۽ چوڻيون، اصطلاح ۽ ورجيسون، گفتا ۽ ٽوٽڪا، ڪهاڻيون ۽ قصا، حڪايتون ۽ حوالَ؛ جُڙندا ۽ اڳتي وڌندا آيا آهن. انهن مان ڪيترا ئي، ٿوري گهڻي فرق سان، اکرن ۽ لفظن جي مَٽ سَٽ سان، بيان ۽ ڪلام جي گهٽ وڌائيءَ ۽ ڦير گهير سان، سيني بَسيني، ٻوليءَ ۽ سماج جي ابتدا کان ئي انسان سان ڳنڍيل رهندا آيا آهن، ڇاڪاڻ ته منجهن انسان لاءِ ئي واند جي وندر به رکيل آهي، ته ڏاهپ جا ڏس به سانڍيل آهن.
    چئجي ٿو، ته انسان جي ابتدا سان ئي سندس آکاڻيءَ جي به شروعات ٿي، پوءِ وقت جي گذرڻ سان ڪردار ۽ واقعا به وڌندا ويا، ته انهن ڪردارن ۽ واقعن جا ٻول ۽ قول به جُڙندا ويا. ڪن آکاڻين جا انجام به ڪارائتن ڪردارن وانگر ڪارائتا، ته ڪن آکاڻين جي پڄاڻي به ڪُڌن ڪردارن وانگر ڪمتريءَ تي پُوري! منجهن، مزي وٺندڙن ڪاڻ مرچ مسالا به جام، ته سِکڻ ۽ سمجهڻ وارن لاءِ چڱائيءَ جا سبق به وِک وِک تي ونڊيل آهن. وکرَ انيڪ ته خريدار به ججها، جيڪو جنهن کي کپي، خوشيءَ سان کڻي؛ زور بار ڪنهن تي ناهي، ڳالهه رضا خوشيءَ ۽ پسند جي آهي. هر ڪنهن جي پسند پنهنجي! جهڙو کڻبو تهڙو ماڻبو! گل مان خوشبوءِ ۽ رنگ ملندا، ته گند مان ڌپ ۽ ڇيڳرائي! پر، نصيحت ته ٻنهي مان ملي سگهي ٿي. نصيحت جي دنيا به ڪا کُٽل ۽ محدود ته ناهي! ڳالهه رڳو سمجهڻ جي آهي. ڪڏهن ته هڪ اکر به سنسار جي سمجهه جي ڪُنجي، ته ڪڏهن اڻ کُٽ انبار به اڻ پورا!
    هيءُ ڪتاب به ڪجهه اهڙو ئي منفرد ۽ ٽه-رُخو ڪتاب آهي، جيڪو پهاڪن ۽ چوڻين تي پيار ۽ پنهنجائپ سان نُور نچوئيندڙ ۽ ناز ۽ نينهن سان لُنءَ لڳائيندڙ انجنيئر عبدالوهاب سَھتي ڪيو آهي. هِن ڪتاب ۾ پهاڪا ۽ چوڻيون به آهن، ننڍڙيون ۽ وڏڙيون آکاڻيون به آهن، ته سٺي ۽ سمجهه ڀري حياتي گذارڻ لاءِ نصيحتون به آهن، ان ڪري ئي هن ڪتاب جو نانءُ ”نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون“ رکيو ويو آهي.
    ”جامع سنڌي لغات“ جي اينڊرائڊ ايپ ۾، ’نصيحت‘ جا هي متبدل لفظ ڏنا ويا آهن: ”مَت، مشورو، پند، اُپديش، صلاح، سمجهاڻي، سبق، هدايت. سنٿا، سيکت، گوشمالي، سزا، تنبيهه، تاتپرج، مُددُعا، فهمائش. عبرت، عجب، سُڌ، سماچار، خبر.“
    ان ريت، هِن ڪتاب ۾ آندل آکاڻين مان جُڙيل پهاڪن ۽ چوڻين ۾، ’نصيحت‘ جون اهي سڀئي معنائون ۽ مطلب نروار ٿي بيهن ٿا ۽ ماڻهن جي رهبري ۽ رهنمائي ڪندي نظر اچن ٿا.
    هن ڪتاب ”نصيحت آموز آکاڻين ورا پهاڪا ۽ چوڻيون“ ۾ آندل آکاڻين جو هڪ ٻيو اهم ڪارج پڻ پڌرو آهي. اُهو هيءُ ته منجهس آيل آکاڻيون لوڪ ڪهاڻين جي حيثيت پڻ رکن ٿيون، جنهنڪري اهي پڙهڻ ۽ ٻُڌڻ ٻُڌائڻ ۾ وڻندڙ آهن. انهن آکاڻين ذريعي ٻارن ۽ نوجوانن منجهه پهاڪن ۽ چوڻين سان چاهه به پيدا ٿيندي نظر اچي ٿو. اهي آکاڻيون ٻارن توڙي وڏن ۽ مردن توڙي عورتن، سڀني جي وندر وٽان آهن. انهن جا ڪردار عام توڙي خاص ۽ مذڪر توڙي مؤنث انسان به آهن، جيت، جڻيا ۽ جانور به آهن، ديوتا، ديوِيون ۽ پَريون به آهن، ته بادشاهه ۽ وزير، راڻيون ۽ شهزاديون به آهن، جنهنڪري انهن آکاڻين ۾ وڏي دلچسپي پيدا ٿي پوي ٿي. ان دلچسپي پيدا ٿيڻ جو هڪ ڪارڻ اهو به آهي، ته انجنيئر عبدالوهاب سهتي، انهن آکاڻين کي وڻندڙ افسانوي رنگ ۽ ڍنگ ۾ لکيو آهي، جنهن ۾ ڪهاڻيءَ جا مختلف ترڪيبي جزا، جهڙوڪ: موضوع، پلاٽ، ماحول، ٻولي، ڪردار، ڊائلاگ، تجسس، چاڙهه ۽ پڇاڙي ڪاميابيءَ سان اُڻيل آهن. اها ڪاميابي سَهتي صاحب کي ان ڪري به سرس ملي آهي، ڇاڪاڻ ته هُو بنيادي طور ڪهاڻيڪار آهي ۽ سندس ڪهاڻين جا ٽي مجموعا ”هراس“ [۱۹۸۹ع]، ”جڏهن بُت ئي چوي ڪافر“ [۱۹۹۲ع] ۽ ”هٿ جِي وڍِي“ [۱۹۹۹ع] اڳ ئي ڇپيل آهن. هِن ڪتاب کان اڳ، پهاڪن ۽ چوڻين بابت سندس ڇپيل اڳوڻا 16-ڪتابَ•، مٿيَن ڪهاڻي-ڪتابن کان پوءِ ئي ڇپيا آهن. هڪ لحاظ کان چئي سگهجي ٿو، ته پهاڪن ۽ چوڻين ۾ سانڍيل ڪهاڻين کي لکڻ ذريعي، سهتو صاحب پنهنجي من ۾ ويٺل ڪهاڻيڪار کي پڻ جيئرو رکيون پيون اچي.
    موجوده ڪتاب ”نصيحت آموز آکاڻين ورا پهاڪا ۽ چوڻيون“ ۾ سهتي صاحب ڪوشش ڪئي آهي، ته نصيحت وارو پس منظر ۽ ڪهاڻي سانڍيندڙ وڌ ۾ وڌ پهاڪا ۽ چوڻيون شامل ٿي سگهن، پر توهان اسان سڀ چڱيءَ پر ڄاڻون ٿا ته پهاڪن ۽ چوڻين جي دنيا به وڏي وسيع آهي، ان ڪري امڪان رکي سگهجي ٿو ته ڪي چوڻيون ۽ پهاڪا هن ڪتاب ۾ شامل ٿيڻ کان رهجي به ويا هجن؛ جنهنڪري اهڙيءَ نشاندهيءَ جي اميد رکجي ٿي. ڪتاب جي مطالعي مان اهو پڻ پرکي سگهبو ته ڪن پهاڪن ۽ چوڻين سان ٻه يا ٽي ڪهاڻيون به قلمبند ڪيل آهن، ان ڪري اهو پڻ ممڪن آهي ته ڪي ٻيون آکاڻيون، ڪن ٻين ڪردارن ۽ ٿوري گهڻي مَٽ سَٽ سان، سنڌي ٻوليءَ جي جاگرافيائي حدن ۾ ٽڙيل پکڙيل هجن. ان ڪري، انهن کي پڻ ڳولي ڦولي لکڻ جي گهرج آهي.
    ٻين موضوعن تي تحقيقن جيان، پهاڪن ۽ چوڻين تي تحقيق جي ابتدا به سنڌ تي انگريز حڪومتي دَور (۱۸۴۳-۱۹۴۷) دوران ئي ٿي. ۱۸۶۹ع ۾ ديوان ڪيول رام سلامت راءِ آڏواڻيءَ سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريون پهاڪن جو ڪتاب ”گل شڪر“ جوڙي مڪمل ڪيو، جيڪو، نيٺ ته، وڏي وقت بعد ۱۹۰۵ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. بهرحال، ”گل شڪر“ جي اشاعت سان پهاڪن ۽ چوڻين تي تحقيق جي شروعات ٿي، جيڪا هڪ سهڻو سفر طيءِ ڪندي انجنيئر عبدالوهاب سهتي تائين پهتي، ته هُن پنهنجي خاص تحقيقي انداز سان، ۱۹۹۰ جي ڏهاڪي کان وٺي موجوده وقت تائين، تسلسل سان، ان کي نوان رُخ ڏيڻ جي ڀرپور ڪوششون ۽ ڪاوشون ڪيون آهن، جن جون شاهديون پهاڪن ۽ چوڻين جا سندس ڇپيل ڪتاب آهن، جن ۾ ”گل شڪر“ سميت ڪِن ڪتابن جي نئين سر ترتيب ۽ تدوين پڻ شامل آهي. جڏهن ته ”پهاڪن ۽ چوڻين جي لغت“ ته اڃا نبرڻي آهي، جنهن تي هُو ڪيترن ئي ورهين کان ڪم ڪري رهيو آهي.
    حقيقت به اها آهي، ته تحقيقي سفر ڪو ٿور-وقتي ۽ سهنجي مارڳ تان هلندي، ماڳ تائين رَسڻ وارو ناهي هوندو؛ اهو ته هميشه اڳتي وڌڻ ۽ نوان پنڌ ۽ پيچرا طيءِ ڪرڻ چاهيندو آهي. تحقيق جي دنيا ۾ ڪڏهن به پوري دم ( . ) جي نشاني ناهي ايندي، پر سدائين اڳتي جي اوسر لاءِ ٽي ٽٻڪا ( ... ) ڏيڻا پوندا آهن.

    سدائين گڏ.

    رياضت ٻرڙو
    ڊائريڪٽر (اعزازي)
    ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر
    پهرِين اپريل ۲۰۱۹ع
    ۰۳۳۳۷۵۳۳۰۱۱


    مقدمو

    پھاڪا ۽ چوڻيون، لوڪ ادب جو حصو ۽ ورثو آھن. ڪلام منجھ سندن حيثيت، طعام منجھ لوڻ جھڙي آھي. جيئن لوڻ کان سواءِ طعام، بي سوادي ۽ بي ذائقي ٿئي ٿو، تيئن پھاڪن ۽ چوڻين کان سواءِ علم ادب به ٻُسو ۽ بي چسو رھي ٿو.
    سنڌي ٻوليءَ ۾، قديم ھئڻ سبب، پھاڪن ۽ چوڻين، اصطلاحن ۽ ورجيسن جو اڻ-کٽ خزانو موجود آھي. اھي جنھن ماحول اندر ڄاوا ۽ نپنا، پليا ۽ پختا ٿيا آھن، تنھن کين ازلي معنى ۽ تشريح پڻ بخشي آھي. ڪنهن ڏکيءَ ڳالهه يا مسئلي کي سمجهڻ/سمجهائڻ لاءِ ڏٺل/ٻڌل شيءِ جو مثال ڏيئي سمجهائبو آھي. ان کي ضرب المثل چئبو آهي.
    ضرب المثل جا ٽي قسم آهن.

    1. مثالي ٽوٽڪا يا مثالي ڪهاڻيون.
    2. مثالي جملا: پهاڪا يا چوڻيون.
    3. مثالي فقرا: ورجيسون يا اصطلاح.
    ٽنهي شاخن بابت هيٺ وضاحت ڏجي ٿي.

    1. مثالي ٽوٽڪا يا مثالي ڪهاڻيون
    ٻن ٽن سٽن يا هڪ پيراگراف کان وٺي اٺن ڏهن پيراگرافن منجهه بيان ڪيل وارتا، جيڪا مثال جي طور تي بيان ڪئي وڃي، ان کي مثالي ٽوٽڪو يا مثالي ڪهاڻي سڏبو آهي. ڊيگهه سبب ان کي پهاڪو نه سڏبو آهي. جڏهن ته اهڙا لطيفا، ٽوٽڪا، لٽڪا، آکاڻيون، ڪهاڻيون ۽ قصا وغيره، جيڪي عام زندگي ۾ ضرب المثل جي صورت اختيار ڪري عوامي ٿي وڃن ٿا، تن کي مثالي ٽوٽڪا يا مثالي ڪهاڻيون سڏبو آهي.

    2. مثالي جملا: پهاڪا يا چوڻيون
    هڪ مڪمل جملو، جيڪو پنهنجي معنيٰ ۽ مفهوم کي قائم رکندي، مثال جي طور ڪتب اچي ۽ عوام ۾ عام هجي، ان کي مثالي جملو چئبو آهي. مثالي جملي جي زمري ۾، ورجيسي جملو، چوڻي، پهاڪو، قول، ٻول يا گفتو وغيره اچي ٿا وڃن.

    3. مثالي فقرا: ورجيسون ۽ اصطلاح
    ٻن يا ٻن کان مٿي لفظن تي مشتمل فقرو يا غير مڪمل جملو، آزاد يا مصدر سان، جملي ۾ استعمال ٿيڻ پڄاڻان ٻي معنيٰ کي ظاهر ڪري يا مثال طور ڪتب اچي ته ان کي مثالي فقرو (Idiomatic Phrase) سڏبو آهي. مثالي فقري جي زمري ۾؛ ورجيس، اصطلاح، ٻٽو لفظ، ڪنايو ۽ تشبيهه وغيره اچي وڃن ٿا.
    مٿي ڄاڻايل ٽنهي شاخن منجهان فقط مثالي جملي بابت هتي بحث ڪنداسين. انهيءَ جي زمري ۾ پهاڪا ۽ چوڻيون اچن ٿا، جن جي لغوي معنيٰ ۽ فرق بابت ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ به ضروري آهي، جيڪا هيٺ ڏجي ٿي.

    چوڻي:
    نصيحت آموز، عام مقبول قول، سخن، گفتو جيڪو مڪمل جملو هوندي، ڪنهن ڏاهي، سياڻي، فيلسوف، داناءَ، دانشور، پيغمبر، وليءَ، شاعر يا اديب ڏانهن منسوب نه هئڻ جي باوجود، عوام جو پنهنجو هجي ۽ منجهس فهم، سمجهه، سوچ، فڪر، دانائي، ڏاهپ، دانش، سياڻپ يا عقل جو نُڪتو يا رمز سمايل هجي ۽ پنهنجي لفظي يا ظاهري معنى ۾ استعمال ٿئي ته ان کي چوڻي چئبو آهي.

    پهاڪو:
    اها عام مقبول چوڻي، جيڪا ظاهري معنيٰ ۽ مفهوم کان علاوه ٻيو يا اندريون مفهوم به رکي ته ان کي پهاڪو سڏيو ويندو آهي.
    مٿي بيان ڪيل وصفن مان سمجهه ۾ آيو ته پهاڪي ۽ چوڻيءَ ۾ بنيادي فرق فقط، ظاهري معنى ظاهر ڪرڻ ۽ ڳجهي معنى ظاهر ڪرڻ وارو آهي. چوڻي، ظاهري معنى ظاهر ڪندي آهي ۽ پهاڪو ٻي معنى ۾ استعمال ٿي سگهندو آهي. نه ته ٻنهي جي صورت، ساخت، شڪل، شبيهه ۽ عوامي پسنديدگي يا عام مقبوليت، هڪجهڙي ئي هوندي آهي.
    پهاڪن ۽ چوڻين جي ارتقا:
    پهاڪن يا چوڻين جي ارتقا، ڪيئن، ڪڏهن ۽ ڪهڙي ماحول ۾ ٿي؟ اهي دلچسپ، انوکا ۽ جستجو طلب سوال آهن. گهڻن کوجين، انهيءَ ڏس ۾ گھڻا ئي رنڊا روڙيا آهن، ڇو جو سمورن پهاڪن/چوڻين جي ابتدا، ارتقا يا تواريخ بابت معلومات ڪَٺي ڪرڻ، ڪَٺن ڪم آهي. ادبي افق تي رونق افروز هزارين پهاڪا/چوڻيون هڪ ماحول، پس-منظر، حالت، طريقي، ذريعي يا واقعي سان وجود پذير نه ٿيا آهن. انهن جي جڙڻ پويان ڪيئي پس-منظر، ذريعا، سبب، ڪارڻ ۽ ڪارج آهن. منجهانئن ڪن بابت هيٺ نشاندهي ڪجي ٿي.
    پهاڪن/چوڻين جي جنم جا مکيه ذريعا:

    1. لوڪ ڪٿائون.
    2. تواريخي شخصيتون، واقعات، حالات ۽ جغرافيائي ماڳ مڪان.
    3. سياڻن جا سخن، قول، گفتا يا نُڪتا.
    4. انساني جذبات جو رد عمل يا ندائي جملا.
    5. پروليون ۽ ٻول.
    6. ٻولين جو هڪ ٻئي تي اثر ۽ لساني جائزو.

    مذڪوره مڙني ذريعن منجهان، هر هڪ جي وسيلي، هزارين پهاڪا/ چوڻيون جنم وٺي چڪا آهن. سمورن پهاڪن ۽ چوڻين جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ ممڪن آهي پر تمام مشڪل پڻ. انهن کي فقط يڪجاءِ ڪرڻ سان به ايڏو وڏو ضخيم ڪتاب جڙي پوندو، جيڪو هڪ ماڻهوءَ جي ترتيب ڏيڻ کان زور آهي. بهتر آهي ته مرحليوار، مڙني پهاڪن ۽ چوڻين جي ڇنڊڇاڻ ۽ اڀياس ڪجي.

    ۰-۱ لوڪ ڪٿائن ذريعي جڙيل پهاڪا/ چوڻيون:
    پھاڪن ۽ چوڻين جي جڙڻ جا ڪيئي ذريعا آھن. جن مان خاص ذريعو، ڪھاڻيون يا آکاڻيون، داستان يا قصا، ڪٿا يا لوڪ ڪٿائون آھن. تاريخي يا نيم تاريخي واقعا پڻ سندن ڄم جو سبب آھن.
    لوڪ ڪٿائن واري ذريعي کي به هيٺين ٽن شاخن ۾ ورهايو ويو آهي:

    ۱-۱ سنڌ جا مشهور لوڪ داستان:-
    سنڌ جي مشهور لوڪ داستانن جھڙوڪ: دودو چنيسر، ليلان چنيسر، مومل راڻو، عمر مارئي، سسئي پنهون ۽ سهڻي ميهار وغيره، ڪيترن ئي پهاڪن/چوڻين کي جنم ڏنو آهي. مثال طور:
    الف- دودو ڌوڙ، چنيسر ڇائي.
    ب- ويئيءَ وهاڻيءَ، دودي ناناڻا آيا.
    ج- عمر نيئي نيئي مارئي نيندو، ٿرئون ته نه ٿيلهيندو.
    د- اٺ ڪڍن سسئي.
    ه- ڪيئي ليلائون، چنيسر جي راڄ ۾.
    و- ڀنڀوران جي ڀڳيون، سي ڇٽيون.
    ز- ميهار گهڻو ئي چڱو، پر ٿيو هُن پار.
    ح- مومل جي ماڙيءَ کي، چوڌاري چارا. وغيره.

    ۲-۱ ٻارن لاءِ وندرائيندڙ يا نصيحت آموز آکاڻين ذريعي جڙيل پهاڪا ۽ چوڻيون:-
    ٻاراڻين آکاڻين يا نصيحت آموز آکاڻين به ڪيترن ئي پهاڪن/چوڻين کي جنم ڏنو آهي. مثال طور:
    الف- گدڙ ڊاک نه پڄي، آکي؛ ”ٿُو کٽا!“
    ب- اٺ کي گهنڊڻيءَ/ تاڙي جو، ڪهڙو ڀئو.
    ج- اجايا پهه نه پچائجن.
    د- جو ڪمائي، سو کائي. وغيره.

    ۳-۱ موزون آکاڻين ذريعي جڙيل پهاڪا ۽ چوڻيون:-
    موزون آکاڻين يا ڪهاڻين به ڪيترن ئي پهاڪن/چوڻين کي جنم ڏنو آهي. مثال طور:
    الف- اکين وارا، دنيا ۾ ٿورا آهن.
    ب- ڀريءَ ٻيڙيءَ ۾، واڻيو ڳورو.
    ج- ڀُلِي ڀُلِي ڀاڻ آئي، سا به نه ڀُلِي.
    د- پرائي ڌيءَ/ڏيو تان کارڪ ملي به چڱي.
    ه- جاتي پاڻي، تاتي پاڻ/پهر.
    و- دنيا ۾ دوڌ ڪا دوڌ ۽ پاني ڪا پاني آهي.
    ز- ڪارا گهڻا پر ڪارنهن ڪنهن ڪنهن جي لهي. وغيره.

    اسان جو موضوع فقط، ٻارن لاءِ وندرائيندڙ يا نصيحت آموز آکاڻين ذريعي جڙيل پهاڪا ۽ چوڻيون آهي. هتي انهن بابت بحث ڪجي ٿو.
    انھن ڪھاڻين ۾ ھيٺ ڏنل ٽن قسمن جون ڪھاڻيون يا آکاڻيون اچي وڃن ٿيون:
    ۱. ٻارن لاءِ جوڙيل اخلاقي يا سبق آموز آکاڻيون.
    ۲. جڙتو يا غير حقيقي آکاڻيون.
    ۳. ڏند ڪٿائن مان کنيل آکاڻيون.
    اِھي اُھي آکاڻيون آھن جيڪي ٻارن کي نصيحت طور ٻڌايون وينديون آھن يا منجھن سمايل نڪتو سمجھائڻ خاطر، اھي سماج اندر ورجايون وينديون آھن. گھڻي ورجائڻ جو سبب، انھن جھڙن واقعن جو وري وري رونما ٿيڻ آھي.
    ڪيتريون ئي نصيحت آموز آکاڻيون، قصا يا ڪهاڻيون روزمره جي زندگيءَ ۾ جنم وٺي يا رونما ٿي، ذهن جي ڪنڊ ۾ جاءِ والاري، زبان-زد يا عام ٿي، عوام جا پنهنجا/عوامي/مشهور ٿي وڃن ٿا. اڳتي هلي، اهي آکاڻيون، مثال جي طور تي ورجائجنديون رهن ٿيون. ان ورجاءَ سبب، تشهير جي وهڪري مان وهي، سُهڻي/سلوڻي پيرايي وارو چوغو ڍڪي، مثالي ٿي پون ٿيون. فطري طور تي هر انسان کي هر مسئلو، آکاڻيءَ يا ڪهاڻيءَ ذريعي آسانيءَ سان سمجهه ۾ ويهندو آهي، ان ڪري هو منجهن وڌيڪ چاهُه/دلچسپي وٺندو آهي.
    ورجاءُ، پوءِ ڀلي من و سلويٰ جهڙي لذيذ ۽ پاڪ کاڌي جو ڇو نه هجي، دل کڻائي ڇڏيندڙ ٿيندو آهي. ان ڪري، ڪهاڻيءَ جي ڊيگهه کان بچڻ لاءِ، اختصار کي اختيار ڪيو ويندو آهي. نتيجي طور ساڳيو قصو سوس کائي، قطري ۾ بند قلزم وانگر ٿي پوندو آهي، جنهن کي ان قصي جو تَتُ يا تاتُ پُرج يا عنوان چئي سگهجي ٿو.
    هر شيءِ جي گهڻائي غافل ڪندڙ ۽ ڊيگهه بور ڪندڙ هوندي آهي. ساڳي ساڳي شيءِ هر وقت نه وڻندي آهي. انساني سڀاءُ، مَٽ سَٽ کي پسند ڪندڙ آهي. انهيءَ چرپر يا مٽ سٽ ۾ ئي حياتي آهي. چاکائو طبيعت/ذهن کي، نئين سج نئين شيءِ گهرجي. اها طلب، ٿوري پر مايه-دار چيز سان پوري ٿي سگهي ٿي. اهڙا قصا، ڪهاڻيون يا آکاڻيون، جيڪي پاڻ منجهه فهم، پَهه يا نُڪتو رکندا هجن ۽ ليٽي پيٽي اختصار جي صورت اختيار ڪري چڪا هجن، سي هر ذي شعور کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪن ٿا ۽ ياد رکڻ ۾ پڻ سولا ٿيو پون.
    گهڻا پهاڪا/چوڻيون، اهڙين آکاڻين ۽ ڪهاڻين مان جنم وٺن ٿا. جڏهن ته ڪن پهاڪن/چوڻين جي مفهوم کي چٽو ڪرڻ لاءِ مناسب آکاڻيون جوڙيون به وينديون آهن. اهو به ممڪن آهي ته هتي ٻڌايل پس منظر کان علاوه ڪنهن پهاڪي/چوڻي جو ڪو ٻيو پس-منظر ئي اصل پس-منظر هجي.
    هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته جن نصيحت آموز آکاڻين/ڪهاڻين مان پهاڪا/چوڻيون جڙيا آهن سي ڪهڙيون آهن ۽ ڇو نه لکيون/ياد ڪيون ويون آهن؟ ان جو جواب هيءُ آهي ته اول ڪهاڻي جنم وٺندي آهي، بعد ۾ مناسب لفظن سان سندس عنوان جنم وٺندو آھي، ته جيئن ٿور-اکرائيءَ سبب دل تي نقش ٿي سگهي. اڳتي هلي، ڪهاڻي/آکاڻي گهڻن ماڻهن کان وسري ويندي آهي ۽ فقط عنوان، پهاڪي يا چوڻيءَ طور، عام ذهنن ۽ زبانن تي رهجي ويندو آهي، ڇو جو ڪن ٽوٽڪن/ ڪهاڻين جو ورجاءُ، ڪن حالتن ۾ اُگرو لڳندو آهي ۽ ڪن حالتن ۾ وضاحت پڇڻ ۾ پڻ بُڇان لڳندي آهي. اهو ٽوٽڪو يا ڪهاڻي ڀلي ٻن ٽن سٽن جي ئي ڇو نه هجي پر تيستائين پهاڪو/چوڻي نه ٿو چئي سگهجيس جيستائين منجهس ايڪائي وصف ناهي يا سندس اهو مقرر روپ عوام ۾ دهرايو نه ٿو وڃي.
    اها به انساني فطرت آهي ته ساڳيو ٽوٽڪو يا آکاڻي، ڪير به ورائي ورائي ٻڌڻ پسند نه ڪندو آهي. جڏهن ته ڪنهن ڳالهه کي سمجهڻ يا سمجهائڻ لاءِ ان جي ضرورت پوندي ئي رهندي آهي. انهيءَ سبب ڪري، انهيءَ آکاڻيءَ يا ڪهاڻيءَ جو، مناسب يا نصيحت آموز لفظن ۾، عنوان مقرر ٿي ويندو آهي، جيڪو اڳتي هلي ضرب المثل/ پهاڪو/چوڻي بڻجي پوندو آهي. انهيءَ دوران، پهاڪي لاءِ مقرر ٿيل، هيٺ ڄاڻايل، چار ئي خاصيتون انهيءَ ارتقائي دور مان مڪمل ٿي چڪيون هونديون آهن.

    ۱- ٿور-اکرائي يا ننڍڙو روپ.
    ۲- ويچارن جي گهِرائي.
    ۳- سلوڻائي، ظرافت يا اظهار جي نزاڪت.
    ۴- لوڪ/عوام ۾ مقبوليت/مشهوري.

    جڏهن نصيحت آموز آکاڻي، پهاڪي پرکڻ واري ڪسوٽيءَ جي مٿين چئني مرحلن مان ارتقائي منزلون طئي ڪري چڪندي آهي ته اها پهاڪي جو روپ ائين وٺندي آهي، جيئن ڪڙهڻ بعد، کير مان مائو ٺهندو آهي.
    انهيءَ ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ آسان مثال وتائي فقير جا گفتا ۽ ٽوٽڪا آهن. مثال طور:
    الف- ٻيو سڀ رب جي مرضي؛ ماني پچائي يا چانور، اما جي مرضي.
    ب- دوزخ ۾، هر ڪو باهه هتان کنيو ٿو وڃي.
    ج- مهماني ڪپڙن جي آهي. وغيره
    مٿي ٻڌايل پهاڪا/چوڻيون، شروع ۾ فقط لطيفي جي صورت ۾ عوام اندر مستعمل هئا. هن وقت مقرر ڪيل ارتقائي مرحلا طيءِ ڪري، ضرب المثل جو روپ ڌاري چڪا آهن.
    اهڙيون ڪيئي مثالي ۽ نصيحت آموز آکاڻيون آهن، جن ۾ ويچارن جي گهِرائي ۽ سلوڻائي ته آهي پر عوام ۾ مشهور نه ٿيون آهن. تن کي جيڪڏهن ٿور-اکرائي وارو عنوان ڏيئي، عوام ۾ مشهور ڪجي ته ضرب المثل بنجي پونديون. ان لاءِ به هڪڙو شرط آهي ته کين لوڪ مڃتا به ملي. لوڪ مڃتا نه ملڻ جي صورت ۾ به کين پهاڪو/ چوڻي نه سڏبو.
    پهاڪي/چوڻيءَ جو جيستائين پس-منظر اوجهل آهي، تيستائين منجهس سمايل پھ ۽ استعمال به اوجهل آهي. پَھُ تڏھن اوجل يا اجرو ٿيندو، جڏھن پس-منظر جي مختصر جهلڪ ذهن تي اُڪريل هوندي. نثر توڙي نظم ۾ استعمال ٿيل اهڙن جملن مان پوءِ ئي چَسَ ايندي.
    ان ڪري ڪجھ نصيحت آموز آکاڻيون، ڇنڊي ڇاڻي، پنھنجي نُڪتي ۽ ھم-معنيٰ پھاڪي يا چوڻيءَ سميت، پيش ڪجن ٿيون.

    انجنيئر عبدالوهاب سھتو
    ۸۹ پروفيسرس ڪالوني-۲
    قنبر روڊ- لاڙڪاڻو


    متن

    [ آ ]

    1. آپي کان ٻاهر نه نڪرجي. (چوڻي)

    هڪڙو ڍڳو، جهنگ ۾ پئي چنو. اوچتو سندس کُر، هڪڙي ننڍڙي ڏيڏر مٿان اچي ويو، جنهن تي ڏيڏر مري پيو. نتيجي طور، ننڍڙن ڏيڏرن کي اچي ڊپ ورايو ۽ ڊوڙندا ماءُ وٽ پھتا ۽ سندس ڪڇ ۾ وڃي لِڪيا.
    ”اما!“ منجهانئن هڪڙي، ماءُ کي دانهن ڏيندي چيو؛ ”هڪڙي وڏي آفت هئي، تنهن اسان جي هڪ ڀاءُ کي لت ڏيئي، چٿي وڌو.“
    ”اھا آفت ڪيڏي وڏي ھئي.“ سندن ماءُ ان آفت سان مقابلو ڪرڻ کان اڳ، اندازو ھڻڻ پئي گھريو ته آفت ڪيڏي ھئي.
    ”اما! اها آفت تمام ڏاڍي وڏي آهي“. ھڪڙي ڏيڏر، ماءُ کي آپي اندر رھڻ لاءِ ڀؤ ڏيندي چيو.
    ”ڪيڏي وڏي هئي؟“ سندن ماءُ، وڏو ساھ اندر کڻڻ سان پاڻ ڦوڪيو ۽ کانئن پڇيائين؛ ”هيڏي وڏي هئي؟“
    ”نه!“ کيس ٻڌايائون؛ ”ان کان ته الائي ڪيتري وڏي هئي!“
    سندن ماءُ پنهنجي وت کان وڌيڪ پاڻ کي ڦوڪيندي پڇيو؛ ”ايڏي وڏي هئي؟“
    ”نه!“ کيس چوڻ لڳا؛ ”امڙ! انهيءَ کان به گهڻو وڏي. تون ڪيترو به پاڻ ڦوڪين، ان جي ذري جيتري به نه ٿي ٿي سگهين“.
    ڏيڏريءَ کي انهيءَ تي ڏاڍي مُٺيان لڳي ۽ پاڻ کي وٺي ويتر ڦوڪڻ لڳي، جنهن تي امالڪ پيٽ ڦاٽي پيس ۽ ساھ ئي هليو ويس.
    مطلب: ۱. آپي کان ٻاھر نڪرڻ وارو، نيٺ جان به وڃائي ٿو.
    ۲. پنهنجي وت کان وڌيڪ هلڻ وارو، ساھ به وڃائي ويهي ٿو.


    [ ا ]

    2. اٽو کاڌو ڪُئي، مار پئي گابي تي. (چوڻي)

    ھڪ گهر اندر، جتي اٽو رکيل هيو، ڪُئا اچي ھريا. ٻرن مان نڪري، اٽي کي اچي ڀِتا. کوٽي ۽ ڍوئي، وڃي ٻِر ۾ هنيائونس. اتفاق سان، کانئن پوءِ هڪڙو گابو پڻ اچي اتي پهتو. تنھن باقي بچيل اٽو کائي کپائڻ جي ڪوشش ڪئي. اوچتو گھر-ڌڻي اچي اتي پھتو، جنھن کيس ڏسي ورتو. ان جو سبب اھو ھئو جو گابو، ڪوئن جي ڀيٽ ۾، تمام وڏو هيو. مٿس نظر پوڻ سولي هئي.
    گھر-ڌڻي، اٽو کاڌل/کنيل ڏسي، ڏاڍو غصي ٿيو. مٿان وري گابي کي جو بيٺل ڏٺائين ته پڪو گمان ٿيس ته اصل زيان ڪرڻ وارو اھو آھي. پوءِ ته خار مان کيس ڏاڍا باٺا ڀيڙيائين.
    مطلب: ۱. ڏوھ هڪڙو ڪري، سزا ٻئي کي ملي.
    ۲. ڪوئو/ ڏوھ ڪري، گابو/ بي ڏوهاري ڏوھ ڀري.
    ۳. کٽيو کائي فقير، لٺيون جهلي ڀولڙو.
    ۴. کٽيو کائي کتيجا/خديجه، ڌڪ جهلي ڌيڻس.
    ۵. چَٽي پئي چاڪر تي، ڀر وتايا تون.
    ۶. چَٽي پئي شھباز تي، ڀري وتايو.
    ۷. ڪَري ڪلو، ڀري للُو.
    ۸. ڀيٽيو؛ اٽو کائي ڀولو، مار کائي گابو. (۱) ص ۱۱۳.

    3. اٽو کائي ڀولو، مار کائي گابو. (پهاڪو)
    هڪڙي ڀولائيءَ وٽ هڪڙو چالاڪ ڀولڙو هيو. مٿان وري گابو به ڌاريو هيائين. ڀولڙو ڪڏھن ڪڏھن اٽو ٻاٽ کائي، ھٿن کي ٿڦيل اٽو، گابي جي ٻوٿ تي مَلي ڇڏيندو هيو. مالڪ اٽي وغيره جو زيان ڏسي، ڪاوڙبو هيو ۽ ڏنڊو کڻي زيان ڪندڙ کي ڳوليندو هيو. اڪثر گابي جو، اٽي سان ٿڦيل ٻوٿ ڏسي، کيس ڏنڊن سان کُپي ويندو هيو.
    مطلب: ۱. ڏوھ هڪڙو ڪري، لوڙي ٻيو.
    ۲. اٽو کاڌو ڀولي، مار پئي گابي تي. (۲) ص ۴ ۽ (۳) ص ۱۱.

    4. اُٺ پکي؛ نه اڏامي، نه بار کڻي. (پھاڪو)
    اُٺ پکيءَ کي ڪنهن چيو؛ ”ميان پکي آهين ته اُڏامين ڇو نه ٿو؟“
    وراڻيائين؛ ”هي اُٺ جهڙا پير تو کي نظر نٿا اچن؟ ڪي اُٺ اُڏامندا آهن ڇا؟ جو آئون اُڏامان؟“
    وري ڪنهن پڇيس؛ ”اُٺ ٿو سڏائين، پوءِ وزن ڇو نه ٿو کڻين؟“
    ”آئون ته پکي آهيان!“ پر کولي، کيس ڏيکاريندي چيائين؛ ”ڪي پکي وزن کڻندا آهن ڇا؟“
    مطلب: ۱. ٽوٽيءَ ۽ بي دليي وٽ، عذر تمام گھڻا ھوندا آھن.

    5. اٺ کي تاڙيءَ کان ڪهڙو ڊپ؟ (پھاڪو)
    هڪڙو ڇوڪرو اٺ تي چڙهيو پئي ويو. سندس اٺ هلندي ٻئي پاسي رخ ڪيو. اوڏانھن ڇوڪري کي وڃڻ جو ارادو نه هيو. نتيجي طور، اٺ کي ڊيڄارڻ ۽ سڌي رستي تي هلڻ لاءِ، تاڙيون وڄائڻ شروع ڪيائين. اٺ تاڙين تي ڪَن ئي نه ڏنو.
    انهيءَ تي راھ ويندڙ جت، ڊڪي اٺ جي مهار جهلي ۽ ڇوڪري کي ٻڌايو؛ ”اٺ تي ڀلي نغارا وڄن ته به ڪين ڊڄندو. تنهنجي تاڙي ڇا اثر ڪندس؟!“
    مطلب: ۱. ڏاڍو مڙس، هڪل هوڙ کان ڪين ڊڄندو آهي. (۳) ص ۱۸.

    6. اٺ کي گهنڊڻيءَ جو ڪهڙو ڀؤ؟! (پھاڪو)
    هڪڙو ڇوڪرو، اٺ تي چڙهيو پئي ويو. اٺ هلڻ ۾ ڍرو ٿيو ته ڊڪائڻ لاءِ هڪلون ڪيائينس. اُٺ، سندس هڪلن تي ڌيان نه ڏنو ۽ نه ئي تڪڙو ٿيو. انهيءَ تي ڇوڪري، مٿس ويٺي گهنڊڻي وڄائڻ شروع ڪئي.
    اٺ، گهنڊڻيءَ جي آواز کي به خاطر ۾ نه آندو. جنهن تي ڏسڻ وارن چيو؛ ”اٺ کي گهنڊڻيءَ جو ڪو به ڀؤ نه ٿيندو آهي.“
    مطلب: ۱. سڃو ماڻهو، دڙڪن دهمانن سان، چُپِ نه ڪندو. (۳) ص ۱۱.

    7. اجايا پھ نه پچائجن. (چوڻي)
    هڪڙي غريب نوجوان، شهر ۾ مزدوريءَ لاءِ واجهايو پئي. اوچتو هڪڙي امير، سڏ ڪري کانئس پڇيو؛ ”مزدوري ڪندين!“
    ”ها! ڇو نه ڪندس؟“ نوجوان حسرت مان پڇيس؛ ”مزدوري ڪهڙي قِسم جي آ؟“
    ”گيھ جو گهڙو گهر تائين کڻي هلڻو آهي.“ مالڪ مزدوريءَ جو قسم ٻڌائيندي پڇيس؛ ”مزدوري ڇا وٺندين؟“
    ”پنڌ، الائي ڪيترو آهي؟“ نوجوان مفاصلي کان اڻ ڄاڻائي ظاهر ڪندي، مٿس امانت رکڻ لاءِ چيو؛ ”امانت ڪري مزدوري ڏيو.“
    ”ويجھو آهي.“ مالڪ کيس مزدوريءَ بابت دليل ڏيندي ٻڌايو؛ ”مان سدائين چئن آنن ۾ کڻائي ويندو آهيان.“
    ”مون کي به چار آنا ئي ڏجو.“ نوجوان راضي ٿيندي چيس.
    ٺڪر جي دلي ۾ سچو گيھ ڀريل هيو. سينهون ٺاهي، گيھ جو گھڙو، مٿي تي رکيائين. هيءَ ان زماني جي ڳالھ آهي، جڏهن پتل، اسٽيل يا جست جا ٿانءَ رواج ۾ نه آيا هئا.
    واٽ وٺيو پئي آيا ته نوجوان مزدور کي، مزدوريءَ جا پئسا مٿي ۾ ڦرڻ لڳا. سوچڻ لڳو؛ چئن آنن ۾ ڪُڪڙ جي بيضن جو هڪ ڊزن وٺندس. پوءِ پاڙي واري جي ڪڪڙ هيٺان ڏئي، ٻارنهن ٻچا ڦوڙائيندس.، جيڪي ڇهن مهينن ۾ وڏا ٿي ويندا. اھي وڪڻي، ٻيا آنا وٺندس ۽ پاڙي وارن جي ڪڪڙ کان ٻيو تور وٺندس. ائين سال اندر ٻن ٽن تورن سان سوين ڪڪڙ ٿي ويندا، جن مان اڌ کن کپائي ڇيلي وٺندم. اها به سال کن ۾ لاڳ ٿي ويندي ۽ ڦر ڦروٽا ڪندي. ٻه چار ڦر وڪڻي ڍڳي وٺندم. منجهانئس سال ٻن ۾، وڳ ٿي ويندو. پوءِ ڪڪڙن، ٻڪرين ۽ ڍڳين جي منافعن مان جاءِ جوڙائيندم ۽ شادي ڪندس. پنهنجي اوطاق هوندي، اولاد هوندو. اوطاق ۾ يارن دوستن سان ڪچهري ڪندم. پُٽ، ماني کائڻ لاءِ، سڏڻ ايندا. دل گهرندي ته ويندم، دل نه گھرندي ته پري کان ئي چوندومان؛ ”نه! مان نه ٿو اچان!“
    ڪنڌ سان جڏهن ’نه مان ڪيائين‘ ته گيھ جو گهڙو وڃي هيٺ ڪريس. گيھ سڄو زيان ٿي ويو.
    ”منهنجو ته وڏو زيان ڪري ڇڏيئي!“ مالڪ رڙ ڪري چيس.
    ”تنهنجو ته رڳو گيھ جي گهڙي جو زيان ٿيو آهي.“ مزدور روئندي ۽ ڏڪندي چيس؛ ”منهنجي ته سڄي ڀينگ ٿي وئي.“
    ۲
    هڪڙي غريب ماڻهوءَ جي ڪوٺيءَ ۾ تيل جو گهڙو هو. هڪ رات پاڻ سان ويٺي پھ پچايائين ته جڏهن صبح ٿيندو تڏهن تيل شهر ۾ نيئي وڪڻندس ۽ ان جي قيمت مان هڪ رڍ خريد ڪندس. اها رڍ سال ۾ ٻه گهٽيون ڏيندي. گهٽيون جلدي ڦر ڄڻينديون. اهي ڦر پڻ اهڙيءَ طرح ٻچا ڏيندا. دير نه گذرندي جو هڪ وڏي ڌڻ جو مالڪ بنجي پوندس، ۽ ان جي اپت مان فلاڻي ٻني خريد ڪندس. ان ۾ ڪيترا ئي وڻ پوکيندس ۽ هڪ شاهي محلات ٺاهيندس ۽ ان محلات جي اندر قيمتي فرش وڇائيندس. پوءِ فلاڻي سوداگر جي ڌيءُ سان شادي ڪندس ۽ ان جي خدمت ۾ گهڻيون ٻانهيون ۽ گهڻا ٻانها موڪليندس. ڪنهن به وقت انهن مان نافرماني ڪندو ته هن لٺ سان کيس ماريندس.
    انهيءَ وقت، جيڪا لٺ هٿ ۾ هيس سا اولاريائين. قضا سان، اولاريل لٺ، وڃي گهڙي کي لڳي. گهڙو ڀڄي پيو ۽ تيل زمين تي هارجي ويو.
    مطلب: ۱. خيالي محل اڏڻ سان، فائدو فائدي جي ماڳ، الٽو نقصان ٿي پوندو آهي.
    ۲. غريب ماڻهوءَ کي نه خام خيال پچائڻ جڳائين ۽ نه مال گڏ ڪرڻ جي ھوس سُونھي ٿي.
    ۳. غريب اجايا پھ پچائيندو ته جيڪي هٿ ۾ ھوندس سو پڻ وڃائيندو.

    8. اڃا ڪڪڙا ڪنگر ۾، چي؛ ”پڙو مبارڪ“. (پھاڪو)
    هڪڙي هاريءَ، ڦٽين پوکڻ لاءِ، ڪڪڙا گهر ۾ آندا. گهر واريءَ کي چيائين؛ ”ڪڪڙا ڪنهن ڪونر يا ڪنگر ۾ پسائي رک! جيئن ڏينهن ٻن ۾ ڦنڊن ۽ ڦوٽ کائين ته زمين اندر ڇٽڻ جهڙا ٿين.“
    پاڻ زمين ٺاهڻ، هر بنجهر ۽ ريج پاڻيءَ واري خفي کي لڳي ويو. جوڻس ڪنگر ۾ ڪڪڙا پسائي رکيا. پوءِ دل ۾ رٿون رٿڻ لڳي؛ ”ڪڪڙا پوکينداسين. وونئڻ ٿيندا، ڏينو جهليندا. جيئن ٿڌ پوندي، تيئن گوگڙا جھليندا، جيڪي ڦوٽ کائي ڪپھ ٿيندا. چونڊو ڪري، ڪپھ گهر آڻبي. ڪڪڙا ڪڍي، ڪُٽبي سٽبي. منجهانئس سُٽ جا ڦورا ٺاھبا. تن منجھان وري ڪپڙو اُڻبو. ڪورڪي ڪپڙي کي کٽيءَ کان رڱائي، منجھانئس پڙو ٺهرائيندس. پوءِ اھو پائي سھيلين ۾ لاڏ سان پئي ھلندس.“
    اهي ڳالهيون ڳڻي، هر آئي وئي کي ٻئي ٻڌايائين. کانئن ائين چئي، پڙي ٺهي اچڻ جون واڌايون به پئي ورتائين.
    سندس ان اڳ-ڪٿيءَ واري ڳالھ جي ٻڌڻ سان، ھر آئي ويئي، پنھنجي منھن کلي به پئي ۽ مٿس اھا ڌنڪ به پئي ٺاھيائين.
    مطلب: ۱. ڄائي ناهي، نانيءَ مهانڊي.
    ۲. پاڻيءَ کان اڳ، ڪپڙا نه لاهجن. (۳) ص ۱۵۴.

    9. اڄ جو ڪم، سڀاڻي تي نه رکجي. (چوڻي)
    ڪنهن ملڪ جي بادشاھ، رعايا کان ناراض ٿي، اعلان ڪرايو؛ ”ملڪ جي جنهن به رهواسيءَ، فلاڻي تاريخ جي اندر اچي معافي نه ورتي ته کيس قتل ڪيو ويندو.“
    هڪ ڳوٺ جو چڱو مڙس، ان پڙهي ٻڌڻ کان پوءِ به، ان گمان ۾ رهيو ته؛ ”اڃا وقت گهڻو پيو آهي. ڪڏهن نه ڪڏھن هلي، بادشاهه کان معافي وٺبي.“ ڏينهن گذرندا ويا. چڱو مڙس، اوچتو بيمار ٿي پيو. هاڻي خيال ڪيائين ته؛ ”چاق ٿيان ته وڃي معافي وٺندس.“
    جيئن ڏينهن گذرندا ويا، تيئن وڏيري جي بيماري ڏينهون ڏينهون زور وٺندي پئي وئي. هلڻ کان هلاڪ ڪري ڇڏيائينس. آخري ڏينهن تي وڏيرو سِر بچائڻ خاطر، پاڻ کڻائي معافي وٺڻ لاءِ، بادشاهه جي درٻار ڏانهن اسهيو. بادشاھ جي درٻار ۾، جيئن داخل ٿيو ته معافيءَ واري گهڙي پوري ٿي چڪي ھئي. نتيجي ۾ بادشاھ کيس ڳوٺ وارن سميت قتل ڪرائي ڇڏيو.
    مطلب: ۱. وقت کي ھٿان وڃڻ نه ڏجي.
    ۲. اڄ جو ڪم اڄ ڪجي، ٻئي ڏينھن تي نه ڇڏجي.
    ۳. وقت جو قدر ڪرڻ گهرجي.
    ۴. وقت چوي؛ آ بادشاھ.
    ۵. جي وقت ڪري واڪا ته گڏھ کي به ڪوٺجي؛ ڪاڪا. (۴) ص ۹۳

    10. اڇي پڳ م پس، اندر مڙيوئي اڳڙيون. (پھاڪو)
    ڳوٺ ۾ زميندار جي پٽ جي شادي هئي. جڏھن اھا خير خوبيءَ سان ٿي گذري ته لاڳدارن ۽ ڍورڻو آڻيندڙن لاپو گھريو. حجم، مهاڻي ۽ ڪنڀار کي ته پنهنجو لاڳ مليو، جيڪي وٺي رمتا ٿيا. باقي رهيو مڱڻهار، جنهن زميندار جو بوسڪيءَ وارو ٻڌل پٽڪو تاڙيو ھيو، سو دل ۾ ٽلڻ لڳو؛ ”زميندار وڌ ۾ وڌ ويهه ٽيهه رپيا ڏيندو. اگر ٻڌل پٽڪو دان ڪري ته رنگ ٿي ويندا.“
    اھو سوچي، پٽڪي جي اچي صدا هنيائين؛ ”جيئندا قبلا! گستاخي معاف ٿئي.“
    زميندار چيس؛ ”ابا! گستاخي معاف اٿئي، ٻڌاءِ؟“
    مڱڻهار عرض ڪيو؛ ”سائين! دستار مبارڪ ملي.“
    زميندار کي پهريان ته تمام گهڻي ڪاوڙ آئي پر خوشيءَ جهڙو موقعو هو سو دستار لاهي مڱڻهار کي ڏنائين. مڱڻهار خوشيءَ وچان ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيو.
    زميندار کان پيرين پئي موڪلائي گهر پهتو. پٽڪو جو کوليائين ته ٻاهران هڪ وال بوسڪيءَ جي ڪپڙي جو ھيو. اندر سڀ اڳڙيون هيون. اھو ڏسي مڱڻهار چوڻ لڳو؛ ”اڇي پڳ مَ پس، اندر مڙيو ئي اڳڙيون.“
    مطلب: ۱. جڏھن چمڪ تي ڀلجي پئبو آھي، تڏھن نتيجي طور؛ ٻه به وينديون آھن ته ڇهه به وينديون آھن.

    11. اڌ-سکي وديا؛ يا ماري، يا کاري. (چوڻي/پهاڪو)
    هڪڙو طبيب، ڏاڍو ڏاهو ۽ هٿ-شفا وارو هيو. ناماچاري پڻ ڏاڍي هيس. ھنڌين ماڳين جا مريض، وٽس علاج واسطي ايندا هيا. جڏهن فوت ٿيو ته ساڳيا مريض، علاج واسطي، سندس پٽ وٽ اچڻ لڳا.
    پٽس حڪمت ڪين سکيو هيو. سندس پيءُ جي مشهوريءَ سبب، ھڪڙو مريض وٽس آيو، جنهن کي اک ۾ تڪليف هئي. ناخلف پُٽ ۽ نيم حڪيم، ابي جو رکيل جهونو ڪتاب پٽي، مريض کي چيو؛ ”وڃي ڏنڀ ڏيار!“
    مريض کي اک جي سور، ساڙي ٻاري ڏنو هيو. لاچار وڃي ڏنڀ ڏياريائين، جنهن سان اک جي بينائي به هلي ويس.
    اهو واقعو ٻڌي، ماڻهو وٽس لنگهي آيا ۽ چيائونس؛ ”هيءُ ڪهڙو انڌير ڪيو اٿئي؟! اک کي به ڏنڀ ڏبا آهن!“
    انهيءَ تي پيءُ واري پوٿي پٽي، کين ڏيکاريائين، جنهن ۾ اک جي علاج لاءِ ڏنڀ جو ڏس ڏنل هيو.
    منجهانئن ھڪڙي پڙهيل ڳڙھيل ھمراھ، کانئس ڪتاب وٺي، مٿان کان جاچڻ شروع ڪيو. اک جي علاج واسطي ڏنڀ جو ڏس ڏنل هيو پر اهو باب گهوڙن جي مرض بابت هيو.
    مطلب: ۱. نيم ملا، خطره ايمان.
    ۲. اڌ-پڙهيو ماڻهو ٻين لاءِ ته نقصانڪار آهي، پر پنهنجي لاءِ به بلاءِ جان آهي.

    12. اڌ کي ڇڏي، جو سڄيءَ ڏي ڊڪي،
    تنهن کي سڄي ته نه ملي، پر اڌ ڪاڻ به سِڪي. (پھاڪو)
    هڪڙو ڪتو، گوشت جي سنڍي وات ۾ کنيو، نديءَ جي پار پئي ويو. تنهن پنهنجو پاڇو جڏھن پاڻيءَ ۾ ڏٺو، تڏھن سمجھيائين ته هيءُ ڪو ٻيو ڪتو سنڍي وات ۾ کنيو ٿو وڃي. دل ۾ آيس ته؛ اِها سنڍي به، کانئس کسيان. اها ڳالھ دل ۾ ڳڻي، لوڀ وچان وات پٽي، جيئن کانئس کسڻ جي ڪيائين، تيئن پنھنجي وات واري سنڍي به پاڻيءَ ۾ ڪري پيس، جنهن سنڍيءَ ستت وڃي پاڻيءَ جو تَرُ ورتو. گھڻي ڳولا باوجود موٽي هٿ نه آيس.
    ۲
    ھڪڙو ڪتو، اڌڙ مانيءَ جو کنيو پئي ويو. رستي ۾ ھڪ پاڻي جو تلاءُ نظر آيس، جنھن ۾ کيس پنھنجو عڪس نظر آيو. ڏٺائين؛ ڪتو ماني وات ۾ جلھيو پيو وڃي. سمجھيائين؛ اھو ٻيو ڪتو آھي، جيڪو مانيءَ جو اڌڙ کنيو پيو وڃي. اگر اھو مانيءَ جو اڌڙ به مون کي ملي ته منھنجي ماني سڄي ٿي پوي. اھو خيال ايندي، وات وارو اڌڙ مانيءَ جو سڪيءَ تي ڦٽو ڪري، پاڻيءَ ۾ ٽپو ڏنائين. گھڙڻ کان پوءِ گھڻو ڳوليائين، پر پاڻيءَ وارو ٽڪر ته ٽڪر جي ماڳ، موراڳو ڪتو ئي نه مليس. ھيٺ ڍونڍيائين ئي پئي جو ٻاھر ٻيو ڪتو آيو ۽ سڪيءَ تي سندس رکيل مانيءَ جو اڌڙ به کڻي ڀڄي ويو.
    مطلب: ۱. لوڀ، بڇڙو اوَگڻ آهي، جيڪو سڀ ڪنهن کي ڇڏڻ گهرجي.
    ۲. ڌڻي تعاليٰ جيڪي ڏنو آهي، تنهن تي قناعت ڪرڻ گهرجي.
    ۳. جيڪي ماڻهو ٻين جا تاڪائو ٿيندا آهن، سي منجهانئن بجاءِ ڪي وَٽِڻِ جي، پاڻ وَٽِ پيل مال به وڃائيندا آهن.
    ۴. لالچي، پنھنجي هٿ واري شيءِ به وڃائي ٿو.
    ۵. اڌ کي ڇڏي، سڄيءَ ڏانهن نه ڀڄجي.
    ۶. اڌ کي ڇڏي جو سڄيءَ ڏانهن ڏوئي، سو سڄي ته نه لھي، پر اڌ لئه به روئي. (۵) ص ۶.

    13. اصيلن آئي، ڪميڻن جي هوا نڪري وڃي. (چوڻي)
    هڪڙي ڳوٺ ۾، بادي نالي هڪڙو غريب ڪوري رهندو هو. کيس هر ڪو بادو چريو سڏيندو هيو. هڪڙيءَ عيد تي، حال سارو، نوان ۽ اڇا ڪپڙا ورتائين.
    عيد جو ڏيهاڙو ٿيو ته، هڪ هڪ ڪري ڪپڙا پاتائين به پئي ۽ خوشيءَ مان راڳ به ڳاتائين پئي. سمورا ڪپڙا پائي، آئيني آڏو ٽيڳرجي، پاڻ کي ڏٺائين به پئي ۽ چيائين به پئي؛ ”جيءُ بادا جيءُ! واه بادا واه! تنهنجا ته ڪپڙا ڇا چئجن! واه بادا واه! ڇا ته تنهنجو ڏيل آهي!“
    کانڊر ڪري، عيد نماز لاءِ گهران نڪري، گهٽيءَ ۾ آيو. اڳيان زريءَ، زربفت ۽ بخملي ڪپڙن ۾ مبلوس مڙيئي ماڻهو مليس. کين ڏسندي ئي دماغ مان هوا نڪري ويس. ککو وکو ٿيو ۽ ڦڪيءَ دل سان پاڻ کي چوڻ لڳو؛ ”ڊين بادا ڊين!“
    مطلب: ۱. ٻين جي شانَ/مانَ/عقل/دولت کي ڏسي؛ پوءِ پاڻ تي فخر ڪجي.
    ۲. ڪميڻو پنهنجي ڪميڻائپ مان ڪڍي ڪين ڪاف.
    ۳. پنھنجو محاسبو پاڻ ڪجي.
    ۴. ڪميڻو ڪپڙا ڪري، ڏسي پنهنجو ڏيل،
    ڏسي ڏسي پنهنجي ڏيل کي، ڊوڙائي دليل،
    ته مون جهڙو مُلڪن ۾، آهي ڪي قدر قليل،
    اڳيان گڏيل اصيل، تڏهن وايون ويس وسري. (۳) ص ۱۴۶

    14. اناڙيءَ کي ڦرڻ، آسان. (چوڻي)
    هڪڙي ٻڪرار هڪڙي اناڙي ڇوڪر کي، ٻڪرين جو ڌڻ چارڻ لاءِ ڏنو. ڇوڪر جڏهن ڌڻ ڪاهي اڳتي اسهيو ته واٽ تي هڪڙي هاتڪ اچي ولو چاڙهيس. کيس ٽڪو ڏيندي چيائين؛ ”هيءُ ٽڪو اٿيئي! ٻيو ڪين ٿو گهرانءِ، فقط ننڍي ۾ ننڍو ڇيلو جيڪو هجئي، سو ڏيئي ڇڏ! ڀل ته تو کي ئي ڪسر هجي!“
    ڇوڪر ڀانيو، مالڪ کي فائدو ٿيندو، ته ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندو. ٽڪو وٺي ننڍڙو ڇيلو ڪڍي ڏنائينس.
    ڇوڪرو اڃا اڳڀرو مس هليو جو ساڳئي شاهينگ ڦڙتڪ هڻي چيس؛ ”اهو ٽڪو به تو کي آيو ۽ هيءُ ڇيلو به تون جهل. ٻنهي جي بدلي مون کي ٿورڙو سلالڙو ڇيلو ڏي!“
    ڇوڪري ڀانيو؛ ڇيلو مفت ۾ ٿو ملي ۽ ٽڪو تنهن کان سواءِ آهي، سو يڪدم کيس ٿورو سلالڙو ڇيلڙو ڌڻ مان ڪڍي ڏنائين.
    وري ٿورو اڳڀرو هلي، ٺڳ چوڻ لڳس؛ ”اهو ٽڪو ۽ ننڍڙو ڇيلو ٻئي ته تو کي ڦٻيا ۽ هيءُ سلالڙو ڇيلو به تون وٺ، مون کي ٿورڙو وڏيٽڙو ڇيلو ڏي!“
    ڇوڪري لالچ ۾ اچي، اهو سودو به ڪيس. ائين سودي مٿان سودا ڪندو، ڦورو کانئس شام تائين وڏو ٻڪر تڳائي ويو.
    شام جو جڏهن ڇوڪر، ڌڻ پهرائي موٽيو ته ڌڻيءَ سان ڇيلن جي سودي ۽ منافعن جي ڳالھ ڪندي ڊاڙ هنيائين ته؛ هيترا ڪي هيترا ۽ ٽڪو فائدي ۾ وٺي ٻڪر جو سودو ڪيو اٿم. مالڪ، وٽ سنڀاليا ته؛ ٽڪي جي بدلي ٻڪر گم ڏٺائين. انهيءَ دم اچي ان ٺڳ کي اُکين تي کنيائين ۽ ڏاڍي ڦيھ پڻ ڏنائينس.
    مطلب: ۱. جتي لوڀي هجن، اتي ٺوڳي بک نه مرن.
    ۲. عقل ريءَ عذاب، گهڻا پسندينءَ جندڙي. (۶) ص ۲۱

    15. انڌير نگري، چرٻٽ راجا،
    ٽڪي سير ڀاڄي، ٽڪي سير کاڄا. (چوڻي)
    گرگٽ نالي گروءَ کي، چرڪٽ نالي چيلو هيو. هڪ دفعي ٻئي سير سفر لاءِ سھي سنبري نڪتا. شهر شهر ۽ ملڪ ملڪ هڻندا، چرٻٽ نالي راجا جي ملڪ ’بيداد نگريءَ عرف انڌير نگريءَ‘ ۾ اچي پهتا. پهچڻ بعد، گروءَ چيلي کي شهر جو واءُ سواءُ وٺي اچڻ لاءِ چيو.
    شهر جو واءُ سواءُ وٺڻ بعد، چيلو حيرت ۾ پئجي ويو. هر شيءِ ساڳئي اگھ تي پئي وڪاڻي. تور تڪ لاءِ، نه ساهمي هئي ۽ نه وٽ. بلڪ ’ڏي به ٻُڪ، وٺ به ٻُڪ‘ لڳي پئي هئي. اٽي جي سير تي، گيھ جو سير پئي مليو. بصر ٽڪي سير ته گوشت به ٽڪي سير ھيو. چيلي جو ته وات ئي پاڻي ٿي ويو.
    ”گرو!“ چيلي موٽي اچي گروءَ سان حال احوال ڪندي چيو؛ ”هتي ته بهاري لڳي پئي آهي. شهر ته ڇڏڻ جهڙو ئي ناهي. مان ته باقي زندگي ھتي رهڻ لاءِ سوچي ڇڏيو آهي“.
    ”جتي ڀلي ۽ ڍلي جي تميز نه هجي، اتي رهڻ نه گهرجي!“ گروءَ نصيحت ڪندي جهليس.
    ”نه گرو!“ چيلي هوڏ تي رهندي چيس؛ ”ههڙا سستا مال ڇڏي، ٻئي هنڌ نه هلبو.“
    گروءَ کي گرو ڪرڻ وارو به چيلو هيو. تنهن ڏٺو ته چيلو هٿن مان نڪتو ٿو وڃي، سو وقتي پاڻ مڙي ويو ۽ رهڻ لاءِ راضي ٿيو.
    چيلي نه ڏسي جو ڏٺو، ته ڏاڍي هٻڇ ڪرڻ لڳو. گيھ ۽ گوشت سان ته گهٽ ئي نه ڪيائين. کائي پي، مچي مهوڙ ٿي پيو. گروءَ ته عقل کان ڪم وٺندي، گهٽ کاڌي تي پئي پاڻُ پليو.
    هڪ ڏينهن راجا وٽ هڪڙي چور، فرياد داخل ڪندي عرض ڪيو؛ ”راجا صاحب انصاف ٿئي؟“
    ”عرض پيش ڪر!“ راجا حڪم ڪيو.
    چور ماجرا پيش ڪندي چيو؛ ”سائين!جيئندا قبلا! مان پنهنجي ساٿيءَ زيپٽ خان سان گڏجي، ڍالو خان جي گهر چوري ڪرڻ ويس. گهر جو در ڳؤرو به هو ۽ اندران وڏو تالو به لڳل هئس. تنهنڪري اسان گهر ۾ اندر ٽپڻ لاءِ ڀت کي کاٽ هنيو. کاٽ هڻندي ڀت ڊهي پئي ۽ زيپٽ خان جي مٿان ڪري پئي، جنهن ۾ مڙس ڍير ٿي ويو. مون کي خون جو پلاند کپي. اسان جي ملڪ ۾ اهڙي ڪمزور ڀت ڇو ٺهي، جيڪا کاٽ لڳڻ سان ڦهڪو ڪَري، ڪِري پئي.“
    راجا فرياد ٻڌڻ کان پوءِ فيصلو ڏيندي چيس؛ ”ڀت کي ڦاسي ڏني وڃي. ڀت ايتري ڪمزور ڇو هئي!“
    اتي درٻارين عرض ڪيو: ”ڀت جو ڪهڙو قصور! قصور ته ٺهرائڻ واري جو آهي، جنهن اها جڏي ڀت ٺهرائي. جي اهو جڏي ڀت نه ٺهرائي ها ته مڙس نه مري ها.“
    چرٻٽ راجا، گهر جي مالڪ ڍالوءَ کي پيش ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو. ڍالوءَ کي راجا آڏو پيش ڪيو ويو.
    ”اڙي! تو اهڙي ڪمزور ڀت ڇو ٺهرائي، جيڪا کاٽ هڻڻ سان هلي وئي ۽ زيپٽ خان جهڙو دولھ مڙس مري پيو؟“ راجا، ڍالوءَ کان هڪل ڏئي پڇيو.
    ”راجا صاحب! انصاف ٿئي.“ ڍالوءَ وراڻيو؛ ”ان ۾ منهنجو ڪو قصور ناهي، ڇو جو اها ڀت رازي ريجهو مل ٺاهي آهي. ان ۾ ان جو ڏوھ آهي ته ڀت ڪمزور ڇو ٺاهيائين؟“
    ”بلڪل تون سچ ٿو چوين. ان ۾ تنهجو قصور ناهي.“ چرٻٽ راجا، خيال مٽائيندي چيس؛ ”سڄي شرارت ريجهو مل جي آهي، تنهنڪري ريجهوءَ کي پيش ڪيو وڃي.“
    ريجهو مل کي ڪارندا، کنڀي کڻي آيا.
    راجا ريجهوءَ کان، ڀت ڪرڻ جو راز ڄاڻڻ لاءِ پڇيو؛ ”اڙي تو اهڙي جڏي ڀت ڇو ٺاهي، جيڪا کاٽ لڳڻ سان ڀور ڀور ٿي وئي ۽ ڪِرڻ سان مڙس به ڇيهون ڇيهون ڪري وڌائين؟“
    ”راجا صاحب نياءُ ٿئي!“ ريجهوءَ پنهنجي جان بچائڻ لاءِ عرض ڪندي چيو؛ ”هڪڙن جي آئيءَ، ٻين کي ساڙڻ نه گهرجي.“
    ”ڇا ٿو چوڻ چاهين؟“ راجا پڇيس.
    ريجهوءَ عرض ڪيو: ”سائين! ان ۾ منهنجو ڪهڙو قصور آهي؟“
    ”باقي ڪنهن جو آهي؟“ راجا پڇيو.
    ”سڄو ڏوھ گاري ڇڪيندڙ گيدوڙي خان جو آهي.“ ريجهوءَ پنھنجو بچاءُ ڪندي، سڄو ڏوھ گيدوڙي جي ڪنڌ ۾ وجھڻ لاءِ چيو؛ ”جيڪڏهن گيدوڙو، گارو صحيح ڇڪي ها ته نه ڀت ڪمزور ٿئي ها ۽ نه ئي ڪري ها. نه وري زيپٽ خان جهڙو جوان ان جي هيٺان دٻجي مري ها!“
    ”گيدوڙي خان کي هڪدم حاضر ڪيو وڃي.“ چرٻٽ راجا، راز کان واقف ٿيندي حڪم ڪيو.
    گيدوڙي کان، پيشيءَ بعد، سوال ٿيو: ”تو اهڙو گارو ڇو ڇڪيو. جنهن سان ڀت ڪمزور ٿي پئي ۽ کاٽ لڳڻ شرط وڃي ٻٽڪو ڪيائين؟ زيپٽ خان جهڙو چڱو مڙس چٽڻي ڪري وڌائين.“
    ”سائين عدل ٿئي ته آئون اڳتي ڳالهايان.“ گيدوڙي، هٿ ادب جا ٻڌي عرض ڪيو.
    ”بلڪل دل جي مدعا پيش ڪر.“ راجا حڪم ڪيس.
    گيدوڙي خان مدعا پيش ڪئي؛ ”سائين! ساري حرامڙائي پڪوڙي خان بشتيءَ جي آهي. اهو جيڪڏهن گهڻو پاڻي نه وجهي ها ته نه گارو پٽڙو ٿئي ها ۽ نه ئي وري تيز ڇڪجي ها. تيز ڇڪجڻ جي ڪري، ڀت ڪمزور ٿي پئي ۽ کاٽ لڳڻ سان مڙس کي ابدي ننڊ ڏياري ڇڏيائين.“
    ”واقعي تون قصور وار ناهين، سمورو قصور پڪوڙي خان بشتيءَ جو آهي.“ راجا معاملي جي تھ تائين پهچندي چيو؛ ”پڪوڙي خان بشتيءَ کي حاضر ڪيو وڃي.“
    حڪم ملڻ شرط، ڪاروا پڪوڙي خان بشتيءَ کي کنڀي کڻي آيا.
    ”اڙي تو گاري ۾ پاڻي گهڻو ڇو وڌو؟“ راجا، پاڻي وجهڻ واري پڪوڙي خان بشتيءَ کان پڇيو؛ ”هاڻي مڙس مري پيو آهي. ان جو ڏوھ ڏنڊ ڪير ڏيندو؟“
    ”سائين انصاف ٿئي!“ پڪوڙي خان بشتيءَ، جيءَ جي امان گهرندي، عرض ڪيو؛ ”منهنجو عرض به ٻڌو وڃي.“
    راجا هڪل سان چيس: ”عرض پيش ڪر!“
    پڪوڙي خان چيو: ”سائين! ان ۾ منهنجو ڏوھ ناهي. اهو سمورو ڏوھ پيلبان جو آهي. جيڪو ان وقت اتان هاٿي ڪاهي لنگهيو. هاٿي ان وقت ٽٺل هو ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڀڄي رهيو هو. ڪنهن مهل مون ڏانهن رخ رکيائين. ڊپ منجهان، منهنجي هٿن مان پاڻيءَ جي پخال ڇڏائجي وئي ۽ سمورو پاڻي، گاري ۾ هليو ويو.“
    ”بلڪل تون بي قصور آهين. اهو سڄو ڏوھ پيلبان جو آهي.“ راجا حڪم ڏنو؛ ”پيلبان کي ھڪدم حاضر ڪيو وڃي.“
    پيلبان کي ٻوساٽي، درٻار اندر پھچايو ويو.
    ”تون گاري ٺهڻ وقت هاٿي ڪاهي، ڇو اچي اتان لنگهئين؟“ راجا، پيلبان کان پڇيو؛ ”هاٿي ٽٺو ته بشتيءَ کان پاڻي هارجي ويو ۽ گارو پٽڙو ٿيو. ڀت جڏي ٿي پئي ۽ کاٽ لڳڻ سبب مڙس ڦيهي وڌائين.“
    پيلبان عرض ڪيو: ”سائين انصاف ٿئي. ان ۾ منهنجو ڪو قصور ڪونهي. سڄو قصور، مائي ڪيڪوڙيءَ جو آهي. اها ان وقت پيرن ۾ ڇمڪا پائي، گهٽيءَ ۾ آئي. سندس ڇمڪي تي، هاٿيءَ ٽاھ کاڌو ۽ گاري واري پاسي ڏانهن ڊوهيائين.“
    ”تون سچ ٿو چئين. اهو قصور ڪيڪوڙيءَ جو آهي“. چرٻٽ راجا، اٽي مان وار ڪڍندي، حڪم ڪيو؛ ”ڪيڪوڙيءَ کي حاضر ڪيو وڃي.“
    مائي ڪيڪوڙيءَ کي حاضر ڪيو ويو.
    راجا، مائيءَ کان پڇيو؛ ”تون ڇمڪا پائي ڇو لنگهينءَ جو هاٿي ٽٺو، گاري ۾ پاڻي پوڻ سبب، گارو پٽڙو ٿيو ۽ ڀت جڏي ٿي پئي جيڪا کاٽ لڳڻ سبب ڪري پئي ۽ زيپٽ خان جو خون ٿيو؟“
    ڪيڪوڙي سياڻي هئي، تنهن يڪدم سوچي چيو؛ ”بادشاھ سلامت! اهي ڇمڪا، لوڪڙ سوناري ٺاهيا آهن. ڏوھ ان جو چئبو. ان ۾ منهنجو ڪو به قصور ناهي. جيڪڏهن اهو اهڙا ڇمڪا نه ٺاهي ها ته اڄ اهڙو خونام نه ٿئي ها.“
    راجا حڪم ڪيو؛ ”بلڪل تنهنجو قصور ناهي. اھو کلم، لوڪڙ سوناري ڪيو آھي، جنھنڪري، کيس حاضر ڪيو وڃي.“
    جڏهن سوناري کان ساڳيو سوال ٿيو ته مڙس صفا وائڙو ٿي ويو. ڪو به جواب ڪو نه سُجهيس. صفا منجهي بيھي رهيو. پوءِ ته بري تي بڇ ٿي وئي. سڀني کڻي سوناري ڏانهن اشارا ڪيا. راجا کيس ڏوھ جو ڏوهي ٺهرايو. تنهن کان پوءِ راجا جي انهيءَ اٽي مان وار ڪڍڻ وارين ترڪيبن تي، ھر ڪو داد ڏيئي رهيو هو. منجھن گرو ۽ چيلو به موجود هئا. اهي به ساڳي روئداد ڏسڻ لاءِ آيا هئا.
    راجا جي حڪم مطابق، سوناري کي ڦاسيءَ جي تختي تي آندائون. اتفاق سان ڦاسيءَ واري رسيءَ جو ڳاراڻو ڪشادو ٿي پيو. سونارو هئو سنهڙو، لوڪڙ جهڙو. سندس منڍي ننڍڙي هئڻ ڪري، ڦاهيءَ واري گرگهلي ڳاراڻي مان نڪري پئي وئي ۽ ڦاسي فِٽِ نه پئي آيس.
    ڪارندن، راجا وٽ شڪايت ڪئي. راجا ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو. گهريءَ سوچ کان پوءِ فيصلي ۾ ترميم ڪندي حڪم جاري ڪيائين؛ ”جنهن کي ڦاسي پُوري اچي، ان کي ڦاسيءَ تي چاڙهيو وڃي.“
    ڪارندا، ڳاراڻو کڻي لهي پيا ميدان ۾. هر ڪنهن جي ڳچيءَ ۾ ڳاراڻو وجهي جاچڻ لڳا. چيلي جڏهن اها صورتحال ڏٺي ته اچي ڦرڪڻيءَ ورتس. ڇهين حس ڦرڪڻ لڳس. اندر ئي اندر ۾ سوچڻ لڳو؛ ”ڦاسيءَ وارو ڦندو ته مون جهڙي ٿلهي متاري کي ئي ڦهڪي بيهندو. ان کان اڳي جو ڪارندا مون تائين پهچن، مون کي ڪجھ ڪرڻ گهرجي.“ ڪا ڳالھ سمجھ ۾ نه آيس. يڪدم گروءَ جي چرنن ۾ ڪري پيو؛ ”گرو! هاڻي ڪا اٽڪل ويڙهاءِ. متان ناحق جان وڃي، ان جو اڳي بلو ڪر.“
    گروءَ چيس؛ ”مون ته تو کي اڳ ۾ ئي چيو هو ته؛ هتي انڌير لڳو پيو آهي. هتي نه ترسون، پر تو لالچ ڪئي ۽ نه مڙئين. هاڻي پنهنجيءَ لالچ جو نتيجو لوڙ.“
    چيلو ٻيهر گروءَ جي پيرن تي ڪري پيو ۽ منٿون ايلاز ڪرڻ لڳو: ”گرو! جيڪي ٿيو سو ڇٽو. هاڻي منهنجي توبہ! منهنجي وڏن جي به گيسي! رڳو تجويز ڪري هاڻي جان ڇڏاءِ. وري هتي نه ترسنداسين.“
    گروءَ کيس چيو؛ ”جيڪڏهن ڦندو فٽ اچئي ۽ تو کي ڦاسيءَ جي تختي تي وٺي وڃن ته تون ڀلي اتي وڃجانءِ. ڦاسي اچڻ کان اڳ، آ تنهنجي جان ڇڏائڻ جو بلو ڪندس.“
    چيلي کي دلجاءِ ٿي. ايتري ۾ ڪارندا ڦندو کڻي، هر هڪ جي ڳچي ماپيندا، اچي وٽس پهتا. کيس ڳاراڻو فٽ پورو اچي ويو. کڻي کنڀيائونس. هن به پاڻ ڇڏائڻ جي گهڻي ڪئي پر هوڏانهن گهڻا مڙس هئا، سو کنڀي کنيون ويس. جڏهن چرڪٽ چيلو، ڦاسيءَ جي تختي تي پهتو ته گرگٽ گرو، رڙ ڪري اٿيو؛ ”ترسو! ترسو! ڦاسي ان کي نه ايندي. مان ڦاسيءَ تي چڙهندس.“ ڪاراندا رڪجي ويا.
    راجا گروءَ کان پڇيو؛ ”تون ان جي بدران، ڦاسيءَ تي ڇو ٿو چڙهين؟“
    گروءَ وراڻيو؛ ”مان ان جي بدران ڦاسيءَ تي نه ٿو چڙهان. پر مون کي علم نجوم ذريعي گڻيش مهاراج نياءُ (اطلاع) ڪيو آهي ته هيءَ شُڀ گهڙي آهي، اگر ان سڀاڳي ساعت ۾ ڪو ڦاسيءَ تي لٽڪندو ته سڌو سنئون سرڳ واسي ٿيندو. مرڻو ته ھھين آھي، پوءِ مان سڌو سرڳ (بهشت) ۾ ڇو نه وڃان؟!“
    چيلو گروءَ جي مام سمجهي ويو ۽ چيائين: ”نه گرو جي نه! مان ئي ڦاسي کائيندس! ڇاڪاڻ ته ڦاسي مون کي فِٽ آئي آهي.“
    گروءَ چيلي کي سمجهايو ته؛ ”سائينءَ کان سواءِ ٻيو ڪو به سرڳ جو حقدار ٿي نٿو سگهي!“
    جڏهن اها خبر راجا کي پئي، تڏهن راجا چيو؛ ”سرڳ ته اسان راجائن ۽ مهاراجائن جي رهڻ جو آستان آهي. جيڪڏهن اتي رسڻ لاءِ، هيءَ شُڀ گهڙي آهي ته پوءِ مان ئي سرڳ جو حقدار آهيان. مان ئي ان شُڀ گهڙيءَ مان فائدو وٺندس. مان ئي ڦاسيءَ تي چڙهندس.“
    راجا ڦاسيءَ جي تختي ڏانهن پاڻ آيو. رعايا گهڻو ئي جهليس پر ڪنهن جي به نه ٻڌائين ۽ تختي تي پهچي جلاد کي حڪم ڪيائين؛ ”مون کي سرڳ واسي ڪرڻ لاءِ ڦاسيءَ تي چاڙهيو وڃي.“
    کيس، سندس ئي تجويز ڪيل، ڦاسيءَ تي چاڙهيو ويو. شڀ گهڙيءَ جو ٻڌي، ڪيترا ئي سرڳ جا شوقين، ڦاسيءَ تي چڙهندا ويا. جڏهن گروءَ ڏٺو ته گهڻا پاپي ناس ٿي ويا آهن، تڏهن چيائين؛ ”هينئر اهو شُڀ سميه سمات ٿي ويو آهي.“
    سڀاڳي وقت جي ختم ٿيڻ جو ٻڌي، ٻين ڦاسيءَ تي چڙھڻ بند ڪيو.
    راجا، پنھنجي ساٿين سميت، جڏھن ڦاھيءَ چڙھيو ته عام ماڻهن مٿان ڏمر لٿو.
    گروءَ ۽ چيلي به شڀ گهڙي ڏسي، رکيو کڙين تي زور ۽ يڪدم اهو ملڪ ڇڏي ٻئي ملڪ هليا ويا.
    مطلب: ۱. ناانصافيءَ واري ملڪ اندر، رھڻ کان ڦاھي کائي مرڻ بھتر آھي. (۷)

    16. اڻهوند مان هوندَ، خدا ڪندو آهي. (چوڻي)
    هڪڙو همراھ جهنگ جي خيال سان، جهنگ ڏانهن ويو. جهنگ جو خيال لاهي، وَٽ پچائڻ جي ڪيائين ته پاڻي نظر نه آيس. ڀتر وغيره جاچيائين، سو به نظر نه چڙھيس.
    لاچار ٿي زمين تي گيسيءَ واري انداز سان، وَٽُ پچائڻ لڳو. گيسيءَ ڪندي، کيس وهڪ واريءَ جاءِ تي ٺڪريءَ جهڙي شيءِ لڳي. يڪدم اٿي کڙو ٿيو. سلوار پائي، ان سخت شيءِ کي هٿن سان کوٽڻ لڳو.
    ٿورو کوٽڪو ڏنائين ته اتان ٺڪر جي ديڳڙي جو ڪَنو ظاهر ٿيو. پوريءَ طرح کوٽڻ کان پوءِ خبر پئي ته اهو ديڳڙو سونن سِڪن سان ڀريل آهي.
    سِڪن ڀريل ديڳڙو ڏسي، ڏاڍو گد گد ٿيو ۽ پنهنجي منهن چوڻ لڳو؛ ”اڻهوند مان هوند، خدا ڪندو آهي.“
    مطلب: ۱. اڻ ٿيڻيءَ مان ٿيڻي، خدا ڪري.
    ۲. ڌڻي ڏيڻ تي اچي ته ڇپر ڦاڙي ڏئي.
    ۳. بخت ڏئي ڀيڙو ته دال مان ٿئي سيرو.
    ۴. الله ٿئي راضي ته ڌوڙ/ واريءَ مان به ڌن ٿئي. (۲) ص ۸

    17. اها ڪُڪڙ ئي مري وئي، جيڪا سونا آنا ڏيندي هئي. (چوڻي)
    هڪڙي ھمراھ، هڪڙي ڪڪڙ پالي هئي. اتفاق سان اھا جيڪو ڏيهاڙي آنو لاهيندي هئي، سو سونو ھوندو ھيو.
    هڪ ڏينهن، ڪڪڙ جي مالڪ جي من ۾ لالچ جاڳي پئي. دل ۾ چوڻ لڳو؛ ”زندگيءَ تي ڀروسو ڪونھي، ڇو نه ڪڪڙ کي ڪُهي، سندس پيٽ مان سمورا سونا آنا، هڪ ئي دفعي سان ڪڍي وٺان. اھي کپائي، ڪا جاگير خريد ڪيان، جيڪا اکين آڏو به ھجي، ھٿن ۾ به ھجي ته جنھن وقت مرضي پوي تنھن وقت منجھانئس فائدا وٺان.“
    اهو خيال ايندي ئي، ڪاتي کڻي، ڪڪڙ کي ڪٺائين، پر منجهانئس کيس هڪ آنو به هٿ نه آيو. ان تي گهڻو پڇتائڻ لڳو؛ ”مون ناحق ڪري، آنا ته وڃايا پر ڪڪڙ به هٿئون وڃايم“.
    مطلب: ۱. ھٿان ويل وقت، وري ھٿ نه ٿو اچي.
    ۲. ڏُهي کائجي، ڪُهي نه کائجي.
    ۳. اهو چوئٿ ئي مري ويو، جيڪو چڻا کپائيندو هيو.
    ۴. اهي تنيا ئي مري ويا، جيڪي گهٽا بخشائيندا هيا. (۱) ص ۹۹.

    18. اھا ئي شيءِ سونھن جو سبب،
    اھا ئي شيءِ موت جو سبب. (چوڻي)
    هڪ جَهنگ ۾ ٻارنهن سِڱَن وارو هڪ هَرڻ رهندو هو، جنهن کي سائمبر چئبو آهي. کيس پنهنجي خوبصورت سِڱَن تي ڏاڍو ناز هو. جڏهن به ڍَنڍ تي پاڻي پيئڻ ويندو هو ته پاڻيءَ ۾ سِڱَن جو عڪس ڏسي، ٽانءِ ۾ ڀرجي ويندو هو. بود ۽ وڏائيءَ ۾ اچي، چوندو هو؛ ”منهنجا سِڱَ ۽ مان، ڪيڏا نه خوبصورت آهيون!“
    هڪ ڏينهن جَهنگ ۾، شينهن شڪار جي تلاش ۾ نڪتو. اوچتو هن جي مٿان اچي ڪَڙڪيو. شينھن تي نظر پوندي ئي، سائمبر اُتان مينھن-واچ ڪري وٺي ڀڳو. ساھ تي آيل ھيس، جنھنڪري جھنگ-مُنھن ڪري، کُرن تي زور ڏنائين. اھو به نه ڏٺائين ته ڪٿان ٿو وڃان پيو. ڊوڙندي ڊوڙندي ھڪ ڊونڊي ۽ ڪنڊن واري وڻ ھيٺان اچي لنگھيو. اوچتو سندس سِڱَ، ڪَنڊن وارين ٽارين ۾ ڦاسي پيا ۽ پاڻ به سُڪ ٿي ويو. ڊوڙڻ، ڊوڙڻ جي ماڳ، جان بچائڻ کان به رهجي ويو.
    پٺيان شينهن به لڳو پئي آيس، جنھن پهچندي شرط، اچي ڪنڌ کي مَروٽو چاڙھيس. دانهن ڪري چيائين؛ ”جن سِڱَن تي ناز هئم، سي ئي موت جو سبب بڻيا.“
    مطلب: ۱. اھا ئي گاڏي سُک جو سبب، اھا ئي گاڏي موت جو سبب.
    ۲. اھو ئي سونُ شان جو سبب، اھو ئي سون ڪن ڇني.
    ۳. ساڳيءَ شيءِ مان فائدا به آھن ته نقصان به آھن.
    ۴. اھي ئي ناز جو سبب، اھي ئي موت جو سبب. (چوڻي)
    ۵. سَرجڻهار جي عطا ڪيل نعمتن ۽ نوازشن، دولت ۽ حُسن تي وڏائي ۽ ٽانءِ نه ڪجي.

    19. اهو ڪم ڪجي، جو لعل به لڀي، پريت به رهجي اچي. (چوڻي)
    بادشاھزادو، وزيرزادو، قاضي-زادو ۽ ڪوٽوال جو پٽ، پاڻ ۾ سنگتي هيا. چار ئي ڄڻا ھڪ دفعي سھي سنبري ڏوراھين سفر تي نڪتا. هڪ رات کين جهنگ ۾ پئي. واري وٽيءَ تي، پهرو ڏيڻ لاءِ، جاڳيا پئي.
    پهريون پهر، شهزادو پهري تي جاڳيو. سندس نظر، ڪن نانگن تي پئي، جيڪي مَڻِ سان کيڏي رهيا هئا. شهزادي حيلو هلائي، اها مڻ هٿ ڪئي. اهڙيءَ طرح ٻيا به واري وٽيءَ سان جاڳيا ۽ هڪ هڪ مڻ هٿ ڪيائون.
    آخري پهريدار، ڪوٽوال جو پٽ هئو. مَڻِ هٿ ڪرڻ کان پوءِ کيس دل ۾ خيال آيو؛ ”ڏسان ته منهنجن سنگتين به ھڪ ھڪ مڻ هٿ ڪئي آهي الائي نه“.
    ٽنهي جا وسلا ڦولهي، ٽئي لعلون ڪڍيائين ۽ سموريون ابداڻي ۾ وجهي ڇڏيائين. صبح ڌاري، پنھنجون پنھنجون لعلون، ھر ھڪ سنڀاليون. گم ٿيل ڏسي، سڀني چيو؛ ”چور اسان منجھان ئي ڪو ھڪڙو آهي، تنهنڪري صبر چڱو آهي. هڪ ٻئي کي چور چوڻ سان، سنگت ۾ رخنو پوندو.“
    اهو ٽلي، اتان پنڌ پيا ۽ هڪ شهر ۾ اچي پهتا. هر هڪ پنهنجي منهن، اتي جي بادشاھ کي دانهن ڏني ۽ چيائينس پئي؛ ”انصاف ائين ٿئي جو سنگت به نه بگڙي.“
    بادشاھ کي هڪ سياڻي ڌيءُ هئي، تنهن پيءُ کي چيو؛ ”انهيءَ معاملي جو نبيرو، مان ڪنديس.“
    بادشاھ، چئني ڄڻن کي، پنهنجي ڌيءُ ڏانهن موڪليو. جنهن کين چيو؛ ”اوهين اٺ ڏينهن مون وٽ مهمان ٿيو. شرط اهو آهي ته واري وٽيءَ سان هڪڙو ماني کائڻ ايندو ۽ ٻين ٽن ڄڻن جي لاءِ کڻي ويندو.“
    اهو شرط قبولي، پهرئين ڏينهن شهزادو آيو. شهزاديءَ پنهنجي هڪ لعل کڻي، سندس آڏو رکي ۽ شراب به پياريائينس. جنهن تي ان لکايو به نه. اهڙيءَ طرح وزير زادو ۽ قاضيءَ جو پٽ به امتحان مان پاس ٿي ويا.
    چوٿين ڏينهن ڪوٽوال-زادي آڏو ٽي لعلون رکي شراب پيش ڪيائين. نشي چڙهڻ بعد ڪوٽوال جو پٽ چوڻ لڳو؛ ”تو وٽ ٽي لعلون آهن!“ ابداڻي مان چار لعلون ڪڍي، چوڻ لڳو؛ ”مون وٽ چار آهن.“
    شهزاديءَ اهي لعلون وٺي، هٿ ڪيون. ٻئي ڏينهن شهزادي آڏو ٽئي رکي، پڇيائينس؛ ”پنهنجي لعل سڃاڻي کڻ.“ جنهن سڃاڻي، منجھانئن هڪ کنئي.
    اهڙيءَ طرح، سڀني پنهنجي پنهنجي لعل سڃاڻي کنئي.
    ”اهو ڪم ڪجي جو لعل به لڀي، پريت به رهجي اچي.“ معاملو حل ٿيڻ بعد، ڌيءُ جي تعريف ڪندي بادشاه چيو.
    مطلب:۱. ھر معاملي کي سلجھائڻ لاءِ اھڙا پاسا جاچڻ گھرجن، جن سان نقصان گھٽ ۾ گھٽ ٿئي. (۲) ص ۱۳ ۽ (۵) ص ۱۳.

    20. اهو ڪِي ڪجي، جو اوکيءَ ويل ڪم اچي. (چوڻي)
    ڪنهن ملڪ ۾، ڪيترا سال مينهن نه پوڻ سبب، ڏڪار پيو. اناج جي اڻاٺ سبب، اَن ۽ گاھ جي کوٽ ٿي پئي، جنھنڪري جانور ۽ مال متاع بک مرڻ لڳا. نتيجي طور ملڪ منجھان لڏ پلاڻ شروع ٿي وئي. ماڻهو پنهنجي مال سميت، ڀر واري ملڪ ڏانهن وڃڻ لڳا ته بادشاھ کي ڏاڍو فڪر ٿي پيو. وزيرن کي گهرائي، مشورا ۽ رٿون/تجويزون وٺڻ لڳو. جنهن جاءِ تي اها گڏجاڻي ۽ رٿون/تجويزون غور ھيٺ ھلي رهيون هيون، اتي وڏي وزير جي نگاھ، هڪ ماڪوڙيءَ تي وڃي پئي، جيڪا ان جو داڻو کڻي ٻِرُ ڏانهن وڃي رهي هئي.
    وزير، بادشاھ سميت سمورن درٻارين جو ڌيان، ماڪوڙيءَ ڏانهن ڇڪايو. مڙني جي نگاھ تيستائين ماڪوڙيءَ تي هئي، جيستائين ڏرڙ ۾ داخل نه ٿي وئي. جڏهن ماڪوڙي ٻرڙ ۾ پوريءَ طرح هلي وئي ته وزير، پٺيان ڏر کي ٿورو کوٽيو. ڏَرِ جو پيٽ، اَنَ جي داڻن سان ڀريو پيو هيو. ڏسڻ شرط، سمورن جا وات، حيرت ۾ڦاٽي ويا ۽ چوڻ لڳا؛ ”اگر اسان کي ماڪوڙيءَ جيترو به عقل هجي ها ۽ ايندڙ وقت لاءِ، اناج ۽ گاھ ڪٺو ڪري رکون ها ته ھوند قحط پوڻ سان تڪليف نه ڏسون ھا ۽ نه ئي راڄ بک وگھي ملڪ مان لڏي وڃي ها!“
    ”تڏھن ته چيو اٿن.“ وزير سمورن کي قائل ڪندي چيو؛ ”اھو ڪي ڪجي، جو مينهن وسندي ڪم اچي.“
    مطلب: ۱. سوڙ آهر، پير ڊگهيڙجن.
    ۲. اهو ڪي ڪجي جو اوکيءَ ويل ڪم اچي
    ۳. آمدنيءَ کان وڌيڪ خرچ نه ڪجي. (۴) ص ۹۱.

    21. ايڪي ۽ اتحاد ۾ برڪت آهي. (چوڻي)
    ڪنهن ماڻهوءَ وٽ ست پٽ هئا. جيڪي ٿورين ٿورين ڳالهين تي سدائين پيا پاڻ ۾ وڙهندا هيا. پيءُ کي خيال ٿيو؛ ’جي ڀائر پاڻ ۾ ائين پيا وڙهندا رھندا ته ڪمزور ٿي ويندا ۽ ڌاريو کين نقصان ڏئي ڇڏيندو. بهتر آهي ته کين انهيءَ عادت کان باز رکجي.‘
    هڪ ڏينهن سمورن پٽن کي گهرائي، هڪ هڪ ڪاٺي ڏئي چيائين؛ ”اھا ڀڃي ڏيکاريو!“
    سمورن پٽن، پنهنجي پنهنجي ڪاٺي ڀڃي ڏنس. پوءِ کين گهڻيون ڪاٺيون گڏي، ڀڃڻ لاءِ ڏنائين، جيڪي هو اڪيلي سر نه ڀڃي سگهيا. جنهن تي کين چيائين؛ ”جيڪڏهن، ذاتي جهڳڙن سبب اوهان اڪيلڙا ۽ ڪمزور ٿيندؤ ته دشمن توهان کي سولائيءَ سان ائين نقصان ڏئي ڇڏيندو، جيئن اوهان هڪ ڪاٺيءَ کي سولائيءَ سان ڀڃي ويا. ان جي ابتڙ گڏ ٻڌل ڪاٺين وانگر، مڙي مُچي ٿيندؤ ته ڪو به دشمن توهان جو وار ونگو نه ڪري سگهندو. بهتر آهي ته پاڻ ۾ جهڳڙا ڪرڻ بجاءِ، مِٺ محبت سان رهو.“
    مطلب:۱. گهڻن کنئي، ڇپر کڄي پوي.
    ۲. قطره قطره، درياھ شود.
    ۳. وڳر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾، پسو پکيئڙن، ماڻهئان ميٺِ گهڻو.
    ۴. ماکيءَ جي مکين جي اتحاد سان، ماکي جڙي ٿي. (۴) ص ۱۱۷.


    [ ب ]

    22. بخت ڏئي ڀيڙو، دال مان سيرو. (چوڻي)
    ھڪڙي پوليس عملدار سان، سندس وڏو آفيسر، ڏاڍو پسريل هيو. کيس ٿاڻي تي ويٺو نه سهندو هو. هڪڙي جاچ تان موٽي ئي نه، ته ٻئي پاسي موڪليس.
    هڪڙي دفعي، ڪنھن جاچ تان رات ڌاري موٽي، ٿاڻي تي پهتو. ماني کائي ٿڪ به نه ڀڳائين ته وڏي عملدار گهرائي چيس؛ ”فلاڻو ماڻهو، ڏوھ ۾ گهربل آهي، کيس پڪڙي اچ!“
    ”حاضر سائين!“ ائين چئي، گهوڙي تي لانگ ورائي، روانو ٿيو. بيگاھ وقت ھيو. سڙڪ ڇڏي، جھنگ مان هڪڙي ڦٽل ڪڙيي جو ڪپ ڏيئي، ويو پئي جو گهوڙي جا سنب، ڪنهن سخت شيءِ سان لڳا ۽ آواز ٿيو. ڪنايائين ته کيس لڳو، ڄڻ ڪنهن ٽامي جي ٿانءَ کي ڌڪ لڳڻ جو آواز ھجي. هڪدم گهوڙي تان لٿو. هٿن سان مٽي هيڏي هوڏي هٽايائين ته کيس هڪڙي ديڳ نظر آئي، جيڪا سونين مهرن سان ڀريل هئي. خرزين، توٻرو ۽ کيسا پُر ڪيائين. بچيل مهرون، پوتڙي ۾ هڙ ڪري ٻَڌائين. سندس ڳوٺ اُتان ويجھو هيو. اتي مھرون ڇڏي، اچي ڏوھي پڪڙيائين ۽ کيس وڏي عملدار جي حوالي ڪيائين. ستت پنهنجي استعيفا لکي، گهر هليو آيو.
    نوڪري برطرف ٿيڻ کان پوءِ اميراڻو گذر سفر ڪرڻ لڳو ته ماڻهن ۾ چو پچو شروع ٿي؛ ”سپاھيءَ مان امير، ڪيئن ٿيو آھي؟“
    ”ادا، جيڪڏھن!“ ماڻھن کي موٽ ۾ چوندو ھيو؛ ”بخت ڏئي ڀيڙو، دال مان ٿئي سيرو.“
    مطلب: ۱. دال مان سيرو ٿيڻ؛ اڻ هوند/ سُڃائيءَ مان آسودگي ٿيڻ.
    ۲. ڌوڙ ڦلھيار مان، سون ٿي پوڻ.

    23. بخش بيبي ٻلي، ڪئو لنڊو ئي ڀلو. (اردو، پهاڪو)
    هڪڙي ميسڻي ٻلي هئي. کيس چٽپٽين ڳالهين ڪرڻ جو ڏاڍو ڏانءُ ھوندو ھيو. انهن ڳالهين ڪري، هڪڙي ڪُئي سان سنگت ٿي ويس. ڪئو به ساڻس راند کيڏڻ تي هري ويو.
    هڪ ڏينهن راند کيڏندي، موقعو تاڙي، ٻليءَ ڪئي تي لامارو ڏنو. ڪئو به اڃا ڊنل هئو، سو ڦڙتائيءَ سان يڪدم ٻِرُ ڏانهن وٺي ڀڳو. پاڻ ته سڄو ٻر ۾ هليو ويو پر سندس پڇ اڃا ٻاهر هئو، جيڪو ٻليءَ جي چنبن ۾ اچي ويو. ٻلي ٻاهر ڇڪڻ تي، ڪئو اندر زور ڏيڻ تي. انهيءَ ڇڪ ڇڪان ۾، پُڇ پاڙ وٽان ٽٽي پيو.
    جڏهن ٻليءَ ڏٺو ته سولو شڪار به هٿان هليو ويو آهي ته کيس آتارڻ لڳي. ٻر وٽ ٻوٿ رکي سڏڻ لڳس؛ ”هلي آءُ پيارا ننڍڙا ڪئا! ڀوڳن ڀوڳن ۾ رسي وڃي ٻر ۾ لڪو آهين. اچ وري راند رچايون.“
    ”نه! مان نه ايندم.“ رت ڳاڙيندڙ ڪئي، ڦرڪندي چيس؛ ”مون کي ڀؤ ٿو ٿئي.“
    ٻليءَ آٿت ڏيڻ لاءِ، ڪٽيل پڇ، ٻر وٽ لوڏيندي چيس؛ ”ٿوري دل پشوري ڪرڻ تي رسي ويو آهين. هلي آءُ! ھلي آءُ ته پڇ به سبي ڇڏيانءِ. پڇ کان سواءِ ڪهڙو ٺهندين؟!“
    ڪئو ٻليءَ جي نيت کي صفا سمجهي ويو هيو. تنهن اندران ٺپ جواب ڏيندي چيس؛ ”پڇ ويو، خير آهي. جان ته بچي. اڳتي لاءِ سبق ته سکيم.“
    ”اڙي نه نه! رڳو ڀوڳ ڪيم.“ ٻليءَ آتاريندي چيس؛ ”هاڻي ضد تان لھ! هلي آ.“
    ڪئي رت ڳاڙيندي ۽ سهڪندي، اندران چيس؛ ”بخش بيبي ٻلي، ڪئو لنڊو ئي ڀلو.“
    مطلب: ۱. ٻئي کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ۾ ناڪام وڃڻ کان پوءِ، اگر ڪو ماڻھو ٻيھر واجھ وجھڻ جي ڪوشش ڪندو آھي ته کيس ائين ٽوڪبو آهي. (۸) ص ۵۶.

    24. برا ڪر نه برايون، تو گھر به ڄايون. (چوڻي)
    هڪڙو همراھ، زال ۽ پٽ سميت، گهر ۾ رهندو هيو. هڪ ڏينهن هڪڙو مسافر، سج لٿي کان پوءِ، مينهن ساڻ ڪري، وٽانئن اچي لنگهيو. رات گذارڻ لاءِ کين عرض ڪيائين. مسافر کي اوطاق ۾ ماني ۽ بسترو ڏئي، سندس مينهن گهر ۾ ڪاھي اچي ڪلي سان ٻڌائون. رات ٿي ته زال مڙس، لالچ ۾ اچي، مھمان جي مينهن ڦٻائڻ جي سٽ سٽڻ لڳا. پاڻ ۾ صلاح ڪيائون؛ ”مسافر کي ننڊ ۾ ننڊ ڏئي، کڏ کڻي پوري ڇڏجي ته صبح جو مينهن جا مالڪ اسان هونداسين“.
    اوطاق ويجھي ھئي ۽ مسافر جي به ڳڻتيءَ ۾ اڃا اک نه لڳي ھئي. تنھن سندن اها گفتگو ٻڌي ورتي، جنھنڪري چپ چپات ۾، اوطاق مان نڪري ويو. مسافر جي وڃڻ بعد، گهر-ڌڻيءَ جو پٽ، ٻاهران آيو ۽ اوطاق ۾ هنڌ بسترو وڇايل ڏسي، آھليو ته ننڊ کڻي ويس. رلي تاڻي ستو پيو هئو، جو گھر-ڌڻين کيس مسافر سمجهي، ننڊ ۾ ننڊ ڏئي ڇڏي. تاڻيل رليءَ سميت، ويڙهي وڃي کڏ ۾ پوريائونس.
    صبح سان مينهن جو مالڪ، پوليس کي وٺي اچي در تي پهتو ته زال مڙس جون وايون بتال ٿي ويون. مينھن، مالڪ کي، پوليس جي معرفت موٽائي ڏنائون. ھرکر ۾ اچي، کڏ کوٽيائون ته منجھس ڪنھن کي پوريو آھي؟ کوٽڻ بعد، خبر پين ته لالچ ۾، پنهنجو پُٽ ڪٺو هئائون. مينهن ته نه ڦٻي، پر پٽ به ويو. انهيءَ صدمي ۾ ماءُ مري وئي ۽ پيءُ چريو ٿي ويو.
    مطلب: ۱. لالچ، بري بلا آهي.
    ۲. لالچ، ڪتن سان گڏ کارائي.
    ۳. هٿ جي وڍيءَ جو؛ نه ويڄ، نه طبيب.
    ۴. هٿان پئي نانڪا، ڪچو ٿي ڪوٺين ڪيچين کي؟! (۹)

    25. برائيءَ جو بدلو، برائي آهي. (چوڻي)
    گهڻو وقت اڳي جي ڳالھ آھي. بغداد جي شاهي رستي تان هڪ امير پنهنجن خادمن سان لنگھيو ٿي ويو. ساڳئي وقت، هڪ درويش به اتان اچي لنگهيو. امير کي ڏسي، درويش کانئس خيرات گهري. امير، فقير جي سوال تي ڪاوڙجي پيو. کيس نه فقط بڇڙو ڳالهايائين، پر پٿر کڻي، اهڙو ته زور سان هنيائينس، جو سندس مٿو ڦاٽي پيو.
    درويش، امير جي وڃڻ کان پوءِ، پٿر کنيو ۽ چوڻ لڳو؛ ”مان هن پٿر کي سانڍي رکندس. اهو وقت ضرور ايندو، جڏهن هن پٿر سان، کانئس پنهنجي بيعزتيءَ جو بدلو وٺندس“.
    جنهن کان پوءِ، اهو پٿر انهيءَ فقير سان سدائين ساڻ هوندو هيو.
    هڪ ڏينهن صبح جو، ساڳيو فقير جيئن رستي تان گذري رهيو هيو ته ماڻهن جي وڏي انبوھ کي ڏٺائين. منجهن هڪ همراھ کي گڏھ تي ويٺل ڏٺائين، جنهن کي هر ڪو پٿر به هڻي رهيو هيو ۽ لعن طعن به ڪري رهيو هيو.
    ماڻهن جي ٻڌائڻ تي خبر پيس ته وقت جو خليفو، پنهنجي هڪ امير تي ناراض ٿيو آهي، ان ڪري کيس اها سزا ڏني اٿائين. فقير، اڳتي وڌي اچي ڏٺو ته گڏھ تي ساڳيو امير ويٺل هيو، جنهن کيس خيرات گهرڻ تي پٿر هنيو هيو.
    ٻارنهن مهينا اڳ وارو منظر، فقير جي اکين آڏو ڦري آيو. سانڍيل پٿر، هڻڻ لاءِ ڪڍيائين. هڻڻ کان اڳ، سندس من ۾ هڪ خيال آيو؛ ”هن ته مون سان برائي ڪئي ۽ دنيا ۾ ذليل خوار ٿيو آهي. ان جو بدلو ته ناهي جو مان به ساڻس اهڙو ورتاءُ ڪيان جهڙو پاڻ ڪيائين. پوءِ ھن ۾ ۽ مون فرق ڪهڙو ٿيو!“
    اهو خيال ايندي، پٿر هٿ مان ڪِري پيس ۽ زبان مان بي اختيار نڪري ويس؛ ”برائيءَ جو بدلو، برائي آهي.“
    مطلب:۱. ھتي ڪر، ھتي لوڙ.

    26. بگهڙ کي رڍن جي ڌناري/رکواليءَ تي نه رکجي. (پهاڪو)
    هڪڙو بگهڙ، گهڻي وقت کان رڍن جي هڪڙيءَ ڇانگ وٽان پيو لنگهندو هيو. پنهنجي ساک ويهارڻ خاطر، هن ڪڏهن ليئو پائي به رڍن ڏانهن تڪيو ئي نه. ريڍار جي منجهس جيڪا بدگماني هئي، سا سندس روش سبب، دور ٿي وئي. ھاڻي بگهڙ نه رڳو رڍن جي ڪڍ پيو هلندو هيو پر رڍن سان رڍن جهڙو ويس ڪيو پيو گھمندو هيو. هلندي هلندي ريڍار کي يقين ويھجي ويو؛ ”بگهڙ، بي ايمان ناھي، بلڪ مددگار آھي.“
    هڪ دفعي ريڍار کي شهر پاسي ڪم ڪار ٿي پيو. ٻيو ڪو سنگتي ساٿي ڪو نه پئي سُجهيس، جنهن کي ڌڻ جي واهت لاءِ ويهاري وڃي. لاچار، سڄو ڌڻ، بگهڙ جي رکواليءَ ۾ رکي، پاڻ شهر ڏانهن راهي ٿيو. سمجهيائين پئي؛ ”هيترو وقت گڏ رهيو آهي، ويري نه ٿيندو، بلڪ سڄڻ ٿي ڌڻ جي سار سنڀار لهندو، تيستائين شهر کان مان به موٽي ايندس.“
    بگهڙ کي مُلڪ ئي آجو ٿي مليو. تنهن به پنهنجي مڙسيءَ جا جوهر ڏيکاري پِڙ ئي پالها ڪري ڇڏيا. نه ڇڏيائين نالي کي ڪا رڍ، هڙني کي چيري ڦاڙي، اڳين پوئين ڪسر ڪڍي ڇڏيائين.
    ريڍار، جڏهن شهر کان موٽيو ته بگهڙ جي هاڃي کي ڏسي، کيس ڌڻ جو ڌنار ڪرڻ واري بيوقوفيءَ تي ڏاڍو پشيماني ٿي.
    مطلب: ۱. جنهن کي خدا جو خوف نه هجي، تنهن کي ڪمزورن جي سار سنڀار لاءِ نه ڇڏجي.
    ۲. جَوَ ڍيري ڪري، گڏھ کي رکپال نه ڪجي.

    27. بنا محنت جي مليل مزدوري، حرام ئي آهي. (چوڻي)
    هڪڙي ملان کان ڪنهن پڇيو؛ ”ڏي خبر! ڪڏهن حرام کاڌئي!“
    ”ها! هڪ ڏينهن! مينهن وسي پيو! ٻاهر نڪرڻ ڏکيو ٿي پيو. مسجد ۾ وڃي، جماعت کي نماز پڙھائي نه سگهيس. پنھنجي نماز به گھر ۾ ئي پڙھيم.“ ملان دليل ڏيندي ٻڌايس؛ ”گهر ويٺي خيرات جي ماني کاڌم.“
    ”ان ۾ حرام کائڻ واري ڳالھ سمجھ ۾ نه آئي.“ پڇڻ واري، جواب مان مطمئن نه ٿيندي وڌيڪ پڇيس.
    ”بنا محنت جي مليل مزدوري، حرام ئي آهي.“ ملان دليل ڏيندي چيس.
    مطلب: ۱. حرام ته نه کائجي پر وس ويندي پِن جي ٽڪرن کان به بچجي.
    ۲. پن جا ٽڪر، پيٽ ۾ پوندا ته محنت نه پُڄندي.

    28. بي عقل سان ريس ڪير ڪندو؟ (چوڻي)
    هڪڙي جهنگ ۾ گڏھ ۽ لومڙ گڏ رهندا هيا. ٻنهي جي پاڻ ۾ واقفيت هئي. هڪ ڏينهن واٽ ويندي سندن پاڻ ۾ ملاقات ٿي.
    لومڙ، گڏھ کان پڇيو؛ ”يار! هڪ ڳالھ پڇانءِ، دل ۾ ته نه ڪندين!؟“
    ”ڇو؟ دل ۾ ڇا لاءِ ڪندم!؟“ گڏھ، لومڙ کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏيندي چيو؛ ”دل کولي چؤ!“
    ”دراصل ڇاهي، مان نه ٿو چوان، بلڪ هر ڪو ٿو چوي.“ لومڙ مٺڙي زبان سان گڏھ کي چيو؛ ”گڏھ، ڏاڍو بيوقوف آهي.“
    گڏھ، اها ڳالھ ٻڌي، پهرين هيڏي هوڏي واجهايو ۽ پوءِ رازدارانه انداز ۾، لومڙ کي چيائين؛ ”دراصل، سمورا منهنجي عقل ۽ دانائي کان سڙن ٿا.“
    مطلب: ۱. بي عقل سان ريس نه ڪجي.
    ۲. چرين سان مقابلو ڪير ڪندو؟ (۱۰) ص ۳۲.

    29. بيوقوف کي نصيحت ڪرڻ؛ ڊينگهرن تي اٽو هارڻ. (چوڻي)
    هڪڙي ماريءَ، جهرڪي ڦاسائي. کيس ڪهڻ جو ارادو ڪيائين جو جهرڪيءَ چيس؛ ”مون مان اڌ دڪو گوشت نڪرندو، تنهن مان تو کي ڪهڙو ڍءُ ٿيندو؟ ان کان بھتر آھي ته مان تو کي ٽي نصيحتون ڪيان. جن مان تو کي سڄيءَ عمر لاءِ فائدو ٿئي.“
    ”چڱو! اهي ڪهڙيون نصيحتون آهن. جهٽ ٻڌاءِ!“ ماريءَ، لالچ ۾ ايندي پڇيس.
    ”هڪڙي نصيحت، تنهنجي هٿ ۾ ھوندي ڪنديس، ٻي نصيحت وڻ تي ويهي تو کي چئي سڻائينديس. ٽين وري، وڻ تان اڏامڻ مهل، چوندي وينديس!“ پکيءَ شرط وجهندي چيس.
    ”چڱو ٺيڪ آهي!“ ماريءَ شرط قبوليندي چيس؛ ”مون کي قبول آھن.“
    جھرڪيءَ، پھرين نصيحت، ھٿ ۾ ھوندي چيس؛ ”جيڪا ڳالھ سمجھ، عقل ۽ قياس کان ٻاهر هجي، تنهن تي اعتبار نه ڪجانءِ!“
    ماريءَ، پهرين نصيحت ٻڌي، هٿ ڪڍيس.
    جهرڪي اڏامي وڃي، وڻ تي ويٺي. اتان کيس ٻي نصيحت ٻڌائيندي چيائين؛ ”جيڪو ڪم هٿان نڪري وڃي ۽ وري هٿ نه اچي، ان لاءِ ارمان نه کائجانءِ.“
    ٻي نصيحت ڪري، جهرڪي روئڻ لڳي. ماريءَ روئڻ جو سبب پڇيس ته چوڻ لڳي؛ ”مون کي تنهنجي حال تي ارمان آهي. منهنجي پيٽ ۾ ٻه دڪا تور هيرو آهي، جيڪڏهن هٿ اچئي ها ته سڄي ڄمار ڍَوَ هجني ها.“
    اها ڳالھ ٻڌي ماريءَ کي ڏاڍو افسوس ٿيو ۽ افسوس جا هٿ مهٽيندي چيائينس؛ ”ڀلا! ٽين ۽ آخري نصيحت ٻڌاءِ!“
    ”تو کي ٻن نصيحتن اثر نه ڪيو ته ٽين ڪهڙي ڪندئي! منهنجو پنهنجو وزن هڪ دڪو آهي ته ٻه دڪا هيرو پيٽ ۾ ڪيئن آيو، پر جي آهي ته تنهنجي هٿان نڪري چڪي آهيان. ان لاءِ ارمان کائڻ مان ڇا فائدو؟“وڻ تان اڏامڻ وقت ٽين نصيحت ڪندي، جھرڪيءَ چيس؛ ”بيوقوف کي نصيحت ڪرڻ؛ ڊينگهرن تي اٽو هارڻ.“
    مطلب: ۱. بي سمجھ ماڻهوءَ کي نصيحت ڪرڻ مان ڇا فائدو.
    ۲. ناممڪن ڪم لاءِ ڳڻتي نه کائجي. (۳) ص ۲۲.

    30. بيوقوف جو هر هارو، منهن ڪارو. (چوڻي)
    هڪڙي برهمڻ سکا باسي ته؛ ”ديويءَ تي ٻَل چاڙهيندس“. ڪن ٽن ٺڳن کي به سڻس پئجي وئي ته فلاڻي ڏينهن برهمڻ، سکا لاءِ ڇيلو خريد ڪرڻ ويندو. ڏينهن تاڙي، گَهٽُ جهلي بيٺس. برهمڻ، جڏهن انهيءَ ڏينهن، گهرئون سنبري سھي نڪتو ۽ شھر جي رستي تي فرلانگ ٻه به نه ھليو جو هڪڙو ٺڳ، اڳيان ڦري آيس ۽ پڇيائينس؛ ”اوهان کي ڪو ڇيلو کپي؟“
    ”هائو!“ برهمڻ وارڻي ڏنس؛ ”گهران سنبري ئي انهيءَ لاءِ نڪتو آهيان.“
    ٺڳ کيس هڪڙيءَ جاءِ تي وٺي آيو ۽ هڪڙو مرضيل ڪتو ڪاھي آڻي، ڇيلو ڪري ڏيکاريائينس.
    ”هري برهما!“ برهمڻ ڏسندي ئي دانهن ڪئي؛ ”هچارا! پري ڪر هن ڪتي کي!“
    ”متان! متان!“ ٺڳ، ڪتي جي آڏو ٿيندي، برهمڻ کي پاڻيءَ ۾ رهڻ لاءِ مهميز ڪندي چيو؛ ”ههڙي سندر ليلي کي ڪتو ٿو سڏين؟! وٺي وڃ! وڃي ٻل چاڙهينس ته ڏس ڪيئن نه ديوي ماتا پرسن ٿي ٿئيس!“
    ”يا تنهنجون اکيون ڀڳوان کسيون آهن يا منهنجون.“ برهمڻ جرح ڪندي چيس.
    ايتري ۾ ٻيو ٺڳ به اچي سهڙيو ۽ سنگتيءَ کي امالڪ چيائين؛ ”واھ ٻيلي واھ! بازار جي پنڌ کان بچائي ڇڏيئي! ٻڌاءِ ته ھن ٻڪر جو گهڻو وٺندين؟!“
    ”هوش ڪاڏي ويو اٿئي؟“ برهمڻ پريشان ۽ وائڙو ٿيندي، ٻئي ٺڳ کي چيو؛ ”ڪتي کي ٿو ٻڪر ڪوٺين!؟“
    ”هن مهراج شايد ڀنگ پيتي آهي.“ پھرئين ٺڳ، ٻئي ٺڳ کي چيو؛ ”تڏهن ٿو ٻڪر کي ڪتو سمجهي.“
    پهرين ٻن ڄڻن، ٽئين ساٿي ٺڳ کي ايندو ڏسي، مت موڙهيل برهمڻ کي چيو؛ ”ڀلا هاڻي، هن ٽئين کان ٿا پڇي ڏسون!“
    ٽئين به اڳين ٻن جي فائدي ۾ رايو ڏنو. پوءِ ته برهمڻ کي، پنهنجي عقل تي به شڪ ٿي پيو ۽ دل ۾ چوڻ لڳو؛ ”ديوتائن شايد منهنجو عقل ئي کسي ڇڏيو آهي.“
    اهو خيال ايندي، ڪتو خريد ڪري وڃي ڀيٽا ڏنائين. ديوي ماتا ڏاڍي ڪوپ ٿي ۽ کيس سراپ ڏنائين، جنهن تي ڪوڙهيو ٿيو.
    مطلب: ۱. هڙ هارئي جو، منهن ڪارو.
    ۲. ملو چور، ٻانگو شاهد. (۶)


    [ ٻ ]

    31. ٻه ته ٻارنھن. (چوڻي)
    هڪڙي ڪراڙي جا ڏينهن اچي پورا ٿيا. دل ۾ چيائين: ”مون وارا پٽ ته اڃا پيا ٿا پاڻ ۾ وڙهن. جيئرو آهيان ته جوڙيون اچان. مُئي پڄائان ته ڪڻو ڪڻو ٿي ويندا.“
    اهو خيال ايندي ئي نصيحت ڪيائين پر سندن اهو ئي ڪهاڙيءَ-ڳن. نيٺ کين گهرائي، نصيحت ڪرڻ جي ارادي سان هڪڙو هڪڙو سڳو ڏنائين ۽ چيائين؛ ”ڇني ڏيکاريو!“
    ٽنهي پٽن پنهنجو پنهنجو سڳو، سولائيءَ سان ڇني ڏنس. ان کان پوءِ اٺ ڏھ سڳا پاڻ ۾ ملائي، پٽن کي ڏنائين ۽ چيائين؛ ”ڇني ڏيکاريو!“
    سندس پٽن ڏاڍا زور لاتا پر بجاءِ ڌاڳا ڇنڻ جي، سندن هٿن ۾ سور پئجي ويا. تنهن تي کين نصيحت ڪندي چيائين؛ ”جيڪڏهن اڪيلي ڌاڳي وانگر اڪيلا ٿيندؤ ته هر ڪو توهان کي نقصان ڏئي سگهي ٿو پر جيڪڏهن پاڻ ۾ گڏجي متحد ٿيندؤ ته پوءِ توهان کي ڪو به نقصان نه ڏئي سگهندو.“
    ان کان پوءِ سندس پٽن تي نصيحت جو اثر ويٺو ۽ پاڻ ۾ ٻڌيءَ سان هلڻ لڳا.
    ۲
    هڪ بادشاه کي ۱۲ پٽ هئا. جڏهن سندس اجل ويجهو آيو، تڏھن پنهنجن پٽن کي سڏايائين ۽ فرمايائين؛ ”منھنجي ڀر سان ڪيترا ئي تير رکو.“ جڏھن انھن اھي رکي بس ڪيا ته منجهائن هڪڙي کي چيائين؛ ”هنن تيرن مان هڪڙو تير کڻي، ھٿ سان ڀڃ.“
    پٽس اھو تير، تمام آسانيءَ سان ڀڳو.
    پوءِ چيائينس؛ ”ٻه تير گڏي رک ۽ پوءِ ڀڃ.“
    ڇوڪري ٻه تير پاڻ ۾ گڏيا ۽ پوءِ انهن کي ڀڳائين.
    جڏهن تيرن جو ڳاڻاٽو ٽن کي پهتو، ته ڀڃي نه سگهيو.
    ان وقت بادشاھ، منهن پٽن ڏانهن ڪيو ۽ چيائين: ”توهين ڀائر هنن تيرن جي ڪاٺين مثال آهيو. جيڪڏهن يڪمشت ٿيندؤ ته ڪو به اوهان تي فتح نه پائيندو ۽ جيڪڏهن هڪ ٻئي کان جدا ٿيندؤ، ته دشمن آسانيءَ سان اوهان تي غالب ٿيندو.“
    مطلب: ۱. ٻڌيءَ ۾ طاقت/فائدو آهي.
    ۲. صد هزار ڇڙوڇڙ ڌاڳن کي ڪا به طاقت نه هوندي آهي. کين گڏي وٽڻ کان پوءِ اسفنديار به ڇني نه سگهندو.
    ۳. اتحاد ۾ برڪت آهي.
    ۴. مکين جي اتفاق مان مٺي ماکي پيدا ٿئي ٿي.
    ۵. اڪيلي ٻڪريءَ کي بگهڙ کائي ويندو آهي.
    ۶. اڪيلي تي حملو ڪرڻ، آسان آهي.
    ۷. ڀيٽيو؛ نفاق ۾ نقصان آھي. (۴)
    ۷. Might is right

    32. ٻجهڻ ٻجهيو هڪڙي، ٻجهيو ڪين اٻوجهن،
    اکريون ٻڌي پيرن ۾، واڙ چني آھي سهن. (پهاڪو)
    بيوقوفن جي ھڪڙي ٽولي، ڳوٺان سفر تي نڪرڻ کان اڳ، پاڻ ۾ صلاح ڪئي؛ ”ڪا گهڙي نه ڪنهن جهڙي. متان ڪا رستي ۾ مشڪلات اچي سهڙي ته پوءِ ڇا ڪنداسون؟“
    اهو ويچار آچاري، چيائون؛ ”پاڻ مان ڪنهن هڪ کي چونڊي اڳواڻ ڪجي، جنهن کان وقت پوڻ تي صلاح مصلحت ۽ هدايت وٺجي.“
    آخر ٻجھڻ نالي هڪڙي پيرسن ۽ سفيد ريش کي، پنهنجو وڏو ڪيائون. وري گمان ٿين ته؛ متان ڳالهائيندي ڳالهائيندي کانئس عقل وهي وڃي يا وات مان ڇڻي ڪري پويس ته پوءِ ڇا ڪنداسين. اهو خيال ايندي، ٻجهڻ جو پٽڪو لاهي، ان سان سندس ٻوٿ ٻڌي ڇڏيائون. دلجاءِ ڪري، اڳتي اسهيا ۽ ڳچ پنڌ کان پوءِ هڪڙي وارياسي ميدان وٽ اچي پهتا؛ جتي اٺ جو پيرو نظر آين. سمورا ويسورن ۾اچي ويا. پاڻ ۾ چوڻ لڳا؛ ”پيرا اسان به گهڻا ڏٺا آهن، مگر هن جو ڪو جواب ڪونهي. ڪنهن عجيب آفت جو پيرو آهي.“
    جڏهن منجانئن ڪير به صحيح ڪري نه سگهيو ته پوءِ ٻجهڻ ڏانھن ڌيان وين. ”ٻيلي هاڻي وڏيري ٻجهڻ وٽ عقل ججھو جمع ٿيو هوندو، اچو ته کانئس پڇون.“ پوءِ هڪڙي ڄڻي، ٻجهڻ خان جو ٻوٿاڙ ڇوڙيو ۽ باقي ٻيا سمورا سندس چوڌاري ڪنر ٻڌي بيٺا. ٻوٿ کلندي، ٻجهڻ چيو؛
    ”ٻجهڻ ٻجهيو هڪڙي، ٻجهيو ڪين اٻوجهن،
    اکريون ٻڌي پيرن ۾، واڙ چني آهي سهن.“
    مطلب: ۱. بيوقوفن جو سردار به بيوقوف.
    ۲.سمجهڻ وارا سمجهي ويا، ڇا سمجهن ڳنوار،
    اکريون ٻڌي پيرن کي، سيھڙ چري ويا واڙ. (سرو)

    33. ٻچا، ڪانوَن کي به پيارا آهن. (چوڻي)
    هڪ دفعي بادشاھ پنهنجي محفل ۾ اعلان ڪرايو ته؛ ”مان سهڻي ۾ سهڻي ٻچي کي انعام ڏيڻ ٿو گهران.“
    سندس محفل ۾ ماڻهن کان علاوھ پکي پکڻ، حيوان ۽ جن وغيره به ويٺا هئا. اهي سمورا اها ٻولي سمجهي رهيا هئا. هاڻي مسئلو پيدا ٿيو ته اهو سهڻو ٻچو ڪٿان اچي؟ ڪنهن جو هوندو؟ ڪير کڻي اچي پيش ڪندو؟
    گهڻيءَ مٿا-ڪٽ کان پوءِ، صلاح بيٺي؛ ”ڪانءُ هڙني پکين ۽ جانورن کان تمام گهڻو سياڻو آهي. کيس ئي حڪم ڪيو وڃي ته مذڪورھ ٻچي کي پيش ڪرڻ جو بندوبست ڪري. ان کان علاوه ٻين سمورن چرندن پرندن کي حڪم ٿيو ته پنهنجن ٻچن منجھان ڪنھن ھڪ جي به ڪو سفارش نه ڪري ۽ نه ئي ڪانءَ کي ڪا رشوت باسي.“
    ڪانءُ، سھڻي ٻچي جي تلاش ۾ نڪتو. ڳچ وقت کان پوءِ، پنهنجو ئي ٻچو کڻي آيو. بادشاھ سلامت، ٻچو آڻيندي ئي پڇيس؛ ”سهڻي ۾ سهڻو ٻچو آندو اٿئي؟“
    ”حاضر سائين.“ ڪانءَ جواب ڏنو.
    ”اڙي! اهو ته تون پنهنجو ٻچو کڻي آيو آهين!“ وزير، ٻچو ڏسندي رھڙ پٽيس.
    ”سائين مون کي دنيا ۾ پنھنجي ٻچي کان وڌيڪ، ڪو به ٻچو سهڻو نظر نه ٿو اچي.“ ڪانءَ ورندي ڏنس.
    مطلب: ۱. ٻچا، بڇڙي نسل ۽ ذات وارن کي به پيارا آهن.
    ۲. ننگ، ڀولن کي به پيارا آھن.

    34. ٻڌيءَ ۾ طاقت آهي. (چوڻي)
    ٻانڀڻ، لنگهو ۽ بٺارو پاڻ ۾ سنگتي هئا. هڪ ڏينهن گهمندي وڃي ٻنين ۾ نڪتا.
    ”ڇو نه ڪمند ڀڃي کائجي؟!“ ڪمند جو فصل ڏسي، لنگهي صلاح ڏني.
    ”هائو! ڪمند به ڏاڍو ڀلو آهي. ضرور ڀڃي کائجي!“ بٺاري، ها ۾ ها ملائيندي چيو.
    ٽئي صلاح ڪري، ڀر ۾ بيٺل، هڪڙي هندوءَ جي ڪمند ۾ ڪاهي پيا. ڪمند ڀڃي کائڻ ويٺا ته کڙڪي تي هاري به پهتو. کين ڪمند پٽڻ کان جھليائين، پر مڙيا ڪين. هڪڙو کائي، ٻيو ڀڃڻ لاءِ اٿيا ته وري جهليائين. وري به ڪو نه مڙيا. پاڻ به ڏٽو مٽو هئو. پر ٽن ڄڻن سان، اڪيلي سر منهن ڏيڻ، ڏکيو پئي لڳس. ڪمند جو زيان به برداشت نه پئي ڪري سگهيو.
    نيٺ، سندس صبر چوٽ چڙهي ويو. آهستي آهستي، ٻانڀڻ سان مٺڙيون ڳالهڙيون ڪرڻ لڳو؛ ”ٻانڀڻ! تون اسان هندن جو مصر آهين. تو کاڌو، اهو اسان جي اولاد کي به دعائن جي صورت ۾ موٽي ملندو. ان کان علاوه اهو ڪنهن صدقي، خير، دان يا پڃ جي ڳڻ ۾ ايندو. هيءُ لنگهو کائيندو ته به جتي ڪٿي وڃي ڳائيندو ۽ واھ واھ ڪندو! اها به جڳ جهان جي نيڪي ٿيندي“. سٿرن تي هٿ هڻندي چيائينس؛ ”ڀلا ڙي! هن بٺاري کان ته نه ڦرايوم.“
    سندس مٺا گفتا، لنگهي ۽ ٻانڀڻ کي ڏاڍا وڻيا.
    ”تون اسان جي ڪمند ڀڃڻ ۾ راضي آهين ته پوءِ ڀلي انهيءَ بٺاري کي هتان لوڌي ڪڍ!“ لنگهي ۽ ٻانڀڻ راضي ٿيندي چيس؛ ”اسان جو ساڻس نه ڊول، نه چپٽو.“
    هاريءَ، بٺاري کي لت ڏيئي کڻي ٻڌو ۽ ٺاهوڪو ڪٽڪو به ڪڍيائينس. سٺي مار ڏيڻ کان پوءِ، رسي سان ھٿ پير ٻڌي، کڻي ڦٽو ڪيائينس.
    ھاڻي وري، ٻانڀڻ سان لِلِ مچ ڪرڻ ويٺو.
    ”مصر! آ غريب ماڻهو آهيان! لنگهو ساراھ ڪري يا گلا! ان جي مون کي ڪا پرواه ناهي.“ پنھنجي منهن تي چنبا هڻندي، چيائينس؛ ”گرو! تون برهمڻ آهين! تو کاڌو ته ثواب ملندو. هن لنگهي کان ته نه ڦرائينم.“
    ”لنگهو ڪو منهنجو چاچو آهي!“ ٻانڀڻ راضي ٿيندي چيس؛ ”تنهنجو زيان ٿو ڪري ته ڀلي ڦيھ ڪڍينس!“
    اجازت ملندي ئي، هاري لنگهي جي مٿان ٽُٽي پيو. دسي، ڏاڍا پادر ھنيائينس ۽ رسي سان به ٻڌائينس. اندر جي باھ ٺاري، اڪيلي ٻانڀڻ کي اچي ڪٽڪو چاڙهيائين. چي؛ ”مصر جي! پاڻ ته ڦريو پر ٻين کان به ٿا ڦرايو.“
    ٽنهي کي سوگهو ڪري، ٿاڻي جي حوالي ڪيائين.
    مطلب: ۱. جيستائين ٽئي متحد هئا، هاري کانئن ڪمزور هئو. جڏهن ڇُڙ ڇُڙ گابڙا ٿيا ته مار به کاڌائون ۽ ڏک به ڏٺائون.
    ۲. ڀيٽيو؛ ٻه ته ٻارنهن. (۳) ص ۱۶۵.

    35. ٻڍو ۽ ٻار، ٻئي هڪ آچار. (چوڻي)
    هڪڙي ٻار، ھڪڙي ٻڍي کان پڇيو؛ ”ڪراڙا! عمر گهڻي اٿئي!“
    ”ستاسي سال.“ ٻڍڙي نحيفائيءَ مان جواب ڏنو، جيڪو ٻار کي سمجھ ۾ نه آيو.
    ”ڪراڙا! ٻڌڻ ۾ نه ٿو اچي. چڱو ڀلا لکي ڏيکار!“ ٻار کيٽو ڪيس.
    ”منهنجي عمر ۸۷ سال آهي.“ ٻڍي، پني تي آهستي آهستي لکيو.
    ”پوءِ ته ٻئي سن آهيون.“ ٻار، ٻڍي جي لکيت پڙهڻ کان پوءِ چيو؛ ”منهنجي عمر به ته ۷، ۸ (ست اٺ) سال ٿيندي.“
    ”تڏهن ته چيو اٿن؛ ٻڍو ۽ ٻار، ٻئي هڪ آچار.“ ڪراڙي ورندي ڏنس.
    مطلب: ۱. ٻڍي ماڻهوءَ ۽ ٻار جون ڳالهيون/ خاصيتون، ناٽ نخرا هڪجهڙا هوندا آهن. ٻئي کٽ تي ماني گهرندا آهن ۽ هر ڪم لاءِ کين، ٻئي جي مدد درڪار هوندي آهي. سندن سمجھ ۽ عمر جو به حال، هڪجهڙو ئي هوندو آهي.

    36. ٻه شينهن ٻيلي ۾ نه ماپن. (پھاڪو)
    هڪ ٻيلي ۾، هڪڙو شينهن رهندو هيو. جهنگ جا سمورا جانور کائي، سُڃ ڪري ڇڏيا ھيائين.
    سمورن جانورن، شينهن مان جان ڇڏائڻ لاءِ، گڏجاڻي ڪئي. وڏي مٿا-ڪٽ بعد، لومڙ کي چيائون؛ ”لومڙ! تون بلا جو سياڻو آهين. شينهن مان جند ڇڏائڻ جي ڪا واٽ ڪڍ!“
    ”مون کي ٻن ڏينهن جي مھلت ڏيو!“ لومڙ، مڙني جانورن کي چيو؛ ”مان ڪا نه ڪا ترتيب، ڪڍي ٿو وٺان.“
    ٻئي ڏينهن سوير ئي، لومڙ تيار ٿيو ۽ شينهن جي دُئيءَ ۾ وڃي پهتو. کيس خوشامد بعد عرض ڪيائين! ”بادشاه سلامت! سر جيئدان ملي ته عرض ڪيان!“
    ”ها! ٻڌاءِ!“ شينهن گجگوڙ ڪندي پچيس؛ ”ڪهڙو عرض اٿئي!“
    ”قبلا! اسان تنهنجو راڄ آهيون. تنهنجي ملڪيت!“ آزي نيزاري ڪندي، لومڙ چوڻ شروع ڪيو؛ ”پر هاڻي جهنگ ۾ ٻيو شينهن به اچي ويو آهي. ان به مطالبا شروع ڪيا آهن، اسان ڪنهن سان منهن ڏئي ڪنهن سان ڏينداسين.“
    ”هان! اهڙي ڳالھ آهي.“ شينهن گجندي چيس؛ ”اسان جي حڪومت ۾، ٻين جو ڪهڙو ڪم. مون کي ڏيکاريو اهو راڪشش، ته ٻه پاڻي ڪيانس.“
    لومڙ، شينهن کي ٻيو شينهن ڏيکارڻ لاءِ هڪڙي کوھ تي وٺي آيو. کوھ ۾، شينهن کي سندس ئي اولڙي ڏانهن ڌيان ڇڪائيندي ٻڌايائين؛ ”قبلا! اهو هيٺ ويٺو آهي، ٻيو شينهن.“ شينهن، ڪاوڙ ۾ لال ٿي ويو ۽ غيرت ۾ ڀرجي، عڪسي شينهن مٿان جُلھ ڪيائين. کوھ ۾ ڪرڻ پڄاڻان، ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويو ۽ سڀني جي جان ڇٽي پئي.
    مطلب: ۱. بادشاهيءَ ۾ ورهاست، ڪير نه چاهيندو آهي.
    ۲. ٻه شينهن ٻيلي ۾، رھن ڌارئون ڌار.
    ۳. ٻه طاقتون، يڪجاءِ سڪون سان نه ٿيون رهي سگهن.
    ۴. ٻه طاقتون هڪ هنڌ رهي نه سگهنديون. هر هڪ ائين چاهيندي ته سڀ ڪجھ منهنجي ئي هٿ ۾ هجي. (۵) ص ۲۴.

    37. ٻڪرار چيو گدڙ کي؛ ”ٻڪرين سان ويندين؟!“
    گدڙ ٻئي هٿ کڻي، پنھنجي اکين تي رکيا. (ساھتي، پھاڪو)
    هڪڙو ٻڪرار جهنگ ۾ اڪيلو رهندو هيو ۽ ٻڪريون چاري، پنهنجو پيٽ گذر ڪندو هيو. جهنگ ۾ هڪڙو گدڙ جو ٻچو، سندس ٻڪرين سان ننڍو ٿي وڏو ٿيو هيو ۽ ساڻن جهنگ ۾ چرندو هيو.
    گدڙ کي سدائين، ماس کائڻ جي تانگھ هوندي هئي. ٻڪرار جي هر وقت موجودگيءَ سبب، ڪنهن ٻڪريءَ سان هٿ چراند ڪرڻ جي سگھ/همت، نه ٿيندي هيس.
    هڪ ڏينهن، ٻڪرار سخت بيمار ٿي پيو. جيئن ته جهنگ ۾ ٻيو ڪو به ساٿي نه هئس، جنهن کي ٻڪرين سان جهنگ موڪلي، ان لاءِ سوچي سوچي گدڙ کي سڏي چيائين؛ ”مان سخت بيمار آهيان. اڄ ٻڪرين جي واهر نه ڪري سگهندس. منهنجي مرضي آهي ته ٻڪرين سان تون پھري وڃ!“
    گدڙ کي ته اڳي ئي دل ۾ گدڙ هيو. تنهن کي دعا جي مدعا پوري ٿيندي نظر پئي آهي، تنهنڪري خاموشيءَ سان ٻئي هٿ اکين تي رکيائين، جن جو مطلب هيو؛ ”اوهان جو ڪم اکين تي يا اکين سان ڪندس.“
    مطلب: ۱. ٻڪرين جو ڌنار، بگھڙ کي نه ڪجي.
    ۲. آنڊن جو واھي، گدڙ کي نه ڪجي.

    38. ٻلي شير پڙهايا، شير ٻلي نون کاوڻ آيا،
    چڱا ٿيا جو تيڪون وڻ تي چڙهڻ نه سکايا. (سرو/ پهاڪو)
    آڳاٽي زماني ۾ هڪڙي همراھ کي، جهنگ مان شينهن جو ٻچڙو هٿ اچي ويو. کڻي اچي رڍن ٻڪرين سان گڏ ڌاريائينس/چاريائينس. رڍن جي ماحول ۾ رهڻ سبب، شينهن جو ٻچڙو ٿورو بزدل به ٿي پيو ۽ گهر ۾ ٻليءَ کي پنهنجو دوست/عزيز سمجهي، سندس پڇ ۾ لٽڪيو پيو هوندو هيو.
    ڪُئن مٿان ٻليءَ کي جهپٽا کائيندو ڏسي، پاڻ به ڇپ هڻي جهپٽا ڏيڻ شروع ڪيائين، بعد ۾ ٻليءَ کي استاد ڪري، پاڻ ڪُئن ڦاسائڻ جو ماهر ٿي ويو.
    وڏڙو ٿيو، هڪڙي ڏينهن ٻليءَ کي پنهنجي خيالن ۾ گم سم سمجهي، مٿس الر ڪيائين. ٻلي يڪدم ڀڙڪو ڏئي، وڻ تي چڙهي وئي. شينهن به وڻ تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر آزمودو نه هئڻ ڪري، ٿڙ تان ئي ٿاٻڙي ڪري پيو. ڏاڍو ڌڪ آيس. ڌڪ کان ڪراھ ڪندي ٻليءَ کي ڏوراپو ڏنائين؛ ”مون کي، وڻ تي چڙهڻ نه سيکاريئي؟“
    ”استاد شاگرد کي سمورا گُر ٻڌائيندو ته پوءِ پاڻ استاد ڪيئن رهندو؟“ ٻليءَ کيس نصيحت ڪندي چيو؛ ”استاد کي پنهنجي بچاءَ ۾ هڪ ٻه گُرَ رکڻا پوندا آهن. مون به پنهنجي بچاءَ ۾ تو کي وڻ تي چڙهڻ نه سيکاريو هيو.“
    مطلب: ۱. چڱائي به ڪجي، احتياط به ڪجي، متان ڳچيءَ پئجي وڃي. (۲) ص ۱۹ ۽ (۵) ص ۲۶

    39. ٻليءَ جي ڳچيءَ ۾ ٽلي، ڪير ٻڌندو؟ (پهاڪو)
    هڪڙي دفعي ڪُئن کي اچي ڦڦڙيءَ ورايو. پنچائت گهرائي پاڻ ۾ صلاح ڪرڻ لڳا. ويچارڻ لڳا؛ ”پاڻ روز بروز کُٽندا ٿا وڃون. ڪي داڻا ڪڻا بچيا آهيون. انهيءَ رفتار سان کُٽنداسين ته هڪ ڏينهن اسان جو نسل ئي تباھ ٿي ويندو، ان ڪري اسان کي پنهنجي بچاءَ جو ڪو بِلو ڪرڻ گهرجي.“
    ”کُٽڻ جي اصل سبب جي خبر پوي نه! آيا بيماريءَ ۾ ٿا مرون، گهڻي کائڻ سان ٿا مرون، پاڻ ۾ وڙهي ٿا مرون يا ڪا ٻاهرين آپدا ٿي نازل ٿئي؟“ ٻئي ڪُئي سوال ڪيو.
    ”منهنجي خيال ۾؛ نه بيماريءَ ۾، نه گهڻي کائڻ سان ۽ نه ئي پاڻ ۾ وڙهڻ سان ٿا مرون. مرئون ٿا ته ٻاهرين آپدا سان، يعني ٻليءَ جي هٿان ٿا مرون.“ ٽئين ڪئي راءِ ڏني.
    ”پوءِ ٻليءَ کان بچڻ جي تدبير ڪيو.“ سردار چيو.
    ”ٻليءَ کان بچڻ جي ڪهڙي تدبير ٿي سگهي ٿي؟“ هڪڙي ڪُئي سوال ڪيو.
    ”جيڪو ٻليءَ کي ڏسي، سو ٻين کي اطلاع ڏئي ته جيئن جان بچائي سگھن.“ ٻئي ڪئي صلاح ڏني.
    ”اهو به تڏهن، جڏهن ٻلي کيس ٻين تائين پهچڻ جو موقعو به ڏئي.“ ٽئين ڪئي چيو.
    ”بلڪل تنهنجي ڳالھ صحيح آهي. اهو به علاج ناهي.“
    سردار چيو؛ ”منهنجي ذهن ۾ هڪ تدبير آهي. اِها آهي ته ٻليءَ جي ڳچيءَ ۾ جيڪڏهن ٽلي هوندي ته سندس اچڻ جي خبر هر هڪ کي پوندي ۽ هر ڪو کانئس پاسو ڪري ويندو.“
    ”پوءِ ان ٽليءَ جو بندوبست ڪجي.“ پهرئين ڪُئي صلاح ڏني. شام تائين ٽلي هٿ اچي وئي.
    ٻئي ڏينهن تي جڏهن هڪ ٻه ڪُئا ٻيا به کٽا، ته سردار پڇيو؛ ”هاڻي ته صلاح به ڪئيسين ۽ حل به ڳولهي ڪڍيوسين. پوءِ ڇو ٿا کٽون؟ ٻليءَ جي ڳچيءَ ۾ ٽلي نه ٻڌي اٿوَ ڇا؟“
    ”نه!“ هڪڙي ڪُئي نراسائيءَ مان چيو.
    ”ڇو؟!“ سردار پڇيو.
    ”مسئلو اهو آهي ته، ٻليءَ جي ڳچيءَ ۾ ٽلي ڪير ٻڌي!“ پهرين ڪُئي نماڻائيءَ سان چيس؛ ”هر ڪو سندس ويجهي وڃڻ کان لنوايو ٿو وڃي.“
    مطلب:۱. ڏاڍي ۽ ظالم ماڻهوءَ جي ويجهو ڪير نه ٿو وڃي سگهي.
    ۲. ڳالھ ڪرڻ/ صلاح ڏيڻ سولي آهي، عمل ڪرڻ ڏکيو آهي.
    ۳. Who bell the cat?

    40. ٻليءَ جي ميائو ميائو، ڊيڄاري ٿي. (پهاڪو)
    هڪڙي ٻليءَ ڪُئن کي ڏاڍو تنگ ڪيو ۽ منجهانئن ڪيترا کائي کپائي ڇڏيائين.
    بچيل ڪئن بيزار ٿي، هڪ ٻِر ۾ ويهي، پنهنجي بچاءَ لاءِ صلاح مصلحت ڪئي.
    ”جيڪڏهن ٻلي مون کي هٿ اچي وڃي ته مان جيڪر هڪدم ساڻس چنبڙي پوان ۽ تکن ڏندن سان سندس نُهن ڪتري بيڪار ڪري ڇڏيان.“ هڪڙي چيو.
    ”منهنجي سامهون اچي ته نڪ ۾ چڪ پائي، زخمي ڪري ڀڄائي ڇڏيانس.“ ٻئي ڊاڙ هنئي.
    ”آ جيڪر ڪن ۾ چڪ پائي، ٻُٽو ڪري ڇڏيانس.“ ٽئين رڙيون ڪيون.
    ”اڙي ٻگهلا! اهڙا خيالي پلاءَ نه پچايو.“ هڪڙي ڪراڙي ڪُئي نصيحت ڪندي چيس؛ ”ٻليءَ جي فقط هڪ ميائوءَ سان سڀ گم ٿي ويندؤ. ٻليءَ کي پڪڙڻ کان اڳ، سندس ميائوءَ جو ڀؤ ته اندر مان ڪڍو.“
    مياؤءَ وارو لفظ ٻڌندي ئي، سمورا ڪُئا سراپجي ويا.
    مطلب: ۱. ظالم جو خوف، هيڻن کي ڊيڄاري ڇڏيندو آهي. (۵) ص ۲۶

    41. ٻليءَ کي وارو وري ته وارو ڪين وڃائي. (پهاڪو)
    هڪڙي گهر ۾، مڙس ڪتو ڌاريو ۽ جوڻس ضد ۾ ٻلي ڌاري. ٻليءَ ۽ ڪتي جو به پاڻ ۾ ضد هوندو هو.
    هڪ دفعي رات جو برسات پئي. ڪتو ويڙهجي سيڙهجي ڍير تي پئي پُسيو، جڏهن ته ٻليءَ چلھ آڏو پاڻ پئي ڪوسو ڪيو ۽ ننڊ جا مزا پئي ماڻيا. جڏهن جاڳ ٿيس ته ليئو پائي، ڪتي جو بروحال ڏسي، ٽوڪڻ لڳس؛
    ”مينهن وُٺو، ڪُتو مُٺو، ٿيڙس برو حال،
    آ ٿي مزا ماڻيان، جيئن راجا سندي زال.“
    ڪتو ڪڇي، جهڙي ڀت.
    ان رات، ٻليءَ کي وارو وريو. گهر جا سڀ ڀاتي ستا پيا هئا. سندن ننڊ جو فائدو وٺندي، پڇٽيءَ تان پلو لاهي کائي وئي. صبح جو گهر-ڌڻيءَ پڇٽيءَ تي پلو نه ڏسي، دل ۾ چيو؛ ”اهي سمورا ڪم مان واري زال جي ٻليءَ جا آهن.“ يڪدم نوڙي کڻي، ٻليءَ جي ڳچيءَ ۾ وڌائين ۽ کيس گهلي، هليو درياھ-پار ڦٽي ڪرڻ لاءِ. اهو حال ڏسي ڪتي کي به وارو وريو ۽ ٻليءَ تي ٺٺول ڪندي پڇيائينس؛
    ”بيگم بيبي، ڪهڙو حال؟ ججھا کاڌءِ چوريءَ مال!
    ڪلھ ڪيئي ٿي ڏاڍا تال، اڄ نهوڙيءَ ڳچيءَ ڪال!“
    ٻلي اهو ٻڌي گنڀير ٿي وئي ۽ نماڻيون اکيون آسمان ڏي کڻي، ڇانهر سان چوڻ لڳس؛
    ”ڀاءُ پيارا! هيءَ جوٺي دنيا، جوٺو هيءُ جڳ سارو،
    ڪين جڳائي تنهن سان رکڻ موران ڪو آرو،
    تياڳي مايا، ٿيس بيراڳڻ، ھَرِ کي ارپيم تن من ڌن،
    تلسيءَ ڪنٺي پائي گلي وچ، هلي وڃان ٿي بندرا بن.“
    مطلب: ۱. مطلب پرستن کي جيسين موقعو ۽ سگھ آهي، تيسين دنيا جا مزا ماڻين ۽ جڏهن پَرَ وڍجي وڃن، تڏهن ڍؤنگ ڪري ساڌو ۽ سنت ٿيو پون.
    ۲. بُل ملي ۽ بُل ڇڏي، سو بُلَ جو پُٽُ.
    ۳. بگهڙ ڪراڙو ٿئي ته بزرگ سڏائي. (۶)

    42. ٻنيءَ مٿان ٻج، هاريندڙ هليا ويا. (شاھ، چوڻي)
    هڪڙا ٻه راجا پاڻ ۾ دنگئي پلئي هئا. هڪ دفعي زمين جي هڪڙي ٽڪري تان پاڻ ۾ الهجي پيا. هر هڪ جي دعويٰ هئي ته؛ اها زمين سندس سرحد جي اندر آهي. ڪو به صلح سانت نه ڪرائڻ وارو ڪو نه ھين، جنھن سببان منجهن وڏي ويڙھ ٿي، جيڪا خوفناڪ جنگ جي شڪل اختيار ڪري وئي.
    ٻنهي طرفن کان فوجن جا ڪٽڪ لٿا. وڏي گهمسان جي لڙائي ٿي. ٻئي راجا به پنھنجي پنھنجي ڌرتيءَ لاءِ وڙهندي شهيد ٿي ويا. کانئن بعد، ٽئين راجا اچي ان زمين تي قبضو ڪيو.
    هڪ رات جو نئين قابض راجا، ڌرتيءَ سان مخاطب ٿيندي پڇيو؛ ”تون مون سان نباهيندينءَ يا نه! مان تو سان هنن ٻنهي کان وڌيڪ پيار ٿو ڪريان.“
    ”اڳي الائي ڪيترن کي به ڳيٿو اٿم.“ ڌرتيءَ کلندي چيس؛ ”تو جهڙا پيار ڪندڙ ۽ پنهنجو سمجهندڙ اڃا ڪيترا ئي ڳهندم.“
    مطلب: ۱. ڏٿ نه کٽو، ڏوٿي کٽا. (۳) ص ۱۰۸

    43. ٻوڙو ٻڌي، صلاح ڪجي. (چوڻي)
    هڪڙي ملڪ ۾ هڪڙو سچار ماڻهو رهندو هيو، جنهن جي سچائيءَ جي هاڪ هنڌين ماڳين پئي پوندي هئي.
    وقت جي بادشاھ کي به سندس سچائيءَ جي خبر پئي، تنهن گهرائي، کيس ٻڪرين جو ڌڻ چارڻ لاءِ ڏنو. آزمائش خاطر، هڪڙي سهڻي عورت به بڇي ڇڏيائينس. مائيءَ فرمائش ڪندي، کانئس سُٺيون ٻڪريون ڪُهرائي کائي ڇڏيون. ان جي ڏاڍي چؤپچؤ ٿي، جيڪا واتين سرندي، بادشاھ جي ڪنين به پئي.
    بادشاھ ھڪ ڏينھن کيس ٻڪرين جي ڳڻپ لاءِ سڏرايو. جڏھن کيس اھو نياپو مليو ته وايون ولليون ٿي ويس.
    دل ۾ چيائين؛ ”بادشاھ کي ڪهڙو جواب ڏيندس!“
    اهو ويچار ڪندي، جهنگ منهن ڪيائين. ڪير به صلاح ڏيڻ وارو نه هئس. نيٺ هڪڙي سرن جي ٻوڙي کي چوٽيءَ کان ٻڌي، ان کان صلاح پڇيائين؛ ”ڏي خبر بادشاھ کي سچ چوان يا ڪوڙ؟!“
    ايتري ۾ اندران ورندي مليس؛ ”سچ ڳالهاءِ! پوءِ جان هلي وڃي ته هلي وڃي“. اهو جواب ملڻ کان پوءِ بادشاھ وٽ آيو. کيس سڄي حقيقت سڻايائين. بادشاھ کانئس پڇيو؛ ”تو کي اها صلاح ڪنهن ڏني.“
    ”ٻُوڙو ٻڌي کانئس صلاح ورتم ته اندران ائين اهاءُ ٿيو!“ بادشاھ کي ورندي ڏنائين.
    بادشاھ سندس جواب تي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائينس؛ ”تو جان جي پرواھ نه ڪندي، سچ ڳالهايو آهي. هاڻي اهي ٻڪريون به تنهنجون آهن ۽ اھا مائي به تنهنجي آهي.“
    بادشاھ، سچ جي بدلي، اھا مائي کيس پرڻائي ڏني.
    مطلب: ۱. صلاح وٺڻ وارو، نقصان گھٽ پرائي ٿو.
    ۲. ھر ڪم ۾ صلاح مشورو وٺڻ سان، نقصان بجاءِ فائدو پوي ٿو. (۱۱)

    44. ٻهراڙيءَ جو ڪتو، شهر ۾ هريو اچي،
    مالڪ وجهنس رسو، ته به ڇنايو اچي. (چوڻي)
    هڪڙو ٻهراڙيءَ جو ڪتو، هڪ ڏينهن شهر آيو. شهر جو ڪتو واٽ ويندي ملي ويس، جنهن کي ڏٺائين ته مچي مهوڙ ٿي پيو آهي. کانئس پڇيائين؛ ”تون سگهو ڪيئن ٿيو آهين. جڏهن ته مان ساري رات جاڳي، مالڪ جي چوڪيداري ڪندو آهيان، ته به مون کي ڪجھ نه کارائيندو آهي. تو کي ڪير ٿو ڍَوَ ڪرائي؟“
    ”ڪاسائيءَ جي دڪان تي کوڙ هڏا، وکا ۽ ڇيڇڙا ملي ويندا آهن، جيڪي مفت ۾ کائي مچي مهوڙ ٿيو آهيان.“ شھري ڪتي، ٻھراڙيءَ مان آيل ڪتي کي صلاح ھڻندي چيو؛ ”تون هلين ته تو کي به ڍَوَ ڪرايان.“
    جڏهن ٻهراڙيءَ جي بکئي ڪتي، شهر ۾ مفت جا مال کائي ڏٺا ته مچي مهوڙ ٿي پيو. بود ۾ اچي، شهر جي سست ڪتي کي پڻ ماري، لوڌي ڪڍي ڇڏيائين. پٺيان مالڪ به ڳوليندا اچي پهتس. پڪڙي ڳوٺ وٺي ويس. روز رسي ٻڌندا هئس ته به ڀڄي اچي شهر ۾ ڍَوَ ڪندو هئو، جنهن کان پوءِ ان لاءِ مشهور ٿي ويو؛
    ”ٻهراڙيءَ جو ڪتو، شهر ۾ هريو اچي،
    مالڪ وجهنس رسو، ته به ڇنايو اچي.“
    مطلب: ۱. جنھن کائي ڏٺو آھي، سو مڙندو ڪين. (۱۲)

    45. ٻئي جي دل نه ڏکوئجي. (چوڻي)
    هڪڙي ٻيڙي، درياھ منجھ ھلندي اونڌي ٿي پئي. منجھس چڙهيل ھڪڙا ٻه ڀائر، وڃي هڪڙي ڪُن ۾ پيا. هڪڙي بزرگ، ملاح کي چيو؛ ”ٻنهي کي ڪُن مان سلامت ڪڍي اچ. تو کي هر هڪ جي عيوض پنجاھ دينار ڏيندس!“
    ملاح پاڻيءَ جي ڪن ۾ ٽپي پيو. هڪڙي ڀاءُ کي سلامت ڪڍي آيو ۽ ٻيو ويچارو ڪُن ڊهڻ سان ٻڏي ويو.
    ”هن جي حياتي هئي تڏهن بچيو.“ بزرگ چيس؛ ”هُن ويچاري جي نه هئي!“
    ”توهان جيڪو فرمايو اهو به صحيح آهي،“ ملاح چيس؛ ”پر اڃا ٻيو سبب به آهي!“
    ”ٻيو ڪهڙو سبب آهي؟!“ بزرگ پڇيس.
    ”هن کي بچائڻ لاءِ منهنجي دل گهڻي ڇڪ کاڌي، ڇو جو هڪڙي ڀيري ڪنهن رڻ پٽ ۾ پنڌ ڪندي ٿڪجي پيو هئس، ته هيءُ مون کي پنهنجي اٺ تي چاڙهي وٺي آيو هيو.“ سلامت بچيل ڀاءُ بابت ٻڌائيندي، ملاح چيو. ٻڏل ڀاءُ بابت دليل ڏيندي، وڌيڪ چوڻ لڳو؛ ”ٻئي جي هٿان ننڍي هوندي مار کاڌي هئم. ان ڪري مٿس جهٻو نه آيو“.
    مطلب ۱. ٻئي جي ڪم اچبو ته ٻيا به ڪم ايندا.
    ۲. ٻئي جي دل ڏکوئيندڙ، پاڻ به ڏکوئبو.

    46. ٻئي جي روزيءَ ۾ زهر نه وجهجي. (چوڻي)
    ”يار خبر اٿئي بيروزگار آهيان. ٻچا بک تي آهن. ڪا نوڪري سجھئي؟“ هڪ بيروزگار دوست ٻئي دوست کان پڇيو.
    ”نوڪري آهي، پر عجيب قسم جي آهي. الائي ڪري سگهين يا نه؟“
    ”بک ٿو مران ڇو نه ڪندس؟“ کيس زور ڀريندي چوڻ لڳو؛ ”جيڪا به هوندي ڪندس. تون ٻڌاءِ ته ڪرڻو ڇا آهي؟“
    ”چڙيا گهر جو رڇ مري ويو آهي. ڪمائي گهٽجي وئي اٿس، ڇو جو اڳي رڇ ٺينگ ٽپا ڏئي، ٻارن جو ڌيان ڇڪائيندو هيو ۽ هاڻي ڪير ڇڪائي نه ٿو، جنھنڪري ٻارن اچڻ ڇڏي ڏنو آھي ۽ ڪمائي گھٽجي وئي آھي.“
    ”پوءِ مون کي ڇا ڪرڻو پوندو؟“
    ”تو کي مئل رڇ جي کل پائي، ان جي پڃري ۾ ٺينگ ٽپا ڏيڻا پوندا ته جيئن ٻارن جو ڌيان وري ڇڪجي اچي. ان سان ڪمائي وڌندي.“
    بيروزگار دوست، اها نوڪري ڪرڻ قبولي.
    ٻار وري اچڻ شروع ٿيا ۽ ڪمائي وڌي وئي.
    هڪ ڏينهن ٻارن جي گهڻين تاڙين وڄائڻ سان، همراه بود ۾ اچي ويو ۽ وڏا وڏا ٽپ ڏيڻ لڳو. هڪڙو اهڙو وڏو ٽپو ڏنائين جو پنهنجي پڃري ۾ موٽي ڪرڻ بجاءِ، ڀر واري پڃري ۾ وڃي ڪريو، جيڪو شينهن جو ھيو.
    شينهن تي نظر پوندي ئي، ساھ سُڪي ويس. شينهن به پنهنجي جاءِ تان اٿي، گجگوڙيون ڪندو، ڏانهنس وڌڻ لڳو. هن جا هاڻي چپ خشڪ ٿي ويا ۽ ڄاڙيون پئي کڙڪيس.
    ”نڀاڳا! پنهنجي نوڪريءَ جو فڪر نه اٿئي ته گهٽ ۾ گهٽ منهنجي نوڪريءَ جو ته خيال ڪر.“ شينهن، جنھن جي کل سندس نوڪري ڏيارڻ وارو دوست پايو بيٺو ھيو، تنھن ڀرسان اچي ڪَن ۾ چيس؛ ”ٻئي جي روزيءَ ۾ زهر نه وجهجي.“
    مطلب: ۱. سڄڻ ڏئي سڄي ٻانھن ته سڄي نه ڳيھجي.
    ۲. جيڪو چڱائي ڪري، تنھن سان برائي نه ڪجي. (۱۳) ص ۱۳۹

    47. ٻين کي گهٽ ڪين ڄاڻجي. (چوڻي)
    هڪڙو سَهو پنھنجي لاءِ ڊاڙ ھڻي چوندو هيو؛ ”مون جهڙو تکو جانور ٻيو ڪونهي.“
    هڪڙي ڏينهن هڪڙو ڪڇون مليس. ان کي ٻٽاڪ هڻي چوڻ لڳو؛ ”مان سڀني ۾ تکو آهيان ۽ تون سڀني ۾ ڍِلو آهين.“
    تنهن تي ڪڇونءَ چيس؛ ”اچ ته شرط پڄايون. پاڻ ٻن مان جيڪو پهريائين هن پرئين وڻ وٽ، جلد پهچي، تنهن شرط کٽي.“
    سهي اها ڳالھ قبول ڪئي ۽ ٻئي ڄڻا انهيءَ وڻ ڏانهن ڊوڙيا. جڏهن سهو ڳچ پنڌ ڊوڙيو، تڏهن پٺيان نِهاري ڏسي ته ڪڇون گهڻو پوئتي رهجي ويو آهي.
    دل ۾ چيائين؛ ”شرط ته مان ئي کٽندس؛ ڇو نه ڪجھ آرام ڪري وٺان.“ اها ڳالھ ڳڻي، هڪ ٻوٽي جي ڇانءَ ۾ سهمي پيو.
    ٿوري وقت کان پوءِ اک کليس ته طاق لڳي ويس. ڏٺائين ته ڪڇون وڃي طئي ٿيل منزل تي پهتو آهي ۽ شرط کٽيو ويٺو آهي.
    انهيءَ تي سهو ڏاڍو شرمندو ٿيو.
    مطلب: ۱. هَٺُ/وڏائي ڪرڻ واري کي، آخر شرمندگي ئي نصيب ٿئي ٿي.


    [ ڀ ]

    48. ڀلان ڀليءَ جو ڇيھ ئي ناهي. (چوڻي، ڏند ڪٿا)
    هڪڙي بادشاهه جي ڪچھريءَ ۾ هڪ ماڻھوءَ ڪرتب ڏيکاريا. هڪڙي ڪرتب تحت بدنو گهرائي منجهس ڪرينڊڙو ٿي ويٺو ۽ سوڙهو ٿيندو ٿيندو، منجهس پوريءَ طرح ويھجي ويو. ڏسندڙن کي حيران ڪري ڇڏيائين. سندس انھيءَ ڪمال تي راضي ٿي، بادشاهه کيس انعام اڪرام ڏنا ۽ بي اختيار ٿي چئي ڏنائين؛ ”اڄ ڀلان ڀليءَ جو ڇيھه ٿي ويو.“
    ”جيئندا قبلا!“ وزير وچ ۾ ٽپو ڏيندي چيو؛ ”ڀلان ڀليءَ جو ڇيھه ئي ڪونھي!“
    بادشاهه، وزير جي انھيءَ گفتي تي ناراض ٿي پيو. ڏمرجي چيائين؛ ”پوءِ ان کان وڌيڪ ڪو ڪمال ڏيکار، نه ته تنھنجي حياتيءَ جو خير ڪونھي!“
    وزير، بادشاهه کان هڪ مھيني جي مھلت وٺي، گهر اچي ويٺو. گهر ۾ قرار نه آيس ته ٻاهر جي سفر جي تياري ڪيائين. جيئن تيئن گهر ۾ رات گذريس. صبح جو سفر لاءِ هڪ پاسي مُنھن ڪري نڪري پيو.
    چڱي مسافريءَ کان پوءِ هڪ همراهه سفر ۾ گڏيس، جيڪو گڏهه تي سفر تان موٽيو پنھنجي وطن وڃي رهيو هيو. سفر جو ساٿي هئڻ ڪري، هڪ ٻئي سان حال احوال اوريائون. وزير کيس پنھنجي دل تي پيل ٻوجهه جي پڻ حقيقت ڪري ٻڌائي ۽ سفر جو سبب به ٻڌايو.
    ”منھنجو ڳوٺ، هن ئي واٽ سان ڳچ پنڌ پڄاڻان اچي ويندو. اوستائين ته مان ساڻ هوندس، پوءِ اڳتي پاڻ هليا وڃجو!“ مسافر، وزير کي چيو. گڏجي اڳڀرو ٿيا ته هڪڙو جنازو ايندي ڏٺائون. وڌي، جنازي کي ڪلھو ڏنائون. ڪلھي ڏيڻ پڄاڻان، مسافر جنازي وارن مان هڪ کان پڇيو؛ ”ادا! هيءُ مري ويو آهي يا مرندو؟“
    ”ادا!“ ڪانڌيءَ کيس ٻڌايو؛ ”هيءُ مري ويو آهي.“
    ڪلھو ڏئي آجا ٿي، اچي پنھنجي سفر واري واٽ تي بيٺا. مسافر گڏهه سنڀالي هلڻ لڳو ته وزير کانئس پڇيو؛ ”لاش بابت اوهان جو اهو سوال ته مري ويو آهي، يا مرندو؟ مون کي ڪجهه عجيب لڳو! اهو واضح ڪري ٻڌائيندؤ!“
    ”جيئندا قبلا! اهو ته تمام آسان آهي.“ گڏهه واري مسافر، وزير کي وضاحت ڪندي ٻڌايو؛ ”جنھن کي اولاد آهي، سو مرڻ کان پوءِ به ڄڻ اڃا زندھ آهي، جنھن کي اولاد ناهي، سو مرڻ سان ڄڻ مري ويو. منھنجي انھيءَ سوال مان، منھنجي مراد هئي ته کيس پوئتي اولاد آهي يا نه! ڪانڌيءَ جواب ڏنو؛ مري ويو آهي. مراد هئي ته پوئتي اولاد نه اٿس!“
    وزير انھيءَ وضاحت تي ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو. سمجهيائين ته هيءُ به ڪو داناءُ مڙس ۽ سپورنج قسم جو ماڻھو آهي. تڏهن ته دانائيءَ وارو گفتو ڪڍيائين.
    اڳڀرو هليا ته کين ٻاجهريءَ جو تيار فصل نظر آيو، جنھن ۾ پيھي تي ويھي، هاري جهار هڪلي رهيو هيو. ڀر ۾ نارُ وهيو پئي. پاڻي پيئڻ ۽ ڊاٻو ڪرڻ لاءِ هيءُ به اوڏانھن لڙي پيا ۽ ڳالھين ڪندي، ناريءَ کان ڪانگ-تڙيي هاريءَ بابت گڏهه واري مسافر پڇيو؛ ”ادا! هيءُ هاري، جيڪو جهار پيو هڪلي، سو ٻاجهري کائي ويو آهي يا کائيندو!؟“
    ”ادا!“ ناريءَ کيس ٻن لفظن ۾ جواب ڏنو؛ ”کائي ويو آهي.“
    ٻنھي جي گفتگوءَ تي وزير پريشان ٿي ويو. دل ۾ چيائين؛ ”فصل ۾اڃا لابارو نه پيو آهي. سنگ ڪانن کان ۽ اَن سنگن کان جدا نه ٿيو آهي. کائڻ لاءِ ٻيا مرحلا به اڃا کوڙ آهن. هيءُ ٿا ويٺا کائي وڃڻ جون ڳالھيون ڪن، سي به عجيب نموني سان. ڇا ماجرا آهي؟!“
    اتان نڪري اڳڀرو به نه ٿيا جو وزير پنھنجي دل جي هُرکُر مسافر تي واضح ڪندي پڇيو؛ ”مون کي اَنُ کائي وڃڻ واري ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي، جڏهن ته فصل اڃا لُئو ئي ناهي!“
    ”جيئندا قبلا!“ مسافر وضاحت ڪندي ٻڌايس؛ ”هاري ويچارا، غربت سبب فصل تيار ٿيڻ کان اڳ، زميندار کان ڪافي روڪڙ اوڌر طور وٺي ويندا آهن ۽ فصل لھڻ تي موٽائي ڏيندا آهن. جڏهن فصل لھندو آهي، تڏهن فقط حساب ڪتاب ٿيندو آهي. باقي هاريءَ کي، گهڻو ڪري ٺلھو بوڇڻ ڪلھي تي هوندو آهي! هيءُ هاري به اڳواٽ، فصل ٻولي کائي ويو آهي. هاڻي محنت، ٻين لاءِ پئي ڪيائين!“
    جواب ٻڌي، وزير ڏاڍو ڦڪو ٿيو، وڌيڪ ڪڇي ڪين سگهيو.
    اڳڀرو هليا ته مسافر جو ڳوٺ اچي ويو. وزير کي رات ترسڻ جي صلاح هنيائين؛ ”سائين سفر ڪافي ڪيو اٿوَ، ٿڪا به هوندؤ! رات مون مسڪين وٽ ٿڪ ڀڃي، پِڇ پاڻي پي، صبح جو خيرن سان هتان هليا وڃجو!“
    وزير، ٿڪل هيو ۽ سندس دانائي مان مرعوب پڻ هيو، خوشيءَ سان سندس دعوت قبول ڪيائين.
    مسافر، گهر ڀرسان ٺھيل مسيت ۾، وزير کي ترسائي، پاڻ گهر ويو. گهر ۾ فقط ڌيءَ هيس، جنھن جي خدمت لاءِ هڪڙي پوڙهي، پيٽ تي نوڪرياڻي رکيل هيس.
    ”امان ڌيءَ!“ گهر ۾ پھچندي، مسافر پنھنجي ڌيءَ کي ماني تيار ڪرڻ لاءِ چيو؛ ”مھمان به آهي. ان لاءِ ماني ۽ هنڌ بسترو پڻ ويندو.“
    ”بابا!“ ڌيڻس مسافر لاءِ بسترو ڏيندي چيس؛ ”مسافر ڪير آهي!“
    ”امان! مسافر جيڪو آهي، سو ملڪ جو وزير آهي.“ ڌيءَ کي حقيقت کان آگاهه ڪندي چيائين؛ ”بادشاهه سان تڪرار ٿي پيو اٿس. بادشاهه وٽ هڪڙي ماڻھوءَ، پاڻ کي بدني ۾ پوريءَ طرح ماپائڻ وارو ڪرتب ڏيکاريو، جنھن تي بادشاهه کان بي اختيار نڪري ويو؛ ’اڄ ڀلان ڀليءَ جو ڇيھه ٿي ويو.‘ اتي هن وزير کان رهيو نه ٿيو، وچ ۾ ٽپو ڏيندي چيائين؛ ’ڀلان ڀليءَ جو ڇيھه ئي ڪونھي.‘ بادشاهه سندس انھيءَ گفتي تي ناراض ٿي پيو ۽ کيس ان کان ڀلو ڪمال ڏيکارڻ لاءِ انجام ورتائين. هيءُ مھيني جي مھلت تي ٻاهر نڪتل آهي!“
    نينگري اها ڳالهه ٻڌي، وڃي رڌ پچاءَ کي لڳي. ماني تيار ڪري، پوڙهيءَ هٿارائون، هن نياپي سان ڏياري موڪليائين؛ ”چنڊ چوڏهينءَ جو، تارا بيشمار!“
    پوڙهي نوڪرياڻي ماني کڻي، جيئن ئي گهران نڪتي ته رستي ۾ هڪڙي غريب اچي مانيءَ لاءِ سَئن هنيس. رحم کائي، اڌ مانيون ۽ ٻوڙ کيس لاهي ڏنائين. سمجهيائين ته ماني ڪافي آهي ۽ ايتري مھمان نه کائي سگهندو. بچائي اوبر ڪري ڏئي، جيڪا بعد ۾ ڪتن ٻلن کي ڏيون، تنھن کان اها ڪنھن انسان جي پيٽ ۾ وڃي ته چڱو!“
    ڪراڙيءَ بقايا مانيون اچي مھمان آڏو، نياپي ساڻ پيش ڪيون.
    مھمان ماني کائي، هن نياپي سان ڪراڙيءَ کي ٿانءَ موٽائي ڏنا؛ ”چنڊ ستينءَ جو، تارو ڪو ڪو.“
    جڏهن، پوڙهيءَ مھمان جي جوابي نياپي سان، ٿانءَ موٽائي ڏنا ته نينگري ٻڌي تپرس ۾ اچي وئي ۽ پوڙهيءَ کان پڇيائين؛ ”تو کي چوڏهن مانيون ۽ ڪافي ٻوٽين وارو ٻوڙ ڏنو هيم، پر تو مھمان کي ست مانيون ۽ ٻوٽين نڪتل ٻوڙ وڃي پيش ڪيو آهي، سو ڇو؟!“
    ”امڙ! رستي ۾ ٽن ڏينھن جي بکايل مسافر ايلاز ڪيم.“ پوڙهيءَ، گهٽ ماني پھچائڻ لاءِ دليل ڏيندي ٻڌايس؛ ”اڌ مانيون ۽ اڌ ٻوڙ کيس ڏنم، ڇو جو ايتري ماني، مھمان کائي ڪين سگهي ها! تنھنڪري قياس کائي غريب مسافر کي اڌ ڏنم!“
    نينگري ٻنھي جا ٻول ۽ دليل ٻڌي، خوش ٿي ۽ خاموش رهي. جڏهن سندس پيءُ گهر واپس وريو ته کيس چيائين؛ ”مان شادي ڪندس ته انھيءَ مھمان سان!“
    ”امان! مسافر ملڪ جو وزير آهي.“ پيءُ، ڌيءُ کي واضح ڪندي، مڙي وڃڻ لاءِ چيو؛ ”سو! اسان سان ڪيئن ڳنڍبو!“
    ”بابا! تون ڳالهه چوري ڏسينس، پوءِ کَٽن ڀاڳ!“
    ”چڱو مان ڪوشش ڪريان ٿو.“ پڻس آٿت ڏيندي چيس؛ ”باقي اڳتي تنھنجي قسمت آ.“
    پڻس، گهران نڪري، مھمان سان سمھڻ کان اڳ واري آخري ڪچھري ڪرڻ لاءِ پھتو. اوڀاريون لھواريون ڪندي، کيس ڌيءَ جي سڱ جي آڇ ڪيائين، جيڪا هُن خوشيءَ سان قبول ڪئي، جو نينگريءَ ۽ سندس ڏاهپ تي اڳي ئي مفتون هيو، پر شرط رکيائين؛ ”مان مسافريءَ تان موٽان ۽ پنھنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيان ته پوءِ!“
    اها خوشخبري موٽي اچي ڌيءُ کي سڻايائين.
    شرط ٻڌي ڌيڻس چيو؛ ”وزير جي اُڻ تڻ هتي ئي ختم ٿيندي. بادشاهه کي ڪمال ڏيکارڻ لاءِ مان تيار آهيان.“
    انھيءَ نياپي تي وزيرُ شاديءَ لاءِ آماده ٿي ويو ۽ شادي ڪري زال سوڌو پنھنجي وطن ڏانھن اسھيو.
    انجام واري ڏينھن کان هڪ ڏينھن اڳي پھتو. پھچندي شرط، بادشاهه جا خابرو، حاضر ٿيڻ جو نياپو کڻي آيس.
    بادشاهه جي درٻار ۾ پھچي، ٻئي ڏينھن ميدان ۾ ڪمال پيش ڪرڻ جو واعدو ڪري موٽي آيو.
    گهر ۾ زال چيس؛ ”ٿورو سُٽ ۽ لوهه جي ڪليءَ جو بندوبست ڪيو!“
    يڪدم سُٽ ۽ ڪِليءَ جو بندوبست ٿي ويو. رات جو سندس گهر واريءَ ڪليءَ ۽ سُٽ تي ڪجهه پڙهي شوڪاريو ۽ چيائين؛ ”جنھن ميدان ۾ ڪمال ڏيکارڻو آهي.، ان جي وچ تي هيءَ ڪلي کُپندي ۽ سُٽ جي تند مٿس ويڙهبي.“
    وزير، لوڪان لڪي، ميدان ۾ ڪلي کوڙي، مٿس سُٽَ-تند ويڙهي آيو.
    صبح جو بادشاهه سميت سمورا ميدان ۾ پھتا. ڏٺائون ته ميدان ۾ ڪلي کتل آهي ۽ منجهس هڪ تند ٻڌل آهي، جنھن جو ٻيو ڇيڙو آسمان ڏي حد نگاهه کان به مٿي آهي. وزير ڏانھن، ڪمال پيش ڪرڻ لاءِ ايلچي ويو پر هُن اچڻ ۾ ڄاڻي ٻجهي گيسر ڪئي. انھيءَ اپرانڌ هڪڙو مرد، مائيءَ سميت ميدان ۾ آيو ۽ بادشاهه کي عرض ڪيائين؛ ”مان جنگ تي چڙهان ٿو، پويان منھنجي هن زال جي پارت هجيو! مارجي وڃان ته ڀلي کيس خاش خوشيءَ سان ٻئي هنڌ پرڻائي ڇڏجو.“ ائين چئي تند جي سھاري، مٿي چڙهڻ شروع ڪيائين، تان جو اکين کان اوجهل ٿي ويو. اوچتو مٿان وڍيل عضوا، ڦٿڪندڙ صورت ۾ ڪرڻ لڳا. ماڻھو حيران ۽ وائڙا ٿي ويا ۽ منجھن ڦڙڦوٽ پئجي وئي. انھيءَ گهمسان ۾، هيٺ بيٺل زال به گم ٿي وئي.
    انھيءَ اپرانڌ، وزير کي به ڪيئي نياپا ويا پر ان به اڃا اچڻ ۾ دير ڪئي. نياپي واري کي سندس گهران، نه سڏ، نه واڪو پئي مليو.
    ميدان ۾ مٿي چڙھي ويل همراهه جا پھرين هٿ، پوءِ پير ۽ ٽنگون هڪ هڪ ٿي ڪِريا. آخر ۾ ڌڙ ۽ ان کان پوءِ منڍي ميدان ۾ اچي ڦھڪو ڪيو. بيٺي بيٺي عضوا پاڻ ۾ ملي ويا ۽ همراهه، ڪپڙا ڇنڊي اٿي بيٺو. لوڻا ڦيرائي، بادشاهه کي جاچيائين. کيس لڀندي ئي ويجهو اچي امانت جي طلب ڪيائين، جنھن تي بادشاهه ششدر ٿي ويو. عين ان وقت وزير به اچي پھتو، جنھن کي بادشاهه، دير سان اچڻ ۽ ڪمال نه ڏيکارڻ جي شڪايت ڪئي.
    ”جيئندا قبلا!“ وزير هٿ ٻڌي چيس؛ ”هيءُ ڪمال، بدني واري همراهه جي ڪمال کان وڌيڪ نه هيو ڇا؟“
    ”بيشڪ ھيو.“ بادشاھ آڻ مڃيندي چيس.
    ”انھيءَ جو مطلب اھو ٿيو ته اوھان قبول ڪيو!“ وزير يادگيري ڏياريندي چيس؛ ”ڀلان ڀليءَ جو ڇيھ ئي ڪونھي.“
    ”واقعي!“ بادشاھ به زبان سان اقرار ڪيو؛ ”ڀلان ڀليءَ جو ڇيھ ئي ڪونھي.“
    مطلب: ۱. ڪنھن به خاصيت يا صفت، ملڪيت يا جاھ جو انت ناھي.
    ۲. دنيا جي ڪا به شيءِ، ڪمال ۾ حرف آخر ناھي.
    ۳. استادن جي جاءِ سدائين خالي آھي. (۱۴) ص ۱۰

    49. ڀلو پير ڪي ڀلو ويساھ. (پھاڪو)
    هڪ دفعي، ڀري درٻار ۾ بحث هلندي، بادشاھ پنهنجي وزير کان پڇيو؛ ”پير ڀلو يا ويساھ؟!“
    وزير وراڻيس؛ ”ويساھ!“
    ”نه!” بادشاھ انڪار ڪندي چيس؛ ”پير ڀلو!“
    انهيءَ تي وزير ته وقتي زهر جو ڍڪ ڀري چپ ڪري ويهي رهيو، پر دل ۾ انهيءَ ڳالھ کي سانڍي ڇڏيائين.
    هڪ دفعي بادشاهه کي هڪڙي پاسي جنگ تي وڃڻو هئو. جنگ جو اصطبل وڄي ويو. فوجون ڪٺي ٿي ويون. جنگ جي ميدان ۾ پهچڻ کان اڳ، وزير بادشاھ کي چيو؛ ”جيئندا قبلا! رستي ۾ هڪڙي پير جو مقبرو آهي. جنگ جوٽڻ کان پهرين اتان دعا گهرجي ته چڱو. ٻڌو آهي ته پهتل بزرگ آهي.“
    بادشاهه جنگ تي چڙهڻ کان اڳ، ان مقبري ۾ دعا گهرڻ آيو. بعد ۾ کيس جنگ ۾ فتح ٿي، جنهن تي وزير کي چيائين؛ ”مون تو کي ڪو نه چيو هيو ته پير ڀلو هئڻ گهرجي!“
    ”چڱو پوءِ مون سان هلو ته مان توهان کي رنگ ٿو ڏيکاريان.“ وزير، بادشاهه کي عرض ڪيو.
    ان بعد، ٻئي ڄڻا، ڪجھ ماڻهو ساڻ ڪري، ان مقبري وٽ آيا. کوٽائي ڪيائون ته قبر مان مئل گڏھ نڪتو. جنهن تي بادشاھ پڇيو؛ ”هي ڇا آهي؟!“
    ”هيءُ قصو سڄو هٿرادو ٺاهيو ھيوسين ته جيئن سائينءَ جن کي خبر پئجي وڃي. دراصل ويساھ ڀلو آهي.“ وزير، بادشاهه کي اصل حقيقت کان آگاهه ڪندي چيو.
    مطلب: ۱. ڀروسو يا عقيدو، ماڻھوءَ کان سڀ ڪم ڪرائيندو آھي. (۲) ص ۲۰

    50. ڀلو ڪر ته ڀلو ٿيئي. (چوڻي)
    هڪڙو شينهن، اونهاري ۾ وڻ جي ڇانءَ هيٺ پيو هيو جو سندس بت تي ڪيترن ڪُئن اچي ڊڪ ڊوڙ لاتي. تنهن تي شينهن جاڳي پيو ۽ هڪڙي ڪئي کي جهٽ هڻي سوگهو ڪيائين ۽ چيڀاٽڻ ۾ هوس ته ڪُئي ايلاز ڪندي چيس؛ ”اي سائين! جانورن جا بادشاھ! مون جيتامڙي کي مارڻ مان، توهان کي ڇا هٿ ايندو؟ ڇڏيوم ته وڃي ٻچن سيمت اوهان کي دعائون ڪريان.“
    انهيءَ تي شينهن کي ڪهل اچي وئي ۽ ڇڏي ڏنائينس، جنهن تي ڪُئي سندس ٿورا مڃيا ۽ چيائينس؛ ”مون کي سر جيئدان ڏنو اٿوَ. باقي توهان جو جڏهن هن غلام ۾ ڪم پيو ته ھيءُ اوھان تان سِرُ قربان ڪندي، ڪين مڙندو.“
    انهيءَ تي شينهن کلي چيس؛ ”پوءِ شايد آ هن جهنگ جو بادشاھ ئي ڪين آهيان! جو ڦاسندس ۽ تنهنجي مدد جي ضرورت پوندم. بهرحال چوھا! تون وڃ ۽ ٻچن سميت سکي ٿي. مون کي تنهنجي ضرورت ئي نه پوندي“.
    ٿورن ڏينهن پڄاڻان، ساڳئي وڻ وٽ، هڪڙي ماريءَ جي پنجوڙن ۾ ساڳيو شينهن ڦاسي پيو. ڦاسڻ کان پوءِ ڏاڍو ڦٿڪيو پر ڪَري ڪي ڪين سگھيو. ششدر ٿي ڏاڍيون گجگوڙيون ڪيائين. جيڪي ساڳئي ڪُئي به ٻڌيون، سو به تڪڙو اچي پهتو ۽ تڪڙو تڪڙو پنجوڙ جي رسن کي ڪترڻ لڳو. ماريءَ جي پهچڻ کان اڳ، شينهن کي آزاد ڪرائي ڇڏيائين.
    آزاديءَ بعد، شينهن ڪُئي جا ٿورا مڃيا ۽ چيائينس؛ ”پاڻ کان ٻئي کي گهٽ ڄاڻڻ مورکائپ آهي.“
    مطلب: ۱. هڪ-رشيءَ جو ست-رشيءَ ۾ ۽ ست-رشيءَ جو هڪ-رشيءَ ۾، ڪم پوندو آهي.

    51. ڀلي ڀلي ڀاڻ آئي، سا به نه ڀلي. (پھاڪو)
    هڪڙي وڇار جي هڪ وڇ، جهنگ ۾ چرندي، وڳ کان وڇڙي وئي. رات ٽاڻي، وٿاڻ تي نه آئي. ٻيو مال سمورو پهتو، وڇ نه پهتي ته وڇار کي ڳڻتي ٿي پئي. وٿاڻ تي ٻيو مال واڙي، وڇ ڳولهڻ لاءِ نڪتو. ڏٺائين ته وڇ اڳيان اچي پئي ٿي. دل ۾ چيائين؛ ”اجايو خفو ۽ پريشاني ڪرڻ کان، بچي پيم.“
    مطلب: ۱. جيڪو ماڻهو، بڇڙي دڳ تي هلڻ کان پوءِ، پشيمان ٿي سڌي راھ تي اچي، تنهن لاءِ ائين چيو ويندو آهي. (۲) ص ۲۰

    52. ڀنگياڻي راڻي، طبيعت گونھاڻي. (پھاڪو)
    هڪڙو بادشاھ، هڪڙيءَ ڀنگياڻيءَ تي مستان ٿي پيو. انڌي عشق سبب، ساڻس شادي رچايائين، جنھن سان ڀنگياڻي، ڦري ملڪ جي راڻي ٿي پئي. گندين ڀُنگين مان نڪري، محلن ۽ صوفن، گلمن ۽ غاليچن تي رهڻ لڳي.
    ڪجھ ڏينهن کان پوءِ، شهزادي صاحبه کي مٿي ۾ سور پيو. سور به اهڙو جو لهڻ جو نالو ئي نه وٺي. سمورا حڪيم طبيب آزمايا ويا. ٽوڻا ڦيڻا ڪيا ويا. ڊاڪٽرن وس ڪيو. سور هٺئون هيٺ نه ٿيو. سمورا زور آزمائڻ کان پوءِ، بادشاھ صاحب به راڻي صاحبه جي تڪليف سبب، پريشان رهڻ لڳو ۽ ڳڻتيءَ ۾ ڳرڻ لڳو. رعايا، بادشاھ جي تڪليف سبب پڻ ڳڻتيءَ ۾ اچي وئي.
    بادشاھ هڪدم حڪم ڪيو؛ ”سمورا نامور طبيب ڪٺا ڪيا وڃن.“
    سمورا گڏ ٿيا. سمورن کي گڏجي مٿا ميڙ ڪري سوچڻ جو موقعو ڏنو ويو. هڪڙي طبيب هام ڀري؛ ”آ شهزادي صاحبه جو علاج ڪندس.“ حڪيم صاحب اڳتي عرض ڪيو؛ ”مٿي جو سور، هڪڙيءَ ناس سان لهندو، جيڪا ڪجھ مهينن اندر ٺهندي. سون جي دٻليءَ ۽ چانديءَ جي ورقن ۾ اها ناس رکبي. شهزادي صاحبه کان سواءِ ڪير به اها دٻلي نه کوليندو ۽ نه ئي اھا ناس سنگھندو. جيڪڏهن ڪنهن حرڪت ڪئي ته مٿي جو سور ساري عمر نه لهندس. ان ناس ٺاھڻ لاءِ، چڱي رقم جي ضرورت آهي. سا اگر مهيا ڪئي وئي ته قوي يقين آھي جو راڻي صاحبه جن جو مٿي جو سور رفع ٿي وڃي.“
    حڪيم صاحب کي بادشاھ طرفان، اھڙي ناس ٺاھڻ جو پروانو عطا ٿي ويو. کيس قومي خزاني منجھان خطير رقم به پيشگي مھيا ڪئي وئي. ٻئي ڏينھن کان حڪيم صاحب پنھنجي نسخي تيار ڪرڻ ۾ جنبي ويو.
    حڪيم صاحب، انساني ڪرفٽي کڻي، سُڪائي، ڪُٽي، ناس ٺاهي، سوني دٻليءَ ۽ طشتريءَ ۾ وجھي، شهزادي صاحبه کي عام آڏو، ڍاڪونءَ ۾ ڍڪي، پيش ڪئي. راڻي صاحبه تخليي ۾ وڃي، اھا ناس واپرائي، جنھن سان سندس مٿي جو سور لھي ويو.
    ۲
    هڪڙي شهزادي جي نگاھ، هڪڙي دٻگر جي ڌيءُ تي پئي. کيس ڇوڪري ڏاڍي وڻي وئي ۽ مٿس موهت ٿي پيو. چي؛ ”شادي ڪندس ته ان سان.“
    مٽن مائٽن کي مجبور ڪري، دٻگر جي ڌيءَ کي راڻي ڪري اچي گهر ۾ رهايائين. راڻيءَ جو ماحول مٽيو ۽ پهرين خوش ٿي، بعد ۾ بيمار ٿي پئي. مٿي ۾ سور ڏاڍو ٿيس. اکين مان به پاڻي ڏاڍو پئي وهيس، جنهن سبب هر ڪم ۾ هلاکي پئي محسوس ڪيائين.
    نيٺ انهن دٻگرن/ ڇڪارين مان، هڪڙي کيس ڏس ڏنو. ان تي عمل ڪندي ٻه ٻگھ پکي جهلايائين.کين ماري، منجهانئن پوٽيس ٺاهي، پهريائين مائيءَ جي اکين تي ٽاڪوريائين، پوءِ لپريءَ جي پٽي مٿي سان ٻڌائينس. انهيءَ علاج سان مائي چاق چڱي ٿي پئي.
    مطلب: ۱. جيڪو ماڻهو جنهن ماحول ۾ رهي ٿو، ان جو مٿس آخر تائين اثر رهي ٿو.
    ۲. جارا ڏيوڻا، مين کاوڻا.
    ۳. جهڙي ڇالي، تهڙي پني. (چوڻي) (۲) ص ۳۳ ۽ مٿين روايت لاءِ ڏسو (۱۵)


    [ ت ]

    53. ترت دان، مها پِڃُ. (هندي، ڏند ڪٿا)
    هڪڙو برهمڻ، لکي پڙهي ڪين ڄاڻندو هو، تنھن کي سندس استريءَ چيو؛ ”پنھنجي ملڪ جي راجا وٽ ڏهاڙي صبح جو وڃي چؤ؛ ’ترت دان، مھا پِڃُ‘ ته هو تو کي ڪجهه نه ڪجهه اوس ڏيندو.“
    هن ائين ڪيو ته راجا هن کي پنج رپيا ڏنا. پوءِ روز ائين چئي پنج روپيا وٺي ايندو هو.
    هڪڙي دفعي راجا ڪن ٻين برهمڻن جي چوڻ تي، کانئس پڇيو؛ ’ترت دان، مھا پِڃُ‘ جو ارٿ ٻڌاءِ!“
    برهمڻ چيو؛ ”ان جو ارٿ سڀاڻي ٻڌائيندس.“
    گھر اچي، پنھنجي استريءَ سان ڳالهه ڪيائين. استري ويچار ۾ پئجي ويئي. ڪنھن وقت ڀانيائين ته ڪو چوينم ٿو؛ ”فلاڻي ديس ۾ جيڪو راجا آهي، تنھنجي راڻيءَ کي سورهن مھينا گرڀ ٺھرئي ٿيا آهن. ان جو اڃا موکه نه ٿو ٿئي. توهان جو راجا جڏهن انھيءَ ملڪ ۾ ويندو ۽ اتان جي راڻي سندس منھن ڏسندي، تڏهن کيس ٻالڪ ڄمندو. انھيءَ ٻالڪ کان جيڪڏهن راجا ’ترت دان، مھا پِڃُ‘ جو ارٿ پڇندو ته اهو ٻالڪ کيس ارٿ ٻڌائيندو.“
    برهمڻيءَ کي انھيءَ ڳالهه تي پرتيت/اعتبار اچي ويو. تنھن سارو قصو پنھنجي پتيءَ کي ٻڌايو.
    ٻئي ڏينھن برهمڻ، دستور موجب راجا وٽ ويو ته راجا پنج روپيا ڏيئي چيس ته؛ ”ترت دان، مھا پِڃُ“ جو ارٿ ٻڌاءِ.
    برهمڻ، بادشاھ کي پنھنجي استريءَ جي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي.
    راجا چيس؛ ”اها ڳالهه به جاچبي.“
    راجا، ٻئي ڏينھن سھي سنبري، اڪيلو ئي اڪيلو، ٻئي راجا جي ملڪ ڏي هليو، جنھن جي استري گرڀ-ونتي هئي. واٽ تي برسات پئجي وئي، جنھن سبب راجا ڪنھن پناهه لاءِ واجهائڻ لڳو. نيٺ هڪ جهوپڙي ڏسي ان ۾ گھڙي ويو. انھيءَ جهوپڙيءَ ۾ زال ۽ مڙس، ٻه ڄڻا هئا ۽ کٽولا به ٻه هئن. راجا چين؛ ”ڀڳوان جي نالي تي، مون کي هڪ کٽولو ڏيو.“
    زال چيس؛”آءٌ ڪين ڏينديس.“
    مرد چيو؛ ”ڀڳوان جي نالي تان کٽولو ڇا، پر منھنجو سِرُ به قربان آهي.“ هن پوءِ پاڻ وارو کٽولو راجا کي ڏنو ۽ پاڻ وڃي پٽ تي، ٻنڀي وٽ سمھيو.
    اڌ رات ڌاري، ھڪڙو بگهڙ گھر ۾ گھڙي آيو ۽ پٽ تي سمھيل مرد کي کائي ويو. صبح جو راجا کيس مئل ڏسي، ڏاڍو ارمان کاڌو، پوءِ مائيءَ کي ڪيترا هيرا جواهر ڏيئي، پاڻ ڪَھندو ڪَھندو آخر انھيءَ راجا وٽ آيو، جنھن جي راڻي گرڀ-ونتي هئي. راجا کيس پاڻُ ڄاڻايو ته مان بادشاھ آھيان. هُن راجا، موٽ ۾ چڱي مرحبا ڪيس.
    ڪنھن وقت راڻين کي به خبر پيئي ته ڪنھن ڌارئي ملڪ جو راجا اسان جي محلات ۾ مھمان ٿي آيو آهي، سي لڪي لياڪا پائڻ لڳيون. انھن راڻين مان جيڪا گرڀ-ونتي هئي تنھن اڃا راجا کي ڏٺو ته امالڪ هٿ پير لڌائين ۽ پٽ ڄائس. جهٽ پٽ سڄي محلات ۾ واڌايون ورتجي ويئون.
    راجا، پٽ ڄائي جي خبر ٻڌي، مھمان ٿي آيل راجا کي چيو؛ ”توهان جا پير سڀاڳا آهن. منھنجي راڻي سورهن مھينن کان ويٺي هئي ۽ اڄ توهان جي آئي هن جو ڇوٽڪارو ٿيو آهي.“
    راجا چيس؛ ”جيڪو ڪڪو ڄائو آهي سو مون کي ڏيکاريو.“
    راجا جهٽ نئون ڄاول راجڪمار گهرائي هنج ۾ ڏنس. ٻالڪ کي هنج ۾ جهلي، کانئس پڇيائين؛ ”’ترت دان، مھا پِڃُ‘، جو ارٿ ڇا آهي؟“
    ڪلتار جي قدرت، جو اوڏيءَ مھل، انھيءَ تازي ڄاول ٻالڪ ڳالھايو. راجا کي چيائين؛ ”راجا! آءٌ اهو ساڳيو ماڻھو آهيان جنھن جي جهوپڙيءَ ۾ تو کٽولو اچي گُهريو هو. هن راجا جي راڻيءَ کي سورهن مھينن کان گرڀ ٺھريو هو، ٻالڪ ۾ مون واري آتما پوڻي هئي پر راجا جي گهر ۾ جنم به ڪنھن پڃ سان مون کي ملڻو هو. تو کٽولو اچي گهريو ته منھنجيءَ استريءَ ناڪار ڪئي. هينئر اُن نڀاڳيءَ کي به بگهڙ کاڌو آهي ۽ هن ڪتيءَ جي جوڻ وڃي پاتي آهي. مون ڀڳونت جو نالو ٻڌي، پڃ جھڙو ڪم ڪيو جو تو کي اجهو به ڏنم ۽ کٽولو به ڏنم. انھيءَ ترت دان جو وڏو ڦل مون کي اهو مليو آهي جو مون جھٽ اچي راجا جي گهر جنم ورتو آهي، تنھنڪري ڄاڻ ته جي ڪنھن جو ڪم ترت وهندي ڪجي ٿو ته ان جو ڦل وڌيڪ آهي ۽ جي ڪنھن جو ڪم ڪجي پر ريڙهائي ريڙهائي ڪجي ته اهو اهڙو ٿيو جھڙو، ٻڪري کير ڏئي پر ڦولھڙين گاڏڙ.“
    مطلب: ۱. وقتائتي خيرات، ڪار آمد آھي.
    ۲. رب جي راھ ۾ اگر خرچ ڪجي ته دل سان ڏجي، بي دليو ۽ اڍنگائيءَ سان نه ڏجي. (۲) ص ۲۱

    54. تڪڙ ڪم شيطان جو آهي. (چوڻي)
    هڪڙي مائيءَ نور ڌاريو هو، جو گهر ڀاتين سان هري مري ويو هو. هڪ ڀيري مائي پنهنجي ننڍڙي ٻار کي پينگهي ۾ سمهاري، پاڻ گهاگر مٿي تي کڻي، ويئي کوھ تان پاڻي ڀرڻ. موٽي اچي ڇا ڏسي ته نور، در جي چانئٺ وٽ ويٺو آهي. سندس ٻوٿ ۽ چنبا رت سان ڀريا پيا آهن. مائيءَ کي پسڻ پيا ته نور، منهنجي ٻار کي هڻي ماري وڌو آهي، سو ٺڙٺپ گهاگهر ٽامي جي، جيڪا مٿي تي پاڻيءَ سان ڀريل هيس، کڻي نور تي اڇلايائين ۽ هڻي نور کي ماري وڌائين. اڃا اندر وڃي ڏسي ته ٻار صحيح سلامت پينگهي ۾ ستو پيو آهي ۽ ڀرسان هڪ نانگ رتو رت ٿيو مئو پيو آهي. پڪ ٿيس ته نور نانگ سان وڙهي ٻار کي بچايو آهي. ارمان ٿيس ته تڪڙ ڪري، نور جهڙي وفادار جانور کي ماري وڌم، ڪاش! سوچي سمجهي قدم کڻان ها ۽ اٻهرائي نه ڪيان ها. سچ چيو اٿن؛ ”تڪڙ ڪم شيطان جو آهي.“
    مطلب: ۱. هر ڪم سوچ ويچار بعد ڪجي.
    ۲. اٻهرائي ڇيهو رسائيندي آهي.
    ۳. اٻهرائپ سان، گهڻا ڪم بگڙجندا آهن. (۱۶) ص ۱۶۴


    [ ٺ ]

    55. ٺڳ ٺڳي جڳ کي، سياڻو ٺڳي ٺڳ کي. (چوڻي)
    هڪڙي راجا وٽ ٽي درٻاري هيا. منجهانئن هڪڙي جو حافظو اهڙو هيو جو ڪا به نئين ڳالھ، هڪ دفعو ٻڌندو هيو ته ياد ٿي ويندي هيس. ٻئي کي ٻه دفعا ۽ ٽئين کي ٽي دفعا ٻڌڻ سان، هر ڳالھ ياد ٿي ويندي هئي.
    هڪڙي دفعي راجا پڙهو ڏيارو؛ جيڪڏهن ڪو ڪوي/شاعر، پنهنجو نئون ڪلام ٺاهي ٻڌائيندو ته کيس لک مُهرون انعام ملنديون.
    ڪيترن ئي ڪوين، نوان نوان بيت/ڪلام ٺاهي اچي راجا آڏو پڙهيا. راجا جا ٽئي درٻاري، واري وٽيءَ سان، نئين ڪلام سان آيل ڪويءَ کي ناڪ آؤٽ ڪري ڇڏيندا هيا. شاعر جو ڪلام ٻڌڻ شرط، ڀلي حافظي وارو درٻاري ياد ڪري ورجائيندو هيو ۽ چوندو هيو؛ ”سائين اهو ڪلام ته منهنجو ٻڌل آهي.“ ان جي تائيد ٻيو ۽ وري ٻئين جو ٽيون درٻاري، ساڳين لفظن سان ڪندو هيو.
    الائي ڪيترا ڪوي، هار کائي موٽي ويا. آخر ڪوي ڪاليداس کي ڄاڻايل ٽنهي درٻارين جي سڻس پئجي وئي. تنهن وري درٻار ۾ حاضر ٿي، اهڙو شعر پڙهيو، جنهن جو مطلب هيو ته؛ ”مهراج! اوهان جو پتا جڏهن ديھ تياڳڻ تي هيو، تڏهن چئي ويو هيو ته ڪوي ڪاليداس تمام پڙهيل ۽ ودياوان آهي، تنهنڪري کيس لک مُهرن جو ڏجو!“
    اها ڳالھ درٻارين مان ڪنهن هڪ کي به نه وڻي. ھاڻي ھو پنھنجي زبان سان ڪيئن چون ته؛ انعام ڪاليداس کي ڏيو، تنهنڪري راجا کي لاچار رقم ڏيڻي پيئي.
    ۲
    هڪڙي ڪنجوس ۽ ڀولي جي پاڻ ۾ گهاٽي ياراڻي هئي.
    ڪنجوس، ڪجھ پئسا گڏ ڪرڻ بعد، پنهنجي ڀولي کي چيو؛ ”ٽي هزار گڏ ڪيا اٿم. چوري ٿيڻ جو ڀؤ ٿو رهيم. ڏس ڏيم ته ڪيئن محفوظ هنڌ تي لڪايان جو پئسا به سلامت هجن ۽ مون کي به قرار هجي.“
    ”جيڪڏهن سچو قرار چاهين ٿو،“ ڀولي، ڪنجوس کي دام ۾ آڻڻ واري ارادي سان صلاح ڏيندي چيو؛ ”ته اها رقم آڌيءَ رات جو ديڳ ۾ پوري ڇڏ، جتي ڪنهن کي ڪَلَ به نه پوي.“
    ڪنجوس ڏاڍو ڊڄڻو ۽ گيدي هيو، تنهنڪري ڀولي کي ايلاز ڪندي چيائين؛ ”يار مون کي ڀؤ ٿو ٿئي. مون سان گڏجي هلين ته چڱو“.
    ريڙھ پيڙھ پڄاڻان، اڌ رات جو، جهنگ ۾ پئسا پوري آيا.
    اٺن ڏينهن پڄاڻا، ڪنجوس کي اڻ تڻ ٿي. هڪڙيءَ صبح جو وڃي ساڳيو هنڌ کوٽيائين. پئسا ته هيا ئي ڪين. ڏاڍو حيران ٿيو. آخر سمجهي ويو. دل ۾ چيائين، هڪ مون کي خبر هئي، ٻي مون واري سنگتيءَ کي. پڪ ان ئي پئسا ڪڍيا آهن.
    وڏي سوچ ويچار ۽ ڌيرج کان پوءِ، سنگتيءَ سان مليو. مٺڙيءَ ٻوليءَ سان ڳالهائيندي کيس چيائين؛ ”يار اڳي تو سهڻي صلاح ڏني هئي. هاڻي به صلاح ڏينم. ڏھ هزار کن ٻيا به گڏ ٿي ويا آهن. تنهن کي به محفوظ ڪرڻو آهي، ڇو نه ڪنهن رات جو هلي، ساڳئي هنڌ، اهي به پوري اچئون.“
    ”ها ڇو نه.“ ڀولي مٿس اعتبار ڪندي ۽ رات جو وڃڻ لاءِ هام ڀريندي چيس. ڪنجوس دوست جي وڃڻ پڄاڻا، ڀولي دل ۾ چيو؛ اڳيان پئسا ته ساڳئي هنڌ ڪو نه هوندا. هاڻي هلنداسين ۽ پئسا نه ڏسي، نوان پئسا نه پوريندو. اهو سوچي رات جو ئي وڃي، اڳيان ڪڍيل ٽي هزار، ساڳئي هنڌ پوري آيو.
    ٻئي ڏينهن ڪنجوس، جهنگ ۾ اڪيلو ويو، کوٽي ڏٺائين ته سندس پئسا ساڳئي هنڌ پوريا پيا هيا. پئسا هٿ ڪري، گهر موٽي آيو ۽ وري ڀولي کان، پئسا محفوظ ڪرڻ جي صلاح نه ورتائين.
    ۳
    چوَن ٿا ته ڪنهن شاهوڪار جي، پيريءَ ۾ پُٺ پڌري ٿي، تنهنڪري شهر توڙي آس پاس جا ماڻهو، کيس مبارڪون ڏيڻ ويا ۽ ڪيترا ته مصرين جا ٿالھ ۽ ٻيا تحفا پڻ کڻي ويا. هڪڙو مهاڻو، جو سندس در جو دائما دعاگو هو، سو به ٻه پلا کڻي، وٽس ويو. شاهوڪار جي دل ۾، هن غريب مهاڻي جي غريباڻي تحفي ايڏو ته اثر پيدا ڪيو، جو کيس ڏھ ڪَلدار رپيا انعام طور ڏنائين. ھڪڙي لوڀيءَ اھا ڳالھ ٻڌي، ته خيال ڪيائين؛ ’شاهوڪار کي مبارڪ ڏيڻ لاءِ، هڪڙو سادو سُودو تحفو کڻي وڃان ته جيئن ان جي عيوض ڪجھ وڌيڪ ڪمائي اچان.‘ اهو خيال ڪري، هڪڙو متارو دُنبو، اڍائي رپين ۾ خريد ڪري، شاهوڪار وٽ تحفي طور کڻي ويو. شاهوڪار ته هن کي ڌُريئون ئي سڃاڻندو هو، سو عجب ۾ پئجي ويو ته ڪيئن اڄ هن دُنبو آندو آهي!
    پچيائينس؛ ”ڏي خبر! اھو دُنبو گھڻي ۾ خريد ڪيو اٿئي؟“
    ”سائين، اڍائي رپين ۾ ورتو اٿم“.
    شاهوڪار، سڄي قصي کي تاڙي ويو. چيائينس؛ ”تو به تحفو آندو آهي، پر مان تو کي، ان کان به سٺي چيز ٿو ڏيان.“
    لوڀي پھرين ته ڏاڍو خوش ٿيو، پر جڏهن شاهوڪار کيس موٽ ۾ مھاڻي جو آندل هڪ پلو ڏيندي چيو؛ ”تو گھيٽو، اڍائي رپين ۾ آندو آهي ته مون وري هي پَلو، پنجن روپين ۾ ورتو هو، جو تو کي ڏيان ٿو.“
    لوڀيءَ جي منھن جو پنو ئي لھي ويو ۽ دل ۾ چوڻ لڳو؛ ”مون به گھڻن کي ٺڳيو، پر هن ته مون کي به ٺڳي ورتو“.
    مطلب: ۱. نقليءَ کي گڏجي جڏھن اصيل، تڏهن وڃيس وڄا ئي وسري.
    ۲. جيڪو گھڻو لوڀ ڪندو، سو ضرور نقصان پائيندو.

    56. ٺلهن ٺڪرن تي ڏويون ڪير جهليندو؟ (پھاڪو)
    ماسي ڀنڀي، ڳوٺ ۾ غريب ۽ بيوهه مائي هئي. سئي ڌاڳو ڪري، پيٽ گذر ڪندي هئي. ڳوٺ جو هڪ همراهه، جيڪو ڪڪڙ-چور هو، سو گهر جي جاري مان سندس گهر ۾ لهي آيو. ماسي ڀنڀي جاڳي پئي. پر دت هڻي سُتي پئي هئي.
    چور اچي بُجڪين ۾ هٿ وڌا. ڪنهن ۾ سُئي، ڪنهن ۾ پشم، ڪنهن ۾ رِيل، ته ڪنهن ۾ سڳا هئا. ٻيو مڙي ئي خير.
    مايوس ٿي وري واپس جاري تي چڙهي، وڃڻ لڳو. ان وقت ماسي ڀنڀي، ڀر سان پيل ڏوئي کڻي، اچي پٺيءَ ۾ ٺڪاءُ ڪڍايس ۽ چيائينس؛ ”ادا چور! وري به اچجانءِ! ماسي ڀنڀيءَ تان ڀيرو نه ڀڃجانءِ.“
    ”ماسي ڀنڀي! خدا ڪري سدا خوش هجين.“ چور وراڻيس؛ ”باقي رھيو ڀيرو ڀڃڻ سو ٺلهن ٺڪرن تي ڏويون ڪير جھليندو؟“
    مطلب: ۱. ٺلھن ٺڪرن تي، ڌڪا ڪير نه جھليندو آھي.


    [ پ ]

    57. پاڻان ڏاڍي سان ڀائيچارو نه ڪجي. (پھاڪو)
    هڪ ”هيڻو“ ۽ هڪ ”ڏاڍو“ شڪاري، پاڻ ۾ ڀائيوار ٿي شڪار لاءِ نڪتا. ”هيڻي“ شڪاريءَ، هڪ تتر ۽ هڪ ڪونج ماري. ڏاڍي شڪاريءَ کي هٿ لڳو ”هيڙهو“ ۽ هڪ ”ڦدو“.
    شڪار ختم ٿيڻ بعد، ”ڏاڍي“ شڪاريءَ، هيڻي شڪاريءَ کي شڪار جا ڪي بنيادي اصول ٻڌايا. انهن اصولن پٽاندر، ٻنهي جو شڪار پهريان پاڻ ۾ گڏي ڇڏڻو ھيو ۽ ان کان پوءِ تقسيم ٿيڻي هئي، تنهنڪري، هيڻي شڪاريءَ ڪونج ۽ تتر هڙ مان ڪڍي، ڏاڍي شڪاريءَ اڳيان رکيا. ڏاڍي شڪاريءَ پنهنجي کيسي مان هيڙهو ۽ ڦدو ڪڍي، بيگ ۾ ملائي ڇڏيو.
    جڏهن ”گڏيل بيگ“ جي تقسيم جو سوال آيو، تڏهن ڏاڍي شڪاريءَ، وقت جي صدارت ڪندي ھيٺيون فيصلو صادر فرمايو؛
    ”ڦدا، ماس دا گڙدا؛ تيڪون آيا. تتر، گڏ دا ڀتر؛ ميڪون آيا!“
    ”هيڙها، ماس دا ديڙا؛ تيڪون آيا. ڪونج، هڏئين ڍونڍ؛ ميڪون آئي!“
    مطلب: ۱. اصولن ۽ زباني تڪبنديءَ جي زور تي ڏاڍو شڪاري، هيڻي شڪاريءَ جي ڪونج ۽ تتر ڦٻائي ويو ۽ موٽ ۾ کيس پنهنجو ڦدو ۽ هيڙهو، جمع واري صيغي ۾ ماسيرا ڪري مٿي ۾ هڻي ويو. ڳالهائڻ ۾ مٿس ٿورو به ٿڦي ويو.
    ۲. ڏاڍي نال شراڪت؛ ڏيندي گھندي سائين! (۱۷) ص ۲۶۸.

    58. پاڻان ڏاڍي سان پيچ نه پائجي. (چوڻي)
    هڪڙو ڪوريئڙو/ تانيئڙو بک ۾ پاھ ٿيڻ لڳو ته شڪار لاءِ نڪري پيو. کيس ڪا به مک نظر نه آئي، جنهن جو شڪار ڪري. مک بدران کيس هڪ هنڌ باز پکي نظر آيو. بک ۽ لالچ ۾ سمجهيائين؛ ”اهڙو شڪار هٿ ڪجي ته بهتر. منجهانئس گهڻن ڏيهاڙن جو ڍؤ ٿيندو“.
    انهيءَ لوڀ ۾ لوڀجي، باز کي ڦاسائڻ لاءِ پنهنجي تانيءَ جي تند مٿس ويڙهڻ لڳو. تاني ويڙهڻ ۾ تمام گهڻو وقت لڳي ويس. ايتري ۾ باز به اڏاڻو. باز آڏو، تانيئڙي جي گگ واري تار سٽ ئي نه جهلي. هٿائين باز جي پرن ۾ اٽڪي، ڪوريئڙو پاڻ اڏامي ويو.
    مطلب: ۱. پنهنجي پهچ کان واڌو ڪم ۾ هٿ نه وجهجي.
    ۲. ڏائڻ هلي مڙدا ڪڍڻ، مُڙدن ڪپڙا به لاهي ورتس.
    ۳. درياه ۾ رهي، واڳونءَ سان وير نه وجهجي.
    ۴. پاڻان ڏاڍن سان هٿ اٽڪائبو ته نقصان وڏو ئي سهبو.
    ۵. جيڪي گھڻي جي لالچ ۾ ويا، سي موٽيا ئي ڪين. (۳) ص ۱۰۸

    59. پاڻان وڏن سان پڇ نه اٽڪائجي. (پھاڪو)
    هڪڙي لومڙيءَ کي جهنگ ۾ گهمندي ڦرندي، هڪڙو اُٺ ستل نظر آيو. اٺ کي ٿلهو متارو ڏسي، سندس پڇ سان پنهنجو پڇ وڃي مِلائي ٻڌائين. سندس انهيءَ حرڪت تي اٺ کي سجاڳي ۽ خارش ٿي ته اٿي هلڻ لڳو. هاڻي لومڙي به ان سئين ٽنگجي گهلجڻ لڳي. اڳيان هڪڙو گدڙ واٽ وٺيو پئي آيو. تنهن لومڙيءَ سان انهيءَ حالت ۾ خوش خير عافيت ڪندي پڇيو؛ ”ادي لومڙي! تو سان اها ويڌن ڪيئن ٿي آهي؟“
    ”ادا مان مُئس يا بچيس، ان جو خير آهي. باقي پوين جي پارت هجئي. مون کي منهنجي عملن جي سزا ملي آهي.“ لومڙيءَ، ٽنگئي ٽنگئي، گدڙ کي ٻڌايو؛ ”پاڻئون وڏن سان پڇ اٽڪايو اٿم. ھاڻي جاڏي ھلن، انھن جي مرضي.“
    مطلب: ۱. پاڻ کان وڌيڪ اٿا-ويٺيءَ وارن سان، اٿ ويھ نه رکجي.

    60. پرائي ٽيڪ تي، ٻين کي گاريون نه ڏجن. (چوڻي)
    هڪ دفعي هڪڙو ڇيلو، ڪنهن گهر جي ڇت تي چڙهيو ويٺو هيو. ڀر مان بگهڙ اچي لانگھائو ٿيس. بگهڙ تي نظر پوندي ئي، کيس گاريون ڏيڻ لڳو.
    ڇيلو سندس پهچ ۽ وس کان پري هئو. انهيءَ بي بسيءَ ۾ بگهڙ ڏند ڪرٽيندي چيس؛ ”تون نه ٿو گاريون ڏين، جنهن تي چڙهيو ويٺو آهين، اهو ٿو گاريون ڏئي.“
    مطلب ۱. ٻئي جي زور تي نه وڙھجي.
    ۳. پرائي ڪلهي تي بندوق نه ڇوڙجي. (۱۸)

    61. پرائي پٽڻي، رن کهايا ٻئي ڪَن،
    هٿان پيس پنهنجي، جو ڪرن وڍيس ڪن. (پهاڪو)
    ڪَرن نالي همراه جي زال، بد چال هئي. بدچاليءَ جي خبر پوندي کيس ڪوٺيءَ جي وري ۾ ٻڌي، پاڻ چادر تاڻي سمهي پيو.
    جنهن ڌوتيءَ جي معرفت، جوڻس ٻاهر ويندي هئي، تنهن به ان وقت اچي ٻُوٿ ڪڍيو. مائيءَ سان سُرٻاٽ ڪيائين، جنهن پنهنجو سمورو حال ڪيس.
    ڌوتيءَ، کيس ڇوڙيو ۽ سندس جاءِ تي پاڻُ ٻڌرائيندي چيائينس؛ ”مان ٿي تنهنجي جاءِ تي ويهان! تون ٿي آءُ!“
    جهٽ گهڙيءَ کان پوءِ، ڪرن سجاڳ ٿيو. ڌوتيءَ کي، پنهنجي زال سمجهي. ڪٽڪو ڪڍيائين. ڌوتي ڊپ وچان ٻوٿ لڪايو سهندي رهي. ڪرن جي دل انهيءَ تي به نه ٺري ته چاقو ڪڍي، ٻئي ڪن ڪپي ڇڏيائينس. وري لت ڏيئي سمهي پيو.
    جڏھن ڪرن جي زال موٽي ته ڌوتيءَ چيس؛ ”هاڻي منهنجي جان آجي ڪراءِ.“
    رسو نڪرندي ئي، ڌوتي پنھنجا ڪٽيل ڪن پٽ تان کڻي، گهر ڏانهن ڀڳي.
    صبح ڌاري ڪرن جاڳيو ته زال کي دڙڪا ڏيندي چيائين؛ ”رن! ڪن ته وڍيامانءِ هاڻي نڪ ۽ چپ به ڪٽيندوسانءِ!“
    ”جي آ ستي آهيان ته رب منهنجا ڪن ڪين وڃائيندو!“ جوڻس چيو ۽ ٻنهي هٿن سان صحيح سلامت ڪن ڏيکاريائينس. جنهن تي مڙس ڏاڍو پشيمان ٿيو.
    هوڏانهن ڌوتي گهر پهتي ته مڙس ڪنهن ڳالھ تي سڏ ڪيس. مڙس کي جواب نه ڏنائين. جنهن تي مڙس عجب مان سندس ڪنن کي جاچيو ته ڇو نه ٿي ٻڌي.
    ”ڪنن کي ڇا ٿيئي؟“ ڪٽيل ڪن ڏسي، ڌوتيءَ کان پنهنجي مڙس پڇيو.
    مڙس کي سموري ماجرا ڪري ٻڌايائين، تنهن تي مڙس چيس؛
    ”پرائي پٽڻي، رن کهايا ٻئي ڪن،
    هٿان پيس پنهنجي، جو ڪرن وڍيس ڪن.“
    مطلب: ۱. پراون معاملن ۾ ٽنگ نه اڙائجي.
    ۲. ٻين جي معاملي ۾ پوڻ وارو، لاک لهرائي ٿو. (۲) ص ۲۵

    62. پنهنجو مال، دل کولي کائجي. (چوڻي)
    هڪڙو مرشد، غريب مريد وٽ، گهوڙيءَ سميت اچي لٿو. مريد ويچارو هَڄي ويو. گهوڙيءَ جي واڳ مريد کي هٿ ۾ ڏيندي، مرشد سڳوري فرمايو؛ ”بابا! گهوڙيءَ جي داڻي پاڻيءَ ۽ ٻڌڻ ڪرڻ جو بندوبست به ڪيو! ۽ اسان جي رهڻ لاءِ به انتظام ٿئي!“
    ”سائين!“ مريد هٿ ٻڌي عرض ڪندي چيس؛ ”مان غريب مسڪين آهيان. ٻچن لاءِ ويلي جو بندوبست به گهر ۾ ناهي! اوهان جو ۽ اوھان جي گهوڙيءَ لاءِ بندوبست، ڏکيو ٿي پوندو!“
    ”بابا! تون الله تي رک.“ مرشد سونهاريءَ تي هٿ ڦيريندي ۽ مريد جي پٺيءَ کي ٺپڪي ڏيندي چيو؛ ”تو کي از غيبي مدد ٿيندي. تون دلجاءِ ڪر! مرشد جي خدمت ڪيئي ته ٻنهي جهانن جا ٻيڙا پار ٿي ويندءِ!“
    مريد، مري جهري، گهوڙي گهر ڪاھي آيو. زين لاهي، رسي سان ٻڌائينس. زين شهر ۾ کپائي، سيڌو سامان وٺي، اچي مرشد جي خاطر تواضع ڪيائين.
    ”تو ته چيو پئي ته تو وٽ گهر ۾ ان جو داڻو به ڪونهي! هاڻي هيءُ ازغيبي ڪيڏانهن آيا؟“ مرشد، مريد جي معاشي حالت تي شڪ ڪندي پڇيو.
    ”سائين!“ مريد هٿ ٻڌندي چيو؛ ”دل کولي کائو! پنهنجو ٿا کائو!“
    ”ها بابا!“ مرشد سونهاريءَ تي هٿ ڦيريندي چيو؛ ”سڀ ڪو پنهنجو ٿو کائي.“
    اهڙيءَ طرح مريد ٻئي ڏينهن سنج ۽ ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ گهـوڙي کپائي، مرشد ۽ ٻچن جو پورائو ڪيو. اٺن ڏينهن گذرڻ بعد، مرشد سائين ڪُوچ ڪرڻ جو ارادو فرمايو.
    ”بابا ! گهوڙي ڪاهي اچ!“ مرشد، مريد کي فرمايو؛ ”اسان کي ٻئي ھنڌ لاءِ ڪوچ ڪرڻو آهي!“
    ”سائين! گهوڙي ڪاٿي آهي؟!“ مريد حيران ڪندي چيس؛ ”اها ته مون کپائي ڇڏي. توهان جي انهيءَ مان ته خدمت ڪيم. مان توهان کي روزانو ٻڌائيندو هئس؛ پنهنجو ٿا کائو!“
    مطلب: ۱. اپڻا مال ھئي، روسون ڀي، کاسون ڀي. (۱۹)

    63. پنهنجي ڪئيءَ جو؛ نه ويڄ نه طبيب. (پھاڪو)
    هڪڙي ڪُڙميءَ کي، جهنگ جي ڀَر ۾، ٻَنيءَ جو ٽڪرو هو، جتي سندس گهر به هو. هڪڙي لومڙي، روزانو رات جو اچي، ان ڪڙميءَ جون ڪڪڙيون چورائي ويندي هئي. ڪڙمي ويچارو، ڪافي ڪوشش ڪندو هو، پر هوءَ هٿ ئي نه ايندي هئس.
    هڪڙيءَ رات، لومڙيءَ کي ڪنهن ڦند سان ڦاسايائين. کيس، مٿس ڏاڍا خار هئا، تنهنڪري سخت سزا ڏيڻ جي خيال کان، سندس پُڇ کي اڳڙين موئو ويڙهي، کڻي باهه ڏنائين.
    لومڙيءَ جي پڇ کي جو تَئو آيو، سو ڪڙميءَ جي ٻَنيءَ مان، ڊوڙندي ڀڄندي ويئي. نتيجو اِهو نڪتو، جو ڪڙميءَ جي پڪل ڪڻڪ جو سارو فصل، سَڙي خاڪ ٿي ويو. گهڻو ئي پٽيائين ڪٽيائين، پر ڏوهه ڪنهن کي ڪين ڏئي سگھيو.
    ”پنهنجي ڪَئِيءَ جو؛ نه ويڄ، نه طبيب!“
    مطلب: ۱. هٿ جي ڦَٽِي؛ نه دارُو، نه پَٽي. (۵) ص ۴۳

    64. پهرين پاڻ عمل ڪجي،
    پوءِ ٻين کي نصيحت ڪجي. (چوڻي)
    هڪڙي ملان، جمعي جي خطبي کان اڳ پُر اثر واعظ ڪندي، ماڻهن کي تلقين ڪئي؛ ”راھ خدا ۾ خرچ ڪرڻ واري کي، ڏھ دنيا ۽ ستر آخرت ۾ ملندا. هن دنيا ۾ هڪڙو رپيو ڏبو ته ڏھ دنيا ۾ ۽ ستر آخرت ۾ موٽي ملندا. ڀت جو ھڪڙو ديڳڙو رڌي معصومن کي کارائبو ته ڏهوڻ تي ھن دنيا ۾ ۽ سترھوڻ تي آخرت ۾ نفعو حاصل ٿيندو.“
    جمعي نماز بعد، پاڙي مان ڀت جو هڪڙو ديڳڙو ڀرجي آيو. ساري جماعت ۾ ورهائجڻ بعد، ملان ڀت آڻيندڙ کان پڇيو؛ ”بابا هيءَ خيرات ڪهڙي نيڪ بخت ڪئي آهي؟“
    ”سائين!“ ڀت جو ديڳڙو آڻيندڙ ٻڌايس؛ ”اوهان جي پنهنجي گهران آيو آهي!“ پنهنجي گهر جو نالو ٻڌندي ئي، ملان جا تيور چڙهي ويا. ڀت ئي هيانءَ تي چڙهي پيس. يڪدم گهر ڏانهن ڀڳو.
    ”ڀت جو ديڳڙو، تو رڌي مسيت ۾ موڪليو ھو ڇا!؟“ گهڙندي شرط، گھر واريءَ کان اپڪائي پڇيائين.
    ”هائو! ڇو؟!“
    ”تو ته حاطم طائيءَ جي قبر کي به لت هڻي ڇڏي. اسان وٽ آهي ڇا جو خيراتون ڪيون. صبح جو پنون، شام جو کائون!“ ملان، ڏاڪا ٻڌندي چڙهت ڪندي چيس.
    ”پوءِ مئا! نصيحت ڇا لاءِ پئي ڪيئي؟!“
    ”نصيحت، پاڙيوارن کي ڪبي آهي!“ ملان وضاحت ڪندي چيس؛ ”تن کي پئي ڪيم، تو کي ته ڪو نه پئي نصيحت ڪيم.“
    مطلب: ۱. هر ڪو مطلب آهر، ٻين کي نصيحت ڪندو آهي. (۲۰)

    65. پئنچا نال، ايڪا دشي. (چوڻي)
    ڪڏھن ڪڏھن ڏھس ۽ گيارس گڏ ٿي پوندا آھن يا وري گيارس ۽ ٻارس پاڻ ۾ گڏجي پوندا آھن. اڻھين ائين ٿيندو به آهي.
    هڪ لڱا ٻه تٿيون اچي اهڙيءَ طرح گڏيون سو ڪي مصر چون ته؛ ”گيارس اڄ آهي.“ ۽ ڪي چون ته؛ ”سڀاڻي آهي.“
    ڳوٺ جي ماڻھن، مکيءَ کان پڇيو ته؛ ”ايڪا ڏشي ڪڏهن ٿا واريو، اڄ يا سڀان؟“
    مکيءَ چار پئنچ ميڙي گڏ ڪيا ۽ سڀني گڏجي ٺھراءُ ڪيو ته؛ ”گيارس اڄ آهي“.
    اهو ٺھراءُ ٻڌي، سڀني ماڻھن انھيءَ ڏينھن ايڪا ڏشيءَ جو ورت رکيو. جو سڀني گڏجي ائين چيو؛ ”جيئن چار چڱا ڪن، تيئن پاڻ به ڪجي.“
    ڀيٽيو: ۱. جا ساڌن جي، سا پئنچن جي.
    ۲. پانج پئنچ مل ڪي ڪيجي ڪام، هار جيت آوي نهين لاج.
    ۳. مرگ انبوه، جشن دارد. (فارسي)
    ۴. ھاريو به هر سان ڀلو. (۲) ص ۲۶

    66. پئنچن ۾ پرميشور آهي. (چوڻي)
    ڪنھن مُکيءَ جي پٽ کي، ھڪ ڏينھن دل ۾ آيو؛ ”بابي سائينءَ کي قاعدي قانون جي سڌ آھي ڪا نه، پوءِ ڳوٺاڻن جا فيصلا ڪيئن ٿو پوريءَ طرح نبيري سگهي؟!“ اھو سوچي وڃي، ڪنھن سنگتيءَ جي گهر رات رهيو. سندس سنگتيءَ کي ٻه زالون هيون. هڪڙيءَ مان پٽ هوس ۽ ٻيءَ مان ڪو ٻار ٻچو ڪو نه هوس. انھيءَ رات، اهڙو ڪو ڪارڻ ٿيو جو ٻار جي روئڻ سبب، ماءُ خفي ٿي. ٻار کي خار مان کڻي گهٽو ڏنائين، جو ٻار مري پيو.
    ماءُ کي پوءِ خيال ٿيو؛ ”مڙسم جا هن ۾ پران سو مون سان جُٺ ڪندو.“ تنھن کان ڇا ڪيائين جو مئل پٽ، پھاڄ جي ويجهو ڇڏي، پاڻ وڃي سمھي پيئي.
    مکيءَ جي پٽ، سارو رنگ ڏٺو. تنھن دل ۾ چيو؛ ”هاڻ پاڻيھي بابي سائين جي خبر پوندي. ڏسان هن ڳالهه جو فيصلو ڪيئن ٿو ڪري.“
    صبح ٿيو ته ڇوڪري جي ماءُ، هوءِ هوءِ مچائي ۽ پھاڄ کي پٽڻ لڳي. مڙس هي حادثو ڏسي جلي ويو ۽ پنھنجي ٻيءَ زال کي چوٽيءَ کان گھليندو پئنچات ۾ وٺي ويو. پئنچات ۾ مکيءَ کي وڃي چيائين؛ ”هن ڏائڻ منھنجو سڪيلڌو پٽ ماريو آهي، تنھنڪري پئنچات جيسين هن جي کل، بُھه سان ڀرائي درياهه ۾ نه لوڙهائيندي، تيسين منھنجي اندر کي ٺار نه پوندو.“
    مکيءَ جو پٽ به پئنچات ۾ ويو هو، سو دل ۾ پيو چوي؛ ”اڄ خبر پوندي ته بابو سائين ۽ پئنچ صحيح فيصلو ڪيئن ٿا ڪن.“
    مکيءَ ۽ پئنچن، پاڻ ۾ صلاح ڪري، ٻار جي پيءُ کي چيو؛ ”پنھنجي ٻيءَ زال کي به گهراءِ.“
    جڏهن ڇوڪري جي ماءُ آئي، تڏهن مکيءَ پڇيو؛ ”تنھنجي پھاڄ، برابر تنھنجو پٽ ماريو آهي؟“
    زال چيو؛ ”هائو.“
    مکيءَ پوءِ هن تھمتڻ کي پاسيرو وٺي چيو؛ ”تو تي خون جي تھمت پوري پوري آهي پر جي تون رڳو پنھنجي ٽنگ ٿوري اگهاڙي ڪرين ته تو کي ڇڏي ڏيان.“
    زال وراڻي ڏنيس؛ ”مون کي موت قبول آهي، پر آ اهڙو ڪڌو ڪم نه ڪنديس.“
    مکيءَ، پوءِ ٻار جي اصلي ماءُ کي پاسيرو وٺي چيو؛ ”تنھنجي پھاڄ ڏوهه نٿي قبولي پر جي تون پنھنجي ٽنگ ٿوري اگهاڙي ڪرين ته تنھنجي ڳالهه تي اعتبار ڪندي، تنھنجي پھاڄ کي سزا ڏيان.“
    زال چيو؛ ”ائين ڪرڻ کان لڄ ٿي اچي، پر جڏهن توهان جي اهڙي مرضي آهي تڏهن مون کي ائين ڪرڻ کان عار ڪونھي.“
    مکيءَ پوءِ سڀني پئنچن سان اها ڳالهه ڪئي، جنھن تي پئنچن فيصلو ڏيندي چيو؛ ”هن نر-لڄيءَ، پنھنجو پٽ پاڻ ماريو آهي. سزا کيس ملڻ گهرجي.“
    ”پئنچن ۾ پرميشر آهي.“ اھو فيصلو ٻڌي، مکيءَ جي پٽ چيو؛ ”نه ته ههڙا معاملا، ھوند نبيري نه سگهن!“
    ڀيٽيو: ۱. پئنچ جھان، پرميشر وھان.
    ۲. پئنچه مکه پرميشر.
    ۳. زبان خلق، قپان خدا.
    ۴. بجا ڪھي جسي عالم، اسي بجا سمجهو، آوازِ خلق ڪو، نقاره خدا سمجهو. (۲) ص ۲۷

    67. پيادي مان هسوار، هسوار مان پيادو؛ خدا ٿو ڪري. (چوڻي)
    هڪڙو بادشاھ، گهوڙي تي سوار ٿي ڪيڏانهن ويو پئي، ته رستي ۾ هڪڙو درويش گڏيس. سليڪ عليڪ کان پوءِ درويش کان پڇيائين؛ ”ماڻهو ٿا چون؛ ڌڻيءَ جا عجيب کيل آهن، تنهنڪري مان ڏسڻ ٿو چاهيان ته اهي کيل ڪيئن آهن.“
    درويش چيس؛ ”ڌڻي هيٺ وارن کي مٿي ۽ مٿي وارن کي هيٺ ڪري سگهندو آهي!“
    ”اهو ڪئين؟“ بادشاھ اچرج مان پڇيس.
    ”اهو هيئن“ درويش، بادشاھ کي چيو؛ ”مان ٿو تو کي ڏيکاريان!“
    ”ها ڏيکار!“ بادشاھ چيس.
    ”گهڙيءَ سوا لاءِ گهوڙي تان لھ!“ درويش چيس؛ ”گهوڙي جي واڳ مون کي ڏي ته مان ٿو ڏيکاريانءِ!“
    بادشاھ گهوڙي تان لٿو. درويش گهوڙي تي چڙهيو. گهوڙي کي اڙي هڻي هڪليائين ۽ بادشاھ کي چيائين؛ ”آهي نه ڌڻيءَ جو کيل عجيب! تون هيٺ، مان مٿي! تون پيادو، مان سوار“.
    مطلب:۱. دنيا اندر ڪس-پڪايون، رب طرفان اچن ٿيون.
    ۲. دنيا جو معاملو، ھر ڪنهن سان هڪجهڙو نٿو رهي.
    ۳. فاني جھان اندر، هڪڙا سڃن مان ساوا، ٻيا ساون مان سڃا ٿا ٿين. (۲) ص ۲۸


    [ ج ]

    68. جاتي کير تاتي کنڊ، جاتي جهڻ تاتي لوڻ. (چوڻي)
    هڪڙي حڪيم کي پنهنجي ڳوٺ ۾ گهڻو روزگار نه ٿي لڳو، تنهنڪري پنهنجو ڳوٺ ڇڏيائين ۽ ٻين ڳوٺن ڏانهن واجهائڻ شروع ڪيائين؛ جتي گهڻا مريض لڳنس.
    منزلون هڻندو، ڳوٺ ڀيٽيندو، آخر هڪ اهڙي ڳوٺ ۾ آيو جتي ڏٺائين ته جيڪو تيڪو ڳوٺاڻو وتي ٿو جهڻ پيئندو.
    حڪيم دل ۾ چيو؛ ”هتي ضرور ماڻهو بيمار ٿيندا هوندا، ڇو جو جهڻ پيئڻ جي ڪري ڪنهن کي ليس، ڪنهن کي تپ، ته ڪنهن کي کنگھ يا ٻي بيماري ضرور لڳندي هوندي.“
    ٻه چار ڏيهاڙا ترسيو پر وٽس ستيءَ ڦڪيءَ يا دوا درمل لاءِ ڪير به نه آيو. آخر عجب ۾ پئجي هڪڙي رهواسيءَ کان سبب پڇيائين؛ ”ڇا سبب آهي جو هتان جا ماڻهو پيئن جهڻ ٿا ۽ رهن صحتمند ٿا. بيمار ئي نه ٿا ٿين؟“
    ان همراھ ٻڌايس؛ ”جيئن کير ۾ کنڊ ملائڻ سٺي ڳالھ آهي، تيئن جهڻ ۾ لوڻ وجهڻ به صحت لاءِ فائديمند آهي. انهيءَ ڪري هتان جا ماڻهو ائين ڪندا آهن ۽ بيمار نه ٿيندا آهن!“
    فائدو: ۱. لسيءَ ۾ لوڻ ۽ کير ۾ کنڊ ملائي پيئڻ، صحت لاءِ ڀلا آهن.
    ۲. هڪڙي شيءِ لاءِ، ٻي شيءِ لازمي آهي. (۲) ص ۲۹

    69. جاسين دنيا جي ڌنڌن کان پاڻ نه ڇڏائبو،
    تاسين ڌڻيءَ جي ملڻ جي اُميد نه رهندي. (چوڻي)
    راجا، هڪڙي ڪامل جي خدمت ۾ ڌڻيءَ-ملڻ جي واٽ ڏيکارڻ لاءِ وينتي ڪئي. اُن مراد حاصل ڪرڻ لاءِ، فقير کي پنهنجي بنگلي ۾ آڻي ٽڪايائين. هڪڙيءَ رات فقير بنگلي جي کڏ تي چڙهي، هيڏي هوڏي ٿي نهاريو؛ تنهن تي راجا کانئس پڇيو؛ ”فقير سائين! ڇا لاءِ واجھايو پيا؟ ڇا کي ٿا ڳوليو پيا؟“
    فقير ورندي ڏنس؛ ”اُٺ وڃايو اٿم. سو ٿو ڳوليان.“
    راجا چيس؛ ”ويل اُٺ به ڪڏهن کڏ تي ڳولبو يا لھبو آھي ڇا؟“
    فقير چيو؛ ”تڏهن ڌڻيءَ-ملڻ جي واٽ، راڄ جي تخت تي ڪيئن ڳولجي؟“
    مطلب: ۱. ٻئي هاجون، گڏ هٿ نه اينديون.
    ۲. ٻه گدرا، ھڪ مٺ ۾ ڪو نه ماپندا.

    70. جاسين لُولو لٺ کڻي، تاسين ڪرھ اجهاميو وڃي. (پھاڪو)
    لُولو؛ جنھن جون ٻانھون ڪم نه ڪن، ٻانھن کان معذور.
    هڪڙي لولي جي ڀاءُ سان، ڪن همراهن جهيڙو ڪيو. هڪڙي پاڙيواري ڊوڙندي اچي، لولي کي ٻڌايو؛ ”ڀاڻين سان ماڻهن جهيڙو ڪيو آهي. ڊوڙي هلي ڪا ڀاءُ جي واهر ڪر!“
    لولو يڪدم جذباتي ٿي ويو. لٺ ڳولهڻ لاءِ ڏاڍو تٿان پٿان ٿيو، پر ايڏي گيسر ٿي ويس جو لٺ هٿ ئي نه پئي آيس. گهڻيءَ دير کان پوءِ، ماڻهن جي طعنن جي ڀؤ سبب، لٺ هٿ آيس. جڏهن لٺ کڻي، گھليندو جهيڙي واري جاءِ تي پهتو، ته اڳلا همراهه، ڀاڻس کي ڪڏھوڪو مار موچڙو ڪري، وڃي به چڪا هيا.
    ۲
    لَلُوءَ جي ڀاءُ سان هڪڙي ماڻهوءَ جهيڙو ڪيو. اها ڳالهه ٻڌي لَلُو اُٿيو ۽ ڀاءُ جي واهر لاءِ لٺ کڻي هليو. آرس-مرندي، لٺ ڳولڻ ۾ ايتري ويرم لڳائي، جو ايتري وقت ۾ اڳلو شخص، ڀاڻس کي مار ڏيئي، ويندو رهيو.
    مطلب: ۱. آرسي/بي ھمت/معذور ماڻهو، جهيڙو به نه ڪري سگھندو آهي.
    ۲. ڊڄڻن کان، همٿ وارا ڪم ڪين ٿيندا.
    ۳. جاسين لَلُو کڻي لٺ، تاسين ڪرھ وساڻي. (هندي)
    ۴. جيسين لُولو کڻي لٺ، تيسين چور ڪري ٺٺ. (۳) ص ۴۹، (۵) ص ۵۶ ۽ (۲۱)

    71. جِت پڄڻ نه پهت، اُت ڀڄڻ ڪم وريام جو. (چوڻي)
    هڪڙي گدڙ پني-ٽڪر لڌو، جيڪو ٻين گدڙن کي ڏيکاري چوڻ لڳو؛ ”ڀر واري ڳوٺ ۾ هڪ وڏي ڍنڍ آهي. منجھس تمام گهڻيون مڇيون آهن. تن جو شڪار، هر ڪو نه ٿو ڪري سگهي، سواءِ ان جي جنهن وٽ اجازت-نامو هجي. مون کي سرڪار کان، ڍنڍ جي مڇين جي شڪار واسطي، اجازت مليل آهي. اچو ته گڏجي شڪار ڪيون.“
    سنگتي ساڻ ڪري، اچي ڍنڍ تي پهتو. شڪار ڪرڻ شروع ئي ڪيائون جو ڍنڍ جي مالڪ کي خبر پئجي وئي، تنھن پنهنجا شڪاري ڪتا مٿن ڇوڙي ڇڏيا. ڪتن تي نظر پوندي ئي، پني-ٽڪر وارو گدڙ، پڇ پائي ڀڳو. ٻين گدڙن ڏسي چيس؛ ”ترس! اجازت-نامو تو وٽ آهي. اھو ڏيکارين! ڊڄين ڇو ٿو؟“
    ”ڀڄي جان ڇڏايو، اڻ پڙهيل آھن، جن مان سرڪار به بيزار آهي. اسان ڪٿان پڄي سگهنداسين؟“ بنا لؤڻو ورائڻ جي چيائين؛ ”جت پڄڻ نه پھت، ات ڀڄڻ ڪم وريام جو.“
    مطلب: ۱. ڏاڍي سان سينو ساھڻ بجاءِ، پاسو ڪري وڃڻ ۾ عافيت آهي.
    ۲. جت پڄي نه سگهجي، ات ڀڄي جان بچائڻ به وريامن جو ڪم آهي.

    72. جتي انصاف نه هوندو، اتي ويراني هوندي. (چوڻي)
    هڪڙو طوطو ۽ طوطي، پاڻ ۾ زال مڙس هئا. هڪڙيءَ جُوءَ مان چري، مزا ماڻي، ڪَڪ ٿي پيا. پاڻ ۾ صلاح ڪيائون؛ ”خدا جي زمين وڏي وسيع آهي! ڇو نه ان جو سير ڪجي.“
    اها صلاح بيهاري، وٺي اڏاڻا. هڪ ويران ۽ ڦٽل ملڪ ۾ اچي لٿا. جتي جيڏانهن اک وتائي ڏس ته رڳو ويراني، بربادي ۽ تباهي. نه وڻ سائو ۽ نه ئي منجھس ڪنھن بني بشر جو واسو. پريشانيءَ وارو اھو منظر ڏسي، ڏاڍو گهٻرائجي ويا. ايتري ۾ هڪڙو چٻرو نظر آين، جنهن سندن مهماني جهلي.
    ٻئي زال مڙس، جڏهن چٻري جي دعوت ۾ پهتا ته مزيدار دعوت کائڻ کان پوءِ الوءَ، چتونءَ جي زال روڪي ڇڏي ۽ دعويٰ ڪري بيهي رهيو؛ ”طوطي منهنجي ئي زال آهي.“ چتونءَ ويچاري وڏي ڌاڙ گهوڙا ڪئي ته کيس چيائين؛ ”ڀلي وڃي فرياد ڪر! جيڪڏهن ڪورٽ تو کي ڏياري ته پوءِ، طوطي تنهنجي زال ٿي، نه ته منهنجي آهي.“
    ويران نگر جي ڪورٽ، فيصلو چٻري جي حق ۾ ڏنو. چتونءَ جون متيون ئي منجهي ويون. بي وسيءَ جي حالت ۾، پنهنجي وطن ورڻ لاءِ پر پکيڙيائين پئي ته الوءَ چيس؛ ”پنهنجي زال به ساڻ وٺي وڃ. آئنده وري ھھڙي سڃ ۾ نه اچجانءِ!“ انهيءَ تي طوطو اڃا حيران ٿيو.
    ”هتي انصاف هجي ها ته ويراني نه هجي ها!“ الوءَ، طوطي جي گهٻراهٽ سمجهندي چيو؛ ”جتي انصاف نه هوندو، اتي ويراني هوندي.“ (۲۲) ص ۵
    مطلب؛ ۱. انڌير نگري، چٽ ئي ٿي ويندي آھي.

    73. جر نئيس، جيڏي نه نئيس. (پھاڪو)
    هڪڙيءَ عورت، درياءَ جي ڀر تان مڇيءَ جو ڏنڀرو لڌو. انھيءَ اپرانڌ، سندس ھڪ جيڏي سرتي پڻ اچي اتي پھتي. تنهن وري رڙ ڪري چيس؛ ”اھو ڏنڀرو منھنجو آھي.“
    ”متان ھلي اڳتي وڏو جھيڙو ٿئي.“ پھرين عورت، ڏنڀرو دريا ۾ اُڇلائيندي چيس؛ ”جر نئيس، جيڏي نه نئيس.“
    مطلب: ۱. تڪراري ماڻھو، ٻڏو سھي، ڏنو نه سھي.
    ۲. اڻ سھو ماڻھو؛ مئي سھائي، ڏني نه سھائي.

    74. جڳ مڙيو ئي بازيگر جي بازي. (چوڻي)
    هڪڙي بازيگر وٽ، رڇ ۽ ڀولڙو هئا. بازي وجهڻ بعد، خيرات ورتائين پئي جو هڪڙو فقير آيو، جنهن چيس؛ ”مون کي بازي ڏيکار!“
    بازيگر، کيس بازي ڏيکارڻ کان پوءِ چيو؛ ”تنهنجي دل راضي ڪيم! هاڻي منهنجي دل به راضي ڪر!“
    انهيءَ تي فقير، بازيگر کي سوپاري ڏيندي چيو؛ ”هيءَ وڃي، درياءَ کي ڏي ۽ چئينس ته منهنجي دل راضي ڪر!“
    بازيگر، سوپاري وٺي روانو ٿيو. درياءَ وٽ پهچي، رڇ ۽ ڀولڙو وڻ سان ٻڌي، سوپاري درياءَ ۾ اڇلائيندي چيائينس؛ ”منهنجي دل راضي ڪر!“
    درياءَ مان هڪ راڻي نڪري آئي. جنهن چيس؛ ”مان تنهنجي دل راضي ڪرڻ لاءِ آئي آهيان.“
    راڻيءَ بازيگر کي وڳا ڍڪائي، بادشاه بنايو. پنهنجو شهر ٻڌائي ويهي رهيا. اتي ٻئي ملڪ جو امير آيو، تنهن پڻ پنهنجي ڌيءُ کيس زال ڪري ڏني. بازيگر جي دل، ننڍيءَ زال سان ٿي وئي. هڪ دفعي ننڍيءَ زال جي چوڻ تي، وڏيءَ زال کي درياءَ تي ڇڏي آيو.
    اتي راڻيءَ چيس؛ ”مان وڃان؟“
    ”وڃ!“ بازيگر چيس.
    راڻيءَ ٽي ڀيرا پڇيس ۽ بازيگر ٽئي دفعا کيس چيو؛ ”وڃ.“
    راڻي هلي وئي.
    بازيگر، درياءَ مان ٽٻي ڏئي نڪتو ته اهو ساڳيو بازيگر جو بازيگر. رڇ ۽ ڀولڙو سامهون وڻ سان ٻڌا بيٺا هيا. سڀ ڪجھ هليو ويو. سامهون فقير بيٺو هيو.
    ”هيءُ ڇا ڪيئي؟“ بازيگر، فقير کان پڇيو.
    ”تو به ڏيکاري بازي، مان به ڏيکاري بازي.“ فقير وراڻيس.
    مطلب: ۱. جڳ مڙيو ئي، سپنو.
    ۲. جڳ مڙيو جوئا بازي؛ ڪن کٽي، ڪن ھاري. (۲۳) ص ۱۲۵

    75. جنهن جو استاد ناهي، تنهن جو بنياد ناهي. (چوڻي)
    هڪڙو شخص، هڪڙي بادشاهه جي ڪچھريءَ ۾ اجازت وٺي، هڪڙو ڪمال پيش ڪرڻ لاءِ حاضر ٿيو. ڪمال پيش ڪندي، ھڪڙو ڪَـپُ (چاقو) کولي مٿي اڇليائين. جڏهن اهو مٿان موٽيو، ته بجاءِ هٿن جي وات سان جهٽيائين. سڄيءَ ڪچھريءَ ۾ واه واه ٿي وئي.
    وزير کان رهيو نه ٿيو. ڪمال پيش ڪندڙ کان پڇائين؛ ”انھيءَ ڪمال پيش ڪرڻ ۾ تنھنجو استاد آهي يا نه؟“
    ”انھيءَ ڪمال تي رسڻ ۾ منھنجو ڪو به استاد ڪونھي.“ ڪمال پيش ڪندڙ ٻڌايس.
    وزير ساڳيو سوال ٽي دفعا پڇيو ۽ هُن به ٽئي دفعا، ساڳيو جواب ڏنو.
    ”چڱو اهو ڪرتب وري ڏيکار ۽ ساڳئي نموني ڪَپُ وات سان جهٽي ڏيکار!“ وزير جرح ڪندي چيس.
    جنھن تي هُن وري ڪرتب پيش ڪيو. هن دفعي موٽندڙ ڪپ، سندس چپن تي لڳو ۽ رتورت ٿي ويو.
    ”هاڻي ٻڌاءِ!“ وزير وچ ۾ ٽپو ڏيندي چيس؛ ”تنھنجو استاد ڪھڙو آهي!؟“
    ”آءٌ ميربحر آهيان، مڇين ماريندي، درياهه تي هڪڙو پکي ڏٺم، جيڪو پاڻيءَ مٿان اُڏيو پئي ۽ بُل کائيندڙ مڇين کي جهٽي قُوت پئي ڪيائين. سندس اها جهٽڻ واري چال ڏسي، مون کي به اڏامندڙ/ هلندڙ شيءِ وات سان جهٽڻ جو شوق ٿيو. پھرين ڪاٺي، پوءِ ٻي ڪا هلڪي شيءِ ۽ آخر هيءُ تيز ڌار وارو آلو به جهٽڻ ۾ ماهر ٿي ويس.“
    ”پوءِ مڃ نه ته، اهو پکي ئي تنھنجو استاد آهي.“ وزير ٽوڪيندي چيس؛ ”جنھن جو استاد ناهي، تنھن جو بنياد ناهي.“
    اڃا به ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي وزير نصيحت ڪيس؛ ”جيڪڏهن پکيءَ کي استاد مڃين ها ته پوءِ هيءَ خطا تو کان نه ٿئي ها. ڪنھن جو ذري جو احسان، سيکارڻ جي معاملي ۾، نه وساربو آهي.“
    مطلب: ۱. استاد وٺجي ته سندس ادب به ڪجي.
    ۲. بي استاد، بي بنياد.
    ۳. بي پيرو، بڇڙو.
    ۴. بي پيرو، بينشيرو. (۱۴)

    76. جنهن جو بد بنياد، تنهنجو ميوو مٺو نه ٿئي. (پھاڪو)
    هڪڙي بادشاه کي هڪڙي سفر ۾، اَڪ جو ٻوٽو جهنگ ۾ نظر آيو. انبن جهڙا اڪ-ٽٽڙا ڏسي کائڻ لاءِ پٽايائين. اڪ-ٽٽڙو ڀڳائون ته اندران تاندورا نڪتا، تنهنڪري بادشاه سلامت حڪم ڪيو؛ ”انهيءَ ٻوٽي جو ٻج کڻي هلو ۽ ڀليءَ زمين اندر، ڪمند جي پاڻيءَ سان ريج ڏئي پوکيو.“
    حڪم جي تعميل ٿي وئي.
    سال کان پوءِ، اڪ ۾ ڦر لڳو. پهريون ڦر، بادشاه سلامت آڏو پيش ڪيو ويو. جڏهن ان کي ڀڳائون ته ان مان ساڳيا ڪسارا تاندورا نڪتا، جيڪي ڏسي وزير چيو؛ ”جنهن جو بد بنياد، تنهنجو ميوو مٺو نه ٿئي!“
    مطلب: ۱. نيچ/بد ذات ماڻهوءَ مان، ڪڏهن به چڱائي نه ٿيندي. (۵) ص ۵۳

    77. جنهن جو ڪرم ڦٽي، تنهن جو هر ڪم ڦِٽي. (چوڻي)
    هڪڙو اڃايل ٿري، ورت ۽ ڪوس کڻي، پاڻي ڀرڻ لاءِ هڪڙي کوھ تي آيو. هيٺ ڏٺائين ته کوھ ۾ پاڻي ته سُڪي ويو هو.
    ڊوڙندو ٻئي کوھ تي پهتو ته اتي به ساڳيو ئي حال هئو. پاڻي سڪي نه ويو هيو ته لهي ضرور ويو هيو. ڪوس ڀرڻ لاءِ، ورت وڌائين ته ورت کٽي پيو. پاڻيءَ تائين ڪوس نه پهتو.
    اتان بيوس ٿي ٽئين کوھ تي ڊوڙندو پهتو. جيئن ئي کوھ ۾ ورت وڌائين، ته هٿ مان ڇڏائي ويس ۽ پاڻيءَ ۾ وڃي ڌُوڙيو ڪيائين.
    مطلب: ۱. نڀاڳو ماڻهو جاتي ويندو تاتي سک ڪين لهندو.
    ۲. جاڏي وڃي واگهو، تاڏي پاڻي تانگهو. (۳) ص ۶۶

    78. جنهن جو ڪم، سو ئي ڪري،
    ٻيو ڪري، تاوڻ ڀري. (پهاڪو)
    هڪڙي ڄٽ جي ترار کي وَرُ پئجي ويو. وهائڻ کڻڻ ۾ اهنجي پئي لڳس. مجبوراً وَرَ ڪڍائڻ لاءِ لوهر وٽ کڻي ويو. لوهر ترار کي نڪ جي سِڌ ۾ وجهي جاچيو ته ٿورو ڏِنگ هيس. ٽيڙُ لاهڻ لاءِ، لوهر کانئس پورھئي طور آڌي گهري.
    پورهيو طئي ڪري، لوهر ترار نڪ سامهون آڻي، وَر تي نگاه رَکي آڱرين جي چپئيءَ سان ترار کي وَرَ وٽ مروڙ ڏنو ته سڌي ٿي وئي ۽ وَرُ نڪري ويس.
    اهو هال ڏسي، ڄٽ کي ڏاڍو ارمان ٿيو. دل ۾ چيائين؛ ”ترار جو پيل وَرُ لهڻ تمام آسان آهي. خوامخواه آڌي ڀريم.“
    ٿورن ڏينهن پڄاڻان وري سندس ترار ۾ وَرُ پئجي ويو. لوهر ڏي کڻي وڃڻ واري خفي ۽ خرچ کان ڪيٻائيندي، پاڻ ئي ترار جو وَرُ سڌو ڪرڻ لڳو. اڻ ڄاڻائيءَ کان ترار نڪ سامهون آڻي، مٿس اهڙو زور ڏنائين جو بجاءِ وَرُ لهڻ جي، ترار سندس نڪ تي وھي وئي ۽ نڪ وڍجي پيس.
    مطلب: ۱. آزمودي ۽ سکيا کان پوءِ ئي ڪو ڪم ڪرڻ گهرجي.
    ۲. جنهن جو استاد ناهي، تنهنجو بنياد ناهي.

    79. جنهن سان پڄي نه سگهجي، تنهن سان نمي هلجي. (چوڻي)
    درياءَ جي ڪپ تي نِم جو ، هڪڙو وڏو وڻ بيٺل ھيو. وڏو طوفان لڳو ته پاڙان پٽجي ويو ۽ درياھ جي وھڪري ۾ لڙهي لهوارو ٿي ويو. سندس ڏارَ هڪڙي سر جي ڪاني وٽان لنگهيا ته ڪاني کي ڏسي حيرت ۾ اچي ويا.
    نم، سر جي ٻوڙي/ ڪاني کان، اچرج ۾ پڇيو؛ ”جنهن طوفان ۾ مون جهڙا وڏا وڻ، پاڙئون پٽجي ويا، تنهن کان تون ڪيئن بچي وئين؟“
    ”ٻيلي! اسان ٻنهي ۾ زمين آسمان وارو فرق آهي.“ سَرَ جي ٻوڙي وضاحت ڪندي ٻڌايس؛ ”جڏهن واءُ ايندو آهي ته آ نمي بيهندو آهيان، ڇو جو اسان هِيڻن جي ڏاڍي اڳيان هلندي ناهي. ان جي اُبتڙ، تون پنهنجي زور تي ڀروسو رکي، آڪڙيو بيٺو هوندو آهين. اهو تنهنجي آڏ وڏائيءَ جو نتيجو آهي جو اڄ پاڙئون پٽجي ويو آهين.“
    مطلب: ۱. جتي پڄڻ نه آهي جاءِ، اتي ڀڄڻ ڪم وريام جو.
    ۲. جيسين دشمن جو هٿ چيڀاٽي/چٻاڙي نه سگهين، تيسين چُمندو رھ.

    80. جنهن وڻ هيٺان آرام وٺجي، ان جو به خير گهرجي. (چوڻي)
    هڪڙو هرڻ، جهنگ ۾ پئي گهميو ته اوچتو سندس نظر شڪارين تي وڃي پيئي. اھي وري کيس تاڙيون، سندس پويان لڳا پئي آيا. ساھ تي آيس ته ڊپ کان وٺي ڀڳو. پريان ڊاک جون ٽاريون نظر آيس، جن ۾ وڃي لِڪو. ڊاک جون ٽاريون هيون گهاٽيون، تنهنڪري شڪاري کيس ڏسي نه سگهيا ۽ ڀلجي اڳتي هليا ويا. تڏهن ڊپ لهي ويس ۽ مزي سان بيهي، ڊاک جون ٽاريون ۽ پَن چَرڻ لڳو.
    شڪارين جي ڪَن تي جڏهن پنن ۽ ٽارين جي کڙڪڻ جو آواز پيو، تڏهن پڪ ٿين ته هرڻ اِتي لڪل آهي، سو تڪڙو پٺتي موٽيا ۽ بندوق هڻي، هرڻ کي ماري وڌائون.
    ”افسوس! جن پنن ۽ ٽارين مون کي پناھ ڏني، انهن کي ئي نقصان پهچايم. انهيءَ بي انصافيءَ جي سزا ملي اٿم.“ ساھ ڇڏڻ وقت، هرڻ دانهن ڪندي چيو؛ ”جنهن وڻ هيٺان آرام وٺجي، ان جو به خير گھرجي.“
    مطلب: ۱. احسان فراموش ھرگز نه ٿجي.
    ۲. جنھن وڻ جي ڇانءَ استعمال ڪجي، ان کي وڍڻ نه گھرجي.

    81. جنهين جي هيڪار، ڪيائين ڪوڙي ٿي،
    تنهين تي ٻيهار، سچيءَ ساک نه وسهان. (چوڻي)
    جعفر نالي هڪڙو ڳنوار ڇوڪرو، جهنگ ۾ ڳئون ۽ مينھون چاريندو ھيو. ھڪ ڏينھن، بيک ڪري، دانھون ڪيائين؛ ”شينهن ڙي شينهن!“
    تنهن تي پاسي اوسي وارا هاري ناري ڊوڙندا آيا، جو متان شينھن سندس ڍور ماري ناس ڪري ڇڏي. جڏهن ماڻھو پھتا ته ڦڪي کل کلي کين چوڻ لڳو؛ ”مون ته اوھان کي آزمايو پئي.“ جنھن تي آيل ماڻھو، مايوس ٿي موٽي ويا.
    هڪڙي ڏهاڙي سچ پچ شينهن اچي ڍورن ۾ پيس. تڏهن دانهون ڪوڪون ڪري ٿڪو، پر ماڻهن ڪوڙ ئي سمجھيو ۽ اڳي وانگر موٽ نه ڏنائونس.
    جڏھن ڪا واھر نه پھتس ته اڪيلي سر شينھن سان پاڻ به پڄي نه سگھيو. نتيجي طور شينھن کوڙ سارا ڍور ماري ڇڏيس.
    ۲
    هڪ ڪوڙو ريڍار رکي رکي بي سبب دانهن ڪندو هو؛ ”بگهڙ ڙي بگهڙ!“ ماڻهو ريڍار ۽ رڍن کي ڇڏائڻ لاءِ ڏانهنس ڊوڙندا هئا، پر ريڍار کلندو هو ۽ هو ڄاڻندا هئا ته ڪوڙ ڳالهايو اٿس.
    اتفاق سان هڪ ڏينهن بگهڙ، ڌڻ تي هلان ڪئي. ريڍار دانهن ڪئي. ماڻهن ڀانيو ته وري به ڪوڙ ٿو ڳالهائي. ڪو به سندس همراهيءَ لاءِ نه ويو. ريڍار اڪيلو هيو، جنھن تي بگهڙ کيس چيري ڦاڙي ڇڏيو.
    مطلب: ۱. ڪوڙ ڳالهائيندڙ ماڻهو، بي اعتبار رهندو آھي.

    82. جنين ادب، تنين عجب. (چوڻي)
    ڦلوءَ نالي هڪ بي روزگار نينگر هيو، جنهن کي ماءُ دڙڪو ڏيندي چيو؛ ”نڪما! سڀاڻي جي ڪم تي نه ويندين ته گهرئون ڪڍي ڇڏينديسانءِ!“
    ڦلو ماءُ جي دڙڪي سبب، ٻئي ڏينهن اسر ڏئي اٿيو ۽ وڃي ڪنهن ٻنيءَ ۾ محنت مزدوري ڪيائين. اتان کيس ٻياني مزدوريءَ طور ملي. موٽيو پئي ته واٽ تي واھ اڪرندي اھا ڪري پيس. خالي هٿين گهر پهتو. پڇڻ تي، ماءُ کي ٻڌايائين؛ ”ٻياني ڪمائي هيم. واھ مٿان لنگهندي، هٿ مان کسڪي وئي.“
    ”پوءِ!“ ماڻس دڙڪو ڏيندي چيس؛ ”کيسي ۾ ڇو نه وڌي هيئي؟“
    ”سڀاڻي ائين ڪندس.“ موٽ ۾ وراڻيائين.
    ٻئي ڏينهن، هڪڙي ميهار وٽ وڃي مزدوري ڪيائين. شام جو، ميھار کير جي دلي ڀري ڏنس. اھا وٺي، کيسي ۾ وڌائين. کير وهائيندو، کيسو خراب ڪندو جڏھن گھر پهتو ته ماءُ چڙ مان چيس؛ ”کير مليو هيئي ته دليءَ سميت، مٿي تي ڇو نه کنيو هيئي!“
    ورندي ڏنائينس؛ ”سڀاڻي ائين ڪندس.“
    ٽئين ڏينهن، هڪڙي دڪان تي وڃي ڪم ڪار ڪيائين. اتان ٻليءَ جو پونگڙو گهري ورتائين، ڇو جو گهر ۾ ڪئا گهڻا هئن. پونگڙو هٿ ۾ کنيو پئي آيو ته ان رهنڊا پاتس. واٽ تي ئي ڦٽو ڪيائينس. ماڻس حال ٻڌي خار مان چيس؛ ”نوڙي وجهي، گهلي کڻي اچينس ها!“
    چيائينس؛ ”سڀاڻي ائين ڪندس.“
    پنجين ڏينهن، هڪڙي ڪاسائيءَ وٽ مزدوري ڪيائين. شام جو ان، ران جو گوشت ڏنس، جيڪو نوڙيءَ ۾ ٻڌي، گهليندو گهر ڏانهن راهي ٿيو. گوشت ڪنو ڪري جڏھن پهتو ته ماڻس خار مان چيس؛ ”سڀاڻي واري پلاءَ کان سُڪي مئاسين. اڙي ڪلهي تي کنيو نه پئي آئين!“
    چيائينس؛ ”سڀاڻي ائين ڪندس.“
    ڇهين ڏينهن، گڏھ جو ڦر مزدوريءَ ۾ مليس. پويون ڄنگهون ٻڌي، ڪلهي تي کنيو پئي آيو ته هڪڙي ماڙيءَ جي دريءَ مان امير جي بيمار ڌيءَ ٻاھر پئي نهاريو. بيمار لاءِ حڪيمن جو چوڻ هيو ته جيسين بيحد نه کلندي، تيسين چاق نه ٿيندي. جڏھن ھن ڦلوءَ کي گڏھ ڪلهي تي کڻي ويندي ڏٺو ته اچي کل ۾ ڇٽي ۽ بس نه ڪري. امالڪ زبان کلي ويس ۽ چاق ٿي پئي.
    امير اها ڌيءَ، ڦلوءَ سان کڻي پرڻائي. ڦلو وڏو ماڻهو ٿي پيو ۽ راڄ ڀاڳ وارو ٿي به پيو. عمر به وڏي ماڻيائين.
    مطلب: ۱. ماءُ پيءُ جو ادب ڪرڻ وارن لاءِ، دنيا ۽ آخرت ۾ راحتون آهن.

    83. جني لاءِ منڊ منڊائبو آهي، سي ئي ڪم نه ايندا آهن. (چوڻي)
    هڪڙي ڳوٺ ۾، هڪڙو سست/ٽوٽي ماڻهو رهندو هئو. کانئس ڪو به ڪم نه پڄندو هئو. گهر وارن جي مٿس ڦٽڪار پئي پوندي هئي.
    ”مان ڇا ڪيان، جو هن ڦٽڪار کان بچان؟“ پاڻ جهڙي سنگتيءَ کان پڇيائين؛ ”سولي ڪم جو ڪو ڏس ڏي.“
    ”مٿو ڪُوڙائي، ساڌن جي سٿ ۾ داخل ٿي وڃ، جو کين مفت جي ماني ملندي آهي.“
    هن به مٿو ڪوڙايو ۽ ساڌن جي سٿ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ، هڪڙي ساڌوءَ وٽ پهتو. جنهن پڇيس؛ ”ڪهڙو ڪم ڄاڻندو آهين؟ اسان جي سٿ ۾ ڪو نه ڪو ڪم ته ڪرڻو پوندو.“
    ”جيڪڏهن ڪم ڪرڻ اچيم ها ته گهران ڇا لاءِ نڪران ها ۽ مٿو ڇا لاءِ ڪوڙايان ھا؟!“ پاڻ کي چوڻ لڳو؛ ”جني لاءِ مونڊ منڊايم، سي ئي سور سامهون آيم.“
    مطلب: ۱. ڏک به انھن کان ئي پھچندا آھن، جن لاءِ مربو آھي. (۵) ص ۵۴ ۽(۲) ۳۱

    84. جو ڪري سو پائي، فقير کير کنڊ کائي. (چوڻي)
    بادشاھ، حجم کان سنوارت پئي ٺهرائي، جو هڪڙي فقير اچي صدا هنئي. بادشاھ موديءَ ڏانهن چٺي لکي ڏنس. موديءَ چٺي پڙهي، فقير کي پنج رپيا ڏنا.
    ٻئي دفعي بادشاھ، سئن هڻڻ تي فقير کي موديءَ ڏانهن ڏهن روپين جي چٺي ڏني. ڏھ رپيا ڏسي، حجم هرکجي پيو ۽ فقير کي وڃي پاسو ڏنائين؛ ”مون بادشاھ وٽ تنهنجي ساراھ ۽ سفارش ڪئي آهي، جنهنڪري مون کي به ڪجھ ونڊ ڪراءِ.“
    فقير، حجم کي گاھ ئي نه وڌو. ٻئي موقعي تي، بادشاه فقير کي پنجاھ روپين جي چٺي ڏني، ته حجم کي اڃا هورا کورا وڌي وئي. فقير کي پاسو ڏنائين، پر فقير کيس چخي ئي نه ڪيو.
    چاٽو پاڻي نه ٿيڻ تي، حجم بادشاھ وٽ فقير جي گلا ڪئي. بادشاھ ڪنن جو ڪچو هئو، تنهن چٺيءَ ۾ موديءَ ڏانهن لکيو؛ ”چٺي آڻيندڙ کي قتل ڪرائي ڇڏ.“
    فقير چٺي وٺي، اڳڀرو ٿيو ته حجم پاسو ڏنس؛ ”اڄ به مون تنهنجي سفارش ڪئي آهي. مون کي حصو ڏي.“
    منٿن ايلازن تي، فقير کي رحم آيو ۽ چٺي ئي کيس ڏيندي چيائين؛ ”وڃي لکيل انعام تون وٺ.“
    حجمُ چٺي کڻي پهتو ته قتل ٿي ويو ۽ فقيرُ لالچ ڇڏڻ سبب بچي ويو. ٻئي ڏينهن فقير سئن هنئي، ته بادشاھ موديءَ سميت کيس گهرايو. جاچ بعد، ساري حقيقت معلوم ٿي. فقير به جان بچڻ تي خوش ٿي چيو؛ ”جو ڪري سو پائي، فقير کير کنڊ کائي.“
    مطلب: ۱. لالچي، لالچ جي سزا لوڙي ٿو.
    ۲. هر ڪو نيت جي سزا لوڙي ٿو. (۲) ص ۴۶

    85. جو ڪمائي، سو کائي. (چوڻي)
    هڪڙي گهر ۾؛ ڪڪڙ، ڪُئو ۽ ڏيڏر رهندا هئا. ٽنهي جي پاڻ ۾ سنگت هئي. هڪ ڏينهن، ڪڪڙَ ڪڻڪ جو هڪ سنگ لڌو ۽ ٻنهي سنگتين کي چيائين؛ ”اچو ته هن مان داڻا ڪڍون.“ جنهن تي ڪُئي چيس؛ ”آ ته گهمڻ ٿو وڃان“ ۽ ڏيڏر چيس؛ ”مان ته راڳ ٿو ڳايان.“ تڏهن ڪڪڙ چيو؛ ”ڀلا! آ ئي ٿو داڻا ڪڍان.“
    داڻا ڪڍي، ڪڪڙ وري سنگتين کي سڏيائين؛ ”ڏسو ته سهي، ڪهڙا نه سٺا داڻا آهن!“
    داڻا ڏسي، ٻئي گهڻو خوش ٿيا، جنهن تي ڪڪڙ چين؛ ”هاڻي ڀلا هنن کي پيھرائي اچو.“ اهو ٻڌي، ڪُئي کڻي ڪنڌ ڦيرايو ۽ چيائين؛ ”مون کان نه کڄندا.“ ۽ ڏيڏر چيو؛ ”مون واٽ ڪا نه ڏٺي آهي.“ تڏهن ڪڪڙ کين چيو؛ ”چڱو! آ ئي ٿو پيھرائي اچان.“
    جڏهن ڪڪڙ، داڻا پيهرائي آيو، تڏهن ٻئي ڄڻا سرڪي، اچي ڀر ۾ ويٺس ۽ چيائونس؛ ”اٽو ته ڏاڍو سٺي آهي. هن جي ماني به واه جي ٿيندي.“
    جنهن تي ڪڪڙ چين؛ ”ڀلا! پچايو ماني!“ ته ڪُئي چيو؛ ”آ پچائڻ ڪو نه ڄاڻان.“ ۽ ڏيڏر چيس؛ ”منهنجا هٿ سڙندا.“
    تڏهن، ڪڪڙ ماني به پاڻ پچائي. جڏهن ماني پچي تيار ٿي، تڏهن هو به کسڪي اچي وٽس پهتا ۽ چيائونس؛ ”سنگتي! اسان کي به کاراءِ!“
    ڪڪڙ موٽ ۾ وڏي ٻانگ ڏيندي چيو؛ ”جيڪو ڪمائي، سو کائي.“
    ۲
    هڪ دفعي هڪڙي ڪڪڙ، ڪڻڪ جو سنگ لڌو، پوءِ پنهنجي سنگتين منجهان ڏيڏر کي چيائين؛ ”اچ ته سنگ مان داڻا ڪڍون!“
    ”يار! مان ته راڳ ٿو ڳايان. وات ان ۾ مشغول آهي، سو داڻا تون ئي ڪڍ!“ ڪڪڙ داڻا ڪڍي بس ڪيا ته وري داڻن کي پيهڻ لاءِ پنهنجي دوست ڄاهي کي چيائين؛ ”اچي داڻا ته پيهراءِ.“
    ”يار مان هلي هلي هلاڪ ٿي پيون آهيان. هاڻي ٿڪاوٽ ۾ مون کان اهو ڪم نه ٿيندو. تون ئي ڪر!“ ڄاهي ورندي ڏنس.
    اٽو پيهڻ کان پوءِ، جڏهن مانيءَ پچائڻ جو وارو آيو ته سڏ ڪيائين ٽئين سنگتي ڪُئي کي؛ ”يار اچ! ماني ته گهڙي وٺ!“
    ”يار! منهنجا هٿ سڙندا، جتي هيتري محنت ڪئي اٿئي اتي ٻه ٽي ڊڳڙيون به گهڙي وٺ!“
    ڪڪڙ ماني پچائي تيار ڪئي ته کائڻ لاءِ هڙ ئي مڙي آيس. ڪنهن کي به کائڻ نه پيو ڏئي. سڀني پڇيس؛ ”اسان کي ڇو نه ٿو صلاح ڪرين!“
    ”توهان کي ڇو صلاح ڪيان؟ توهان هٿ ته مون کي ونڊايو ئي نه. ڪم به مون ڪيو ته کائيندس به مان.“ ڪڪڙ ورندي ڏني.
    مطلب: ۱. سک وٺڻ، محنت واري جو حق آھي.
    ۲. نڪمو ماڻھو، بکيو ئي رھڻ گھرجي.
    ۳. جيڪو ڪم ڪري، سو ڍو ڪري،
    جيڪو سستي ڪري، سو سِڪي مري.

    86. جهڙو راءِ، تهڙي رعيت. (سنسڪرت، چوڻي)
    هڪڙي ٻڪرار جي ٻڪر وڃي اٽي جي پاري ۾ ٻوٿ وڌو. ٻوٿ ٽپائي ته ويو پر سڱن سبب ٻوٿ ڪڍڻ ڏکيو ٿي پيس. سڱ باقاعده ڪني جي گِرنهن وٽ ڦاسجي پيس.
    جڏهن سڄي گهر ڀاتين کي، پاري ۾ ڦاٿل ٻڪر کي ڇڏائڻ جي ترڪيب سمجھ ۾ نه آئي ته پوءِ پاري سميت ٻڪر ڪاهي هليا ڳوٺ جي وڏيري وٽ، جنهن ڏسي چين؛ ”ٻيو ته علاج ڪونهيس، سواءِ ڪُني ڀڃڻ جي.“
    صلاح ڪري ڪُنو ڀڳائون. ڪني جي گِرنهن ڇيلي جي ڳچيءَ ۾ رهجي وئي. تڏهن اها حالت ڏسي وڏيري ڳڻتيءَ ۾ چيو؛ ”ٻيو ڪو چارو ڪونهي، سواءِ انهيءَ جي جو ٻڪر کي سير وجهي، منڍي ڌڙ کان الڳ ڪري، وچئون ڪني جي گِرنهن آجي ڪرائي وٺجي.“
    ٻڪر ڪسڻ کان پوءِ گرنهن به آجي ٿي ته وڏيري چيو؛ ”ڏسو! ويچارا سياڻا نه هجن ها ته هوند اٻوجھ ماڻهو منجھي نه مرن ها!“
    مطلب: ۱. جڏھن رعيت بيوقوف آھي، تڏھن سندن راجا پڻ بيوقوف ئي ھوندو.
    ۲. ڀيٽيو؛ جھڙو راجا، تھڙي پرجا.

    87. جهڙو راجا، تهڙي پرجا. (سنسڪرت، چوڻي)
    هڪڙي راڄ جو راجا ۽ رعيت/پرجا ڏاڍا داناءَ هيا. هڪ دفعي راجا کي نجوميءَ، نجوم هڻي ٻڌايو ته؛ ”اهڙو واءُ گهلڻ وارو آهي، جو جنهن کي ان جي لهس آئي، سو چريو ٿي پوندو.“
    ان واءَ جي لهس کان بچڻ لاءِ، راجا وزير سان صلاح ڪئي ۽ نجوميءَ کان واءُ گهلڻ واري تٿ وار ۽ ويلو وقت پڇي، بچڻ جي تدبير ڪرڻ لڳا. آخر ۾ صلاح ڪيائون ته؛ ”شيشي جي وڏي پيٽي ٺهرائي، ٻئي ڄڻا لڪي ويهندا ۽ پاڻ کي منحوس واءَ کان بچائيندا.“
    مقرر وقت تي، جڏهن راجا ۽ وزير، پاڻ کي پيٽيءَ ۾ لڪائي، واءَ کان بچيا ته ساري ملڪ جو عوام، واءَ جي لپيٽ کان بچي نه سگهيو ۽ سڀني جي عقل ۾ کوٽي اچي وئي. ايترو جو راجا ۽ وزير کي اھي چريو سمجهڻ لڳا.
    اهو حال ڏسي، راجا وزير کان پڇيو؛ ”پاڻ واءَ کان بچياسين. پر هيءُ ته موراڳو پاڻ کي پيا چريو ڪوٺين.“
    ”بلڪل صحيح آهي. پاڻ انهن جهڙا ته رهيا ئي ڪين آهيون!“ وزير چيو.
    ”پوءِ پاڻ کي داناءُ ڪيئن ثابت ڪجي؟!“ راجا، وزير کان پڇيو.
    ”ان لاءِ وري، نجوميءَ کان صلاح ڪجي. جيڪڏهن اهڙو واءُ ٻيهر وري ته پاڻ به ان جي لهس ۾ رڱجي انهن جهڙا ٿيون، پوءِ پاڻ کي ڪير چريو نه چوندو.“ وزير صلاح ڏنس.
    نجوميءَ کان پڇڻ تي معلوم ٿيو ته ان جهڙو هڪڙو ٻيو واءُ ورڻو آهي. ان ايندڙ واءَ ۾ راجا ۽ وزير پاڻ کي نه لڪائي، رعايا جهڙا ٿيا. ان کان پوءِ رعايا به کين سياڻو سڏڻ لڳي.
    مطلب: ۱. جهڙي پرجا، تهڙو راجا.
    ۲. جهڙو راءِ، تهڙي رعيت. (۲۴)

    88. جهڙو گرو، تهڙا چيلا. (پهاڪو)
    آڳاٽي دور ۾، هڪڙن ماڻهن پنهنجي کوھ مٿان چاڙهيل نار جي پراڻي مالَھَ لوٽين سميت لاهي، ٻاهر پٽ تي ڪڍي رکي هئي ۽ نئين مالھ نار تي چاڙهي ڇڏي هئائون.
    هڪڙي گروءَ جي چيلن جي ٽولي اتان اچي لنگهي. مورکن کي، زمين تي پيل مالھ ڏسي، عجب لڳو ته؛ ”ڪهڙي بلا آهي؟! نانگ يا اُرڙ جا پڃرائان هڏا آهن يا ڪا ٻي بلا!“
    اهي ويچار ونڊي، گروءَ وٽ وڃي نڪتا. کيس هلي ڏسڻ لاءِ چيائون. گروءَ انڪار ڪندي چين؛ ”آ واندو ڪين آهيان. وقت ڪو نه اٿم، نه ته هلي ٻڌايانوَ اها ته ڪهڙي بلا آهي!“
    نيٺ مٿو ٽيڪي ويٺا سوچڻ. سوچي سوچي گروءَ کي چيائون؛ ”جيڪڏهن گهوڙو سواريءَ لاءِ آڻيون ته پوءِ هلندو ڪين نه!“ تنهن تي گروءَ هلڻ جي حامي ڀري.
    گرو گهوڙي تي چڙهي، مالھ وٽ پهتو. ڏسي چيائين؛ ”ڀڳوان جي مالها آهي. پراڻي آهي، جنهن ڪري ڦٽي ڪئي اٿائين!“
    مورک چيلا اھا ڳالھ ٻڌي، ڏاڍو خوش ٿيا ۽ گروءَ جي ٻڌايل عقل تي سندس چرن چمڻ لڳا.
    مطلب: ۱. گروءَ مرائي گانڊ ته چيلا به چتو. (۶) ص۳۰

    89. جهڙو لڳي واءُ، تهڙي ڏجي پٺ. (پھاڪو)
    هڪڙي درياھ جي ڪپ تي، هڪڙو سرو جو وڻ، آڪڙيو بيٺو هوندو هئو. جهڙيون به هوائون لڳنديون هيون ته پنهنجيءَ جاءِ تان ڪو نه چرندو هئو. سندس ڀر ۾ هڪڙو سر جو ٻوڙو بيٺو هيو، جيڪو وڏي جهڪ ته ڇا، ھلڪي واءَ تي پيو جهومندو هيو. اگر هوا جو رخ هيڏانهن ته هيڏانهن جهڪندو هئو، جي هوڏانهن ته هوڏانهن جهڪندو هئو. سندس انهيءَ حالت تي سرو جو وڻ پيو کلندو ۽ ٺٺوليون ڪندو هئو.
    هڪ ڏينهن وڏو طوفان لڳو، جنهن ڪيترا ئي وڻ ڪيرائي وڌا. انهيءَ ۾ سرو جي وڻ به ٽڙڪاٽ ڪري، وڃي هيٺ ڦهڪو ڪيو. سر جو ٻوڙي نمي نمي وقت گذاريو. صبح ٿيو ته طوفان به جهڪو ٿيو. سر جو ٻورو ڏسي ته سرو جو وڻ ته پاڙان اکڙيو پيو آهي. سندس اها حالت ڏسي، کلڻ لڳو ۽ ڪريل وڻ کي چوڻ لڳو؛ ”مون تي کلندو ھئين. اڄ ڏي خبر! ڪنهن کٽيو؟ تو يا مون؟ مان تڏهن چوندو هئس ته؛ جهڙو لڳي واءُ، تهڙي ڏجي پٺ.“
    مطلب: ۱. ھر حال سان، منھن ڏيڻ گھرجي.

    90. جھڙي سان ٿجي تھڙو. (چوڻي)
    هڪڙي ري اولادي پوڙهيءَ گهر ۾ ٻاروٽو (ٻير جو ننڍو وڻ) پوکيو ھيو، جنھن کي پاڻي ڏئي، پالي تاتي وڏو ڪيائين. سال کن کان پوءِ، اهو ٻاروٽو تيار ٿيو ۽ ٻيرن جي مند ۾ ٻير جهليائين. ٻير به اچي پڪا، سو پوڙهيءَ خيال ڪيو ته اڄ ٻير هيٺان، ٻهاري ڏيئي ميدان صاف ڪري ڇڏيان ۽ صبح جو اٿي ٻير ڌوڻي کائينديس.
    انهيءَ رات هڪڙو بکيو گدڙ، شڪار جي ڳولا ۾ اتان اچي لنگهيو ته سندس نظر ان پڪل ٻير تي وڃي پيئي. آهستي آهستي پير پير ۾ ڏيئي، ان ٻاروٽي جي هيٺان اچي بيٺو. پوڙهيءَ جا ٻه ڪڪڙ به ان ٻير تي ويٺا ھيا. گدڙ جي ته عيد ٿي ويئي. يڪدم ڏندن سان ”کڙ کڙ“ ڪيائين. ڪڪڙ، گدڙ سنگھيءَ تي ”ٽان ٽان“ ڪري اچي پيرن ۾ پيس. گدڙ، ڪڪڙ کائي، وري اچي ٻيرن کي ڀِتو. ٻير کائي ڍؤ ڪيائين ته هنگڻ جو خيال ٿيس.
    گدڙ هميشه ڪنهن نه ڪنهن ٺڪر ڀتر تي، مٿانهين جاءِ تي هنگندو آهي. سو هيڏانهن هوڏانهن ڏٺائين ته چلهه جي ڀر ۾ تئو اُڀو پيل نظر آيس، ان تي هنگي هليو ويو.
    صبح جو پوڙهي اُٿي ڏسي ته ڪڪڙن جا کنڀ پيا آهن ۽ ٻير به سڀ کاڌا پيا آهن. وري جو چلهه ڏي وڃي ته تئو به گدڙ جي گونهه سان خراب ٿيو پيو آھي. ويچاري منهن مٿو پٽي ويهي رهي. ٻيءَ رات وري به ساڳيو گدڙ آيو ۽ ٻير کائي، تئي تي هنگي ويو. پوءِ ته گدڙ اچي هريو. روز رات جو اچي ٻيـر کائي، تئي تي هنگي هليو ويندو هو. پوڙهي ويچاري گھڻي ئي هڪلون ڏئيس پر گدڙ مڙي ئي نه.
    آخر هڪڙي ڏينهن ڪنهن پاڙي واريءَ چيس ته: ”مائي، آءٌ تو کي هڪڙي اٽڪل ٿي ڏسيان. ائين ڪرڻ سان نڪي تنهنجا ٻير کاڄندا ۽ نڪو وري گدڙ ئي ايندو. هيئن ڪر جو رات جو تئو باهه ۾ وجهي ڇڏ. جڏهن تپي ڳاڙهو ٿئي، تڏهن اُن کي ڪڙو تيل ۽ ڳاڙها مرچ هڻي، اُڀو ڪري رکي ڇڏ. پوءِ ويٺي رنگ ڏسجئين.“
    پوڙهيءَ اُن مائيءَ جي ڏس تي ان رات ائين ئي ڪيو.
    ڪجهه دير کان پوءِ گدڙ آيو ۽ ٻير کائي، هنگڻ جي خيال سان تئي ڏانهن رخ رکيائين. اڃا تتل تئي تي ويٺو ئي مس ته پول سڙڻ لڳس، اوناڙيون ڪري وٺي ڀڳو، ۽ وري ڪڏهن به اُن پوڙهيءَ ڏانهن نه آيو.
    مطلب: ۱. جيسي سان تيسو.
    ۲. جيسي ڪو تيسا ملا، سنت ڪو ڀيل،
    لوھا کا گيا گھن، ڇورا ليگئي چيل.

    91. جهڙي سَٺ، تهڙيون ٽي ويهون. (پھاڪو)
    پراڻي زماني ۾، هڪڙو واپاري ٿر منجھان، هڪڙو اٺ وٺڻ ويو. ڪنھن ڳوٺ اندر، کيس هڪرو اُٺُ پسند آيو. ڌڻيءَ کان ملھ چڪايائين، جنهن سؤ رپيا ملھ ڪٿيو.
    واپاريءَ کيس چيو؛ ”ستر روپيا وٺين ته اٺ وٺانءِ!“
    ”ستر نه کپي!“ جت ضد ۽ هوڏ ڪندي واپاريءَ کي چيو.
    ”پوءِ ڀلا گهڻا وٺندين!“ واپاريءَ، جت کان لاهو گاهو ڪرڻ خاطر پڇيو.
    ”ڏهن مٿي، ٽي ويھون ڏين ته اٺ ڏيانءِ!“ جت جواب ڏنو.
    ”مان به ته ائين ٿو چوان!“ واپاريءَ وراڻيو.
    مطلب: ۱. جهڙا اڍائي، تهڙا ساڍا ٻه. (۳) ص ۸۱

    92. جهڙي صحبت، تهڙو اثر. (چوڻي)
    هڪڙي هارَن (گلن) وڪڻڻ واريءَ جي هڪڙيءَ ساٽياڻيءَ (مڇي وڪڻڻ واريءَ) سان ساهيڙپ ٿي پئي، جنهن سببان هڪ دفعي کيس سڪ منجهان گهر ڪوٺيائين. جڏهن ساهيڙيون پاڻ ۾ گڏيون ته اندر اوريندي سج لھي وين. سج لهڻ وقت، ساٽياڻيءَ پنهنجي ميزبان کي چيو؛ ”ادي! ڳالهين ۾ پتو نه پيو! هاڻي سج لهي ٿو! چڱو، موڪلايان ٿي!“
    ”ادي! اهو وري ڪيئن ٿي ڪرين!“ گلن واريءَ اصرار ڪندي چيس؛ ”سج لٿي کان پوءِ ڪيڏانهن ويندينءَ؟ رات مون وٽ رھ! صبح جو هلي وڃجان!“
    مجبوراً ساٽياڻيءَ کي، گلن واريءَ جي گهر ٽڪڻو پيو، جنهن لاءِ ميزبانِ به ڏاڍو زور ڀريس.
    ماني کائي وڃي بسترن تي پيون ته گلن واريءَ کي ٺھ پھ ننڊ اچي وئي، پر ساٽياڻيءَ کي ننڊ نه پئي آئي، رڳو پئي لڇي پڇي. اڌ رات تائين تارا ڦاٽا پيا هيس. نيٺ سنگتياڻيءَ کي ننڊ مان ڌونڌاڙي اٿاريائين ۽ کانئس گهر ۾ مڇيءَ رکڻ جو ٿانءُ يا ٽوڪري طلب ڪيائين. ساهيڙيس پهرين ته هڪي ٻڪي ٿي وئي، پوءِ پڇيائينس؛ ”ڇو هن اڌ رات جو مڇيءَ کائڻ جو برتن ڇا لاءِ گهرجئي؟“
    ”ادي! ننڊ ئي نه ٿي اچي.“ دليل ڏيندي چيائينس؛ ”تنهنجي گھر اندر جتي ڪٿي گلن جي خوشبو آھي، جنھن منهنجو مغز ئي ڦيرائي ڇڏيو آهي.“
    نيٺ گلن واري، گهر ۾ رکيل مڇيءَ رکڻ واري ٽوڪري کڻي آئي، جنهن تي ساٽياڻيءَ پاڻي هاريو ته نئينءَ طرح بانس اٿي، جنهن تي منٽن ۾ کيس ننڊ اچي وئي. اک لڳندي ئي کونگهري جو ٽڙڪو پئي پيس.
    مطلب: ۱. ڪارو ٻڌ ڪمري سان، رنگ نه مٽائي پر عادت ضرور مٽائي.
    ۲. سنگ تاري، ڪسنگ ٻوڙي.
    ۳. صحبت صالح ترا صالح کند، صحبت صالح ترا طالح کند. (فارسي)
    ۴. جيڪو جنهن ماحول ۾ هريو/پليو/نپنو آهي، تنهن کي ان کان سواءِ ٻئي هنڌ ڪٿي به مزو نه ايندو. (۶) ص ۷ ۽ (۴) ص ۹۰

    93. جهڙي ڪرڻي، تهڙي ڀرڻي. (چوڻي)
    گدڙ ۽ ٻگھ جي پاڻ ۾ ياراڻي ھئي. هڪ دفعي ٻگھ، گدڙ کي ويلي جي دعوت ڏني. گدڙ ڪانڍ واري ڏينهن تي تيار ٿي اچي نڪتو. ٻگھ ڏاڍا قيما ۽ مصالحي دار قورما تيار ڪرائي، صراحيدار ٿانون ۾ ڀري رکيا ۽ دوست کي چيائين؛ ”اڄ! اچي کائي پنهنجي جان بڻاءِ!“
    ٻگھ پاڻ ته ڊگهيءَ چهنب جي مدد سان چڱيءَ طرح صراحيدار ٿانوَن مان مصاليدار ۽ چٽپٽا کاڌا کوٽي کوٽي کاڌا، پر گدڙ ويچارو آخر تائين ٻاٿون کائيندو رهيو. جڏهن دعوت کاڄي پوري ٿي وئي ته وري موٽ ۾ گدڙ کي ساڳيءَ طرح دعوت ڏيڻي پئجي وئي. ان به ٻگھ جي دعوت ڪئي.
    ٻگھ به دعوت واري ڏينهن ڪانڍجي پهتو. گدڙ پنهنجي مزاج سارو کيرڻيون ۽ مشروبات تراکڙن ٿانون ۾ پلٽي، ٻگھ کي نوش جان ڪرڻ جي صلاح ڪئي.
    گدڙ پاڻ ته ڏاڍو مزي مزي سان سمورا مال لڪي چٽي اٿيو، پر ٻگھ جي چهنب مس پئي ٻڏي، جنهن سان ڪا سرڪ به نصيب نه ٿيس. آخر تائين چپ چٽيندو رهيو.
    دعوت پوري ٿيڻ کان پوءِ گدڙ کي ميار ڏنائين.
    ”ان ۾ ميار ڏيڻ جي ڪهڙي ڳالھ آهي.“ گدڙ چيس؛ ”جهڙي ڪرڻي، تهڙي ڀرڻي.“
    ۲
    ھڪڙو سوداگر، سامان جھڙوڪ؛ روغن، ماکي، گرم مصالحا، پستا، بادام، قيمتي ڪپڙا وغيره سان ھڪڙو ٻيڙو ڀرائي سفر تي نڪتو. وٽس، ناياب قسمن جي ھيرن جي ھڪ ھڙ پڻ ھئي، جيڪا پيٽ سان ٻڌي ھئائين ته جيئن ڪو ڏسي ڦري نه وٺيس. ٻيڙو ھلندو رھيو. منزل ڏورانھين ھين. ھو جڏھن ٿڪبا ھئا ته، ڪنھن ٻيٽ تي لنگر ھڻندا ھئا ۽ پوءِ اڳتي روانا ھئا.
    ھڪ ڏينھن طوفان آيو. ٻيڙو اوچتو سمونڊ ۾ ھڪ ٽَڪَرَ سان ٽڪرايو ۽ ٽڪر ٽڪر ٿي پيو. ھر ڪو جان بچائڻ ۾ مصروف ٿي ويو. سوداگر کي به ھڪ تختو ھٿ اچي ويو، جنھن تي چڙھي، رب کي ٻاڏائڻ لڳو. نيٺ ڪجھ ڏينھن کان پوءِ ڪناري سان لڳو. رب جو شڪر ادا ڪيائين، جنھن سندس جان بچائي ھئي.
    ھاڻي سوداگر سان فقط ھيرن جي ھڙ ساڻ ھئي. سمنڊ جو ڪنارو ڏئي ھڪ طرف ھلڻ لڳو. ھلندي ھلندي ھڪ ڳوٺ ۾وڃي پھتو، جتان جا باشندا قبائلي ھئا. ھڙ مان ھيرو ڪڍي، ھڪ شخص کي ڏيندي، کاڌو گھريائين. اھو شخص اھڙو ھيرو ڏسي وائڙو ٿي ويو ۽ ھن جي ڏاڍي خدمت چاڪري ڪيائين ۽ چيائينس؛ ”اوھان پرديسي پيا ڏسجو، سو اسان وٽ اڄ رات رھي پئو.“
    رات ٿي. سوداگر سمھي پيو. کيس ھيرن جو ڏاڍو فڪر ھو.
    رات ڌاري، ڳوٺاڻن جي نيت خراب ٿيڻ لڳي. سٽ سٽڻ لڳا؛ ”ڇو نه سوداگر کي ماري، سندس ھيرن جي ھڙ پنھنجي قبضي ۾ ڪريون.“
    اڌ رات ڌاري، ڪجھ ھمراھ آيا ۽ ٻاري کن جي فاصلي تي اچي ھڪ کڏ کوٽڻ شروع ڪيائون. ٿوري آواز تي سوداگر جي اک کلي ۽ ھن محسوس ڪيو ته ڪجھ ماڻھو، ھن لاءِ قبر کوٽي رھيا آھن. پنھنجو بسترو ڇڏي ۽ پاسو ڪري ويو.
    اتفاق سان ڳوٺ جو ھڪڙو ھمراھ، ڪنھن ڪم سانگي ڀر واري ڳوٺ ڏانھن ويل ھو ۽ اھو ان وقت موٽيو، جنھن وقت ڳوٺاڻا کڏ کوٽي رھيا ھئا. ھمراھ خالي بسترو ڏسي ليٽي پيو ۽ گھِري ننڊ اچي ويس. ھوڏانھن ھنن ھمراھن به کڏ کوٽي تيار ڪئي ۽ ستل ھمراھ کي، سوداگر سمجھي، اچي ڪھاڙين سان ورتائون. کيس ننڊ ۾ ننڊ ڏيئي، بستري سميت کڻي اچي کڏ ۾ ڦٽو ڪيائونس.
    ”اڙي ھيرن جي ھڙ ته کوليوس!“ ھڪڙي شخص چيو. لاش جي پيٽ کي ھٿ ھنيائون ته ڪا شيءِ ڪا نه ھئي.
    ”اڙي ھڙ ڪيڏانھن ويئي.“ پاڻ ۾ چوڻ لڳا.
    تيلي جو ٻاري ڏسن ته اھو سوداگر نه، پر سندن گھر جو ڀاتي ھئو. کين ڏاڍو ڏک ٿيو، جنھن تي ھڪڙي پيرسن جي واتان نڪري ويو؛ ”جھڙي ڪرڻي، تھڙي ڀرڻي.“
    مطلب: ۱. ڪَرڻ آھ بهتر سڀن سان ڀلائي، چڱي ڳالھ اهڙي نه ٻي آھ ڪائي.
    ۲. ٻين سان ڀلائي ڪرڻ گهرجي.

    94. جهڙي نيت، تهڙي مراد. (چوڻي)
    نيت نالي هڪ مائي هئي، جنھن جي ڌيءُ جو نالو مراد هو. ٻئي ڄڻيون جنھن تنھن سان هڪ نه ٻي ڳالهه تي آئٽنديون رهنديون هيون. جنھنڪري ھر ڪو سندن لاءِ چوندو هيو؛ ”جھڙي نيت، تھري مراد“.
    هڪ لڱا، ڪنھن فقير اهي اکر ٻڌي ورتا. هن کي خبر ڪا نه هئي ته اهي اکر هُو ڇو ٿا چون، پر هن انھن اکرن مان پنھنجي دل ۾ ائين سمجهيو ته؛ ”جيڪو جھڙي نيت رکندو، تنھن کي تھڙي مراد حاصل ٿيندي.“
    هن کي جي اهي اکر وڻيا سو ڪٿي به سئن هڻندو هو ته چوندو هو؛ ”جھڙي نيت، تھڙي مراد!“ ڪو دعا لاءِ چوندو هوس ته به فقير اھي لفظ دھرائيندو ھيو.
    هڪ لڱا، انھيءَ فقير، نيت ۽ مراد جي در تي سئن اچي هنئي؛ ”جھڙي نيت، تھڙي مراد.“
    گھر اندر، ٻنھي ماءُ ۽ ڌيءُ ڀانيو ته؛ فقير چوي ٿو ته؛ ”جھڙي نيت جهيڙيڪار آهي، تھڙي سندس نياڻي مراد“، جنھن تي ٻنھي کي باهه لڳي وئي ۽ فقير سان ڏاڍو واتُ ڪيائون.
    فقير کي به رونشو ٿي جاڳيو، سو ڏيھاڙي وڃي سندن در تي ساڳي سئن هڻندو ھيو. موٽ ۾ ساڳي جٺ ٿيندي هيس، جيڪا سھي موٽندو ھيو.
    هڪ ڏينھن مائي نيت ڇا ڪيو، جو ڪنھن کاڄ ۾ زهر ملائي رکي ڇڏيائين، ته فقير اچي ته اهو کاڄ ڏيانس، ته کائي مري وڃي ۽ جان ڇٽي پوي. ڪنھن وقت مائي نيت جو مرد، گھر ۾ آيو، پر پاڻ پاڙي ۾ ويل ھئي. مرد کي بک لڳي هئي، تنھن اهو کاڄ رکيل ڏسي کاڌو ته پيٽ ۾ وٽ پيس ۽ اتي ئي مري ويو.
    مائي نيت گھر آئي ته مڙس کي مئل ڏٺائين ۽ بي اختيار واتان نڪري ويس؛ ”جھڙي نيت، تھڙي مراد.“
    ۲
    مراد نالي هڪ درويش، سدائين سير سفر ۾ رھندو هيو. سال ۾ ھڪ دفعو ساڳئي ڳوٺ ۾ ڀيرو ضرور ڪندو هيو.
    هڪ ڳوٺ ۾ هڪ مائيءَ کي اولاد نه پئي ٿيو. کيس خبر پئي ته مراد فقير پڻ ڪاني ڪرامت وارو آهي. سال تي جڏهن مراد فقير ڀيرو ڪيو، ته مائيءَ به وڃي دعا گهرايس؛ ”فقير دعا ڪرينم ته الله سائين پٽڙو ڏئينم.“ کيس پڪي مريدياڻي هئڻ جو ثبوت ڏيڻ خاطر مٿان اهو به چيائين؛ ”اميد پوري ٿي ته ڀوري مينھن ڪلي تان ڇوڙي ڏينديسانءِ!“
    فقير، من جي مراد پوري ٿيڻ لاءِ دعا ڪيون ۽ رمندو رهيو. سال تي موٽيو ته مائي، تازي ڄاول پٽڙي سميت حاضر ٿي ۽ ٻچڙي لاءِ دعا ڪرائيندي چيائينس؛ ”فقير تو سان وچن هيو ته پٽڙي ڄمڻ تي تو کي مينھن ڪاهي ڏيندس، پر هن سال نه ٿي ڏيانءِ، جو ننڍڙو ڄائو اٿم، ان لاءِ کير جي ضرورت پوي ٿي. باقي آئينديءَ سال، تو کي پڪ مينھن ڏيندس.“
    فقير کي مينھن جي ته لوڙ هئي ئي ڪا نه. مائيءَ جي ڳالھ ٻڌي اڻٻڌي ڪيون، مُرڪندو رمندو هيو.
    ٻئي سال فقير وريو پر مائيءَ جو منُ، باسيل مينھن ڏيڻ لاءِ نه وريو. سندس نيت ۾ پڌرو کوٽ هيو. فقير، اھا ڳالھ سمجهڻ جي باوجود به دعائون ڏيندو هليو ويو.
    پويان ننڍڙو ٻارڙو بيمار ٿي پيو. چڙهيو ڪو نه، چالاڻو ڪري ويو. مائيءَ کي وهم ويھجي ويو ته فقير دعا ڪرڻ بجاءِ پاراتو ڏنو آهي. ڪانيءَ سان منھنجو ٻچڙو هليو ويو آهي. رڙيون ڪري چوڻ لڳي؛ ”مراد مٺيس.“
    ٽئين سال تي جڏهن فقير آيو ته ماڻھن واتان کيس مائيءَ جا لفظ ڪنين پيا، جنھن تي فقير چوائي موڪليس؛ ”مراد ڪا نه مٺينءَ، پر نيت مٺينءَ!“
    مطلب:۱. نيت آهي نانگ، کوٽن کي پئي کائي.
    ۲. جو ٻئي جي لاءِ کڏ کڻندو، سو پاڻ ان ۾ پوندو.
    ۳. نانڪ نيڪ نيت صاف ڪر ته درگهه پوين قبول.
    ۴. فقير دعا نه ڪئي پر چيائين؛ ”جھڙي نيت، تھڙي مراد.“
    ۵. عملن جو دارومدار نيت تي آهي.
    ۶. جھڙي نيت هئڻ، تھڙي مراد ملڻ. (اصطلاحي ورجيس).
    ۷. جھڙي تاڃي، تھڙي پيٽي. جھڙي ماءُ، تھري ٻيٽي. (۲) ص ۳۴ ۽ (۱۴) ص ۴۴

    95. جيترا وات، اوتريون ڳالهيون. (چوڻي)
    ست انڌا، هاٿي ڏسڻ لاءِ هندستان ويا. اتي سندن آڏو هاٿي آندو ويو. هر هڪ هٿ لائي ڏٺو. هڪڙي پڇ کي هٿ لاتو، ٻئي ڄنگهن کي، ٽئين پيٽ کي، چوٿين سُونڍ کي، پنجين نڪتل نيشن کي.
    جڏهن وطن واپس وريا ته کانئن هاٿيءَ بابت پڇيو ويو. ھر ھڪ پنھنجي حساب سان ورندي ڏني.
    ”هاٿي!“ جنهن پڇ کي هٿ لاتو هئو، جواب ۾ چوڻ لڳو؛ ”نانگ وانگر هيو.“
    ”هاٿي!“ جنهن ڄنگھ کي هٿ لاتو هئو، جواب ۾ چوڻ لڳو؛ ”ٺلھ يا پلر وانگر هيو.“
    ”هاٿي!“ جنهن پيٽ کي هٿ لاتو هئو، جواب ۾ چوڻ لڳو؛ ”گنديءَ وانگر هيو.“
    ”هاٿي!“ جنهن سونڍ کي هٿ لاتو هئو، جواب ۾ چوڻ لڳو؛ ”ازدها نانگ وانگر هيو.“
    ”هاٿي!“ جنهن نيشن کي هٿ لاتو هئو، جواب ۾ چوڻ لڳو؛ ”وريل ڪاٺيءَ وانگر هيو.“
    ”هاٿي!“ جنهن ڪنن کي هٿ لاتو هئو، جواب ۾ چوڻ لڳو؛ ”گاگڙي وانگر هيو.“
    مطلب: ۱. هر ڪنهن جي پنهنجي نظر آهي.
    ۲. جيتريون اکيون، اوترا عڪس.
    ۳. جيترا وات، اوتريون ڳالھيون.
    ۴. هر ڪو پنهنجي پنهنجي اک سان ڏسندو آهي.
    ۵. مئي هاٿيءَ مٿي مامرو، اچي پيو انڌن. (۲۵) ص ۱۶۳

    96. جيسي ڪو تيسا ملا، ڏوم ڪو ملانائي،
    اس ني ڍولڪي بجائي، اس ني آرسي دکائي. (پھاڪو)
    هڪڙو ڏوم/ لنگهو/ دهلاري، ڳچيءَ ۾ دهل لڙڪايون پئي ويو. اڳيان نائي پئي آيو، جنھن کي ڏسي، مراد حاصل ڪرڻ لاءِ، دهل تي ڏونڪو هنيائين.
    نائي غريب هئو، تنهن آرسي ڪڍي ڏيکاريس. آرسيءَ ۾ منھن ڏسي، لنگهو پنهنجي سنوارت ٺاهڻ ويٺو. نائيءَ کي سنوارت جي مزدوري نه ملي، ڇو جو مڱڻهار به غريب هيو. اهو ڏسي، ڪنهن چيو؛ ”جيسي ڪو تيسا ملا، ڏوم ڪو ملا نائي، اس ني ڍولڪي بجائي، اس ني آرسي بتائي.“
    مطلب: ۱. جهڙي ڪرڻي، تهڙي ڀرڻي.
    ۲. اتي ڪر، اتي لوڙ. (۲) ص ۳۴

    97. جيسي ڪو تيسا ملا، سن ري راجا ڀيل،
    لوهي ڪو چوها کا گيا، لڙڪا ليگئي چيل. (پھاڪو)
    هڪڙي ھمراھ وٽ تمام لوھ تمام گهڻو پيل هيو. کيس ھڪڙيءَ ڊگھيءَ مسافريءَ تي وڃڻو ھيو، جنھنڪري ترت نيڪال بجاءِ، پنهنجي ھڪڙي سنگتيءَ وٽ امانت طور رکي ويو.
    ٿورن ڏينهن پڄاڻان جڏهن موٽي اچي سنگتيءَ کان پنهنجو لوھ گهريائين ته سنگتيءَ ڏيڻ کان نابري واريندي چيس؛ ”ادا! تنهنجو سمورو لوھ، ڪئا ٽڪي کائي ويا آھن، بچيو ئي ڪونھي. تو کي ڇا ڏيان!“
    هن ڪڇيو ڪين پر دل ۾ پڪو ارادو ڪيائين ته؛ سنگتيءَ جي انهيءَ ڳالھ جو ضرور پار پتو وٺبو. هڪڙي ڏينهن پنهنجي سنگتيءَ کي پٽ سميت پاڻ وٽ دعوت ڏئي گهرايائين. جڏھن پيءُ پٽ وٽس پھتا ته وجھ وٺي پٽس کي گم ڪرائي ڇڏيائين. دعوت کائڻ پڄاڻان، سنگتيءَ پٽ بابت پڇيو ته کيس ورندي ملي؛ ان کي سرڻ کڻي وئي.
    مجبوراً راجا ڀيل وٽ دانھين ويو.
    راجا ٻنھي کي گھرايو.
    ميزبان کان پڇيائين؛ ”تو وٽ، ھيءُ پٽ سميت آيو ھيو، سو پٽس ڪٿي آھي؟“
    ”مون وٽ ڪونھي.“ ميزبان وضاحت ڪندي ٻڌايو؛ ”پٽس کي سرڻ لامارو ڏئي کڻي وئي!“
    ”ڪڏهن سرڻ به ٻار کڻي ويئي آهي؟“ پيءُ جرح ڪندي پڇيس.
    ”ڪڏهن لوھ به ڪُئا ٽڪي ويا آهن؟“ ميزبان موٽ ۾ جرح ڪندي پڇيس.
    تنھن تي ھڪ درٻاري راجا ڀيل کي چيو؛ ”جيسي ڪو تيسا ملا، سن ري راجا ڀيل، لوهي ڪو چوها کا گيا، لڙڪا ليگئي چيل.“
    ۲
    هڪڙو ساڌو تيرٿن تي وڃڻ وقت، پنهنجي هڪ پاڙيسيريءَ وٽ، پتل جا باسڻ امانت رکي ويو ۽ جڏهن موٽي آيو، تڏهن پاڙيسيريءَ کان ٿانون جي گهر ڪيائين، جنھن جواب ڏنس؛ ”مون کي نهايت افسوس آهي، جو تنهنجي ٿانون جي حفاظت به ڏاڍي ڪيم، پر اھڙو گُھڻو لڳن جو ھڪ به نه بچيو.“
    سنگتيءَ جو اھو جواب ٻڌي تپرس ۾ اچي ويو. مگر دل جي ڳالھ دل ۾ رکي ويو.
    هڪ دفعي ان ساڌوءَ، ڀوڄن تيار ڪري، پاڙي جي ٻارن کي کارايو. ٻيا سڀ ٻارڙا کائي ويا، مگر انهيءَ پاڙيسيريءَ جي ٻارڙي کي، پنهنجن ٻارن سان الڳ ويهاري کارايائين. کاڌي کائڻ بعد، اهو ٻار، ساڌو جي ٻارن سان راند روند ۾ لڳي ويو. کانئس ڄڻ ته گهر وڃڻ ئي وسري ويو.
    جڏهن ان پاڙيسريءَ ٻين ٻارن کي آيل ڏٺو ۽ پنهنجي کي ڪو نه ڏٺائين، تڏهن پيل نالي راجا وٽ دانهين ويو. راجا پيل چيس؛ ”تنهنجو جنهن ۾ شڪ شبهو هجي، تنهن جو نالو ٻڌاءِ.“
    هُن پنهنجو شڪ ساڌوءَ ۾ ظاهر ڪيو، جنهن جي گهران کاڌي کائڻ کان پوءِ، ڇوڪرو موٽيو ئي ڪو نه هو.
    اهو احوال ٻڌي، راجا پيل هڪدم ساڌوءَ کي گهرايو ۽ کانئس پاڙيسريءَ جي ڇوڪري لاءِ، پڇا ڪيائين. ساڌوءَ جواب ڏنو؛ ”مهراج، مون ڏٺو ته هن کي منهنجي روبرو سرڻ کڻي وئي.“
    ”بيوقوف!“راجا پيل حيرت ۾ پڇيس؛ ”هيڏي ساري ڇوڪري کي، سرڻ ڪيئن کڻي سگهندي؟“
    ”مهراج ڇوڪري کي سرڻ ائين کڻي وئي،“ سربستي ڳالھ ٻڌائڻ پڄاڻان چيائينس، ”جيئن پتل جي ٿانون کي گُهڻا کائي ويا.“
    تنهن تي راجا پيل ٿانءَ موٽرائي ڏنس ۽ ڇوڪرو واپس ڪرايائينس.
    مطلب: ۱. جيسوءَ کي تيسو. (۲) ص ۳۴
    ۲. جيسي ڪو تيسا ملا، سنئي راجا پيل،
    پيتل ڪو گُهڻ کا گئي، ڇوري ڪو لي گئي چيل. (۵) ص ۵۵

    98. جيڪو ٻئي لاءِ کڏ کڻي، سو پاڻ انهيءَ کڏ ۾ ڪري. (پھاڪو)
    هڪڙي جهنگ ۾ هرڻ، ڪانءُ ۽ گدڙ رهندا هيا. ٽنهي جي پاڻ ۾ گهاٽي ياراڻي هئي. ڏينهن جو گهمي ڦري، رات جو هڪ وڻ هيٺان اچي ويهندا هئا.
    هرڻ کي متارو ڏسي، گدڙ جي دل ٿي ته؛ آنڊا ڪڍي کاوانس. دل ۾ اھو ارادو ڪري، ھڪڙي ڪڙميءَ وٽ لنگهي ويو ۽ چيائينس؛ ”تنهنجي پوک، روز رات جو هرڻ کائي ٿو وڃي. ان کي ڦاسائي ڪهي کائي ڇڏ، پر ھڪڙي ڀلائي مون سان ڪجانءِ.“
    ”ڪھڙي؟“ ڪڙميءَ پڇيس.
    ”ان جا آنڊا مون کي ڏجانءِ!“ گدڙ، پنھنجي مدعا پيش ڪندي چيس.
    رات جو هرڻ ٻنيءَ ۾ چرڻ ويو ته ڪڙميءَ جي وڌل ڄار ۾ ڦاسي پيو. صبح جو گدڙ ۽ ڪانءُ به اتي اچي نڪتا.
    ڪانءَ گدڙ کي چيو؛ ”تون پنهنجي ڏندن سان ڄار ڪتري، هرڻ کي ڇڏاءِ!“
    گدڙ کي دل ۾ دغا هئي، تنهنڪري چيائينس؛ ”آ ڄار ڪو نه ڪتري سگهندس، ڇو جو مون کي روزو آھي. ائين ڪندي ڪڙمي به اچي پهتو. پنهنجو حقو ۽ کٿو پريان رکي، هرڻ کي ڄار مان ٻاهر ڪڍڻ لڳو. هرڻ به ڪانءَ جي صلاح تي گيگھ ڪري سمهي پيو، ڄڻ مري ويو آهي. ڪڙميءَ به کيس مئل ئي سمجهيو. جڏهن کيس ڄار مان آجو ڪري واندو ٿيو ته ان وقت، ڪانءُ اٽڪل سان حقي کي ڪيرائي وڌو، جنھن سان حقي جي ٽوپي وڃي کٿي جي مٿان پئي ۽ کٿو سڙڻ لڳو.
    ڪڙمي، ھرڻ کي ڇڏي، کٿي کي بچائڻ لاءِ ڀڳو. هرڻ کي ڀڄڻ جو وجھ ملي ويو، جيڪو وٺي جهنگ ڏانهن ڀڳو.
    ڪڙميءَ جي جيئن مٿس نگاھ وئي ته خار مان ڪهاڙي اڇلي ھنيائينس، جيڪا گسي وڃي گدڙ جي ٽنگ ۾ لڳي ۽ ٽنگ ڪپجي پيس.
    مطلب: ۱. گدڙ هرڻ کي مارائڻ چاهيو، پر پاڻ نقصان ۾ پيو.

    99. جيڪو جهڙي ڪري، تنهن سان تهڙي ڪري ڇڏجي. (چوڻي)
    هڪڙي مائي مڙس کي سدائين چوندي هئي؛ ”مان ته کاوان ئي ڪي ڪين؟“
    مڙس آزمودي لهڻ خاطر هڪ ڏينهن چيس؛ ”اڄ رات آ گهر ڪين ايندس.“ ائين چئي ٻاهر نڪتو. پاسڙو ڏئي گهر جي کڏ تان چڙهي، بادگير ۾ اچي لڪي ويهي رهيو. رات جو پهريون پهر ئي هيو جو جوڻس نوڪرياڻيءَ کي سڏي چيو؛ ”اڙي مائي هيتلي!“
    ”جيءُ مائي کيتلي!“ نوڪرياڻيءَ وراڻيس.
    ”رات ڪتني؟“
    ”پهريان پهر!“
    ”پوءِ هيئن ڪر!“ نوڪرياڻيءَ کي حڪم ڏيندي چيائين؛ ”وڃ! ۽ وڃي ويڌي جي دڪان تان ست ڳرئي ڪمند جي ڇڙهي وٺي آءُ!“
    نوڪرياڻيءَ ڪمند جي ڇڙهي آڻي ڏنس، جيڪا سموري ڇلي کائي وئي. ٻيو پهر ٿيو ته وري نوڪرياڻيءَ کي هڪل ڪيائين؛ ”اڙي مائي هيتلي!“
    ”جيءُ مائي کيتلي!“ نوڪرياڻيءَ ورندي ڏنس.
    ”رات ڪتني؟!“
    ”ٻيجا پهر!“
    ”دڪان تان وڃي ستپڙو وٺي آءُ!“
    نوڪرياڻي ستپڙو وٺي آئي، ته چرڪ چرڪ ڪري کائي وئي. ٽئين پهر ۾ ڳڙ-ڌاڻي گهرائي ڳڙڪي وئي ۽ چوٿين ۾ وري کچڻي رڌائي منجهس خوب گيھ وجهي ڏاڍا چَڙھ ڪيائين.
    صبح ٿيو ته مڙس به نڪري ٿيو نروار ۽ کيس ٻڌايائين؛ ”رات مون ڊيڄاريندڙ خواب ڏٺو. تڏھن صبح ٿيندي ئي ڀڳو آهيان.“
    ”خواب ۾ ڇا ڏٺئي؟“ زال پڇيس.
    ”ڊگهو نانگ ڏٺم!“
    ”ڪيڏو ڊگهو هيو؟“
    ”جيڏي ست ڳرئي ڪمند جي ڇڙهي!“
    ”ڦڻ ڪيڏي هيس؟“
    ”ڦڻ، ستپڙئي جيتري هيس.“
    ”ڪٿي لڪل ڏٺئي؟“
    ”ڳڙ-ڌاڻيءَ ۾!“
    ”ڪيئن پئي هليو؟“
    ”جيئن کچڙيءَ ۾ گيھ پئي ھليو!“
    اهي سوال جواب ٻڌي، جوڻس تپرس ۾ اچي وئي ۽ پوءِ ساري زندگي ڪڏهن نه چيائين ته؛ ”مان کاوان ئي ڪين.“
    مطلب: ۱. جيسوءَ کي تيسو.

    100. جيڪو درياه ۾ نه گهڙيو آهي، تنهن کي ڊپ رهي ٿو. (پھاڪو)
    هڪڙو بادشاه ٻيڙيءَ ۾ چڙهي درياھ جي سير تي نڪتو. سندس هڪڙو نوڪر ٻيڙيءَ ۾ ڪڏهن نه چڙهيو هيو. اھو ٻيڙيءَ جي هلڻ سان اچي روڄ راڙي ۾ ڇُٽو. بس ئي نه ڪري. سڄو پيو ڏڪي. سڀ آتارڻ تي، ته به هيءُ بس نه ڪري. بادشاھ ئي بيزار ٿي ويو ۽ سير جو مزو ئي ڪرڪرو ٿي ويس.
    هڪڙو داناءُ ان ٻيڙيءَ ۾ چڙهيل هئو. ان بادشاه کي چيو؛ ”مون کي اجازت ملي ته مان کيس ماٺ ڪرايان!“
    کيس اجازت ملي. اجازت ملڻ شرط نوڪرن کي چيائين؛ ”هن کي درياھ ۾ اڇليو.“ درياھ ۾ جڏهن ان ٻه ٽي غوطا کاڌا ته وارن کان ڇڪي، ٻيڙيءَ جي ويجهو آندائونس، جتي ٻيڙيءَ جي تختي کي چنبڙي پيو.
    پوءِ آهستي آهستي ٻيڙيءَ منجھ آندائونس. هاڻي ماٺڙي ڪري هڪڙيءَ ڪنڊڙيءَ ۾ وڃي ويٺو ۽ صبر سان ويهي رهيو. ڪاڏي ويس ڏڪڻي ته ڪاڏي ويس روڄ راڙو.
    ”هن ۾ ڪهڙي حڪمت هئي!“ بادشاه حيرت مان پڇيو.
    ”هن اڳ ۾ ٻيڙيءَ جي مصيبت ڪا نه ڏٺي هئي. تڏهن کيس ٻيڙيءَ جي سلامتيءَ جو قدر نه هيو.“
    مطلب: ۱. سک جو قدر تڏهن ٿيندو، جڏهن ڏک ڏسبا.

    101. جيڪو ڪم پاڻ کان نه ٿي سگهي،
    تنهن لاءِ ٻين تي زور نه رکجي. (چوڻي)
    هڪڙو واڻيو واٽ وٺيو پئي آيو ته سامهون هڪڙو ٻروچ منهن پئجي ويس. ٻروچ ڪهاڙي ڏيکاريندي کيس روڪيو ۽ چيائينس؛ ”واڻيا! ڪلمو ڀر، نه ته ماريندوسانءِ.“
    واڻيي ويچاري کي ڪلمي جي ڪهڙي خبر؟ هاڻي ته جان تي اچي ويس. جان بچائڻ به ضروري هئس. ان ڪري دل ۾ ٽل سوچيائين.
    ”گرو! ڪلمو مون کي ڪو نه ٿو اچي“. هٿ ٻڌي ٻروچ کي چيائين؛ ”تون ڪلمو پڙهندو هل! مان پويان اچاريندو ٿو اچان!“
    ”اڙي وڃ! ٽري وڃ!“ ٻروچ واڻيي تي مهربان ٿيندي چيو؛ ”تنهنجو ڀاڳ ڀلو آهي. ڪلمو ته مون کي به نٿو اچي.“
    ”تون جڏھن پاڻ نه ٿو پڙھي سگھين ته پوءِ مون تي ڇو ٿو زور ڀرين؟“ واڻيي ھٿ ٻڌي چيس؛ ”جيڪو پاڻ کان نه ٿي سگهي، تنهن لاءِ ٻين تي زور نه رکجي.“
    مطلب: ١. پاڻ ڳڙ کائجي ته ٻين کي نه روڪجي.
    ٢. پاڻ کان نه ٿي سگهندڙ ڪم، ٻين تي نه مڙهجي.

    102. جيڪي ڪجھ تون نه آهين،
    اهو بڻجڻ جي ڪوشش نه ڪر. (چوڻي)
    هڪڙي گدڙ، رات ڌاران کاڌي جي تلاش ۾، شهر ڏانهن رخ رکيو. بازار بند هئي. هڪ دڪان جي ڀر سان ڊرم رکيل ڏٺائين. کائڻ جي ارادي سان، منجهس ٽپو ڏنائين. انهيءَ ڊرم ۾ نيروليءَ جو نير پسيل پيو هيو. گدڙ منجهانئس رڱجي نيرو ٿي نڪتو ۽ اڳيان ٿورو ڪجھ کائڻ لاءِ حاصل ڪري، وٺي جهنگ ڏانهن ڀڳو.
    رڱيل گدڙ، جڏهن جهنگ ۾ پهتو ته سمورا جانور کيس عجيب نگاهن سان ڏسڻ لڳا. تنهن تي هن ٻين تي رعب ويهارڻ لاءِ، پاڻ کي موڪليل عجيب مخلوق طور پيش ڪيو، جنھن تي سمورا جانور کانئس ڊڄڻ لڳا ۽ کيس پنھنجو بادشاھ کڻي مقرر ڪيائون.
    هڪڙي ڏينهن ڏاڍي برسات پئي ۽ هر شيءِ پسي وئي. گدڙ به برسات جي پاڻيءَ ۾ وهنجي ويو. پسڻ شرط، سندس بت تان نير-پڻ ڌوپجي ويو ۽ اصلي رنگ ظاهر ٿي پيس. سندس اها حالت ڏسي، ٻيا جانور مٿس مڇرجي پيا ۽ کيس چيري ڦاڙي رکيائون.
    مطلب: ۱. پنهنجي اوقات نه وسارجي.
    ٢. جنهن پاڻ لڌو، تنهن دک وڃايو.
    ٣. پاڻ کي پنهنجي اصليت کان واڌو ظاهر نه ڪجي.
    ۴. ٻين جي ريس ۾ اهو نه ڪجي، بلڪ پنهنجي صلاحيتن کي اجاگر ڪري، پنهنجو پاڻ مڃرائجي. (۲۶) ص ۶۵

    103. جيءُ خوش، جهان خوش. (چوڻي)
    هڪڙي شهر ۾ هڪڙو غريب ڇوڪر، رستي تي ويو پئي جو هڪڙي شاهوڪار کي عمدي گاڏيءَ ۾ ويٺل ڏٺائين. گاڏيءَ تي نوڪر چڙهيا ويٺا هيا ۽ ”پوش پوش“ ڪندا، ڪاهيندا پئي ويا. ڇوڪر دل ۾ چوڻ لڳو، ”اي ڌڻي! مون کي هن شاهوڪار جهڙو ڪرين ته ڪهڙو نه چڱو!“
    شاهوڪار، ڇوڪر جو منهن لٿل ڏسي، صحي ڪيو ته شايد ڇوڪر کي ريس ورتو آهي، سو گاڏي بيهاري کيس سڏيائين ۽ سچي ڪرايائين.
    انهيءَ تي شاهوڪار چيس؛ ”اچ ته هڪ ٻئي سان مٽ سٽ ڪريون. تون منهنجي جاءِ ۽ ملڪيت وٺ! مان تنهنجي صحت ۽ جواني.“
    ڇوڪر وائڙو ٿي ويو.
    ايتري ۾ شاهوڪار، نوڪرن جي سهاري، چنگهي چنگهي گاڏيءَ مان هيٺ لٿو. ڇوڪر سندس پنگلائپ ڏسي، ويتر اچرج ۾ اچي ويو ۽ چوڻ لڳس؛ ”توهان جو مرتبو توهان کي نيبھ هجي! ڌڻيءَ جو شڪر آهي، جو مان پاڻهي اٿي ويهي سگهان ٿو. ٻين جي محتاجي ڪين اٿم. اهڙي ڌن مان ڪهڙو فائدو، جنهن ۾ بت اگھو ۽ سرير هيڻو هجي؟ رکي سڪي به، پاڻ-ڀرائيءَ واري ڀلي.“
    اهو ٻڌي، شاهوڪار پاڻ کي گاڏيءَ ۾ وجھايون، اڳتي هليو ويو.
    مطلب: ۱. تندرستي، ھزار نعمت آھي.
    ۲. جيءُ آھي ته جھان آھي.

    104. جيئن پئنچ چون، تيئن ڪجي. (چوڻي)
    هڪڙو واڻيو، پنهنجي هٽ آڏو، کٽ وجهيو ستو پيو هئو. اڌ رات ڌاري، هڪڙو چور تالو ڀڃي، دڪان ۾ گهڙيو ته واڻيي جي اک کلي وئي. چور کي تاڙي ويو ۽ يڪدم اٿي، دڪان جو در، ٻاھران کڻي بند ڪيائين.
    چور، دڪان جي اندر قابو ٿي ويو ۽ ڏاڍو پريشان ٿي، دل ۾ سوچڻ لڳو؛ ”هاڻي ڇا ڪيان؟“
    سوچيندي سوچيندي کيس هڪڙي اٽڪل سُجهي آئي. دل ۾ چيائين؛ ”جيڪڏهن واڻيي کي پڪ ٿئي ته اندر چور نه، پر ٻلو آهي ته دروازو کوليندو ۽ نڪرڻ ۾ آساني ٿيندي.“
    اهو سوچي، ٻلي وارا ميڪٽ ڪرڻ لڳو. واڻيو به چالاڪ هئو، سندس چالاڪيءَ کي سمجهي ويو هئو ۽ چوڻ لڳس؛ ”هاڻي ته پوري رات، اندر گذار. صبح ٿيندو ته ڏٺو ويندو. جيڪڏهن پئنچ چوندا ٻلي ته مان به چوندس ٻلي.“
    مطلب: ١. اهڙي موقعي تي چيو ويندو آهي، جتي مصلحتاً پنهنجي راءِ محفوظ رکي، ٻين تي ڳالھ ڇڏڻي هجي.
    ٢. پئنچ چون ٻلي ته ٻلي چئجي. (اردو) (۸) ص ۵۸


    [ چ ]

    105. چري ڦِٺ ۾ خوش. (چوڻي/ پهاڪو)
    هڪڙي ڏيڏري، ڪانگن جي آزار تتئون، هڪ وڻ جي پاڙ وٽ ٺهيل هڪ ننڍڙي ٻرڙ ۾ وڃي لڪي. هڪڙو اٺ چرندو، اتي اچي پهتو ۽ بيخياليءَ ۾ ڏرڙ جي مٿان لت اچي رکيائين. جنهن تي ڏيڏريءَ ٽان ٽان ڪندي چيس؛ ”ڪير آهين؟ جنهن منهنجي مٿان لت رکي آهي؟“
    اٺ هڪدم پير هٽايو ته ڏيڏري به ٽپ ڏئي ٿي نروار ۽ منهن ۾ گُهنڊ وجهي چوڻ لڳس؛
    ”اڙي مئا! سرت ڪر، ساڃاه ڪر، پُرجهي رک پير،
    ماڻهو ماريو هوءِ انهن جو، جي وڏا رکن وير،
    جو ڏسان هن واٽ تان، ته وري اچي ڪير؟“
    ڏيڏريءَ جي ڏَکي تي اٺ ڪنڌ ورائي ڏٺو ۽ چيائينس؛
    ”اڙي هن واٽ تان، اينديون وَهَين جون ويهون،
    لت آئي اٿيئي پٺيءَ تي، رُليل ڪرين ٿي ريهون،
    هت ٿي ڪرين ڪيهون، ته مهند جهليندينءَ موچڙا!“
    ڏيڏريءَ موٽ ڏنس:
    ”اڙي مئا! مهندين ملڪ، اسان جا رهيا ويٺا آهن راڄ،
    هڪڙو کارائين خوشيءَ مان، ٻيو ڪوڙين ڪن ڪاڄ،
    اُت به اوهان سندا راڄ، مَھَند کائي، ماريا!“
    ”مون سمجهيو آهين ڪا اشراف،“ اٺ جرح ڪندي چيس؛ ”پر آهين ڪا ڪميڻي.“
    ڏيڏريءَ پٽيندي چيس؛
    ”الله ڪري اٺ مري! وڃي شال پري!
    کارو ڏينس خوشيءَ سان، چهبڪ ڏيئي چري،
    لنگهي ٿيءُ درياه پري، سکيا ٿيون سپرين.“
    اٺ سپرين لفظ تي چيس؛
    ”جي سپرين سڀ خلق جو آهي مرسل موچارو،
    تو لاءِ اچيئي ٿو ڪانءُ ڪارو، هڻيئي ٿو چهنب چپن ۾.“
    ڏيڏريءَ چڙندي چيس؛
    ”چغل چغل، چپ ڪڍ پنهنجا جي لڏن لاماري،
    هڪڙا نيني ڪيچ ڏانهن، اُت به سڄڻ سنڀاري،
    ٿر بر لتاڙي، شل رلي مرين روھ ۾!“
    اٺ به مند جي ٻڌائيندي چيس؛
    ”پيٽ ته تنهنجو پنڊيءَ جهڙو، نڪ ته تنهنجو ننگھ،
    پاڻيءَ پاسي پُڙ پُڙ ڪرين، ٻُٽي ڏئين ٻڻنگ،
    اسين هاڙهي هريا، ڀاري ڀريا ويون جيسلمير.“
    ڏيڏري اٺ جي مرداڻي وات جا ويڻ نه سهي، رسي هلي ته ڪنهن کي هلي دانهن ڏئي ۽ اٺ کي جوڳي سزا ڏياري سگهي.
    گهڻي هل هلان کان پوءِ هلاک ٿي هڪ هنڌ پهتي، جتي ٻي ڪا پھر ڪا نه هئي. البته هڪڙو سانڊو هڪڙي ڪرڙيءَ تي ڪانڊاريو ڦوڪيو ويٺو آهي. کيس ڏسي دل ۾ چيائين؛ ”ايڏو ڦوڪيو ويٺو آهي، لاشڪ ڳوٺ جو وڏيرو ئي اهو آهي، ڇو نه کيس دانهن ڏيان!“
    ائين دل ۾ پھ پچائي، پاسڙو ڏئي اچي ڀر ۾ ويهي رهي ۽ وجھ ڏسي سانڊي کي چوڻ لڳي؛ ”بس ڏسان ڪو نه ڏيھي، جنهن وٽئون ويهي، ڪريان ڳجھ اندر ڳالهڙي، مئي ماريي اُٺ مون کي مڙساڻي وات ڇا ڳالهايو آهي!“
    سانڊي اٺ جي گلا ٻڌي دل ۾ چيو؛ ”اٺ جي گلا تي ته کيس اهڙي دلداري ٿو ڏيان جو خوش ٿي وڃي.“ ائين دل ۾ سوچي چيائينس؛
    ”آءُ! ڏيڏري ٻائي وڏيري، اچي ڳالھ ٻڌاءِ!
    پاڙا تنهنجا پڌر، جي وهن جاءِ بجاءِ،
    تون آمي لڪي، ڏنڀوءَ ڏڪي،
    جنهن ڄار چرندي، ٺڪاءُ ڏنو،
    تنهن جي چئي تون ڇو لڳين؟!“
    ڏيڏريءَ تعريف ٻڌي، بغليون هڻندي چيس؛ ”ٻڙي جيئس! ڙي جيئس جي ڄاڻائوئي ٿا جيئن!“
    مطلب: ۱. بيوقوف ئي تعريف پسند ڪندو آهي.
    ٢. خوشامد تي ڄٽ راضي ٿيندو آهي.

    106. چڱائي ڪر ته چڱائي ٿيئي. (چوڻي)
    هڪ نديءَ جي ڪناري پپر جو وڻ هو، جنهن تي هڪ ڪبوتر ويٺو هو. وڻ جي هيٺان، نديءَ جي ڪناري هڪ ماڪوڙي پئي گهمي. هڪ ڏينهن اوچتو ئي اوچتو ڇولي اچڻ سبب اها ماڪوڙي پاڻيءَ ۾ گهلجي ويئي ۽غوطا پئي کاڌائين.
    ماڪوڙيءَ کي ٻڏندو ڏسي، ڪبوتر جَهٽ پَٽ هڪ پَنُ پٽي نديءَ ۾ ڦٽو ڪيو. ماڪوڙيءَ پنهنجي اڳيان پن ترندو ڏٺو ته ٽپ ڏيئي وڃي مٿس ويٺي. پن ترندو ترندو اچي ڪناري سان لڳو. ان ريت هن پنهنجي جان بچائي. هوءَ مَنَ ئي من ۾ ڪبوتر جا لک ٿورا مڃڻ لڳي.
    هڪڙي ڏينهن ماڪوڙيءَ ڇا ڏٺو ته هڪ ماري، ڪبوتر کي پنهنجي تير جو نشانو پيو بڻائي! تنھن تي يڪدم وڃي ماريءَ کي پير ۾ چَڪ پاتائين، جنھن تي سندس ڪشيل تير گسي ويو. کڙڪي تي ڪنائيندي، ڪبوتر به وڻ تان صحيح سلامت اڏامي ويو.
    اوکيءَ ويل سهڪار ڪري، ٻنھي هڪ ٻئي جي جان بچائي.
    مطلب: ۱. ھتي ڪبو، ھتي پسبو. (۲۷)

    107. چڱو جن لکيو، مَدو سي نه پسن،
    توڙي رڻ رهن، ته به کنڊون کائن کير سين. (چوڻي)
    هڪڙي بادشاھ، جهنگ ۾ محل ٺهرايو هيو. جڏهن راڻيءَ سان گڏ، شڪار تي ويندو هيو ته اتي آرامي ٿيندو هيو. هڪ دفعي شڪار ڪندي، راڻي ۽ بادشاھ ڇڄي ويا. راڻيءَ ته جلدي محلات ڳولي پهتي، پر بادشاھ کي چڱي دير ٿي وئي.
    هڪڙو مسافر، محلات وٽان لنگهيو ته ٿَڪ سبب ان ۾ گهڙي، هڪڙيءَ ڪنڊڙيءَ ۾ سمهي پيو. جڏهن ننڊ مان اٿيو ته بک بي حال ڪيو هئس. هيڏي هوڏي ڦريو. کيس هڪ ڪمري ۾ کير ۽ کنڊ رکيل نظر آيا. کنڊ وارو کير پي، وري سمهي رهيو. آرام ۾ هئو جو بادشاھ به محلات ۾ آيو. کيس هيٺ ڏسي، مٿي پهتو ته راڻي پلنگ تي ستل نظر آيس. غيرت ۾ سڙي ويو.
    مسافر کي اٿاري، وزير ڏانهن خط لکي، کيس سزا ڏيارڻ لاءِ شهر موڪليائين.
    خط جا ٻه مطلب هئا. هڪڙو ته کيس سزا ڏني وڃي. ٻيو ته سزاوار لائق آهي. وزير ٻيو مطلب سمجهيو ۽ خط پڙهندي ئي، مسافر کي اڌ حڪومت جو ورهائي ڏنائين.
    مطلب؛ نيت نيڪ، مراد حاصل. (۵) ص ۶۵

    108. چمڙن جي گهر ويا مهمان،
    چي؛ ”اسان به پيا لٽڪون، اوهين به اچي لٽڪو.“ (پھاڪو)
    هڪ لڱا، گهڻي برسات پوڻ سبب، ڪي پکي اڏامي ڪنھن سڃيءَ جاءِ ۾ ويا. اتي ڏسن ته سڄي جاءِ چمڙن سان ڀري پيئي آهي. تڏهن منجهانئن ھڪڙي، چمڙن کي چيو؛ ”ادا، اسان کي مينھن ۽ سيءَ سٽي وڌو آهي. پاڻ وٽ ٿوري وقت لاءِ اسان کي اجهو ڏيو.“
    چمڙن وراڻي ڏنيس؛ ”اسان وٽ اوهان وانگر آکيرا ٺھيل ڪونھن. جيئن اسين ڀتين ۽ ڇتين تي لٽڪون پيا، تيئن اوهين به بلاشڪ اسان وانگر اچي لٽڪو.“
    مطلب: ۱. بڇڙو ماڻھو، چڱي واٽ ڪڏهن ڪين ڏسيندو.
    ۲. چمگادرون ڪي گهر مھمان آئي؛ هم ڀي لٽڪين، تم ڀي لٽڪو. (هندي) (۲) ص ٣٧

    109. چور، ڀلي بگھڙ ھجي، ڀاڙيو ٿيندو آھي. (چوڻي)
    هڪڙو بکايل بگهڙ، کاڌي جي ڳولا ۾ نڪتو. کيس هڪ ويءَ/ چراگاھ ۾ رڍن جو ڌڻ چرندو نظر آيو. ڌڻ مان هڪ رڍ کائڻ چاهيائين، پر کائي نه سگهيو، ڇو جو سموريون رڍون، هڪ چوڪس ڪتي جي پهري هيٺ چري رهيون هيون.
    بگهڙ به مڙڻو نه هيو، تنهن رڍ جي کل هٿ ڪري پاتي ۽ رڍن منجھ گهڙي ويو. کيس رڍ سمجهي، نه رڍون کانئس ڇرڪيون ۽ نه ئي پهريدار ڪتي جو ڏانهنس ڌيان ويو. روزانو هڪ رڍ، پاسائتي جهلي پيو رڙڪيندو هيو.
    ڌراڙ نيٺ ڌڻ سنڀاليو. ڪافي رڍون کٽل معلوم ٿيس. ڪافي ڳولا ڪيائين پر بي سود. هڪڙيءَ شام جو رڍن کي واڙ ڏانھن تڪڙو هلڻ لاءِ لٺ باٺو ڪيائين ته سموريون ٻيڪڻ لڳيون، جڏھن ته بگهڙ ٻيڪٽ ئي نه ڪيو. کيس بيمار رڍ سمجهي، لڪڻ هنيائين، جنهن تي بگهڙ روڙ ڪئي، جنهن مان سندس اصليت ظاهر ٿي پئي. اصليت ظاهر ٿيندي ئي، مالڪ لٺين سان کپي ويس.
    مطلب: ۱. نقل ڪرڻ، آپ گهات ڪرڻ برابر آهي.
    ۲. جنهن جو ڪم سو ئي ڪري، ٻيو ڪري گهاٽو ڀري. (۲۶) ص ۶۷

    110. چور ڪيڏي به چالاڪيءَ سان چوري ڪري،
    جاءِ واردات تي نشانيون ضرور ڇڏي. (چوڻي)
    هڪڙي شوالي ۾، ماڻهو مانيون، ڦريون ۽ ٻيا ڦل فروٽ ڏيئي ويندا هيا. ٻائو، اهي سڀ ڀيٽا طور، وڃي ديوتائن جي آڏو رکندو هيو، جيڪي کائيندا ڪو نه هيا. نتيجي طور سمورو مال، ائين جو ائين پيو ھوندو ھيو.
    هڪڙو نوجوان ڇوڪر، شوالي ۾ ٽهليو ٿي ڪم ڪار ڪندو هيو. ٽهل ٽڪور ڪندي، مندر اندر هليو ويندو هيو ۽ وڃي ڦل فروٽ ۽ مانيون رڙڪيندو هيو. هڪ دفعي ٻائي کي، مندر ۾ ڪو کڙڪو ٻڌڻ ۾ آيو. تنهن زور سان پڇيو؛ ”اندر ڪير آهي ۽ ڇا ٿو ڪري؟“
    ”ٻاوا!“ ڇوڪر چاٻا ڏيندي ورندي ڏنس؛ ”مان ڦريون ڪو نه ٿو کاوان.“
    مطلب: ۱. اندر جي ڳالھ زبان تي اچي ئي ويندي آهي.
    ۲. چور کي پنهنجي چوري پئي ککندي آهي.

    111. چورن مٿان مور پيا، اڌ ورهائي کڻي ويا. (پھاڪو)
    ڪن چورن ڪنهن هنڌ، چوريءَ جو مال ويٺي پاڻ ۾ ورهايو. پنهنجي ڪم ۾ مشغول هئا جو هڪڙو مور جهٽ هڻي هڪڙو موتين جو هار کڻي وين. مٿي کڻي وڃي ھڪڙي وڻ تي ويٺو ۽ ھار جي وچين ڌاڳي کي ڇني منجھانئس، هڪڙو هڪڙو موتي ڪڍي، ڳيهندو ويو، تان جو سمورا ڳيھي چٽ ڪيائين.
    اھو لقاءُ ڪنھن الله لوڪ فقير پنھنجي گنھگار اکين سان ويٺي ڏٺو، تنھن جي زبان مان امالڪ نڪري ويو؛ ”چورن مٿان مور پيا، اڌ ورهائي کڻي ويا.“
    مطلب: ۱. ماريءَ مٿان ماري پيو آھي.
    ۲. سير مٿان سوا سير پيو آھي. (۲) ص ۳۸


    [ ڇ ]

    112. ڇڪو ڇنو، ٻليءَ جي ڀاڳين. (پهاڪو)
    هڪڙي گهر اندر، گهر جي وڏي، مڇي وغيره آندي. ڪتي ٻلي کان بچائڻ لاءِ، گهر جي ڇت اندر لڙڪندڙ ڇڪي ۾ رکرائي ڇڏيائين. رات جو ٻليءَ مٿس گهڻي ئي نرا ۽ ٽپا ڏنا، پر پڄي ڪين سگهي. ڇڪي جون نوڙيون پراڻيون ٿي ويل هيون. مڇيءَ جو وزن به سلالو هيو. نيٺ اڌ رات ڌاري، ڇڪي جي هڪ ٻه نوڙي ڇڄي پئي، جنهن سبب مڇي اچي پٽ تي پئي. ٻليءَ کيس ڍوئي وڃي، لڪڻ واري جاءِ تي، سڄي رات چڙھ ڪيو.
    صبح جو مالڪ، ڇڪو سنڀالين ته ٽٽو پيو آهي. هيٺ، ھڪ اڌ ڇلر پيو آهي، باقي مڇي لھ ئي نه. پيرو کنيائون ته خبر پين؛ مڇي پنهنجي ٻليءَ ئي کاڌي آهي. شايد اسان جي نصيب ۾ نه هئي. ان جو ئي نصيب ھيو جنهنڪري وٺي اچي ڪمزور ڇڪي ۾ رکي هئيسين. سندس ڀاڳن ۾ ڇڪو ٽٽو ۽ سندس نصيب، کيس مليو.
    مطلب: ۱. جنهن شيءِ جي ملڻ جي اميد نه هجي ۽ ڪٿان ان جي ملڻ جو آسرو ٿي پوي ته واتان ائين نڪري ويندو آهي.

    113. ڇوڪرن، اٺ مسيت تي چاڙهيو ھيو. (چوڻي)
    هڪ دفعي مدرسي جي طالبن، استاد جي نه هئڻ جو فائدو وٺندي، اٺ مسيت تي چاڙهي ڇڏيو. استاد آيو ته حيران ٿي ويو.
    چي؛ ”اٺ مسيت تي ڪيئن چڙهيو؟“
    ”ڇورا!“ طالبن کي مار ڪٽ ڪندي چيائين؛ ”جيئن اٺ مسيت تي چاڙهيو اٿو، تيئن هيٺ لاهيو.“
    مار ملڻ بعد، ڀر پاسي ۾ رکيل ڪڙٻ جي کري مان، طالبن ڪڙٻ جا بند کڻي اچي مسيت جي پاڙ ۾ سٿڻ شروع ڪيا. ڪلاڪ اڌ ۾، ڪڙٻ جي بندن سان، سلاميءَ واري ڀِڪَ ٺاهيائون.
    سلاميءَ ذريعي، اٺ مسيت تان هيٺ لاٿائون. ساڳيءَ طرح وري ڪڙٻ کڻي وڃي کرو ٻڌي ڇڏيائون.
    ”اٺ جيئن لاٿوسين!“ مسيت جي پاڙ مان ڪڙٻ جو پَٽَھ صاف ڪري، حيران بيٺل استاد کي چيائيون؛ ”مسيت تي چاڙهيو به ائين هيوسين.“
    مطلب: ١. ڇوڪرا، وڏيون حرڪتون سر انجام ڏيئي سگهن ٿا.
    ٢. ڇوڪرن کي به شيطان وانگر، عقل سرس هوندو آهي.
    ٣. ڇوڪراڻي پوتي، ڪنهن نه ڌوتي.
    ۴. ڇوڪراڻي پوتي، جهڙي ڌوتي، تهڙي نه ڌوتي. (۲۹)

    114. ڇوڪرن کان شيطان به پناھ گهري آهي. (چوڻي)
    هڪ ڏينھن شيطان باندر جي روپ ۾ اچي ڪن ڇوڪرن جي ٻاريءَ وٽان لنگهيو. ڇوڪرن کي باندر، راند ٿي سُجھي آيو، تنھنڪري ڪو منھن کان ته ڪو پيرن کان ته ڪو وري پڇ کان پيو جهليس. باندر ڪجهه ڪڇيو ڪين پئي. تڏهن هڪ ڇوڪر ڪاٺي کڻي شيطان کي ٽنبي. ان تان شيطان دانھون ڪندو ڀڳو.( )
    مطلب: ۱. ڇوڪر ڇتي ذات، ڀؤن ڀؤن ڪن ڀڳت ۾.
    ۲. ڀيٽيو؛ ڇوڪرن اٺ مسيت تي چاڙھيو ھيو. (۲) ص ۳۸


    [ خ ]

    115. خچرن کان ولديت ڪهڙي پڇجي؟ (پهاڪو)
    هڪڙو خچر، ڦونڊجي دل ۾ دليل ڊوڙائڻ لڳو؛ ”آ گڏھ کان هزار دفعا ڀلو آهيان!“ اهو سوچي وٺي هينگڻ ۽ ٽپا ڏيڻ لڳو.
    رستي سان هڪڙو دايو پڻ گڏھ ڪاهيو پئي ويو، جنهن اهو لقاءُ ڏسي پڇيس؛ ”رئيس اوهان جي امڙ ڪير؟“
    ”گهوڙي!“ خچر، دڙها هڻندي ٻڌايس.
    ”ڀلا اوهان جي والد صاحب جي خبرچار، ڪو حسب نسب؟“ دايي لاڳيتو ٻيو سوال پڇيس.
    ”خبردار! زبان کي لغام ڏي! گستاخ نه ٿيءُ!“ خچر گارين تي لھي ايندي، سخت لھجي ۾ موٽ ڏيندي چيس؛ ”بي ادبي ڪندين ته سزا پاڻ سمجهندين!“
    مطلب: ۱. جڏهن ماڻهو دليل ۾کٽندو آهي ته گاريون ڏيڻ شروع ڪندو آهي يا رعب ويهارڻ شروع ڪندو آهي.
    ۲. نر گڏھ ۽ مادي گهوڙيءَ جي ميلاپ سان، پيدا ٿيندڙ نسل کي خچر چئبو آهي.
    ٢. سو ڪري سينگار ته به کودڙيءَ پُٽ کودڙو.
    ٣. حسب نسب مٽڻ سان، اصليت ڪين مٽبي آهي. (۶) ص ۴۷

    116. خدا حقئون به رکي، ناحقئون به رکي. (چوڻي)
    هڪڙي ڪنڀر کي سنگتيءَ چيو؛ ”جيئن ٻيا ٿانءَ ٿپا ٺاهين ٿو، تيئن جيڪر ٺڪر جا رپيا ٺاهي سگهين ته واه واه.“
    ”هائو! ٺاهي سگهان ٿو!“ ڪنڀر حامي ڀريندي پڇيس؛ ”تو کي کپن ڇا؟“
    ”هڪڙا سؤ رپيا جوڙي ڏي!“
    ”ٽن چئن ڏينهن کان پوءِ اچج ته ڏيندوسانءِ.“
    ساڳيو ماڻهو، ٻئي ڏينهن ٻه سنگتي ساڻ ڪري، ڪنڀر جي در تي آيو ۽ ٻاهران بيهي ڪنڀر کان پڇيائين؛ ”سؤ رپيا اڄ ڏيندين؟“
    ”مون ٽن چئن ڏينهن جو مدو ورتو هئو. اڄ ڪيئن ٿو گهرين! سڀاڻي اچي پنهنجا سؤ رپيا وٺج.“
    ساڻ آندل سنگتين کي، شاهد بنائي ٻئي ڏينهن ڪنڀر جي در تي آيو. ڪنڀر کان سؤ رپيا گهريائين، جنهن ٺڪر جا پئسا ڏنس. تنهن تي رڙ ڪري چوڻ لڳس؛ ”ڏئين ڇا ٿو؟“
    ”تنهنجا روپيا!“
    ”سؤ روپيا وٺين ٿو چانديءَ جا ۽ موٽائين ٿو ٺڪر جا؟!“ شاهدن چيس؛ ”هن کي سچا پئسا ڏي، نه ته سڌو ڪاٺ ۾ ويندين!“
    ”خدا جو ڀؤ ڪريو! پاڻ کي عذاب ۾ نه وجهو.“ ڪنڀر سمجهائيندي چين؛ ”خدا حقئون به رکي، ناحقئون به رکي.“
    مطلب: ۱. زيادتي، ڪنھن سان به چڱي ناھي. (۲) ص ۳۹


    [ د ]

    117. دل جي ڳالھ، پياري زال کي به نه سلجي. (چوڻي)
    هڪڙي بادشاھ کي ڪنهن سياڻي ماڻهوءَ، سندس محفل ۾ علمي بحث هلندي چيو؛ ”دل جو راز، پياريءَ زال کي به نه سلجي.“
    بادشاھ آزمودي خاطر، هڪ ڏينهن پياري راڻيءَ کي مذاق مذاق ۾ چيو؛ ”مان فلاڻي وزير کي مارائي ڇڏيندم، پر هڪڙي ڳالھ ٻڌ! اها ڳالھ ڪنهن کي ٻڌائجانءِ نه.“
    ان وزير جي زال، راڻيءَ جي به سهيلي هئي. هڪ ڏينهن ڳالهين ڳالهين ۾ کيس، راڻيءَ پنهنجي مڙس جي ارادن کان آگاه ڪري ڇڏيو. وزير جي زال کان ته پوءِ ننڊ ئي کسجي وئي. ان ٺَڪ وڃي اھا ڳالھ مڙس کي ٻڌائي، پنهنجي پيٽ جو بار هلڪو ڪيو.
    وزير، بادشاھ جا ارادا ٻڌي، خبردار ٿي ويو. وڏيءَ پريشانيءَ کان پوءِ، هڪ سازش تحت هڪ ڏينهن بادشاھ کي قتل ڪرائي ڇڏيائين.
    مطلب: ۱. پنهنجي دل جو راز، ٻئي کي ٻڌائڻ کان پوءِ، پرائو آهي.
    ۲. ڳالھ جيستائين پاڻ وٽ آهي، تيستائين راز آھي. ڪنهن هڪ کي به ٻڌائبي ته مشتهر ٿي ويندي.
    ۳. مٺ ڀيڙيائي ڀلي، اپٽي ته واءُ،
    پڌر پئي ڳالهڙي، ڇڏي ويندي ساءُ. (۳) ص ۱۱۸

    118. دل کوٽي، عذر گهڻا. (چوڻي)
    هڪڙي شخص کي نوڙي کپندي هئي. پاڙي واري دڪاندار وٽ ويو ۽ کانئس وڃي نوڙي اڌاري گهريائين.
    دڪاندار، دڪان ڇڏي گهر اندر گهڙي ويو. جهٽ کان پوءِ هٿين خالي موٽيو. ”سائين معاف ڪجو!“ دڪاندار، نوڙي نه آڻڻ لاءِ عذر ڏيندي چيو؛ ”نوڙي واندي ناهي. گهر وارا ساڻس اٽو پيا ٻڌن!“
    ”اٽو نوڙيءَ سان پيا ٻڌن؟“ نوڙي گهرندڙ شخص حيرانگيءَ مان پڇيو.
    ”جڏهن ڪا شيءِ ڏيڻي نه هوندي آهي ته پوءِ ان کي رکڻ لاءِ ڪهڙو به بهانو ڪري سگهجي ٿو.“ هٽ تي آيل ٽئين شخص، نوڙي گهرندڙ جي حيرانگي ٽوڙيندي چيو؛ ”جنهن ڪم جي نه هجي، تنهن ڪم ۾ به آڻي سگهجي ٿي.“
    مطلب: ١. نھ کي نوَ ڪوٽ آهن.
    ٢. ٻانهن ڀڳو ڪم ڪري، ٽنگ ڀڳو ڪم ڪري، دل ڀڳو ڪم نه ڪري. (۶) ص ۳۱

    119. دنيا ۾ رِپن مٿان رِپون پيون آهن. (چوڻي)
    هڪڙي ڏيھ ۾ هڪڙو همراه ويھ مڻ ڏيهاڙي خوراڪ کائيندو هيو، جنهن سببان مٿس نالو ئي ”ويھ مڻو“ پئجي ويو هيو! پاڻ کي مڙني کان سرس ۽ سوايو پيو ڀانئيندو هيو، نه ڪنهن تي فلڪ آڻيندو هيو ۽ نه ئي ڪنهن تي اک ٻڏندي هيس.
    هڪ ڏينهن ٻڌائين ته؛ ٻيءَ دُڻيءَ ۾ ڪو سگهارو مڙس رهي ٿو، جيڪو ”ايڪيھ مڻو“ سڏائي ٿو. ٻڌڻ شرط ننڊ ڦٽي ويس، قرار اجڙي ويس. دل ۾ هورا کورا ٿيس، ته ساڻس ملان ۽ وس پڄي ته زور-آزمائي ڪري، کيس زير ڪيان. اهي پور پچائي سهي سنبري نڪري پيو، ايڪيھ مڻي جي ديس ڏانهن.
    اڃا ايڪيھ مڻي جي جهانيءَ ۾ گهڙيو ئي ڪو نه، جو ڏٺائين ته اٺن سالن جو ڇوڪر، کجيءَ جو وڻ پاڙان پٽيون کنيو پيو وڃي. پهرين ته ڊنو پر پوءِ دل جهلي ڇوڪر کي چيائين؛ ”اهو لڪڻ ڏي ته لڪڻ ڪري کڻي هلانس!“
    ”تون ڪهڙي باغ جي مُوري آهين جو تو کي ڏيان،“ ڇوڪري وراڻي ڏنس؛ ”هيءُ ته مان پنهنجي ابي ايڪيھ مڻي لاءِ ڏندڻ طور کنيو پيو وڃان!“
    انهن لفطن تي ڊنو ضرور، پر سندس در تائين وڃڻ لاءِ پڻ دل ٻڌي پٺيانس هليو. ايڪيھ مڻي جي گهر ٻاهران جهنگلي هاٿي پئي چريا سي هڪ هڪ ڪري ويھ مڻي، ايڪيھ مڻي جي ڪوٽ ۾ اڇليا. ايڪيھ مڻي جي ڌيءُ، گھر اندر ٻهاري ڏئي رهي هئي. هاٿي اڱڻ ۾ ڪرندا ڏسي، پيءُ کي ٻڌايائين؛ ”بابا! الائي ڪير، گهر ۾ هاٿي پيو اڇلي.“
    ”پٽ مٿو نه کاءُ!“ ايڪيھ مڻي ڌيءُ کي چيو؛ ”ٻهاريءَ سان ريڙهي کڻي ٻاهر اڇلين.“ جڏهن ايڪيھ مڻي جي ڌيءُ، ٻهاريءَ سان سمورا هاٿي ٻهاري ٻاهر ڪڍيا، ته ويھ مڻي کي اچي ڦرڪڻيءَ ورايو. تڏهن به مڙيو ڪو نه. جيئن ئي سامت ۾ آيو ته ايڪيھ مڻي کي ويٺو سڏ ڪرڻ؛ ”نڪري آءُ گهران، ته طاقت جو مقابلو ڪيون.“
    ايڪيھ مڻو، گهر جي ڪوٽ مان ٻاهر آيو ۽ مقابلو ڪرڻ قبوليائين.
    مقابلي لاءِ طئي ڪري، هڪڙي ميدان ڏانهن اسهيا. واٽ تي هڪڙي ٻڍڙي عورت ڏٺائون، جنهن جي مٿي تي ڀَت سان ڀريل وڏي ٻيڙي رکيل هئي ۽ ڪڇ ۾ دال جي ديڳ هيس. تنهن کي چيائون؛ ”اسين ٿا مقابلو ڪيون. انصاف ڪرڻ لاءِ تون بيهي اسان جو دنگل ڏس! پوءِ ٻڌاءِ ته ڪير طاقت ۾ سرس آهي؟“
    ”مون کي واندڪائي ڪانهي،“ ڪراڙي اڳتي وڌندي چين؛ ”پٽم لک مينهن جو جهليو پيو جهنگ ۾ چاري، صبح جو لنگهڻ ئي نڪتو آهي. جلد پهچان ته نيرن ته ڪري! جيڪڏهن توهان کي هروبرو ضد آهي ته توهان جو دنگل مان ٻڍڙي ڏسان ته پوءِ ٻئي منهنجي ڪلهن تي چڙهي، پاڻ ۾ وڙهندا هلو. ان سان مان به نه سيڙبس، پٽ اتي پريشان نه ٿيندو ۽ توهان جو دنگل به ڏسي وٺندس.“
    هيءُ ٻئي ٻڍڙيءَ جي ڪلهن تي بيهي دنگل ڪرڻ لڳا. جڏهن ڪراڙي جهنگ کي ويجهو پڳي ته پريان سندس پٽ کين جيئن ڏٺو ته ڀانيائين ڪو ديو پيو اچي؛ متان منهنجون مينهون ماري وڃي، تنهنڪري يڪدم کٿو وڇائي، منجهس سموريون مينهون ٻڌي، ڪلهي تي رکي اٿي ڀڳو. امالڪ هڪڙيءَ سرڻ لامارو ڏئي ڪلهي واري ڳنڍ چهنب ۾ جهٽيون، کنيون هلي وئي.
    هڪ هنڌ هڪڙي نو ورني ڪنوار، کڏ تي چڙهيو، ويٺي وار سڪايا. انهيءَ اپرانڌ سرڻ به ڳنڍ سميت مٿان اچي لنگهي. ڪنوار سرڻ کي ڏسندي جيئن اک کپايس ته مٿان پهچڻ وقت سرڻ جي چهنب مان کٿي واري ڳنڍ کلي وئي ۽ سموريون مينهون، کٿي سميت اچي ڪنوار جي اک جي پنبڻين تي ڪريون. ڪنوار اک ۾ سُرڪو ڀانئيندي ٻانهيءَ کي سڏي چيو؛ ”ڏس ته منهنجيءَ اک ۾ ڇا ٿو پيو هُري.“
    ”سانئڻ ٻيو ته ڪي ڪينهي.“ ٻانهيءَ اک ۾ نهاريندي ٻڌايس؛ ”مينهن جو وڳ آهي، جيڪو پيو ڦري.“
    ”چڱو سَر سان هڪ هڪ ڪري ڪڍ ته سهي.“ ڪنوار چيس.
    ٻانهيءَ ڪک سان مينهن کي پنبڻين مان ڇنڊي ڪڍي ڇڏيو.
    مطلب: ۱. ڄاڻايل رپن کان مٿي به ڪي رپون آهن ڇا؟
    ۲. ڀيٽيو؛ دنيا ۾ رِپن مٿان رِپون پيون آھن. (۶) ص ۴۳

    120. دوست اهو جو اوکيءَ ويل ۾ ڪم اچي. (چوڻي)
    هڪڙا ٻه دوست هڪڙي جهنگ مان وڃي رهيا هئا. اوچتو ھڪڙو ڦاڙيندڙ شينهن اچي مٿانئن ڪڙڪيو. هڪڙو دوست ڏاڍو ڦڙت ۽ هوشيار ھيو، سو پري کان ئي شينهن جي چنگھاڙ ٻڌي، جهٽ وڻ تي چڙهي ويو. ٻيو دوست نه ڦڙت هئو ۽ نه ئي وڻ تي چڙهڻ جو کيس ڏانءُ هئو. ان ڏکئي وقت ۾ دوست به ڇڏي ڀڄي ويس ته ويتر هيانءُ به هڄي ويس. تڪڙ ۾ ٻي ڪا ڳالھ سمجھ ۾ نه آيس، پر کيس اها خبر هئي ته شينهن پرايو ماريل شڪار نه کائيندو آهي. سندس آڱر کي هڪ هنڌ چھڪ آيل هئو، تنهن جي پٽي ڇوڙي، زمين تي ڪري پيو ۽ ساهه کڻڻ بند ڪري ڇڏيائين.
    شينهن مٿس آيو ته زخمي حالت ۽ ساھ نه کڻڻ واريءَ ڳالھ مان اندازو لڳايائين ته پرائو شڪار آهي. تڏهن به پڪ ڪرڻ لاءِ پنهنجو ٻوٿ همراھ جي نڪ، ڪن ۽ وات وٽان ويجهو گهمايائين ۽ نيٺ هليو ويو.
    شينهن جي هليو وڃڻ کان پوءِ، وڻ تي چڙھيل دوست هيٺ لٿو. هيٺين دوست کي زنده سلامت ڏسي خوش ٿيو. خوشيءَ ۾ دوست کي چوڻ لڳو؛ ”يار مون کي ته خوشي ٿي آهي جو تون نه وڻ تي چڙھي سگهئين ته به خونخوار شينهن جي چنبن مان بچي وئين.“
    ”ادا الحمد لله!“ دوست ورندي ڏنس.
    ”پر هڪڙي ڳالھ سمجھ ۾ نه آئي.“
    ”ڪهڙي؟!“
    ”شينهن تو کي ڪن ۾ ڇا پئي چيو؟“
    ”شينهن ڪن ۾ ڇا چيو؟ ها! شينهن چيو پئي ته؛“ حيرت ۽ تعجب کائڻ کان پوءِ کيس ٻڌايائين؛ ”دوست اهو جو اوکيءَ ويل ڪَم اچي.“
    مطلب: ۱. دوست اھو، جو يار غار ھجي.
    ٢. ڪانئر دوست کان، بس ڀلي آهي.
    ۳. جيڪو مصيبت ۽ ضرورت وقت ڪم نه اچي، ان جي دوستيءَ جو اعتبار ناهي. (۳۰) ص ٣٩

    121. دولت، دلي يار جدا ڪري. (چوڻي)
    هڪڙي ھمراھ، پنهنجي دوست کان سؤ روپيو اڌارو گهريو، جنهن تي اڳلي اوڌر ته نه ڏنس، هٿائين آئندھ لاءِ ملڻ جلڻ به ڇڏي ڏنائينس.
    گهڻي عرصي پڄاڻان، ٻئي راھ ويندي هڪٻئي جي منهن چڙهي ويا. قرض گهرندڙ، پنهنجي دوست کي ڏوراپو ڏيندي چيو؛ ”مون کي تو مان اها اميد نه هئي. سؤ روپين ڪاڻ مون کان منھن مٽي ويندين.“
    ”مون کي به تو منجھان اها اميد نه هئي.“ قرض نه ڏيندڙ دوست ميار ڏيندي چيس؛ ”جو سؤ روپين خاطر منهن مٽي ويندين!“
    مطلب: ١. دولت، نهن کان ماس وڇوڙي.
    ٢. دولت، وڇوڙي جو سبب آهي.


    [ ڏ ]

    122. ڏاڍو سو گابو. (پھاڪو)
    هڪڙو رڍ جو ٻچڙو، نهر مان پاڻي پي رهيو هيو. مٿڀرو بگهڙ به ساڳيءَ نهر مان پاڻي پئي پيتو. اوچتو رڍ جي ٻچڙي تي نظر پئجي ويس. دل ۾ خيال ٿيس ته؛ ’گھٽي کي ڳڙڪائجي.‘ اھو خيال پچائي، گھٽي ڏانهن وڌي آيو ۽ اچي چيائينس؛ ”پاڻي لُٻي لڙپاٺو ڇو ٿو ڪرين؟ ڏسين نه ٿو ته مان به ساڳيءَ نهر مان پاڻي پيو پيان!“
    ”سائين! معاف ڪجو!“ گَهٽي نماڻائيءَ سان عرض ڪندي چيس؛ ”پاڻي توهان ڏانهن مون ڏي پيو اچي. مان هيٺائينءَ مان بيهي، مٿانهينءَ واري لاءِ، پاڻي ڪيئن خراب ڪندو هوندس!“
    ”اڙي پوءِ تو ڀلا مون کي پَرُ گاريون ڇو ڏنيون هيون!“ بگهڙ ڏاڏر ڪندي چيس.
    ”سائين مان ته آهيان ئي ٽن مهينن جو.“ گهٽي هيٺانهين هلندي چيس؛ ”مون توهان کي پَرُ ڪيئن گاريون ڏنيون هونديون!“
    ”تنهنجو پيءُ ٿي سگهي ٿو.“ بکئي بگهڙ ڏند ڪرٽيندي چيس؛ ”يا تنهنجي ماءُ ٿي سگهي ٿي!“ ائين چئي مٿس ٽپو ڏنائين ۽ غريب گهٽي کي چيري ڦاڙي کائي ڇڏيائين.
    مطلب: ۱. ڏاڍو ماري، روئڻ به نه ڏئي.
    ۲. ڏاڍي جي ڏاڍ جي دانھن، ڪنھن کي به نه ٿي ڏئي سگھجي.
    ۳. Might is Right.

    123. ڏاند تي چڙهئي به ڪنهن ڏک ڏٺا؟ (پهاڪو)
    هڪڙو لاڏائو، هڪ هنڌان لڏو پٽي، قافلي سان ٻئي هنڌ وڃي رهيو هيو. وٽس هڪڙو ڏاند هيو، جنهن تي زال کي ويهاريو ھيائين. جڏهن ته ان پيهڻ وارو جنڊ، پاڻ پنھنجي مٿي تي کنيو هيائين.
    قافلي ۾ موجود هڪڙيءَ سهيليءَ، جوڻس کان، حال احوال ڪندي، پڇيو؛ ”ائي ادي! ڏي خبر! ڪهڙا حال اٿئي؟ مڙس ڪيئن ٿو هلئي؟ ڪو گُهرئي ڀانوئي ڪن ڪو نه!؟“
    ”ائي ادي! ڪهڙا ٿي ڏکن ۽ ڏوجرن جا داستان کولائين.“ سهيليءَ سان مڙس جا ڏک ڪڍندي چوڻ لڳي؛ ”مئو ڏسين نه ٿي! پاڻ جنڊ کنيو جشن ڪندو ٿو هلي، مون ڏکيءَ کي ڏاند تي چاڙهيو ڏجها ڏيندو ٿو هلي!“
    ”واھ امڙ واھ! ڏاڍو قدر ڪيو اٿئي مڙس جو! تو کي به ڪو قادر سمجهائي. ٻئي جي سمجھ جي ته آهين ئي ڪا نه!“ سهيليءَ ڏوراپو ڏيندي چيس؛ ”ڏاند چڙهئي ٿي ڏک ڏسين! پوءِ ته حيف آهي تنهنجي حال تي! شڪر ڪو نه اٿئي، باقي ٻيو سڀ ڪجھ اٿئي.“
    مطلب: ١. سکن هوندي ڪو ناشڪرو ئي ڪُرڪندو.
    ٢. ناشڪرو ڪروڌ ڪري ته کيس ڏوراپو ائين ڏبو آهي.
    ٣. ڀيٽيو؛ گيھ پئي ڪا سينڌ سڙندي آهي؟ (۳) ص ۱۰۷

    124. ڏاھ ڏي ان کي جو ڏاهو ٿيڻ چاهي،
    ڏاھ نه ڏي باندر کي، جو گهر جهرڪيءَ جو ڊاهي. (پھاڪو)
    هڪڙي جهنگ ۾ ٽي چار باندر سيءَ کان پئي ڏڪيا. کين هڪڙي ٻوڙي ۾ ٽنڊڻي ٽمڪندي نظر آئي. سمجهيائون ته ٽانڊو آهي، جيڪو ٽمڪي پيو. يڪدم وڃي ٽنڊڻيءَ کي پڪڙيائون ۽ بينجھا هٿ ڪري ٽنڊڻيءَ مٿان رکي، ويهي ڦوڪون ڏيڻ لڳا. ڦوڪون ڏيئي ڏيئي بيک نڪري وين.
    اتفاق سان ان وقت ھڪڙو من موسڙو، جھرڪيءَ جيترو پکي، پنهنجي آکيري مان سندن لقاءُ ڏسي رهيو هيو. کانئس رهيو نه ٿيو. يڪدم باندرن کي نور وڃائڻ کان روڪڻ لاءِ نصيحت ڪرڻ لڳو: ”جنهن کي توهان ٽانڊو سمجهيو آهي، اهو ٽانڊاڻو آهي. ساھدار جيت آهي، ان مان ڪاٺين کي باھ ڪيئن لڳندي؟“
    ان جي باوجود، باندر پنهنجي ڪرت کي لڳا رهيا. من موسڙي جي مٿن رٽ هجي ۽ هنن جي ڦوڪن جي ڌُم هجي. هوڏانهن باھ نه ٻري، هيڏانهن هن جو ڪروڌ نه وڃي. مٿان وري قهر جي سردي. انھيءَ ماحول، باندرن کي ويتر چيڙائي وڌو.
    باندر يڪدم من موسڙي واري آکيري ڏانھن وڌيا. وڻ تي چڙھي جڏھن آکيري وٽ پھتا تيستائين من موسڙو اڏامي ٻئي وڻ تي وڃي ويٺو. باندر خار ۾ سندس آکيرو ڇيتيون ڇيتيون ڪري پوءِ ھيٺ لٿا.
    مطلب: ۱. نصيحت ان کي ڪجي جيڪو نصيحت ٻڌي ۽ سمجهي.
    ۲. سيکار ان کي جو سکڻ چاهي، سيکار نه بيوقوف جو گهر ٻئي جو ڊاھي. (۸) ص ۵۸

    125. ڏڏن کي ڏڏاڻيون متيون ڏجن. (پھاڪو)
    هڪڙو ڇوڪرو، ڀوڳڙيءَ کان ڀڳڙا ڀڃائڻ، سندس ھَٽ تي ويو. اھو ھٽ ھڪ منھ اندر ھيو. منھ جي وچ تي متي کتل ھئي. ڇوڪر انتظار ڪرڻ لاءِ ان منيءَ سان ٽيڪ ڏئي بيٺو. ڀوڳڙي ڀڳڙا ڀڃي، جڏهن ڏيڻ لڳس، ته نينگر منھ جي مُنِي جي ٻنهي پاسن کان ٻانهون ڦيرائي، ٻڪ ۾ ڀڳڙا ورتا. ٿوڻي، ٻانهن جي وچ ۾ آئي ته ڇوڪر ٿيو سڪ. ھاڻي جي ٻڪ ٿو ڇوڙي ته ڀڳڙا ٿا ڪرن ۽ جي نه ٿو ڇوڙي ته گھر نه ٿو وڃي سگهي. تنهن کان لڳو روئڻ. روئڻ تي، ماڻهو اچي مڙيا. سڄي گوٺ جا مڙس به ٻار وانگر، سڀ ڏاهري ھيا، جي لڳا ڳڻتيون ڪرڻ؛ ”هاءِ! ڪيئن ٿيندو! ڇوڪر ڏاڍو ڦاٿو. ڪيئن ڇٽندو؟“ ائين انهن جي ڳڻيندي، لال ٻجهڪڙ، ڏاهرين جو چڱو مڙس، اتانهون اچي نڪتو. سو ڏسي ٻڌي ٿو چوي؛ ”ڳڻيو ڇا ٿا؟ ڇپر لاهي، مني پٽي ڪڍجي، ته ڇوڪر پاڻيهي ڇٽي پوندو.“
    اها ڳالھ، سڀني ڏاهرين ٻڌي چيو؛ ”ٻيلي واھ! چڱي صلاح ڏنئي.“ تڏهن لڳا، تيئن ڪرڻ.
    مطلب: ۱. ڇوڪرن کي ڇوڪراڻيون ڳالهيون، ڏڏن کي ڏاڏاڻيون متيون وڻنديون آهن.
    ۲. هر ماڻهوءَ سان سندس عقل آهر ڳالهائجي. (۲۸) ص ۴۸

    126. ڏئي مٿان، پر ڪنهن جي هٿان. (چوڻي)
    سج لهي ويو هو. چنڊ، جهوپڙيءَ اندر گهڙي آيو هو. هڪڙي بيوھ زال نالي نماڻي، ڏينهن جي سخت پورهئي کان پوءِ پنهنجي جهوپڙيءَ ۾ ملول منهن سان، ڏاڍي چنتا ۽ فڪر ۾ ويٺي هئي. ڇهن ورهين جو پٽ، دريءَ وٽ بيٺو هوس. ماني اڳيان رکي هئن، پر ڳيٿين گرھ به ڪو نه ٿي. ماءُ جي اکين مان لڙڪ ٽھ ٽھ پئي ٽميا. ڇوڪر به ماءُ کي ڏسي پئي رنو. سبب ڪهڙو؟
    ٿورا مهينا ٿيا جو نماڻيءَ جو مرد گذر ڪري ويو هو. سڄي ڳوٺ ۾ اهڙو ڪونڌر جوان ڪو نه هو. ويچاري ڏاڍي صرفي ۽ محنت سان هڪ جهوپڙي ۽ ٻنيءَ جو ٽُڪر ڳڌو هو، جنهن ۾ ميون جا وڻ پوکيا ھيائين، پر چار سؤ رپيا قرض کڻڻا پيا هوس. سيٺ، جنهن وٽ نوڪر هو، تنهن سندس ايمانداري ۽ سچائي ڏسي، اُهي پئسا اُڌارا ڏنا هئس، جي ڪي روڪ ۽ ڪي پورهيو ڪري پورا ڪري ڏنا هئائينس. باقي سٺ رپيا ڏيڻا هئس ته پاڻ به گذري ڪري ويو ته سندس سيٺ به.
    پٺيان جيڪي سيٺ جا وارث ٿيا، تن کي قصي جي خير ڪا سڌ هئي، تن قبضو ڏسي اچي ويچاريءَ اشراف رن زال کي سوڙهو گهٽيو ته؛ اُٿي سڃي! رقم ڏي. مائيءَ گهڻو ئي رنو پٽيو، پر هنن ظالمن ڪورٽ مان ڊڪري ڪڍائي، ۽ سڀاڻي تي گهر، ٻني ۽ باغ سڀ نيلام ٿيڻا هئا. جهوپڙيءَ ۾ جو رودن متو پيو ھئو، سو انھيءَ ڪري ھيو. ويچارن کي جيڪو روزگار جو مسئلو هو سو به ناحق کسجي ٿي وين.
    ڇوڪري ماءُ کي هن حالت ۾ ڏسي چيو، ”امان روءُ نه؛ ياد اٿيئي ته بابو ڇا چئي ويو ھيو ته وڌوائن ۽ ڇورڙن جو، مالڪ پاڻ آهي. اوکيءَ ويل کيس سوال ڪجو.“
    ماڻس چيو، ”پٽ، برابر ٿو چئين.“
    تڏهن ڇوڪر چيو ته؛ اچ ته گڏجي دعا گهرون. اتي ماءُ جو رئڻ به جهپٽيو، ۽ دل کي البت ڏڍ آيس. پوءِ هٿ جوڙي ويهي سوال ڪرڻ لڳي، ۽ پٽس به حرف پٺيان حرف ويو چوندو. ماءُ چيو؛ اي مالڪ! ڏس هيءَ ويچاري رن زال ۽ هي سندس ٻار؛ تو بنا اسان جو ڪير اجهو آهي؟ جيئن وڻيئي تيئن اسان کي هتان نه ڪڍج، هن ڇورڙي کان اباڻو ڇنو نه کسج، پر جي تنهنجي اهڙي مرضي هجي ته اسان کي ڪو ٻيو اجهو ڏج!“
    اِتي سڏڪا ڀريندي زال کان ته ٻيو اکر به ڪو نه اُڪليو، پر ڇوڪر وٺي اوچتو وڏي سڏ چيو ته؛ ”اما، هي ته ڏس!“ ماڻس سمجهائي چيس ته اهو کڙ کٻيتو آهي. ڇوڪر کان ته ٻي ڳالھ سڀ وسري ويئي، اچي کڙ کٻيتي پٺيان پيو. گهڻو ئي ڊوڙيو، پر هٿ ڪين آيس. نيٺ کڙ کٻيتو وڃي صندوق هيٺان پيو. گهڻيئي وس ڪيائين ڪڍڻ جا، پر هٿ پنس ڪين. تڏهين اچي ماءُ کي چوڻ لڳو ته تون ڪڍي ڏينم. اصل ترسيئي نه. تنهن تي ماڻس اُٿي پيتي سيري. ڇوڪر ته جيت جهٽي ورتو، پر ماڻس ڪو ڪتاب پيتيءَ پٺيان ڪرندو ڏٺو جو کڻي ڏسي ته مار! هيءَ ته منهنجي ڀتار جي جنتري آهي. تڏهن واڪو ڪري خوشيءَ وچان چيائين. ”مالڪ مسڪينن سان اچي ترت مددگار ٿيو. ڪيڏو نه مون هن جنتري کي ڳوليو آهي!“ پوءِ کولي کڻي ڏسي ته برابر سيٺ جي هٿ اکري داخلا نڪتي ته ٻيا پئسا مليا، باقي سٺ رپيا ملڻا آهن، تنهن تي نماڻيءَ هٿ جوڙي، پٽ کي ڀاڪر پائي چيو ته؛ ”ڌڻيءَ جا شڪرانا ڪر جو هاڻي اسين گهرؤن ڪين تڙباسين.“
    تڏھن پٽس چيو؛ ”ڏس اھو مون هٿ ڪيو نه! جي مان چوان ها ته جيڪر پيتي ڪا سيرين ھا!“
    ماءُ هي ٻڌي ڏاڍي عجب ۾ پئي. چي، ”ڏس! جنهن مهل اسان رنو ۽ سوال پئي ڪيو تنهن مهل هو جيت اندر آيو، ۽ اصل انهيءَ هنڌ وڃي ويٺو جتي ڪاغذ هئا. ڌڻي سڀ جو پاڻ مالڪ آهي. ڏئي مٿان پر ڪنهن جي هٿان! هن هڪڙي ذرڙي جيت هٿان ڪارج ڪري ٿو سگهي.“
    رات سڄي خوشيءَ وچان ننڊ ڪا نه آين. ٻئي ڏينهن زال جج کي وڃي جنتري ڏيکاري، جنهن وارث کي گهرايو. ان کي جڏهين قصي جي سڌ پيئي، تڏهين ارمان ٿيس. چي؛ ”مون رن زال سان ڏاڍو ناحق ڪيو آهي ۽ ڪوڙو پئي سڏيومانس. پوءِ ته وڌوا کان معافي گهريائين، ۽ نه رڳو اھو پر باقي سٺ رپيا به معاف ڪيائينس، ۽ اھو به چيائينس ته جي ڪنهن مهل به مدد جي گهرج ٿئي ته بنا حجاب مون وٽ اچج. پر جڏهين جج ۽ مدعيءَ کي خبر پيئي ته دعا گهرڻ سان مالڪ سندن ترت واهر ڪئي آهي، تڏهن ته انهن جو اعتقاد وڌي ويو.
    مطلب: ۱. جتي دنيا وارن جا دروازا بند ٿيندا آھن، اتان رب جا دروازا کلندا آھن. (۳۱) ص ۹۰-۹۲


    [ ڍ ]

    127. ڍائي ماڻهوءَ کي پلاءُ به اهڙو سواد نه ڏئي،
    جهڙي بکئي کي رُکي روٽي سواد ڏئي. (چوڻي)
    هڪڙي درويش جي ڀنڊار ۾ روٽيون پڪيون؛ پر ڌڻيءَ جي حڪم سان تيوڻ ڪونه هو. درويش جي هڪڙي ٻالڪي رُکي روٽي کائڻ کان انڪار ڪيو. درويش جي چوڻ سان اُن جي روٽي لڪائي رکيائون. ڳچ گھڙيءَ کان پوءِ ساڳئي ٻالڪي کي بک لڳي، تڏهن ڦڪو ٿي اُها رُکي روٽي ڳولي وڃي لڌائين ۽ مٺي ڪري کاڌائين. (۳)
    مطلب: ۱. ڍو کي انگل ۽ آرا آھن.
    ۲. بک نه پڇي ڳنڌڻ، ننڊ نه پڇي اوڇڻ.
    128. رُکي سُڪي کاءُ، ٿڌو پاڻي پيءُ،
    نه تڪ پرائو پلاءُ، نه ترساءِ پنهنجو جيءُ. (چوڻي)
    هڪ هو طوطو، هڪ هئي مينا. ٻنهي جي ٿي وئي شادي. مينا هئي نخري واري. تنھن چيو؛ ”مون کي بک لڳي آ!“
    طوطو صبح سويري اٿيو، مينا جو کاڌو آڻڻ لاءِ. ويچارو چوڏس چوڌاري اڏندو رهيو پر کيس کائڻ لاءِ ڪي ڪين مليو.
    بيچينيءَ مان اُڏندي اُڏندي، هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي ڏسندي، نظر اچي ويو هن کي هڪ مانيءَ جو ٽڪرو، سو کڻي هو گهر پهتو. اڌ کنيائين پاڻ، اڌ ڏنائين مينا کي.
    مينا مانيءَ ٽڪر چٻاڙي رکي ڇڏيو، هڪڙي پاسي ۽ چيائين؛ ”مان نه ٿي کاوان. مان نه ٿي کاوان. مون کي پاڙي وارن جهڙو کاڌو آڻي ڏي!“
    طوطي، مينا کي پيار منجهان ڏاڍو سمجهايو. پر مينا منهن سڄائي، پر پکيڙي ويٺي رهي. اهو ڏسي، طوطو پنهنجو حصو کائي سمهي رهيو.
    رات جو مينا کي هئي ڏاڍي بک لڳي. هن ڏٺو؛ طوطو گهري ننڊ ۾ ستل آهي. ماٺ ميٺ ۾ مينا ساڳيو مانيءَ ڀور کڻي لڳي کائڻ. طوطي جي اک کلي ته مينا لاءِ پاڻي ڀري آيو ۽ اچي مينا جي ڀر ۾ ويهي چوڻ لڳو؛ ” رُکي سُڪي کاءُ، ٿڌو پاڻي پيءُ، نه تڪ پرائو پلاءُ، نه ترساءِ پنهنجو جيءُ.“
    مطلب: ۱. پراوا محل ڏسي، پنھنجون ڀونگيون نه ڊاھجن.
    ۲. رُکي سُڪي کاءُ، ٿڌو پاڻي پيءُ، نه ڏس مکيل ماني، نه ترساءِ جيءُ.
    ۳. پرائيءَ ۾ اکيون، پنھنجيءَ ۾ ھٿ. (۳۲) ص ۴۵.


    [ ر ]

    129. رڍ ٻوٿ-ڪاري آھي ته ڳئون به پڇ-ڪاري آھي. (پھاڪو)
    ڳئونءَ چيو رڍ کي؛ ”ھل ڙي! منهن ڪاري!“
    رڍ رڙ ڪري، اتي بيٺل ٻين جانورن کي چيو؛ ”ٻڌو ٻڌو! ڇا ٿي چوي؟“
    ٻين جانورن چيس؛ ”صحيح ٿي چوي!“
    رڍ رڙ ڪري چيو؛ ”اڙي هوءَ پڇ-ڪاري آهي! مون کي منهن ڪاري ٿي چوي؟!“
    تنهن تي ٻين بيٺل جانورن چيس؛ ”تون به صحيح ٿي چوين!“
    مطلب: ۱. مينھن ٿي چوي ڳئونءَ کي؛ ”ھل پڇ-ڪاري!“


    [ ز ]

    130. زال کي مڙس جو نالو ايندو آهي پر وٺندي ناهي. (پھاڪو)
    هڪڙيءَ مائيءَ جي مڙس جو نالو رحمت الله هليو. از راهِ شرم، مڙس جو نالو نه وٺندي هئي. جڏهن به مڙس سان مخاطب ٿيڻو پوندو هئس ته کيس پٽ جي نسبت سان جانوءَ جا پيءُ ڪري سڏيندي هئي.
    هڪ ڏينهن نماز پڙهيائين پئي. جڏهن سلام ڦيريائين ته ٻنهي پاسي چيائين؛ ”السلام عليڪم جانوءَ جا پيءُ!“
    ۲
    هڪڙيءَ مائيءَ جي مڙس جو نالو مکڻ هيو. ادب وچان مڙس جو نالو نه وٺندي هئي. ان ڪري سندس پٽ، مکڻ ڏسڻ جي باوجود، اھو نالو نه ٻڌو هئو.
    هڪ ڏينهن مائيءَ ڏڌ پئي ولوڙيو. مانڌاڻي هڻي هڻي کنڀڙون ٿڪس ته منهڙو ۽ سنگھر هٽائي، مانڌاڻي ڪڍي، ڏُڌ کي ڏسڻ لڳي. مکڻ جا ڦوڏر ڦوڏر لسيءَ تي تري رهيا هيا. پٽس پڇيس؛ ”امان اهو لسيءَ مٿان ڇا ٿو تري؟“
    ”ابا اھو!“ مائي، پھرين ته شرم ۾ ٻڏي وئي. بعد ۾ چيائينس؛ ”چاڏيءَ ۾ پڻھين ٿو تري.“
    مطلب: ۱. ضروري ناھي ته ھر ڳالھ وائرجي. ڪي ابھام ۾ به ڪبيون آھن. (۳۳)

    131. زندگي، هڪ خواب آهي. (چوڻي)
    هڪ مسافر، هڪ گهاٽي جهنگ منجھان پيدل سفر ڪري رهيو هيو. ھلندي ھلندي هڪ مست هاٿي سندس آڏو اچي ويو، جنهن کيس ڏسي سونڍ مٿي ڪئي. مسافر جيئن ڀڄڻ جي ڪئي، تيئن ٻئي پاسي کان سندس سامهون هڪ ڏائڻ آئي، جنهن کي ننگي تلوار هٿ ۾ هئي. ھاڻي سندس رستو، اھا ڏائڻ روڪي بيھي رھي. رستي تي ڊگهو وڻ هيو، جنهن ڏانهن هو انهيءَ اميد سان ڀڳو ته مٿس تڪڙ ۾ چڙھي وڃي ته جيئن کيس پناھ ملي وڃي.
    وڻ تي تڙ تڪڙ ۾ چڙھندي، ڏار تان سندس پير ترڪي ويو. وڻ جي ٿڙ ڀر سان، هڪ جهونو کوھ هيو. هاڻي سندس پناھ لاءِ، اھو کوھ ھيو، جنهن ۾ گھاٽو گاھ ۽ سر ٻوڙا ڄاول هيا. ٿڙ تان ٿاٻڙندي، هن کوھ منجھ ٽپو ڏنو. جيئن ڪريو ته کوھ جي ڪپر وارن ٻورن ۾ هٿ پئجي ويس. کوھ اندر هيٺ ڏٺائين ته پاڻيءَ بجاءِ ڪارا نانگ ڦڦڪا ڏئي رهيا هيا. انهن جي وچ ۾ هڪ اجگر هيو، جنهن کيس جهٽڻ لاءِ وٺي وات ڦاڙيو.
    ھاڻي سندس لاءِ ھڙ واھون رڪجي چڪيون ته ھن آخري سھارو ڳولڻ لاءِ وڻ ڏي مٿي نھاريو. تيستائين کوھ جي ڀڪ تي بيٺل ٻوڙن جي پاڙن کي ٻه ڪوئا؛ هڪ اڇو ٻيو ڪارو، کوٽڻ ۾ مشغول ٿي ويا.
    پويان جهنگلي هاٿي، پنھنجو شڪار هٿان نڪري وڃڻ جي خار ۾ وڻ وٽ اچي پڳو ۽ ٿوڻا هڻڻ شروع ڪيائينس. وڻ جي مٿانھين ٽارين منجھ ماکي ويٺل ھئي. وڻ کي ڌوڻڻ سبب، ماکيءَ جو مانارو ڪري پيو ۽ مسافر جي مٿان گذرندڙ وڻ جي ٽاريءَ ۾ لڙڪي پيو. ڇيڙيل ماکيءَ جون مکيون مٿس ڀون ڀون ڪرڻ لڳيون ۽ ڏنگن سان ھڻي منهن سڄائي وڌائونس.
    ايتري ۾ ڇتي ٽٽڻ کان پوءِ ماناري منجھان ٽپڪندڙ ماکيءَ جو ھڪ ڦڙو مسافر جي ڀرونئن تي اچي ڪريو. ڀرونءَ تي پيل ماکيءَ-ٽيپو جڏھن لٽيندو سندس چپ تي آيو ته ھن اھو چٽيو، جنھن بعد کيس دل ۾ چاهنا ٿي ته جيڪر ٻيو ماکيءَ جو ڦڙو به سندس چپ تي ليٽي پوي ته پي چٽيس.
    مطلب: ۱. مسافر؛ آتما آھي. جهنگ؛ سنسار. هاٿي؛ موت جي علامت. ڏائڻ؛ ٻڍاپو. وڻ؛ موڪش جي نشاني، جنهن تي عام ماڻهو چڙهي نه ٿو سگهي. کوھ؛ ماڻهوءَ جو جيون. نانگ؛ موھ. اجگر؛ نرڳ. ٻوڙا؛ ماڻهوءَ جي حياتي. ڪارو ۽ اڇو ڪوئو؛ ڏينھن ۽ رات. ماکيءَ جي مک؛ بيماريءَ جي علامت. ماکي؛ جيون جي ڀوڳ ولاس جي نشاني.
    ۲. ٻه ٽي ڦڙا ماکيءَ جا کائڻ ۽ ٻوڙي جي پاڙ ڪوئن جي ٽڪڻ بعد، ماڻهو انت اجگر جي وات ۾ وڃڻو آهي.
    ۳. حياتي؛ ھل ھلان جو جھان آھي. (۳۴) هندن جو پنر جنم جو نظريو، ص ۴۵-۴۶


    [ س ]

    132. ساھدارن کي نه ايذائجي. (چوڻي)
    هڪ نانگ، ڏيهاڙي ماڪوڙين جي ٻرن وٽ اچي، ماڪوڙيون ماري کائيندو هيو. هڪ ڀيري در مان لنگھندي رهڙجي پيو، کل ڇلجي پيس ۽ رت وهڻ لڳس. ماڪوڙين کي به سُڌُ پئجي وئي. کين ھيا ساڙ، سو چڙهي ويس ۽ چڪي چڪي ساھ ڪڍي ڇڏيائونس.
    مطلب: ١. ڪمزور کي، ڪمزور سمجهي تڪليف نه ڏجي.
    ٢. جيڪو اڄ ڪمزور آهي، سو سڀاڻي طاقتور ٿي سگهي ٿو.
    ٣. ڪنهن سان به ظلم ڪرڻ چڱو ناهي.
    ٤. جُتيءَ کي به وارو ملي ٿو. (۱۶) ص ۲۳

    133. سڀ کان ڀلي شيءِ به زبان آهي،
    سڀ کان بري شيءِ به زبان آهي. (چوڻي)
    هڪڙو امير هوندو هو، جو سدائين پيو بڙ بڙ ڪندو هو، ان ڪري شهر جا ماڻهو سڏيندا هئس، ”وات-راڌو“. وٽس هڪڙو بورچي هوندو هو، جو ڏاڍو ڏاهو هوندو هو، تنهن دل ۾ پڪو پھ ڪيو ته؛ ڪنهن اٽڪل سان امير کي هن اجائي بڙ بڙ کان روڪيان.
    هڪڙي ڏينهن امير چيس؛ ”ٻيلي! اڄ ڪا اهڙي شيءِ پچائي کاراءِ، جا سڀ کان ڀلي هجي.“
    بورچي بازار مان ڪاسائيءَ کان زبانون وٺي آيو ۽ مرچ مصالحا وجهي، امير کي رڌي کارايائين. زبان جي کائڻ ۾ امير کي سواد نه آيو، تنهن تي خار مان پڇيائينس؛ ”هيءَ سڀ کان سٺيءَ ۾ سٺي شيءِ آهي؟“
    ”سائين هائو!“ بورچيءَ دماغ سان سمجھائيندي چيس؛ ”جيڪو ماڻهو اجائي زبان نه هڻندو ۽ ڳالھ ڳڻي ڳوتي ڪندو ته هر جاءِ هر وقت عزت پائيندو، تنهن ڪري چئبو ته سڀ کان ڀلي شيءِ زبان آهي“.
    امير اها ڳالھ ٻڌي خوش ٿيو. کيس انعام ڏئي چيائين؛ ”سڀاڻي اها شيءِ رڌي کاراءِ، جيڪا سڀ کان بري يا خراب هجي.“
    ٻيو ڏينهن ٿيو ته بورچيءَ، زبان جو ٻوڙ رڌي آڻي امير آڏو رکيو، جنهن کائيندي شرط چيس؛ ”هيءَ ته ڀلي شيءِ هئي پر مون تو کي بري شيءِ رڌڻ لاءِ چيو هيو.“
    ”ها سائين برابر آهي.“ بورچيءَ ٿڌائيءَ سان سمجھائيندي چيس؛ ”سڀ کان بري شيءِ به زبان آهي، ڇو جو جيڪو ماڻهو سوچي سمجهي نه ڳالهائيندو ۽ اجائي زبان پئي هلندس ته اهو به جتي ڪٿي مانُ وڃائيندو رهندو.“
    مطلب: ۱. اھا ئي زبان اس ۾ ويھاري، اھا ئي زبان ڇانءَ ۾ ويھاري.
    ۲. اھا ئي شيءِ عزت جو سبب، اھا ئي شيءِ ذلت جو سبب.
    ۳. چڱي ۾ چڱو عضوو به زبان، بڇڙي ۾ بڇڙو عضوو به زبان. (چوڻي)
    ۴. ڀيٽيو؛ اھا ئي ڪار شانَ جو سبب، اھا ئي ڪار موت جو سبب.
    ۵. نانگ کي زھر زبان ۾، وڇونءَ کي پڇ ۾ ۽ ماڻھوءَ کي لفظن/زبان ۾. (۳۵) ص ۳۸

    134. ست ڪئا کائي ٻلي، حج تي هلي. (پهاڪو)
    هڪڙي ٻِلي، روزانو ڪُئا کائيندي هئي. جڏهن هن ڏٺو ته ڪُئا کانئس تنگ آيا آهن، تڏهن کين گهرائي، دلداري ڏيئي، چيائين ته؛ ”مان حج جو ارادو رکان ٿي. پڇاڙيءَ ۾ چاهيان ٿي ته اوهان کان ڪنهن سهڻي نموني موڪلايان، تنهن ڪري مرضي اٿم ته سڀيئي گڏجي، منهنجي اُسهڻ تي خوشي ڪريو.“
    ڪُئن کي به اها ئي ڳالهه کپندي هئي، سو وٺي نچڻ شروع ڪيائون. ايترو ته نچيا ڪڏيا، جو ڌرتيءَ تان ڌوڙ اڏامڻ لڳي. ٻلي، اڏيل ڌوڙ جو فائدو وٺندي، هڪ ڪُئي کي هَپو ڪري ويئي. جڏهن ڪئن ناچ بند ڪيو، تڏهن ٻليءَ چين ته؛ ”ٻيو ڀيرو به نچو.“
    ويچارن، هن دفعي به اهڙو ئي ناچ ڪيو ۽ ٻليءَ وجهه وٺي، وري به هڪ ڪُئو کاڌو. اهڙيءَ طرح ست دفعا ناچ ڪرائي، ست ڪُئا ڳڙڪائي ويئي.
    ڪُئا ويچارا ڪهڙي وَهه وڃن! ڏسن به پيا ته ڀيري ڀيري سان، هڪ ڪُئو کُٽي ٿو، پر ڪير ڪُڇي! ٻليءَ چين؛ ”هي آخري ڀيرو ناچ ڪريو، پوءِ مان هلي وينديس حج تي.“ زور اڳيان زاري! وري ويچارن نچڻ شروع ڪيو.
    ٻليءَ چيو؛ ”زور سان ناچ ڪريو!“
    تنهن تي هڪ ڏاهي ڪُئي سڀني کي پنهنجي ٻوليءَ ۾، نفرت وچان چيو؛ ”پري پري ٿي نچو، متان حاجاڻيءَ جي چنبي ھيٺ اچو!“
    ڪُئا، هڪدم ٽڙي پکڙي، نچڻ لڳا. هن ڀيري، ڪئن جي خبرداريءَ کان، ٻليءَ کي وجهه ڪو نه مليو. لاچار ٿي، ڪئن کان موڪلايائين.
    مطلب: ۱. جڏهن ڪو بُرو فعل ڪندو رهندو آهي ۽ وري ائين به چوندو رهندو آهي ته مان انهيءَ بريءَ عادت کان باز آيو آهيان، تنهن کي انھن لفظن سان مھميز ڏبي آهي.
    ۲. ڪراڙي ٿيڻ کان پوءِ، بگھڙ به پاڻ کي بزرگ سڏرائيندو آھي.
    ۳. ڀيٽيو؛ سؤ ڪُئا کائي ٻلي، حج تي ھلي. (۵) ص ۲۵

    135. ستن ڪونهان، جاڳندن وڇون. (پھاڪو)
    هڪڙا ميهار، ڪچي ۾ مينهون چارڻ ويا. سڀني جون مينهون ويم تي هيون. ان ڪري رات جو جاڳڻ ضروري هين ته جيئن ڦر ۽ ڄر جي سنڀال ڪري سگھن.
    هڪڙا پهري تي هيا ته ٻين ننڊ پئي ڪئي. هڪڙيءَ رات ڪي مينهون ويامي پيون. جاڳندڙن/پهري وارن جي مينهن پاڏا ڏنا ۽ سُتلن جي مينھن وڇون ڏنيون. پهريدارن، سجاڳيءَ جو فائدو وٺندي، ڦر مٽي ڇڏيا.
    ستل صبح جو اٿيا ته خبر پين ته سندن مينهن پاڏا ڄڻيا آهن ۽ جاڳندن جي مينھن وري وڇون ڏنيون آھن. جنهن تان پاڻ ۾ مشهور ڪيائون؛ ”سُتن ڪونھان، جاڳندن وڇون.“
    مطلب: ۱. جاڳندن جون وڇون، ستلن جا ڪونهان
    ۲. اک پٽبي ته انب به ڏسبو.(۲) ص ۳۰ ۽ (۵) ص ۹۵

    136. سَپَ مٿي گاه، سپ ٻيٽو نه وسري،
    چت وڻسي، ڏڌ ڪاءُ ساءُ. (جتڪي، پهاڪو)
    سپ؛ نانگ. گاه؛ ڀاڙِ/ کير پيارڻ جو ٿورو. ٻيٽو؛ ٻچو، پٽ. چِت؛ دل. وڻسي؛ کٽي ٿي پوڻ/ ٽٽي پوڻ. ڪاءُ؛ ڪهڙو. ساءُ؛ سوال.
    هڪ ماڻهو نانگ کي کير پياريندو هئو. هڪ ڀيري، بي خياليءَ ۾ نانگ جي ٻچي کي ماري وڌائين. تنهن تي ناراض ٿي نانگ چيس؛ ”مون کي کير نه پيارج ڇاڪاڻ جو مون کان پنهنجو ٻچو ڪو نه وسرندو. هاڻي منهنجي دل کٽي ٿي پئي آهي، تنهنڪري کير جو سواد نه ايندو.“
    مطلب: ۱. جوڳيءَ کان پٽ نه وسريو ھيو، نانگ کان پڇ نه وسريو ھيو. (۳۶)

    137. سپ نه ماري پر سپ جو سراپ ماري. (پهاڪو)
    هڪ لڱا ڪنهن نانگ ۽ ڏيڏر جي پاڻ ۾ چوپچو ٿي. نانگ چيو؛ ”ماڻهو منهنجي ڏنگ کان مرن ٿا.“
    وري ڏيڏر ٿي چيو؛ ”ماڻهو تنهنجي ڏنگ کان نه، پر تنهنجي ڀؤ کان ٿا مرن. هڪ ته ماڻهو تنهنجو نالو ٻڌيو هيسجيو وڃن. ويتر جو کين اوچتو چڪ پائي ۽ پنهنجي ڊپ جهڙي شڪل ٿو ڏيکارين ته سندن رهيل کهيل ساھ به هيڪاري سڪيو وڃي. انهيءَ ڊپ کان ته نانگ ڏنگيو آهي، پوءِ ته انهيءَ جو اهڙو ڊپ ٿو وٺي وڃين جو سندن پساھ ئي پورا ٿي وڃن ٿا.“
    نانگ چيو؛ ”نه! نه! ماڻهو منهنجي ڏنگڻ وگهي ٿا مرن ۽ نه منهنجي ڊپ کان.“
    نانگ هڪ تي ته ڏيڏر ٻيءَ تي. نانگ، ڏيڏر جي ڳالھ مڃڻ کان پڙ ڪڍي بيٺو. ڏيڏر جڏهن ڏٺو ته ائين منهنجي ڳالھ وسهڻ لاءِ نانگ تيار نه ٿيندو. تڏهن چيائينس؛ ”جيڪڏهن منهنجي ڳالھ تي اعتبار نه ٿو ڪرين ته پوءِ جئن چوانءِ تئن ڪر ته پاڻ پتو پئجي ويندو ته گهڻي ويهين سؤ آهي.“
    پوءِ ڏيڏر نانگ کي سمجهايو ته جڏهن ڪو واٽهڙو هن گس تان لنگهي، تڏهن تون کيس ائين ڏنگج جئن کيس ڪا ڪل ئي نه پوي ۽ اهو اڃا سرت ۾ اچي ئي اچي، تنهن کان اڳ تون پاڻ کي ڀر واري وڻن جي جهڳٽي ۾ لڪائي ڇڏج ۽ ڏنگيل هيڏانهن هوڏانهن مس ڏسندو تنهن مهل آ پاڻ کي تلاءَ مان پڌرو ڪندس ۽ تون چتائي ڏسج ته اهو ماڻهو مري ٿو يا جيئرو جاڳندو ٿي پنڌ پوي ٿو.“
    نانگ ڏيڏر جي ڳالھ رکي ۽ چيائين ته؛ ”آ ائين ئي ڪندس جئن چيئي.“
    ڪنهن مهل کين پريان ڪا پهر ايندي ڏسڻ ۾ آئي. جنهن مهل اها پهر، نانگ جي پوري ڌڪ تي رسي، تنهن مهل وجھ وٺي نانگ اهڙي ڦڙتائيءَ سان ڏنگيس، جنهن جي هن کي ڪل ئي نه پيئي. انهيءَ ماڻهوءَ، گهڻو ئي هيڏانهن هوڏانهن گهوريو پر نانگ هن جي ڏسڻ کان مهند ئي وڻن جي جھڳٽي ۾ لڪي ويو. انهيءَ ماڻهوءَ کي چڪ پيل هنڌ تي سور ڄاڻائڻ لڳو، سو ويهي هٿ سان انهيءَ هنڌ کي آڏو ابتو زور ڏيڻ لڳو، تنهن کان پوءِ ٻيهر پڪ ڪرڻ ڪاڻ اوسي پاسي پرک ڪرڻ لڳو. تنهن وچ ۾ ڏيڏر پاڻيءَ مان سسي ڪڍي ”ٽان! ٽان“ ڪرڻ لڳو. جڏهن هن ڏيڏر کي ڏٺو، تڏهن پنهنجي سمجھ تي کلڻ لڳو ۽ پنهنجو پاڻ چوڻ لڳو؛ ”واه ڙي! وير! تو کي ته ڏيڏر ئي ڏڪائي ڇڏيو.“ پوءِ ته پيٽ ۾ ساھ پيس ۽ ڊپ ڊاءُ سڀ لھي ويس ۽ ڪپڙا ڇنڊي اٿي پنهنجي واٽ ورتائين ۽ اھو سمورو کيل نانگ لڪي پئي ڏٺو ۽ ماڻهو کي کڙو ٿي ويندو ڏسي، سندس تاڪ ئي لڳي ويا.
    واٽهڙوءَ جي وڃڻ کان پوءِ، ڏيڏر نانگ کي چيو؛ ”ڏٺئي پنهنجي ڏنگ جو اثر! جنهن تي هيتري هوڏ ڪيئي. هاڻي وري ٻيو رنگ به ڏسي وٺ.“
    نانگ پڇيو؛ ”اهو وري ڪهڙو؟“
    ڏيڏر چيو؛ ”هاڻي منهنجي چڪ جو وارو آهي ۽ آ جڏهن چڪ وجھي پاڻ کي لڪائي ڇڏيان، تڏهن تون پنهنجو پاڻ پڌرو ڪج.“
    ٻئي ڀيري هڪ ڄڻي کي کٽي ٿي کڻي سو به اچي انهن جي واٽ تان ٿو پوي. ويچارو واٽهڙو، نانگ ۽ ڏيڏر جي گهڙيل گهاٽ کان اڻ ڄاڻ، پنهنجي پور ۾ پئي آيو. اتان لنگهيو، تئن اوچتو ڏيڏر اهڙي اٽڪل سان چڪ ھنيس، جنهن جي کيس خبر ئي نه پيئي.
    ماڻهو سڄو ڏڪي ويو ۽ دل زور سان ڌڪ ڌڪ ڪري ھلڻ لڳس ۽ ايترو ته ڊپ وٺي ويس جو هوش ئي اڏامي ويس. انهيءَ ڊپ ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڏٺائين. ڏيڏر لڪي ويو هو ۽ جيئن ئي هن وڻن جي جھڳٽي ڏانهن ڏٺو تئن نانگ ڦوڪارڻ لڳو ۽ ڦڻ کي جهولائڻ لڳو. هڪ ته اڳ ئي اڌ ساهه ڇڏي ويو هئس، ويتر جو نانگ تي نظر پيس تڏهن هيڪاري پڪ ٿيس ته اهو نانگ ئي هو، جنهن کيس ڪکيو آ، پوءِ ته اکين جا تارا ڦرڻ لڳس.
    مطلب: ۱. سپ نه ماري، ڊپ ماري. (۵) ص ۹۴ ۽ (۳۷) ص ۳۶

    138. سچائي، سٺو گڻ/ وڙ آهي. (چوڻي)
    هڪڙو غريب ڪاٺير، نديءَ جي ڪناري، هڪ وڻ مان ڪاٺيون ڪپي رهيو هيو ته اتفاق سان ڪهاڙي هٿ مان ڇڏائي وڃي نهر ۾ ڪريس، جنهنڪري روئڻ لڳو.
    نديءَ جي پاڻيءَ مان هڪ پري نڪتي، جنهن پڇيس؛ ”ڇا لاءِ ٿو روئين؟“
    ”منهنجي ڪمائيءَ جو ذريعو ڪهاڙي هئي، سا پاڻيءَ ۾ ڪري پئي آهي.“ روئندي پريءَ کي ٻڌايائين؛ ”روزگار جو ذريعو هٿان وڃڻ سبب، روئان ٿو.“
    پريءَ کي مٿس ڪهل اچي وئي. يڪدم نهر ۾ ٽپو ڏيئي، هڪ سوني ڪهاڙي کڻي کيس ڏيکاريائين، جنهن لاءِ ڪاٺير چيس؛ ”اها منهنجي ناهي.“
    پريءَ ٻيهر پاڻيءَ ۾ ٽٻي ڏني ۽ وري چانديءَ جي ڪهاڙي ڪڍي آڻي ڏيکاريائينس. اها ڏسي ڪاٺير جواب ڏنس؛ ”اها به منهنجي ناهي. مون کي پرائي شيءِ نه کپي.“
    ٽيهر پريءَ پاڻي ۾ غوطو لڳائي، لوھ جي ڪهاڙي ڪڍي ڏيکاريس، جنهن تي ڪاٺير خوش ٿيندي چيس؛ ”بيشڪ اها منهنجي آهي.“
    پري، ڪاٺير جي سچائيءَ سبب مٿس ڏاڍي مهربان ٿي پئي ۽ انعام طور ٽئي ڪهاڙيون کيس ڏئي هلي وئي.
    مطلب: ۱. لالچ ڇڏڻ واري کي، گھڻيون نعمتون ملن ٿيون.
    ۲. Honesty is the best policy.

    139. سچ ته بيٺو نچ. (چوڻي)
    سيد عبدالقادر جيلانيرحه، ننڍي هوندي پڙهڻ لاءِ بغداد ڏانهن ٿي ويو ته ماڻس ڏھ اشرفيون ڪڙتي ۾ سبي ڇڏيس ۽ هلندي چيائينس؛ ”پٽ! ڪوڙ ڪڏهين به نه ڳالهائج.“
    هيءُ نينگر جيئن قافلي سان گڏيو پئي ويو، تيئن واٽ تي ڦورو ڦري آين. سڀني کي ڦري فقير ڪري ڇڏيائون. ننڍڙي عبدالقادر جا ٽپڙ ڦولھيائون ته ڪجھ به هٿ نه آين.
    تنهن تي پڇيائونس؛ ”تو وٽ ڪجھ آهي؟“
    ”هائو!“ عبدالقادر جيلانيءَ رحه کين جواب ڏنو؛ ”ڪڙتي ۾ ڏھ مُهرون سبيل آهن.“
    ڪڙتو جاچيائون ته سچ پچ ڏھ مهرون نڪري آيون. انهيءَ تي چورن جي سردار چيس؛ ”تون ڪو ڏاڍو ڳهيلو آهين! نه ٻڌائين ها ته به اسان کي خبر ئي ڪا نه پوي ها ۽ تنهنجون مهرون بچي پون ها.“
    ”امان چيو ھو ته ڪوڙ ڪڏهن به نه ڳالهائج!“ سچار ڇوڪر جواب ڏنس؛ ”مهرون اوهان کي گهرجن ته ڀلي کڻي وڃو. مان امڙ جو چيو ڪين موٽائيندم.“
    سندس سچ ڳالهائڻ تي چور وائڙا ٿي ويا. سندس هٿ تي چمي، سندس عزت ڪرڻ لڳا. مال واپس ڪيائون ۽ آئندھ لاءِ چوريءَ کان به توبہ ڪيائون.
    مطلب: ۱. سچي ڳالھ کي اڳلي جي دل تائين پھچڻ ۾ ويرم نه ٿي لڳي.

    140. سُر ٺهي نه ٺهي، وٺ رينگٽ کي. (پھاڪو)
    ھڪڙي ڳوٺ ۾ هڪڙو همراهه هوندو هو رستم، جنهن کي سڀ رُستو رُستو سڏيندا هئا. کيس ٻاروتڻ کان وٺي، ڳائڻ وڄائڻ جو شوق هوندو هو. غريب جو ٻار ھيو. دُهل وٺڻ جيترا پئسا هئس ڪو نه، تنھنڪري ڪڏهن جست جو وڏو ٿالهه، ته ڪڏهن گيهه جو پنج ڪلو وارو دٻو کڻي، پيو ڳائيندو وڄائيندو هو. ائين پنهنجي ٻاڙ پيو پوري ڪندو هو. ماڻھو کيس رونشي ۾ چوندا هئا؛ ’رُستو مزي جو نه ٿو ڳائين وڄائين!‘
    پنهنجا ڪٽ چڙهيل ۽ هيڊا ڏند ڪڍي چوندو هو؛ ’سُر ٺهي نه ٺهي، وٺ رينگٽ کي.‘
    مطلب: ۱. نار وھي نه وھي، وٺ رينگٽ کي. (۳۸)

    141. سِر وئي کان پوءِ، سج اڀري ته واھ، نه ته ڇٽو. (چوڻي)
    هڪڙو شخص رات جو سخت بيمار ٿي پيو. طبيب کي گهرايو ويو، جنهن سندس چڱيءَ طرح چڪاس ڪئي ۽ ستي ڦڪي به تجويز ڪئي. دوا کارائڻ کان پوءِ حڪيم چيو؛ ”سج جڏهن اڀرندو، تڏهن ان جي روشنيءَ ۾ دوا اثر ڪندي. هاڻي سج اڀرڻ جو انتظار ڪريو.“ ائين چئي حڪيم گهر هليو ويو.
    مريض دوا کائڻ کان پوءِ، سج اڀرڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. بيماري دوا جي اثر نه ٿيڻ ڪري، رات پيٽ ۾ وڌندي رهي. تان جو سج اڀرڻ کان اڳي، همراه راه رباني وٺي ويو.
    سج اڀريو. مائٽن، سندس لاش سج آڏو اھو سمجھي رکيو ته مڙس بيهوش آهي، سج جو تڙڪو پوندس ته ٽپ ڏيئي اٿي پوندو. سج چڙهئي تائين مريض نه اٿيو ته گهر ڀاتي حڪيم کي وٺي آيا. ان نبض ڏسي چيو؛ ”هيءُ ته دوا جي اثر ڏيکارڻ کان اڳي فوت ٿي ويو آهي. سر وڃڻ کان پوءِ، سج اڀرڻ هن کي فائدو نه ڏئي سگهيو آهي ۽ نه ڏيندو، تنهنڪري سندس ڪفن دفن جو بندوبست ڪيو.“
    مطلب: ١. عيد کان پوءِ، ڪپڙا ساڙبا؟
    ٢. مريض جي مرڻ کان پوءِ، دوا ڪهڙي ڪم جي!
    ٣. گهرج لٿي کان پوءِ، هٿ آيل شيءِ مان ڇا فائدو! (۳) ص ۱۲۰

    142. سُستي، گداگريءَ جو دروازو کولي ٿي. (چوڻي)
    هڪڙو آرسي/سُست ماڻهو، انب جي وڻ هيٺان ليٽيو پيو هيو. هوا جو جهوٽو لڳو ته وڻ مان ٽپڪو انب ڇڄي اچي پٽ تي پيو. انب ڏٺائين ته کائڻ لاءِ دل ۾ سڌ به پيدا ٿيس، پر اٿي کڻڻ لاءِ سنڌَ ئي نه وريس. رڳو دل ۾ پئي چيائين؛ ”انب جيڪر کاوان، انب جيڪر کاوان.“
    انب تڏهن کائي، جڏهن اٿي کَڻي. نه کنيائين پئي، نه کاڌائين پئي. ائين ڪلاڪ اڌ گذري ويس. ايتري ۾ هڪڙو واٽهڙو لنگهيو، جنهن جي پڻ انب تي نظر پئي. هو انب کڻڻ لاءِ جيئن اڳتي وڌيو، تيئن هن به رڙ ڪيس؛ ”ادا! اهو انب سوير کان يعني ڪرڻ واري وقت کان مان تاڙيون ويٺو آهيان. سستيءَ سبب اٿي نه کنيو اٿم. انهيءَ تي منهنجو حق آهي. کڻين ته امانت مون تائين پهچائيندو وڃجانءِ.“
    ”ڪلاڪ کان انب اٿي نه کنيو اٿئي! ۽ هاڻي جڏهن منهنجي نظر پئي آهي، تڏهن تون به مالڪ ٿيو آهينس!“ واٽهڙوءَ دليل ڏيندي چيس؛ ”تون اڃا ستو پيو هج. تو کي انب جي گهرج هجي ها ته اڳي کڻين ها! هيءُ منهنجي ڀاڱي ۾ اچڻو هيو تڏهن پيو آهي. مان ئي کڻندس.“
    ”ادا!“ ستل/سست ٻڌائيندي چيس؛ ”مون ڏٺو هيو، حصو پتي مون کي به ڏيندو وڃ.“
    ”ڏسڻ واري کي حصو ملندو آهي ڇا؟ ڏَسين ها ته حصو لڳي ها! تو ته ڏَسُ به نه ڏنو، تنهنڪري تو کي حصو نه ڏيندس.“
    مطلب: ۱. سست جي مال جا وارث ئي ٻيا ٿي وڃن ٿا.
    ٢. سست ۽ ڪاهل، سدائين محتاج رهي ٿو.
    ٣. سست، ڪڏهن به منزل تي نه ٿو پهچي.
    ٤. سست ٻلي، ڪُئا ڪين ٿي جهلي.
    ٥. بي همت بندو، بيزار خدا. (۲۱) ص ۱۱

    143. سکڻي دعا، پِٽ برابر. (چوڻي/ پهاڪو)
    هڪڙي ڪاليءَ جي پوڄاريءَ کي رستي ويندي، سفر دوران اچي اوچتو پيٽ ۾ لُوهَ پئي. ٽاٽَ اڀرندي ئي ڪاليءَ ماتا کي پڪارڻ لڳو؛ ”جيڪڏهن سور کان ڇٽائيندم ته ٻڪر ٻل چاڙهيندوسانءِ!“
    ايترن لفظن چوڻ سان سور ھَپِي ويس ته، دل ۾ بي ايماني جاڳيس ۽ چوڻ لڳو؛ ”هن خسيس ڳالھ لاءِ ٻڪر به ڏبا آهن ڇا؟“
    اڃا ٿورو اڳڀرو مس هيلو ته وري سور جي ٽِيس اڀريس. يڪدم ساڳي سکا باسڻ لڳو. چي؛ ”هاڻي سور لٿو ته ٻه ٻڪر ٻل چاڙهيندس.“ ائين چوڻ سان، سور وري ڇپي ويس.
    پاڻ کي ٻيهر جوڙ ڀانئيندي، وري ڊسڙ ۾ پير هڻڻ شروع ڪيائين. چي؛ ”ڇا پيٽ جو سور، ڇا ٻڪر! سنئين لڱين گهر پهتم ته هڪ اڌ مرغي کڻي ڪاليءَ جي نالي تي ڀيٽا ڪندس.“
    ٽيون دفعو شديد سور پيس. ٻه ٽي ٻڪر باسيائين ته به سور ۾ هلڪائي نه ٿيس ته يڪدم چوڻ لڳو؛ ”ڪالي ماتا! تون ايترو به نه ٿي سمجهين ته مان فقط مذاق ۽ هُج پيو ڪيان. ڀلا اها به ڪا ڳالھ آهي جو تون منهنجو سوال اُنائين ۽ آ، پنهنجي سُکا پوري نه ڪيان؟!“
    مطلب: ١ ٺلهو ڦيڻو، ٻرو ٻيڻو. (۶) ص ۲۵

    144. سنگ تاري، ڪُسنگ ٻوڙي. (سنسڪرت، چوڻي)
    هڪڙي ماريءَ، چتونءَ جا ٻه ٻچا ڦاسايا ۽ شهر ۾ وڃي، ساڳئي پاڙي جي ٻن مختلف گھرن ۾ کپايائين. هڪڙو چڱي ماڻهوءَ جي گهر وڪيائين ۽ ٻيو خراب ماڻهوءَ جي گهر. چڱي ماڻهوءَ جي گهر ۾ چڱائيءَ ۽ اخلاق جو وهنوار هيو ۽ بري جي گهر ۾ گارين ۽ جهيڙي وارو.
    چڱي جي گهر ۾ رهندڙ چتونءَ، چڱا اکر سکيا ۽ بري جي گهر ۾ رهندڙ چتونءَ گاريون، بُجا ۽ ڪلڪل جو وهنوار سکيو.
    هڪڙي ڏينهن بادشاه، شهر ۾ گهمڻ آيو. جڏهن چڱي ماڻھوءَ جي گھر وٽان لنگھيو، تڏھن ان جي پاليل چتونءَ بادشاھ کي ڏسي، سندس آدرڀاءُ ڪيو، جنھن تي بادشاھ ڏاڍو خوش ٿيو. جڏھن بادشاھ، بري ماڻهوءَ جي گهر وٽان گذريو ته ان جي چتونءَ کيس ڏسي گاريون ڏنيون.
    بادشاھ ڪڇيو ڪين پر سمجهي ويو ته اڳيون چَتون چڱن جي صحبت ۾ رهڻ ڪري خوش اخلاق هيو ۽ پويون برن جي صحبت ۾ رهڻ ڪري بد خُلق هيو.
    مطلب: ١. چڱن جي صحبت ۾ گذارج ادا، جو صحبت جو ٿئي ٿو اثر اي ادا.
    ٢. چڱن سان چاه پئي جي من ميڙ ڪيئي، رڱجي ته لال ٿيندو، نه ته ڪڪوربو ته سهي.
    ۳. چورن سان چاه پئي جي من ميڙ ڪيئي، پوندو ته ڪاٺ، نه ته ڪوٺائبو ته سهي.
    ۴. صحبت صالح ترا صالح ڪند، صحبت طالح ترا طالح ڪند.
    ۵. چڱن جي سنگت تو کي چڱو ڪندي، بڇڙن جي سنگت تو کي بڇڙو ڪندي.

    145. سوال جو جواب نه اچي، ته بد تميزي نه ڪجي. (چوڻي)
    هڪ شينهن جهنگ ۾ هر جانور کان اهو پڇندو هيو؛ ”ٻڌايو ته جنگل جو بادشاه ڪير آهي؟“
    ”سائين منهنجا اوهين ته آهيو!“ هر ڪو، ڊڄندي کيس چوندو ھيو.
    هڪ ڏينھن، ھڪ هاٿيءَ کان، ساڳيو سوال پڇيائين.
    ان اڍنگي سوال تي، هاٿيءَ کي خار اچي وئي، جنھن ڪاوڙ منجھان، سندس چيلھ جي چوڌاري سونڍ کي ورائي، گهمائي کڻي پٽ تي هنيس. شينهن جي چيلھ مان سَٽ نڪري وئي.
    ”مون تو کان اھڙو ڏکيو سوال ته نه پڇيو ھيو جو بدتميزيءَ سان پيش آئين.“ سور کان ڪنجهندي چيائينس؛ ”سوال جو جواب نه اچي ته بد تميزي نه ڪجي.“
    مطلب:۱. ڏاڍائي ڪرڻ لاءِ ته هر ڪو تيار آهي پر سهڻ لاءِ ڪير تيار ناهي. (۱۳) ص ۱۰۹

    146. سؤ ڪُئا کائي ٻلي، حج تي هلي. (چوڻي)
    هڪ ٻڍي ٻليءَ، ڪئن کي يقين ڏياريندي چيو؛ ”هاڻي مان ٻڍي ٿي وئي آهيان! نه شڪار تي ڇپ ڇپ ڪري، ٽپ ڏئي ٿي سگهان ۽ نه وري ڏند ڏاٺون بچيون اٿم جو ماس ۽ هڏا ڪرٽي سگهان. نه چنبن ۾ سَتُ رهيو اٿم جو ڪمزور ڪئن کي به پڪڙي سگهان، تنهنڪري مان هاڻي تائب ٿي، حج تي ٿي هلان.“
    ڪُئا سندس ڏاهپ ڀرين ڳالهين تي بنڀلجي پيا ۽ ساڻس گڏ، حج ڪرڻ لاءِ، رفيق سفر ٿي نڪري پيا. ڊگهي سفر ۾، جڏهن ڪئا کٽڻ لڳا ته باقي ڪئن کي اچي ڦڦڙيءَ ورايو. نيٺ جاچ ڪيائون ته خبر پين؛ ”ٻلي اسان کي اعتماد ۾ وٺي، عادت مطابق لڪي ڇپي پئي اسان کي شڪار ڪري.“
    مطلب: ۱. برو انسان، جڏهن نيڪ بڻجڻ جو بهانو ڪري، ۽ وري برا ڪم به لڪي ڪري، تڏهن کيس انھن لفظن سان شرمائبو آهي.
    ۲. بگهڙ ڪراڙو ٿئي ته چئي؛ ”مان هاڻي بزرگ ٿي ويو آهيان.“
    ۳. ڀيٽيو؛ ست ڪئا کائي ٻلي، حج تي ھلي. (۱)

    147. سؤ ميل جي منزل تي پهچڻ لاءِ،
    شروعات پهرئين قدم سان ٿيندي آهي. (چوڻي)
    هڪڙي شخص جي پٽ جي عمر پڙهڻ جي لاءِ لائق ٿيڻ کان به ڳچ سال مٿي وڌي هلي ته ڇوڪري جي مستقبل جو الڪو ٿي پيس. دل ۾ چيائين؛ ”ڇوڪرو وڏو ٿي ويو آهي. اڃا پڙهڻ تي نه ويٺو آهي. چار اکر علم جا پيٽ ۾ هجنس ته چَڱو آهي.“
    اهي پور پچائي، هڪ ڏينهن پٽ کي سڏي چيائين؛ ”پٽ چؤ الف!“ پٽس اهڙو ڪڇي جهڙي ڀت. ٻه چار دفعا پٽ کي ساڳيو اکر اچارڻ لاءِ چيائين. پٽس وٽ ساڳي چُپ. آتارڻ ۽ مٿا مونا هڻڻ کان پوءِ چيائينس؛ ”ابا ڳالھ ڪهڙي آهي جو الف جو اکر به نه ٿو اچارين، جڏهن ته تنهنجي عمر جا ٻار چڱا ڀلا ڪتاب پڙهي وڃن ٿا؟“
    ”بابا! جيڪڏهن الف ياد ڪيم ته وري تون چوندين ب چؤ. اهو چوندس ته پوءِ ٻي چوندين، تان جو الف ب بي جي پٽيءَ جا ۵۲ اکر ئي ياد ڪرائيندين.“ پٽس دليل ڏيندي چيو؛ ”آخر مڪتب ۾ ويهڻو پوندم. ڍير ڪتابن جا اتي رکيا آهن، جيڪي پڙهڻا آهن. ايڏي تڪليف کان بچڻ لاءِ پهريون قدم ئي نه ٿو کڻان!“
    مطلب: ۱. هر شيءِ/ ڪم جي شروعات، سولائيءَ سان ٿي آهي.

    148. سؤ وڃائجي ساءُ نه وڃائجي. (پھاڪو)
    هڪڙي مائيءَ کي مڙس سونو هار ٺهرائي ڏنو، جيڪو ڪجھ ڏينهن کان پوءِ وڃائجي ويس. مڙس ڏنگو هئس. مار جي ڀَوَ کان؛ وجھ وٺي مڙس کي چيائين؛ ”تنهنجو فلاڻو دلي دوست آهي. اهو تنهنجي پرپُٺ آيو. کيس سؤ رپين جي ضرورت هئي. مون وٽ هيا ڪين. کيس اهو هار ڏنم ته وڃي وقت ڪڍي.“
    اها ڳالھ، هڪ ڏينهن ان دوست جي سامهون به مڙس کي چيائين. جنهن تي مڙس چيس؛ ”خير آهي! وقت تي دوست ئي دوستن جي ڪم ايندا آهن.“
    اهي لفظ ٻڌي، مڙس جو سنگتي سڪتي ۾ اچي ويو. ڳالھ جو سر سمجهي، چپ ڪري ويو. دل ۾ چيائين؛ ”اديءَ کان زيان ٿي ويو آهي. جان بچائڻ لاءِ مون تي هنيو اٿس.“
    هڪ ڏينهن سؤ رپيا آڻي، سنگتيءَ کي ڏنائين، جنهن اچي پنهنجي زال کي ڏنا ۽ ٻڌايائينس؛ ”هار وارا سؤ رپيا آهن.“
    جوڻس کي ڏاڍي شرمندگي ٿي. معافي وٺي، کيس سڄي ڳالھ سربستي ڪري ٻڌايائين، جنهن تي مڙسهنس سنگتيءَ کان تصديق ڪئي.
    مطلب: ۱. نقصان سهجي، اڇن ڏندن جي پريت نه وڃائجي. (۵) ص ۹۸ ۽ (۱۴) ص ۱

    149. ”سها مانس کائينس؟“
    چي؛ ”آپ رو بچي، تو ئي کاسو.“ (ٿر، پهاڪو)
    هڪڙي گدڙ، هڪڙي سهي سان سنگت رکي ھئي. هڪ ڏينهن کيس ڏٽا ڏئي، جهنگ گهمائڻ لاءِ آيو، جتي گاھ جام هئو. جھنگ ۾ اڳڀرو نڪري اچڻ سبب، ٻئي اڪيلا ٿي پيا. اتي سهي کي اڪيلائپ جي ڊپ ورايو ۽ اندر ۾ ڏڪڻ لڳو.
    ”سيا مانس کائينس!“ گدڙ، کيس دلداري ۽ آٿت ڏيڻ جي ارادي سان چيو ته جيئن خيال مٽ ٿئيس ۽ رڦڻي لھيس؛ ”سها! گوشت کائيندين.“
    ”آپ رو بچي تو ئي کاسو.“ سهي ڏڪندي ۽ شڪ ۾ پوندي، ته متان مون کي ماس سمجھي کائي وڃي، چيس؛ ”پنهنجو بچي ته به غنيمت.“
    مطلب: ۱. ڪمزور ماڻهوءَ جو، ظالم جي هٿن کان بچڻ به غنيمت آهي.
    ۲. ”سها گوشت کائيندين؟“ چي؛ ”جان بچي لک کٽيم.“ (۳۹) ص ۸۲

    150. سهو پاڻ ٻوڙ، چي؛ ”امان ٻوڙ!“ (پھاڪو)
    هڪڙي ننڍڙي سهي، جنھن گهر ۾ رھندا ھيا، تنھن اندر رڌل ٻوڙ جي خوشبوءِ سنگهي، اچي ماءُ سان انگل ڪيو؛ ”امان! ڏاڍي بک لڳي آهي!“
    ”ڪچڙو ۽ نرم گاھ پيو آهي.“ ماڻس دلداري ڏيندي چيس؛ ”بابل کي دَلَ تي ڏيان. ٻچڙو منهنجو کائي ڍؤ ڪري.“
    ”امان! وات خراب لڳو پيو آهي.“ ٻچي، ماءُ سان اڃا انگل ڪندي چيو؛ ”گاھ کائي کائي آڪو ٿيو آهيان!“
    ”پوءِ ڇا کپي، منھنجي ٻچڙي کي؟“ ماڻس ڳراٽڙي پائي پڇيس.
    ”امان!“ ماءُ جي سيني ۾ ٻوٿ هڻندي چيائين؛ ”ٻوڙ کائڻ تي دل ٿي چوي. ٻوڙ جي ڏاڍي سڪ لڳي آهي، امان!“
    ”بس ڪر ابا، بس ڪر. اهو ڇا ٿو چوين/ ڪو ٻڌي وٺي ته!“ ماڻس وات تي هٿ رکندي چيس؛ ”سهو پاڻ ٻوڙ. تون ڪيئن ٿو، ٻوڙ جي ڳالھ ڪرين!“
    مطلب: ۱. پنهنجي جان جي سلامتيءَ کان مٿي، مطالبا نه ڪرڻ گهرجن.
    ۲. ڀيٽيو؛ ”سها مانس کائينس؟“ چي؛ ”آپ رو بچي، تو ئي کاسو.“ (۴۰)

    151. سيٺ پيارو، ڪن ڌن پيارو؟ (پهاڪو)
    هڪڙي سيٺياڻي، اُچا ريشمي وڳا پهري ۽ ڳھ ڳٺا پائي، ڪاڏي وڃڻ لاءِ سهي سنبري نڪتي پئي، جو نوڪرياڻيءَ سهڪندي اچي ٻڌايس؛ ”مائي! سيٺ گاڏيءَ تان ڌڪو کاڌو، ڌڪجي پيو. کيس اسپتال کڻائي ويا آهن!“
    ”هان هان! ڇا ٿي چوين!؟“ نوڪرياڻيءَ کان رهڙ ڏئي پڇيائين؛ ”منهنجي ستپٽي ساڻس هئي، سا سلامت آهي ڪن ڪيئن؟“
    ”اها ته تو واري وڏي پٽ، ٿڏي تي کڻي سوگهي ڪئي!“ نوڪرياڻيءَ اڃا ڳالھ کي اڳتي وڌائيندي چيس؛ ”چيائون پئي ته سيٺ جو بچڻ مشڪل آهي.“
    سيٺياڻي يڪدم ڪوٺيءَ ڏانهن ڀڳي. زيور ۽ ريشمي وڳا صندوق ۾ هٿيڪا ڪري، ميرا ڪپڙا پهري اچي اڱڻ ۾ پار ڪڍي روئڻ ويٺي ۽ پاڙو ميڙي ساڻن ڏک جو اظهار ڪرڻ لڳي.
    مطلب: ۱. مڙس/ ماڻهوءَ کان وڌيڪ، زيورن جو قدر آهي. (۶) ص ۱۷


    [ ش ]

    152. شيدي گورو نه ٿئي، توڙي سوَ صابڻ لائي. (پهاڪو)
    گورن جي ملڪ ۾، هڪڙي شيدي وڪاڻو. جنهن ڳڌس، تنهن ڀانيو ته؛ ’کيس اڳلي مالڪ وهنجڻ وغيره نه ڏنو آهي، جنهن سببان رنگ ئي ڦري ويو اٿس ۽ ميرو پڻ ٿيو آهي. کار ۽ صابڻ جي مهٽ سهٽ ڪجيس ته هوند گورو ٿي پوي.‘
    اهو ويچار دل ۾ ونڊي، کيس هڪڙي ٽَبَ ۾ ويهاري، قسمين قسمين صابڻ ۽ ماڃڻ گهرائي، مزدورن هٿارائون خوب مُين سان مھٽرائي، اڇو اجرو ڪرڻ لاءِ جتن ڪيائين. صبح کان سانجهيءَ تائين، مزدور وهنجاري وهنجاري ٿڪا ۽ شيدي تڙڳي تڙڳي اڌ مئو ٿيو پر سندس رنگ ۾ ٽڪي جو به ڦيرو نه آيو. تڏهن کڻي مالڪ منجهانئس هٿ پٽيا.
    مطلب: ۱. اڱر نه اجرو ٿئي، توڙي سؤ مڻ صابڻ لاءِ.

    153. شينهن کي ڪير چوي؛ ”تنهنجي وات ۾ ڌپ آهي!“ (پهاڪو)
    هڪ دفعي هڪڙو شينهن بکارو ٿي پيو. شڪار ڪرڻ جي همت نه هيس. لاچار ڪم هلائڻ لاءِ ٽن ڄڻن؛ ماڻهو، بگهڙ ۽ لومڙ کي صلاح ڏيڻ لاءِ سڏايائين. واري واري سان کانئن سوال پڇيائين.
    ”منهنجي وات ۾ ڪا ڌپ آهي ڇا؟“ پهريون سوال ماڻهوءَ کان پڇيائين.
    ماڻهوءَ، سندس وات وٽ نڪ رکي سنگهيو ۽ سنگهڻ پڄاڻا چيائين؛ ”هائو قبلا، اوهان جي وات مان بانس اچي ٿي.“
    انهيءَ تي شينهن ڏاڍو بگڙيو ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کيس چيائين؛ ”مون اٺن ڏينهن کان ڪجھ کاڌو ئي ناهي کاڌو. تو کي وري منهنجي وات مان بوءِ ٿي اچي. تون وڏو بدمعاش آهين! تو کي نه ڇڏيندس.“ ائين چئي، کيس چيري ڦاڙي کائي ڇڏيائين.
    انهيءَ پڄاڻان بگهڙ کي سڏي، کانئس پڇيائين؛ ”تون ڏس! تو کي منهنجي وات ۾ ڌپ محسوس ٿئي ٿي.“
    بگهڙ کي به جان وڃڻ جو خطرو هيو سو ڊپ منجهان چيائين؛ ”سائين! توهان جي وات ۾ بانس آهي ئي ڪا نه.“
    ”هان لچ!“ شينهن گجگوڙ ڪندي چيس؛ ”ٺلهي خوشامد ٿو ڪرين. هي مون ماڻهوءَ کي کاڌو، ته به منهنجي وات ۾ بوءِ ئي ڪا نه ٿي. مان تو کي ڄڻ اڃا بکارو ٿو نظر اچان.“ ائين چئي کيس چيري ڦاڙي کائي ڇڏيائين.
    آخر ۾ لومڙ کي گهرائي کانئس ساڳيو ئي سوال پڇيائين، جنهن وات کي هيڏانهن هوڏانهن سنگهي چيس؛ ”سائين! مون کي زڪام آهي. نڪ بند آهي. قبلا مون کي ڄاڻ ئي نه ٿي پوي!“ ائين چئي پنهنجي جان بچائي ويو.
    مطلب: ۱. ڏاڍي مڙس کي، منهن تي حق سچ چوڻ به ڏاڍو ڏکيو آهي.


    [ ص ]

    154. صبر سونُ، ڳالهائڻ چاندي. (چوڻي)
    هڪڙيءَ ڍنڍ ۾ پکي، نر ۽ مادي، گڏ گهاريندا هيا. ساڻن هڪڙي ڪڇونءَ پڻ اچي ياري رکي. اڙيءَ اُڌيءَ ۾، هڪ ٻئي جي واهر پيا ڪندا هيا.
    هڪڙيءَ مند ۾، ڍنڍ جو پاڻي سڪي ويو. هر هڪ جيوَ جو گذران تنگ ٿيڻ لڳو. پکين ۽ ڪڇونءَ جو گذر پڻ ڏکيو ٿيو. پکين ته تڙ تڪڙ ۾ اڏامي وڃي، ٻيو سَرُ تاڙيو. اتي ھڪڙي بيٺل وڻ تي آکيرو هڻي آيا. جڏھن ٻار ٻچا ۽ سامان سڙو کڻي لڏڻ جي ارادي سان پلاڻڻ لڳا ته پوئتي ڪڇون ويچارو، اڏامڻ جي صلاحيت نه ھئڻ سبب، اڪيلو ۽ اٻاڻڪو پئي ٿيو. اھو ٻئي تلاءَ تي وڃي ته ڪيئن وڃي. جر کان سواءِ جالڻ، مشڪل هيس۔
    ”مون کي هتي اڪيلو نه ڇڏيو!“ ڪڇونءَ لڏڻ پلاڻڻ وقت، پکين کي ايلاز ڪندي چيو؛ ”سياڻن پڻ چيو آهي ته؛ ڏکيا ڏيهاڙا جن سان، سکيا به تن سان. تنهنڪري سک ۾ گڏ هياسين، ڏک ۾ به ساٿ نه ڇڏڻ گهرجي.“
    ”بلڪل سچ ٿو چوين!“ لاڏائو پکين ڳالھ مڃيندي چيس؛ ”تو کي سُڃ ۾ هيکلو ڇڏڻ چڱو نه ٿو لڳي، تنهنڪري هڪڙيءَ ڪاٺيءَ جي ٻنهي ڇيڙن کي پنهنجي ڪلهن تي رکي اسان اڏامون ٿا ۽ تون ڪاٺيءَ کي وچ کان چڪ ۾ مضبوط جهلي هليو هل. ائين اسان سان سنئين منزل تي پهچي ويندين.“
    اهو طئي ڪري اڏاڻا. واٽ تي هڪ ڳوٺ مٿان اُڏامندا پئي ويا جو ڳوٺ جي ڇوڪرن کين حيرت جهڙي حالت ۾ ڏسي وٺي تاڙيون وڄايون ۽ چوڻ لڳا؛ ”هيڏو ڪڇون! ويچارڙن پکين کان پاڻ کڻايو پيو وڃي. ٻڏي مرڻ گهرجيس.“
    ”ٻڏي مرو توهان!“ ڪڇونءَ چڙ مان کين ورندي ڏني؛ ”مان ڇو ٻڏان.“
    ڪڇونءَ ڳالهائڻ لاءِ جيئن وات کوليو، تيئن چڪ ڇڏائجي ويس ۽ ڌو وڃي ڌرتيءَ تي ڪيائين، جنهن تي ڇوڪرا ويجهو مڙي آيس ۽ سندس جواب تي ناراض ٿي اچي لٺين سان ڪٽي چٿي ڇڏيائونس.
    مطلب: ۱. گهڻي ڳالهائڻ مان وڏا نقصان آهن.
    ۲. ڪڇون اگر ڪُڇي نه ھا ته ھوند سر نه وڃائي ھا. (۶) ص ۴۵

    155. صلح وارو ڪوڙ، فتني واري سچ کان بهتر آھي. (چوڻي)
    چون ٿا ته هڪ بادشاهه، هڪ قيديءَ کي قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو۔ زندگيءَ کان مايوس قيديءَ، انتهائي بيڪسي ۽ بيوسيءَ جي حالت ۾ بادشاهه کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ شروع ڪيو۔
    مرندو مرندو، ڇا ڇا نه ڪندو؟ فارسي زبان ۾ چوڻي آهي؛ تنگ آمد به جنگ آمد. بادشاهه وزيرن کان پُڇيو ته؛ ”قيدي ڇا ٿو چوي؟“
    هڪ وزير، جيڪو نيڪ طبيعت هو، تنهن چيو؛ ”حضور! هي شخص چوي ٿو ته چڱا ماڻهو اُهي آهن جي ڪاوڙ کي پي وڃن ٿا ۽ خطاڪارن جا ڏوهه معاف ڪريو ڇڏين۔“
    بادشاهه جي دِل ڀڄي پئي ۽ مٿس ڏاڍو اثر ٿيو. يڪدم قيديءَ جي قتل جو ارادو لاهي ڇڏيائين۔
    هڪ ٻيو وزير به اُتي موجود هو، جيڪو مزاج ۽ طبيعت ۾ بلڪل مختلف ھيو۔ اُن چئي ڏنو؛ ”اسان جهڙن ماڻهن جو اهو وڙ نه آهي ته بادشاهه سلامت آڏو ڪا به اهڙي ڳالهه ڪريون، جا اصليت جي خلاف هجي۔ در حقيقت قيديءَ، بادشاهه سلامت کي گهٽ وڌ ڳالهايو آهي ۽ گاريون ڏنيون اٿس۔“
    اهو ٻُڌي بادشاهه ڪاوڙ ۾ منهن ڦيرائي ڇڏيو ۽ چيائين؛ ”هن جي ڪوڙ ۾ نيڪ نيتي هئي ۽ تنهنجي سچ ۾ بد خواهي، تنهنڪري هن ماڻهوءَ جو ڪوڙ تنهنجي سچ کان گهڻو بهتر آهي۔“
    مطلب: ۱. دروغ مصلحت آميز، به از راستيءِ فتنه انگيز. (فارسي)
    ۲. اهو ڪوڙ، جو ڪنهن جي ڀلائي لاءِ ڳالهايو وڃي، ان سچ کان بهتر آهي، جنهن مان فتنو ۽ فساد پيدا ٿئي۔ (ترجمو)


    [ ض ]

    156. ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي. (چوڻي)
    هڪڙي ڪانءَ کي ڏاڍي اڃ لڳي. پاڻيءَ جي ڳولا ۾ ڏاڍو اڏاميو. هڪ هنڌ باغ ۾ کيس پاڻيءَ جو ٽڀو نظر آيو، جنهن ۾ پاڻي تري منجھ هيو. منجهانئس پاڻي پيئڻ ٿورڙو ڏکيرڙو هيو.
    کيس ويجهو ئي پٿرين جو ڍير نظر آيو. پنهنجي چنهنب سان ڪنڪريون کڻي، پاڻيءَ واري ٽڀي ۾، اڇلڻ شروع ڪيائين. پٿرين پوڻ سان، ٽڀي ۾ پاڻيءَ جي سطح مٿي ٿي وئي، جنهن مان پاڻي پيئڻ آسان ٿي پيس. پاڻي پي، پنهنجي اڃ اجهائي، اڏامي ويو.
    مطلب: ۱. احتياج، گدڙ کي شينھن سان گڏ کائڻ تي مجبور ڪندو آھي.
    ۲. گھرج ئي، کوجنا ڪرائيندي آھي.
    ۳. Necessity is the mother of invention.

    157. عقل ريءَ عذاب، گهڻا پسندينءَ جندڙي. (چوڻي)
    هڪڙي شهر ۾، هڪڙو سادي سمجهه وارو ماڻهو رهندو هو، جنهن کي سڀ ماڻهو ”مَت جو مُوڙهو“ ۽ ”ڳنڍ جو ڳوڙهو“ ڪري سڏيندا ۽ چيڙائيندا هيا. هڪڙي ڏينهن، روزگار جي تلاش ۾، ٻئي ڳوٺ ڏانهن روانو ٿيو. واٽ ۾ ڪو مظلوم چوندو پئي ويو؛ ”ڪو غريب هڏ نه ڦاسي!“ پوءِ هيءُ به رستي ۾ چوندو ٿي آيو: ”هڏُ مَ ڦاسي“، پر ”ڪو غريب“ لفظ چوڻ وسري ويس. واٽ تي ماري ملي ويس، جو شڪار ڪرڻ پئي ويو. انهيءَ جڏهن هن جي واتان: ”هَڏ مَ ڦاسي! هَڏ مَ ڦاسي!“ اُچاريندو ٻڌو، تڏهن کيس اهڙي ته ڪاوڙ لڳي، جو ڏاڍي مار ڏنائينس، ڇاڪاڻ ته ماريءَ سمجهيو ته، ’هي نڀاڳو، مون کي پٽيندو ٿو رهي ته جيئن منهنجي ڄار ۾، هڪ به پکي نه ڦاسي.‘
    هن غريب، ماريءَ کان پڇيو؛ ”ٻيلي، مون تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، جو مون کي ايترو ماريو اٿئي؟“
    ماريءَ جواب ڏنس؛ ”نڀاڳا، آءٌ شڪار لاءِ وڃي رهيو آهيان ۽ تون مون کي پٽيندو ٿو اچين ته: ’هڪ به نه ڦاسي!‘“
    تڏهن ماريءَ کان پڇيائين؛ ”ڀلا ٻڌاءِ! آءٌ ڇا چوان؟“
    ماريءَ چيس ته؛ ”چئو ته، ’شال، پهرين ئي ڏهه ڦاسن‘، ’شال پهرين ئي، دفعي ڏهه ڦاسن!“
    اڃا ٿورو اڳتي وڌيو ته سامهون ڏهه چور، ايندا نظر آيس. چورن سندس واتان، اهڙا منحوس لفظ ٻڌا، ته اچي مٿس ڪاوڙيا. مار ڏنائونس جو سمجهيائون ته اسان کي پٽيندو ٿو اچي!
    هن غريب پڇين؛ ”ٻيلي، مون، اوهان جو ڪهڙو گناهه ڪيو آهي، جو ماريو ٿا؟“
    چورن چيس؛ ”اسين نڪتا آهيون چوري ڪرڻ ۽ تون اسان کي پٽين ٿو ته: ڏهه ئي ڦاسئون! پوءِ موچڙا ڪيئن نه کائيندين؟“
    تڏهن چورن کان پڇيائين؛ ”ڀلا! ٻيلي! مون کي سمجهايو ته آءٌ ڇا چوندو وڃان؟“
    چورن سـمجهايـس ته ھيئن چوندو وڃ؛ ”هـڪـڙو ڇڏي، ٻيو آڻيو! هڪڙو ڇڏي، ٻيو آڻيو!“
    هو بي سمجهه، ”هڪڙو ڇڏي، ٻيو آڻيو!“ چوندو رستي سان وڃي رهيو هو، ته اڳيان ڪن ماڻهن کي لاش سان ويندو ڏٺائين. انهن لاش وارن، جڏهن سندس اهي لفظ ٻڌا، تڏهن هو مٿس ڏاڍو ڪاوڙجي پيا، جو سمجهيائون ته، هيءُ اسان کي پٽي رهيو آهي ته؛ ”اڃا ٻيو ڪو مَريوَ!“ تنهنڪري خوب مار ڏنائونس.
    کانئن پڇيائين؛ ”مون ڪهڙو قصور ڪيو آهي، جو اوهين مون کي، ايترو ماري رهيا آهيو؟“
    انهن جواب ڏنس ته؛ ”تون اسان کي پِٽي رهيو آهين ته هڪڙو ڇڏي ٻيو لاش آڻيو، پوءِ به وري چوين ٿو ته مون ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي!“
    آخر، انهن لاش وارن کان به پڇيائين؛ ”ڀلا مان ڇا چوان؟“
    هُنن جواب ڏنس ته، ”تون چئو ته: اهڙي شال، ڪنهن سان نه ٿئي، اهڙي شال، ڪنهن سان نه ٿئي.“
    ويچارو وِسوڙَل، ”اهڙي شال ڪنهن سان نه ٿئي!“ چوندو، وڃي رهيو هو ته سامهون ڄڃ اچي رهي هئي. انهن به هن جي واتان: ”اهڙي شال، ڪنهن سان نه ٿئي“ جهڙا لفظ ٻڌي، کيس مارڪُٽ ڪري، سمجهايائونس؛ ”تون چوندو وڃ ته: اهڙي شال، سڀ سان ٿئي.“
    هو اهي لفظ چوندو، هڪڙي ڳوٺ ۾، اچي پهتو. ڳوٺ ۾ هڪڙي ڪنڀر جي گهر کي باهه لڳل هئي. جڏهن ان وٽان لانگهائو ٿيو ۽ ڪنڀر، سندس واتان: ”اهڙي شال، سڀ سان ٿئي“ جهڙا لفظ ٻڌا، تڏهن کيس، ڏاڍو غصو آيو. کڻي سونٽو، اچي ورتائينس ۽ خوب مرمت ڪيائينس. پوءِ ته ڪنڀر، کيس چريو ڄاڻي، اهڙي ڪار ڪيس، جو ٻانهن کان ڇڪي کڻي پنهنجي در تي نوڪر رکيائينس. باهه لڳڻ واري حادثي ۾، زال سڙي ويئي هيس، تنهنڪري رڌڻ پچائڻ کان علاوھ ٻيو به گَهرو ڪم ڪار کانئس وٺڻ شروع ڪيائين.
    هڪڙي ڏينهن ڪنڀر چيس؛ ”فلاڻي ماڻهوءَ جاءِ ڊهرائي آهي، جا وري نئين سر ٺهرائيندو. تون وڃي، ان جي ڀتين جي پاڙ منجھان نڪتل چيڪي مٽيءَ مان گڏھ ڀري اچ ته ٿانوَن ٺاهڻ جو ڪم شروع ڪريون.“
    هو گڏھ ڪاهي، اُتي ويو ۽ هڪڙو گنب ڀت جو ڪيرائي وڏي وزن وارو حصو، ڪن ماڻهن جي مدد سان، گڏھ تي رکيائين. گهڻي بار پوڻ سبب، گڏھ ڪِريو ۽ ڪرندي سان ئي مري ويو. هيءُ بيوقوف، لڳو کيس لڪڻ هڻڻ ته من اُٿي. جڏهن گڏھ ڪو نه اٿيو، تڏهن ڪنڀر کي وڃي ٻڌايائين؛ ”گڏھ ضد ڪيو آهي ۽ آهليو سمهيو پيو آهي. اُٿي ئي نٿو، سو آءٌ ڪيئن ڪاهي اچانس؟ پنهنجي کي پاڻ هلي ڪاهي اچ!“
    ڪنڀر اچي ڏسي ته گڏھ مئو پيو آهي. هن کي ڦٺ لعنت ڪري، گهر وٺي آيو ۽ چيائينس؛ ”مان، شهر مان ٿورو ڪم لاهي اچان، تون منهنجي بيمار ماءُ کي، تيسين پکو هڻ.“
    ڪنڀر پٺي ڏني مس ته هن پوڙهيءَ کي، اهڙا ٻه چار پکا هنيا، جو هوءَ ويچاري، راهه رباني وٺي ويئي. جڏهن ڪنڀر آيو، تڏهن ماءُ کي مئل ڏسي، پڇيائينس؛ ”تو امان کي ڇا ڪيو، جو اھا مري وئي؟“
    ٻڌايائينس؛ ”تنهنجي چوڻ موجب، هن کي پکا هڻڻ شروع ڪيم. اڃا ٻه چار پکا، مس لڳا ھوندس جو ننڊ اچي ويس. هينئر ڪهڙي نه مٺڙي ننڊ ۾ ستي پيئي آهي!“
    سندس اھي لفظ ٻڌي، خار منجھان اچي ورتائينس موچڙن سان. هڻي اڌ مئو ڪري وڌائينس.
    هينئر اتي وڌيڪ ترسي نه سگهيو. ڪنڀر جي گهر کان ٻاهر نڪري، پنڌ کي وڄايائين. سج لٿي مهل، هڪ ڳوٺ ۾ پهتو، جتي هڪ مائيءَ پڇيس؛ ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“
    ٻڌايائينس؛ ”ڳنڍ جو ڳوڙهو، مت جو موڙهو.“
    مائيءَ ڏٺو ته ويچارو ڪو سادو ماڻهو آهي، تنهنڪري سندس منٿ تي، کيس رات رهڻ ڏنائين.
    اڃا ٻه پهر مس گذريا ته دروازو کڙڪيو. مائيءَ دروازو لاهي ڏٺو ته چار ماڻهو بيٺا آهن. انھن مائيءَ کي چيو؛ ”اسان کي رات پاڻ وٽ رهڻ ڏي. اسان تو کي صبح سان ڍَئي ڇڏينداسين.“
    مائيءَ لالچ تي هنن کي ٻيءَ ڪوٺيءَ ۾ ٽِڪايو.
    اُهي چار ئي، ڪنهن شاهوڪار جو مال کڻي آيا هئا. جڏهن ورهائڻ ويٺا، تڏهن حصن تي نه ٺهيا ۽ پاڻ ۾ وڙهندي وڙهندي مري ويا.
    مائي صبح سان ڏسي ته چار ئي خون ٿيا پيا آهن. مائي ويچاري سڪتي ۾ پئجي ويئي ته متان خون سندس گردن ۾ پوي. ان وقت وري، ’ڳنڍ جو ڳوڙهو، مت جو موڙهو‘ به کانئس موڪلائڻ لڳو.
    مائيءَ چيس؛ ”ابا! اڄوڪي رات ٽڪ ته سڀاڻي گهر لاءِ، تو کي ڪي سوکڙيون پاکڙيون ڏينديس.“
    هو ويچارو ٽڪي پيو.
    مائيءَ ڇا ڪيو جو چار ئي لاش، چئن کٽن تي ڌار ڌار ٻڌي رکيائين، پوءِ هن کي چيائين؛ ”مون وٽ هڪڙو الله لوڪ ايندو ھيو، جنهن جي آءٌ گهڻي وقت کان خدمت ڪندي ايندي هيس، پر ويچارو رات مري ويو آھي. تون هن کي درياهه ۾ اڇلي اچ.“ هو لاش کڻي اڇلي آيو. جڏھن موٽي گھر پھتو ته مائيءَ ٻئي لاش ڏانھن اشارو ڪندي چيس؛ ”اهو لاش ته پاڻ-مرادو موٽي گھر پھتو آهي، تنهنڪري وري اڇلي اچينس.“ هو ڏسي ته مار! وري ساڳئي کٿي وارو لاش کٽ تي پيو آهي. يڪدم لاش کي کڻي وري اڇلي آيو.
    قصو ڪوتاهه، مائيءَ چار ئي لاش، کانئس درياهه داخل ڪرايا. جڏهن چوٿون لاش اڇلي موٽيو، تڏهن درياهه جي ڪناري تي هڪڙي ساڌو فقير کي تپسيا ڪندي ڏٺائين. هن سمجهيو؛ ”لاش وري نڪري آيو آهي.“ وجھندي ساڌوءَ کي ڳچيءَ ۾ ڪپڙو، ڇڪي درياهه داخل ڪيائينس.
    گھر موٽي اچي مائيءَ سان اها ڳالهه ڪيائين ۽ ٻڌايائينس؛ ”تنهنجي ڳالهه سچي هئي. لاش برابر ڪناري تي نڪري آيو هو، پر مون کيس گهِلي درياهه ۾ اڇليو.“
    مائيءَ دل ۾ چيو؛ ”مار! هن ڪنهن جيئري جاڳندي کي ماري درياهه داخل ڪيو آهي!“
    صبح تي مائيءَ کان سوکڙيون پاکڙيون وٺي، درياهه جو ڪنارو ڏيو گهر پئي آيو ته پيريءَ (پيراڍو، پيرو کڻندڙ)، هن کي اچي پڪڙيو ۽ چيائينس؛ ”فلاڻي ماڻهوءَ کي تو ماري، درياهه ۾ اُڇليو آهي ۽ تنهنجو پيرو پڌرو بيٺو آهي.“
    انھيءَ تي کيس پڪڙي بادشاهه وٽ وٺي آيا. جڏهن کانئس پڇا ٿي، تڏهن چيائين؛ ”سائين، برابر مون هن کي درياهه ۾ داخل ڪيو. جيئن اڇليانس، تيئن موٽيو اچي. مون کي هر گهڙيءَ پنڌ پئي ڪرايائين. تڏھن خار مان ماري اڇليومانس.“
    بادشاهه، سندس بي عقليءَ جي ڳالهه ٻڌي، کيس ڦاسي ڏياري، جنھن تي ھڪ عقل واري، جنھن سندس اھي ڪم عقليءَ واريون ڳالهيون ٻڌيون پئي، تنھن چيو؛ ”عقل ريءَ عذاب، گهڻا پسندينءَ جندڙي.“
    مطلب: ۱. عقل کان سواءِ انسان عذاب ٿو پسي. (۵) ص ۱۰۱


    [ ع ]

    158. عيب ڪڍڻ سولو، سڌارڻ اولو. (چوڻي)
    هڪڙي مصور هڪڙي تصوير ٺاهي پنهنجي استاد آڏو رکي، اھڙي تعريف ڪئي جو منجھانئس ڍاپيو ئي نه پئي.
    ”اها تصوير، هڪڙي چونڪ تي لڳائي ڇڏ. هيٺان وري لکينس ته؛“ استاد صلاح ڏيندي چيس؛ ”جنهن به آئي وئي کي، هن تصوير ۾ جيڪو عيب نظر اچي، سو مٿس لکي“.
    سيکڙاٽ مصور، استاد جي صلاح تي عمل ڪندي، هڪڙي چونڪ تي اها تصوير، ساڳئي ٻڌايل عبارت سان ٽنگي ڇڏي. ٻئي ڏينهن اچي ڏٺائين ته سڄي تصوير عيبن وارن اشارن سان ٿڦي پئي آهي. ڏاڍو ڏکارو ٿيو ۽ استاد سان وڃي ڏک سور ونڊيائين.
    ”تصوير ٻيهر چونڪ تي لڳاءِ! پر هيٺان عبارت ۾ لکينس؛“ استاد ٻيھر صلاح ڏيندي چيس؛ ”جنهن به آئي وئي کي، هن تصوير ۾ جيڪو عيب نظر اچي، سو سڌاري ڇڏي“.
    استاد جي ٻيءَ صلاح تي به عمل ڪيائين. ٻئي ڏينهن وڃي ڏسي ته تصوير اهڙي جي اهڙي ٽنگي پئي آهي. ڪنهن به عيب ڪڍي، منجھس سڌارو نه آندو آهي. مصور کي عجيب لڳو ۽ اھا ڳالھ استاد کي ٻڌائي، عيب نه سڌارڻ جو سبب پڇيائين.
    ”جيڪو به ڪم ڪجي، ان جي عيب کان به ڊڄجي. دنيا ۾ عيب ڪڍڻ وارا گهڻا آهن، سُڌراڻ وارو ڪير به نه آهي. ھونئن به وڏڙا چئي ويا آھن؛“ استاد سمجهائيندي چيس؛ ”عيب ڪڍڻ سولو، سڌارڻ اولو.“
    مطلب: ۱. ٻئي جي گلا ڪرڻ سولي، ٻئي جو عيب ڍڪڻ/ سڌارڻ ڏکيو.


    [ غ ]

    159. غريب کي آسودو، خدا ٿو ڪري. (چوڻي)
    هڪ پوليس عملدار سان، سندس آفيسر ناراض هئو. کيس آرام سان ويهڻ ئي نه ڏيندو هئو. هڪڙي جاچ پوري ئي نه ٿيندي ھئي جو ٻيءَ لاءِ موڪليندو هئس.
    هڪ ڏينهن ھڪڙي ھنڌان جاچ تان شام ڌاري موٽيو. ٿڪ ئي نه لٿس جو حڪم ٿيس؛ ”فلاڻي ماڻهوءَ کي هينئر جو هينئر پيش ڪر.“
    بيگاه وقت نڪري پيو. پڪي راھ ڪا نه ھئي، ڪچي سڙڪ تان گھوڙي تي پئي ويو. ھلندي،گهوڙي جا سنب ڪنهن ڌاتوءَ واري شيءِ سان لڳا. گهوڙو روڪي، زمين کوٽيائين ته سونين مهرن جي ڀريل ديڳ هٿ آيس. لڌل خزانو، خرزين ۽ توبري ۾ ڀري، راتو واھ گهر ۾ اچي ڇٻٽ ڪيائين. پوئين پير موٽي، گهربل جوابدار هٿ ڪري، ٿاڻي تي پيش ڪيائين ۽ نوڪريءَ تان ئي استعفيٰ ڏئي گھر هليو آيو.
    لڌل ملڪيت مان، جايون جڳهيون جوڙائي، آرام سان رهڻ لڳو.
    هر ڪنهن ائين پئي چيو؛ ”غريب کي آسودو، خدا ٿو ڪري“.
    مطلب: ۱. امير مان فقير، فقير مان امير خدا ڪري ٿو.
    ۲. ڀيٽيو؛ پيادي مان ھسوار، ھسوار مان پيادو، خدا ٿو ڪري. (۵) ص ۲۰۰


    [ ف ]

    160. فقير جو؛ نه خدا مري، نه ڪشتو ٽٽي. (چوڻي)
    هڪڙو شاهوڪارُ واپار ۾ کٽو ۽ حال تنگ ٿيس ته مايوسيءَ ۾ گهارڻ لڳو. گهر واري سلڇڻي ۽ ستياوان ھيس، جنھن دلداري ڏنس؛ ”ڀڳوان تي رک! ان جي رحمت مان نااميد نه ٿيءُ. نااميدي ڪفر آهي. فڪر ۽ ڳڻتي ڪرڻ واري جي عمر جلد ختم ٿئي ٿي.“
    ھمراھ کي ڳالھ سمجھ ۾ اچي ئي ڪا نه. وڃي مايا جي غم ۾ ڏينهون ڏينهن ڳرندو. مايا ايندي آهي ته ڪنڌ ڀڃندي آهي ۽ ويندي آهي ته چيلھ ڀڃندي آهي. هن جي به چيلھ چٻي ٿي وئي هئي، سو زباني ٽيڪن سان ته اٿڻ جهڙو هيو ڪو نه.
    هڪڙي ڏينهن اڌ رات ڌاري، جوڻس اٿي ويهي روئڻ لڳي. آواز تي مڙس جاڳي پيو ۽ پڇيائينس؛ ”پياري! خير ته آهي. اوچتو ڇا ٿيو؟“
    ”چي سپنو لڌو اٿم!“ گهر واريءَ مسلسل روئندي ۽ ڍنڍڪرون ڏيندي ٻڌايس؛ ”جنهن ڀڳوان اسان کي پيدا ڪيو آهي سو ئي مري ويو آهي ۽ کيس ڪائيءَ تي کنيو پيا وڃن. انهيءَ ڏک ۾ ٿي روئان!“
    ”اڙي چري ته ڪين ٿي آهين!“ دلداري ڏيندي زال کي چيائين؛ ”ڳالهائين ڇا ٿي! ڀڳوان، جنهن جهان ٺاهيو آهي، سو ڪيئن مرندو؟“
    ”سچ ٿو چوين ته جيڪو سپنو ڏٺو اٿم سو ڪوڙو آهي!“ زال اکيون مهٽيندي، مڙس کان پڇيو؛ ”ان تي موت نه ٿو اچي سگهي!“
    ”تنهنجو عقل ڪيڏانهن ويو آهي؟“ مڙس زال کي سمجھائيندي چيو؛ ”ڪهڙا شيطاني خواب ۽ خيال ٿيا اٿئي. ڀڳوان به ڪڏهن مرڻ جو آهي؟“
    ”هان! ڀڳوان مرڻ جو ئي ڪينهي!“ زال حيران ٿيندي پڇيس؛ ”پوءِ تون ڇو منجهانئس آسرو لاهي ويٺو آھين ۽ ڳڻتين ۾ پيو ڳرين؟“
    تنهن کان پوءِ مڙس جون اکيون کليون ۽ ڳڻتي لاهي، ڀڳوان ۾ ڀروسو رکي ڌنڌو ڪرڻ لڳو ۽ سگهو ئي بهتر حال ٿيو.
    مطلب: ۱. رب جي رحمت مان نااميد نه ٿجي. (۶)


    [ ڦ ]

    161. ڦوسي بڙ تي ويھي چوي؛
    ”اڏامندس ته بڙ، ڌَم نه سھي سگھندو.“
    ڦوسي يا ڦدي، ننڍڙو پکي آھي، پر پنھنجي مانَ شانَ وارو آھي. ويٺو ھوندو ته پيو پڇ کي ھيٺ مٿي ڪندو. اڪثر ھيٺ رھي ۽ گذاري. ھڪ ڀيري وڃي وڏي بڙ جي چوٽيءَ تي ويٺو. ٿڌي ھير پئي لڳي، سو پڇ ٽيڙيائين ۽ کنڀ کڙڪايائين: ڀانيائين ته؛ بڙ منھنجو بار ڪو نه سھي سگھندو، سو آخر بڙ کي چيائين؛ ”جھل ڌَم! آ ٿي اڏامان!“
    بڙ چيس؛ ”ڀل اڏام! آ ڪو نه ٿو ڪران! تو کان ڪئين وڏا مون تي ويٺا ۽ اڏامي ويا.“
    مطلب: ۱. ڦوسي ڇا ڏيندي ڌَمَ، بڙ جي وڻ کي. (۴۱) ص۸۰


    [ ق ]

    162. قوم جي دشمن جي سزا؛ موت آهي. (چوڻي)
    هڪڙي ماريءَ هڪ ڏينهن، پنهنجي ڄار ۾ هڪڙو پکي ڦاسايو. پکيءَ ماريءَ کي ليلائي چيو؛ ”مون هڪڙي کي مارڻ مان، تو کي ڇا هٿ ايندو؟ جيڪڏهن تون مون کي ڇڏي ڏيندين ته مان تو سان انجام ٿو ڪريان ته سڀاڻي گهڻا پکي وٺي، اچي تنهنجي ڄار ۾ ڦاسائيندس.“
    ماريءَ کي اها ڳالھ ٻڌي ڏاڍي بڇان لڳي. پکيءَ کي ڪاوڙ مان جواب ڏنائين؛ ”اي پنهنجي ذات جا دشمن! اصل ۾ تنهنجي مارڻ جو مون کي خيال ئي ڪو نه هو. پر، تون پنهنجي سر بچائڻ لاءِ، پنهنجي ٻين قوم وارن کي ٿو ڦاسائين، تنهنڪري تو کي ڪڏهن به نه ڇڏينديس. تون پنهنجيءَ قوم جو مَٺَ-گُهرو آهين ۽ قوم جي دشمن جي سزا موت آهي.“
    ائين چئي، ماريءَ پنهنجو چاقو ڪڍيو ۽ کيس ڪهي، ڳترا ڳترا ڪري ڇڏيائين.
    مطلب: ١. پنهنجي ٿوري نفعي لاءِ، گهڻن جو نقصان نه ڪجي.
    ٢. جيري لاءِ ٻڪري نه ڪهجي.
    ۳. قوم جي دشمن مان، چڱائي ڪين ٿيندي.
    ۴. جنهن کي، پنهنجي ڪڙم قبيلي جي عزت، جان ۽ مال کان پنهنجي جان پياري آهي، تنهن مان ڪنهن به چڱائيءَ جي اميد رکڻ اجائي آهي.


    [ ڪ ]

    163. ڪانءُ هليو مور جي ٽور،
    کنڀ کهائي؛ نه رهيو ڪانءُ، نه رھيو مور. (پھاڪو)
    هڪڙي ڪانءَ کي اچي دل ۾ وهم ويٺو ته مان ڪانءَ هجڻ جي ڪري گهٽ عزت وارو آهيان. جيڪڏهن مور هجان ها ته اڃا وڌيڪ عزت هجي ها. مور ته عزت ڪن ها پر ڪانءَ به ڪن ها. هاڻي مور ته عزت ڪو نه ٿا ڪن، پر ڪانءَ به نه ٿا ڪن. اهي ڳالھيون دل ۾ ساريندي کيس هڪڙو ٻيو خيال دل تي تري آيو؛ ”مور ۽ ڪانءَ ۾ سواءِ کنڀن جي خاص فرق ناهي. ڇو نه مورن جا کنڀ هٿ ڪري، پنهنجا کنڀ ڪڍي، ان جي جاءِ تي ٽنبيان.“
    ان ڏينهن کان وٺي مورن جا کنڀ گڏ ڪرڻ شروع ڪيائين. هڪ ڏينهن وٽس مورن جا کنڀ، تمام گهڻا گڏ ٿي ويا. ھاڻي پنهنجي رٿا تي عمل ڪرڻ شروع ڪيائين. ڪي ٻه چار ڏينهن پنهنجا کنڀ کوهي ڪڍيائين. پوءِ انهن جاين تي مورن جا کنڀ ٽنبي، مورن جهڙو ٿي پيو. ٻين ڪانون کان اک وتائي وڃي مورن جي آستاني ڀيڙو ٿيو.
    مورن جي محفل ۾، ٻاھرين شڪل ۾ ته مور پئي لڳو پر پرڪارن ۾ ظاهر ٿي پيو. مور نچن ته هن کي نچڻ جو ڏانءُ اچي ئي نه. ھُو ڪوڪ ڪن ته هيءُ ڪان ڪان ڪري. جهٽ پڌرو ٿي پيو.
    مورن پاڻ ۾ صلاح ڪري چيو؛ ”هيءُ اسان کي بدنام ڪندو، ڇو نه کيس جلد ئي برادريءَ مان تڙي ڪڍجي.“
    بري تي بڇ ٿي وئي. مورن، ڪچا ڳنڍيل کنڀ کوھي، ٽُرڙ ڪري وڌس. ڳيڙھ جهڙو کٿلڙو ٿي پيو، جو ھٿ کڻي ڪڍيائونس.
    جڏهن پر کٿل ڪانءُ، ڪانوَن وٽ آيو ته، انهن به کيس سڃاڻڻ کان انڪار ڪيو. ٺونگا هڻي هڻي ماري وڌائونس.
    ۲
    هڪڙي ڪانءَ ڏٺو ته هڪڙو هنس پکي ڏاڍي سهڻيءَ ٽور سان پيو وڃي، جيڪو کيس ڏاڍو وڻيو. دل ۾ چيائين؛ ”مان به اها چال سکي وٺان ته جيئن ٻين ۾ سرهو ۽ پسند پيل هجان.“
    اهو سوچي هنس جي اهل ڪري، سندس قدمن تي هلڻ لڳو.
    ”مان تو کي روزانو پنهنجي پويان ايندو ٿو ڏسان!“ هڪ ڏينهن هنس، ڪانءَ کان پڇيو؛ ”ائين ڪرڻ ۾ تنهنجي ڇا منشا آهي؟“
    ”مون کي تنهنجي لوڏ ڏاڍي پياري ٿي لڳي!“ ڪانءَ موٽ ڏنس؛ ”ان ڪري اها سکڻ ٿو چاهيان ته جيئن ٻين پکين ۾ سرخرو ٿيان.“
    ”ميان خدا تعاليٰ هر ڪنهن جي لوڏ/ چال، سوچي سمجهي ٺاهي آهي. اها ئي پياري آهي!“ هنس نصيحت ڪندي چيس؛ ”بهتر آهي ته خدا جي ڏنل نعمت تي شاڪر رھ ۽ پنهنجي چال نه ڦيراءِ.“
    ڪانءُ مڙيو ڪين. نتيجو اهو نڪتو ته؛ نه هنس جهڙي چال ٿيس، نه ئي وري ڪانوَن جهڙي چال رهيس. هاڻي ته نه کيس ڪانءَ پنهنجو پيا ڪن، نه ئي وري هنس کيس پنهنجو پيا ڪن.
    مطلب: ١. ڪانءُ هليو هنس جي چال، پنهنجي ڦري ويس. (اردو)
    ۲. پنهنجي حال ۾ خوش رهڻ گهرجي.
    ۳. پراوا محل ڏسي، پنهنجي ڀونگي نه ڊاهجي.
    ۴. جيڪو پنهنجن جي پر ڇڏي پراون جي پر ڪندو، اهو پراون جو ٿي نه سگهندو ۽ پنهنجا کيس پنهنجو نه ڪندا.
    ۵. جيڪو شخص پنهنجي فطري صلاحيت کي نظر انداز ڪندي، ٻئي ڪنهن صاحبِ ڪمال جي تلقيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو، سو نقصان ئي پرائيندو. (۸) ص ۵۹

    164. ڪتي جو پڇ، ٻارنهن مهينا نڙ ۾ وجھ ته به اڍنگو. (پھاڪو)
    هڪڙي شاهوڪار، ڪتو ڌاريو. خيال ڪيائين؛ ”ڪتي جو پڇ ٻارنهن مهينا نڙ ۾ بند ڪري ڇڏبو ته سنئون ٿي پوندو.“
    اهو سوچي، نوڪرن کي حڪم ڏنائين؛ ”ڪتي جو پڇ، نڙ ۾ بند ڪري ڇڏيو ته سنئون ٿئي.“
    بيوقوف شاهوڪار، عقل وارو ۽ عقل وارو مسڪين، بيوقوف سڏبو آهي، تنهنڪري، نوڪرن حڪم جي پوئواري ڪرڻ ۾ دير ئي نه ڪئي.
    ٻارنهن مهينا، ڪتي جو پڇ نڙ ۾ بند هئو. ٻارنهين مهيني، نوڪرن کي حڪم ٿيو؛ ”نڙ مان پڇ ڪڍو.“
    پڇ، نڙ مان نڪرڻ بعد اهڙو ٿي ويو، جهڙو اڳي هئو. شاهوڪار نوڪرن کي ڏاڍي مار ڏني.
    مطلب: ۱. ڏنگي ماڻهوءَ جو سڌرڻ مشڪل آهي. (۴۲) ص ۱۸

    165. ڪتي جو ڪارو منهن، رٻ اوتري جي اوتري. (پھاڪو)
    هڪڙي غريب، رٻ جو ڪُنو رڌي رکيو. اوچتو گھر ۾ ھڪڙو ڪتو گھڙي آيو، جنھن تڪڙ ۾ لُوھَ ڏيئي وڃي ڪُني ۾ ٻوٿ وڌو. رٻ کائڻ پري جي ڳالھ، ڪني جي ڪارنھن ۾ منھن ڪارو ته ٿيس پر تتل ٺڪر ۾ ٻوٿ لڳڻ سبب چپن تي به لھس اچي ويس.
    تنھن ھوندي به مالڪ جي هڪل تي ڪني جو پاسو ڇڏي، پڇ پائي، وٺي ڀڳو. مالڪ جاچيو ته سمجھ ۾ اچي ويس؛ ’ڪتي رٻ ڪا نه کاڌي ھئي، بلڪ رڳو ڪنو نوسيو ھيائين، جنھنڪري ڪني جي ڪارنهن منهن کي لڳي ھيس.‘
    تڏهن، بي اختيار سندس واتان نڪري ويو؛ ”ڪتي جو ڪارو منهن، رٻ اوتري جي اوتري.“
    مطلب:۱. ٻن يارن جي وچ ۾ ڦيٽاڙو وجھرائڻ واري جو جڏھن راز کلي ته سندس حالت ان ڪتي جھڙي ٿئي، جنھن کي ڀريل ڪني منجھان فقط ڪارنھن نصيب ٿئي. (۵)

    166. ڪپھ جو ٻورو، پُسي ٿئي ڳؤرو. (پھاڪو)
    ھڪڙو لوڻ جو واپاري، ٻه ٻورا في گڏھ تي لوڻ لڏائي، پنھنجي دڪان تي کڻايو پئي آيو، جو واٽ تي کيس ھڪڙي واھڙ جي تانگھي گھيڙ منجھان پار اُڪرڻو پئي پيو. وچ سير تي پھچڻ بعد، ھڪڙو اڀرو گڏھ ٿاٻڙجي ويھي رھيو. جيئن پاڻيءَ ۾ ھيٺ ويٺو تيئن لوڻ جا ٻورا به پاڻيءَ منجھ پُسڻ شرع ٿي ويا، جنھن سبب لوڻ ڳري، پاڻيءَ سان وھڻ لڳو. جيسين گڏھ جو گَھُ، پورو ٿئي، تيسين ڪافي لوڻ، پاڻيءَ سان گڏجي، ٻورن منجھان وھي ويو. گڏھ جڏھن گيگھ پورو ڪري اٿيو ته ٻورا کڻڻ ۾ ھلڪا لڳس، جيڪي ٺينگ ٽپا ڏئي اچي منزل تي پھچايائين.
    ساڳئي گڏھ، ساڳيو گيگُھ، ٻئي چڪر به ساڳيءَ جڳھ تي اچي رٿيو. سھنجائي ڏسي ھيرڪو ٿي پيو، بلڪ ان عمل جو عادي ٿي پيو، جنھن سبب مالڪ کي ڪافي نقصان پئي رسيو. آخر مالڪ بيزار ٿي پيو ۽ کيس سبق سيکارڻ لاءِ ٽلون سوچڻ لڳو. نيٺ کيس، گڏھ کي سبق سيکارڻ لاءِ، ھڪڙي اٽڪل سُجھي آئي.
    ھن چڪر، مالڪ ٻين گڏھن تي ته لوڻ جا ٻورا سٿيا پر ھن کريل کوتي تي ڪپھ جا ٻورا لڏيائين. ڪپھ، ھلڪي ته ھئي ۽ کڻڻ ۾ به سَھنجي ھئي پر ھن کي جو ڪني ھير ھئي، سو ساڳئي گھيڙ ۾ پھچڻ بعد، ساڳيو گيگھ ۽ گھُ ڪري ويھي رھيو. ڪپھ سان جيئن واھڙ جو پاڻي مليو، تيئن منجھس جذب ٿيڻ شروع ٿيو. گڏھ، جڏھن منجھانئس ليٽي پيٽي اٿيو، تڏھن ڪپھ، ڪافي پاڻي چوھڻ سبب، ڳؤري ٿي چڪي ھئي، جنھن سبب، وڏي تڪليف پڄاڻان اھو بار منزل تي پھچايائين.
    مطلب: ۱. ھلڪي ۽ ڪمزور شيءِ سان مذاقون نه ڪجن.
    ۲. ڪپھ جو نوڙ، جيئن ڀڄي، تيئن ڳؤرو ٿئي.
    ۳. ڪپھ جو نوڙ، جيترو ڀِڄندو، اوترو نار ڳؤرو ٿيندو.
    ۴. ڪمبل جيترو پُسندو، اوترو ڳؤرو ٿيندو.

    167. ڪڙهڻ کان سواءِ پڙهڻ، بيڪار آهي. (چوڻي)
    هڪڙو پنڊت، پورا ٻارهن سال، نياءُ شاستر سکيو هيو. هڪڙي ڏينهن چاڪيءَ جي گهاڻي وٽان اچي لنگهيو. گهاڻي جي چوڌاري ڏاند کي ڦرندو ڏسي، ان جو گهمڻ، جاچڻ/پرکڻ ويٺو. ڏاند جي ڳچيءَ ۾ ٻڌل ٽليءَ/ گهنڊڻيءَ ته ويتر عجب ۾ وڌس. عجب ۾ پئجي ڏاند ڏي نهارڻ لڳو ۽ دل ۾ چوڻ لڳو ته؛ ”انهيءَ گهنڊڻيءَ ٻڌڻ جو ڪهڙو مطلب آهي؟“
    نياءَ شاستر جا گهڻي ئي اڌياءَ ڪيائين ۽ سُوتر اٿلائي بيٺو پر پتو ڪو نه پيس ته؛ تيل پيڙڻ سان گهنڊڻيءَ جو ڪهڙو لاڳاپو؟ آخر مٿو کنهندي چاڪيءَ کان پڇيائين؛ ”ڏاند جي ڳچيءَ ۾ ٽليءَ ٻڌڻ جو ڪهڙو مطلب آهي؟“
    ”مهراج! ماڻھو ڪڏهن اندر آهي، ڪڏهن ٻاهر آهي. هر وقت ڳاڌيءَ تي چڙهيو ته ڏاند کي ڪو نه پيو هڪليندو، سو ھلندڙ ڏاند جي ڳچيءَ ۾ پيل ٽليءَ جو آواز، پيو ڪنن تي پوندو، جنھن مان اندازو پيو ھڻبو ته ڏاند هلي ٿو پيو.“
    مهراج سوچيندي سوچيندي وري پڇيس؛ ”ڀلا جيڪڏهن ڏاند بيٺو هڪ هنڌ هجي. گهاڻو گهمائڻ بدران، ڪنڌ ڌوڻي پيو گهنڊڻي وڄائي ته؟!“
    ”مهراج! ڏاند وري به ڏاند آهي!“ چاڪيءَ کيس عقل جو اڪابر سمجهندي ٻڌايو؛ ”۽ ڏاند ئي رهندو، پوءِ ڀلي کيس ڪيترا ئي نياءَ شاستر ڇو نه پڙهائجن.“
    مطلب: ١. پڙهئين گهڻو، ڪڙهئين ڪين!؟
    ٢. تعليم سان گڏ تربيت جي به اشد ضرورت آهي. (۶) ص ۲۴

    168. ڪمي ڪنوار ۾ ناهي ته گهٽتائي گهوٽ ۾ به ناهي. (پھاڪو)
    هڪ ڍلي ڳئونءَ جي ڌڻيءَ ۽ ھڪ ڍلي ڏاند جي ڌڻيءَ، پاڻ ۾ سودو ڪيو. ڪنهن ڍلي ڍڳيءَ واري کان سبب پڇيو.
    ”مون حق تي ڳئون ڪڍي، ڇو جو،“ ڍلي ڍڳيءَ جي ڌڻيءَ سبب ٻڌائيندي چيس؛
    ”چيٽ چُڪو ئي نه ڏي، سانوڻ ڏئي نه سِٽِ،
    اهڙي اٿس پٽ، جو اڳ ڏُڌو اونڌو ڪري.“
    اها ڳالھ، ڏاند جي ڌڻيءَ سان، جنهن ڏاند ڏئي ڳئون ورتي هئي، وڃي ڪنھن ڪئي ۽ سودي جو سبب پڇيائينس.
    ”ادا! ڪس مون کي به ڪانهي. منهنجي ڏاند جا اهي پار جو،“ ڍلي ڏاند جي ڌڻيءَ دليل ڏيندي چيس؛
    ”ايٽ آڏو نه اچي، ڪري نه هر جي ڪار،
    اهڙي اٿس مار، جو گاڏي ڏسي گوڏا کوڙي.“
    مطلب: ۱. هڪڙو ڪلڇڻو آهي ته ٻيو به سلڇڻو ناهي.
    ۲. جھڙو ونو، تھڙي وني، ھن لاھي ھن کي ڏني. (۴۳) ص ۳۱

    169. ڪنهن جو برو نه ڀانءِ، جي چاهين ڀلو پنهنجو. (چوڻي)
    هڪ ڳوٺ ۾ ھوا تي هلندڙ، ٻه جانڊاهيون هيون. هڪڙي ريءَ اولادي شاهوڪار جي، ٻي عيالدار غريب جي. غريب پنهنجي حال سارو، ٻچن سنئين خوش هيو. وٽن خوشيءَ جو خزانو هيو. جڏهن ته شاهوڪار ساڙ ۾ ورتل هيو.
    شاهوڪار جانڊاهي، غريب جانڊاهيءَ کي نقصان پهچائڻ لاءِ پھ پچائڻ لڳو. هڪ ڏينهن بازار ويو، جتي هڪڙي شخص وڏن وڻن جا ٻج وڪڻڻ جو هوڪو پئي ڏنو؛ ”ٻج وٺو! وڻ پوکيو! ڊگها ڊگها جبل جيڏا!“
    شاهوڪار جانڊاهيءَ اهي ٻج خريد ڪيا ۽ کيس پئسا به پورا نه ڏنائين. ٻجن پوکڻ جو طريقو پڇي، ٻجن واري کي به ناراض ڪيون نڪتو آيو. هاڻي هوا جو رخ بند ڪرڻ لاءِ، غريب جي جانڊه سامهون، وڻ پوکيائين ته جيئن انھن جي وڌڻ کان پوءِ هوا بند ٿي وڃي ۽ جانڊه نه هليس. جڏهن وڻ وڏا ٿيا ته غريب جو چرخو ئي چٽ ٿي ويو.
    هڪ ڏينهن ٻجن وارو، اتان لنگهيو. وڏا وڻ ڏسي، غريب جانڊاهيءَ وٽ لنگهي آيو ۽ کيس ڏوراپو ڏنائين. پر ستت غريب کي سڃاتائين ۽ ان جون ڳالهيون ٻڌي شاهوڪار تي ناراض ٿيو. غريب کي دعائون ۽ شاھوڪار کي ڏوراپا ڏيندو روانو ٿي ويو.
    ان جي وئي کان پوءِ، هوا تيز لڳي، جنهن ۾ شاهوڪار جي جانڊه ڀڄي پئي ۽ غريب جي جانڊھ، وڻن جي اوٽ ۾ هئڻ ڪري، زوردار هوا تي هلڻ لڳي ۽ اٽو پيهڻ لڳي. ائين وري غريب کي خوشيون مليون ۽ شاهوڪار جو ٺاٺو ڦٽي ويو.
    مطلب: ۱. ڪک سان به نه اُچائجي. (۴۴) ص ۶

    170. ڪورين فارسيءَ سکڻ کان ڪئي بان،
    جيسين هجن جيئرا. (پهاڪو)
    آڳاٽي دور ۾ جڏهن دورانين جي حڪمراني هئي، تڏهن پنجاب جي هڪڙي ڳوٺ ۾، پنجابي ڳالهائيندڙ ڪوري رهندا هيا، جن کي دورانين سان تعلقداريءَ ۾ ڏاڍي ڏکيائي پئي ٿي. پاڻ ۾ پئنچائت گهرائي، ڏھ ڏھ روپيا ڦوڙي ڪيائون ته جيئن منجهانئن ڪي ٻه سڻوپرا ڪابل ڏي روانا ڪجن ته جيئن مڙني ڳوٺ وارن لاءِ فارسي ڳنهي اچن.
    ٻئي وڏيرا، پٽڪا ۽ طرا هڻي، پئسا بغل ۾ ڪيون، پشاور مان خيبر درو اُڪري، ڳوٺ ڳوٺ، فارسيءَ بابت پڇائيندا ٿي ويا ته جيئن رستي ۾ ئي سودو ٿي وڃي، ته اُتان ئي موٽ ڪن. پر، جتان به لنگهندي پڇا پئي ڪيائون، تتان مٿن ٺٺول ۽ چٿر پئي ٿي.
    جڏهن جلال آباد پهتا ته هڪڙي ٺڳ کين پاسو ڏنو. رات جو کين گهر وٺي وڃي ٽڪايائين. صبح جو ٻه مٽ هٿ ڪري، منجهن مٺائي وجهي مٿان ککر (ڏينڀو) وجھي، ٻوٿ ٻڌي آڻي اٻوجھ ڪورين کي مُلھ تي ڏنائين. پئسا وٺندي تاڪيد ڪيائين؛ ”رستي ۾ نه کولجو، متان فارسي نڪري وڃي. ڳوٺ پهچي، بند ڪمري ۾ سمورا فارسي سکڻ جا شائقين پٺن اگهاڙا ويهاري، پوءِ مَٽن جو ٻوٿ کولجو ته جيئن سمورا فارسيءَ مان هڪ- ڪَرا مستفيد ٿي سگهن.“
    ڳوٺ پهچي، پنچائت گهرائي، پهراڻ لاهي، ڪمري ۾ واڙجي، مٽن جا ٻوٿ کڻي کوليائون. ڏينڀن جو جيئن دروازو کليو ته سمورن کي سُڄائي رکيائون. اوندھ ۾ دروازي تائين پهچڻ به ڪو نه ڏنائون. جڏهن جسم تي خوب ڏَنا ۽ رِڻا ٺهي پين ۽ ڪنهن هڪ وڃي دروازو کوليو ته هڪ ٻئي کي سڃاڻي ئي نه پئي سگهيا. جنهن تي چيائون؛ ”ڇا به ٿي پوي، جيسين جيئرا آهيون، فارسي سکڻي ناهي.“
    مطلب: ۱. ڏکئي ڪم کان هر ڪو لهرائيندو آهي.
    ۲. اهڙو ڏکيو، جهڙو فارسي سکڻ.
    ۳. بخت کي ڄائي آهي ڀيڻ، تڏهن ڪوري ٿا فارسي سکن.
    ۴. اهڙو سولو، جهڙي اڪ جي ماکي لاهڻ. (ابتو) (۶) ص ۴۶

    171. ڪوڙ جو مثلو؛ ڪوڙ. (چوڻي)
    ٻهراڙيءَ جي هڪڙي نينگري، مٿي تي دکي کير جي کنيو، ٿيت وران ڏانھن پئي وئي ۽ دل ۾ سوچيندي پئي وئي؛ ”هيءَ کير جي دکي روز کپائي، هفتي کان پوءِ هڪ ڪڪڙ وٺندس. ٻئي هفتي ٻي ۽ ٽئين هفتي ٽين. ائين سال کن ۾ ڪڪڙين جو ڌڻ ٿي ويندو، پوءِ ته پئسو جام پيو ايندو ۽ لٽا ڪپڙا پئي وٺندس.“
    اهو سوچيندي به پئي وئي ۽ پلاننگ به ڪندي پئي وئي؛ ”ڀلو وڳو پائي جڏهن ميلي تي ويندس ته جيڏا سرتا ڏسندا ته خوش به ٿيندا ۽ هر ڪو مون سان شادي ڪرڻ لاءِ خواهش ڏيکاريندو، پوءِ ڪنڌ کي موڙو ڏيئي، ڪنهن سان به شادي ڪرڻ جو واعدو نه ڪندس!“
    ڪنڌ کي موڙو ڏيڻ وارو جيئن خيال آيس، تيئن فطرتي طور، بيخياليءَ ۾ ڪنڌ کي کڻي لامارو ڏنائين ته مٿي تي رکيل دکي، وڃي دور پئي ۽ سمورو کير ئي هارجي ويس.
    مطلب: ۱. خيالي پلاءَ نه رڌجن، انهن جي ڪا حيثيت ناهي.
    ٢. اجايا پھ نه پچائجن.
    ٣. ڪوڙا پھ پچائڻ؛ پاڻيءَ تي چٽ ڪڍڻ برابر آهي.

    172. ڪوڙ جي پاڙ، ٺڪريءَ تي. (چوڻي)
    هڪڙو ڇوڪرو اسڪول وڃڻ کان ائنٿرائي ڪندو هيو. گوٿ ناٿ جي ڪري استاد کيس ڳل تي ٿڦ وهائي ڪڍي، جنهن سان ڪن جي پاپڙي به ٿوري ڳاڙهي ٿي ويس ۽ ڪن تي به تاڙي چڙهي ويس.
    روئندي اچي پيءُ کي دانهن ڏنائين. پڻس به پاس خاطري ڪندي دلداري ڏنيس. سمجهيائين؛ پٽم ته چڱو آهي، ماستر خواه مخواه ڌڪ هنيا اٿس. مڄاڻ پٽس اسڪول وڃڻ کان اهو مڪر ڪيو هيو. کيس خرچي ڏئي، ريجهائي پرچائي، ڊاڪٽر وٽ وٺي آيو.
    ڊاڪٽر تپاسي ڏٺو ته ڇوڪر کي ڪن ۾ ڪي به ڪينهي. ٿڦ لڳڻ سان ڪن تي گهٻراهٽ گهڙي سوا هلندي آهي. ماڻهو ٻوڙو ته نه ٿيندو آهي. ڊاڪٽر ڏاڍا واڪا ڪيا پر ڇوڪر ٻڌڻ کان اِٽ هڻي بيهي رهيو. نيٺ ڊاڪٽر بيزار ٿي تپاسڻ وارو آئينو ڪن وٽ جهلي، ڪمپائونڊر کي چيو؛ ”سڄو ڪن خراب ٿي ويو آهي. متان ٻئي تي اثر ٿئي، ان ڪري ڪپ کڻي وٺ ته اهو ڪپي ٻي جان ته ڇوڪر جي بچايون.“
    ڊاڪٽر جو ايترو چوڻ ۽ ڇوڪر جي ٻوڙٽ جو يڪدم گم ٿيڻ. کڙين تي کڻي زور ڏنائين. پڻس کي ڊاڪٽر جي في سا ڳچيءَ پئجي وئي، باقي ڇوڪري جو ڍؤنگ سڄيءَ عمر لاءِ ختم ٿي ويو.
    مطلب: ١. جڏهن سچ ايندو آهي، تڏهن ڪوڙ ڀڄي ويندو آهي.
    ٢. ڪوڙي جي ڊوڙ کُڏ تائين.
    ٣. ڀيٽيو؛ ڪوڙ جو مثلو؛ ڪوڙ. (۶) ص ۲۹

    173. ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ. (چوڻي)
    احمد نالي ڇوڪرو اسڪول کان گهر پئي آيو ته رستي تي بازيگر پئي بازي وڌي ته بيهي ڏسڻ لڳو. جڏهن گهر ۾ دير سان پهتو، ته ماءُ دير سان اچڻ جو سبب پڇيس. کيس چيائين؛ ”اسڪول ۾ سڀني ڇوڪرن بئٽ بال پئي ڪئي، تنهنڪري موڪل دير سان ملي.“
    اتفاق سان ڇوڪري جو پيءُ ڪم سانگي پاڙي جي دڪان تي ويو، جتي کيس احمد جو هڪ ڪلاسي انور مليو، جنهن سان ڳالهائيندي خبر پيس ته اسڪول ۾ بئٽ بال جي ڪا به راند نه هئي ۽ احمد ڪوڙ ڳالهايو آھي، جنهن تي گهر اچي، پڻس احمد کي سيکت ڏني.
    ان جي ڀيٽ ۾ احمد جي ڀاءُ اسلم، گهر جي ڪوٺيءَ ۾ کينهونءَ راند پئي ڪئي. اتفاق سان، کينهون وڃي ڀت تي ٽنگيل تصوير ۾ لڳو، جنهن سان ان جو شيشو ڀڄي پيو. جڏهن پڻس گهر آيو ۽ شيشي ڀڄڻ جو سبب پڇيائين، تڏهن اسلم کيس ٻڌايو؛ ”بابا! اهو شيشو راند ڪندي مون کان ڀڳو آهي.“
    پيءُ پٽ جي سچ ڳالهائڻ تي خوش ٿيو ۽ کيس پيار ڪندي چيائين؛ ”پٽ! آئنده لاءِ خيال رکجانءِ، جيئن تو کان وري نقصان نه ٿئي.“
    مطلب: ۱. ڪوڙ چڙ ڏياريندڙ ۽ سچ فرحت بخش ٿيندو آھي.

    174. ڪوشش، ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي. (چوڻي)
    هڪ ڪوريئڙو هو، جنهن هڪ ڀت تي چڙهڻ جي لاءِ ڇھ ڀيرا ڪاھ ڪئي. ڀيري ڀيري سان ان تان ڪري ٿي پيو ۽ نيٺ ستين گهمري ڀت جي چوٽيءَ تي چڙهي وڃي پار ٿيو.
    مطلب: ١. همت هارڻ نه گهرجي.
    ٢. دل شڪستو ٿي، ڪنهن ڪم کي اڌ ۾ نه ڇڏجي.
    ٣. مسلسل ڪوشش، آخر ڪاميابيءَ تي رسائي ٿي. (۱۶) ص ۲۷


    [ ک ]

    175. کائيندي کوھ کٽي وڃن. (پھاڪو)
    هڪ شخص، حڪيم رازيءَ وٽ آيو ۽ پڇيائينس؛ ”اوهان وٽ پراڻي ماکي آهي؟“
    ”هائو! چاليھ سال پراڻي ماکي به مون وٽ آهي!“
    ”ان مان مون کي ڏھ ڦڙا گهرجن، مهرباني ڪري ڏيو.“ التجا ڪندي چيائينس.
    ”جي مان ڏھ ڏھ قطرا ماکيءَ جا هر سواليءَ کي ڏيان ها ته هيءَ ماکي چاليھ سال پراڻي ڪيئن هجي ها!“
    مطلب:۱. کاڌي خرار کٽي وڃن. (۴۵) ص ۱۹۶

    176. کوھ جي ڏيڏر لاءِ، سڄي دنيا کوھ ۾ آهي. (پھاڪو)
    هڪڙي دفعي برسات پئي، وڏي ڇَرَ ٿي وئي. انهيءَ ٻوڏ دوران درياهن جا ڏيڏر لڙهي وڃي کڏن ۽ کوهن ۾ پيا.
    هڪڙو ڏيڏر کوھ ۾ ڪريو ته اتي اڳي ئي ٻيو ڏيڏر ويٺو هئو. ٻنهي جي پاڻ ۾ عليڪ سليڪ ٿي. هڪ ٻئي کي حال احوال ڏيڻ وٺڻ لڳا. درياھ مان آيل ڏيڏر، روئندي چيس؛ ”مان وڏيءَ دنيا مان اچي هن قيد ۾ بند ٿيو آهيان.“
    ”تون جنهن دنيا ۾ رهندو هئين سا ڪيتري هئي؟“ کوھ جي ڏيڏر پڇيس.
    ”تمام وڏي دنيا. ان جي مان ماپ به نه ٿو ڪري سگهان.“ درياھ جي ڏيڏر چيس.
    ”هيتري هئي؟“ کوھ جي ڏيڏر ٻن اڍائن فوٽن جي قطر واري گهيري ۾ چڪر لڳائي چيس.
    ”نه! ان کان ته تمام گهڻي وڏي هئي.“
    ”ڀلا هيڏي هئي!“ اڌ کوھ جو چڪر هڻي، کوھ جي ڏيڏر پڇيس.
    ”نه! ان کان به تمام گھڻي وڏي هئي!“
    ان جي جواب تي کوھ جي ڏيڏر سڄي کوھ جي گهيري جو چڪر هيٺ مٿي هڻي پڇيس؛ ”ايتري هئي!“
    ”نه! ان کان الائي ته ڪيتري وڏي هئي!“
    ”ان کان وڏي ته دنيا ٿي ئي نه ٿي سگهي.“ کوھ جي ڏيڏر، درياھي ڏيڏر کي ڪوڙو سمجھندي چيو؛ ”يا ته تون پاڳل ٿي ويو آهين يا ته تو پاڻي ئي هاڻي ڏٺو آهي.“
    ”نه سچ ٿو چوان. تون ان دنيا جو تصور به نه ٿو ڪري سگهين!“
    انھيءَ گفگتوءَ کي وقت گذريو جو هڪ ڏينهن وري برسات پئي ۽ ٻوڏ آئي. کوھ جو پاڻي چڙهي آيو. ٻئي ڏيڏر، کوھ مان نڪري درياھ ۾ وڃي پهتا. کوھ جو ڏيڏر، درياھ جو اٿاھ پاڻي ڏسي، وائڙو ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو؛ ”کوھ کان دنيا ته وڏي آھي پر درياھ به وڏو آهي.“
    مطلب: ۱. کوھ جي ڏيڏر کي بهتر آهي اتي ئي ڇڏجي، جتي پيو آهي.
    ۲. کوھ جي ڏيڏر کي، دنيا جي سمنڊن جي ڇا خبر؟ (چيني)

    177. کيتي، سر سيتي. (پھاڪو)
    هڪڙي زميندار کي زمين مان اپت گهٽ ٿيڻ لڳي، جنهنڪري اڌ زمين کپائي قرض لاٿائين ۽ باقي اڌ، ٽن سالن جي مقاطعي تي ڏئي ڇڏيائين. مقاطعي جي مدي پوري ٿيڻ تي هاريءَ، زمنيدار کي چيو؛ ”جيڪڏهن باقي اڌ زمين جو وڪڻڻ چاهيو ته مان وٺڻ لاءِ تيار آهيان.“
    زميندار حيرت ۾ پئجي پڇيس؛ ”زمين مون وٽ هئي ته قرض چڙهندا پئي ويا. تو وٽ آئي آھي ته زمين خريد ڪرڻ جهڙو ٿي ويو آهين. اها ڪهڙي ماجرا آهي؟“
    ”سائين توهان ۽ مون ۾ فرق آهي.“ هاريءَ کيس سڌي ڳالھ سڻائيندي چيو؛ ”توهان پلنگ تي ويهي ٿا نوڪرن کي حڪم ڪيو ته وڃ ۽ ڪم ڪر. اسان ٻين کي چئون ٿا؛ اچو گڏجي محنت ڪريون. ٻنهي ۾ اهو فرق آهي. ڪم اهو نبرندو جو پاڻ ڪجي. ٻيو مڙيئي ٿيو خير.“
    ”ان جو مطلب آهي ته اسان جا هاري نوڪر چاڪر، اسان جي حڪم تي ڪم نه ڪندا هيا؟“ زميندار پڇيس.
    ”ڪندا هيا پر دل سان نه. مزدوريءَ خاطر. مالڪ دل سان ڪم ڪندو آهي. ڏَنَ لاهڻ خاطر نه.“ هاريءَ سمجهائيندي چيس؛ ”کيتي، سر سيتي.“
    مطلب: ۱. ڪم اهو جو پنهنجي هٿن سان ڪجي، ٻيو مڙيئي ڪوڙ.


    [ گ ]

    178. گدڙ به ڏر تي شينهن آهي. (پھاڪو)
    هڪڙي گدڙ جي ڏر، سرنگھ وانگر آرون پار هئي. هڪ پاسي کان گهڙندو هئو ته ٻئي پاسي ڏانهن نڪري ايندو هئو. البته وچ تي ڏر ٿوري سوڙهي هئس، جنهن مان ھونئن ته سولائيءَ سان نڪري ويندو هئو پر جڏهن چڱو چوکو شڪار هٿ ايندو هئس ۽ هٻڇ ڪري پيٽ ڀري وٺندو هئو ته پوءِ لنگهڻ ۾ ٿوري ڏکيائي ٿيندي هيس.
    هڪ ڏينهن ڏر جي هڪ ٻنڀي کان ويٺو هئو جو هڪ بکارو شينهن اچي ڀر مان لانگهائو ٿيس. ٻنهي جي هڪٻئي تي نظر پئي ته شينهن ڏانهنس ٽپو ڏنو ۽ ھي ڏر ۾ ڀڄي اندر آيو. شينھن به ڏر منجھ پويان لڳو آيس. پاڻ ته وچ واري سوڙهي هنڌان پار ٿي ويو، پر شينهن اچي ڦاسي پيو ۽ شڪار کي هٿ ڪرڻ لاءِ وڌيڪ مٿا مونا هڻڻ لڳو. انهيءَ اپرانڌ گدڙ ٻئي پاسي ڏانهن نڪري، مٿان زمين تان ڦري ساڳئي ٻنڀي مان، شينهن جي ڪڍ ٻيهر داخل ٿيو. شينهن سوڙهي هنڌان پار ٿيڻ لاءِ زورن ڏيڻ ۾ پورو هئو جو گدڙ پويان اچي ڪمزور جاءِ تي چڪ هنيس. شينهن کي مھٽ آئي ته اتي ئي ڍير ٿي پيو ۽ گدڙ لاءِ ڳچ ڏينهن جو قوت ڪٺو ٿي ويو.
    مطلب: ۱. پنهنجي گهر ۾ ڪمزور ماڻهو به طاقت وارو هوندو آهي. کيس هلان ڪري ستائڻ ۾ پنهنجو ئي نقصان آهي.
    ٢. سڀ ڪو پنهنجي ڏر تي ڏاهو آهي.

    179. گدڙ ڊاک نه پڄي، آکي؛ ”ٿو کٽا“. (پھاڪو)
    هڪ بُکايل گدڙُ وڃي انگورن جي باغ ۾ پهتو. انگورن جي ڇڳن کي لڙڪندو ڏسي، وات پاڻي پاڻي ٿيڻ لڳس. کائڻ لاءِ ڏاڍا وس ڪيائين، پر انگورن جي ڇُڳن تائين پهچي نه سگهيو. جڏهن ٽپا ڏيئي ڏيئي ٿڪو، تڏهن ماٺڙي ڪري بيهي رهيو. ٻيو هڪڙو گدڙ، جو پري کان اهو لقاءُ ڏسي رهيو هو، تنهن پڇيس؛ ”ادا ڇا خيال آهي؟“
    کيس جواب ڏنائين؛ ”انگور کَٽا آهن!“
    مطلب: ۱. جڏهن ڪو، ڪنهن ڳالهه کي پڄي نه سگهندو آهي يا کانئس ڳالهه هٿان ڇڏائي ويندي آهي، تڏهن ائين چوندو آهي. (۵) ص ۱۱۳

    180. گدڙ ڪڏهن به شينهن نه ٿي سگهندو. (پھاڪو)
    هڪڙي گدڙ شينھن کي چيو؛ ”تون جابلو ڍڳي جو ڪيئن شڪار ڪندو آهين؟“
    شينهن چيس؛ ”جنهن ڏينهن جابلو ڍڳو ڏسين ته مون کي ٻڌائجانءِ ته مان تو کي ان جو شڪار ڪري ڏيکاريندس.“
    هڪ ڏينهن، گدڙ شينهن وٽ ڊوڙندو آيو ۽ اچي جابلو ڏاند بابت ٻڌايائينس. ٻئي گڏجي ان جاءِ تي آيا، جتي جابلو ڏاند بيٺل هيو. شينهن، حملي ڪرڻ کان اڳ، هر حرڪت کان گدڙ کي واقف ڪيو ۽ پڇندو ويس؛
    ”هاڻي منهنجون ٽنگون ڊيگھ ۾ کلي ويون آهن؟“
    ”هائو.“ گدڙ جواب ڏيندو هليو.
    ”ھاڻي منھنجو پيٽ زمين سان لڳو آھي؟“
    ”هائو!“
    ”هاڻي منهنجي ٻوٿ جا وار اڀا ٿيا آهن؟“
    ”هائو!“
    ”هاڻي منهنجون اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون آهن؟“
    ”هائو!“
    ”هاڻي مان حملي ڪرڻ واريءَ ڪيفيت ۾ آهيان ۽ ٽپو ٿو ڏيان.“ ائين چئي، شينهن ڍڳي جي مٿان ٽپو ڏنو ۽ ڍڳي کي اک ڇنڀ ۾ ڦاڙي ڇڏيائين.
    اهو ڏسي گدڙ، دل ۾ ٽليو ته؛ ڪم ته آسان آهي. اتان اچي پنهنجي ٻين گدڙن کي حوال ڏنائين ۽ پنهنجي مهم کان آگاھ ڪيائين. هڙني کيس روڪيو پر هن جو اهو ئي ڪهاڙيءَ ڳن ته؛ ”آ، ڍڳي جو شڪار سکي ويو آهيان.“
    هڪ ڏينهن جابلو ڍڳو ڏسي، ٻين يارن سان گڏجي شڪار لاءِ آيو. شينهن وارا سمورا سوال جواب ڪرڻ بعد، گدڙ جيئن ڍڳي تي الر ڪئي، تيئن ڍڳي سڱ جي چوٽي سامهون ڪيس. گدڙ سڱ جي چوٽيءَ ۾ انگهجي پيو ۽ اڦٽ مري ويو، جنهن تي ٻئي ساٿي گدڙ چيو؛ ”گدڙ به ڪڏهن شينهن ٿيو آهي!“
    مطلب: ۱. جنس جو مٽجڻ، ڏاڍو ڏکيو عمل آھي.

    181. گڏھ جو پڇ ته گڏھ جو پڇ ئي رهندو. (پھاڪو)
    هڪ ڳوٺاڻي پڙيءَ تان گڏھ خريد ڪيو. ڳوٺ ڪاهي وڃڻ کان اڳ، هڪ سياڻي کان پڇيائين؛ ”گڏھ جو پڇ ڪيترو ڊگهو رکان، جو ڳوٺ جا ماڻهو چون ته اهو صحيح آهي؟“
    ”تون ڀلي پنهنجي گڏھ جو پڇ پاڙ کان ڪپي ڇڏ!“ سياڻي وراڻيس؛ ”ته به ڪي چوندا ته ننڍو آهي ته ڪي چوندا وڏو آهي.“
    ”اهو ڇو؟“
    ”اهو ان لاءِ ته... “صلاح ڏيندڙ چيس؛ ”گڏھ جو پڇ ته گڏھ جو پڇ ئي رهندو.“
    مطلب: ۱. جبلت، ڪڏھن به نه مٽبي آھي. (۱۳) ص ۱۵۵

    182. گڏھ کي شاديءَ جو دعوتنامو مليو،
    چي؛ ”ڄاڃين لاءِ پاڻي ڀرڻو آهي.“ (پھاڪو)
    هڪڙو گڏھ، پنهنجي سنگتين جي محفل ۾ ويٺو هيو جو کيس شاديءَ جو دعوتنامو مليو.
    ”ڇا جو دعوتنامو آهي؟“ دوستن پڇيس.
    ”آهي ته شاديءَ ۾ شريڪ ٿيڻ جو پر...“ گڏھ وراڻيو.
    ”پَر. مان تنهنجو ڇا مطلب آهي؟“ سنگتين پڇيس.
    ”لڳي ٿو ته دعوت کائڻ لاءِ نه پر...“ گڏھ وضاحت ڪندي چيو؛ ”ڄاڃين لاءِ پاڻي ڀرڻ جو سڏ آهي.“
    مطلب:١. اٺ تڏهن ٿي رڙيا، جڏهن ٻورا ٿي سبيا.
    ٢. هر هڪ کي اڳ واٽ پرون پئجي ويندا آهن. (۱۳)

    183. گُگَر گِگِر، پنڊا اڙيا. (ٿر، پهاڪو)
    هڪڙي پساريءَ، گُگَر جون ڪاٺيون، پنڊي ۾ پائي دڪان ۾ وڪڻڻ لاءِ تيار رکيون هيون. گگر جون ڪاٺيون، جن کي گگراڻ به چئبو آهي، کونئر وانگر چنبڙي پونديون آهن. پساريءَ جي هٽ تي رکيل گگر به پنڊي کي چنبڙي پيو.
    هڪ ڏينهن پساريءَ کان گگر جو وکرو وٺڻ لاءِ، هڪڙو گراهڪ آيو ۽ اچي گگر گهريائين. پساريءَ جو نوڪرُ گگر کڻڻ ويو. جڏهن گهڻيءَ دير کان پوءِ به گگر، گراهڪ کي نه ڏئي سگهيو ته دڪان جي مالڪ رڙ ڪيس؛ ”ابا! هٿ هلاءِ، هڪڙي وکر تي ايترو وقت وڃايئي ته پوءِ دڪان به هليو.“
    ”مان ته گهڻو ئي ٿو هٿ هلايان پر گگر به جان ڇڏي نه.“ نوڪرَ پنڊي سميت گگر آڻي، دڪاندار آڏو رکيو ۽ چوڻ لڳس؛ ”گگر گگر جي ماڳ، موراڳو پنڊو به اڙيو پيو آهي.“
    مطلب: ١. دنيا جي معاملن کي چهٽي، خدا کي وسارڻ نه گهرجي. دنياوي شيون استعمال لاءِ آهن. رکي، چنبڙڻ لاءِ نه آهن.
    ٢. دنيا ۾ پاڻيءَ جي پکيءَ وانگر رهجي، ڪڪڙ وانگر نه، جو ٿورو پاڻي پوي ته اتي ئي اڙيو پيو ھججي. (۳) ص ۱۷۰


    [ ڳ ]

    184. ڳڙ نه ڏجي ته ڳڙ جهڙي ڳالھ ته ڪجي. (ھندي، پھاڪو)
    هڪ دفعي هڪ هندو، هڪ مسلمان وٽان ڳڙ وٺڻ آيو. کيس چيائين؛ ”ادا! ڳڙ کپيم.“
    ”اڙي هل واڻيا. ڪونهي ڳڙ! روز ٺِڳيو بيٺو آهين.“ مسلمان خار مان کيس چيو؛ ”ڪڏهن پاڻ به اسان جو ڪم ڪيو اٿئي!“
    ”ڌڻي! ناراض ڇو ٿو ٿين!“ هندوءَ هٿ ٻڌندي عرض ڪيس؛ ”پر هڪڙي ڳالھ ٻڌ!“
    ”وري ڪهڙي ڳالھ ٻڌان؟“ مسلمان چهڙ ڏيندي چيس؛ ”ڪر ڳالھ!“
    ”ڌڻي! ايڏو تيش ۾ ڇو ٿو اچين. مان کڻي ته ڪو نه ويومانءِ!“ هندوءَ مسلسل هٿ ٻڌندي چيس؛ ”ڳڙ نه ڏجي ته ڳڙ جهڙي ڳالھ ته ڪجي.“
    مطلب: ۱. پنھنجو رويو، ڳالھائڻ وقت چڱو رکجي. (۴۶)


    [ گهه ]

    185. گهڻن سان، الله جي مدد شامل آهي. (چوڻي)
    آڳاٽي دور ۾ واهن جي کاٽيءَ لاءِ مشينون نه هونديون هيون، جنهنڪري کاٽيءَ جو ڪم خرڪار ۽ کامڙيا ڪندا هيا. هڪ دفعي نصير واھ کي کاٽيءَ جي ضرورت هئي. ان لاءِ هڪڙي صاحب کي سرڪار نامدار حڪم ڪيو؛ ”پاڻي وهي اچڻ کان اڳ، کاٽي کڄي مڪمل ٿيڻ گھرجي.“
    حد جو عملدار، سر زمين تي پهتو. ڏٺائين ته لٽ ۽ چڪڻ تمام بي انداز آهي. ڪم گهڻو ۽ اوکو هيو. اتفاق سان کيس ستاويھ سؤ کن کامڙيا ملي ويا، جن ٿورن ڏينهن ۾ ڪم اڪلائي ڏنس.
    انهيءَ وچ ۾ حد جو وڏو عملدار معائني لاءِ سر زمين تي آيو ۽ ڏسي ڏاڍو خوش ٿي پڇيائين؛ ”ايڏو وڏو ڪم ڪيئن جلد اڪلائجي ويو؟“
    ڪم ڪرائيندڙ عملدار کيس ٻڌايو؛ ”مزدور ججھي تعداد ۾ ميسر ٿي ويا، جن ڪم کي ڏينھن رات ڪري ورتو ۽ پاڻي اچڻ کان اڳ اڪلائي ڏنائون.“
    ”گهڻن سان الله جي مدد شامل آهي.“ معائني لاءِ آيل وڏي عملدار، مڙني کي شاباس ۽ دلداري ڏيندي چيو؛ ”سي جيئن ڪن، سو ٿي سگهي.“
    مطلب: ۱. گھڻا، ڄڻ پٽ الک جا. (۳) ص ۱۷۸

    186. گهڻي کاڌي، گهڻو جوکو. (چوڻي)
    هڪڙي ڇوڪر، ٻيرن سان ڀريل دکيءَ ۾ هٿ وجهي، ٻيرن جي مُٺِ ڀري. ڀريل مُٺِ، دکيءَ جي ڳچيءَ وٽ ڦاسي پيس ۽ زورن ڏيڻ سان به نه نڪتس، ڇو جو دکيءَ جو منهن سوڙهو هئو ۽ ڀريل مُٺ ٿلهي هئي.
    ايتري ۾ ٻار جو مِٽُ عزيز اچي ويو، جنهن سندس حالت ڏسي، نصيحت ڪندي صلاح ڏنس؛ ”ابا پٽ! جيڪڏهن ڀريل مُٺ مان اڌ ٻير هيٺ هارين ته پوءِ ٿورن ٻيرن واري مُٺ دکيءَ جي منهن وٽان سولائيءَ سان ڪڍي وٺندين. باقي جلد بازي ۽ لالچ ۾ هٻڇ ڪندين ته هٿ ڦاٿل ئي رهندئي.“
    ڇوڪر نصيحت تي عمل ڪيو ۽ ٿورن ٻيرن ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
    مطلب: ۱. گهڻو پيٽ ڀرڻ وارو يا هٻڇ ڪرڻ وارو، حالات واقعات جي مامرن ۾ اٽڪي پوي ٿو ۽ ڏاڍيون تڪليفون سهي ٿو.


    [ ل ]

    187. لالچ، بري بلا. (چوڻي)
    هڪڙي دڪاندار، هڪڙي درويش کي ماکيءَ جو شربت پيئڻ لاءِ سڏيو. دڪاندار ماکيءَ جو پيالو رکي، پاڻي کڻڻ ويو. درويش ڏٺو، ماکيءَ جي مٿان مکيون مِڙيون پيون هيون ۽ ڪي ته منجهس مري به ويون هيون.
    ”ماکي بئٺي شهد پر، پنک گئي لپٽاءِ،
    هاٿ ملي اور سر ڌوني، لالچ بري بلا“.
    ماکيءَ جي مکين جو اھڙي قسم جو لقاءُ ڏسي، ان درويش چيو؛
    ”مکو ويٺو ماکيءَ تي، پر پيس ڦاسي،
    ھٿ مھٽي ۽ منھن پٽي، لالچ بري بلا.“
    مطلب: ۱. لالچ ڪتن سان گڏ کارائي. (۲) ص ۵۲

    188. لالچ، سر وڃائي. (چوڻي)
    ٽن چورن هڪڙي گهر ۾ ڌاڙو هنيو. گهڻا پئسا ۽ ججهو سون هٿ آين، جيڪو کڻي هڪڙي جهنگ ۾ پهتا. هڪڙي کوھ وٽ پاڻي پي، وڻ هيٺان ساهي پٽيائون.
    بک لڳي ھين، جنھنڪري هڪڙي ساٿيءَ کي شهر مان ماني وٺڻ لاءِ موڪليائون. ٻه ڄڻا کوھ تي سندس انتظار ۾ ويٺا. کيس چيائون؛ ”هيانءَ کي ٻالنگھ ٿئي ته پوءِ هٿ آيل مال ورهايون ٿا، تنهنڪري تڪڙو شھر وڃ ۽ اتان جلدي ماني وٺي اچ!“
    ماني وٺڻ واري کي دل ۾ گدڙ ويٺو ۽ چيائين؛ ”مانيءَ ۾ زهر ملائي ٿو کڻي وڃان ته جيئن ٻئي کائين ته مرن، پوءِ ٻنهي جي مرڻ پڄاڻان، سموري ملڪيت مون کي ڦٻي.“
    هوڏانهن سندس ٻنهي ساٿين، سٽِ سٽي؛ ”شهر مان ماني وٺي اچي ته کائڻ کان اڳ، کوھ ۾ ڌڪو ڏينداسينس. سندس مرڻ پڄاڻان، سندس حصو پاڻ ۾ اڌواڌ ڪري کڻنداسين.“
    ماني وٺي اچڻ وارو پهتو ته کيس هڪڙي سنگتيءَ چيو؛ ”کوھ ۾ الائي ڪهڙي بلا آهي. اسان کي ڀؤ پئي ٿيو. تون دلير آهين. کوھ ۾ ليئو پائي، ڏسي ٻڌاءِ ته ڇاهي؟“
    ائين ڪري کيس اتي وٺي پهتو ته ان کي ٻئي پويان اچي ڌڪو ڏنو، جنهن تي اهو چور کوھ ۾ ٻڏي مري ويو.
    جڏهن زهر مليل ماني پاڻ کاڌائون ته پاڻ به ڍير ٿي ويا.
    مطلب: ١. لالچ جو انجام؛ بڇڙو آهي.
    ٢. جهڙي ڪرڻي، تهڙي ڀرڻي.
    ٣. کڏ کڻ ٻئي لاءِ، پاڻ به منجھس ڪر. (۴)

    189. لتر کي پڄي چڪر، چڪر کي پڄي لتر. (چوڻي)
    هڪڙو موچي، ڪنهن شهر ۾، هڪڙي خوش پوشاڪ همراه کي اچي چنبڙيو؛ ”بوٽ پالش ڪراءِ! ٻه روپيا ڏي!“
    ”مون کي نه ڪرائڻو آهي!“ خوش پوشاڪ همراھ، بي رخو جواب ڏنس.
    “ڀلا هڪ روپيو ڏي!“ موچيءَ منٿون ڪندي چيس.
    ”چيم ته مون کي پالش ڪرائڻي ئي ناهي!“
    ”ڀلا بنا پئسي، پالش ڪراءِ!“ موچيءَ ڳڪ ٿيندي اچي بوٽ ۾ هٿ وڌس.
    ”ڇو؟ بنا پئسي ڇو ٿو ڪرين!“
    ”بيڪار کان بيگار ڀلي!“ موچيءَ دليل ڏيندي چيس؛ ”من تو وارو بوٽ پالش ٿيندي ڏسي، ٻيو گراهڪ لڳي وڃي!“
    انهيءَ دليل تي ڪنجوس خوش ٿي، کيس بوٽ لاهي ڏنو.
    موچيءَ آهستي آهستي هڪڙي پادر کي پالش ڪئي. ايتري ۾ وٽس پئسن وارو گراهڪ اچي ويو. مفت/ بيگر وارو ڪم اڌ ۾ ڇڏي، پئسن واري کي ترجيح ڏنائين. ائين هڪ ٻه گراهڪ نِمٽايائين. ڪنجوس سيڙجي کيس ڏسندو رهيو. نيٺ کيس ڪم اڪلائڻ لاءِ چيائين ته موچيءَ کيس بوٽ کڻي واپس ڪيو.
    ”هيءُ ڇا؟ هڪڙو پادر پالش ٿيل ۽ هڪڙو اڻ ٿيل!“ بخيل ٿيندي بوٽ جي مالڪ چيس.
    ”مفت ۾ ته ڪم ائين ٿيندا آهن.“ موچيءَ، موچڪو ٿيلهو ڪلهي ۾ وجهي هلندي چيس؛ ”جيڪڏهن چاهين ٿو ته ٻئي پادر پالش ٿيل هجن ته اڳواٽ ٻه روپيا ڏي ته ڪري ڏيانءِ! جي نه، ته پوءِ تو کي ته بوٽ پالش ڪرائڻو ئي ڪو نه هيو. ناراض ڇا لاءِ ٿو ٿين!“
    مري جهري کيس ٻه روپيا ڪڍي ڏنائين ۽ سڄو بوٽ پالش ڪرايائين.
    مطلب: ۱. جيڪو جهڙي ورتاءَ جي لائق هجي، تنهن سان تهڙو ڪجي. (۶) ص ۴۸

    190. لُچ جي چَٽَ تي نه وڃجي. (چوڻي)
    گدڙ کي کيکڙي جهلڻ جو ڏاڍو ڏانءُ يا وقوف هيو. ڇا ڪندو هيو جو پڇ کڻي، کيکڙي جي ٻر ۾ وجهندو هيو ۽ کيکڙو چمٽي جهڙي پير سان، سندس پڇ اڃا جهلي ئي ڪين ته گدڙ ڇٻي ڏيئي، پڇ ٻاهر ڇڪي ته کيکڙي سميت ٻاهر، پوءِ مزي سان ويهي کيکڙي مان لست وٺي کائيندو ۽ چسڪارا ڏيندو هو.
    هڪ دفعي هڪڙي کيکڙي جي ٻر ۾ پڇ وڌائين پر کيکڙي موٽ ۾ سندس پڇ کي چمٽي جهڙي پير سان نه جهليو. بيهي بيهي جڏهن گدڙ جي ڄڙھ نڪري وئي ۽ ڏٺائين ته کيکڙو ويجهو ئي نه ٿو اچي ته ٻر ۾ ٻوٿ وجهي خوشامد ڪندي چيائينس؛
    ”ادي کيکڙي!سونهن تنهنجي موهيو مون،
    هيڪر اچين جي ٻاهر تون، ڪريانءِ نمسڪار پريم وچون!“
    کيکڙي به سمجهي وئي ته چٽ ٿو ٻڌي ۽ چٽ ٻڌي پوءِ ڪاٺ ڪلهي تي کڻائيندو، تنهنڪري موٽ ۾ وراڻيائنس؛
    ”آهيم تپ ۽ ڏاڍي ڏڪڻي،
    جي اٿئي ڀڳتي مان ڏي گهڻي،
    ڪر نمسڪار ائين ئي کڻي!“
    مطلب: ۱. خوشامدڙيي کان ونءُ وڃڻ ۾ بهتري آهي. (۶) ص ۱۷

    191. لچ جي صحبت ۾ چڱو مڙس پڻ گِلاهاب ٿئي. (چوڻي)
    هڪڙو چور، جهنگ مان ڏاند چورائي هليو. گهڻي پنڌ کان پوءِ هڪڙو غريب واٽهڙو اچي ساڻس سنگتي ٿيو، تنهن کي چوريءَ جي سُڌِ مورئون ڪا نه هئي. پاڻ ۾ ڳچ جيترو پنڌ مس ڪيائون جو ڏاند جا ڌڻي ۽ پيري اچي کين پڳا. ٻنهي کي چور سمجھي، جهليائون ۽ قيد ڪرايائون.
    غريب واٽھڙوءَ گھڻي ئي رڙيون ڪيون پر چور سان سنگتي ھئڻ سبب، کيس به چور سمجھي، قيد ڪيو ويو.
    مطلب: ۱. بڇڙيءَ صحبت جو بڇڙو ڦل آهي.
    ۲. چورن سان چاھ پئي جي من ميڙ ڪيئي، پوندو ته ڪاٺ، نه ته ڪوٺائبو ته سھي.

    192. لچ کي چڱي مت ڏَسڻ، آهي پاڻ لاءِ جنجل پرائڻ. (چوڻي)
    هڪڙي ماڻهوءَ کي گهڻن ماڻهن جو قرض ڏيڻو ھيو. رٿ ڪيائين ته؛ جيڪڏهن ڏيوالو ڪڍندس، ته به گلا ٿيندي. تڏهن هڪڙي سياڻي سان پَههُ ڪيائين. تنهن چيس؛ ”جيڪو قرض ڇڪيئي، تنهن کي چرين وانگي هيءَ ورندي ڏي؛ ’نچ.‘“
    حاصل ڳالهه جو؛ اهڙيون ورنديون ٻڌي، لهڻي وارن اُن کي چريو سمجهي، قرض ڇڪڻ کان بس ڪئي. پر اُن سياڻي جو پڻ ڪي قرض مٿس هو، تنهن گهريس. تنهن کي پڻ چيائين؛’نچ.‘
    ھن چيس؛”اڙي مون کي به ’نچ‘!“
    چييائينس؛ ”تو کي ته تو کي، پر تنهنجي پيءُ کي به ’نچ‘.“
    مطلب: ۱. بڇڙي سان چڱائي ڪرڻ به پاڻ سان وير ڪرڻ برابر آھي.

    193. لڏ هيٺان به لعل لڀيو وڃي. (پھاڪو)
    لقمان حڪيم کان پڇيائون؛ ”تو ايترو عقل ڪنهن کان پرايو؟“
    ”بيوقوفن کان!“ لقمان حڪيم وراڻيو.
    ”اهو وري ڪيئن! اها ڳالھ سمجھ ۾ نه آئي.“ پڇڻ واري حيرت مان پڇيس؛ ”عقل ته دانائن کان سکبو آهي!“
    ”مون بيعقلن کان ائين سکيو جو،“ لقمان جواب ڏنس؛ ”جيڪي هو ڪندا هئا، سو مان نه ڪندو هئس ۽ جيڪي هو نه ڪندا هئا، سو مان ڪندو هئس.“
    مطلب: ۱. نه ڪنھن کي عقل منجھايو آھي ۽ نه ڪنھن کي سونھن سڪايو آھي. (۴۷)

    194. لکيون لوهارن کي چڏن ۾ چڻنگون. (پھاڪو)
    هڪڙي لوهار کي، لوھ مان سامان ٺاهڻو هيو، تنهن لاءِ گهڻي تڪڙ هيس. لوهي سامان ٺاهڻ وقت، اٻهرائيءَ مان چمڙي جو ايپران اڳيان رکڻ وسري ويس، جنهنڪري ڌَوَڻِ ڌئيندي، چڻنگون اُڏي اچي چڏن وٽان ڪانئچ ۾ لڳس، جنھن ۾ سوراخ ٿي ويس.
    دڪان تي ويٺل ھڪڙي همراه چيس؛ ”ڪم ڪرڻ وقت احتياط ڪرڻ گهرجي.“
    ”ادا! ڇا ڪيان!“ لوهر جواب ۾ چيس؛ ”ڪهڙو احتياط ڪيان. پيٽ گذر لاءِ ائين ڪرڻو ٿو پوي. گراهڪ کي جلدي هئي. ڍرو ٿيڻ سان هڪ دفعو گراهڪي کري، وري ڪين سڌرندي.“
    ”جيڪي نصيب ۾ هوندو، سو ته ملندو.“ ويٺل همراھ، لوهر کي چيو.
    ”بهرحال چڻنگون به نصيب ۾ لکيل هيون تڏهن لڳيون.“
    مطلب: ١. جيڪو قسمت ۾ لکيل آهي، سو ٿي ئي رهندو.
    ٢. لکيو منجھ نراڙ، قلم ڪياڙيءَ نه وهي. (۳) ص ۱۸۲

    195. لڳي ته لائي، نه ته رن پرائي. (پھاڪو)
    هڪڙو شخص زال سميت گهوڙيءَ تي چڙهيو، جهنگ واري واٽ وٺيو پئي آيو جو واٽ تي هڪڙو نابين ويٺل نظر آيس. ساڻس عليڪ سليڪ ڪرڻ پڄاڻان، اتي ويھڻ جو سبب پڇيائين. جنھن ٻڌايس؛ ”واٽ جو سونھون آهيان پر ٿڪجي هتي ويھي رهيو آهيان. هاڻي ويٺو آهيان ته من ڪو الله جو بندو اچي ۽ مون کي منزل رسائي.“
    انڌي تي رحم کائي، کيس اڳيان گهوڙي تي ويھاريائين ۽ زال پويان ويٺل ئي رهي. گهوڙي کي واڳ کان وٺي اڳتي هليو. جڏهن هڪڙي ڳوٺ وٽ پھتا ته انڌي وٺي واويلا ڪئي. ماڻھو مڙي ويا، انڌي جي رڙو رڙ هجي، چي؛ ”زال سميت گهوڙي ٿو ڦري!“
    ماڻھن جي پڇڻ تي، گهوڙي جي مالڪ سربستي ڳالهه ڪري ٻڌائي؛ ”واٽ تي رحم کائي هن جڏڙي کي گهوڙي تي ويھاريو اٿم. پويان منھنجي زال آهي. منزل تي پھتو آهي، چوانس ٿو لھه، ته بجاءِ لھڻ جي گهوڙي جو ھسوار ٿي ويھي رهيو آهي. چڱائي ته ڇٽي، هٿئين هچا نرڙ ۾ لڳي وئي.“
    ”ابا! نابين!“ ماڻھن انڌي کي چيو؛ ”تون ڇو نه ٿو گهوڙي تان لھين!“
    ”ابا! گهوڙو منھنجو!“ انڌي، ٻليءَ وارو ٻک هڻندي چيو؛ ”هيءَ زال به منھنجي! هيءُ الائي ڪير!“
    ”مئا انڌا! کوٻلا!“ مائيءَ اتي رڙيون ڪيون؛ ”تون الائي ڪير! منھنجي مڙس رحم کائي گهوڙي تي ويھاريئه ته وري مالڪ ٿي ويٺو آهين. ٻڏي نه ٿو مرين!“
    ”ابا ظلم! انڌير ڏسو!“ انڌي ويتر رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون؛ ”هاڻي هيءَ رن به مون کي انڌو ڏسي، هُن سڄي تي اڪن ڇڪن ٿي آهي. پاڻ ته وڃي ٿي پر گهوڙو به ٿي ڦرائي.“
    گيڙ بگيڙو ۽ هُل بکيڙو گهڻو ٿيو. ماڻھو معاملو نبيري نه سگهيا ته ٽنھي کي گهوڙي سميت، شھر جي قاضيءَ آڏو آڻي پيش ڪيائون. قاضيءَ شھر مان ٻيو انڌو گهرايو. ٻنھي انڌن کي نويڪلي ڪمري ۾ ويھاري، پاڻ ۾ ڪچھري ڪرايائين.
    شھر جي انڌي جي خبرن چارن ۽ حال احوال وٺڻ تي، ڦورو انڌي پھرين لنوايو، نيٺ ساڳي جنس هئڻ سبب سچي ڪيائين. قاضيءَ به اوٽ ۾ ويٺي ٻڌو جو انڌو چئي رهيو هو؛ ”ادا لڳي ته لائي، نه ته رن پرائي.“
    مطلب: ۱. هگدو لڳو ته واهه واهه نه ته بک تي ته هُهئين ويٺا آهيون.
    ۲. لڳو نه لڳو، تنھنجو هڏ گڏ ته ڀڳو.
    ۳. لھي لٽاڪو، ڇٽي ڦٽاڪو. (۱۴)

    196. لڳي هووئي ته ڪل پوئي،
    نه ته لڳي واليان نُون پڇ. (سرائيڪي)
    ڪو ماڻهو ڪنهن ڳوٺ ۾ اچي رهيو، جتي سندس دل هڪ عورت سان ٿي وئي. پاڻ اچي ڏنڊو ٺُڪائيندو هو ته اُها عورت اچي حاضر ٿيندي هئي. اِهڙي نموني هن جو قصو پيو هلندو هو.
    هڪ ڏينهن همراه ڏنڊو ٺُڪايو پر عورت جو هڪ پُٽ هو جيڪو روئي رهيو هو. ماٺ ئي ڪو نه ٿي ڪيائين. عورت آخر بيزار ٿي، پنهنجي پُٽ جو ڪنڌ مروڙي، ماري پينگهي ۾ اڇليو. مٿانئس گندي وجهي، اچي يار سان ملي. سندس يار، اِهو منظر اکيين ڏسي ورتو هو. تنهن چيس؛ ”تون منهنجي ڪم جي ڪو نه آهين. تون پنهنجي پُٽ کي ئي ماري ڇڏيو سو مون کي به ڪو نه ڇڏيندينءَ.“ اِئين چئي ڪاوڙجي هليو ويس.
    مائيءَ، شهر جي قاضيءَ وٽ وڃي مٿس دانھيو؛ ”منهنجو پُٽ ماري هليو ويو آهي.“
    قاضي صاحب، اُن ماڻهوءَ کي گهرايو، جنهن پنهنجي بيان ۾ سموري ڳالھ ڪري ٻُڌائي. اُن جي ڳالھ ٻُڌي قاضيءَ مائيءَ کي ڦاسيءَ جي سزا ڏني. اُن کي بادشاھ جي اڳيان پيش ڪيو ويو. بادشاھ به کيس ڦاسيءَ جو حُڪم ٻُڌايو ۽ وڌيڪ چيائين؛ ”هيءَ ڦاسيءَ جي ڦندي تي ويندي، رستي ۾ اگر ڪجھ چوي ته مون وٽ ٺي اَچجس.“
    مائي رستي ۾ اِهو بار بار ورجائيندي پئي وئي؛ ”لڳي نه هووئي ته لڳي واليان نون پوڇ.“
    اهي لفظ ٻڌي، کيس بادشاھ وٺي آيا. جنھن پڇيس؛ ”مائي اھو ڇا ٿي چوين؟ ان جو ڇا ارٿ آھي؟“
    مائيءَ چيو؛ ”جيئندا قبلا! مون کي پھرين آزاد ڪيو ته پوءِ مان اھو ٻڌائيندس.“
    بادشاھ کيس آزاد ڪرائي ڇڏيو، جنھن تي مائيءَ چيس؛ ”صبحاڻي هڪ ڇيلو وٺي، منھنجي گھر اچ.“
    بادشاھ صبح جو هڪ ڇيلو ڪاھي، مائيءَ جي گهر پھتو. مائيءَ چيس؛ ”اتي واريءَ تي ويھ ته آئون گهر جي ڪم ڪار کان واندي ٿي وٺان...“
    مائيءَ دانگي چاڙهي ماني پچائي کاڌي، پوءِ بادشاھ کي وٺي اچي مُقام ڀيڙي ٿي. اُتي پھچي بادشاھ کي چيائين؛ ”هاڻي ڇيلي کي دسي مٿانئس چڙهي سير وجهينس...“
    بادشاه مٿان چڙهي ڇيلي کي ڪٺو. جڏهن سر ڌڙ کان ڌار ٿيو ته بادشاھ سميت مٿي کڄي ويو. تان جو بادشاھ کي کڻي وڃي پرين جي محل ۾ ڇڏيائين. اتي رھندڙ پرين، بادشاھ کي سهڻو جوان ڏسي، چيو؛ ”ڀلي ڪري آئين. هاڻي تون اتي رھ ۽ کاءُ پيءُ، پر محل کان پري نه وڃجانءِ ۽ اسان جو هڪ شرط به اٿئي. اُھو اِھو ته اسان روزاني هتان صبح جو وينديونسين ۽ شام جو موٽي اينديونسين. ان دوارن هنن ٽن ڪوٺين جا تالا نه کولج.“
    اِئين چئي، پريون هلي ويون. بادشاھ، ويٺي ويٺي بيزار ٿيو ته ڪوٺين منجھان هڪ جو تالو وڃي کوليائين. ڏسي ته اندر هڪ سهڻو گهوڙو بيٺو آهي. گھوڙي، بادشاه کي ڏسندي ئي چيو؛ ”بادشاھ ڏسين ڇا ٿو؟ کڻ اهي سونا سنج! رک مون تي ۽ چڙهي پئو ته تو کي هن کان به سهڻي ولائت ڏيکاريان.“
    بادشاھ به سونا سنج رکي جيئن گهوڙي تي لانگ ورائي، تيئن گهوڙو وٺي اُڏاڻو، جنهن کيس اهڙيون ولايتون گهمايون جو حيران ٿي ويو.
    ٻئي ڏينهن وري ٻي ڪوٺي کوليائين. ڏسي ته اندر هڪ سهڻو ۽ عاليشان اُٺ بيٺو آهي. تنهن چيس؛ ”گهوڙو تو کي گُهمائي آيو آهي پر آئون به تو کي ولايتون گهمايان ٿو.“
    بادشاھ اُٺ تي پاکڙا رکي چڙهي ويٺو. اُٺ وٺي اُڏاڻو. تنهن کيس ڏاڍيون سٺيون ولايتون گهمايون، جيڪي اڳين ولايتن کان به بهترين هيون.
    ٽئين ڏينهن ٽين ڪوٺي کوليائين. اندر هڪ ڪارو گڏھ بيٺو ھيون. جنھن هشيون ڏيندي چيس؛ ”هل تو کي دنيا ڏيکاريان!“
    بادشاه گڏھ تي چڙهيو، جيڪو کيس کڻي اڏاڻو ۽ ڦيرائي ڦيرائي وڃي سندس ملڪ اندر سندس شهر جي گونھ کاڻ مٿان ڪيرايائين ۽ پاڻ ڀڄي ويو.
    ماڻهو اچي مٿس مڙيا ۽ ڏسن ته بادشاھ سڄو گونھ ۾ گتو پيو آهي. بادشاھ کي اتان ڪڍي، وهنجاري ٺاهي عطر عنبير لڳائي تخت تي ويهاريائون. ڏسن ته بادشاھ موڳو ٿي ويو آھي. ڪنهن به طرف ڌيان ڪو نه ٿو ڏئي.
    ڪجھ ڏينهن پڄاڻان بادشاھ حڪم ڪيو؛ ”جنھن مائي کي مون ڦاسيءَ جي سزا ڏني ٿي تنھن کي حاضر ڪيو وڃي!“
    مائيءَ کي حاضر ڪيو ويو. بادشاھ کيس چيو؛ ”مون کي وري اُتي پهچاءِ!“
    مائيءَ چيس؛ ”بادشاھ! پنهنجو وڏو پُٽ ڪُھ! ان جي ڌڙ تي اُتي پهچي ويندين.“
    بادشاھ سٽ ڏيئي پنهنجي پٽ کي ڪُهي ته وڌو پر اُتي پھچي ڪونه سگھيو، تنھنڪري وري موٽي مائيءَ وٽ آيو. مائي چيس؛ ”ننڍو پٽ ڪھ.“ اھو وڃي ڪٺائين، پر ولايت ڪو نه پڳو. وري مائيءَ وٽ آيو.
    مائي چيس؛ ”بادشاھ! جيئن تو پنهنجي لڳيءَ لاءِ، ٻن پٽن کي ڪُهي ڇڏيو. تيئن مون به پنهنجي پُٽ کي ماري وڌو هو. هاڻي تو کي ڳالھ سمجھ آئي ته ’لڳي هووئي ته ڪل پوئي نه ته لڳي واليان نُون پڇ‘ جو ڇا مطلب آھي؟“
    مطلب: ۱. جنھن تن لڳي، سو تن ڄاڻي.
    ۲. لڳيءَ کي لک لعنت آھي. (۳۶)

    197. لوھ پارس سان گسندو ته سونُ ٿيندو. (پھاڪو)
    هڪڙو غريب ماڻھو، هڪڙي الله لوڪ فقير وٽ آيو ۽ چيائينس؛ ”منهنجا ٻچا بک ٿا مرن! ڪو حيلو ڏس!“
    ”گهر ۾ جيڪي لوھ جا ٽپڙ هجني،“ فقير کيس پارس ڏيندي چيو؛ ”ھيءُ، تن کي وڃي هڻ! سمورا سون ٿي پوندءِ. اهو تو لاءِ گهڻو آهي. پر شرط اهو آهي ته سج بيٺي هڻجانءِ! ٻيو ته سج لٿي کان اڳ، ھيءُ پارس، مون کي ھتي موٽائي ڏئي وڃجانءِ!“
    غريب، پارس کڻي روانو ٿيو. گهر ۾ لوھ ڪو نه هيس. پارس گهر ۾ رکي، بازار مان لوھ چڪائڻ لڳو. لوھ چڪائيندي سج لهي ويس.
    پويان فقير انتظار ۾ ھيو. سج لهڻ تائين به ھيءُ نه موٽيو ته سندس گھر آيو ۽ چيائينس؛ ”هاڻي مدو پورو ٿي ويو آهي. پارس موٽائي ڏي. ڇو جو سج لهڻ تائين جي ٻولي هئي.“
    ”مان ته اڃا لوھ پيو چڪايان!“ غريب هٿ ٻڌندي چيس؛ ”ٿوري مهلت ڏي.“
    ”مهلت جي گهڙي گذري وئي، ٻچا!“ فقير پنھنجو پارس وٺندي چيس.
    مطلب: ۱. گيسر ڪرڻ سان، برڪت کڄيو وڃي.
    ۲. سڻيا هي سمڌا نهين، ميٽيا نه من ڪاموھ،
    پارس ڪون پهنچا نهين، رهيا لوھ ڪا لوھ. (هندي)
    ۳. ٻڌئين سمجھيائين نه، من جي لالچ نه لٿس،
    پارس تائين پڳو نه، لوھ جو لوھ ئي رھيو. (۴۸) ص ۹۹

    198. لوھ، لوھ کي ڪٽي. (چوڻي)
    هڪ ڏينهن سونَ لوهه کان پڇيو؛ ”پاڻ ٻئي جڏھن لوهه جي هٿوڙي يا وڏاڻ سان ڪُٽبا آهيون، تڏھن تون وڏيون دانهون ڇو ڪندو آهين؟“
    لوهه جواب ڏنس؛ ”جڏهن پنهنجو ئي پنهنجي کي ماري، تڏھن تڪليف وڏي ٿيندي آهي، جنھنڪري مان دانھون وڏيون ڪندو آھيان.“
    مطلب: ۱. پنھنجن طرفان لڳل گل به اثر ڪري، ڌارين جا پٿر به بي اثر ٿين.


    [ م ]

    199. مادرزاد انڌي کي عينڪ جي ڪهڙي ضرورت. (پھاڪو)
    هڪڙي شخص جي نظر گهٽجي وئي ته عينڪ وٺڻ لاءِ ڊاڪٽر وٽ ويو. ڊاڪٽر نظر تپاسيندي چيس؛ ”سامهون نظر ڪر!“
    سامهون نظر ڪيائين ته ڊاڪٽر پڇيس؛ ”ج (جيم) جي هيٺان جيڪو سنهون اکر آهي، سو نظر اچي ئي ٿو؟“
    ”ڪهڙو جيم؟“
    ”بابا!“ ڊاڪٽر وڏيءَ پاٻوھ سان چيس؛ ”ڪاري بورڊ تي هو وڏو ’ج‘ جو اکر ڪو نه ٿو ڏسين؟“
    ”ڪھڙو ڪارو بورڊ.“ حيرانگيءَ مان پڇيائينس.
    ”ميان!“ ڊاڪٽر گهٻرائجي پڇيس؛ ”هيءُ سامهون ڀت تي هيڏو سارو ڪارو بورڊ به تو کي نظر نه ٿو اچي!“
    ”ڊاڪٽر ڪهڙي ڀت؟“
    ”بابا!“ ڊاڪٽر کلي چيس؛ ”تو کي عينڪ جي نه پر اکين جي ضرورت آهي.“
    مطلب: ۱. ڏسڻ لاءِ، پھرين اکين جو نور، پوءِ روشنيءَ جو نور کپي. (۴۹)

    200. مٿي تي رکيل وزن، وري به پيرن کي کڻڻو ٿو پوي. (پهاڪو)
    هڪڙي مسافر، گهوڙي تي وزنائتي خرزين رکي، مٿئون پاڻ چڙهي ويٺو. اڳتي هلڻ سان، گهڻي وزن ۽ ٿڪاوٽ سبب، گهوڙو ڍرو ٿيو ته کيس خيال جاڳيو؛ ”گهوڙي تي مون سان گڏ، جيڪو خرزين جو وزن پيل آهي، تنهن ٿڪائي وڌو اٿس. اهو وزن سندس پٺيءَ تان اگر هٽي وڃي ته گهوڙو هلڪو ٿي پوندو ۽ وک چڱيرڙي پوندس.“
    اھو خيال ايندي، گھوڙي تان لٿو. خرزين مٿي تي رکي، وري لانگ ورائي مٿس چڙھيو.
    اڳتي هلڻ سان ڏٺائين ته گهوڙي جي وک ۾ ڪو به فرق نه پيو آهي. اهو خيال ايندي ڪنهن واٽهڙوءَ صلاح پڇيائين؛ ”گهوڙي تان وزن هٽائي پاڻ تي رکيو اٿم ته به گهوڙي جي وک پوئتي آهي، سو ڇو؟“
    ”ادا! خرزين سميت مٿان چڙهيو ويٺو آهينس ته پوءِ ڪيئن تکو هلندو؟“ واٽهڙوءَ چيس.
    ”خرزين جو بار ته منهنجي مٿي تي آهي؟“ دليل طور چيائينس.
    ”پر پوءِ به!“ مسافر سمجهائيندي چيس؛ ”مٿي تي رکيل وزن، وري به پيرن کي کڻڻو ٿو پوي.“
    مطلب: ۱. وڏن جو بار، آخر ننڍا کڻن. (۲۶) ص ۸۴

    201. محنت جو ڦل، هر ڪنهن کي ملي ٿو. (چوڻي)
    نوشيروان، ايران جو عادل بادشاھ هڪ ڏينهن صبح سان سير لاءِ اڪيلو نڪري پيو. واٽ تي هڪ باغ ۾ هڪ جهور پوڙهي مالهيءَ کي ميويدار وڻ جي چڪي هڻندي ڏٺائين. عجب ۾ پئجي ويو.
    ”پوڙها!“ پوڙهپ ۾ محنت ڪرڻ جو سبب پڇڻ لاءِ چيائينس؛ ”هيءُ تنهنجو لڳايل ٻوٽو، گهڻن سالن کان پوءِ ڦر ڏيندو؟“
    ”حضور!“ پوڙهي کيس ورندي ڏني؛ ”اٺن ڏهن سالن ۾ هيءُ ٻوٽو ڦر ڏيڻ جي لائق ٿي ويندو.“
    ”ڇا تو کي اميد آهي!“ بادشاھ وري پڇيس؛ ”تون ايستائين جيئرو ھوندين، جو ڦر کائيندين؟“
    ”سائين ٿي سگهي ٿو ته مان هن وڻ جو ڦر کائي نه سگهان!“ پوڙهي، بادشاھ ڏانهن نهاريندي چيو؛ ”پر مان هي ٻوٽو ته ٻين لاءِ ٿو هڻان.“
    بادشاھ سندس جواب تي مرڪيو ۽ پڇيائينس؛ ”ٻين لاءِ ڳهڻ مان فائدو؟“
    ”ڇو سائين؟! اسان جي وڏن جيڪي وڻ لڳايا، تن جو ڦر اسان کائي نه رهيا آهيون؟“ ٻڍڙي بادشاھ کان سواليه انداز ۾ پڇندي، ڳالھ کي اڳتي وڌايو؛ ”مان به اهڙيءَ ريت هيءُ وڻ رکان ٿو ته جيئن منهنجا پويان ان جو ڦر کائين.“
    نوشيروان کي جواب ڏاڍو وڻيو ۽ کيس انعام ڏنائين، جنهن تي پوڙهي کيس چيو؛ ”منهنجي لڳايل ٻوٽي جو ڦل ته مون کي اڄ ئي ملي ويو.“
    انهيءَ جواب تي نوشيروان ويتر ڏاڍو خوش ٿيو.
    مطلب: ۱. اصل زندگي اھا آھي جو ٻين جي ڪم اچجي.

    202. مرشد به جهڙو ماڻهو. (پھاڪو)
    ”بابا! او بابا!“
    ”جيءُ ٻچا!“
    ”بابا! هيءُ هيترا ماڻهو ڇو گڏ ٿيا آهن؟ وري هيءُ ڀَتُ ڇو پيا رڌين؟“
    ”پُٽَ! مرشد آيو اٿن! انهيءَ خوشيءَ ۾ ڀت پيا رڌين.“
    ”بابا! مون کي به مرشد ڏيکار!“
    ”پٽ! اهو جيڪو کٽ تي ويٺو آهي! اهو اٿئي مرشد!“
    ”نه بابا! اهو ته ماڻهو آهي. مرشد ڪٿي آهي!“
    ”ڇورا!“ ڇڙپ ڏيندي؛ ”اهو ئي مرشد آ. ماٺ ڪر ته موچڙو نه لڳئي!“
    ”بابا! پوءِ جيڪڏهن اهو مرشد آهي ته؛“ ڇڙٻ ساٽاڻيندي ۽ وضاحت ڪندي پيءُ کي چيائين؛ ”مرشد به جھڙو ماڻهو!“
    مطلب: ۱. چور به جهڙو ڪاڪو.
    ۲. چور به سود پود ماڻهو. (۵۰) ص ۷۱

    203. مروان موت، ملوڪان شڪار. (پھاڪو)
    ڪنهن تلاءَ ۾ گهڻا ڏيڏر رهندا هئا. هڪ دفعي ڪن شاگردن، ڏيڏرن کي پٿر هڻي، دل پئي وندرائي. ليڪن پٿرن لڳڻ ڪري، ڪيترا ڏيڏر زخميا ۽ ڪيترا مري ويا، تنهن تي ڏيڏرن وڏي ٽران ٽران ڪئي.
    ”مروان موت، ملوڪان شڪار“ هڪ ڏيڏر ٻارن کي چيو؛ ”اوهان ملوڪن ۽ شهزادن لاءِ ته اھي پٿر ھڻڻ شيل شڪار آهن، پر اسان مرُن ۽ جانورن لاءِ ته اھي موت جو سبب آهن.“
    مطلب: ۱. اھا ئي شيءِ ھڪڙن لاءِ فائدي جو سبب، ٻين لاءِ ھاڃيڪار. (۵) ص ۱۲۲

    204. مڙس اهو آهي، جو پريندي ٻلي ماري. (پهاڪو)
    هڪڙي همراه جي زال، ڏاڍي چيڙاڪ ۽ جهيڙاڪ هئي. هر ڳالھ تي مٿس رومڙ ڪري چڙهي ويندي هئي. زندگي وڌيڪ نرھ ٿيڻ کان لهرائيندي، کانئس ٽري پاسو ڪندو هيو.
    هڪڙي ڏينهن، هڪڙي دوسٽ وٽ مهمان ٿي ويو. اتي ڏسي ته دوست جي زال، دوست آڏو ڏاڍي با ادب ۽ سانتيڪي بيٺي آهي.
    ”ادا ڪر خبر!“ اهو حال ڏسي، دوست کان پڇيائين؛ ”پنهنجي استريءَ کي ڪيئن قائدي ۾ پابند رکيو اٿئي؟“
    ”پرڻي رات ئي معاملو سڌو ٿي ويو.“ دوست وضاحت ڪندي ٻڌايس؛ ”سيج تي ويٺو هيس، جو ٻليءَ اچي مٿان ٽپو ڏنو. ڪاوڙ ۾ لٺ ھڻي ٻليءَ جو ميڄالو ڪڍي وڌم. ان کان وٺي زال ڏاڍي ڊنل ۽ با ادب ٿي رهي.“
    هن به دل ۾ چيو؛ ”مان به وڃي گهر ۾ ڪا ٻلي ماريان، ته من منهنجي زال مون کان ڪَوَ کائي.“
    دل ۾ اهي پور پچائي، جڏهن گهر پهتو ته لٺ سان گهر ۾ پليل ٻليءَ کي مارڻ بيٺو. زال ڪاوڙ مان چيس؛ ”مئا! ٻليءَ تنهنجو ڪهڙو ڏوھ ڪيو آهي، ناحق پيو مارينس!“
    زال کي چيائين؛ ”تو تي رعب وجهڻ لاءِ، ٻليءَ کي پيو ماريان!“
    ”ها ڏٺل آهين، ڏٺل آهين. هاڻي ٿو رعب وجهين.“ جوڻس ٽوڪيندي چيس؛ ”پهرئين ڏينهن کان سڃاڻانءِ! ڏاڍو مڙس ماڻهو هئين. متان ٻليءَ کي ڌڪ هنيو اٿئي.“
    زال جي دڙڪن کان، چپ ڪري ويهي رهيو.
    مطلب: ۱. ڪارنامو پهرئين ڏينهن ڏيکارجي.
    ٢. جنهن اڀرندي تانءُ نه ڪيو، سو لهندي ڪهڙو ڪندو؟

    205. مئي پڄاڻان؛ سج اڀري ته ڇا، نه اڀري ته ڇا؟ (پھاڪو)
    جهنگ جي جانورن جو، پنھنجي بادشاھ وٽ هڪڙو مقدمو هليو، جنهن ۾ مُک جوابدار گدڙ هئو. گدڙ ڪيس هارائي ويو. کيس سزا طور ڦاسيءَ جي تعزير ڏني وئي. تخته دار تي چاڙهڻ کان اڳ، حسب رواج، کانئس آخري خواهش يا آخري ڪلمات پڇيائون.
    ”سڀاڻي سج ئي ڪو نه اڀرندو!“ گدڙ ڏاڍي پڪائيءَ سان ورندي ڏيندي چيو؛ ”ته آخري خواھش ڪھڙي ٻڌيان!“
    سندس انهن لفظن تي ڦاسي ڏيڻ وارا حيران ٿي ويا ۽ جهٽ ۾ اها خبر جهنگ جي بادشاهه تائين پهچايائون. جهنگ جي بادشاھ، گدڙ کي ٻيهر پيش ٿيڻ جو حڪم صادر ڪيو. گدڙ پيش ڪيو ويو. کانئس هڪل ڪري، بادشاھ پڇيو؛ ”اڙي! تون ڪيئن ٿو چوين ته سڀاڻي سج ئي نه اڀرندو؟“
    ”جيئندا قبلا! سر جيئدان ملي ته عرض ڪيان!“ گدڙ عرض ڪيو.
    ”تو کي سر جيئدان هڪ ڳالھ تي ملندو. اِها اها آهي ته تون ڳالھ صحيح ڪندين!“ بادشاھ چيس. ”اگر ان ۾ ڪا ملاوٽ ڪيئي ته سزا ساڳي ته ملندئي پر وڌي به سگھئي ٿي. سوچي سمجھي ڳالھاءِ!“
    ”جيئن حڪم ٿيئي جيئندا قبلا!“ گدڙ وراڻيو.
    ”ها! هاڻي ٻڌاءِ!“ بادشاھ حڪم ڪيس.
    ”سائين مون کي ڦاسي آئي ته پوءِ ڀلي کڻي سڀاڻي سج اڀري يا نه اڀري، ڳالھ ساڳي آھي.“ گدڙ دليل ڏيندي چيو. ”قبلا! منهنجي مري وڃڻ کان پوءِ، ان جو اڀرڻ ۽ نه اڀرڻ، ٻئي مون لاءِ هڪجهڙا آهن.“
    ”بلڪل! تون سچ ٿو چوين.“ بادشاھ آمنا واريندي ۽ سزا ختم ڪندي چيس؛ ”مرڻ کان پوءِ؛ سج اڀري ته ڇا، نه اڀري ته ڇا!“
    مطلب:۱ .هيءُ سڄو جهان ۽ ڪارنامو انهن لاءِ مفيد آهي، جيڪي جيئرا آهن.
    ۲ . پاڻ مئي کان پوءِ، مري وئي سڄي دنيا.
    ۳ . سِر وئي کان پوءِ؛ سج اڀري يا نه اڀري.

    206. مئيءَ وٿ جو ملھ ناهي. (پھاڪو)
    هڪڙي ماڻهوءَ، هڪڙي واقفڪار کان گهوڙو اُڌارو ورتو. گهوڙو به چڱي نسل جو نه ھيو، جنھنڪري مالڪ کيس ڏئي ڇڏيو.
    ڪجھ وقت کان پوءِ، اُڌارو وٺندڙ وٽ گهوڙو مري ويو. فوتگيءَ جو اطلاع، گھوڙي جي مالڪ کي ڏنائين.
    ”ادا گهوڙو تو وٽ مُئو آهي!“ مالڪ ڏاڏر ڪندي چيس؛ ”الائي ڪيئن ماريئي! مون کي مُلھ ڀري ڏي!“
    ”ادا مُئيءَ وٿ جو ڪهڙو ملھ!“ اڌارو وٺندڙ، ويچارو ٿيندي چيس.
    ”مئي وٿ هئي؟!“ مالڪ جرح ڪندي چيس؛ ”مون تو کي مئل گهوڙو نه ڏنو هئو. مون ته تو کي جيئرو جاڳندو، لکن جو گهوڙو ڏنو هئو. هاڻي گهوڙو ماري ٿو چوين ته ڪک جو هيو.“
    مطلب: ١. مُئي پڄاڻان، هر شيءِ جو قدر/ اگھ وڌي ٿو.
    ٢. مُئيءَ وٿ جو ڪهڙو ملھ.
    ٣. جيئري ڪک-ملھ ٿئي ٿو، مئي پڄاڻان لک-مُلھ ٿئي ٿو. (۳) ص ٧٦

    207. ميان جي مڏي؛ ٻه ڏندڻ، ٽين تڏي. (پھاڪو)
    هڪڙو درويش فقير، مريد سميت، هڪڙي ڳوٺ ۾ اچي مسافر ٿيو. وٽس هنڌ يا وڇاڻو ڪين هيو. هڪڙي وڏي چادر هيس، جيڪا اوڍڻ ۽ اوڇڻ طور استعمال ڪندو هئو. رات ڌاري به ماڻهو ڪنر ٻڌيو، ڳاھٽ ٿيو چوڌاري ويٺا هيس. کيس ننڊ اچي کنيو. ماڻهن کي اٿي وڃڻ لاءِ به نه پئي چئي سگھيو. آخرڪار خليفي کي چيائين؛ ”منهنجي لاءِ هنڌ وڇاءِ!“
    خليفي ٻڌو، اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيس. خليفي کي وقفي وقفي سان ٻه ٽي دفعا چيائين ته جيئن ماڻھو ٻڌي، اٿن ته فقير چادر وڇائي، ليٽي. خليفو ھر دفعي ڪن لاٽار ڪندو رهيو. نيٺ سندس بريز بريز کان بيزار ٿي پيو.
    ”هنڌ ڪهڙو وڇايان؟ جيڪو آهي سو ويڙهيو ويٺو آهين.“ خليفي کان رهيو نه ٿيو ۽ زبان کلي ويس، چئي ڏنائينس؛ ”ميان جي مڏي؛ ٻه ڏندڻ، ٽين تڏي.“
    اھي لفظ ٻڌي، ماڻھو ڪک پن ٿيا جو بزرگ ڪلھن تان چادر لاھي، وڇاڻو ڪيو.
    مطلب: ۱. مڏي ميرڻ شاھ جي؛ ٻه ٺڪر جا ٺولهڙا، ٽين تڏي. (۳) ص ۱۹۷

    208. ميلي کان، جھميلي ۾ رهڻ ڀلو. (چوڻي)
    هڪ عورت هڪ درويش وٽ آئي ۽ دانهن ڏنائينس؛ ”مان جنهن جهنگ ۾ رهان ٿي. اتي خوفناڪ جانور جام آهن، جيڪي منهنجي ٻارن ٻچن کي ڦٽي ماري ٿا وجهن! دعا گهر ته کانئن جان حفاظت ۾ رهي.“
    ”جهنگ ڇڏي، ڪنهن شهر يا وسنديءَ ۾ وڃي رھ.“ درويش نصيحت ڪندي چيس.
    ”الله جا پيارا ٻانها! شهر جي ماڻهن کان، جهنگ جا جانور چڱا آهن، گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڌڪ سان ساھ ته ڪڍي ڇڏين ٿا. شهر جا ماڻهو ته تڙپائي تڙپائي ٿا مارين.“ مائيءَ جهنگ نه ڇڏڻ جو سبب ٻڌائيندي چيس؛ ”ماڻهن جي ميلي کان، جهنگ جي جھميلي ۾ رهڻ ڀلو.“ ص ١٢٣
    مطلب: ١. گندي ماحول ۾ رهڻ کان، اڪيلو رهڻ ڀلو.
    ٢. برن جي صحبت ۾ رهڻ کان، پنهنجي منهن رهڻ چڱو.
    ٣. ماڻهن جي جهنگ ۾ رهڻ کان، جانور جي جهنگ ۾ رهڻ چڱو. (۵۱) ص ۱۲۳


    [ ن ]

    209. نا انصافي جِت ٿيندي، تباهي ات ايندي. (چوڻي)
    طوطو ۽ مينا، ڪنهن منزل ڏانهن اڏامندا ٿي ويا. کين رستي ۾ رات پئجي وئي، ته رات گذارڻ لاءِ هڪ وڻ تي لٿا ۽ مٿس ويهي رهيا. اتفاق سان ان وڻ تي چٻرو به ويٺو هيو، جيڪو سندن گفتگو ٻڌي رهيو هيو.
    ”ڪيڏو نه ويران جهنگ آهي!“ مينا، طوطي کي چيو؛ ”سڃ ئي سڃ لڳي پئي آهي! الائي ڇا سبب ٿي سگهي ٿو؟!“
    ”لڳي ٿو ته!“ طوطي، ويرانيءَ جو سبب ٻڌائيندي چيس؛ ”ضرور هن جهنگ ۾ چٻري جو راڄ آهي، جنھن جي نحوست سبب، جهنگ ئي ويران ٿي ويو آهي!“
    چٻري کي سندن ڳالهين تي چڙ آئي. صبح ڌاري آکيرن کان اڏامڻ کان پھرين، ٻنهي آڏو اچي بيٺو ۽ چيائين؛ ”اوهين مسافر آهيو. منهنجي دعوت کائڻ کان سواءِ هتان نه وڃو!“
    طوطي ۽ مينا کي مجبوراً، ھڪ رات لاءِ، اڃا اتي ترسڻو پيو. دعوت کائڻ کان پوءِ، جيئن ئي اڏامڻ جو ارادو ڪيائيون ته چٻري مينا کي چنبن سان کڻي قابو ڪيو. قبضي ۾ آڻڻ بعد چيائين؛ ”هيءَ منهنجي زال آهي، مون سان گڏ رهندي.“
    طوطي وڏا حيلا هلايا، پر چٻرو پنهنجي ضد تان نه لٿو. هڪڙو مسافر لنگهيو، جنھن کي ڏسي، ٻنهي ڌرين کيس فيصلو ڪرڻ لاءِ عرض ڪيو. طوطي، واٽھڙوءَ کي ٻڌايو؛ ”مينا منهنجي زال آهي، منهنجو جوڙ جس آهي. چٻري مٿس قبضو ڪيو آهي. انصاف ڪري، مون کي زال موٽرائي ڏي.“
    ”نه! هيءَ منهنجي زال آهي!“ چٻري پنهنجي دعويٰ ۾ چيو؛ ”مان بد صورت آهيان. طوطو خوبصورت آهي. ان ڪري مٿس موهت ٿي آهي. طوطو به لالچ ۾ اچي ويو آهي ۽ ڪوڙو دعويدار ٿيو آهي. تون هاڻي فيصلو ڪر ته هيءَ زال ڪنهن جي آهي؟“
    ”طوطو ڪوڙو آهي.“ واٽھڙوءَ فيصلو ڪندي چيو؛ ”مينا تنهنجي زال آهي، ڇو جو تنھنجي قبضي ۾ آھي. قبضو سچو ۽ ڪليم ڪوڙو ھوندو آھي.“
    واٽھڙوءَ جي وڃڻ کان پوءِ، طوطو به روئي پٽي، اڏرڻ لڳو.
    ”هيءَ پنهنجي مينا به ساڻ وٺي وڃ! برابر هيءَ تنهنجي زال آهي. مون صرف تو کي اهو پئي ٻڌائڻ چاهيو ته؛“ چٻري، طوطي کي زال موٽائي ڏيندي چيو؛ ”جتي ههڙي ناانصافي ٿيندي، اتي ههڙي ويراني ٿيندي. رڳو چٻري جي وجود سان ويراني نه ايندي آهي.“
    مطلب: ۱. ناانصافي، ويرانيءَ جو سبب بڻبي آھي. (۵۲)

    210. نادان دوست کان، داناءُ دشمن ڀلو. (چوڻي)
    هڪ شاهوڪار، باندر ڌاريو هيو، جيڪو وٽس ننڍو ٿي وڏو ٿيو هيو. رات جو باندر کي ترار ڏئي، پهري لاءِ بيهاريندو هيو.
    هڪ رات هڪڙي چور، چوري ڪرڻ جي ارادي سان، سندس گهر جي ڀت تان نرو ڏنو. ڏٺائين ته باندر، ترار هٿ ۾ ڪري، مالڪ جي چوڌاري پھرو ڏئي رهيو آھي. دل ۾ چيائين؛ ”باندر ٿورو پاسي تي هٽي ته، ڀت ٽپي اندر ٿيان.“
    باندر چستيءَ سان پهرو ڏئي رهيو هيو، جنهن سبب چور کي گَهٽُ نه پئي مليو.
    ايتري ۾ هڪڙو وڇون، ستل مالڪ جي بت تي اچي ڦرڻ لڳو. باندر جي مٿس نظر پئجي وئي. باندر، وڇونءَ کي شاهوڪار جي بت مٿان مارڻ لاءِ، تلوار اڀي ڪئي ته چور ڏسي ورتس. چور دل ۾ چيو؛ ”اگر ترار سان وڇون مرندو ته گهر-ڌڻي به ساڻس گڏ مرندو.“ تنھنڪري يڪدم ٽپو ڏئي، وڃي باندر کي وار ڪرڻ کان روڪيائين ۽ ھٿ منجھان تلوار به کسيائينس.
    ٻنهي جي وچ ۾ ٿيل گوڙ گهمسان تي شاهوڪار جي ننڊ ڦٽي وئي. چور کيس سموري ماجرا ڪري ٻڌائي، جنهن تي شاھوڪار، چور جو شڪريو ادا ڪيو.
    مطلب: ١. بيوقوف بازار ۾، سنگتي نه کڻجي ساڻ،
    اول ڪٽائي پاڻ، پوءِ لهرائي هاج همراهن جي.
    ٢. داناءُ دشمن، دنيا جو نقصان رسائي ٿو، نادان دوست، ٻئي جهان وڃائي ٿو.
    ۳. بي عقل دوست، ٻئي جهان وڃائيندو آهي.
    ۴. جيڪڏهن سياڻو تنهجي ساهه جو ويري هجي، ته به هو ان سڄڻ کان چڱو جو جاهل هجي. (۳) ص ۲۶ ۽ (۴) ص ۱۲۳

    211. نڀاڳو پاڻي ڀرڻ لاءِ وڃي؛ يا کوھ سڪي، يا رسي ٽُٽي. (پھاڪو)
    هڪڙي نڀاڳي ماڻهوءَ کي سفر دوران ڏاڍي اڃ لڳي. ڊوڙندو هڪڙي کوھ تي پهتو. جيئن ئي لوٽي منجھس لاٿائين ته خبر پيس؛ کوھ ته سڪل آهي ۽ پيٽ ۾ پاڻيءَ-ٺنڀ به ناهيس.
    تڏهن اتان ڀڳو ٻئي کوھ ڏانهن. جڏهن اتي لوٽي هيٺ لاٿائين ته حيرت وٺي ويس، ڇو جو کوھ جو پاڻي تانگهو هيو. رسي، ننڍي ٿي پئي. تنهنڪري لاچار، اتان بيوس ٿي، ٽئين کوھ لاءِ واجهائڻ لڳو.
    جڏهن ٽئين کوھ تي پهتو ۽ منجهس لوٽي لاٿائين. لوٽي پاڻيءَ سان ڀرجي وئي. اڃ ۽ گهڻي مٿاڪٽ سبب، کيس اٻهرائي ھئي. تڪڙ ۾ ڀريل لوٽي، سٽ ڏئي ڇڪڻ سبب، کوھ جي ڀت ۾ نڪتل ڪنھن سِر سان اٽڪي ته رسي ٽٽي پئي، جنھن تي ڀريل لوٽي، کوھ ۾ ڌوڙيو ڪَري، وڃي ڪِري.
    مطلب: ١. نڀاڳو جاتي وڃي، تاتي سک ڪين ڏسي.
    ٢. نڀاڳو، سولي ڪم ۾ هٿ وجهي ته اولو ٿئي.
    ٣. جاڏي وڃي واگهو، تاڏي پاڻي تانگهو.
    ۴. نڀاڳو گاڏيءَ تي چڙهي ته گاڏي ليٽ، ٻيڙيءَ تي چڙهي ته ٻيڙي ڌوپڻ وڃي. (۳) ص ۶۶

    212. نصيبن کان ڀڄي ڪين سگهبو. (چوڻي)
    هڪڙي غريب مسڪين کي گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪي ڪين هيو. بکئي پيٽ کي پادر هڻڻ لاءِ، گھر اندر صبح شام، دال رڌي گذر سفر ڪندا هئا. هفتو کن لاڳيتو دال کائڻ سبب ڪَڪِ ٿي پيو.
    ”ڇو نه درياه پار، مائٽن وٽ وڃان!“ دل ۾ پور پچائي چوڻ لڳو؛ ”اتي مهمان سمجهي، ضرور ٻيو ٻوڙ رڌيندا ۽ ڪجھ هوا مٽ به ٿيندي.“
    اهو سوچي، ٻئي ڏينهن زال کان موڪلائي، پتڻ تي پهتو. سڄو ڏينهن، ٻيڙيءَ جو سفر ڪري، درياه پار مائٽن وٽ وڃي نڪتو. اهي به سندس جهڙا غريب هئا. تن به رات ڌاري، دال جو ديڳڙو کڻي لاٿو. تسر دال جو ۽ جوئر جو روٽلو پچائي کڻي هنيائونس دُون ۾. همراھ دل ۾ سڙي ويو.
    ”مان ته ٻيڙيءَ ۾ چڙهي آيس. تون ڇا ۾ پھتينءَ!“ هيانءَ تتي کان دال کي چوڻ لڳو ۽ پوءِ پنھنجي پاڻ کي آٿت ڏيندي چوڻ لڳو؛ ”بيشڪ سچ چيو اٿن؛ نصيبن کان ڀڄي ڪين سگهبو.“
    مطلب: ۱. توڙي وڃي روم، ته به نصيبان اڳرو،
    ڍوڍي مٿان ٿوم، لکيائي لوح قلم ۾.

    213. نفاق ۾ نقصان آھي. (چوڻي)
    چار ڄڻا؛ هڪڙو صوفي، ٻيو فقيہ (مولوي)، ٽيون سپاهي ۽ چوٿون باڪري، تفريح لاءِ هڪ باغ اندر آيا. جيئن ته ميوا تر ۽ تازا ڏٺائون ۽ باغائيءَ کي ستل لڌائون. لٺ جو هٿيو کولي، باغ جي ويرانيءَ ۾ لڳي ويا. مٺا ۽ پڪل ميوا کاڌائون ٿي، جڏھن ته کٽا ۽ ڪچا، ٻارن ۽ ٻنن تي اڇلائيندا ٿي ويا.
    انهيءَ وچ ۾ باغائي جاڳيو ۽ انهن چئن، بي خوف ۽ ٺوڳين کي زيان ڪندي ڏٺائين. دل ۾ چيائين؛ ”جنهن صورت ۾ چئن ڄڻن سان برابري ۽ مقابلو نٿو ڪري سگهان، تنهنڪري ضروري آهي ته حيلي ۽ تدبير سان کين سزا جي زنجير ۾ ڇڪيان.“ پوءِ سندن خدمت ۾ تڪڙو ڊوڙندو ويو ۽ چيائين: ”صاحبو! مان صوفيءَ جو مريد، مولويءَ جو شاگرد ۽ سپاهيءَ جي رعيت آهيان. انهن جيڪي ڪيو ۽ ڪن ٿا سو جڳائي، پر هن بي مروت باڪريءَ ڇو ظلم ۽ لُٽَ جو هٿ، منهنجي باغ ۾ ڊگهو ڪيو آهي؟ ڇا سندس قرض منهنجي ذمي آهي جو مون نه ڏنو آهي؟“ ائين چيائين ۽ بقال کي بنا سانگي ڊڙي رکيائين.
    يارن پنهنجي نفع جي خيال ۾ سندس همراهيءَ ۽ مدد کان هٿ روڪيو، تان جو سندس هٿ ۽ پير ٻڌي ڪنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيائينس.
    ان کان پوءِ سپاهيءَ ڏي منهن ڪري چيائين: ”درويش منهنجو مرشد (گرو) آهي ۽ مولوي منهنجو استاد. اي بي حيا! تو کي ڪهڙي طاقت جو موڪل کان سواءِ اندر اچي ميوا ٿو پٽين؟ ڇا ڪورٽ جي مال مان ڪو دينار منهنجي ذمي رهيل آهي؟“ ائين چيائين ۽ لٺ ڌُڪي سان ان جي خوب ڇنڇري لاٿائين. سندس ٻئي هٿ ڪلهن سان ٻڌي، باڪريءَ جي ڀر ۾ اڇلائي ڇڏيائين.
    ان کان پوءِ مولوي ڏي منهن ڪري چيائين؛ ”ڪهڙي ڪتاب ۽ قانون موجب پرائو مال، پاڻ لاءِ حلال ڪيو اٿئي؟ اگرچ هن درويش وانگر محتاج ڪو نه آهين، جو منهنجي ملڪيت تي ڪو حق هجيئي.“ ائين چئي ساڻس اٽڪي پيو.
    مولويءَ دانهن ڪئي؛ ”اي ڀاءُ! جيڪڏهن منڍ کان وٺي باڪريءَ ۽ سپاهيءَ جي مدد ڪريون ها ته ڳالھ ايتريءَ حد کي نه پهچي ها. هاڻي ته اڃا وقت آهي ۽ باقي وجھ هٿان نه ويو آهي، هلي آءُ! (۽) منهنجي مدد ڪر، تان تون خود مبتلا نه ٿين.“
    درويش انهيءَ خيال سانگي ته؛ حقيقت ۾ باغائيءَ کي ساڻس ڪا حاجت ڪانهي، مولويءَ جي ڳالھ نه ٻڌي، تان جو فقيہ کي پڻ نوڙيءَ سان ٻڌي گرفتار ڪيائين.
    انهيءَ وقت دل جي فراغت سان صوفيءَ جي سزا ۾ مشغول ٿيو. کيس خوب ڇنڊ ڪڍيائين ۽ چيائينس: ”جيستائين انهن ميون جو ملھ ادا نه ٿيندم، تيسين اوهان مان ڪنهن ھڪ جو به ڇوٽڪارو ممڪن ناهي.“
    صوفيءَ ويچاري پنهنجو پٽڪو ڳھ رکي، جند ڇڏائي ۽ هو ٽئي ڄڻا پڻ واجب قيمت ادا ڪري آزاد ٿيا.
    مطلب: ۱. جنهن وقت دعويٰ ڪندڙ جي گفتار سان نفاق جو دونهون، يارن جي دماغ ۾ ويڙها ڏيندو آهي، تنهن وقت ان مان هر هڪ، بلا ۾ گرفتار ٿيندو آھي، تنهنڪري هرگز دشمن جي چوڻ تي اعتبار نه ڪرڻ گهرجي ۽ اتفاق جو ڌاڳو نه وڍڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هزارين خرابين جو سبب ٿيندو.
    ۲. ڀيٽيو؛ ٻڌيءَ ۾ طاقت آهي.

    214. نفعي جي ڳالھ، بيمار کي به چاق ڪري. (پھاڪو)
    هڪڙي همراه کي رستي ويندي ٿاٻو آيو ته سنئينءَ چوٽيءَ وڃي ڪِريو ۽ ڏندڻجي ويو. ماڻھو مٿس مڙي ويا. ڪنهن پير مهٽيس ته ڪنهن تريون. ڪنهن لوندڙين کي پئي مهٽيس ته ڪنهن پُٺن کي. ڪنهن چيو: ”ڊاڪٽر ڏي کڻي هلوس!“
    ”اڙي! فلاڻي ستي ڏيوس!“ ٻئي چيو.
    ”فلاڻي ستي نه. فلاڻي ڦڪي هڪ هڪاڻ اٿس!“ ڪنهن چيو.
    ”گوري ڪا هجي ته اها ڏيوس!“
    ”گوريءَ کان ڊاڪٽر سئي هڻندس ته ڄڻ مِنهن ڪيائين.“
    ”اڙي ڪمزوريءَ کان نه ڪريو آهي. مغز تي گيس چڙهي اٿس. ان کان ڪريو آهي.“
    ”گيس کان گيھ جو ڍڪ پياريوس.“
    ”اڙي تيل جي تري هڻوس. مغز خالي ٿي ويو اٿس.“
    جيترا وات اوتريون ڳاليهون هيون. ايتري ۾ ڪريل همراھ، گيھ واري ڳالھ ڪرڻ واري همراھ ڏانهن آڱر جو اشارو ڪري چيو: ”هن جي به ته ڳالھ ٻڌو!“
    مطلب: ۱. هر ڪنهن کي پنهنجي مطلب جي ڳالھ جلد سمجھ ۾ ايندي آهي. (۵۳)

    215. نقصان جنهن جو ٿئي، پڇا ڳاڇا به ان کان ٿئي. (پھاڪو)
    هڪڙي واپاريءَ کي ڪنھن واپار ۾، هزارين روپين جو گهاٽو پيو ته پنهنجي پٽ کي نصيحت ڪندي چيائين؛ ”پنهنجي نقصان جي ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍجانءِ.“
    ”بلڪل!“ پٽهنس دلداري ڏيندي چيس؛ ”مان ڪنهن سان به واپار ۾ ٽوٽ جي ٻاٻور نه ڪڍندس، پر بابا! اها ڳالھ ڇٻٽ ڪرڻ ۾ ڪهڙو فائدو آهي؟!“
    ”پٽ! جيڪو نقصان پوڻو هيو سو ته پيو.“ پٽ کي نصيحت ڪندي ورندي ڏنائين؛ ”ماڻهن کي ٻڌائي، وري انهن جون ڳالهيون به ويٺا ٻڌون. هاڻي هڪڙي مصيبت آهي، پوءِ ڦري ٿينديون ٻه، تنهنڪري ٻين کي ٻڌائڻ کان ماٺ اٿئي ڀلي!“
    مطلب: ١. نقصان جي ڳالھ، ٻين سان نه ڪجي.
    ٢. ڪتو به ان کي کائي، ڦٺ ڦٺ به ان کي ٿئي. (۸) ص ۶۱

    216. نه ڪنهن کي عقل منجهايو آ،
    نه ڪنهن کي سونهن سڪايو آ. (چوڻي)
    هڪ دفعي هڪڙيون ڏيڏرون درياءَ مان نڪري، هڪڙي دُٻي ۾ پئي تڙڳيون. تڙڳندي تڙڳندي، پنهنجي پاڻ کي ساراهڻ لڳيون.
    هڪڙيءَ ڏيڏريءَ ٻيءَ کي چيو؛ ”ڏسين ٿي؛ پاڻ ڪيئن نه هُتان کان هِت ۽ هِتان کان هُتِ، پنهنجي عقل جي زور تي اچئون وڃئون ۽ گهمئون ڦرئون پيون. ائين ڪا ٻي مخلوق ڪري سگهندي؟!“
    ”نه ادي ٻين ۾ اهڙو عقل ڪٿان!“ ٻيءَ ڏيڏريءَ، پهرينءَ جي موٽ ۾ چيو؛ ”ٻين ۾ عقل ته ڇا، اسان جيترو حسن به ناهي.“
    ”ائي ادي سچ ٿي چوين!“ پهرينءَ وٽ وراڻ ڪندي چيس؛ ”اسان جهڙو ديسن ۾ حسين ڪو نه ٿيندو.“
    مطلب: ١. ڪانءَ کي پنھنجو ٻچو ئي سهڻو نظر ايندو آهي.
    ٢. هر ڪو پاڻ کي وڏو عاقل ۽ وڏو سهڻو پيو سمجهندو آهي. (۳) ص ۱۹۹

    217. نيڪي ڪر، درياھ ۾ اُڇل. (اردو، چوڻي)
    هڪڙي ملڪ ۾ هڪڙو ڌاڙيل رهندو هيو، جيڪو ڏينهن جو مزدوري ڪندو هئو ۽ رات جو مسافرن ۽ راھ ويندن کي ڦريندو هيو. سندس روز جو ھڪڙو معمول هيو؛ ٻه مانيون درياه ۾ اڇليندو هيو ۽ سمجهندو هيو ته اهو ڪم خدا واسطي پيو ڪيان.
    گهڻو وقت اهو عمل ڪيائين. ھلندي ھلندي ڏاڍو بيمار ٿي پيو. انهيءَ بيماريءَ ۾ هڪ ڏينهن بيهوشيءَ جو دورو پيس. ان ۾ کيس ڏيکاري آئي. ڏٺائين ته هڪڙو ماڻهو کيس دوزخ ۾ پيو وجهڻ جي ڪري. وري ڏٺائين، اتي ٻه ملائڪ سڳورا اچي ويا، جن ان همراھ کي ٻانهن مان جهلي چيو؛ ”هيءُ دوزخي ناهي پر جنتي آهي.“
    کيس ڇڏائي جڏهن جنت ڏانهن ويا پئي ته رستي تي هڪڙو بزرگ اچي ملين. جنهن چين؛ ”توهان غلطيءَ ۾ هن کي وٺي آيا آهيو. هن جي عمر ته اڃا ٻه سال دنيا ۾ رھڻ جي آهي. کيس واپس ڇڏي اچو ۽ ٻئي کي وٺي اچو، جيڪو هن جو نالي ڀائي آهي.“
    ٻنهي فرشتن، کيس واپس ڇڏيندي چيو؛ ”اسان تنهنجون ٻه مانيون آهيون، جيڪي درياھ ۾ اڇليندو هئين.“
    جڏهن اهو ڌاڙيل هوش ۾ آيو ته خدا تعاليٰ کان گناهن جي معافي ورتائين. آئندھ ڦرلٽ واري ڌنڌي کان پڻ توبہ تائب ٿيو.
    ٻئي ڏينهن، جيئن ئي درياھ ۾ ٻه مانيون اڇلايائين تيئن پاڻيءَ مان سؤ دينار ڪناري تي اچي پيا. جيڪي کڻي اچي غريبن، مسڪينن ۽ مسافرن ۾ ورهايائين. هاڻي سندس روز جو اهو معمول ٿي پيو. سندس زندگيءَ جا باقي ٻه سال ائين ئي گذريا.
    مطلب: ۱. نيڪي، خلوص نيت سان ڪجي ته دنيا ۽ آخرت جو فائدو ملي ٿو. (۸) ص ۶۰

    218. نيڪيءَ جو بدلو، برائيءَ ۾ نه ڏجي. (چوڻي)
    هڪڙو گهوڙي سوار، جهنگ مان پئي ويو ته دانهون ڪوڪون ٻڌڻ ۾ آيس. ان طرف وڃي ڏسي ته هڪڙي وڻ کي باهه لڳل آهي، جنهن جي ڏار تي هڪڙو نانگ ويٺو آهي، جو باهه جي ڄَرَ کان دل ڦُٽُيون دانهون پيو ڪري. گهوڙي سوار کي رحم آيو. هَني مان خرزين ڪڍي، لڪڻ جي ڇيڙي ۾ وجهي، نانگ جي ويجهو ڪيائين. نانگ هڪدم ٽپو ڏيئي، خرزين ۾ گهڙي ويو. نانگ کي، خرزين مان ٻاهر ڪڍي چيائين؛ ”جيڏانهن جو آهين، تيڏانهن هليو وڃ.“
    ”گهر ڪنهن جا ٿو پڇين؟ تو کي ۽ تنهنجي گهوڙي کي، اجهو ٿو پورو ڪريان!“ نانگ هڪل ڪري چيس؛ ”تو کي خبر ناهي ته مان، انسان جو دشمن آهيان ۽ تو وري دشمن سان ڀلائي ڪئي آهي!“
    ”جيڪڏهن اهو ثابت ڪري ڏيکاريندين ته نيڪيءَ جو بدلو، برائيءَ ۾ آهي ته،“ گهوڙي سوار چيس؛ ”پوءِ تو کي سڀ ڪجهه مباح آهي.“
    اڃا انهيءَ رَدَ ڪَدَ ۾ هئا ته اتان مينهن لانگهائو ٿي. نانگ، کانئس پڇيو؛ ”چڱائيءَ جو بدلو ڇا آهي؟“
    ”مان جڏهن ڦر ۽ کير ڏيندي هيس، تڏهن مالڪ خوش هو،“ مينهن وراڻيس؛ ”پر جڏهن پوڙهي ٿيس، تڏهن مون واري نيڪي، کانئس وسري ويئي. هينئر ڪاسائيءَ جي حوالي ڪيو اٿس. ڇا، اهو نيڪيءَ جو بدلو، بُرائيءَ ۾ نه آهي؟“
    ”ھاڻي ٻڌاءِ!؟“ نانگ خوشيءَ وچان ڪَرَ کڻي، سوار کي چيو.
    ”ڪا ٻي ثابتي به ڏي.“ سوار اڃا وڌيڪ دليل جي تقاضا ڪندي چيس.
    نانگ ڀر سان بيٺل وڻ کان پڇيو؛ ”نيڪيءَ جو بدلو ڇا ۾ آهي؟“
    ”برائيءَ ۾.“ وڻ دليل جي طور، مثال ڏيندي چيس؛ ”جڏهن قافلن وارا اچن، تڏهن منهنجي ڇانءَ ۾ آسائش ڪن. جڏهن وڃن، تڏهن منهنجون سنھيون ٽاريون ڪپي، اُٺن کي کارائين ۽ ٿُلهين ٽارين مان، لَٺيون ۽ داسا ٺاهين. ڇا، اهو نيڪيءَ جو بدلو، برائيءَ ۾ نه آهي؟“
    ”هينئر سر تان اَهو کڻين ٿو يا ٻي ڪا ثابتي گهرجيئي؟“ نانگ سوار کي دَڙٻاٽيندي چيو.
    ”مذهبي قانون مطابق؛ ٻن جي شاهدي جائز نه آهي،“ سوار، اڃا پنھنجي بچاءَ جي واٽ ڳولڻ جي ارادي سان کانئس وڌيڪ دليل گھرندي چيو؛ ”بلڪ ٽيون شاهد لازمي آهي.“
    لومڙ، اتي بيٺو ھيو، جنهن سمورو لقاءُ پئي ڏٺو. نانگ کانئس پڇيو؛ ”تون ڪر خبر! نيڪيءَ جو بدلو ڇا ۾ ڏبو؟“
    ”ائين برابر آهي ته نيڪيءَ جو بدلو بُرائيءَ ۾ آهي،“ لومڙ، ڳالھ جي تھ تائين پھچڻ لاءِ وضاحت طلب ڪندي چيس؛ ”پر ڪم از ڪم، مون کي حقيقت کان، آگاهه ته ڪريو.“
    سوار، لومڙ کي سارو قصو ڪري ٻڌايو.
    ”سوار، جيڪو ڪجهه چيو آھي،“ لومڙ، نانگ کان تصديق ڪرڻ خاطر سوال پڇيو؛ ”اھو ٺيڪ آهي؟“
    ”ها ها، سورنهن آنا سچ آهي،“ نانگ ثبوت ڏيندي چيس؛ ”هيءَ اها خرزين آهي، جنهن مان مون کي ٻاهر ڪڍيو هئائين.“
    ”اها ڳالهه، مون کي ته وِسهَڻَ ۾ ئي نٿي اچي ته،“ لومڙ، مٿس ويساھ نه ڪرڻ جي انداز ۾ جرح ڪندي چيو؛ ”تو جهڙو، هيڏو سارو، پربت جيڏو، ههڙيءَ ننڍڙيءَ خرزين ۾، ماپي ويندو!؟“
    ”جيڪڏهن ماپي وڃان ته پوءِ؟“ نانگ ضد پوندي چيس.
    ”پوءِ،“ لومڙ، ڳالھ کٽائيندي، جھڳڙي جو انت ٻڌايس؛ ”فيصلو تنهنجي حق ۾.“
    ”ھاڻي ٿو ڪري ڏيکاريانءِ!“ نانگ ويڙهجي سيڙهجي، خرزين ۾ گهڙندي چيس؛ ”اکيون ڦاڙي ڏسجانءِ، ان کان پوءِ بحث نه ڪجانءِ!“
    جڏھن نانگ پوريءَ طرح خرزين ۾ اندر گھڙي ويو ته لومڙ، سوار کي رڙ ڪري چيو؛ ”وارو ڪر! خرزين جو منهن بند ڪر! جڏهن به دشمن وَڪڙَ ۾ اچي، تڏهن وجهه نه وڃائجي.“
    سوار، ڳالهه جو سُرُ سَهِي ڪري ويو ۽ هڪدم خرزين جو مُنهن بند ڪري، مٿي کڻي، زور سان زمين تي سٽيائينس. اهڙيءَ طرح، ٻه چار دفعا هنيائينس ته نانگ مري ويو.
    مطلب: ۱. دشمن کان هميشه ڪَو ڪجي، ڇاڪاڻ ته بڇڙي مان ڀلائيءَ جي اميد رکڻ اجائي آهي.
    ۲. بُل ملي، بُل ڇڏي، سو بُل جو پٽ.
    ۳. جيڪڏهن دشمن وجهه ۾ اچي ته وارو نه وڃائجي. (۵) ص ۱۲۷

    219. نيم طبيب، خطرھ جان. (پهاڪو)
    هڪڙي ڄٽ کي طبابت سکڻ ۽ منجهانئس مال ميڙڻ جو جوش جاڳيو. کيس نه ڪجھ آيو پئي ۽ نه ئي وري سکڻ جو منجهس لُلُ هيو. تڏهن ڪنهن ڏاهي حڪيم وٽ اچي پيٽ تي نوڪر ٿي بيٺو. هڪ ڏينهن هڪڙو جت بيمار اٺ ڪاهي آيو، جيڪو ڪمزور به هيو ۽ رڙيو به پئي. حڪيم اٺ کي جاچي تپاسي سهي ڪيو ته اٺ جي نڙيءَ ۾ ڪا شيءِ ڦاٿل آهي، جنهن سببان کيس نڙيءَ ۾ سور ۽ بخار آهي. نه کائي ٿو نه جِوريس ٿو، رڳو رڙي ٿو.
    ”ڏي خبر؟!“ ڏاهي طبيب، اٺ کي جاچڻ بعد، جت کان پڇيو؛ ”اٺ متان گدرن ۽ متيرن جون وليون ته ڪين چنيون آهن؟“
    ”بيشڪ!“ جت، حڪيم کي ٻڌايو؛ ”اٺ گدرن جون وليون چنيون آهن ۽ ان کان پوءِ ئي بيمار ٿي ويو آهي.“
    تڏهن حڪيم اندازو لڳايو ته؛ ڪا اڻ پڪل گدري، سڄي جو سڄي، بنا ڏاٺ ڏيڻ جي اٺ ڳڙڪائي ويو آهي. جيڪا نڙِگهٽ ۾ وڃي اٽڪي اٿس. نه هيٺ ٿئي ٿي ۽ نه مٿي ٿي اچيس. مغز ويڙهائي، اٺ جي ڳچيءَ تي، اندازو ڪري، ٻنهي هٿن سان مڪون ٺاهي هنيائين ته نڙيءَ ۾ ڦاٿل پتو ڦسي پيو. مٿان وري پاڻيءَ جهڙي ڏوڌي ڏوڪرايائينس ته اٺ هلڻ چلڻ جهڙو ٿي پيو.
    ڄٽ اهو لقاءُ ڏٺو ته دل ۾ چيائين؛ اها حڪمت/طبابت آهي ته پوءِ تمام سولي آهي. اهو خيال دل ۾ ٽلي اتان نڪتو ۽ هڪ ڳوٺ ۾ اچي، طبابت جو هوڪو ڏنائين. اتي هڪ ڪراڙي عورت بيمار هئي. کيس بيماري ته الائي ڪهڙي ھئي، پر ھن سندس وارثن کان ولين چنڻ وارا سوال پڇيا. انهن نھڪر ڪيس ته کين چيائين؛ ”جيستائين اوهان اهو نه باسيندؤ ته هن گدرن جي ول نه چني آهي ته مان علاج نه ڪندس.“
    بيزار وارثن، کيس خوش ڪرڻ لاءِ کڻي ها ڪئي، جنهن تي هن به نه ڪئي هَمَ نه تَمَ، ٺوڪي ڪراڙيءَ جي نڙيءَ تي مڪون هڻي کيس ماري وڌائين. پاڻي پهچڻ جيتري مهلت به نه ڏنائينس.
    مطلب: ۱. نيم ملا، خطره ايمان.
    ۲. علم گر بر تن زني، ماري بود،
    علم گر بر دل زني، ياري بود. (فارسي)
    ۳. علم اگر تن تي ھوندئي ته تو لاءِ واسينگ آھي، علم اگر دل تي ھوندئي ته تو لاءِ سنگتي آھي.
    ۴. ڀيٽيو؛ اڌ-سکي وديا؛ يا ماري، يا کاري. (۶) ص ۹


    [ و ]

    220. واڇان، نوڙي کڻي هلي ڇيڻن کي،
    چي؛ ”ٻجهو ته ٻجهو، نه ته مور نه ٻجهو.“ (پھاڪو)
    واڇان نالي هڪ چري مائي، پاڻي پيئندي هئي پرڻ ۾ ۽ ڇيڻا ٻڌندي هئي نوڙيءَ سان. هڪڙي ڏينهن ڇيڻن جي ڀريءَ کي، نوڙيءَ ۾ ويڙهي، جيئن ڳنڍ ڇڪيائين ته ڇيڻا نوڙيءَ مان نڪري ويا. ٻه چار ڀيرا ٻڌڻ جي ڪوشش ڪيائين پر ڇيڻا نه ٻڌي سگهي. ڪڪ ٿي ڇيڻن کي چيائين؛ ”ٻجهو ته ٻجهو نه ته مور نه ٻجهو!“
    مطلب: ۱. چريون ڏئي چار، واڇان ورتي هڪڙي، سا به چرين جي قطار. (ساهتي)
    ۲. چريون ڏئي چار، ورتي واڇان، سا به چرين جي قطار.
    ۳. چريا ڏئي چار، واڇان وٺجي هڪڙي. (۲) ص ۳۶

    221. واڙيءَ ٻارنهن، هٽ اٺارنهن، گهر ويٺي چوويھ. (پھاڪو)
    هڪڙو ماڻھو، واڙيءَ ۾ انب/واڱڻ چڪائڻ ويو. باغائين/آرائين/وکرين کان انبن/واڱڻن جو اگهه پڇيائين. جن چيس؛ ”پئسي جا ٻارهن!“
    اتي مھانگا ڀانئي، بازار ۾ ويو. اتي وڃي ھر هٽ تان پڇيائين. خبر پيس ته بازار منجھ؛ ”پئسي جا ارڙهن آھن.“
    اهي به مھانگا لڳس. ماٺ ڪري گھر موٽي آيو. ڪنھن مھل گهورڙيي سندس گھٽيءَ ۾ اچي ھوڪو ڏنو. کانئس پئسي جا انب/واڱڻ گھريائين. جنھن چيس؛ ”پئسي جا چوويھ.“
    ”عجب آھي؛“ گھر ۾ چوويھه انب/واڱڻ ڳڻي، ٽھڪ ڏيندي چيائين؛ ”واڙيءَ ٻارنهن، هٽ اٺارنهن، گهر ويٺي چوويھ.“
    مطلب:۱. گهر ويٺي ڪا شيءِ وڪامڻ ايندي ته سستي ملندي پر اها ساڳي، اگر پنھنجيءَ خوشيءَ، ڪٿان وڃي ڳنھبي ته مھانگي ملندي.
    ۲. باري مين باره آم، هٽي ۾ اٺاره آم. (هندي)
    ۳. ڀيٽيو: کنئينءَ وٿ جو، ملھه ڪونھي. (۲) ص، (۳) ص ۽ (۵) ص ۱۱۳

    222. وڇون آهي ننڍڙو، پر وھ جو آهي ڳنڍڙو. (چوڻي/ پھاڪو)
    وچ بازار ۾ وِڇون کپائيندڙ شخص کان ڪنهن پڇيو؛ ”اگھ ڪيترو؟!“
    ”پنجاه روپيا في داڻو.“
    گراهڪ ڪافي دير تائين جُوھ وجهي، سمورا وڇون ڏسندو رهيو.
    ”هن جا ڪيترا؟“ هڪڙي ننڍڙي وڇونءَ ڏانهن اشارو ڪندي، وڪڻندڙ کان پڇيائين.
    ”انهيءَ جا به پنجاه!“
    ”پر هي ته ننڍڙو آهي.“
    ”آڱر رکي ڏسينس ته خبر پئجي ويندئي ته...“ وڪڻندڙ سمجهائيندي چيس؛ ”وڇون آهي ننڍڙو، پر وھ جو آھي ڳنڍڙو.“
    مطلب: ١. منافق نه ڄاڻ ننڍڙو، پر سمجھ وِھَ جو ڳنڍڙو.
    ٢. زبان نه ڄاڻ ننڍڙي، پر آهي وِھَ جي ڳنڍڙي. (۵۴) ص ۳۶

    223. وڏن کي، وڏا ڏک. (چوڻي)
    هڪڙو فقير، نصيب جي زور تي امير ۽ هڪڙي علائقي جو راجا ٿي پيو. فقير هيو ته، فقط پيٽ جي ڳڻتي هيس. امير ۽ راجا ٿيو ته راڄ ۽ رعيت جي اهنجن ۽ مسئلن جي ڳڻتي ٿيس.
    فقيريءَ واري دور جو ھڪڙو جھونو دوست ھيس، جيڪو اڃا فقير هيو. ان کي، هن جي راجا ٿيڻ جي سُڌِ پئي. ساڻس ملڻ لاءِ آيو ۽ بخت بالا ٿيڻ ۽ شانَ مانَ جي مبارڪ ڏنائينس.
    ”تون مون سان عذرخواهي ڪر!“ راجا فقير کي چيو.
    ”ڌڻيءَ جي ڏني تي ڇو ارهو ٿيو آهين!“ فقير چيس.
    ”اهو انهيءَ لاءِ ته؛“ راجا ورندي ڏنيس؛ ”اڳي هڪ مانيءَ جي ڳڻتي هيم، هاڻي جڳ جهان جو ڏک مون کي آهي.“
    مطلب: ١. جيڏا اٺ، تيڏا لوڏا. (۳) ص ۸۰

    224. وڏو بيوقوف اهو آهي، جو سڀاڻي جي ڳڻتي نه ڪري. (چوڻي)
    هڪڙي امير، پنهنجي مسخري نوڪر کي هڪ لٺ ڏيندي چيو؛ ”پاڻ کان وڏو بيوقوف ڏسين ته کيس ڏجانءِ، نه ته پاڻ وٽ ئي بيوقوف هئڻ جي نشانيءَ طور رکجانءِ!“
    مسخري لٺ وٺي، پاڻ وٽ سنڀالي رکي.
    ڳچ وقت گذرڻ پڄاڻان، امير کي ڪا ڳجھي بيماري اچي لڳي. ان جي لنجهڻ ۾ مرڻ جهڙو ٿي پيو. مسخري نوڪر ٻڌو ته کانئس پڇڻ لاءِ، وٽس ويو.
    ”هاڻي!“ امير مسخري کي ڏسندي چيو؛ ”اسان جي موڪلاڻي!“
    ”ڪيڏانهن روانگي آهي؟!“ مشڪري، مسخرائپ واري انداز ۾ سوال پڇيس.
    ”پرلوڪ ڏانهن!“ بيمار بادشاھ، جھيڻي آواز ۾ سڏ ورنايس.
    ”واپسي ڪڏهن ٿيندي؟!“ مسخري پڪي لهجي ۾ پڇيس؛ ”مهيني کن ۾ موٽندؤ!“
    ”نه!“ بادشاھ، ھٿ جي اشاري سان انڪار ڪيس.
    ”ڀلا ٻارنهن مهينن کان پوءِ!“
    ”نه!“ امير ڪنجهندي ۽ ڪرڪندي چيس؛ ”اوڏانهن کان ڪير موٽيو آهي جو مان موٽندس!“
    ”تڏهن ڀلا!“ مسخري پڪو ٿيندي پڇيس؛ ”اوڏانهن وڃڻ لاءِ ڪا تياري ڪئي اٿو؟!“
    ”اوڏانھن لاءِ!“ امير اٻاڻڪائيءَ مان ٻڌايس؛ ”تياري ته ڪا نه ڪئي اٿم!“
    انهيءَ جملي تي مسخري نوڪر، کيس ساڳي ڏنل لٺ، موٽائي ڏيندي چيو؛ ”پوءِ هيءَ وٺو! ڪم ايندوَ!“
    ”پر مون ته توکي چيو هيو ته پاڻ کان ڪنهن وڏي بيوقوف کي ڏجان!“ امير ڪُڻڪندي چيس؛ ”مون سان آخر ۾ ڪهڙي مذاق پيو ڪرين!“
    ”مان ڪو وڏو بيوقوف آهيان ڇا؟“ مسخري وضاحت ڪندي چيس؛ ”وڏو بيوقوف اهو آهي جيڪو سڀاڻي جي ڳڻتي نه ڪري! هميشه ٻئي هنڌ رهڻ لاءِ وڃو ٿا پر تياري ذري جي نه اٿوَ!“
    مطلب: ۱. اڄ جو ڪم، سڀاڻي تي نه رکجي.
    ٢. سڀاڻي لاءِ، هميشه تياري ڪرڻ گهرجي. (۶) ص ۵۲

    225. ونڊي ورهائي کنيل ڪم، جلد نبري ٿو. (چوڻي)
    هڪڙي مائيءَ جو مڙس مري ويو ته پار ڪڍي روئڻ لڳي: ”هاءِ ڙي! او فلاڻي هاريءَ ڏي ٻج جا پئسا آهن. هاڻي ڪير وٺي ايندو!“
    ”ڀاڄائي! دلگير نه ٿي. مان جو ويٺو آهيان. مان پاڻهئي وٺي ايندس.“ ڏيرهنس آٿت ڏيندي چيس.
    ”او فلاڻي بٽئيءَ جو ان فلاڻي ڀلاوڻي کي ڏنو هئوسين. انهيءَ جا پئسا ڪير اڳاڙي ايندو!“
    ”ڀاڄائي تون ڇو ٿي پاڻ کي ڳارين! مان ويٺو آهيان نه!“
    ”او فلاڻي ڪپڙي واري دڪاندار جا اسان ڏي پئسا آھن. سي ھاڻي ڪير ڀريندو؟“
    ”ڀائيٽا! تون به ڳالهاءِ ڪن رڳو مان ويٺو ڳالهائيندس!“ ڏيرهنس، مائيءَ جي پٽ ڏانهن رخ ڪندي چيو: ”ڪجھ ڪمن ڪرڻ لاءِ تون به هام هڻ.“
    مطلب: ۱. سڻڀا ڪم ڪرڻ لاءِ هر ڪو تيار آهي. اڻڀي ڪم کي هٿ لائڻ لاءِ ڪير به تيار ناهي.

    226. وڻ جي جنھن ٽاريءَ تي ويهجي، تنهن کي نه وڍجي. (پهاڪو)
    هڪڙو مورک، گهاٽي ۽ خوفناڪ جهنگ مان لنگهيو پئي ته پنهنجي دفاع لاءِ ڪهاڙي به ساڻ کنيائين. اڳتي هليو مس ته ڪن تي شينهن جي گجگوڙ جو آواز پيس. ڊپ ۾ يڪدم ڀر واري گهاٽي وڻ تي نولوءَ وانگر چڙهي ويو.
    شينهن پري کان گوڙ ڏني هئي، سو ته هن ڏانهن نه آيو ۽ نه وڻ وٽان لنگهيو. ٿوري جهٽ مٿي ترسڻ کان پوءِ، مورک کي من ۾ آيو ته وڻ ڏاڍو سهڻو آهي، جيڪر ان جون ڪاٺيون ڪپي، وڪڻي وڃي گذر ڪيان.
    ٻيون ٽاريون ته ڪپيائين؛ آخر ۾ اهو ڏار به ڪپيائين جنهن تي پاڻ چڙهيو ويٺو هيو. ڏار وڍجڻ سان، پاڻ به ڏار سميت اچي پٽ تي پيو.
    مطلب: ۱. روزگار جي هٽيءَ کي، هٿ سان زيان نه ڪجي.
    ٢. ٻڪري جنهن وڻ سان ٻجهي، سو وڻ چري.
    ۳. جنھن وڻ جي ڇانءَ ۾ آساس وٺجي، تنھن جو به خير گھرجي. (۲۱) ص ۳۹

    227. وڻي نه وڻي، وچئون گرھ کڻي. (چوڻي)
    هڪڙي اوطاق منجھ، چئن يارڙن پاڻ ۾صلاح ڪئي ته؛ ھر ڪو پنھنجي پنھنجي گھرئون ماني آڻي ته گڏجي کائون. جڏھن سڀني گھرن مان سادڙي سودڙي ماني پھتي ته چار ئي ڄڻا گڏجي ويٺا کائڻ.
    اوچتو هڪڙو اينٿري قسم جو اڍنگو ڳوٺاڻو اوطاق منجھ لنگهي آيو، جنهن جو اچڻ کين نه وڻيو. تنھن ھوندي به رسم ريت پٽ-اندر ماني کائڻ لاءِ لُنڊي صلاح ڪيائونس؛ ”ادا، اچي ماني کاءُ!“
    ھو به بدعادتو ھيو. ڪنھن جي اوبر مان مڙڻ وارو نه ھيو. تنھن به نه ڪئي هَم نه تَم، بنا هٿ ڌوئڻ جي کپي ويو. ھٿ مانيءَ تي نه پئي پڳس ته به ڀر واري جي ڪلھي تان ٽپائي، وچ مانيءَ مان اڻ کاڌل جاءِ تان کوٽي کائڻ لڳو.
    ويهڻ لاءِ جاءِ سوڙهي هئي، تنهن ھوندي به سوڙھ ڪري، ڪنھن جي ڪلھي مٿان ٽيڪ ڏئي ھجائتن وانگر گرھ ڦڪڻ لڳو. ھڪڙي ڀر واري ھمراھ سندس ٽيڪ جو بار نه برداشت ڪندي، ٿورڙو ٿيلھڙو به ڏنس جو پوئتي وڃي ڪريو.
    پاڻ سنڀالي پڇيائين؛ ”مان ڪاٿي ويھان؟ ڏاڍي سوڙھ ڪيو ويٺا آھي. ڪا جاءِ ڏيو ته ٺھي ويھان.“
    ”ادا چڙهي ويهه اسان جي ڄڀ تي، جا چوڻ کان نٿي رهي.“ ھڪڙي ھمراھ، اندر جو اٻڙڪ ڪڍندي چيس.
    مطلب: ۱. سڄڻ ڏئي سڄي ٻانھن، سڄي نه ڳيھجي. (۳)

    228. ويَل ويل هٿ نه ايندي! (چوڻي)
    ھڪڙو شخص سمنڊ ڪناري سان ويو پئي، جو هڪ ڳوٿري لڌائين. کولي ڏسي ته پٿر پيا آهن. ڀانيو هيائين ته مهرون آهن! ڪينا پکي، جي سمنڊ ۾ پئي تريا ۽ لامارا پئي ڏنائون، سو سندس ڌيان وڃي انهن ۾ کتو. اهي اڇا اڇا پکي، ڏسي دل پئي ٽڙيس. ڳوٿري، جا هٿ ۾ هيس، سا به وسري ويس. جيئن هلندو پي ويو، تيئن بيخيالو اهي پٿر هڪٻئي پٺيان ويو سمنڊ جي لهرن ۾ اڇليندو. باقي هڪڙو پھڻ اچي بچيو هو. اهو کڻي جاچي ڏسي ته هيرو نڪري پيو. اتي ڏاڍا جڪ کائڻ ۽ ارمان ڪرڻ لڳو ته ڪهڙو نه بي عقل چئبس جو هيترا سارا هيرا کڻي پاڻيءَ ۾ اڇليم!
    ٻئي ڏينھن صبح جو اٿڻ سان ڊوڙندو ويو سمنڊ ڏانهن. هيرا ھڪ دفعو ھٿان ويا، سي وري هٿ اچڻ جا نه هئا. سمنڊ ۾ لُڙهي ويا. ھڪ به ھٿ نه آيس. تڏھن ھڪڙي جي بَچي پوڻ تي ڌڻيءَ در شڪرانا ادا ڪرڻ لڳو.
    مطلب: ۱. ھر ڏينھن ھيري وانگر قيمتي آھي، اھو بيخياليءَ سان نه وڃائڻ گھرجي.
    ۲. پاڻ کي ڪنھن ڪارائتي ڪم ۾ رڌل رکڻ گھرجي. (۳۱) ص ۳۰۰ کان ص ۳۰۳


    [ هه ]

    229. هٿ جي ڪنگڻ لاءِ، ڪهڙي آرسي. (پھاڪو)
    هڪڙو ماڻهو، حجام کان مٿو ڪوڙائڻ لاءِ سندس ٺيھي تي آيو. حجام کيس ڀڳل ڪرسيءَ تي ويھاري، ڪپڙو اوڍيو. اڳيان آئينو وغيرھ ٽنگيل نه ھيو. جڏھن حجم، مٿي تي پاڪي گھمائڻ شروع ڪئي ته وار، ڌڻيءَ جي ڪلھن ۽ ڪنڌ تي ڪرڻ لڳا. ڌڻيءَ کي ھورا کورا ٿي ته حجم کان پڇيائين؛ ”مٿي جا وار ڪارا آهن، يا اڇا؟“
    ”اڇا آھن يا ڪارا، تنھنجي اڳيان ٿا پوَن پيا.“ حجم ورندي ڏنيس؛ ”ڏسي وٺ! گھر ۾ به آئيني تي ڏٺل ھوندئي. تن لاءِ پڇڻ جو ڪهڙو کپ؟“
    مطلب: ۱. جيڪو ڪم، اکين اڳيان ھلي رھيو ھجي ۽ ظاھري طرح ڏسي به سگھجي، تنهن لاءِ ٻئي کان ڇو پڇجي؟ (۳)

    230. هر بيماريءَ جو علاج ساڳيو نه هوندو آهي. (چوڻي)
    هڪڙي ٻهراڙيءَ جي ٻڪرار جي ڪهاڙي، منجهند ڌارا اس ۾ پئي هئي، جنهن سبب تپي باھ ٿي وئي. ٻڪرار ڪم سانگي اچي کنيس ته ڪوسي هئي. سمجهيائين؛ ڪهاڙيءَ کي بخار ٿيو آهي، تنھنڪري ڪهاڙي کڻي، ڊوڙندو ڊاڪٽر وٽ پهتو ۽ عرض ڪيائينس؛ ”سائين! ڪهاڙيءَ کي بخار ٿيو آھي، جنھن جو علاج ڪيو!“
    طبيب کيس چرٻٽ سمجهي، ڪهاڙي پاڻيءَ ۾ ٺاري، واپس ڪئي ۽ چيائينس؛ ”هاڻي بخار لهي ويو اٿس.“
    ٻڪرار کي بخار جي سستي ۽ سولي علاج جي خبر پئجي وئي. سدائين ڪهاڙيءَ جي بخار جو علاج ائين ڪرڻ لڳو.
    هڪ ڏينهن سندس ماءُ کي بخار ٿي پيو. ان تي اهو ئي تير بھدف نسخو استعمال ڪيائين. چيلھ ۾ رسو وجهي، يڪدم ماءُ کي کوھ ۾ لاٿائين. کوھ ۾ غوطو کائڻ شرط ماڻس جو ساھ نڪري ويو. وات ڦاٽڻ سبب، ٻٽيهي ئي ٻاهر نڪري آيس. ماءُ جا چمڪندڙ ڏند ڏسي، چوڻ لڳو؛ ”ها! هاڻي کلين ٿي! بخار لهي ويو اٿئي، تڏهن خوش آهين.“
    جڏهن ماءُ کي ڇڪي کوھ مان ٻاهر ڪڍيائين، تڏهن خبر پيس ته ماڻس ته ڪڏھوڪو وڃي مالڪ کي پھتي آھي، تنھن تي ارمان کائيندي چوڻ لڳو؛ ”هر بيماريءَ جو علاج ساڳيو نه هوندو آهي.“
    مطلب: ۱. ڪهاڙيءَ جي بخار ۽ ماڻهوءَ جي بخار جي علاج ۾ فرق آهي.
    ۲. ھر ڪم، پنھنجي حساب سان ٿيندو آھي.

    231. هر ڪنهن وٽ پنهنجي معتبري اهم آهي. (چوڻي)
    هڪڙو چنڊول پکي، ڪانءَ جي آکيري تي قبضو ڪري ويهي رهيو. ڪانءَ ڏاڍيون منٿون ڪيس ۽ چيائينس؛ ”آکيرو منهنجو آهي“، پر چنڊول هڪ نه ٻڌس.
    نيٺ ٿڪجي ۽ ماندو ٿي ڪانءَ چيس؛ ”پکين جي بادشاھ کان ٿا فيصلو ڪرايون. جنهن کي هو آکيرو ڏياري، سو ئي مالڪ ٿئي.“
    چنڊول، انهيءَ فيصلي لاءِ آمادھ ٿي ويو.
    پکين جي بادشاھ وٽ پهچي، چنڊول چيو؛ ”آکيرو منهنجو آهي!“
    ”ها بلڪل،“ پکين جي بادشاه يڪدم سندس حق ۾ فيصلو ڏيندي چيو؛ ”آکيرو تنهنجو آهي.“
    ”توهان اهو فيصلو هڪ طرفو ٻڌڻ سان ئي ڏئي ڇڏيو“. چنڊول، بادشاھ کان سوال پڇندي چيو؛ ”ڪانءَ کان به توهان کي پڇڻ گهرجي ها“.
    ”تون سچ ڳالهائڻ جي ڪري مشهور آهين.“ پکين جي بادشاھ دليل ڏيندي، پنهنجي ڏنل فيصلي کي قائم رکندي، چيس؛ ”تون پَتِ ڪندين، آکيرو تنهنجو ئي سمجهي تو کي ڏنم ۽ ڪانءَ کي نه ٻڌم.“
    ڪانءُ فيصلو ٻڌي ڏاڍو ڦٿڙيو پر وريس ڪي ڪين. ٻئي پکين جي بادشاھ کان موڪلائي اڏاڻا هليا آيا.
    آکيري وٽ پهتا ته چنڊول ڪانءَ کي چيو؛ ”پنهنجو، آکيرو سنڀال مون کي نه کپي.“
    ”پر فيصلو تنهنجي حق ۾ ٿيو آهي ۽ هاڻي يڪدم ڇڏڻ لاءِ تيار آهين سو ڇو؟“ ڪانءَ حيران ٿيندي پڇيس.
    ”تنهنجو آکيرو تو کي نيبھ هجي.“ چنڊول دليل ڏيندي چيس؛ ”منهنجي لاءِ منهنجي معتبري ئي اهم آهي.“
    مطلب: ۱. عزت ۽ شرافت کي، مال ملڪيت مٿان فوقيت حاصل آھي.

    232. ھر ڪنھن کي دل گھري شيءِ وڻي ٿي. (چوڻي)
    هڪڙي هنڌ، ڪڻڪ ۽ ڀنگ جون ٻاريون، هڪ ٻئي جي ڀرسان پوکيل هيون. اوچتو برسات ڏاڍي ٿي، جنهنڪري ٻئي ٻاريون ٻڏڻ لڳيون. پوک جي ڌڻيءَ جي جوءِ، ٻنيءَ جو زيان ٿيندي ڏسي، ڪڻڪ جي ٻڏڻ جو ارمان کائي پار ڪڍي روئڻ لڳي ۽ آسمان کڻي مٿي تي کنيائين.
    هڪڙو موالي اوچتو اتان اچي لنگهيو، تنهن مائيءَ جي روئڻ جو سبب پڇيو.
    ”مائيءَ جي روئڻ پٽڻ جو سبب نقصان آھي،“ بيٺل ماڻھن منجھان ھڪڙي ٻڌايس؛ ”جيڪو کيس ڪڻڪ جي پوک ٻڏڻ سبب پيو آھي.“
    مواليءَ، ڪڻڪ جي پوک سان گڏ، ڀنگ جي ٻاريءَ کي ڏٺو، جيڪا پڻ ٻڏي چڪي ھئي.
    ”ھونھ ڀيڻان!“ موالي، مائي جي روئڻ پٽڻ تي چڙندي چيو؛ ”ڀنگان چيز ٻڏن، لنڊي رووي ڪڻڪ ڪُون.“
    مطلب: ۱. سڀ ڪنهن کي پنهنجي مطلب واري ڳالهه/ شيءِ وڻندي آھي، پوءِ اھا ڀلي ٻئي کي وڻي يا نه وڻي.

    233. هر ڪو پنهنجو نصيب کائي ٿو. (چوڻي)
    آڳاٽي دور ۾، هڪ وستيءَ اندر هڪڙو مهاڻو رهندو هئو. سندس گذر سفر درياءَ جي مڇيءَ تي هيو. کيس پٽ جو اولاد نه هيو. فقط پنج نياڻيون هيس.
    سندس رَڇَ ۾ ڏيهاڙي پنج مڇيون ڦاسنديون هيون، جنهن مان گهر جو خرچ هلندو هيس. وقت ته گذريس پئي پر ڪا ترقي ٿيندي نه پئي نظر آيس. هڪ ڏينهن دل ۾ خيال جاڳيس؛ ”جيڪڏهن گهر ڀاتي ٿورا هجئون ها ته ڪجھ بچت ٿئي ها.“ اهو خيال ايندي دل ۾ چيائين؛ ”ڇو نه ٻه ڌيئر، جهنگ ۾ ڇڏي اچان! پوءِ ٽن ڌيئرن ۽ پنهنجي سر جي، ٽن مڇين مان پورت ڪيان. باقي مڇين جي رقم بچت ڪندو وڃان ۽ ان مان ڪجھ ترقي ڪيان.“
    اهي پھ پچائي، ٻن ڌيئرن کي سنبيريائين. چيائينِ؛ ”هلو ته هلي توهان کي ناناڻي ڏيھ تان گهمائي اچان.“ ائين چئي کين هڪڙي جهنگ ۾ وٺي آيو. جهنگ جي خيال جو بهانو ڪري، کانئن کسڪي اچي ڳوٺ پهتو. ڀانيائين ته هاڻي ترقي ڪندس.
    ٻئي ڏينهن کان سندس رَڇَ ۾ موراڳو ٽي مڇيون ڦاسڻ لڳيون. جڏهن اها حالت ٿيس تڏھن ڏاڍو پڇتائڻ لڳو. هاڻي وقت گذري چڪو هئو ۽ ڪجھ نه پئي ٿي سگهيو.
    مطلب: ١. خالق، ماڻهوءَ خلقڻ کان اڳ، ان جي رزق جو بندوبست ڪري ٿو.
    ٢. ماڻهوءَ کان وڌيڪ، ماڻهوءَ جو رزق پريشان آهي. (۵۵)

    234. هر ڪو عادت کان مجبور آهي. (چوڻي)
    اٺ ۽ گدڙ جي پاڻ ۾ دوستي هئي. هڪ ڏينهن گدڙ اٺ کي صلاح ڏني؛ ”هتي ڇا ٿو ويٺو کائين؟ بک مري ويندين! هل ته واھ جي پرينءَ ڀر هلون، جتي مٺو ڪمند کائون ۽ ڍَوَ ڪيون.“
    اٺ سندس ڳالهين ۾ اچي ويو ۽ کيس پٺيءَ تي ويهاري پار پهتو. ڪمند کائڻ بعد، گدڙ بود ۾ اچي ويو ۽ اوناڙيون ڪرڻ لڳو. ڪمند جا مالڪ لٺيون ڌُڪا کڻي اچي پھتا. گدڙ ته لڪي ويو، اٺ کي سيڪاٽي رکيائون.
    جڏهن هاري واپس ويا ته هنن به موٽ جي ڪئي. واپسيءَ تي اٺ گدڙ کي ميار ڏيندي چيو؛ ”يار! هيءُ ڇا ڪيئي؟ اوناڙيون ڪري مون کي مارائي وڌئي.“
    ”مان ڇا ڪيان؟ عادت کان مجبور آهيان.“ گدڙ ورندي ڏنس؛ ”کاڌي کان پوءِ اوناڙ نه ڪيان ته مون کان کاڌو هضم نه ٿئي!“
    اٺ، گدڙ کي پٺيءَ تي چاڙهي، واھ ۾ وچ سير تي پهتو ۽ ٻه ٽي ٽٻيون ڏئي وهنجڻ لڳو. گدڙ کي ٻه ٽي غوطا آيا ته پڇڻ لڳس؛ ”هي ڇا ٿو ڪرين؟ مون کي مارڻ جو ارادو اٿئي ڇا؟“
    ”مان ڇا ڪيان؟ عادت کان مجبور آهيان.“ اٺ مسلسل ٽُٻڙڪا ڏيندي چيس؛ ”کائڻ کان پوءِ وهنجان نه ته کاڌو هضم نه ٿئي.“
    مطلب: ۱. جھڙو ورتاءُ ٻين سان ڪبو، ٻيا به اھڙو ئي ڪندا. (۵۶)

    235. هر ڪو پاڻ کي سهڻو سمجهي ٿو. (چوڻي)
    هڪڙيون ڏيڏريون پاڻيءَ ۾ گڏ ويٺيون هيون. ڪچهريءَ ڪندي، پاڻ ۾ چوڻ لڳيون؛ ”اڙي ادي اسان کان وڌيڪ، ڪا سھڻي ھوندي؟“
    ”ڇو ادي؟ اسان کان وڌيڪ وري ڪير حسين ٿي سگھي ٿو؟“ ڪچھريءَ ۾ ويٺل ھڪ ٻانڀ، وات چٻو ڪري، پنھنجي سونھن جي تعريف ڪئي.
    ”ائي ادي ٻڌون ٿا ته دنيا ۾ حورون به آھن، جيڪي حسين آھن.“ ھڪڙيءَ جوانڙيءَ وچ ۾ ٽپڪو ڏنو.
    ”ھونديون،“ ھڪڙيءَ نڪ کي موڙو ڏيندي، چيلھ چٻي ڪري، اڍنگي آواز سان چيو؛ ”پر اسان کان وڌيڪ ڪو نه ھونديون.“
    ”جڏهن ڌڻيءَ اسان کي پيدا ڪيو ته،“ ھڪڙيءَ سڻوپريءَ، حسن تي پنھنجو حق برقرار رکڻ لاءِ، دليل طور چيو؛ ”پوءِ حورن پيدا ڪرڻ جو ڪهڙو کپ؟!“
    مطلب: ۱. هر ڪو پاڻ کي ٻين کان وڌيڪ سهڻو سمجهي ٿو.
    ۲. ڀيٽيو؛ لڏ هيٺان به لعل لڀيو وڃي. (۳) ص ۱۹۹

    236. هر ماڻهو، پنهنجي ڳالھ لاءِ دليل رکندو آهي. (چوڻي)
    هڪڙي بيمار شخص، پنھنجي نوڪر کي چيو؛ ”وڃ! وڃي ڊاڪٽر کان دوا وٺي اچ!“
    ”ڊاڪٽر ڏي ته وڃان! پر جيڪڏهن اهو ڪنهن مريض کي ڏسڻ ويو هجي ۽ دڪان تي هجي ئي نه، ته پوءِ وڃڻ مان ڪهڙو فائدو؟“ نوڪر نٽائيندي چيس.
    ”تون پهرين وڃ!“ نوڪر کي نصيحت ڪندي بيمار مالڪ چيو؛ ”پوءِ ويٺو غلط انومان ڪڍ.“
    ”وڃان ۽ هجي به، پر گهربل دوا ائين ڏئي ئي نه ته پوءِ وڃڻ مان ڪهڙو فائدو؟“ نوڪر نخرو وڌائيندي چيو.
    ”مان چٺي ٿو لکي ڏيانءِ!“ مالڪ زور ڀريندي چيس؛ ”تون وڃينس. تو کي دوا ضرور ڏيندو“.
    ”دوا چٺيءَ تي ملي به سهي، تڪليف ڪري وٺي به اچان پر مرض تي اثر ڪري ئي نه، ته پوءِ خفو ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو؟!“ نوڪر ورنديون ڏيندي چيس.
    ”آخر ويندين به يا رڳو بهانا ۽ بحث ڪندين!؟“ مالڪ پڇيس.
    ”صاحب چڱو، جيڪڏهن وقتي دوا فائدو به ڪري ته به اھو فائدو ڪهڙي ڪم جو؟“ نوڪر اڃا نٽائيندي چيس.
    ”ڇو ڪم جو ناھي؟“ مالڪ پڇيس.
    ”صاحب! آخر هڪڙي ڏينهن مرڻو آهي.“ نوڪر ڊُهي هڻندي، دليل سان انڪار ڪندي چيس؛ ”جهڙو هاڻي مرڻو، تهڙو پوءِ!“
    مطلب: ۱. انڪاريءَ وٽ دليل کوڙ.
    ۲. شيطان وٽ به، آدم کي سجدي نه ڪرڻ لاءِ، کوڙ دليل ھيا.

    237. هرڻ جي اُڃ ۽ رِڻ جي رُڃ کُٽڻي ناهي. (پھاڪو)
    هڪ هرڻ کي رڻ ۾ اڃ ورايو. جنهن رخ ۾ نظر ٿي ڪيائين ته کيس رڃ ڏسڻ ۾ ٿي آئي. رڃ کي ساڀيا ڄاڻي، ڏيکاءَ واري ڏِس ۾، ڊوڙندو رهيو. ويجهو وڃڻ تي ڏٺائين ٿي ته؛ ڪاريءَ وارا ڪک. وري ٻئي رخ ۾ نگاھ پئي ڪيائين ته ساڳيو لقاءُ اکين آڏو ھيس. پاڻيءَ ڇوليون ٿي هنيون. وري نئين سر کڙين تي زور ٿي ڏنائين. اهڙي حال، سارو وقت ڊوڙندي، سندس جسم بي سَتو ۽ نٻل ٿي پيو. پياس کان زبان ٻاهر نڪري آيس. ٽنگون ساڻيون ٿي، اڳتي هلڻ کان پڙ ڪڍي بيٺيون. شام ٽاڻي ٿڪو ماندو ۽ مرڻينگ حال ۾، آخر اچي اهڙي هنڌ پهتو جا واقعي ئي ڍنڍ هئي. ڪنڌيءَ تي ڪرندي، هڪوار پاڻيءَ کي ڏٺائين. ڄاتائين ته اهو به ساڳيو دوکو هيو، جنهن کيس سوير کان ستايو هيو. آخر ۾ سيسراٽي ڀريائين، جنھن سان سندس مردھ جسم، ڪپر کان کسڪي، وڃي هيٺ پاڻيءَ ۾ ڪريو.
    مطلب: ۱. زندگي پوري ٿيو وڃي، هوس پوري نه ٿئي. (۲۵) ص

    238. هر ڳالھ ۾ حڪمت/ ڀلائي آهي. (چوڻي)
    هڪ بادشاھ جو، تلوار صاف ڪندي، آڱوٺو ڪپجي پيو. کيس ڏاڍو ڏک/ ارمان ٿيو. وزير کيس آٿت ڏيڻ خاطر چيو؛ ”ان ۾ به مالڪ طرفان ڪا حڪمت ۽ ڀلائي هوندي.“
    ”ان ۾ ڪهڙي ڀلائي ٿي سگهي ٿي؟!“ بادشاه برهم ٿيندي ڏمر جو اظهار ڪيس؛ ”تون ته اسان جي سنيئن هئڻ ۾ خوش ئي ناهين.“
    ائين چئي ناراضگيءَ جو اظھار ڪيائين ۽ ستت کيس ڪاٺ ۾ وجهرائي ڇڏيائين.
    ان ڏينھن شڪار ڪندي، بادشاھ پنهنجي لشڪر کان وڇڙي ويو. هلندي هلندي ڪنهن اهڙي جهنگ ۾ وڃي نڪتو، جتي آدم خور رهندا هيا. اهي کيس ڏسڻ شرط، کائڻ لاءِ وڪوڙي ويا. جڏهن سندن ديد، وڍيل آڱوٺي تي پئي ته کيس عيب وارو سمجهي ڇڏي ڏنائون. ڇو جو آدم خور عيب واري ماڻهوءَ جو گوشت کائڻ پسند نه ڪندا آھن. نتيجي طور بادشاھ جي جان بچي وئي.
    تيستائين لشڪر به اچي بادشاھ وٽ پڳو، جنھن سندس واھر اچي ڪئي.
    جڏهن بادشاھ واپس موٽي محلات پھتو ته کيس بچي وڃڻ جو احساس ٿيو. وزير جا چيل لفظ سندس من تي تري آيا. دل ۾ چوڻ لڳو؛ ”اڄ جيڪڏهن آڱوٺو وڍيل نه هجي ها ته شايد آدم خورن جي چنبي کان بچي نه سگهان ها.“
    يڪدم وزير جي رها ٿيڻ جو حڪم صادر ڪيائين.
    ”منهنجي آڱوٺي وڍجڻ ۾ اها حڪمت يا ڀلائي هئي ته منهنجي جان آدم خورن کان بچي وئي.“ وزير جڏھن درٻار ۾ پھتو ته کانئس پڇيائين؛ ”تنهنجي جيل وڃڻ ۾ ڪهڙي حڪمت هئي؟“
    ”سائين جيڪڏهن مان جيل ۾ نه هجان ھا ته پوءِ پڪ توهان سان گڏ ئي هجان ها!“ رضا تي راضي رهندي، وزير آزيءَ سان چيس؛ ”آدم خورن کان، پنھنجي عيب سبب، اوهان ته بچي ويا پر مان نه بچان ها!“
    مطلب: ۱. جيڪو ٿيو سو واھ.
    ۲. الخير في ما وقع. (عربي)
    ۳. جيڪي ٿيو، تنهن ۾ ڀلائي آهي. (ارٿ) (۲۶) ص ۴۴
    ۴. There is reason in the roasting of eggs

    239. هر وقت، گذري ويندو. (پشتو، چوڻي)
    هڪڙي بادشاھ اعلان ڪرايو؛ ”مون کي ڪا اهڙي شيءِ تحفي ۾ ڏيو، جنهن کي غم جي وقت ڏسڻ سان، غم غلط ٿي وڃي. وري خوشيءَ جي وقت ان کي ڏسجي ته خوشي به ڪافور ٿي وڃي.“
    تمام گهڻن ماڻهن، بادشاھ جي خواهش پوري ڪرڻ لاءِ، وڏا وس ڪيا. مڙيئي ڪاوشون اجايون ويون.
    هڪڙي فقير هام هنئي ۽ بادشاھ سلامت لاءِ هڪ منڊي کڻي آيو ۽ دعويٰ سان چيائين؛ ”جيڪڏهن غم جي وقت بادشاھ جي نظر مٿس پوندي ته غم غلط ٿي ويندس. جڏهن ته خوشيءَ جي وقت مٿس نظر پوندس ته خوشي به بي بقا نظر ايندس.“
    بادشاھ منڊي وٺي پاتي. منڊيءَ ۾ پيل ٻڙي واري ٽڪ تي لکيل هيو؛
    ”هيءَ ويل به گذري ويندي.“
    بادشاھ جڏهن غم جي وقت ان کي ڏسندو ھيو ته سمجهندو هيو؛ غم عارضي آهي. جڏهن خوشيءَ جي وقت ان کي ڏسندو هيو ته چوندو هيو؛ خوشي عارضي آهي.
    مطلب: ١. وقت، وڃڻي وٿ آهي.
    ٢. ڏکيو سکيو وقت، گذري ئي ويندو.

    240. هڪ سونو ڳھ، ٻي زبان سهڻي، پوءِ ڪير نه رکندو ڳھ. (پهاڪو)
    ٻهراڙيءَ جي ھڪڙي همراه کي ڪجھ پئسا درڪار هيا. وٽس فقط هڪ ڪتو هيو، جيڪو بازار ۾ ڪاهي آيو ۽ هر دڪاندار سامهون ڳھ رکڻ لاءِ اعلان ڪندو رهيو؛
    ”آهي ڪو ڪميڻو! جيڪو منهنجو هيءُ ڪتو پاڻ وٽ ڳھ رکي!“
    سندس اهي الفاظ ٻڌي هر ڪنهن کي چڙ آئي پئي پر ڪير ڪڇيو ڪو نه پئي. نيٺ پاڻ به بيزار ٿي پيو. آخر هڪڙي دڪاندار آڏو، لٺ کڙڪائي، دڙڪي سان چيائينس؛ ”منهنجو ڪتو ڳھ ڇو نه ٿا رکو!“
    ”ادا! ڳھ هميشه قيمتي شيءِ رکبي آهي، جيئن سون يا چاندي وغيره! اهو به ان ماڻهوءَ جو رکبو آهي، جيڪو پاڻ سُوڌو هجي ۽ زبان چڱيءَ سان ڳالهائي!“ هلڪي ۽ ڦڪي کل سان سمجهائيندي چيائينس؛ ”ڳھ سونو ۽ زبان سهڻي هجي ته ڳھ ڇو نه رکبو!“
    مطلب: ۱. گروي به قيمتي شيءِ رکبي آهي ۽ ان جي رکبي آهي جيڪو مٺڙي زبان سان ڳالهائي.
    ٢. گندي زبان واري سان ڪير به سودو ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي.
    ٣. هڪڙي اڻهوند، ٻيو افعال بڇڙا هوندا ته هر ڪو نفرت ڪندو.
    ۴. کير ۾ کنڊ، نور ۾ نور. (۵۷)

    241. همتِ بنده، مدد خدا. (فارسي،چوڻي)
    هڪڙو فقير، بادشاھ جي ڌيءُ تي عاشق ٿي پيو. ٻيو چارو نه ڏسي، بادشاھ جي درٻار ۾ وڃي سڱ لاءِ عرض ڪيائين. بادشاھ تپي لال ٿي ويو. ناراضگيءَ کي سمجهندي، وزير پاسو ڏئي بادشاھ سلامت کي عرض ڪيو؛ ”هن غريب کي مارائڻ سان بدنامي ٿيندي. کيس شرط اهڙو وجهو، جيڪو نه پورو ڪري سگهي ۽ نه وري موٽي اچي.“
    ”صلاح ڏي! ڇا ڪيانس؟“ بادشاھ سلامت، گهريءَ سوچ بعد، وزير کان پڇيو؛ ”ڪهڙو شرط رکئونس؟“
    ”کيس سچا موتي آڻڻ جو شرط ٿا رکئون، جيڪي سڄي عمر محنت ڪرڻ سان به ڪو نه ڪمائي سگھندو.“ وزير، بادشاھ کي سرٻاٽ ۾ چيو؛ ”نه ڪو ملندس، نه وري موٽي اچي خواريءَ جو سبب بنجندو.“
    ”فقير! سچا موتي کڻي آءُ!“ بادشاھ، فقير ڏانهن مهڙ ڪري، شرط ٻڌائڻ شروع ڪيو؛ ”تو کي تنهنجي دل جي مدعا ملي ويندي.“
    ”مون کي سچي موتيءَ جو نمونو ملي ته مان ان جھڙا ٻيا کڻي اچان!“ فقير، شرط قبوليندي، پوئواري ڪرڻ خاطر، عرض ڪيو.
    کيس سچو موتي، نموني طور ڏنو ويو. جيڪو وَرَ ۾ وجهي، ڏس پڇائيندو ڳولها ۾ نڪتو. هڪڙي درويش کيس ڏَس ڏنو؛ ”سچا موتي سمنڊ جي تري ۾ هوندا آهن.“
    فقير به سندرو ٻڌي، سمنڊ جي پاڻيءَ کي، ڪستي سان ڌَنئڻ شروع ڪيو. سڄو ڏينهن، سڄي رات، بنا وقفي جي سمنڊ جو پاڻي ڌنئيائين.
    علي الصباح جو، جيڪو لپو هنيائين، سو سچن موتين سان ڀريو پئي آيو. وَرَ واري سچي موتيءَ سان ڀيٽي ڏٺائين. پڪ ٿيڻ بعد، سچن موتين جو ڪستو ڀري، درٻار ۾ اچي نڪتو. سڄي درٻار، سچا موتي ڏسي وائڙي ٿي وئي. کانئس ساري ماجرا پڇيائون، جيڪا کين ڪري ٻڌايائين.
    ”همتِ بنده، مدد خدا“. وزير، يڪدم رڙ ڪري چيو.
    مطلب: ١. خدا ان جي مدد ڪري ٿو، جيڪو پنهنجي مدد پاڻ ڪري ٿو.
    ٢. همت بنده، مدد خدا، بي همت بنده، بيزار خدا. (۱۴) ص ۸۰

    242. هنر چوي؛ آ بادشاھ. (چوڻي)
    ڪنهن ملڪ ۾ ٻه ڀائر رھندا هيا. منجھانئن هڪڙو عالم هيو ۽ ٻارن وغيرھ کي علم سيکاري، پنھنجو پيٽ گذر ڪندو هيو. ٻيو هنر وارو هيو ۽ هنر جي محنت سان پيٽ پاليندو هيو.
    عالم سدائين ڀاءُ کي چوندو هيو؛ ”علم سک! هنر ڪهڙي ڪم جو آهي؟“
    اوچتو، ملڪ تي ٻيو غنيم ڪاهي آيو. راڄ سنئين، ٻئي ڀائر گرفتار ٿي ويا. غنيم اعلان ڪيو؛ ”جيڪو ماڻهو مقرر ٿيل ڏنڊ جا پئسا ادا ڪندو، ته کيس آزاد ڪيو ويندو!“
    عالم ويچاري وٽ علم ته هيو پر کانئس ڪير خريد ڪرڻ وارو نه هيو. ڏاڍو پاڻ پتوڙيائين پر ڪري ڪي ڪين سگهيو. ان جي جاءِ تي هنر واري ڀاءُ، جنهن کي علم ڪو نه هيو، بادشاھ کان اجازت وٺي هنر وسيلي مقرر ٿيل پئسا ڪمائي پيش ڪيا.
    کيس آزاد ٿيڻ جو پروانو جاري ٿيو ته بادشاھ کي عرض ڪيائين؛ ”انهن پئسن عيوض منهنجي عالم ڀاءُ کي آزاد ڪر! ڇو ته ھو هنر نه ٿو ڄاڻي ۽ مان ڄاڻان ٿو. مان مهلت ملڻ تي ٻيا پئسا ڪمائي جان خلاصي ڪرائي سگهندس پر هو ساري عمر قيد ۾ پيو ڳرندو.“
    بادشاھ سندس ڳالھ ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ٻنهي کي آزاد ڪري ڇڏيائين.
    مطلب: ١. محنت ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي.
    ٢. محنت ڪندڙ، خدا جو دوست آهي.
    ٣. علم سان گڏ، هنر ڄاڻڻ ضروري آهي.
    ۴. پٽ کي دولت جو خزانو ڏيڻ کان، هٿ جو هنر سيکار! ڪڏهن به بک نه مرندو.
    ۵. هنر وارو، ڪٿي بک نه مري.
    ۶. بي هنر بي ڪار.
    ۷. هنر اها موڙي آهي جا نه چور ٿو کڻي وڃي ۽ نه گهٽ ٿي ٿئي ۽ تنگدستيءَ جي وقت ڪم ٿي اچي. (۴) ص ۱۰۳

    243. هنر واري جو هنر کپي، بي هنر جي جند کپي. (چوڻي)
    هڪڙي همراھ کي درياھ پار ڪرڻو هيو. پتڻ تي پهتو ته؛ نه پاتڻي هيو، نه ٻيڙيءَ جو ناکئو. ٻيڙي آخري پور کڻي، رواني ٿي چڪي هئي. ٻئي ڏينهن تائين انتظار ڪرڻ کيس ڏکيو لڳو. پاڻيءَ جو تارو هيو، تنهنڪري سيڻھ ڦوڪي، مٿس چڙهي، درياھ پار ڪرڻ لڳو.
    سندس پويان هڪ همراھ آيو. ان کي به جلدي هئي. سيڻھ به هيس. ترڻ ڪين ڄاڻندو هيو. ڀانيائين ته سيڻھ تي چڙهي، درياھ پار ڪرڻ لاءِ تارُو ھجڻ جي ضرورت ناهي، تنهنڪري سيڻھ ڦوڪي مٿس چڙهي درياھ پار ڪرڻ لڳو. جيئن ته ترڻ نه پئي آيس، تنهنڪري اڳتي وڌڻ لاءِ ٿاڦوڙا هڻڻ ڏکيا لڳس. ٿاڦوڙا هڻڻ لاءِ پاڻ کي سڌو ڪيائين ته سيڻھ سيني هيٺان نڪري ويس ۽ پاسيري ٿي وئي، جنھنڪري ٻڏڻ لڳو. رڙين ڪرڻ تي اڳئين ويندڙ ھمراھ سيڻاھ ڦيرائي اچي ٻڏڻ کان بچايس ۽ چيائينس؛ ”ترڻ ڏانءُ نه اچي ته نه ترجي، ڇو جو اڻ ڄاڻ ماڻهو، پنهنجي جان وڃائي ويهندو آهي.“
    مطلب: ۱. ھر ڪم لاءِ فن ۽ ھنر جي گھرج آھي. (۳) ص ۲۱۲

    244. هو ساڻ نه نيندا، هيءَ ڏاند تي چڙهندي. (پهاڪو)
    هڪڙا لاڏائو قسم جا ماڻهو، پنهنجي مائٽن ڏانهن گهمڻ لاءِ سنبريا ته سندن ئي قبيلي جي هڪ ڪراڙي عورت به اوڏانهن هلڻ لاءِ سنبري پئي. مسافريءَ تي ويندڙن کي، کيس وٺي وڃڻ جي نيت نه هئي. ڪراڙيءَ زور مس ڪين ته کيس بي دِليو وٺي هلڻ لاءِ آماده ٿيا. هلڻ وقت، وري کيٽو ڪري بيهي رهي. چي؛ ”مان ڏاند تي چڙهي هلندم. پنڌ ڪين ڪنديس.“
    انهيءَ تي سفر ۾ وڃڻ وارن کيس وٺي وڃڻ کان انڪار ڪيو، جنهن تي سڀ ڪنهن، مائيءَ کي مياردار ڪندي ڏاڍو ٽوڪيو ۽ طعنا تنڪا ڏنا.
    مطلب: ۱. بي دليي ماڻهوءَ مان، نخرا ڇڏڻ سان ئي ڪم نڪري سگهندو آهي.
    ۲. اڳلا ساڻ نه کڻن، هيءَ ڏاند تي چڙهندي.
    ۳. هڪڙو ساڻ نه کڻي، ٻيو ڏاند تي چڙهڻ جي خواهش ڏيکاري. (۳) ص ۲۱۳


    [ ي ]

    245. يار چاڪي، جوڳ رکي. (پهاڪو)
    اڳي پاڻي وغيرھ ڪڍڻ يا ڌَنئڻ لاءِ پمپ نه ھيا بلڪ هُرلا (اُرلا) اَيٽ ۽ نار ھوندا هئا، جن ۾ ڏاند وهندا هئا. مقرر وقت تي هرلي/نار ۾ وهندڙ ڏاندن جي جوڙي کي جوڳ سڏبو هيو. جوڳ کي وهائڻ واري لحاظ کان، کڙ ۽ ڪتر ڏيندا هيا ته جيئن چڱيءَ طرح وَھن. کڙ، گهاڻي مان تيل جي پيڙجڻ بعد نڪرندي هئي. گهاڻي وهائيندڙ کي چاڪي سڏبو هيو.
    ڪنهن هاريءَ جو يار چاڪي هيو. تنهن هوندي به سندس ڏاندن کڙ کان سواءِ، رُکي/اڻڀي ڪتر پئي کاڌي. اھو لقاءُ ڏسي، ڪنھن دوست طعني طور چيس؛ ”يار چاڪي، جوڳ رکي.“
    مطلب: ۱. يار به تيلي، سينڌ به ميلي.
    ۲. يار به چاڪي، سينڌ به اڻڀي/ رُکي. (۲۳) ص ۱۲۴

    ***


    مددي ڪتاب ۽ حوالا

    1. ٽيڪچنداڻي، روي پرڪاش، ڊاڪٽر: سنڌي پهاڪا: لسانياتي ۽ سماجي- ثقافتي اڀياس؛ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، ڇاپو پھريون (عربي-سنڌي لپيءَ ۾) ۲۰۱۰ع.
    2. آڏواڻي، ڀيرومل مھرچند: پھاڪن جي پيڙهه، ۱۹۱۵ع.
    3. آڏواڻي، ڪيولرام سلامت راءِ: گل شڪر، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، ڇاپو ستون، ۱۹۷۸ع.
    4. چنو، سکيو خان: علم صرف و نحو سنڌي، (نائين ڏهين ڪلاس لاءِ) يادگار پبلشرز، حيدرآباد (۱۹۸۵-۸۶ع)
    5. سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر: پھاڪن جي پاڙ، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد.
    6. دلبھار، حصو ٽيون...
    7. سھتو، عبدالوھاب، انجنيئر: انڌيرنگري، مولانا عبدالخالق ڪنڊياروي اڪيڊمي، ڄام نورالله، ڇاپو پھريون.
    8. محمد اقبال سلمان: ڪهاوتين، قومي ڊائجسٽ، آڪٽوبر ١٩٩٩ع
    9. کوکر، ممتاز علي؛ لالچ بري بلا، روشن راھ، ڪڙي نمبر ۳، پير جو ڳوٺ، نئون ديرو.
    10. گل ڦل، ماھوار رسالو، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، سال ۱۹۵۹-۱۰.
    11. سولنگي، منٺار؛ اصل وارھ ضلعي قمبر-شھدادڪوٽ جو، حال رھندڙ دستگير ڪالوني، حيدرآباد. ڪامريڊ ۽ تنظيمي ماڻھو، سلام ڪندو ته چوندو؛ ”جيئي انسان“.
    12. سهتو، مولوي اقبال، اصل ڳوٺ فضل سھتو، ڳوٺ ڄام نورالله ۾ ڪيئي سال مدرس رھيو. حال ويٺل شھر ڪنڊيارو، ضلعو نوشھروفيروز.
    13. شيخ، الطاف: رٺي آهي گهوٽ سان، نيو فيلڊس پبليڪيشن، ٽنڊو ولي محمد حيدرآباد سنڌ، ۱۹۹۸ع.
    14. ٽالپر، الله بخش: پھاڪن جي پيڙھ، آر ايڇ احمد ائنڊ برادرس، حيدرآباد، ۱۹۶۹ع.
    15. تنگواڻي، واسديو عرف واسومل، نوابشاھ. سائين واسومل ڊي سي ھاءِ اسڪول نوابشاھ منجھ مئٿميٽڪس جا نالي وارا استاد ھيا ۽ کين فرسٽ ييئر ۽ انٽر جي ٽن سبجيڪٽس؛ اليڪٽوِ مئٿميٽڪس، فزڪس ۽ ڪيمسٽريءَ تي وڏي دسترس حاصل ھئي. اسڪول کان فارغ ٿيڻ بعد، پنھنجي گھر جي ٻاھرئين ڪمري اندر ٽيوشن پڙھائيندا ھيا. سندن ھڪ خوبي اھا ھئي جو پنھنجي ڪلاس جي شاگرد کي ٽيوشن تي نه پڙھائيندا ھيا. سندن چوڻ ھيو؛ ”جيڪو شاگرد مون کي ڪلاس ۾ فالو نه ٿو ڪري سگھي، تنھن کي ٽيوشن پڙھائڻ مان ڪو فائدو ناھي، بلڪ بدنامي آھي.“ اگر ڪنھن وڏو زور ڀريس ته پوءِ ان کي بنا پئسي ٽيوشن ڏيندا ھيا. سائين واسومل صاحب جو ديھانت، سال ۱۹۸۳ع ڌاري ٿيو.
    16. محمد اسماعيل عرساڻي: نياريون وٿون (مضمون)، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو/حيدرآباد سنڌ، ڇاپو پهريون ۱۹۸۰ع.
    17. راشدي، علي محمد، پير: ڪونج ۽ سنڌ، مهراڻ ٽه ماهي، س ا ب، حيدرآباد ۳ ۽ ۴/۲۰۰۱ع.
    18. ايسپ جون آکاڻيون، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.
    19. حاجي جعفر کوسو، شھدادڪوٽ. ٺيڪيدار ھيو ۽ سال ۱۹۹۸-۹۹ع ڌاري، ٻئي ٺيڪيدار سان ڀائيچاري تي ڪمَ کنيا ھيائين.
    20. ٻوھيو، نھال؛ ڳوٺ ماڻڪ ٻوھيو، نزد نانگو شاھ، تعلقو ۽ ضلعو نوشھروفيروز. منھنجي دوست ۽ ھم ڪلاسي محمد ڄام ٻوھيو جو ڳوٺائي ھيو ۽ ڳوٺ اندر وڏو چرچائي ۽ کلمک ھيو.
    21. مهرچنداڻي، ڪيرت: چوند سنڌي چوڻيون ۽ پهاڪا، (وستار سان سمجهايل) ڇاڇو پهريون ڊسمبر ١٩٨١ع (گجرات سرڪار جي مالي مدد سان ڇپيل/ ڪويتا پرنٽنگ پريس سهج پور بوگها، احمد آباد)
    22. بشير حسين طاهر: انصاف بهت ضروري هي، روزنامه جنگ بتاريخ ۹۹/۱۱/۲۶
    23. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر: رهاڻ هيرڻ کاڻ (جلد ۲)، نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد، ۲۰۰۱ع.
    24. چچو، عبدالڪريم؛ اصل ڳوٺ حمزو چچو عرف ملان چچا، تعلقو قنبر، حال رھائش، جناح باغ قنبر، پاڻ ڳوٺ جو بنيادي وڏيرو به آھي ۽ سنڌ سرڪار جو ملازم به آھي.
    25. بروھي، علي احمد؛ ڄام ڄاموٽ ڄامڙا، نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد.
    26. چنا، غلام علي: ڇڏ جهوري ڏي جهاٽ، سنڌي ادبي سنگت چڪ، ۲۰۰۱ع.
    27. ارم چانڊيو، لاڙڪاڻو، بشڪريه؛ عوامي آواز، آچر ميگزين
    28. جيٽلي، مرليڌر، ڊاڪٽر: اوائلي شايع ٿيل لوڪ ڪھاڻيون، سنڌ تحقيقي بورڊ حيدرآباد، ۱۹۹۰ع.
    29. ٻڌ، محمد ڪامل، مرحوم، ويٺل ڳوٺ عدر ٻڌ، تعلقو ڪنڊيارو. ڳالھين کڻڻ ۽ ٻڌائڻ جو وڏو ڏانءُ ھيس. گھڻا لطيفا ۽ ٽوٽڪا ٻڌائيندو ھيو.
    30. ايچ آر ميمڻ: جديد مضمون نويسي (ڀاڱو پهريون)، آر ايچ احمد ائنڊ برادرس حيدرآباد، ٦٨.١٩٦١ع.
    31. ديوان پرمانند ميوارام: گل ڦل، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد.
    32. عذرا؛ نخريلي مينا، ماھوار گل ڦل، جون-جولاءِ ٢٠٠٠ع، سنڌي ادبي بورڊ.
    33. سنائي، ناز: نقاد ۽ اديب، سنڌي ساھت گھر حيدرآباد، حيدر چوڪ، حيدرآباد.
    34. شيخ اياز: ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر (جلد ۱)، نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، ۱۹۹۴ع.
    35. گل ڦل، ماھوار رسالو، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، سال ۲- ۱۹۵۹ع
    36. سنڌي، حبيب، حافظ؛ ويٺل چوھڙ جمالي، اديب ۽ عالم. ساڻس روبرو پڻ ملاقات ٿي ۽ بعد ۾ خط و ڪتابت ذريعي لاڙ خاص طور تي ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري ڇاڻ يا جتن جي ٻوليءَ منجھ آيل پھاڪن تي معلومات ورتي وئي، جيڪا خوشدليءَ سان موڪليائون.
    37. کوسو، ابوبڪر: ’سپ نه ماري، ڊپ ماري‘، ماھوار نئين زندگي، ڪراچي، فيبروري ۱۹۵۹ع.
    38. واحد پارس هيسباڻي: سُر ٺهي نه ٺهي، وٺ رينگٽ کي، روزاني ”عبرت“ حيدرآباد، ۲۲ جون ۲۰۱۲ع.
    39. آنچلانند، جان ڪي ديوي؛ سپرواييزر پرائمري ايجوڪيشن، بيٽ عمرڪوٽ، ٿري ٻوليءَ جي پھاڪن ۽ چوڻين جي روشنيءَ ۾ ٿر جو سماجي، سياسي ۽ ادبي جائزو. (ايم فل لاءِ لکيل مقالو)
    40. سھتو، محمد ڪامل، مرحوم؛ اصل ڳوٺ ڄام نورالله، ڪنڊيارو.
    41. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر: رھاڻ ھيرن کاڻ (جلد ۱۰)، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو، ۲۰۱۱ع.
    42. حاجي حقير ابن مڱڻ: چڪرم جا چڪر، ايڇ احمد اينڊ برادرس حيدرآباد، ١٩٨٧.
    43. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر: رهاڻ هيرن کاڻ (جلد ٩)، سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم حيدرآباد ڇاپو پهريون، جنوري ۲۰۱۰ع.
    44. شمس نورالدين سرڪي: سنڌيڪار، ’ڪنهن جو برو نه ڀانءِ....‘، ماھوار گل ڦل، سال ۱-۱۹۵۸ع.
    45. شيخ اياز: ڪٿي نه ڀڄبو ٿڪ مسافر (آتم ڪهاڻي-٢)، نيوفيلڊس ۱۹۹۶ع.
    46. بروهي، نصير؛ لاڙڪاڻو ميونسپل ڪاميٽي ۾ ملازمت تان رٽائر بعد مختلف کاتن منجھ ٺيڪيداري ڪندو آھي.
    47. لڏ هيٺان به لعل لڀيو وڃي؛ ماھوار گل ڦل، سال ۲-۱۹۵۹ع، ص ۳۹.
    48. نصير محمد صاحب فقير جن جي رهاڻ؛ صوفي سونهون-٢، سهيڙندڙ روپو ريجهو مل ڪرپالاڻي، مارڪ هيون، بامبي، هندستان سال ١٩٨٠ع ڇاپو پهريون.
    49. مادرزاد انڌي کي عينڪ جي ڪهڙي ضرورت؛ ماھوار گل ڦل، سال ۱۲-۱۹۵۹ع، ص ۴۸.
    50. راشد مورائي: پاڻيءَ تي پهرو، فهد پبليڪيشن مورو، سيپٽمبر ۲۰۰۶ع.
    51. سومرو، امان الله: جواب ڏيو، (روزنامچي تي مشتمل) ميرپورخاص.
    52. رافيه بنت غلام محمد: دنبه ڳوٺ ڪراچي؛ نا انصافي جت ٿيندي، تباهي ات ايندي، روزاني ”ڪاوش“ حيدرآباد، ۱۷ جنوري ۲۰۰۱ع.
    53. گھانگھرو، عبدالرزاق، ڊاڪٽر؛ اصل ڳوٺ ڄام نورالله، تحصيل ڪنڊيارو، ضلع نوشھروفيروز، حال مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالوجي ڄامشوري اندر، بئسڪ سائنس جي ڊپارٽمينٽ جو چيئرمين. ڳوٺائي ھئڻ جي ناتي، ننڍي ھوندي گڏ پڙھياسين؛ قرآن مجيد توڙي سنڌي. پاڻ طبعاً بذل سنج ۽ ھنس مُک، گفتي جو غازي ھئڻ سان گڏ تبليغ جي ڪمن ۾ به منسلڪ رھيو آھي. قرآن مجيد جا ترجما ۽ تفسير جي عنوان تي مقالو لکي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪيائين. ان کان علاوھ ڪيترا ئي مقالا ۽ مخطوطا تاليف ۽ تصنيف ڪيا اٿائين.
    54. بلوچ، محمد انور: ٿوهر ڳاڙها گل.
    55. ساگر ڪريم ميمڻ، لواري شريف؛ هر ڪو پنهنجو نصيب کائي ٿو، ”ڪاوش“، ۱۵ جنوري ۲۰۰۱ع
    56. ٻوسڻ، عرفان علي: اٺ ۽ گدڙ، روشن راھ، ڪڙي نمبر ٣، پير جو ڳوٺ، نئون ديرو.
    57. شيخ، محمد فاضل، پروفيسر؛ سائين ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾ گھڻو وقت ملازمت ڪرڻ بعد، سکر ۾ رھندا ھيا. ساڻن زندگيءَ ۾ ٻه دفعا ملاقات ٿي. سندن ڪتاب، ”ماٿيلي اوٻاوڙي جي ٻولي“ منجھ استعمال ٿيل پھاڪن ۽ چوڻين تي ڳالھ ٻولھ ٿي، جيڪو مضمون جي صورت ۾ راقم جي تاليف ٿيل ڪتاب ”اترادي پھاڪا ۽ چوڻيون“ منجھ آيل آھي. ان ٿيل ڪچھريءَ دوارن سائينءَ، پنھنجي ڪتاب ۾ آيل پھاڪن ۽ چوڻين کان علاوھ ٻيا به ڪجھ ٻڌايا ھيا، جيڪي مختلف موضوعن جي ڪتابن اندر استعمال ٿيا آھن.

    ***


    ڏسڻي

    1. آپي کان ٻاهر نه نڪرجي. (چوڻي)
    2. اٽو کاڌو ڪُئي، مار پئي گابي تي. (چوڻي)
    3. اٽو کائي ڀولو، مار کائي گابو. (پهاڪو)
    4. اٺ پکي؛ نه اڏامي، نه بار کڻي. (پھاڪو)
    5. اٺ کي تاڙيءَ کان ڪهڙو ڊپ؟ (پھاڪو)
    6. اٺ کي گهنڊڻيءَ جو ڪهڙو ڀؤ؟! (پھاڪو)
    7. اجايا پھ نه پچائجن. (چوڻي)
    8. اڃا ڪڪڙا ڪنگر ۾، چي؛ ”پڙو مبارڪ“. (پھاڪو)
    9. اڄ جو ڪم، سڀاڻي تي نه رکجي. (چوڻي)
    10. اڇي پڳ مَ پس، اندر مڙيوئي اڳڙيون. (پھاڪو)
    11. اڌ-سکي وديا؛ يا ماري، يا کاري. (چوڻي/ پهاڪو)
    12. اڌ کي ڇڏي، جو سڄيءَ ڏي ڊڪي، تنهن کي سڄي ته نه ملي، پر اڌ ڪاڻ به سِڪي. (پھاڪو)
    13. اصيلن آئي، ڪميڻن جي هوا نڪري وڃي. (چوڻي)
    14. اناڙيءَ کي ڦرڻ، آسان. (چوڻي)
    15. انڌير نگري، چرٻٽ راجا، ٽڪي سير ڀاڄي، ٽڪي سير کاڄا. (چوڻي)
    16. اڻهوند مان هوند، خدا ڪندو آهي. (چوڻي)
    17. اها ڪڪڙ ئي مري وئي، جيڪا سونا آنا ڏيندي هئي. (چوڻي)
    18. اھا ئي شيءِ سونھن جو سبب، اھا ئي شيءِ موت جو سبب. (چوڻي)
    19. اهو ڪم ڪجي، جو لعل به لڀي، پريت به رهجي اچي. (چوڻي)
    20. اهو ڪي ڪجي، جو اوکيءَ ويل ڪم اچي. (چوڻي)
    21. ايڪي ۽ اتحاد ۾ برڪت آهي. (چوڻي)
    22. بخت ڏئي ڀيڙو، دال مان سيرو. (چوڻي)
    23. بخش بيبي ٻلي، ڪئو لنڊو ئي ڀلو. (اردو، پهاڪو)
    24. برا ڪر نه برايون، تو گھر به ڄايون. (چوڻي)
    25. برائيءَ جو بدلو برائي آهي. (چوڻي)
    26. بگهڙ کي رڍن جي ڌناري/ رکواليءَ تي نه رکجي. (پهاڪو)
    27. بنا محنت جي مليل مزدوري، حرام ئي آهي. (چوڻي)
    28. بي عقل سان ريس ڪير ڪندو؟ (چوڻي)
    29. بيوقوف کي نصيحت ڪرڻ؛ ڊينگهرن تي اٽو هارڻ. (چوڻي)
    30. بيوقوف جو هر هارو، منهن ڪارو. (چوڻي)
    31. ٻه ته ٻارنھن. (چوڻي)
    32. ٻجهڻ ٻجهيو هڪڙي، ٻجهيو ڪين اٻوجهن، اکريون ٻڌي پيرن ۾، واڙ چني سهن. (پهاڪو)
    33. ٻچا، ڪانوَن کي به پيارا آهن. (چوڻي)
    34. ٻڌيءَ ۾ طاقت آهي. (چوڻي)
    35. ٻڍو ۽ ٻار، ٻئي هڪ آچار. (چوڻي)
    36. ٻه شينهن ٻيلي ۾ نه ماپن. (پھاڪو)
    37. ٻڪرار چيو گدڙ کي؛ ”ٻڪرين سان ويندين؟!“ گدڙ ته ٻئي هٿ اکين تي رکيا. (ساھتي، پھاڪو)
    38. ٻلي شير پڙهايا، شير ٻلي نون کاوڻ آيا، چڱا ٿيا جو تيڪون وڻ تي چڙهڻ نه سکايا. (سرو/ پهاڪو)
    39. ٻليءَ جي ڳچيءَ ۾ ٽلي، ڪير ٻڌندو؟ (پهاڪو)
    40. ٻليءَ جي ميائو ميائو، ڊيڄاري ٿي. (پهاڪو)
    41. ٻليءَ کي وارو وري ته وارو ڪين وڃائي. (پهاڪو)
    42. ٻنيءَ مٿان ٻج، هاريندڙ هليا ويا. (شاھ، چوڻي)
    43. ٻوڙو ٻڌي، صلاح ڪجي. (چوڻي)
    44. ٻهراڙيءَ جو ڪتو، شهر ۾ هريو اچي، مالڪ وجهنس رسو، ته به ڇنايو اچي. (چوڻي)
    45. ٻئي جي دل نه ڏکوئجي. (چوڻي)
    46. ٻئي جي روزيءَ ۾ زهر نه وجهجي. (چوڻي)
    47. ٻين کي گهٽ ڪين ڄاڻجي. (چوڻي)
    48. ڀلان ڀليءَ جو ڇيھ ئي ناهي. (چوڻي) (ڏند ڪٿا)
    49. ڀلو پِير ڪي ڀلو ويساھ. (پھاڪو)
    50. ڀلو ڪر ته ڀلو ٿيئي. (چوڻي)
    51. ڀلي ڀلي ڀاڻ آئي، سا به نه ڀلي. (پھاڪو)
    52. ڀنگياڻي راڻي، طبيعت گونھاڻي. (پھاڪو)
    53. ترت دان، مها پِڃُ. (هندي، چوڻي) (ڏند ڪٿا)
    54. تڪڙ ڪم شيطان جو آهي. (چوڻي)
    55. ٺڳ ٺڳي جڳ کي، سياڻو ٺڳي ٺڳ کي. (چوڻي)
    56. ٺلهن ٺڪرن تي ڏويون ڪير جهليندو؟ (پھاڪو)
    57. پاڻان ڏاڍي سان ڀائيچارو نه ڪجي. (پھاڪو)
    58. پاڻان ڏاڍي سان پيچ نه پائجي. (چوڻي)
    59. پاڻان وڏن سان پڇ نه اٽڪائجي. (پھاڪو)
    60. پرائي ٽيڪ تي، ٻين کي گاريون نه ڏجن. (چوڻي)
    61. پرائي پٽڻي، رن کهايا ٻئي ڪن، هٿان پيس پنهنجي، جو ڪرن وڍيس ڪن. (پهاڪو)
    62. پنهنجو مال، دل کولي کائجي. (چوڻي)
    63. پنهنجي ڪئيءَ جو؛ نه ويڄ، نه طبيب. (پھاڪو)
    64. پهرين پاڻ عمل ڪجي، پوءِ ٻين کي نصيحت ڪجي. (چوڻي)
    65. پئنچا نال، ايڪا دشي. (چوڻي)
    66. پئنچن ۾ پرميشور آهي. (چوڻي)
    67. پيادي مان هسوار، هسوار مان پيادو، خدا ٿو ڪري. (چوڻي)
    68. جاتي کير تاتي کنڊ، جاتي جهڻ تاتي لوڻ. (چوڻي)
    69. جاسين دنيا جي ڌنڌن کان پاڻ نه ڇڏائبو، تاسين ڌڻيءَ جي ملڻ جي اُميد نه رهندي. (چوڻي)
    70. جاسين لُولو لٺ کڻي، تاسين ڪرھ اجهاميو وڃي. (پھاڪو)
    71. جت پڄڻ نه پهت، ات ڀڄڻ ڪم وريام جو. (چوڻي)
    72. جتي انصاف نه هوندو، اتي ويراني هوندي. (چوڻي)
    73. جر نئيس، جيڏي نه نئيس. (پھاڪو)
    74. جڳ مڙيوئي بازيگر جي بازي. (چوڻي)
    75. جنهن جو استاد ناهي، تنهن جو بنياد ناهي. (چوڻي)
    76. جنهن جو بد بنياد، تنهنجو ميوو مٺو نه ٿئي. (پھاڪو)
    77. جنهن جو ڪرم ڦٽي، تنهن جو هر ڪم ڦِٽي. (چوڻي)
    78. جنهن جو ڪم، سوئي ڪري، ٻيو ڪري، تاوڻ ڀري. (پهاڪو)
    79. جنهن سان پڄي نه سگهجي، تنهن سان نمي هلجي. (چوڻي)
    80. جنهن وڻ هيٺان آرام وٺجي، ان جو به خير گهرجي. (چوڻي)
    81. جنهين جي هيڪار، ڪيائين ڪوڙي ٿي، تنهين تي ٻيهار، سچيءَ ساک نه وسهان. (چوڻي)
    82. جنين ادب، تنين عجب. (چوڻي)
    83. جني لاءِ منڊ منڊائبو آهي، سي ئي ڪم نه ايندا آهن. (چوڻي)
    84. جو ڪري سو پائي، فقير کير کنڊ کائي. (چوڻي)
    85. جو ڪمائي، سو کائي. (چوڻي)
    86. جهڙو راءِ، تهڙي رعيت. (سنسڪرت، چوڻي)
    87. جهڙو راجا، تهڙي پرجا. (سنسڪرت، چوڻي)
    88. جهڙو گرو، تهڙا چيلا. (پهاڪو)
    89. جهڙو لڳي واءُ، تهڙي ڏجي پٺ. (پھاڪو)
    90. جھڙي سان ٿجي تھڙو. (چوڻي)
    91. جهڙي سَٺ، تهڙيون ٽي ويهون. (پھاڪو)
    92. جهڙي صحبت، تهڙو اثر. (چوڻي)
    93. جهڙي ڪرڻي، تهڙي ڀرڻي. (چوڻي)
    94. جهڙي نيت، تهڙي مراد. (چوڻي)
    95. جيترا وات، اوتريون ڳالهيون. (چوڻي)
    96. جيسي ڪو تيسا ملا، ڏوم ڪو ملا نائي، اس ني ڍولڪي بجائي، اس ني آرسي دکائي. (پھاڪو)
    97. جيسي ڪو تيسا ملا، سن ري راجا ڀيل، لوهي ڪو چوها کا گيا، لڙڪا ليگئي چيل. (پھاڪو)
    98. جيڪو ٻئي لاءِ کڏ کڻي، سو پاڻ انهيءَ کڏ ۾ ڪري. (پھاڪو)
    99. جيڪو جهڙي ڪري، تنهن سان تهڙي ڪري ڇڏجي. (چوڻي)
    100. جيڪو درياه ۾ نه گهڙيو آهي، تنهن کي ڊپ رهي ٿو. (پھاڪو)
    101. جيڪو ڪم پاڻ کان نه ٿي سگهي، تنهن لاءِ ٻين تي زور نه رکجي. (چوڻي)
    102. جيڪي ڪجھ تون نه آهين، اهو بڻجڻ جي ڪوشش نه ڪر. (چوڻي)
    103. جيءُ خوش، جهان خوش. (چوڻي)
    104. جيئن پئنچ چوَن، تيئن ڪجي. (چوڻي)
    105. چري ڦِٺ ۾ خوش. (چوڻي/ پهاڪو)
    106. چڱائي ڪر ته چڱائي ٿيئي. (چوڻي)
    107. چڱو جن لکيو، مدو سي نه پسن، توڙي رڻ رهن، ته به کنڊون کائن کير سين. (چوڻي)
    108. چمڙن جي گهر ويا مهمان، چي؛ ”اسان به پيا لٽڪون، اوهين به اچي لٽڪو.“ (پھاڪو)
    109. چور، ڀلي بگھڙ ھجي، ڀاڙيو ٿيندو آھي.
    110. چور ڪيڏي به چالاڪيءَ سان چوري ڪري، جاءِ واردات تي نشانيون ضرور ڇڏي. (چوڻي)
    111. چورن مٿان مور پيا، اڌ ورهائي کڻي ويا. (پھاڪو)
    112. ڇڪو ڇنو، ٻليءَ جي ڀاڳين. (پهاڪو)
    113. ڇوڪرن، اٺ مسيت تي چاڙهيو ھيو. (چوڻي)
    114. ڇوڪرن کان شيطان به پناھ گهري آهي. (چوڻي)
    115. خچرن کان ولديت ڪهڙي پڇجي؟ (پهاڪو)
    116. خدا حقئون به رکي، ناحقئون به رکي. (چوڻي)
    117. دل جي ڳالھ، پياري زال کي به نه سلجي. (چوڻي)
    118. دل کوٽي، عذر گهڻا. (چوڻي)
    119. دنيا ۾ رِپن مٿان رِپون پيون آهن. (چوڻي)
    120. دوست اهو جو اوکيءَ ويل ۾ ڪم اچي. (چوڻي)
    121. دولت، دلي يار جدا ڪري. (چوڻي)
    122. ڏاڍو سو گابو. (پھاڪو)
    123. ڏاند تي چڙهئي به ڪنهن ڏک ڏٺا؟ (پهاڪو)
    124. ڏاھ ڏي ان کي جو ڏاهو ٿيڻ چاهي، ڏاھ نه ڏي باندر کي، جو گهر جهرڪيءَ جو ڊاهي. (پھاڪو)
    125. ڏڏن کي ڏڏاڻيون متيون ڏجن. (پھاڪو)
    126. ڏئي مٿان، پر ڪنهن جي هٿان. (چوڻي)
    127. ڍائي ماڻهوءَ کي پلاءُ به اهڙو سواد نه ڏئي، جهڙي بکئي کي رُکي روٽي سواد ڏئي. (چوڻي)
    128. رُکي سُڪي کاءُ، ٿڌو پاڻي پيءُ، نه تڪ پرائو پلاءُ، نه ترساءِ پنهنجو جيءُ. (چوڻي)
    129. رڍ ٻوٿ-ڪاري آھي ته ڳئون به پڇ-ڪاري آھي. (پھاڪو)
    130. زال کي مڙس جو نالو ايندو آهي پر وٺندي ناهي. (پھاڪو)
    131. زندگي، هڪ خواب آهي. (چوڻي)
    132. ساھدارن کي نه ايذائجي. (چوڻي)
    133. سڀ کان ڀلي شيءِ به زبان آهي، سڀ کان بري شيءِ به زبان آهي. (چوڻي)
    134. ست ڪئا کائي ٻلي، حج تي هلي. (پهاڪو)
    135. ستن ڪونهان، جاڳندن وڇون. (پھاڪو)
    136. سَپَ مٿي گاه، سپ ٻيٽو نه وسري، چت وڻسي، ڏڌ ڪاءُ ساءُ. (جتڪي، پهاڪو)
    137. سپ نه ماري پر سپ جو سراپ ماري. (پهاڪو)
    138. سچائي، سٺو گڻ/ وڙ آهي. (چوڻي)
    139. سچ ته بيٺو نچ. (چوڻي)
    140. سُر ٺهي نه ٺهي، وٺ رينگٽ کي. (پھاڪو)
    141. سِر وئي کان پوءِ، سج اڀري ته واھ نه ته ڇٽو. (چوڻي)
    142. سُستي، گداگريءَ جو دروازو کولي ٿي. (چوڻي)
    143. سکڻي دعا، پِٽ برابر. (چوڻي/ پهاڪو)
    144. سنگ تاري، ڪسنگ ٻوڙي. (سنسڪرت، چوڻي)
    145. سوال جو جواب نه اچي ته بد تميزي نه ڪجي. (چوڻي)
    146. سؤ ڪُئا کائي ٻلي، حج تي هلي. (چوڻي)
    147. سؤ ميل جي منزل تي پهچڻ لاءِ، شروعات پهرئين قدم سان ٿيندي آهي. (چوڻي)
    148. سؤ وڃائجي ساءُ نه وڃائجي. (پھاڪو)
    149. ”سها مانس کائينس؟“ چي؛ ”آپ رو بچي، تو ئي کاسو“. (ٿر، پهاڪو)
    150. سهو پاڻ ٻوڙ، چي؛ ”امان ٻوڙ!“ (پھاڪو)
    151. سيٺ پيارو، ڪن ڌن پيارو؟ (پهاڪو)
    152. شيدي گورو نه ٿئي، توڙي سوَ صابڻ لائي. (پهاڪو)
    153. شينهن کي ڪير چوي؛ ”تنهنجي وات ۾ ڌپ آهي“. (پهاڪو)
    154. صبر سون، ڳالهائڻ چاندي. (چوڻي)
    155. صلح وارو ڪوڙ، فتني واري سچ کان بهتر آھي. (چوڻي)
    156. ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي. (چوڻي)
    157. عقل ريءَ عذاب، گهڻا پسندينءَ جندڙي. (چوڻي)
    158. عيب ڪڍڻ سولو، سڌارڻ اولو. (چوڻي)
    159. غريب کي آسودو، خدا ٿو ڪري. (چوڻي)
    160. فقير جو؛ نه خدا مري، نه ڪشتو ٽٽي. (چوڻي)
    161. ڦوسي بڙ تي ويھي چوي؛ ”اڏامندس ته بڙ، ڌَم نه سھي سگھندو.“
    162. قوم جي دشمن جي سزا؛ موت آهي. (چوڻي)
    163. ڪانءُ هليو مور جي ٽور، کنڀ کهائي؛ نه رهيو ڪانءُ، نه رھيو مور. (پھاڪو)
    164. ڪتي جو پڇ، ٻارنهن مهينا نڙ ۾ وجھ ته به اڍنگو. (پھاڪو)
    165. ڪتي جو ڪارو منهن، رٻ اوتري جي اوتري. (پھاڪو)
    166. ڪپھ جو ٻورو، پُسي ٿئي ڳؤرو. (پھاڪو)
    167. ڪڙهڻ کان سواءِ پڙهڻ، بيڪار آهي. (چوڻي)
    168. ڪمي ڪنوار ۾ ناهي ته گهٽتائي گهوٽ ۾ به ناهي. (پھاڪو)
    169. ڪنهن جو برو نه ڀانءِ، جي چاهين ڀلو پنهنجو. (چوڻي)
    170. ڪورين فارسيءَ سکڻ کان ڪئي بان، جيسين هجن جيئرا. (پهاڪو)
    171. ڪوڙ جو مثلو؛ ڪوڙ. (چوڻي)
    172. ڪوڙ جي پاڙ، ٺڪريءَ تي. (چوڻي)
    173. ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ. (چوڻي)
    174. ڪوشش، ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي. (چوڻي)
    175. کائيندي کوھ کٽي وڃن. (پھاڪو)
    176. کوھ جي ڏيڏر لاءِ، سڄي دنيا کوھ ۾ آهي. (پھاڪو)
    177. کيتي، سر سيتي. (پھاڪو)
    178. گدڙ به ڏر تي شينهن آهي. (پھاڪو)
    179. گدڙ ڊاک نه پڄي، آکي؛ ”ٿو کٽا“. (پھاڪو)
    180. گدڙ ڪڏهن به شينهن نه ٿي سگهندو. (پھاڪو)
    181. گڏھ جو پڇ ته گڏھ جو پڇ ئي رهندو. (پھاڪو)
    182. گڏھ کي شاديءَ جو دعوتنامو مليو، چي؛ ”ڄاڃين لاءِ پاڻي ڀرڻو آهي“. (پھاڪو)
    183. گُگَر گِگِر، پنڊا اڙيا. (ٿر، پهاڪو)
    184. ڳڙ نه ڏجي ته ڳڙ جهڙي ڳالھ ته ڪجي. (ھندي، پھاڪو)
    185. گهڻن سان، الله جي مدد شامل آهي. (چوڻي)
    186. گهڻي کاڌي، گهڻو جوکو. (چوڻي)
    187. لالچ، بري بلا. (چوڻي)
    188. لالچ، سِر وڃائي. (چوڻي)
    189. لتر کي پڄي چڪر، چڪر کي پڄي لتر. (چوڻي)
    190. لُچ جي چَٽَ تي نه وڃجي. (چوڻي)
    191. لچ جي صحبت ۾ چڱو مڙس پڻ گلاهاب ٿئي. (چوڻي)
    192. لچ کي چڱي مت ڏَسڻ، آهي پاڻ لاءِ جنجل پرائڻ. (چوڻي)
    193. لڏ هيٺان به لعل لڀيو وڃي. (پھاڪو)
    194. لکيون لوهارن کي چڏن ۾ چڻنگون. (پھاڪو)
    195. لڳي ته لائي، نه ته رن پرائي. (پھاڪو)
    196. لڳي هووئي ته ڪل پوئي، نه ته لڳي واليان نُون پڇ. (سرائيڪي)
    197. لوھ پارس سان گسندو ته سونُ ٿيندو. (پھاڪو)
    198. لوھ، لوھ کي ڪٽي. (چوڻي)
    199. مادرزاد انڌي کي عينڪ جي ڪهڙي ضرورت. (پھاڪو)
    200. مٿي تي رکيل وزن، وري به پيرن کي کڻڻو ٿو پوي. (پهاڪو)
    201. محنت جو ڦل، هر ڪنهن کي ملي ٿو. (چوڻي)
    202. مرشد به جهڙو ماڻهو. (پھاڪو)
    203. مروان موت، ملوڪان شڪار. (پھاڪو)
    204. مڙس اهو آهي، جو پريندي ٻلي ماري. (پهاڪو)
    205. مئي پڄاڻان؛ سج اڀري ته ڇا، نه اڀري ته ڇا؟ (پھاڪو)
    206. مئيءَ وٿ جو ملھ ناهي. (پھاڪو)
    207. ميان جي مڏي؛ ٻه ڏندڻ، ٽين تڏي. (پھاڪو)
    208. ميلي کان، جھميلي ۾ رهڻ ڀلو. (چوڻي)
    209. نا انصافي جت ٿيندي، تباهي ات ايندي. (چوڻي)
    210. نادان دوست کان، داناءُ دشمن ڀلو. (چوڻي)
    211. نڀاڳو پاڻي ڀرڻ لاءِ وڃي؛ يا کوھ سڪي، يا رسي ٽُٽي. (پھاڪو)
    212. نصيبن کان ڀڄي ڪين سگهبو. (چوڻي)
    213. نفاق ۾ نقصان آھي. (چوڻي)
    214. نفعي جي ڳالھ، بيمار کي به چاق ڪري. (پھاڪو)
    215. نقصان جنهن جو ٿئي، پڇا ڳاڇا به ان کان ٿئي. (پھاڪو)
    216. نه ڪنهن کي عقل منجهايو آ، نه ڪنهن کي سونهن سڪايو آ. (چوڻي)
    217. نيڪي ڪر، درياھ ۾ اڇل. (اردو، چوڻي)
    218. نيڪيءَ جو بدلو، برائيءَ ۾ نه ڏجي. (چوڻي)
    219. نيم طبيب، خطرھ جان. (پهاڪو)
    220. واڇان، نوڙي کڻي هلي ڇيڻن کي. چي؛ ”ٻجهو ته ٻجهو، نه ته مور نه ٻجهو.“ (پھاڪو)
    221. واڙيءَ ٻارنهن، هٽ اٺارنهن، گهر ويٺي چوويھ. (پھاڪو)
    222. وڇون آهي ننڍڙو، پر وھ جو آهي ڳنڍڙو. (چوڻي/ پھاڪو)
    223. وڏن کي، وڏا ڏک. (چوڻي)
    224. وڏو بيوقوف اهو آهي، جو سڀاڻي جي ڳڻتي نه ڪري. (چوڻي)
    225. ونڊي ورهائي کنيل ڪم، جلد نبري ٿو. (چوڻي)
    226. وڻ جي جنھن ٽاريءَ تي ويهجي، تنهن کي نه وڍجي. (پهاڪو)
    227. وڻي نه وڻي، وچئون گرھ کڻي. (چوڻي)
    228. ويل ويل هٿ نه ايندي! (چوڻي)
    229. هٿ جي ڪنگڻ لاءِ، ڪهڙي آرسي. (پھاڪو)
    230. هر بيماريءَ جو علاج ساڳيو نه هوندو آهي. (چوڻي)
    231. هر ڪنهن وٽ پنهنجي معتبري اهم آهي. (چوڻي)
    232. ھر ڪنھن کي دل گھري شيءِ وڻي ٿي. (چوڻي)
    233. هر ڪو پنهنجو نصيب کائي ٿو. (چوڻي)
    234. هر ڪو عادت کان مجبور آهي. (چوڻي)
    235. هر ڪو پاڻ کي سهڻو سمجهي ٿو. (چوڻي)
    236. هر ماڻهو، پنهنجي ڳالھ لاءِ دليل رکندو آهي. (چوڻي)
    237. هرڻ جي اڃ ۽ رڻ جي رڃ کٽڻي ناهي. (پھاڪو)
    238. هر ڳالھ ۾ حڪمت/ ڀلائي آهي. (چوڻي)
    239. هر وقت، گذري ويندو. (پشتو، چوڻي)
    240. هڪ سونو ڳھ، ٻي زبان سهڻي، پوءِ ڪير نه رکندو ڳھ. (پهاڪو)
    241. همتِ بنده، مدد خدا. (فارسي،چوڻي)
    242. هنر چوي؛ آ بادشاھ. (چوڻي)
    243. هنر واري جو هنر کپي، بي هنر جي جند کپي. (چوڻي)
    244. هو ساڻ نه نيندا، هيءَ ڏاند تي چڙهندي. (پهاڪو)
    245. يار چاڪي، جوڳ رکي. (پهاڪو)


    انجنيئر عبدالوهاب سهتي جا ڇپيل ڪتاب

    • ڪھاڻيون (ڇپيل)
    1. ھراس آڪٽوبر ۱۹۸۹ع
    2. جڏھن بت ئي چوي ڪافر نومبر ۱۹۹۲ع
    3. ھٿ جي وڍي ۱۹۹۹ع

    • پھاڪا ۽ چوڻيون/ ورجيسون (ڇپيل)
    1. ننڍڙي روپ وارا، چوڻيون ۽ پھاڪا اپريل ۲۰۰۲ع
    2. ورجيسون: پسمنظر ۽ ڪارج نومبر ۲۰۰۳ع
    3. موزون آکاڻين تي مشتمل پھاڪا ۽ چوڻيون آگسٽ ۲۰۰۴ع
    4. اترادي پھاڪا ۽ چوڻيون مارچ ۲۰۰۶ع
    5. گل شڪر (نئين سر لکيل) مارچ ۲۰۱۱ع
    6. پهاڪن ۽ چوڻين بابت تنقيدي مضمون (ترتيب) جولاءِ ۲۰۱۵ع
    7. لاڙي پھاڪا ۽ چوڻيون سيپٽمبر ۲۰۱۵ع
    8. ڳوٺاڻو ڳُـڙ (نئين سر لکيل) ڊسمبر ۲۰۱۵ع
    9. ماڳن مڪانن جي نالن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون جُون ۲۰۱۶ع
    10. طبي پهاڪا ۽ چوڻيون ڊسمبر ۲۰۱۶ع
    11. چونڊ سنڌي چوڻيون (ترتيب ۽ تدوين) فيبروري ۲۰۱۷ع
    12. ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون اپريل ۲۰۱۷ع
    13. پهاڪن ۽ چوڻين بابت مقالا ۽ مضمون (ترتيب) آگسٽ ۲۰۱۷ع
    14. گهاگهر منجهه ساگر (تاليف و تصنيف) جنوري ۲۰۱۸ع
    15. پهاڪن جي پاٻوهه (سنوار سڌار) اپريل ۲۰۱۸ع
    16. شاهه جي شاعريءَ جو پهاڪاتي پهلُو (ترتيب) آڪٽوبر ۲۰۱۸ع
    17. نصيحت آموز آکاڻين وارا پھاڪا ۽ چوڻيون مارچ ۲۰۱۹ع

    • تاليف ۽ ترتيب
    1. عبدالڪريم گدائي؛ روايت ۽ بغاوت جو شاعر جنوري ۲۰۰۶ع
    2. تنقيدون ۽ تجزيا- پروفيسر نذير احمد سومرو جنوري ۲۰۱۳ع
    3. موھيو مون کي جن- پروفيسر نذير احمد سومرو مئي ۲۰۱۵ع

    • پھاڪا ۽ چوڻيون (اڻ ڇپيل)
    1. چوڻين ۽ پهاڪن تي مشتمل مضمون ڇپائيءَ ھيٺ
    2. تاريخي واقعن منجھان نڪتل چوڻيون ۽ پھاڪا ڇپائيءَ ھيٺ
    3. پھاڙي پهاڪا ۽ چوڻيون ڇپائيءَ هيٺ


    ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر پاران ڇپرايل ڪتاب

    ۱. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا .......................................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (ختم)
    ۲. ماڻهو ۽ ماڻهپو .......................................................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (ختم)
    ۳. آبشار ............................ جبران خليل جبران/انجنيئر شفقت حسين وڌو (ختم)
    ۴. يادون ۽ سُڪونُ ......................................................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (ختم)
    ۵. ٻوليءَ جو بڻ .............................................................. ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (ختم)
    ۶. سائنسي ڄاڻ ....................................................................... اجمل هديٰ ڀٽو (ختم)
    ۷. ڪامياب زندگي ڪيئن گذارجي؟ ............................ شفقت حسين وڌو (ختم)
    ۸. سنڌي ٻولي: لفظ، لغت ۽ لکيت ............................. ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/۵۰)
    ۹. رانديڪو ................................................................................... ملهار سنڌي (ختم)
    ۱۰. ٻه ٽي جام پيئڻ کان پوءِ ....................... عمر خيام/ شفقت حسين وڌو (ختم)
    ۱۱. گريٽر ٿل ڪئنال ۽ ڪالا باغ ڊيم .................... محمد ادريس راجپوت (ختم)
    ۱۲. شعور ......................................................................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (ختم)
    ۱۳. شام جي هوا ........................................................................ رياضت ٻرڙو (ختم)
    ۱۴. هوا ۾ ٻرياسين ...................................................................... بيخود بلوچ (ختم)
    ۱۵. تقريرون .............................................................................. غلام علي چنه (ختم)
    ۱۶. موسى کان مارڪس تائين ............... سِبطِ حسن/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/۱۰۰)
    ۱۷. پنج ڏينهن .............................................. سعادت حسن منٽو/رضوان گل (ختم)
    ۱۸. وکر ڌارو ڌار ...................................................................... غلام علي چنه (ختم)
    ۱۹. ڪونج .................................................................................. غلام علي چنه (ختم)
    ۲۰. ديوانِ رياضت ....................................................................... رياضت ٻرڙو (-/۶۰)
    ۲۱. تحفو .............................................................................. حسن علي هڪڙو (-/۴۰)
    ۲۲. جيون تنهنجي نانءِ ............................................................ وفا اسلم شيخ (-/۵۰)
    ۲۳. ساحل ۽ سمنڊ ................. جبران خليل جبران/پروفيسر عطاءُ اللھ ابڙو (-/۴۰)
    ۲۴. سنڌ: حڪمران، ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي عوام .... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/۹۰)
    ۲۵. قنبر: هڪ اڀياس ............................ ايڊيٽر ۽ سهيڙيندڙ: رياضت ٻرڙو (ختم)
    ۲۶. قنبر تعلقو: مختصر ڄاڻ سڃاڻ ............... مرتب: دين محمد ڪلهوڙو (ختم)
    ۲۷. گرهن جي کوجنا ................................. جيقئلن مٽن/ جاويد حسين وڌو (ختم)
    ۲۸. ٻول جو بڻ ............................................................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/۱۰۰)
    ۲۹. ڳولا .................................................... ٽيلر ڪالڊويل/ شفقت حسين وڌو (-/۸۰)
    ۳۰. چانڊوڻا چمڪن ............................ .......................... مرتب: رياضت ٻرڙو (ختم)
    ۳۱. سڄڻ ماکيءَ ميٺ ....................................................................... اسد چاچڙ (-/۴۰)
    ۳۲. ڌرتي: منهنجو گھر ................................................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/۴۰)
    ۳۳. آڳاٽي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي ............ ايم ايڇ پنهور/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/۱۲۰)
    ۳۴. فلسفو: هڪ مطالعو ............................................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/۱۰۰)
    ۳۵. ضميري پڇاڙيون .................................................. ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/۱۰۰)
    ۳۶. سنڌي ٻوليءَ جون حسناڪيون ........................ ڊاڪٽر بشير احمد شاد (-/۱۲۰)
    ۳۷. پيرل قنبر .......................................................................... ڪوڙل قربدار (-/۱۶۰)
    ۳۸. اهنجي ڌرتي ............................................................ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/۱۳۰)
    ۳۹. ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (شخصيت، فڪر ۽ فن) ................ رياضت ٻرڙو (-/۲۰۰)
    ۴۰. ابتدائي سائنس (ٽئين درجي لاءِ) ................................ جاويد حسين وڌو (ختم)
    ۴۱. ابتدائي سائنس (چوٿين درجي لاءِ) ............................ جاويد حسين وڌو (ختم)
    ۴۲. ابتدائي سائنس (پنجين درجي لاءِ) ............................. جاويد حسين وڌو (ختم)
    ۴۳. فطرت، سائنس ۽ سماج .......................................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/۱۵۰)
    ۴۴. پهاڪن ۽ چوڻين بابت تنقيدي مقالا ........ انجنيئر عبدالوهاب سهتو (-/۱۲۰)
    ۴۵. لاڙي پهاڪا ۽ چوڻيون ............................... انجنيئر عبدالوهاب سهتو (-/۱۲۰)
    ۴۶. ڳوٺاڻو ڳُــڙ ............ ڄاڃي لال ڊي آهوجا ۽ انجنيئر عبدالوهاب سهتو (-/۱۴۰)
    ۴۷. محبت جا خط ........................................................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/۲۰۰)
    ۴۸. ماڳن مڪانن جي نالن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون...انجنيئر عبدالوهاب سهتو (-/۱۵۰)
    ۴۹. طبي پهاڪا ۽ چوڻيون ................................ انجنيئر عبدالوهاب سهتو (-/۱۲۰)
    ۵۰. معلوماتي مالها .......................... واحد بخش تونيه ۽ عابد حسين تونيه (-/۲۰۰)
    ۵۱. چونڊ سنڌي چوڻيون ... ڪيرت مهرچنداڻي ۽ انجنيئر عبدالوهاب سهتو (-/۱۴۰)
    ۵۲. معلوماتي مالها (ٻيو ڇاپو) ....... واحد بخش تونيه ۽ عابد حسين تونيه (-/۲۲۰)
    ۵۳. ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون .................................... انجنيئر عبدالوهاب سهتو (-/۶۰۰)
    ۵۴. محبت جن جي من ................................ ترتيب ۽ تدوين: رياضت ٻرڙو (-/۴۰۰)
    ۵۵. ڌرتي: منهنجو گهر (ٻيو ڇاپو) ............................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/۱۰۰)
    ۵۶. اکئين ڏٺم جو ....................................................................... عاشق منگي (-/۱۴۰)
    ۵۷. گهاگهر منجهه ساگر (هندڪو پهاڪا ۽ چوڻيون) ... انجنيئر عبدالوهاب سهتو (-/۱۵۰)
    ۵۸. پهاڪن جي پاٻوهه ........... تيرٿداس پيسومل/انجنيئر عبدالوهاب سهتو (-/۲۰۰)
    ۵۹. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا ۽ سنڌي ٻولي .............. ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/۴۰۰)
    ۶۰. شاهه جي شاعريءَ جو پهاڪاتي پهلُو ... مرتب: انجنيئر عبدالوهاب سهتو (-/۲۴۰)
    ۶۱. معلوماتي مالها (ٽيون ڇاپو) ....... واحد بخش تونيه ۽ عابد حسين تونيه (-/۲۸۰)
    ۶۲. نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون .. انجنيئر عبدالوهاب سهتو (-/۳۰۰)
    ***


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 831
    ڪتابن جو مشاهدو: 2070626
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 539685
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ