ڪتاب جو نالو: سرگم جا ست رنگ
مصنف: زاهد شيخ
ڇپائيندڙ: نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 26 سيپٽمبر 2019 ع
پڙهيو ويو: 500 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 125 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ھي ڪتاب نامياري شاعر ۽ راڳي زاھد شيخ جي غزلن جو مجموعو آھي. انعام سنڌي لکي ٿو:
”زاهد نه رڳو شعر رچيندڙ پر ان سان گڏوگڏ ۽ شايد ان کان رتي به گهٽ نه، هي ٻيجل جي ڏات جو پڻ ڄاڻو آهي ۽ هڪ وڏي زماني تائين ڪنڌ ڪڪوريندڙ ته نه پر دليون ڌڪ ڌڪ ڌڙڪائيندڙ ۽ موهي ڇڏيندڙ شاعر جو تاج پنهنجي مٿي تي رکي هلندڙ آهي... اسان جو زاهد ڄڻ نئون جيون وٺي پر، ڪلهه جا هڙ گيت سراسر سنگيت ڪـٺو ڪري اڀري آيو آهي...“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر جو نوٽ
  • پنهنجي پاران
  • غزل

  • تُنهنجا مُنهنجا ساههَ سهارا سارا بيت ڀٽائيءَ جا
  • تون پُڇين ٿو ته ڪيئن ٿي ٿئي شاعري
  • مُنهنجي قلم جيڪا ڄَڻي شاعري
  • جو ٿو گَهري سوچَ رکي سو شاعر آ
  • مِٺيون کارڪون ۽ ٿڌو جر جو پاڻي
  • پهر پهر جو ڪڙو زهر آ مگر ٿو مُرڪي پيئان مان زاهد
  • جبر سان جنگ جو اعلان ڪبو ڇو نه ڪبو
  • هن پهر ۾ ئي هر خوشي آهي
  • اچي ٿو جو به ڪهاڻي ڇڏي هليو ٿو وڃي
  • منهنجو توساڻ جو به پل آهي
  • ڪڏهن ها ۽ ڪڏهن ننهن جي اشارن کي ته سمجهايو
  • جواني مَست آ مَدهوش آ مَخمُور آ سائين
  • اُٿو اُميد جو پيغام ڏيو وڌندا هلو يارو
  • روشنين جو شهر بڻجي ويو انڌيرن جو شهر
  • ڳالهه رُڳو ڪرڻي ناهي پر ڪم به سائين ڪرڻو پوندو
  • چاهه سان چاهه جي رهندو ته چاهتون مِلنديون
  • پَنهنجن جا پاڻ ۾ اَڄُ تڪرار ٿي پيا
  • سمنڊ چنڊ ۽ تون مون لاءِ
  • سِجُ اُڀريو آ تون به آءُ پرين
  • کِلي ٿي ڏِسي جي اگر ڇوڪري
  • ٿا پاڻ کي پڏائن ماڻهو عجيب آهن
  • ڏنو تو به مون کي مِٺو چاهه آ
  • دل کي دلبر تُنهنجي دوري ماري ٿي
  • اصول عشق ۾ رکڻو اِهو پڪو آهي
  • سڄي حياتي خُمار تنهنجا
  • امير ماڻهو غريب ڳالهيون
  • مان اوهان کي حُضورُ چاهيان ٿو
  • هو جن تي ناز هِنَ دل کي اُهي دلدار وڇڙي ويا
  • دم دم دل ۾ هُو هُو هُو آ
  • هَر ڪو پَنهنجي ڳالهه ڪري ٿو
  • لِڪي لِڪي تو پَري کان پرين سلام ڪيو
  • بَچو شَر پَسندَن جي شَرَ کان بَچو
  • جڏهن ننڊ مان ٿا اُٿَن مَستَ ماڻهو
  • هر ڪنهن مومل جو ڪو هِڪڙو راڻو هوندو آ
  • سِتارن جي دُنيا ۾ گُم ٿي نه وڃجو
  • دل جڏهن ڪنهن لئه ديواني سمجهي
  • تو سوا مان غريب ٿي ويندس
  • اسان جا ذِهنَ ۽ زِندَهه ضميرَ جاڳن ٿا
  • پاڻ اهڙي جهان ۾ آهيون
  • وفا جتي آ اُهو در نٿو ڇڏي سگهجي
  • اکڙين کان دل ۾ دل کان سمائي آ ساهَه ۾
  • بيوفا همراز ٿيندا ٿا وڃن
  • لوڪُ پُڇي ٿو ڇاهي زاهدَ جي دل ۾
  • تنهنجي پيار جي دنگل ۾ ڦاسي پياسين
  • اسان جي حياتي سفر ئي سفر آ
  • هندو به آ اِنسان مُسلمان به اِنسان آ
  • ڇير پائي جڏهن ناچڻي ٿي نچي
  • هتي هر قدم ڪو نه ڪو درد آ
  • حالات جي طوفان ۾ انسان مَٽجي ٿو وڃي
  • ڏکن ۾ ڏنا ٿئي سَهارن جا ڏينهنڙا
  • مَسرُور ٿيا آهيون
  • لِڪائي نه ڏي تون سَرِ عام ڏي
  • ورهين کان پويان اَڄُ رات
  • هر ساز پُڪاري ٿو
  • زندگي تو سِوا گُذري ٿي پر سُٺي نٿي گُذري
  • ڪيو ٿا رِيس اجايو نَصيِبَ وارن سان
  • کائڻ به زهر هو پيئڻ به زهر هو
  • اي يارَ تون به پُڇين ٿو ته ڪير آهيان مان
  • منهنجي جهوليءَ ۾ جيڪو پيار آ تنهنجو آهي
  • ڪا دوستي نِڀائبي ڪا دشمني نِڀائبي
  • سُورَ ڏئي هر سال هَليو وِيو
  • هي راڄ مظلوم هو آ ظالم اوهان نٿا چئو اسين چئون ٿا
  • سَڄي سَڄي رات مان سَڙان ٿو – تڏهن ته دانهُن ۾ درد آهي
  • تون ورهين کان ساقي آهين – شل مئخانو آباد رهئي
  • عزت جنهن به وڃائي هوندي
  • جهاڳبو جَهنگُ جَهر مِلي وِيوِ آ
  • بي وفا ساڻ گڏ گُذاريان ٿو
  • ساٿ تُنهنجو جي سدائين رهندو
  • شهر ڇڏيون ٿو وڃان پر دُعا ڪندو ٿو وڃان
  • ڀَڄندي ڀَڄندي لُڇندي لُڇندي، ڪُجهه گُذري وَئي ڪُجهه گُذري پَئي
  • تو سان پنهنجو نينهن نرالو ڳايان ٿو
  • هي پيار ڏاڍو مِٺو مِٺو آ
  • تنهنجي مئخاني ۾ آ يل آهيان
  • درد جي رات وڏي رات آ گُذري ئي نٿي
  • دل جي دُنيا کي اُجاڙي تون هليو وئين ڪاڏي
  • عزت واري ڳالهه ڪنداسين
  • سَڀُ قيمتي پل آهن
  • تون چوين ٿو ته مان خاموش رهان ڪيئن رهان
  • پيار پنهنجي جو اڃان آهي زمانو ساڳيو
  • ڪم ته سڀني جو آهي پر ڪير ڪندو
  • جِتان وَفا نه مِلي آ اُتي وَري نه وَڃو
  • تو سِوا ڇا ڪجي
  • عاشقو ايڏو ظلم ڇو ٿا ڪيو
  • اي حَسينو هي قهر ڇو ٿا ڪيو
  • جيءَ کي اهڙو جيئاري ڇَڏجي
  • مُنهنجي مَنَ ۾ ائين رَهيو آ مُنهنجي مَنَ جو ميت الا
  • سارو جڳ اَپ سيٽ لڳي ٿو
  • درد جي ديس ۾ سُورَنَ جو سَتايل ماڻهو
  • ڪروڙين ڪهاڻيون فليٽن ۾ آهن
  • اَندَر مَنجهه آ دم بَدم عاشقي
  • جتي ٿي وفائون ڏئي دوستي
  • پنهنجي دل مون ائين ڏِٺي آهي
  • سونهن تُنهنجي سدا ٿي اَنوکي لڳي
  • واٽَ ۾ آهي ٻاٽَ ڏيئو ڪو ٻاري هَل–
  • ڪيائين پيارمگر پيارَ کي سمجهي نه سگهي
  • هي ڪيڏو ته پيارو شهر آ سَڄو
  • دوستن ۾ ورهائجي ويا سين
  • سدائين سوچَ ۾ ڪيڏو وَڏو سَفر ٿا ڪيون
  • گُلن سان خاراٽڪي پيا وڻن سان ڏار اٽڪي پِيا
  • ناهي نَشو شراب جي پُر جوش ڍُڪن ۾
  • مِٺا اَنب ٿي وِيا پَڪا ڏَنگَ ڏوڪا–
  • نه مِلڻ جي ڪا آرزو نه وڇوڙي جو غم–
  • ڏِنئي جاءِ دل ۾ رَکيُئي جيءَ ۾ جاني–
  • بي وَسيون پُڪارن ٿيون زندگي ڪٿي آهين–
  • جي ڪنهن جي دل سان سَچو دل جو عشق ٿي ٿو پوي،
  • نظر نظر سان مِلائي خُمار ڏئي وئي آ–
  • عجب نيڻ آهن غضب ٿا ڪَرِن–
  • شال ٿڌڪار ۾ رَهين راڻا – مان ته سَحرا ۾ ٿو سَڙان تو لئه
  • دَڳن ۾ درد مِلن ٿا بَچي بَچي هَلجو–
  • مُحبتَ به ڪيئون ٿا ته سَچائيءَ سان ڪيئون ٿا–
  • ڪائنات ۾ تخليق جو شاهاڪار آ عورت
  • ڏاڍي ڏور منزل نه ڪو ساڻ ساٿي جَڏو جيءُ آهي جيئاريون پَيا
  • نانءُ تُنهنجو لِکيم دِل مَٿان ساري دُنيا وِساري ڇَڏيَم–
  • ڪُونجَ نِماڻي ڪيٽي بَندَر جي راڻي–
  • سُڪونَ جي تلاش آ سُڪون آ ڪِٿي–
  • راتِ رولي نه ڇَڏي راهَه پُڇڻ بَهِتَر آ–
  • عشق سُرن جو آهي اعلى–
  • دوستن جا دلبرن جا - گهر سدا وسندا رهن
  • بئڪ ٽائيٽل پيج

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    سرگم جا ست رنگ (غزل)
    شاعر: زاهد شيخ
    انگ: هڪ هزار
    ڇاپو پهريون: آڪٽوبر 2016
    پاران: نئون نياپو اڪيڊمي،
    سي-4، سچل ڳوٺ گلشن اقبال ڪراچي
    Ph: 021-332624153, 34690389
    Cell # 0333-2311582
    مُلهه:300 رپيا

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2019ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    ارپنا

    مان پنهنجو هي ڪتاب دُنيا جي ٻن عظيم ترين آوازن سائين مهدي حسن ۽ سانئڻ لتا منگيشڪر جي نانءِ ڪيان ٿو جن جي سَدا بهار آوازن کي ٻُڌڻ وقت مان پنهنجي وجود ۾ سچن سُرن جي سچائيءَ کي ڏاڍي گهرائيءَ سان محسوس ڪندو آهيان مان اِها پنهنجي خوش نصيبي سمجهان ٿو ته انهن جي دور ۾ پيدا ٿيس ۽ هي ٻه اَمر آواز ٻُڌم جي هنن جي دور کان اڳ ۾ پيدا ٿي مَري وڃان ها ۽ هي ٻه مٺڙا آواز نه ٻُڌان ها ته وڏو بدنصيب هُجان ها! هي ٻه آواز مونکي هميشه زندگيءَ جي هُجڻ جو احساس ڏياريندا رهيا آهن.

    زاهد شيخ


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سرگم جا ست رنگ“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ھي ڪتاب نامياري شاعر ۽ راڳي زاھد شيخ جي غزلن جو مجموعو آھي. انعام سنڌي لکي ٿو:
    ”زاهد نه رڳو شعر رچيندڙ پر ان سان گڏوگڏ ۽ شايد ان کان رتي به گهٽ نه، هي ٻيجل جي ڏات جو پڻ ڄاڻو آهي ۽ هڪ وڏي زماني تائين ڪنڌ ڪڪوريندڙ ته نه پر دليون ڌڪ ڌڪ ڌڙڪائيندڙ ۽ موهي ڇڏيندڙ شاعر جو تاج پنهنجي مٿي تي رکي هلندڙ آهي...
    اسان جو زاهد ڄڻ نئون جيون وٺي پر، ڪلهه جا هڙ گيت سراسر سنگيت ڪـٺو ڪري اڀري آيو آهي...“
    ھي ڪتاب 2016ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ، ڪراچي پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون نئون نياپو جي سرواڻ انعام سنڌيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ ٿورا پياري زاھد شيخ جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر جو نوٽ

    سنڌ ۾ شاعري ازلئون هر عام ۽ خاص جي اظهار جي بهترين وِٿ رهي آهي... ماضيءَ جي ڳالهه کڻي ڪري بس ڪيون، پر حال ۾ به اسان جا نج سنڌي حڪمران نه نه ڪندي به شعر ۾ پنهنجا خيال پڌرا ڪرڻ ۾ ئي ڄڻ سڦلتا سمجهن ٿا...
    مثال طور ٻه دفعا وزير اعظم جي پد تي رسيل بينظير ڀٽو پڻ پنهنجي پاڻ هرتڙي ئي پر جلاوطنيءَ ۾ هڪ ڊگهو نظم ”شاهه لطيف ۽ مارئي ملير جي“ لکي سنڌ جي ان پراڻي ريت کي پاڻي ڏنو:
    ٻيو ته اسان جا وڏا وڏا سياستدان پڻ ان رنگ سان سلهاڙيل رهيا آهن جهڙوڪۡ: حيدر بخش جتوئي، رسول بخش پليجو ۽ شايد ٻيا پڻ ان واهڙ منجهان هٿڙا ڌوئي چڪا هوندا جن بابت مونکي کڻي ڪل نه به هجي ...

    اسان وٽ رت ۽ خوشبوءِ ٻنهي اسڪولن جا شاعر موجود آهن: هڪڙا مارئي معنا وطن جي حب، مهانتا ۽ رسائيءَ واري جاکوڙ ۾ شعر چون ته ٻيا وري راڻو ڳائي پرينءَ کي پرچائڻ ۾ ماهر....
    انهن ٻنهي اسڪولن جي ابي ڀٽائيءَ ڪيڏي نه سٿرائي ۽ سهنج سولائيءَ سان ٻنهي کي هڪ ڪري ڏيکاريو آهي:
    سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسي وسري...
    حيف تنين کي هوءِ، وطن جن وساريو
    اڄ به اسان وٽ ٻنهي اسڪولن جا گيت عام جام واهپي منجهه آهن، جن جي خاص سڃاڻپ آهن: شيخ اياز ۽ استاد بخاري
    پر ڳالهه اتي به دنگ نٿي ڪري گهڻو اڳتي وڌي ٿي وڃي ۽ هڪ هنڌ اهڙو پڻ اچي ٿو جتي ڪير ساڻيهه بنا ٻي ڪا ٻولي نٿو ٻولي ان ئي زماني جو شاعر آهي اسان جو زاهد شيخ جنهن جا ٻول ته اڻڳڻيا پر اُهي ٻول ڪير وساري:
    “ننڍڙي ننڍڙي هٿڙي، ۾ اڄ ڳاڙهو ڳاڙهو جهنڊو آ”
    ۽ اهڙا انيڪ سڏ پڙاڏا بڻجي ويل سندس ٻهه ٻهه ٻول جن کان ڪن لاٽار ڪرڻ سولي به ناهي...
    ۽ زاهد نه رڳو شعر رچيندڙ پر ان سان گڏوگڏ ۽ شايد ان کان رتي به گهٽ نه، هي ٻيجل جي ڏات جو پڻ ڄاڻو آهي ۽ هڪ وڏي زماني تائين ڪنڌ ڪڪوريندڙ ته نه پر دليون ڌڪ ڌڪ ڌڙڪائيندڙ ۽ موهي ڇڏيندڙ شاعر جو تاج پنهنجي مٿي تي رکي هلندڙ آهي...
    تان جو اڄ کان ڪي ورهيه ٿيا جو سنڌ ۾ چئوڦير سانت سلهاڙجي وئي هئي ۽ سياست ڪنهن اونداهي ڪنڊ ۾ منهن هڻي ڇپ ڪري ويهي رهي هئي ۽ ادب ڪک پن ٿيندي ٿيندي جو بچيو ته، وري سڳنڌن جي هير گهلي ۽ سمورا ڪلهه جا جر جر جرڪندڙ ٽانڊاڻا ۽ ٻلهارپ جا جهرڻا انگاس تان وهي پيا ۽ سنڌ نئين سِر، سُر، ساز ۽ سياست سان نروار ٿي ته، اهي ڪُل ڀاڳيا جي ڪلهه جي سونهن هئا سي وسڪارن ۾ کنڀين جان اڀري آيا آهن...
    اسان جو زاهد پڻ ڄڻ نئون جيون وٺي پر، ڪلهه جا هڙ گيت سراسر سنگيت ڪـٺو ڪري اڀري آيو آهي...
    نئون نياپو هميشه سنڌ پرستيءَ جي سنيهي جو ساٿاري رهيو آهي ۽ رهندو ...
    ان ئي سلسلي جو هي هڪ هارُ ، زاهد جا ڪتاب لڳاتار
    جيون گيت خوشيءَ جا
    سرگم جا ست رنگ

    زاهد شيخ جي مڙوئي ميڙي چونڊي جيون جي ڪل ميراث نئون نياپو اوهان لاءِ هڪ کان پوءِ ٻيو ڪتاب پڌرا ڪندو هلندو...
    ساڳي پراڻي آس تي ته، شل ڪو ڪتاب يا ڪنهن ڪتاب جي ڪا سٽ سنڌوءَ ۾ رتوڇاڻ جي ڇولي بڻجي پوي ۽ جهنگ جهر مان جهانگي ڪر موڙي اٿن ۽ اڻکٽ رات کي چير اچي پوي...
    زاهد شيخ جو ڪتاب اوهان جن هٿڙن ۾ اچي ويو آهي. ان بابت پنهنجي پورَ پچار کان نئون نياپو ۽ زاهد شيخ کي ڄاڻڻهار ڪندا هلندا ته ٻئي... زاهد ۽ نئون نياپو ان کي پنهنجي سڦلتا سمجهندي وڏي ھمت، جوش ۽ جذبي سان اڳتي وڌندا هلندا ۽ نوان نوان گيت ۽ سنگيت جا جهرڻا اوهان کي آڇيندا رهندا...

    اوهان جو

    سنڌي انعام


    پنهنجي پاران

    دوستو! “نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچيءَ پاران مُنهنجو هي ٻيو ڪتاب ”سرگم جا ست رنگ“ اوهانجي هٿن ۾ آهي، هن کانپوءِ ٻارنھن ڪتاب ٻيا به آهن جن کي ڇپائڻ جي لاءِ به نئون نياپو جي اڳواڻ ڀاءُ سنڌي انعام پڪو پَههُ ڪيو آهي اُميد ته اُهي ڪتاب به وقت سر ڇپجي اوهانجن هٿن تائين ضرور پهچندا.
    مون شاعريءَ جي شروعات سال 1975ع کان پرائمري تعليم دوران ڪئي هُئي جيڪو سلسلو سال 1996ع تائين ڏاڍي تيزيءَ سان هليو پر اُن کانپوءِ ذاتي زندگيءَ ۾ ڪُجهه اهڙا ڏکيا موڙ آيا جو لکڻ پڙهڻ کي ٽائيم ڏيڻ منهنجي لاءِ مُشڪل ٿي پيو پر پوءِ به ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ڪجهه وقت ڪڍي ٿورو ڪي گهڻو لکندو رهيو آهيان پر حقيقت ۾ مون گهڻي شاعري ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ جي شاگرديءَ واري دور ۾ ڪئي هُئي جنهنکي هاڻي جڏهن ترتيب سان فيئر ڪيو اٿم ته ٻاراڻي شاعريءَ جي چئن مجموعن سميت ٽوٽل چوڏھن ڪتاب ٿيا آهن جن کي هاڻي ڇپائي هٿيڪو ڪرڻ چاهيان ٿو ۽ اِهو ڪم ڏاڍي پيار ۽ پنهنجائپ سان ڀاءُ سنڌي انعام پنهنجي هٿن ۾ کنيو آهي. پر اِن سلسلي ۾ اوهان سڀني پڙهندڙ دوستن به موسان ڀرپور ساٿ نڀايو آهي. مُنهنجا ڪتاب خريد ڪري پڙهو ٿا ۽ پنهنجي راءِ کان آگاهه ڪيو ٿا اِن لاءِ مان اوهانجا جيترا به ٿورا مڃان گهٽ آهن پر هِن ڪتاب جي باري ۾ هڪ اهم ڳالهه ڪرڻ تمام ضروري ٿو سمجهان ته هن ڪتاب “سرگم جا ست رنگ” کي جلدي ڇپائڻ جي لاءِ مُنهنجي نهايت ئي پياري دوست الله ڏني عُرف اي.ڊي مهر جنهن سچائيءَ سان مُنهنجو ساٿ ڏنو آهي سندس اُن ساٿ ۽ سَهڪارَ جي سچي جذبي کي مان ڪڏهن به وساري نه سگهندس. حقيقت ۾ مُنهنجي اِها خوش نصيبي رهي آهي ته مونکي زندگيءَ ۾ ڏاڍا سُٺا دوست مِليا آهن ۽ اِهي پيارا دوست ئي منهنجي زندگيءَ جو وڏي کان وڏو سرمايو آهن جن پنهنجي سچي ساٿ سان هميشه مونکي اڳتي وڌڻ لاءِ اُتساهه ڏنو آهي اُميد اٿم ته سنگت جو اِهو ساٿ سدائين سلامت رهندو ۽ اِن سچي ساٿ سان گڏ پنهنجي سنڌ به سدائين سلامت رهندي.

    اوهانجو پنهنجو

    زاهد شيخ

    ڪراچي سنڌ
    موبائيل نمبرز: 03363500030- 03042389924


    غزل

    تُنهنجا مُنهنجا ساههَ سهارا سارا بيت ڀٽائيءَ جا

    تُنهنجا مُنهنجا ساههَ سهارا سارا بيت ڀٽائيءَ جا
    هر ڪنهن پياريءَ شيءَ کان پيارا سارا بيت ڀٽائيءَ جا

    عشق اُلا ٿي اُڀري پِيو آ ڀٽ ڌڻيءَ جي ڀٽ مَنجهان،
    رَنگ نِيارا نِينهن نظارا سارا بيت ڀٽائيءَ جا

    تَندُ تنوارون پريت پَچارُون باغ بهارو سِنڌُ سڄي،
    ٿر وسڪارا ٻنيون ٻارا سارا بيت ڀٽائيءَ جا

    علم عقل ۽ سونهن جي ساگر جي هر لهر پُڪاري ٿي،
    ٻُڏندي ٻيڙيءَ لاءِ ڪنارا سارا بيت ڀٽائيءَ جا

    موجَ ڀري مهراڻ جي هر ڪنهن ڇوليءَ ۾آ شاهه لطيف،
    سنڌ نديءَ جا ڀاڳ ڀلارا سارابيت ڀٽائيءَ جا

    راتيون ڪيئن نه روشن رهنديون ڀٽ ڌڻيءَ جي ڀونءِ مٿان،
    وايون آهن چَنڊَ، سِتارا سارا بيت ڀٽائيءَ جا

    دنيا لاءِ دعائون ٿي پيا اهڙا لفظ لطيف لکيا
    جڳ سڄي جا جيءَ جيارا سارا بيت ڀٽائيءَ جا

    ڪَتُ کي پنهنجي رتُ ڏيان ٿو پوءِ به زاهد سوچُن کي
    ڏاڍي ڏين ٿا سگهه سگهارا سارا بيت ڀٽائيءَ جا


    تون پُڇين ٿو ته ڪيئن ٿي ٿئي شاعري

    تون پُڇين ٿو ته ڪيئن ٿي ٿئي شاعري
    دانهن دل جي ٿي بڻجي بيهي شاعري

    ذهن جي سَگهَه ۽ رُوحَ جي رڙ به آ،
    چاهَه جو چَسُ پئي ٿي ڏِئي شاعري

    ساهه مان سَچُ نڪري ٿو نيپوڙجي،
    آب امرت تڏهن ٿي پيئي شاعري

    جبر سان جنگ جوٽي ٿا جيڪي لکن،
    ٿي اُنهن شاعرن جي جيئي شاعري

    شاعريءَ جي ته زاهد سچي عشق ۾،
    مون آهي شاعريءَ تي ڪئي شاعري


    مُنهنجي قلم جيڪا ڄَڻي شاعري

    مُنهنجي قلم جيڪا ڄَڻي شاعري
    ڀٽائيءَ جي پيرن پَڻي شاعري

    مان پاليان پَيو ذِهن جي هَنجَ ۾،
    پنهنجي نينگري پَدمڻي شاعري

    لِکيم ٿورڙي پر لِکيم روحَ سان،
    ڪري ڇا ڪندُس مان گهڻي شاعري

    مُنهنجي شاعري دَردُ آ سِنڌُ جو،
    تڏهن سِنڌُ کي آ وَڻي شاعري

    اي سنڌوءَ جون ڇوليون سنڀالي رکو،
    وڃو مون وٽان هي کڻي شاعري

    جڏهن ٿر تي زاهد وسن مينهن ٿا،
    ٺهي ٿي پوي هر ڪڻي شاعري


    جو ٿو گَهري سوچَ رکي سو شاعر آ

    جو ٿو گَهري سوچَ رکي سو شاعر آ
    جو ٿو جَڳ جا درد لکي سو شاعر آ

    جو لفظن جا گوريلا هٿيار کڻي،
    هر ظالم سان جنگ وڙهي سو شاعر آ

    ماڻهن کي اُميدن واريون مُرڪون ڏئي،
    جو روئندن جا لُڙڪ اُگهي سو شاعر آ

    جيڪو هر ڪنهن روح جي اندر ۾ ويهي
    هر ڪنهن دل جي دانهن ٻُڌي سو شاعر آ

    حُسن شناسيءَ واري ديد رکي جيڪو،
    پيار جا پيارا دَرسَ ڏئي سو شاعر آ

    شاعر تي ڪجهه رحم ڪيو او بي رحمو،
    ڏک ڏِيو ٿا جنهن زاهد کي سو شاعر آ


    مِٺيون کارڪون ۽ ٿڌو جر جو پاڻي

    مِٺيون کارڪون ۽ ٿڌو جر جو پاڻي
    وِساري سگهان ئي نٿو شاهه لڌاڻي

    پنهنجي ڳوٺ جي سِڪَ ڏاڍي لڳي ٿي،
    ولر کان پري دل رهي ٿي ويڳاڻي

    هي پنهنجن جي هوندي به پنهنجن جي ناهي،
    ڪراچيءَجي ڪهڙي پُڇو ٿا ڪهاڻي

    اوهان کان جُدا هر گَهڙي ايئن گُذاريم،
    کَنيمُ ساههُ پئي پر هُئي جان ساڻي

    پُراڻن لٽن جهڙي ٿي وئي اسانجي،
    حياتي به هاڻي پُراڻي پُراڻي

    وڏا ڀاڳ ڀايان جي زاهد ملي پئي،
    مٺيءَ مُرڪ سان گڏ نظر ڪا نماڻي



    ”شاهه لڌاڻي“ منهنجي ڳوٺ جو نالو.


    پهر پهر جو ڪڙو زهر آ مگر ٿو مُرڪي پيئان مان زاهد

    پهر پهر جو ڪڙو زهر آ مگر ٿو مُرڪي پيئان مان زاهد
    اکين جو پاڻي جهلي جهلي ٿو ڏکن کي لوليون ڏيان مان زاهد

    پرين وفا آ پرين دُعا آ مان ڪنهن سان ڀيٽيان پرين پرين آ
    تڏهن جيئان ٿو جڏهن وڃي ٿو پرينءَ جي ڀرسان بيهان مان زاهد

    هي دل ٿي چاهي وِکون وڌائي غمن کي جيڪو ڇڏي گهٽائي،
    ڏکن ۾ورتل سڀن دلين جو ڪو ڏڍ اهڙو ٿيان مان زاهد–

    اکيون ٿيون اُٻرن اندر ٿو وَڍجي، جگر جلي ٿو تڏهن ٿو تڙپان،
    غريب جي گهر ننڍن ٻچن جون ٻُڌان جڏهن ٿو ريهان مان زاهد

    اُٿيا به آهن، وَڌيا به آهن، رُڪيا به ناهن، جُهڪيا به ناهن،
    اُنهن جي خاطر لِکڻ گُهران ٿو اُنهن جي لئه ٿو جيئان مان زاهد

    نه وڙهجانءِ سمنڊ واسين سان ڏکايل ٿئي ڏکائيندئي
    مَلاحن سان متان اٽڪين سَڄي هستي مِٽائيندئي

    مُهاڻن ميربَحرن کي مِٽيءَ هاڻو ڏِسين ٿو پر،
    مڇيرا جي مَڇر جي پيا مُڏي ڪاتي وهائيندئي

    صدين کان هي سَچا ماڻهو درياهه جا دادلا آهن،
    ڪندين جي وار سنڌوءَ تي سِڌيون گوليون هلائيندئي

    جيڏا سادا ڏسين ٿو اوترا ارڏا ۽ اوکا ٿئي،
    نِڀائيندين نِڀائيندئي ڦِٽائيندين ته ڊاهيندئي

    مُحبت ۾ مُهاڻن جو ڪڏهن مهمان ٿي ڏس تون،
    وساري ڪو نه سگهندين جا مَڇي ماني کارائيندئي

    صدين کان سمنڊ جي ٻيٽن ۾ آهي ساهه سنڌين جو،
    ڪنارن کان ڪجانءِ پاسو، ستايل سِرُ وڃائيندئي.

    آ سنڌي قوم جي زاهد سُجاڳي تنهنجي گيتن ۾،
    سڄڻ آهين سڀن جو تون، سڀئي سيني سان لائيندئي.


    ڪراچي سمنڊ جي ٻيٽن جي نيلاميءَ کان متاثر ٿي لکيل.


    جبر سان جنگ جو اعلان ڪبو ڇو نه ڪبو

    جبر سان جنگ جو اعلان ڪبو ڇو نه ڪبو
    آزاد ظلم کان انسان ڪبو ڇو نه ڪبو

    اي سنڌ تُنهنجا شهر قهر کان ڪبا آجا،
    ٿرن برن کي گلستان ڪبو ڇو نه ڪبو

    ڏکن بکن جي عذابن ۾ ٿا جلن جيڪي،
    انهن جي درد جو درمان ڪبو ڇو نه ڪبو

    جو پنهنجي قوم جي عزت لئه جان گهوريندو،
    قبول اُن جو هي احسان ڪبو ڇو نه ڪبو

    نمڪ حرام آهن جيڪي سِنڌُ ڌرتيءَ جا،
    انهن جي واٽ کي ويران ڪبو ڇو نه ڪبو

    جي پوڙها ٿي به وياسين ته ڏاتِ سان زاهد،
    دلين ۾ جوش کي جوان ڪبو ڇو نه ڪبو


    هن پهر ۾ ئي هر خوشي آهي

    هن پهر ۾ ئي هر خوشي آهي
    هي پهر ئي ته زندگي آهي

    جا گذر ٿي وئي نه آ ورڻي،
    جا پنهنجي آ سا هيءَ گهڙي آهي

    پنهنجي پَلَ پَلَ کي پيار ڏي پنهنجو،
    تنهنجي دل سان جي دوستي آهي

    ها اُهو من سُڪون جو گهر آ،
    جنهن جي جيون ۾ سادگي آهي

    خَواهِشُن کي گُهٽو ڏئي جيئڻ،
    صاف تصوير موت جي آهي

    اهڙي انسان کي نه خلقين ها،
    جنهن لئه خلقي تو بيوسي آهي

    پيار مظلوم ساڻ آ زاهد،
    منهنجي ظالم سان دشمني آهي


    اچي ٿو جو به ڪهاڻي ڇڏي هليو ٿو وڃي

    اچي ٿو جو به ڪهاڻي ڇڏي هليو ٿو وڃي
    اکين ۾ درد جو پاڻي ڇڏي هليو ٿو وڃي

    صُبح جي سوچ کڻي جو به گهر مان نِڪري ٿو،
    سو شخص رات جي راڻي ڇڏي هليو ٿو وڃي

    سَفرَ ۾ جو به مُسافر نه ماڳ تي پهتو،
    ڪائي اُميد نِماڻي ڇڏي هليو ٿو وڃي

    وڏي عذاب جي آڙاهه مَنجهان گُذري ٿو،
    جڏهن ڪو ڀونءِ اباڻي ڇڏي هليو ٿو وڃي

    مِلن ٿا رَتُ جي رشتن کان درد زاهد کي،
    تڏهن ته شاهه لڌاڻي ڇڏي هليو ٿو وڃي



    ”شاهه لَڌاڻي“ منهنجي ڳوٺ جو نالو.


    منهنجو توساڻ جو به پل آهي

    منهنجو توساڻ جو به پل آهي
    ڪو نظم آهي ڪو غزل آهي

    سو امر گيت آ سَڄو جيڪو،
    تنهنجي تعريف سان ڀريل آهي

    ڪنهن نه ڪنهن خوشنصيب کي ملندو،
    جو به ڳاڙهو ڳٽول ڳل آهي

    عشق جنهن جنهن ڪيو سچيءَ دل سان،
    ڪو ڀٽائي آ ڪو سچل آهي

    درد ڇاهي ڪڏهن پُڇو اُن کان،
    گهاءُ جنهن کي وڏو لڳل آهي

    جيستائين آ زندگي زاهد،.
    ميلو رکڻو پرين مَتل آهي


    ڪڏهن ها ۽ ڪڏهن ننهن جي اشارن کي ته سمجهايو

    ڪڏهن ها ۽ ڪڏهن ننهن جي اشارن کي ته سمجهايو
    اکيون ڍاري پيا ماريو خمارن کي ته سمجهايو

    وَٺي دل کي ڪڙو چاڙهي ڪرن تا قيد زلفن ۾،
    پرينءَ جي سونهن ۾ آيل نِکارن کي ته سمجهايو

    ڏِٺُم هر سال اوسيئڙو پکين جي لاءِ ڪينجهر جو،
    سِڪي ٿو ساهُه! ڪونجن جي قطارن کي ته سمجهايو

    ڪٿان سي نانگ آڻي ۽ وجهي ماري مَٽن اندر،
    مِٺي موکي چوي بيٺي مَتارن کي ته سمجهايو

    چمڪ سان چاهه منهنجي کي ڇڪين ٿا پاڻ ڏي زاهد
    ”ڦٽائن ننڊ ٿا منهنجي ستارن کي ته سمجهايو–“



    هي غزل 1980ع ۾ هڪ طرحي مشاعري پاران مليل طرح تي لکيو هيم.


    جواني مَست آ مَدهوش آ مَخمُور آ سائين

    جواني مَست آ مَدهوش آ مَخمُور آ سائين
    جواني نينهن جي بي حَد نشي ۾ چُور آ سائين

    پُڇايان ٿو ٻڌائي ڪو ڪٿي آهي ڪڏهن ملندو،
    جو منهنجي سِر جو سائين آ سو مون کان ڏور آ سائين

    اندر ۾ آ اثر جنهنجو نظر ۾ آ نشو اُن جو،
    اکيون اُن لئه نهارن ٿيون اکين جو نور آ سائين

    تون ئي تون آن تون ئي رهندين تون ئي تون ۾ جيئان ٿو مان،
    وڃان ڪاڏي ڪيان مان ڇا هي دل مجبور آ سائين

    جي دل جا حال اوريندس ته جَڳ ۾ راڄ روئيندا،
    نه کوليو يار زاهد کي سَڄو ئي سُور آ سائين


    اُٿو اُميد جو پيغام ڏيو وڌندا هلو يارو

    اُٿو اُميد جو پيغام ڏيو وڌندا هلو يارو
    سَلامت قافلو پنهنجو رکو هلندا هلو يارو

    مِٺي آ ديس جي مِٽي جيئاري ٿي جيئاريندي،
    مِٽيءَ سان نينهن جو ناتو رکي نچندا هلو يارو

    اسان جي واٽ ۾ ويري وڏا مقتل سَجائن ٿا،
    ڀَري باهيون بَدن ۾ مَچَ ٿي مَچندا هلو يارو

    حياتي گهورڻي ناهي حياتي گهارڻي آهي،
    جيئڻ جا ڍنگ هر ڪنهن رنگ مان سِکندا هلو يارو

    اچي ٿيندا سڀئي زاهد اسان جي ساٿ جا ساٿي،
    مِٺن مارُن ميهارن سان مِٺا ملندا هلو يارو


    روشنين جو شهر بڻجي ويو انڌيرن جو شهر

    روشنين جو شهر بڻجي ويو انڌيرن جو شهر
    هي شهر پنهنجو آ پر سڏجي ٿو غيرن جو شهر

    ڳالهه ڪا ناهي ڳُجهي تاريخ لکجي ٿي پئي،
    ڪنهن بڻايو آ ڪراچيءَ کي لُٽيرن جو شهر

    رات جي تن رهزنن کان هيل وٺڻو آ حساب،
    جن اُجاڙيو سنڌ جي دلڪش سويرن جو شهر

    سڏ هڪڙي ساڻ گڏبي سنڌ جاڳي ٿي سڄي،
    ڪيئن کسيندين تون دليرن کان دليرن جو شهر

    سنڌ جي هر ڳوٺ جي هر ذات غيرت مند آ،
    هر شهر زاهد آهي مُڙسن مٿيرن جو شهر


    ڳالهه رُڳو ڪرڻي ناهي پر ڪم به سائين ڪرڻو پوندو

    ڳالهه رُڳو ڪرڻي ناهي پر ڪم به سائين ڪرڻو پوندو
    هر جابر جي سِرَ تي جاني ٻارڻ بڻجي ٻَرڻو پوندو

    سوچ سگهاري ڪرڻي پوندي خوب تياري ڪرڻي پوندي،
    ويڙهيچن جي هر ويڙهي ڏي واهُر بڻجي ورڻو پوندو

    هٿ لکين گڏ ڪرڻا آهن – پوئتي پير به ورڻا ناهن،
    ڏاڍ ڏمر جي هر ٽڪر کي ڏاري وانگر ڏرڻو پوندو

    نانگن سامهون ٿيڻو آهي – اڻٽر بڻجي بيهڻو آهي،
    عشق چوي ٿو سمنڊ ڏکن جو ترڻو آهي ترڻو پوندو

    سنڌ امڙ آ سنڌ ٿي پالي، سنڌ جي دم سان ساهه کڻون ٿا،
    سنڌ جي هر دُشمن کي زاهد مرڻو آهي مرڻو پوندو


    چاهه سان چاهه جي رهندو ته چاهتون مِلنديون

    چاهه سان چاهه جي رهندو ته چاهتون مِلنديون
    روح سان روح جي رلبو ته راحتون مِلنديون

    مون ته پوڄا پئي ڪئي سونهن جي سوچيو به نه هو،
    موٽ ۾ پيار جون ايڏيون مَراعتون مِلنديون

    مان ته سائل آهيان تُنهنجو ۽ رهڻ ٿو چاهيان،
    تون مُحبت جو سخي آن سَخاوتون مِلنديون

    جاءِ جيءَ ۾ جي ڏيو ٿا ته اسان کان به پرين،
    عمر ڀر لاءِ اوهان کي صَداقتون مِلنديون

    ڪوئي جابر ڪوئي جلاد نه بَچندو باقي،
    برهه جا باز ٿا جاڳن بغاوتون مِلنديون

    عشق پنهنجي ۾ ايڏي سگهه ٿو سَمجهان زاهدَ،
    حُسن کان قرب جون بيحد عنايتون مِلنديون


    پَنهنجن جا پاڻ ۾ اَڄُ تڪرار ٿي پيا

    پَنهنجن جا پاڻ ۾ اَڄُ تڪرار ٿي پيا
    سَردار سنڌ دشمن نِروار ٿي پيا

    ماڻهو ته ڇا ڪُتا به وفادار سنڌ جا،
    ڀوتار پر اسانجا غدار ٿي پيا

    رهبر جي روپ۾ ڪو رهزن نٿون کپي،
    آزاد هاڻي سوچون ويچار ٿي پيا

    هي قافلو آ سَچَ جو ماڻيندومنزلون،
    گڏ پاڻ ساڻ ماڻهو مَنٺار ٿي پيا

    مايوس ناهيون جنگ ڪندؤ جنگ ڪنداسين،
    زاهد اسان جا حوصلا هالار ٿي پيا


    سمنڊ چنڊ ۽ تون مون لاءِ

    سمنڊ چنڊ ۽ تون مون لاءِ
    امرت جون اوتون مون لاءِ

    ڪيڏيون سانڍي آنديون ٿئي،
    جوڀن جون جوتون مون لاءِ

    سُهڻي تنهنجي سُندرتا
    ساري آ سوچون مون لاءِ

    تنهنجون مُرڪون ٽهڪ بڻيا،
    گيت غزل وايون مون لاءِ

    زاهدَ ڪيڏيون جوڙي ٿي،
    جيءَ ۾ هوءَ جايون مون لاءِ


    سِجُ اُڀريو آ تون به آءُ پرين

    سِجُ اُڀريو آ تون به آءُ پرين
    آڻ ڪوهير ۾ هُڳاءُ پرين

    تون ڪا مرهم جي مهرباني ڪر،
    جو مِليو تنهن ڏنو آ گهاءُ پرين

    پيار مَحشر تائين مِٺو رهندو،
    نينهن کي ٿو کپي نڀاءُ پرين

    اوترو ئي عظيم آهين تون،
    تو ۾ جيڏو آهي جُهڪاءُ پرين

    تون ئي تون ۾ ٿي گُم ويو زاهدُ،
    تو سان اهڙو لڳو لڳاءُ پرين


    کِلي ٿي ڏِسي جي اگر ڇوڪري

    کِلي ٿي ڏِسي جي اگر ڇوڪري
    ته دل تي ڪري ٿي اثر ڇوڪري

    خبر ئي نٿي پئي ته مِنٽن ۾ ڪيئن،
    وڃي من ۾ ٺاهي ٿي گهر ڇوڪري

    جڏهن ٿي اندر ۾ ويهاري ڇڏي
    ته ٺاري ڇڏي ٿي اندر ڇوڪري

    سفر زندگيءَجو وڻي ٿو تڏهن،
    ٿئي ٿي جڏهن همسفر ڇوڪري

    لڳي ٿو ته جنت گُهمڻ ٿو وڃان،
    جڏهن گهر جو کولي ٿي در ڇوڪري

    سنواري ڇڏي ٿي سڄي زندگي،
    جي دل سان بَڻائي ٿي ور ڇوڪري

    آ سُهڻي ته هر ڪا مگر دوستو،
    وفادار آهي نه هر ڇوڪري

    نه دنيا ۾ ڪنهن ساڻ دل ٿي لڳي،
    ڪري ٿي جڏهن دربدر ڇوڪري

    ڀلي سُورَ ڪيڏا به زاهد ڏئي،
    وڻي ٿي سڀن کي مگر ڇوڪري


    ٿا پاڻ کي پڏائن ماڻهو عجيب آهن

    ٿا پاڻ کي پڏائن ماڻهو عجيب آهن
    ڇا هن؟ الائي ڇا هن ماڻهو عجيب آهن

    پنهنجي وطُن کي وڪڻي پنهنجي ئي قوم آڏو،
    سورهيه پيا سَڏائن ماڻهو عجيب آهن

    پيرن ۾ ٿا ڪرن پر پيرن ڪڍڻ جي خاطر،
    ڪنهن جا به يار ناهن ماڻهو عجيب آهن

    جيڪي مِلڻ کِلڻ ۾ ڏاڍا مِٺا لڳن ٿا،
    ڪنهن سان نٿا نڀائن ماڻهو عجيب آهن

    سُرَ ۾ به ڪو نه آهن گُر کان به غير واقف،
    پر پوءِڀي ٿا ڳائن ماڻهو عجيب آهن

    هر پل هي زندگيءَ جو آپيار لاءِ زاهدَ،
    ٿا نفرتون وڌائن ماڻهو عجيب آهن


    ڏنو تو به مون کي مِٺو چاهه آ

    ڏنو تو به مون کي مِٺو چاهه آ
    تڏهن يار توڏي سُريو ساهه آ

    اکيون جَن مِلايون سي ڪُسجي ويا،
    نظر تنهنجي اهڙي قتل گاهه آ

    پرين پيار سان تون ڪندين رهبري،
    منهنجي عشق جو تو ۾ ويساهه آ

    نٿو پيار جيڪو ٻين کي ڏئي،
    اُهو پيار جي بُک ۾ پاهه آ

    ڪو ڊاهڻ سان زاهدَ نه ڊاهي سگهيو،
    محبت دلين جو اُهو ٺاهه آ


    دل کي دلبر تُنهنجي دوري ماري ٿي

    دل کي دلبر تُنهنجي دوري ماري ٿي
    چاهت جي مِٺڙي مجبوري ماري ٿي

    ساٿ به تنهنجو خواب هُيو ۽ خواب رهيو،
    رهجي ويندڙ آس اڌوري ماري ٿي

    جُهور ٿيڻ کان پوءِ ته جهيڻو ٿي وڃبو،
    جوڀن ۾ هر ڪاري ڀوري ماري ٿي

    سو انسان مرڻ کان پوءِ به جيئي ٿو،
    جنهن کي سچ جي ڏوهه ۾ سوري ماري ٿي

    ڏينهن به دوزخ جهڙا گُذرن ٿا زاهد،
    هر ڪا رات به آ تندوري ماري ٿي


    اصول عشق ۾ رکڻو اِهو پڪو آهي

    اصول عشق ۾ رکڻو اِهو پڪو آهي
    جي پيار ٿي وڃي ته پوءِ نڀائبو آهي

    ساجاءِ جاتي مُحبت جي ابتدا ٿي هئي،
    ساجاءِ اَڄُ به منهنجي پيار جو ڪعبو آهي

    نظر مِلائي کِلي هوءَ ته موڪلائي وئي،
    يڪو مون روح پنهنجو تڙپندي ڏِٺو آهي

    بيهي پهاڙ تان جن کي به پيارَ اُڇليو آ،
    انهن جي زندگي چاهت جو مُعجزو آهي

    هو مون سان آخري ڀيرو جتي مِلي زاهدَ،
    اُها ئي جاءِ مُنهنجي قبر جو قطبو آهي


    سڄي حياتي خُمار تنهنجا

    سڄي حياتي خُمار تنهنجا
    نصيب ٿيڻا ها پيار تنهنجا

    هوا کي هُٻڪار ڏئي ڇڏن ٿا،
    جڏهن به وکرن ٿا وار تنهنجا

    حڪم ڪريو ٿا هليا اچئون ٿا،
    اسان ته آهيون اي يار تنهنجا

    وڏو هي اعزاز آ اسان لئه،
    عمر سڄي اعتبار تنهنجا

    وڏيون اُميدون ڏين ٿا زاهدَ،
    حسين سوچون ويچار تنهنجا


    امير ماڻهو غريب ڳالهيون

    امير ماڻهو غريب ڳالهيون
    عجيب ماڻهو عجيب ڳالهيون

    اسان کي پنهنجا حَبيبَ گُهرجن،
    رقيبَ ڏين ٿا رقيب ڳالهيون

    اُتي اُتي ٿا نصيب اُجڙن،
    جتي جتي بدنصيب ڳالهيون

    ٺهن اسانجا ڪي ڀاڳ جَن سان،
    ٿين ڪي اهڙيون نصيب ڳالهيون

    ڪجن ته دل سان ڪجن اي زاهدَ،
    ويهي دِلين جي قريب ڳالهيون


    مان اوهان کي حُضورُ چاهيان ٿو

    مان اوهان کي حُضورُ چاهيان ٿو
    پل به هِڪڙو نه ڏور چاهيان ٿو

    وچ مان پردو پرين هَٽائي ڇَڏ،
    مان به موسى جو طورُ چاهيان ٿو

    آءُ ته هڪٻئي کي حياتيون ارپيئون،
    چاهتُن جو شعورُ چاهيان ٿو

    جنهن ۾ تو کان جُدا پَوي جيئڻو،
    اهڙي جنت نه مُورُ چاهيان ٿو

    منهنجي هر ڪا گهڙي هُجي تو لئه،
    ايترو مان ضرور چاهيان ٿو

    سونهن ساهن ۾ سمائي زاهدَ،
    ساهه جي لئه سُرورُ چاهيان ٿو


    هو جن تي ناز هِنَ دل کي اُهي دلدار وڇڙي ويا

    هو جن تي ناز هِنَ دل کي اُهي دلدار وڇڙي ويا
    تڏهن کان روئي تڙپي ٿو جڏهن کان يار وڇڙي ويا

    آيو طوفان ڪو اهڙو چمن جو رنگ مَٽجي وِيو،
    گُلن سان خار گڏ آهن وڻن کان ڏار وڇڙي ويا

    انڌيرو ئي انڌيرو آ غمن جو روز گهيرو آ،
    اڪيلائن اُجاڙيو آ مِٺا منٺار وڇڙي ويا

    تُنهنجا ديدارَهوندا ها وڏا هُٻڪارَ هوندا ها،
    خوشيون گُم ٿي وَيون ساريون سڀئي سينگار وڇڙي ويا

    انوکو ساٿ آ زاهدَ عجب جهڙو هي رشتو آ،
    پرين گڏ آ مگر مون کان پرينءَ جا پيار وڇڙي ويا


    دم دم دل ۾ هُو هُو هُو آ

    دم دم دل ۾ هُو هُو هُو آ
    هو جيڪو روحَ جو راجُو آ

    تيسين رهبو جيسين مَن ۾،
    رَهڻو اُن جو رُو رُو رُو آ

    ايئن هو آيو ايئن هَليو ويو،
    جيئن هوا ۾ جُهو جُهو جُهو آ

    جيونُ ڄَڻُ ڪنهن جادوگر جو،
    انتر منتر ڇُو ڇُو ڇُو آ

    آدَم اندر آدمُ ساڳيو،
    ڪو زاهدُ آ ڪو ساڌُو آ


    هَر ڪو پَنهنجي ڳالهه ڪري ٿو

    هَر ڪو پَنهنجي ڳالهه ڪري ٿو
    ڪو به نه ڪنهنجي ڳالهه ڪري ٿو

    جيڪو آهي اَهنجو ماڻهو،
    سو ئي اَهنجي ڳالهه ڪري ٿو

    هر ڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي،
    ڪنهن مُحسن جي ڳالهه ڪري ٿو

    سو ئي اُن جي مَن ۾ آهي،
    جيڪو جنهنجي ڳالهه ڪري ٿو

    سڀ کي سمجهائڻ لئه زاهدُ،
    ڪيڏي سَهنجي ڳالهه ڪري ٿو

    من ۾ ههڪڙو ٻار جيئي ٿو–
    جنهن وٽ تنهنجو پيار جيئي ٿو

    اُن جي دل مان پيار مَري ويو،
    جنهن وٽ ڪاروبار جيئي ٿو

    جيڪو جيءُ آ تنها تنها،
    ڪيڏو سو بيڪار جيئي ٿو

    ڀَر ۾ ڪنڊا ڏسندي هر ڪو،
    گُل ٿو روئي خار جيئي ٿو

    تو بن ايئن جيئي ٿو زاهدُ،
    بَر ۾ ڄڻ بيمار جيئي ٿو


    لِڪي لِڪي تو پَري کان پرين سلام ڪيو

    لِڪي لِڪي تو پَري کان پرين سلام ڪيو
    اسان به سِرَ کي جُهڪائي آ رام رام ڪيو

    مُحبتن کي مذهبن ۾ ڇو وِرهائين ٿا،
    اُٿو سُجاڳ ٿيو هي سوال عام ڪيو

    پرينءَ جي پيار کي مُرشِدَ جيان رکي مَن ۾،
    پريت دين ڪيو عشق کي امام ڪيو

    جو احترام ڪري اُن جو احترام ڪجي،
    مگر نه پاڻ کي ڪنهنجو ڪڏهن غلام ڪيو

    جتي به دل ۾ جاءِ دل سان ڪا ملي زاهدَ،
    اُتي قيام ڪيو زندگي تمام ڪيو


    بَچو شَر پَسندَن جي شَرَ کان بَچو

    بَچو شَر پَسندَن جي شَرَ کان بَچو
    نَظر ٿا رَکو بَد نظرَ کان بَچو

    جتي عزتِ نفس مَجروح ٿي،
    اُتي ڪَسُ کائو ڪثر کان بَچو

    فرشتا به سجدا اوهان کي ڪندا،
    بُري هَر بَشر جي اثر کان بچو

    اوهانجو نه جيڪو هُجي هم خيال،
    حياتيءَ ۾ اُن همسفر کان بچو

    وڃو جنهن شهر ۾ ته زاهدَ اُتي،
    دغاباز ماڻهوءَ جي دَر کان بچو


    جڏهن ننڊ مان ٿا اُٿَن مَستَ ماڻهو

    جڏهن ننڊ مان ٿا اُٿَن مَستَ ماڻهو
    وڏيءَ موج ۾ ٿا اَچن مَستَ ماڻهو

    نه جن جو تَصوُر ڪري ڪو سگهي ٿو،
    اُهي ڪم بيٺا ٿا ڪن مَستَ ماڻهو

    زماني سڄي کي نچائي ڇَڏِن ٿا،
    جڏهن نينهن ۾ ٿا نچن مَستَ ماڻهو

    پون چيرجي ٿا پهاڙن جا سينا،
    کڻي جي نگاهون ڏِسن مَستَ ماڻهو

    وڃي نيٺ منزل جو سينو چُمن ٿا،
    وٺي واٽ جي ٿا وَڌن مَستَ ماڻهو

    تڏهن رَنگ ٿا راحتُن جا رَچائن،
    جڏهن پيار ۾ ٿا پَچن مَستَ ماڻهو

    اُتي سَچَ جا ٿا مَچَن مَچَ زاهدَ،
    جِتي مَچَ ٿي ٿا مَچَن مَستَ ماڻهو


    هر ڪنهن مومل جو ڪو هِڪڙو راڻو هوندو آ

    هر ڪنهن مومل جو ڪو هِڪڙو راڻو هوندو آ
    جنهن سان پنهنجي مومل جو ڪو ماڻو هوندو آ

    جنهن کي دل ۾ چوٽ وڏي ڪا عشق جي لڳندي آ،
    اُن جو هر ڪو سَنڌُ سدائين ساڻو هوندو آ

    سوئي ساري دنيا جي ٿو دردن کي ڄاڻي،
    جيئڙو جنهنجو سورن ۾ ساماڻو هوندو آ

    بي درديءَ سان دل کان دلبر ويندو آهي ڇني،
    ڪيڏو ظالم بي وقتو لاڏاڻو هوندو آ

    پاڻ کي جنهن ڌرتيءَ آ پاليو اُن امڙ جي لئه،
    پنهنجي من ۾ ڳڻتين جو ڳاراڻو هوندو آ

    جيڪو سَچُ ڪڙو چوندو آ زاهدَ هن جڳ ۾،
    اُن جو گهر يا جيل يا ڪوئي ٿاڻو هوندو آ


    سِتارن جي دُنيا ۾ گُم ٿي نه وڃجو

    سِتارن جي دُنيا ۾ گُم ٿي نه وڃجو
    نظارن جي دنيا ۾ گُم ٿي نه وڃجو

    خزائن ۾ ساٿين جي ڪا سار لهجو،
    بهارن جي دُنيا ۾ گُم ٿي نه وڃجو

    نگر کي به پنهنجي نظر منجهه رکجو،
    خمارن جي دُنيا ۾ گُم ٿي نه وڃجو

    جڏهن گُل اوهان کان وڃن يار وڇڙي،
    ته خارن جي دنيا ۾ گُم ٿي نه وڃجو

    اُميدون رَکو ٿا ته پوءِ يار زاهد،
    مونجهارن جي دُنيا ۾ گُم ٿي نه وڃجو


    دل جڏهن ڪنهن لئه ديواني سمجهي

    دل جڏهن ڪنهن لئه ديواني سمجهي
    مون تڏهن پنهنجي جواني سمجهي

    تُنهنجون غلطيون سڀئي وساريون ٿم،
    پنهنجي هن جيءَ جو جاني سمجهي

    تو ڏنا درد! ساهَه ۾ سانڍيم،
    پيار جي خاص نشاني سمجهي

    اَچُ ڀٽائيءَ جي رسالي کي چُمئون،
    سنڌ جي پاڪ پيشاني سمجهي

    پرهه تائين پيئار زاهدکي،
    ساقي هر رات سُهاني سمجهي


    تو سوا مان غريب ٿي ويندس

    تو سوا مان غريب ٿي ويندس
    عمر ڀر بَد نصيب ٿي ويندس

    ايئن لڳي ٿو عجيب دُنيا ۾،
    مان به هاڻي عجيب ٿي ويندس

    تون به ڪنهنجو نصيب ٿي وئي آن،
    مان به ڪنهنجو نصيب ٿي ويندس

    صبح جو سِجُ مُنهنجو گهر هوندو،
    مان اُجهايل ڪو ديپ ٿي ويندس

    ڪو مَسيحا نه جي مليو زاهد،
    پاڻ پنهنجو طبيب ٿي ويندس


    اسان جا ذِهنَ ۽ زِندَهه ضميرَ جاڳن ٿا

    اسان جا ذِهنَ ۽ زِندَهه ضميرَ جاڳن ٿا
    نه رهندي رات سحر جا سفيرَ جاڳن ٿا

    وطن جي عزتن ۽ عظمتن جا رکوالا،
    امڙ جا لال ۽ ڀيڻُن جا وَير جاڳن ٿا

    جو ميري اک سان ڏسندو مَروڙجي ويندو،
    اي سنڌ تنهنجي مِٽيءَجا خمير جاڳن ٿا

    مُئا نه موت کان جيڪي نه زندگيءَ سان مِليا،
    وفا جي قيد ۾ اهڙا اسير جاڳن ٿا

    صَديُن کان سَچَ کي سُوليءَ تي سَجائڻ وارا،
    اَنا کي ماري فنا جا فقيرَ جاڳن ٿا

    حبيب کوڙ ها زاهدَ طبيب ٿي نه سگهيا،
    مِلي نه جَن کي آ مرهم سي جِهيرَ جاڳن ٿا


    پاڻ اهڙي جهان ۾ آهيون

    پاڻ اهڙي جهان ۾ آهيون
    روز نئين امتحان ۾ آهيون

    روز پٿر اسان تي ڇو نه وسن،
    عشق جي آستان ۾ آهيون

    تون آن ٽهڪن جي ڪهاڻيءَ ۾! اسان،
    درد جي داستان ۾ آهيون

    تنهنجي چاهت ۾ چنڊ بڻجي پوءِ،
    اُڀرندا آسمان ۾ آهيون

    تون سمايل آن ساهه ۾ اِن لئه،
    جيئندا تنهنجي جان ۾ آهيون

    ڀٽڪيا زاهدَ ناهيون اَڃاتائين،
    اڄ به پنهنجي ايمان ۾ آهيون


    وفا جتي آ اُهو در نٿو ڇڏي سگهجي

    وفا جتي آ اُهو در نٿو ڇڏي سگهجي
    دنيا ڇڏي ڏبي دلبر نٿو ڇڏي سگهجي

    ڀَنڀورَ شهر مان سَسُئي اِهو چَئي نِڪتي،
    شهر ڇڏي ٿي سگهان ور نٿو ڇڏي سگهجي

    ڪچي گهڙي جي مٿان سُڏڪندي سُهڻيءَ به چيو،
    مَران ڀلي مران ميهر نٿو ڇڏي سگهجي

    آ موٽ مينڌرا هاڻي ته مَرئي ٿي مُومَلَ،
    سواءِ تنهنجي پنهنجو سِرُ نٿو ڇڏي سگهجي

    عُمَر جي مَحل کي للڪاري مارُئيءَ به چيو،
    مِٺو اباڻو پنهنجو گهر نٿو ڇڏي سگهجي

    سُکن جو ساٿ آهي اَڄُ تڏهن به اي زاهدَ،
    ڏکن جي راهَه جو رهبر نٿو ڇَڏي سگهجي


    اکڙين کان دل ۾ دل کان سمائي آ ساهَه ۾

    اکڙين کان دل ۾ دل کان سمائي آ ساهَه ۾
    ايڏو وڏو غضب جو اثر ٿئي نگاهَه ۾

    دنيا ۾ اُهو شخص ٿيو لاعلاج آ،
    چيڀاٽجي چُڪو آ جو ڪنهنجي به چاهَه ۾

    منزل تي مُسافر ڪو پُڄي ڀي ته ڪيئن پُڄي،
    رَهزن جي روز ڪا نئين رنڊڪ آ راهَه ۾

    مَحفِل ۾ مُنافق ٿا جَڏهن ويهجي وَڃن،
    ڪو ئي مزو اچي ئي نٿو واهَه واهَه ۾

    جيڪو ٿو ٻُڌي سو ٿو ڏئي جاءِ جيءَ ۾،
    ڪوئي اثر ته آهي زاهدَ جي آهَه ۾


    بيوفا همراز ٿيندا ٿا وڃن

    بيوفا همراز ٿيندا ٿا وڃن
    دوست ڌوکيباز ٿيندا ٿا وڃن

    سنگدل جي بيرُخيءَ آڏو سڀئي،
    بي اثر ايلاز ٿيندا ٿا وڃن

    جبر آڏو ڪو ته سِرُ اُوچو ڪري،
    بند ڇو آواز ٿيندا ٿا وڃن

    تو سان گڏجي ساهه جيڪي ٿو کڻان،
    شاعريءَ لئه ساز ٿيندا ٿا وڃن

    دل مٿان زاهدَ حُسن جا با اثر،
    ناز ۽ انداز ٿيندا ٿا وڃن


    لوڪُ پُڇي ٿو ڇاهي زاهدَ جي دل ۾

    لوڪُ پُڇي ٿو ڇاهي زاهدَ جي دل ۾
    پيار مُحبت آهي زاهدَ جي دل ۾

    ڀُڻڪيو هر ڪو پنهنجي مُنهن پر ڪنهن نه ڏٺو،
    هڪڙو لِيئو پائي زاهدَ جي دل ۾

    نفرت وارن کان زاهد جي نفرت آ،
    ٻي ڪا ڳالهه ته ناهي زاهد جي دل ۾

    چڻگون چڻگون لفط کڻي آيو هر ڪو،
    ويو آ باهه لڳائي زاهدَ جي دل ۾

    ڪو ته مِلي اهڙو جو دل جي چاهت سان،
    پيار جو رَنگَ رَچائي زاهدَ جي دل ۾

    اُن پل ۾ ئي گيتَ جُڙن ٿا جَنهن پل ۾،
    زاهدُ ٿو ڳالهائي زاهدَ جي دل ۾


    تنهنجي پيار جي دنگل ۾ ڦاسي پياسين

    تنهنجي پيار جي دنگل ۾ ڦاسي پياسين
    شهر ڇڏي ڪنهن جهنگل ۾ڦاسي پياسين

    هڪ مُشڪل مان نڪتا هاسين مُشڪل سان،
    ٻيءَ مُشڪل ۾ ٻئي پل ۾ڦاسي پياسين

    سارو جيون سيوا ۾ ئي گُذري ويو،
    اهڙا تنهنجي اَنگل ۾ڦاسي پياسين

    تنهنجي عشق اسان کان ايئن اوڳاڙي ڪئي،
    ڄڻ سرڪاري ڪنهن ڍل ۾ڦاسي پياسين

    ڌرتيءَ جي دردن مان نڪتاسين زاهدَ،
    اُڀ آڪاس جي مَنڊل ۾ڦاسي پياسين


    اسان جي حياتي سفر ئي سفر آ

    اسان جي حياتي سفر ئي سفر آ
    جتي رات ٿي وئي اُتي پنهنجو گهر آ

    سدائين خُمارن جي دُنيا ۾ آهيون،
    نظر تي نظر جي نشن جو اثر آ

    وڏي جاءِ آ سمنڊ جي دل ۾ ليڪن،
    ڪناري تي پَٿر دلين جو شهر آ

    مان جنهنجي ڪَٿائن جي اخبار آهيان،
    اهو من جو سائين مون کان بي خبر آ

    اِهو نيٺ منزل رسائيندو زاهدَ،
    سفر ۾ جيڪو دردِ دل همسفر آ


    هندو به آ اِنسان مُسلمان به اِنسان آ

    هندو به آ اِنسان مُسلمان به اِنسان آ
    اِنسان جي دم ساڻ ئي سُهڻو سَڄو جهان آ

    هر ديس جو هر آدمي آدم جو ئي اولاد آ،
    ڀائرَ ته آهيون پاڻ ۾ ويڇن ڪيو ويران آ

    هُن عَرش تي هِن فرش تي ڪائنات جي هر ڪُنڊ ۾،
    اِنسان ئي عظيم آ پنهنجو اِهو ايمان آ

    تُنهنجو به آ مُنهنجو به آ سَڀَ جو آهي سائين اُهو،
    دل جو به ڌڻي پاڻ آ من ۾ جيڪو مهمان آ

    زاهدَ جو دين عشق آ پَنڊَتَ جو ڌرم پيار آ،
    مون لئه جيئين الله آ تو لئه تيئين ڀڳوان آ


    ڇير پائي جڏهن ناچڻي ٿي نچي

    ڇير پائي جڏهن ناچڻي ٿي نچي
    ڄڻ ته ڪنهن ساز تي راڳڻي ٿي نچي

    ڪنهن به ڪنواري بَدن کي ڇُهي ٿي جڏهن،
    مَست ٿي مينهن جي هَرڪڻي ٿي نچي

    وارَ تُنهنجا سَنواري آ جُهومي پَئي،
    آئيني جي اڳيان اَڄُ ڦڻي ٿي نچي

    جسم درزيءَ جو لَرزي ويو آ سَڄو،
    تنهنجا ڪپڙا سبي، ٽاڪڻي ٿي نچي

    روز جوڀَنَ جوانيءَ جا آرِسَ ڀَڃي،
    ڇوڪري دل هٿن تي کڻي ٿي نچي

    مان به اُن وقت زاهدَ نچي ٿو پَوان،
    پاڻ مون سان جڏهن پَدمڻي ٿي نچي


    هتي هر قدم ڪو نه ڪو درد آ

    هتي هر قدم ڪو نه ڪو درد آ
    حياتي آ ننڍڙي وڏو درد آ

    پُڇو ٿا مليو آ ڪٿان پيار ۾،
    مِٺن کان مليو آ مِٺو درد آ

    پنهنجي درد کان وڌ منهنجي مَن اندر،
    پرين تنهنجي هر درد جو درد آ

    ڏئي دَرد مون کَان پُڇيو دوستن،
    لِکيو تو هي گيتن ۾ ڇو درد آ

    پَڪي درد سان ٿم رکي دوستي،
    سُٺو همسفر آ سَچو درد آ

    بڻايو آ زاهدَ کي شاعر به اُن،
    ڏنو پنھنجي پيارن جيڪو درد آ


    حالات جي طوفان ۾ انسان مَٽجي ٿو وڃي

    حالات جي طوفان ۾ انسان مَٽجي ٿو وڃي
    انسان مَٽجي ٿو ته پوءِ جهان مَٽجي ٿو وڃي

    بيڪار آ بُذدل به آ بندوق جي ناليءَ اڳيان،
    جنهن قوم جي اڳواڻ جو اعلان مَٽجي ٿو وڃي

    آ هي وفا جنهن ۾ اُهو وڍجي ٿو پر وڪجي نٿو،
    زر جي اڳيان ڪم ظرف جو ايمان مَٽجي ٿو وڃي

    دل جي دوا دلبر ته آ راڻو مگر راضي نه آ،
    دل ٿي دُکي دل جو جڏھن درمان مَٽجي ٿو وڃي

    تنهن جيءَ جو جيئيڻ ڏکيو زاهد ٿئي ٿو ڏيهه ۾،
    جنهن جيءَ جي جِندُ جان جو ڪو جان مَٽجي ٿو وڃي


    ڏکن ۾ ڏنا ٿئي سَهارن جا ڏينهنڙا

    ڏکن ۾ ڏنا ٿئي سَهارن جا ڏينهنڙا
    تون آهين ته آهن قرارن جا ڏينهنڙا

    اِهو معجزو تنهنجي آمد جو آهي،
    خزان ۾ لڳن ٿا بهارن جا ڏينهنڙا

    چَپن ۾ڀَريل جَام ڇو ٿي لِڪائين،
    اکين کي کپن ٿا خُمارن جا ڏينهنڙا

    جڏهن مُند جو ڀن جي من ۾ نچي ٿي،
    حُسن تي اچن ٿا نکارن جا ڏينهنڙا

    نه وسري ٿو زاهد عذابن جو ماضي،
    سيارن جون راتيون اونهارن جا ڏينهنڙا


    مَسرُور ٿيا آهيون

    مَسرُور ٿيا آهيون
    ڀَرپورُ ٿيا آهيون

    مَحبُوبَ سندي مَنَ کي،
    مَنظور ٿيا آهيون

    ڏک آهي اِهو هاڻي،
    ڇو ڏور ٿيا آهيون

    هڪ جهلڪ ڏسڻ جي لئه،
    مجبور ٿيا آهيون

    ساقيءَ سان مِلي زاهدَ،
    مخمورُ ٿيا آهيون


    لِڪائي نه ڏي تون سَرِ عام ڏي

    لِڪائي نه ڏي تون سَرِ عام ڏي
    چَپن جي چُمين جو مِٺو جام ڏي

    مُحبت جي ڪا محل هوندي نه آ،
    سَڄي عُمر ڏي ۽ صُبحَ شام ڏي

    حياتي عذابن ۾ گهاري اَٿم،
    پَڇاڙيءَ جا ڪي پَلَ ته آرام ڏي

    جَفا جُرم آهي وفا ڪر پرين،
    سچو قُرب هر واٽ هر گام ڏي

    جنهن ۾ عشق آ امن آ پيار آ،
    زماني کي زاهد سو پيغام ڏي


    ورهين کان پويان اَڄُ رات

    ورهين کان پويان اَڄُ رات
    مِلڻوآ توسان اَڄُ رات

    مِلنديئن موجَ ۾ اينداسين،
    سمنڊ چنڊ ۽ مان اَڄُ رات

    تون پرچاءِ ۽ مان تو سان،
    ٻَکُ وجهي روئان اَڄُ رات

    صَديُن جيڏي رات ٿئي،
    مان تو سان جاڳان اَڄُ رات

    زاهدَ جيڪي لِکڻا ها،
    سارا گيت لِکان اَڄُ رات


    هر ساز پُڪاري ٿو

    هر ساز پُڪاري ٿو
    آواز پُڪاري ٿو

    ناراض پرينءَ آڏو،
    ايلاز پُڪاري ٿو

    دل ۾ ئي رکي ڇڏجو
    ڪو راز پُڪاري ٿو

    شهباز ٿيڻ جي لئه،
    هر باز پُڪاري ٿو

    زاهدَ جو آهي پنهنجو.
    انداز پُڪاري ٿو


    زندگي تو سِوا گُذري ٿي پر سُٺي نٿي گُذري

    زندگي تو سِوا گُذري ٿي پر سُٺي نٿي گُذري
    هر گهڙي ٺيڪ آ گُذري ٿي پر سُٺي نٿي گُذري

    جُدائيءَ جي عذابن ۾ پرين مو نکي حياتي هيءَ،
    ڏني تو آهي جا گُذري ٿي پر سُٺي نٿي گُذري

    تنهنجي مخمور يادُن جو سَهارو ٿو وٺان سائين،
    پوءِ ڀي رات ڪا گُذري ٿي پر سُٺي نٿي گُذري

    عشق جي اِبتدا دِلچسپ هُئي ڪيڏي مَگر هاڻي،
    پيارَ جي اِنتها گُذري ٿي پر سُٺي نٿي گُذري

    جياپو جيءَ جو آ جام سو مان ڪيئن ڇَڏيان زاهدَ،
    ساقي تو کان جُدا گُذري ٿي پر سُٺي نٿي گُذري


    ڪيو ٿا رِيس اجايو نَصيِبَ وارن سان

    ڪيو ٿا رِيس اجايو نَصيِبَ وارن سان
    خزان جو ساڙ ٺهي ئي نَٿو بَهارن سان

    جو شخص پنهنجي اندر ۾ پهاڙ جيڏو آ،
    ڇو اُن جو نانءُ لِکو ٿا اَٻوجهه ٻارن سان

    نه سِجُ تُنهنجي برابر نه چَنڊُ تو جَهڙو،
    نه تنهنجي ڀيٽ ڪبي آسمان وارن سان

    تون سونهن ۾ته سَڄي ڪائنات جيڏو آن،
    مان تنهنجي هَمسري ڇا لئه ڪيان سِتارن سان

    جيو ٿا جي ته جيئڻ جو مَزو وٺي ته جيئو،
    چُمين جي چاهَه سان ۽ پيارَ جي خُمارن سان

    ما دل جي ديسَ ۾ اُجڙي چُڪو آهيان زاهدَ،
    بَدن ۾ ساهُه آ ڪنهن سونهن جي سهارن سان


    کائڻ به زهر هو پيئڻ به زهر هو

    کائڻ به زهر هو پيئڻ به زهر هو
    زندهه ته رهياسين جيئڻ به زهر هو

    ڪم ظرف سان رشتو ڪنڊن جو فصل هو
    اِن پوک کي پاڻي ڏيڻ به زهر هو

    هڪ دل ته چيو پَئي دُنيا سان به هَلجي،
    بي شرم بي حيا ٿيڻ به زهر هو

    همسفر هو اهڙو جيون جي سفر ۾،
    بي عقل جي ڀَر ۾ بيهڻ به زهر هو

    اُميد سان ناتو اهڙو ته ڳنڍيو سي،
    مايوس ڪڏهن ٿي ويهڻ به زهر هو

    هو عشق اڙانگو هَر موڙ تي زاهد،
    اٽڪڻ به زهر جو – موٽڻ به زهر هو


    اي يارَ تون به پُڇين ٿو ته ڪير آهيان مان

    اي يارَ تون به پُڇين ٿو ته ڪير آهيان مان
    جي تُنهنجو ناهيان ته پوءِ ڪو وُجود ناهيان مان

    مان توسان رُوحَ جو رِشتو رَکڻ گُهران ٿو پرين،
    رَکين ٿو راهه جو رِشتو ته ڪيئن نڀايان مان

    قدم قدم تي سدائين سِتم سَٺم تُنهنجا،
    وري به توکي ٿو چاهيان تو کي ٿو چاهيان مان

    اَندَر جا سُورَ ته پَنهنجَن سان اوربا آهن،
    جي پنهنجا سُورَ ڏين سي ڪنهن کي سُڻايان مان

    جنهن ۾ نه درد مُنهنجي ديس جا هُجن شامل،
    سي گيت ڳايان مان زاهدَ ته ڪيئن ڳايان مان


    منهنجي جهوليءَ ۾ جيڪو پيار آ تنهنجو آهي

    منهنجي جهوليءَ ۾ جيڪو پيار آ تنهنجو آهي
    منهنجي من ۾ جيڪو سنسار آ تنهنجو آهي

    کوڙ هر موڙ تي بي درد مليا نفرت سان
    جو مُحبت جو مِليو ٺار آ تنهنجو آهي

    منهنجي هن شهر ۾ هر فرد چيو آ مونکي،
    تنهنجو دلدار وفادار آ تنهنجو آهي

    روز ٿو روح چوي مان تنهنجي پيرن ۾ رهان،
    پر ادب سان جيڪو انڪار آ تنهنجو آهي

    پنهنجي زاهد کان نه ڇنجانءِ پناهون پنهنجون
    ڏاڍو مسڪين آ لاچار آ تنهنجو آهي


    ڪا دوستي نِڀائبي ڪا دشمني نِڀائبي

    ڪا دوستي نِڀائبي ڪا دشمني نِڀائبي
    ڪڏهن سُکي ڪڏهن ڏُکي گهڙي گهڙي نِڀائبي

    هي عشق جو خُمار آ جي عشق جي خُمارَ ۾،
    مِلي وئي ڪا بي وَسي ته بي وَسي نِڀائبي

    وفائون واٽ ۾ کڻي سَزائون سِرَ مٿان سَهي،
    هي دلبرن سان دلبري وري وري نِڀائبي

    هٿن سان پنهنجو هَر حُڪم پرين مون کي لِکي ته ڏِيو،
    لِکت اوهان جي عُمر ڀر چُمي چُمي نِڀائبي

    هِتي به درد ٿا مِلَن هُتي به جي عذاب آ،
    هي زندگي نڀايون ٿا هو زندگي نِڀائبي


    سُورَ ڏئي هر سال هَليو وِيو

    سُورَ ڏئي هر سال هَليو وِيو
    حالَ ڪري بي حال هَليو وِيو

    سچو ماڻهو ڪوڙي جَڳ ۾،
    ٿي نه سگهيو خوشحال! هَليو وِيو

    سال ته وِيو پَرَ ويندي ويندي
    قومَ ڪري ڪنگال هَليو وِيو

    ڀاءُ ته هو پر پنهنجي ڀرمان
    بي وس ٿي بنگال هَليو وِيو

    زاهَدَ هَر ڪو ڏينهُن پَهَرُ پَلُ
    جيءَ کي ڏئي جنجال هَليو وِيو


    هي راڄ مظلوم هو آ ظالم اوهان نٿا چئو اسين چئون ٿا

    هي راڄ مظلوم هو آ ظالم اوهان نٿا چئو اسين چئون ٿا
    عظيم پورهيت حقير حاڪم اوهان نٿا چئو اسين چئون ٿا

    اٻوجهه ماڻهن کي ڏئي دلاسا وٺن وڏيرا ٿا ووٽ ڪيڏا
    غريب جو پُٽ وزيرِ اعظم اوهان نٿا چئو اسين چئون ٿا

    اِسيمبلين ۾ وڃي ٿا ويهو وزير بَڻجي مُفاد خاطر،
    ختم ڪجي هر غريب جو غم اوهان نٿا چئو اسين چئون ٿا

    جو کيت کيڙي اهو ئي وارث زمين جو آ زمين اُن جي،
    رَهي نه مُحتاج ڪو به آدم اوهان نٿا چئو اسين چئون ٿا

    نه شرم اک ۾ نه دِيدَ اک ۾ ترانو ٿا شاد باد ڳايو،
    عوام چاهي ٿو لال پَرچم اوهان نٿا چئو اسين چئون ٿا

    وطن جون خوشيون اسانجون خوشيون دنيا جي دردن کان ڌار ناهيون،
    سدائين ٻهڪي سمورو عالم اوهان نٿا چئو اسين چئون ٿا–

    عوام سان گڏ هلڻ ته زاهد اديب شاعر جو فرض آهي
    ستايلن جو ٿئي ڪو سنگم اوهان نٿا چئو اسين چئون ٿا


    سَڄي سَڄي رات مان سَڙان ٿو – تڏهن ته دانهُن ۾ درد آهي

    سَڄي سَڄي رات مان سَڙان ٿو – تڏهن ته دانهُن ۾ درد آهي
    سَڄو سَڄو ڏينهن مان ڏکان ٿو– تڏهن ته دانهن ۾ درد آهي

    جي ساز کي ڌڪ لڳي ٿو سائين – ته ساز ڀي رَڙ ڪري ٿو سائين
    ڪو ڌڪ لڳو آ ته مان رڙان ٿو – تڏهن ته دانَهُن ۾ درد آهي

    ڳنڍي هَلين ها ته مان به جيڪَر– سَڄي حياتي سَڄو هُجان ها،
    ڇني ڇڏين ٿو ڇڄي پوان ٿو – تڏهن ته دانهُن ۾ درد آهي

    هي گيت جي گونجندا ڏسين ٿو – خبر اٿئي ڪا ته ڪيئن لِکان ٿو،
    تنهنجي وڇوڙي ۾ جهيرجان ٿو– تڏهن ته دانهُن ۾ درد آهي

    نه ڪُوڙُ زاهدَ نه ڪَچُ آهيان – مان سَچُ رهندس مان سَچُ آهيان،
    مان سَچَ جو مَچُ ٿي مچان ٿو– تڏهن ته دانهُن ۾ درد آهي


    تون ورهين کان ساقي آهين – شل مئخانو آباد رهئي

    تون ورهين کان ساقي آهين – شل مئخانو آباد رهئي
    ٿو درد وندن جا ڏک لاهين – شل مئخانو آباد رهئي

    ٿو تو کي ڏک جي دانهن ڏيان – ٿو تو سان دل جا سُورَ سليان
    هِڪڙو ئي ته منهنجو آن سائين – شل مئخانو آباد رهئي

    سَڀُ جيڪي کامن پَچرن ٿا – سي تو سان ويهي سُڏڪن ٿا،
    تون روئندن کي ٿو پَرچائين – شل مئخانو آباد رهئي

    تون سُرَهو گل چَمن جو آن – تون پيارو هر ڪنهن پن جو آن،
    هر محفل کي ٿو مَهِڪائين – شل مئخانو آباد رهئي

    مِٽيءَ جي خوشبو ساڻ کڻي – گڏ مَوج ڀَريو مَهِراڻ کڻي،
    هر جيءُ ٿو زاهد جهومائين – شل مئخانو آباد رهئي


    عزت جنهن به وڃائي هوندي

    عزت جنهن به وڃائي هوندي
    اُن جي عُمرِ اجائي هوندي

    ماڻهو ڪو ٿو سوئر سَڏجي،
    آخر ڳالهه ته ڪائي هوندي

    پنهنجيءَ ڳالهه ۾ پڌرو ٿيندو،
    جنهن جي من ۾ ٻيائي هوندي

    سونهون ڏُکَ جو سوئي هوندو،
    جنهن تي مُشڪل آئي هوندي

    پاڻ پريت جا راهي زاهدَ،
    هر ڪا وک سَجائي هوندي


    جهاڳبو جَهنگُ جَهر مِلي وِيوِ آ

    جهاڳبو جَهنگُ جَهر مِلي وِيوِ آ
    ڏاڍو مشڪل سَفر مِلي وِيو آ

    ڇا به ٿي پَئي نڀائڻو آهي،
    عشق وارو اکر مِلي وِيو آ

    پنهنجي دل ۾ دُعا ڪري رکبو،
    ڏک تو کان اگر مِلي وِيو آ

    ايئن بَرسي پَيا وڇوڙي ۾،
    ڄڻ ته نيڻن کي ٿر مِلي وِيو آ

    هاڻي منزل مِلي ته ڪيئن مِلي،
    نا اهل همسفر مِلي وِيو آ

    سو وڏوخوشنصيب آ زاهدَ،
    جنهن کي ڪنهن دل ۾ گهر مِلي وِيو آ


    بي وفا ساڻ گڏ گُذاريان ٿو

    بي وفا ساڻ گڏ گُذاريان ٿو
    پوءِ به اُميد کي جيئاريان ٿو

    جسم پنهنجو ڪٽي ڪري ڪاٺيون،
    مان مُحبت جو مَچُ ٻاريان ٿو

    پاڻ کان پاڻ گُم ٿيو آهيان،
    پاڻ ئي پاڻ کي پُڪاريان ٿو

    مُلهه مُنهنجو جڏهن جڏهن ٿو لڳي،
    پنهجي ضمير ڏي نِهاريان ٿو

    درد هي نيٺ جنگ جو ٽيندا،
    پنهنجي هر سُورَ کي سَنواريان ٿو

    گيت بَڻجي پَون پَيا زاهدَ،
    لُڙڪ جيڪي به روز لاڙيان ٿو


    ساٿ تُنهنجو جي سدائين رهندو

    ساٿ تُنهنجو جي سدائين رهندو
    ساهُه سُرهاڻ ۾ سائين رهندو

    مان ڏسان ٿو جِهڄي جُهري ٿو پَوان،
    ايڏو غمگين ڇو آهين رهندو

    موت ڇاهي؟ پتو تڏهن ٿو پوي،
    جنهن پهر ساڻ تون ناهين رهندو

    پنهنجي وِچَ ۾ عجيب رَسمُن جو،
    فاصلو ڪيتري تائين رهندو

    مون چيو تُنهنجو ئي ته آ زاهدُ،
    مُسڪرائيندي چيائين رهندو


    شهر ڇڏيون ٿو وڃان پر دُعا ڪندو ٿو وڃان

    شهر ڇڏيون ٿو وڃان پر دُعا ڪندو ٿو وڃان
    رَهن هي شاد سَڀئي گهر دُعا ڪندو ٿو وڃان

    ڏِنا تو ڏنڀ وڇوڙي جا ٿو ڏُکان پوءِ ڀي،
    مان دل سان تو کي ته دلبر دُعا ڪندو ٿو وڃان

    اُداس تون نه ٿِجانءِ مان توسان مِلڻ ايندُس،
    اي مُنهنجي گهر سَندا آڳُر دُعا ڪندو ٿو وڃان

    جَنين سان جيءَ جَڙيا خُونَ جا هُيا رِشتا،
    اُنهن به بَندِ ڪيا در دُعا ڪندو ٿو وڃان

    ٻُڌن ٿا گيت مُنهنجي درد جا جڏهن زاهد،
    روئن ٿا شَهرَ جَهنگ جَهرَ دُعا ڪندو ٿو وڃان


    ڀَڄندي ڀَڄندي لُڇندي لُڇندي، ڪُجهه گُذري وَئي ڪُجهه گُذري پَئي

    ڀَڄندي ڀَڄندي لُڇندي لُڇندي، ڪُجهه گُذري وَئي ڪُجهه گُذري پَئي
    سُک ڪونه مِليا سڪندي سڪندي، ڪجهه گُذري وئي ڪجهه گُذري پَئي

    ٿڌڪار به هو آرام به هو جڳ لاءِ هيو مون لاءِ نه هو،
    مُنهنجي ته عُمرِ ڏکندي ڏکندي، ڪُجهه گُذري وَئي ڪُجهه گُذري پَئي

    جيڪي به مِليا هِنَ جيون ۾ ماڻهو ته هُيا مَحَبُوبَ نه ها،
    هڪ دلبر لئه دُکندي دُکندي، ڪُجهه گُذري وَئي ڪُجهه گُذري پَئي

    ڪاڏي وَڃجي ڪنهن سان ملجي ڪنهن سان روئجي ڪنهن سان کِلجي،
    پنهنجي من کان پُڇندي پُڇندي، ڪُجهه گُذري وَئي ڪُجهه گُذري پَئي

    هر سُونهَن اکين لئه سَگَهَه بَڻي، جَنهِن سَگَهه جيئاريو آ زاهدَ،
    تَسبي هَٿ ۾ پَڙهندي پَڙهندي، ڪُجهه گُذري وَئي ڪُجهه گُذري پَئي


    تو سان پنهنجو نينهن نرالو ڳايان ٿو

    تو سان پنهنجو نينهن نرالو ڳايان ٿو
    جوش اچي ٿو پوءِ جمالو ڳايان ٿو

    روز عبادت لاءِ چوي ٿي مُنهنجي دل،
    شاهه لطيف جو روز رسالو ڳايان ٿو

    مياڻيءَ جو ميدان پُڪاري ٿو ٻيهر،
    توب، ڪُهاڙي، بَڙڇي ڀالو ڳايان ٿو

    ڳائڻ وارا جنهن کي تنهن کي ڳائن ٿا،
    مان تڙپان ٿو سنڌ جو نالو ڳايان ٿو

    ننڊ ڪيان ڪيئن رات نڀاڳيءَ ۾ زاهد،
    قوم جي قِسمَت لاءِ اُجالو ڳايان ٿو


    هي پيار ڏاڍو مِٺو مِٺو آ

    هي پيار ڏاڍو مِٺو مِٺو آ
    قرار ڏاڍو مِٺو مِٺو آ

    نِجو نَشو آ نِهار تُنهنجي–
    خُمار ڏاڍو مِٺو مِٺو آ

    اَنَدَرَ ۾ جيڪو آ عشق آندو،
    اُڀار ڏاڍو مِٺو مِٺو آ

    اَچِي وَيو نينهن ۾ نِرالو،
    نِکار ڏاڍو مِٺو مِٺو آ

    تون ڳاءِ زاهدَ وڻي ٿو هاڻي،
    ملهار ڏاڍو مِٺو مِٺو آ


    تنهنجي مئخاني ۾ آ يل آهيان

    تنهنجي مئخاني ۾ آ يل آهيان
    اڄُ پرين ڏاڍو اُڃايل آهيان

    حُسن جي هَنجَ مُقدر نه بَڻي،
    سُونهَن سَجنيءَ جو سِڪايل آهيان

    جي اچين ٿي ته وَڄان ٿو ڇَم ڇَم،
    تنهنجي پيرن جي مان پايل آهيان

    تون نه ڏي درد نوان اي دلبر،
    مان اڳيئي ئي گهڻو گهايل آهيان

    ڪهڙي اُميد زماني مان رکان،
    پنهنجي سَڄڻنِ جو سَتايل آهيان

    زهر پي پوءِ به مِٺائيءَ وانگر،
    دوستن مَنجِهه وِرهايل آهيان

    پنهنجي ضَميرَ سان گڏ مان زاهد،َ
    سَچَ جو مَچُ مَچايل آهيان


    درد جي رات وڏي رات آ گُذري ئي نٿي

    ٻہ قافيو غزل (نئون تجربو)

    درد جي رات وڏي رات آ گُذري ئي نٿي
    موت سان جنگ آ سڪرات آ نِبري ئي نٿي

    پاڻ سا پاڻ نه آ ساڻ رڳو تون ئي تون،
    تنهنجي هر بات رهي تات آ وِسري ئي نٿي

    تون اُتم ذات تنهنجي سونهن اُتم سوچ اُتم،
    ضِد تنهنجي به اُتم ذات آ نِڪري ئي نٿي

    لُڙڪ ڌرتيءَ تي وهايان ته جَلي راک ٿئي،
    دل جي ٿر جي مٿان برسات آ اُٻري ئي نٿي

    سوچَ نِسري ته نئين ڪيئن ڪا نِسري زاهدَ،
    تو بِنا ڏاتِ مَٿان ماتِ آ اُسري ئي نٿي


    نوٽ: نئون تجربوٻه قافيو ۽ ٻه رديفيو عزل.


    دل جي دُنيا کي اُجاڙي تون هليو وئين ڪاڏي

    دل جي دُنيا کي اُجاڙي تون هليو وئين ڪاڏي
    چند ڏينھڙا مونسان گهاري تون هليو وئين ڪاڏي

    پنهنجي اقرار جي اظهار سان چاهت واري،
    باهِه مَن ۾مُنهنجي ٻاري تون هليو وئين ڪاڏي

    تو سواءِ مُنهنجو پرين ڪو به نه هو ڪو به نه آ،
    مان جيان ڪنهنجي سَهاري تون هليو وئين ڪاڏي

    تون ڪٿي هوندين ڪهڙي حال ۾ هوندين سائين،
    ساهُه تو کي پيو ساري تون هليو وئين ڪاڏي

    تون ئي زاهد جو هُئين جيءَ جياپو جاني
    موت مونکي ڏئي ماري تون هليو وئين ڪاڏي


    عزت واري ڳالهه ڪنداسين

    عزت واري ڳالهه ڪنداسين
    عظمت واري ڳالهه ڪنداسين

    مُحبت وارا ماڻهو آهيون،
    مُحبت واري ڳالهه ڪنداسين

    اُجڙي ويندڙ ھر اندر لئہ
    راحت واري ڳالھ ڪنداسين

    پنهنجن جَذبن مَنجهه ڀَريل آ،
    جُرئت واري ڳالهه ڪَنداسين

    هر حالت ۾ هر ظالم تي،
    لعنت واري ڳالهه ڪنداسين

    سِنڌُ امڙ آ سِنڌُ سان زاهد،
    چاهت واري ڳالهه ڪنداسين


    سَڀُ قيمتي پل آهن

    سَڀُ قيمتي پل آهن
    ڄڻ گيت غزلَ آهن

    آ واٽ ڏُکي ڏاڍي،
    پر عَزمَ اَٽلَ آهن

    دلگير نه ٿيڻو آ،
    هر درد جا حَلَ آهن

    سِنڌُ ڇو نه بَچائيندا،
    سِنڌُ جا به اَدلَ آهن

    مَنُ موجَ ۾ آ زاهدَ،
    ميلا به مَتلَ آهن


    تون چوين ٿو ته مان خاموش رهان ڪيئن رهان

    تون چوين ٿو ته مان خاموش رهان ڪيئن رهان
    سَچَ جو ساهُه ڪڍي ڪوڙُ چَوان ڪيئن چوان

    ڇو پنهنجي ضد جا زنجير مون کي جَڪڙين ٿو
    ڳالهه سمجهين ئي نٿو ڪاڏي وڃان ڪيئن ڪيان

    دل ۾ هڪ درد هُجي ها ته ڪڍي ڇڏجي ها،
    سمنڊ سُورن جو آ دل ۾ سو ڪڍان ڪيئن ڪڍان

    باهِه تو وِچَ تي ٻاري آ وِڇوڙي واري –
    مان ٿو ٺاريان تون مَچائين ٿو اچان ڪيئن اچان

    تو کي وڻندو ته وڏي ڳالهه هوندي زاهد لئه،
    لوڪ لئه پاڻ سَنواريان۽ سَجان ڪيئن سَجان


    پيار پنهنجي جو اڃان آهي زمانو ساڳيو

    پيار پنهنجي جو اڃان آهي زمانو ساڳيو
    عَرضَ مُنهنجا نه اگهيا تُنهنجو بَهانو ساڳيو

    ڪلهه به تو مُنهنجي مُحبت کي گُنهگار چيو،
    اَڄُ به تون مون کي ٻُڌائين ٿو فسانو ساڳيو

    مُنهنجي هر وقت رهي عاجزي ساڳي تو سان،
    تُنهنجو تڪرار رَهيو مون سان روزانو ساڳيو

    سُونهَن جو وِردُ صُبحَ شامَ ڪيان ٿو ويٺو،
    عشق کي مون آرکيو تازو توانو ساڳيو

    ڪُجهه حياتيءَ ۾ حقيقت سان مِلي ڏِسُ زاهدَ،
    رَهُه نه سَجدَن ۾ ائين روز ديوانو ساڳيو


    ڪم ته سڀني جو آهي پر ڪير ڪندو

    ڪم ته سڀني جو آهي پر ڪير ڪندو
    سو ئي ڪندو جو پُختو پنهنجو پير ڪندو

    سِنڌُ جو کائي سِنڌُ وِرهائڻ چاهيو ٿا،
    سنڌ جو وارث ڪونه اوهان سان خير ڪندو

    ڇا به ڪجي پر مُور نه ڪنهنجو ٿيڻو آ،
    جيڪو ماڻهو پنهنجي مَنَ ۾ مير ڪندو

    هوندَسِ ڪا مَجبوري جو پَهتو ناهي،
    مُنهنجَو دِلبر ناهي ايڏي دير ڪندو

    اَچڻو آ طوفان سَچائيءَ جو زاهدَ،
    جيڪو ڊوهَه سَمورا ڊاهي ڍير ڪندو


    جِتان وَفا نه مِلي آ اُتي وَري نه وَڃو

    جِتان وَفا نه مِلي آ اُتي وَري نه وَڃو
    نه رکجو نانگ سان ناتو متان مري نه وڃو

    اڳيان جَفا جو شهر آهي جهير جي ويندئو،
    اوهان جي يارَاِنهيءَ ۾ آ بَهتِري نه وَڃو

    لکين اُميدون اوهان ۾ آهن دُکيءَ دل جون،
    دڳن ۾ رولي اسان جي هي دِلبري نه وَڃو

    اوهان جي ساٿ ۾ دردن کان ڌارَ ٿيا آهيون،
    ڏئي اسان کي حياتي ڏکن ڀَري نه وَڃو

    وَري ڪڏهن نه ڪنداسين ڪا هُجَ او سائين،
    مَڃو هي عَرضُ آ زاهدَ جو آخري نه وَڃو


    تو سِوا ڇا ڪجي

    تو سِوا ڇا ڪجي
    دِلربا ڇا ڪجي

    اِنتظارن جي آ
    انتها ڇا ڪجي

    جي ختم ٿي وَڃن،
    آسرا ڇا ڪجي

    تو ڪٽي سڀ ڇَڏيا،
    سِلسِلا ڇا ڪجي

    باوفا ٿي پوي،
    بي وفا ڇا ڪجي

    دل ۾ زاهد رُڳو،
    درد آ ڇا ڪجي


    عاشقو ايڏو ظلم ڇو ٿا ڪيو

    عاشقو ايڏو ظلم ڇو ٿا ڪيو
    روز پنهنجو نئون صنم ڇو ٿا ڪيو

    سونهن کان وڌ سونهن جنهن پل ٿا ڏسو،
    پنهنجو گهر ڊاهي ختم ڇو ٿا ڪيو

    بي رحَم ۽ بي وَفا آهيو اوهان،
    سَنگدل بَڻجي سِتم ڇو ٿا ڪيو

    دل وَٺي پوءِ دل جَلائي ٿا ڇَڏيو،
    قهرَ اهڙا هر قدم ڇو ٿا ڪيو

    درد ڏيو ٿا دُور تڏهين ٿا ٿيئون،
    غَمَ ڏِيو ٿا پوءِ غَمُ ڇو ٿا ڪيو


    اي حَسينو هي قهر ڇو ٿا ڪيو

    اي حَسينو هي قهر ڇو ٿا ڪيو
    عاشقن کي دربدر ڇو ٿا ڪيو

    اک اڙائي جيءُ جڪڙي ٿا ڇڏيو،
    دل وٺي پوءِ بند در ڇو ٿا ڪيو

    پيار ڏئي پوءِ ڇو پري ٿي ٿا وڃو،
    زندگي ڪنهن جي زهر ڇو ٿا ڪيو

    راهَه ۾ رولڻ گُهروٿا جي ته پوءِ،
    ڪنهن کي پنهنجو همسفر ڇو ٿا ڪيو

    بي سبب ڪنهن باوفا زاهد سَندو،
    بي خطا برباد گهر ڇو ٿا ڪيو


    جيءَ کي اهڙو جيئاري ڇَڏجي

    جيءَ کي اهڙو جيئاري ڇَڏجي
    موت کي مات ڏِياري ڇَڏجي

    وقت کي هَٿُ وِجهي ڳچيءَ ۾ ڪُجهه،
    پنهنجي مَرضيءَ سان بيهاري ڇَڏجي

    جا وِسامي ته ٿي پوي جنت،
    باهه اهڙي ڪا ئي ٻاري ڇَڏجي

    جنهن کي احساس ناهي آدم جو،
    اهڙي مَردُودَ کي ماري ڇَڏجي

    طئه ڪجي واٽ عشق جي زاهدَ،
    جنهن تي پوءِ عُمر گُذاري ڇَڏجي


    مُنهنجي مَنَ ۾ ائين رَهيو آ مُنهنجي مَنَ جو ميت الا

    مُنهنجي مَنَ ۾ ائين رَهيو آ مُنهنجي مَنَ جو ميت الا
    جيئن گُلَ ۾ خوشبو رهندي آ ۽ سُرَ سان سنگيت الا

    رام به تون رحمان به تون آن مالڪ تون آن مانُ به تون آن،
    پنهنجي پيار ۾ رهڻي آهي روحاني هيءَ ريت الا

    ساعت ساعت چاھت ٿيندي ساري جڳ کي راحت ڏيندي.
    دل وارن جي واٽ ٿي ويندي پنهنجي اهڙي پِرِيت الا

    جنم جنم پيا ايندا ويندا ڏيهَن کي پِيا ڏيهَه ڏسيندا،
    پاڻ نه هونداسين پر جڳ ۾ جيئندي پنهنجي جيت الا

    ساهن کي سُر ساز ڏنو تو اهڙو نئون انداز ڏنو تو،
    گونجي ٿو ته دِليون ٿو ٺاري زاهدَ جو هَر گيت الا


    سارو جڳ اَپ سيٽ لڳي ٿو

    سارو جڳ اَپ سيٽ لڳي ٿو
    ڪنهن ڊرامي جو سيٽ لڳي ٿو

    جنهن وٽ آهي ڇت مَٿانهين،
    اُن کي هَر گَهرُ هيٺ لڳي ٿو

    دُنيا جي گورک ڌنڌي ۾،
    هر ماڻهوءَ جو ريٽ لڳي ٿو

    پيار مان سوڇا ڄاڻي جنهن کي،
    پيارو پنهنجو پيٽ لڳي ٿو

    ڏاڍو هَلڪو ماڻهو آهي،
    ڳورو جَنهنجو ويٽ لڳي ٿو

    ياد ڪيون ٿا الف ۽ بي کي،
    روز پٽيءَ تي ميٽ لڳي ٿو

    کارو ڇاڻ جا کٽي جاڳو،
    وِڪجي ويندو ٻيٽ لڳي ٿو

    زاهد ڪيڏو هيل اُڃارو،
    پنهنجو هر ڪو کيٽ لڳي ٿو


    درد جي ديس ۾ سُورَنَ جو سَتايل ماڻهو

    درد جي ديس ۾ سُورَنَ جو سَتايل ماڻهو
    جو مِليو سو هُيو پنهنجن جو ڏکايل ماڻهو

    پيار جي آس رَکي لُڙڪ پيئي ٿوويٺو،
    هر طرف رُڃُ ۾ بيوس آ اُڃايل ماڻهو

    پنهنجي مرضيءَ کي ڏئي موت ويهي ٿو سو ئي،
    جو ڏئي ويهي ٿو ڪنهن کي به پنهنجي دل ماڻهو

    ڪنهن به جابر جو ڪوئي جبر جُهڪائي نه سَگهيو،
    سونهن تُنهنجيءَ آ بڻايو مون کي سائل ماڻهو

    گهاوَ ڏاڍا ٿو ڏئي پوءِ به مون کي پيارو آ،
    جيڪو آ مُنهنجي اندر مَنجهِه سَمايل ماڻهو

    گُفتگوءَ مان ئي خبر پئجي وَڃي ٿي زاهدَ،
    ڪير عالم آهي ۽ ڪير آ جاهِل ماڻهو


    ڪروڙين ڪهاڻيون فليٽن ۾ آهن

    ڪروڙين ڪهاڻيون فليٽن ۾ آهن
    ڪي يادون اَباڻيون فليٽن ۾ آهن

    آ ڳوٺن جي خوشبو ڪراچيءَ ۾ جاتي،
    رِلهيون ڪي پُراڻيون فليٽن ۾ آهن

    بيهي گيلريءَ ۾ وِکيرين ٿيون مُرڪون،
    نِگاهون نِماڻيون فليٽن ۾ آهن

    هِتي سَي ئي راجَا سڏائن ٿا جَن سان،
    ڪي راڻين جون راڻيون فليٽن ۾ آهن

    وڏو شهر زاهدَ وڏي ڳالهه آهي،
    وڏيون هِتِ رهاڻيون فليٽن ۾ آهن


    اَندَر مَنجهه آ دم بَدم عاشقي

    اَندَر مَنجهه آ دم بَدم عاشقي
    نه ٿيندي صنمَ هيءَ ختم عاشقي

    هُجي هي جَنم يا مِلي ٻو جَنم،
    اوهان سان ڪبي هر جنم عاشقي

    مان تَسبي پڙهان ٿو پَيو حُسن جي،
    عبادت اٿم هر قدم عاشقي

    خبر ٿئي اِهي گيت ڪيئن ٿا ٺهن،
    ڪويءَ جو ڪندو آ قلم عاشقي

    هي زاهدُ نِجو عشق ئي عشق آ،
    غزل عاشقي هر نظم عاشقي


    جتي ٿي وفائون ڏئي دوستي

    جتي ٿي وفائون ڏئي دوستي
    اُتي ٿي سدائين جيئي دوستي

    جفائون سَزائون سَدائين سَهي،
    پئي ڍُڪ وِههُ جا پيئي دوستي

    ٻَري سَچَ جو مَچُ ٿو وِچَ تي،
    تڏهن ڪا پَڪي ٿي ٿِئي دوستي

    جُهڪائي سَگهي ٿي زمانو سَڄو،
    بهادُر جي بڻجي بيهي دوستي

    تڏهن ڏکُ زاهد ٿئي ٿو جڏهن،
    گلائون ڪري ٿي گيهي دوستي


    پنهنجي دل مون ائين ڏِٺي آهي

    پنهنجي دل مون ائين ڏِٺي آهي
    ديس جي درد جي چِٺي آهي

    رَتُ هر سَتَ کي پَئي بَخشي،
    سِنڌُ ڌرتيءَ جي مِٽي آهي

    کائي سِنڌُ جو نمڪ حرام نه ٿي
    تو ۾ جي شرم جي ذري آهي

    سِنڌُ سِنڌين جي آهي ۽ رهندي،
    مون غلط ڳالهه ڪانه ڪئي آهي

    ويهي پنهنجن سان آ خَتم ڪرڻي،
    وِچَ ۾ ٿورڙي وِٿي آهي

    زندگي زهر ٿي وئي آ پر،
    موت کان پوءِ ڀي مِٺي آهي

    ڇو عذابن ۾ ٿا رَهون زاهد،
    ڪائي غلطي ضرور ٿي آهي


    سونهن تُنهنجي سدا ٿي اَنوکي لڳي

    سونهن تُنهنجي سدا ٿي اَنوکي لڳي
    هر قدم هر ادا ٿي انوکي لڳي

    هوءَ سُهڻين ۾ آهي سَڀن کان جُدا
    جا انوکي آ سا ٿي انوکي لڳي

    اَهڙي جنت ۾ ڪا حَورَ ناهي ڏِٺي،
    ٿا چون فرشتا ٿي انوکي لڳي

    هيل مُنهنجا کُلي ڀاڳ آهن پيا،
    تنهنجي هر ڪا دُعا ٿي انوکي لڳي

    ٿورڙي ڳالهه تي ٿورڙي دير لئه،
    ٿي وڃي ٿي جُدا ٿي انوکي لڳي

    نانءِ اُن جي ڪري ٿو ڇڏي زندگي،
    ها جڏهن ڪنهن کي ڪا ٿي انوکي لڳي

    عُمرِ ننڍڙيءَ کان زاهدَ پَڇاڙيءَ تائين،
    مون کي هِڪڙي اِها ٿي انوکي لڳي


    واٽَ ۾ آهي ٻاٽَ ڏيئو ڪو ٻاري هَل–

    واٽَ ۾ آهي ٻاٽَ ڏيئو ڪو ٻاري هَل–
    موت کي ماري پنهنجو پاڻ جيئاري هَل–

    اوجاڳن سان خَوابَن کي تعبيرون ڏي،
    اکڙيون کولي هر ڪنهن پار نِهاري هَل–

    دير آهي ته به خير آهي پَهچي وَڃبو،
    پنهنجي آڏو ٽَڪرَ سارا ٽاري هَل–

    پاڻ ڪناري تي پهچي وئين ڇا ٿي پيو،
    مانجهي ساري قوم جو ٻيڙو تاري هَل–

    جنهن سان جيءَ جيئاپن جو ڪو گَسُ ملي،
    زاهدَ ذِهنَ مان اَهڙي سوچَ اُڀاري هَل–


    ڪيائين پيارمگر پيارَ کي سمجهي نه سگهي

    ڪيائين پيارمگر پيارَ کي سمجهي نه سگهي
    مُحَبتُن ۾ اَعتِبارَ کي سمجهي نه سگهي–

    سِواءِ هُن جي سَڄو گهر اُداس رَهندو آ،
    هو پنهنجي بي رَحم ڪِردارَ کي سمجهي نه سگهي–

    سا پاڻ نيٺِ زماني جي هڪ خبر ٿي وَئي،
    جا زماني جي سَماچارَ کي سمجهي نه سگهي–

    هو مُنهنجو ساٿ نڀائي ها ڪيئن مُشڪِل ۾،
    جا منهنجي سوچَ کي ويچارَ کي سمجهي نه سگهي–

    خِزان کي پنهنجي اَندرَ۾ سَمائي ويٺي هُئي،
    هو اِن ڪري ئي ڪنهن بهارَ کي سمجهي نه سگهي–

    قرار پنهنجو ڪبو پاڻ آ پيدا زاهدَ،
    هو بي قرار هُئي قرارَ کي سمجهي نه سگهي–


    هي ڪيڏو ته پيارو شهر آ سَڄو

    هي ڪيڏو ته پيارو شهر آ سَڄو
    مگر بي سَهارو شهر آ سَڄو

    لڳي ڪنهن ته آ بد نظر جي نظر،
    عذابن ۾ سارو شهر آ سَڄو–

    آهيون هر قدم تي اَجل جو شِڪار،
    قبر جو ڪِنارو شهر آ سَڄو–

    وڏي نَڪ جي هو پَڪائيءَ سان،
    چون ٿا ”همارو“ شهر آ سَڄو–

    ڪراچيءَ جا وارث ڪڏهن جاڳندا،
    ويو لُٽجي سارو شهر آ سَڄو–

    اُٿو يار زاهد ڇَڏيو بيوسي،
    ٿي ويٺو ويچارو شهر آ سَڄو–


    دوستن ۾ ورهائجي ويا سين

    دوستن ۾ ورهائجي ويا سين
    دلبرن ۾ ورهائجي وياسين

    عشق مان انتها جو لفظ ڪڍي،
    چاهتُن ۾ ورهائجي وياسين–

    توکي ڏاڍيون خوشيون ڏيڻ خاطر
    خواهشن ۾ ورهائجي وياسين–

    گَهرَ مان نڪتيئن ته چئوطرف تو لئه،
    ڇانَوَرن ۾ ورهائجي وياسين–

    تهنهنجي هر ڳالهه تي يقين ڪري،
    آسرن ۾ ورهائجي وياسين–

    شاعريءَ ۾ اَچي اسان زاهد،
    عاشقن ۾ ورهائجي وياسين–


    سدائين سوچَ ۾ ڪيڏو وَڏو سَفر ٿا ڪيون

    سدائين سوچَ ۾ ڪيڏو وَڏو سَفر ٿا ڪيون
    آهيون زمين تي آڪاش پنهنجو گهر ٿا ڪيون

    وفا جي موٽ ۾ هر شهر وسايا پٿر،
    خوشين سان پوءِ به آباد هر شهر ٿا ڪيون–

    صدين کان درد اسان کي ڇو دربدر ٿا ڪَرِن،
    اَچو ته پاڻ به دردن کي دربدر ٿا ڪيون–

    انڌيري رات ۾ ڪيڏا وڏا قهر ٿا ڪيو،
    غذابَ سَهندي اسان روز نئين سَحر ٿا ڪيون–

    وفا نه جن جي دلين ۾ اسان ڏِسئون زاهد،
    ڏِسي اُنهن کي اسان بند گهر جو در ٿا ڪيون–


    گُلن سان خاراٽڪي پيا وڻن سان ڏار اٽڪي پِيا

    گُلن سان خاراٽڪي پيا وڻن سان ڏار اٽڪي پِيا
    ائين ئي اَڄُ الائي ڇو اسان سان يار اٽڪي پِيا

    بنا ڪنهن ڏوهه جي ۽ بي سبب ڪنهن جي چوڻ تي اڄ،
    جگر جاني پرين پيارا مِٺا منٺار اٽڪي پِيا–

    اندر ۾ ها مُنافق سي ڏِنا جَن هارَ گُلڙن جا،
    ڳچيءَ ۾وِيا آهن پئجي ڳچيءَ جا هار اٽڪي پِيا–

    سجائي حُسن وارن آ جڏهن محفل ته محفل ۾،
    سَڀِن سُهڻن جا آهن پاڻ ۾ سينگار اٽڪي پِيا–

    ڏِسي انداز آئينو به مُرڪي پيو محبت ۾،
    ڦڻي ڏيندي ڦڻيءَ سان اَڄُ پرينءَ جا وار اٽڪي پِيا–

    ڪِري پِيا جاَم هثڙن مان رَڙي پيا روحَ رِندن جا،
    جڏهن ڪنهن ڇير سان ڇَم ڇَم ڪندي ڇَمڪار اٽڪي پيا–

    وَصُل جي آسرن ۾ زندگي زاهد وئي گُذري،
    پرينءَجا پاڻ ۾ اِقرار ۽ انِڪار اٽڪي پِيا–


    ناهي نَشو شراب جي پُر جوش ڍُڪن ۾

    ناهي نَشو شراب جي پُر جوش ڍُڪن ۾
    آهي سُرورُ سارو ساقيءَ جي هَٿن ۾

    ڪنهن مُرڪ متارن کي مَخمُور ڪيو هو،
    مَڌُ ۾ ته مُئل سَپَ ها موکيءَ جي مَٽن ۾–

    سَسُئيءَ ڪا وتي سُرڪ هُئي پنهنجي پُنهل کان،
    جيئڻ مرڻ گُهريائين هر حال جَتن ۾–

    ڪنهن تاتِ ۾ تڙپي ٿي اناالحق چيائين،
    منصور وِيو سوليءَ تي چَڙهي نينهن نشن ۾–

    رِندَن به ڏِني راءِ آ زاهدَ به چَون ٿا،
    جا مَست ڪندي روحُ سا چُسڪي آ چپن ۾–


    مِٺا اَنب ٿي وِيا پَڪا ڏَنگَ ڏوڪا–

    مِٺا اَنب ٿي وِيا پَڪا ڏَنگَ ڏوڪا–
    اسانجي نه سانئڻ لڌي سارتو ڪا–

    وَري مِلڻ جو چئي وَيا موڪلائي،
    اچن شال ٻيهر پُکي سي پَروڪا–

    صديُن کان مُحبت جا قاتل ڪِروڙين،
    وِڇائن ٿا راهُن ۾ ڪنڊا ۽ ڪوڪا–

    ٻُڌڻ سان اندر ۾ وڃن ڏار پئجي،
    ڪيو ٿا اسان سان اهڙي ڳالهه ڇو ڪا–

    وَري اَڄُ زماني نوان تيرَتاڻيا،
    اڃان زخم زاهدَ ها تازا پَروڪا–


    نه مِلڻ جي ڪا آرزو نه وڇوڙي جو غم–

    نه مِلڻ جي ڪا آرزو نه وڇوڙي جو غم–
    عجيب طرحَ سان رشتو ڪري وئي آن ختم–

    آ زندگيءَ ۾ خوشي روشني آ جيون ۾،
    مَگر نه منهنجي قدم ساڻ رَهيو تنهنجو قدم–

    وِساري ڇو نه ڇڏيان ها مان اِتفاق چئي،
    هُجي ها جي کڻي تنهنجو پرين هِڪڙو ڪو سِتم–

    نه جنهن ۾ دل نه ڪا ڌڙڪن نه ڪي احساسَ هُيا،
    سو مُنهنجو ڪيئن ٿئي ها ڀَلا پٿر جو صنم–

    وِڇوڙو ڪيئن نه ٿئي ها وُجود هڪ نه ٿيو،
    نه تنهنجو مون لئه جنم هو نه منهنجو تو لئه جنم–

    سَهي ٿو زخم جي زاهدُ بيچين تون به ته آن،
    نه مون تي رَحم ڪيو تو نه پاڻ تي ڪو رحم–


    ڏِنئي جاءِ دل ۾ رَکيُئي جيءَ ۾ جاني–

    ڏِنئي جاءِ دل ۾ رَکيُئي جيءَ ۾ جاني–
    لکين قُرب تنهنجا وڏي مهرباني–

    آ سُر ساز بڻجي وئي سِنڌُ ساري،
    مِلي ڄَڻُ ته آ تانَ سان ڪائي تاني–

    ٿيون روشنيون اَڄُ اندر جي اڱڻ تي،
    آئي چَنڊَ تان آ پَري آسماني–

    مِليو جو به تو سان اُهو تُنهنجو ٿي وِيو،
    غَضب جي اٿئي گفتگوءَ ۾ رَواني–

    پيئون روز ٿا سِنڌُ ڌرتيءَ جو پاڻي،
    مِٽيءَ مان مِلي روز ٿي نئين جواني–

    چون ٿا ته ڪو سِنڌُ ۾ آهي زاهدُ،
    جنهنجي شاعري ديس جي آ ديواني–


    بي وَسيون پُڪارن ٿيون زندگي ڪٿي آهين–

    بي وَسيون پُڪارن ٿيون زندگي ڪٿي آهين–
    تون اسان جي جيون جي اي خوشي ڪٿي آهين–

    اَڄُ به هڪ ڳڀي جي لئه ڪيتريون اکيون آليون،
    غُربَتُن جي قسمت جي مانِڙي ڪٿي آهين–

    ظُلم جي انڌيرن ۾ خُوابَ آٿتون آهن،
    ساٿ ڏي اُميدن جي دوستي ڪٿي آهين–

    هر طرف جَبُرَ هيٺيان زندگيون پَيون تَڙپن،
    مَسجدُن مان نِڪري آ بندگي ڪٿي آهين–

    سِنڌُ ديس جا سارا زخم ٿا گُهرن مَرهَم،
    آءُ پَهُچُ زاهدَ جي شاعري ڪٿي آهين–


    جي ڪنهن جي دل سان سَچو دل جو عشق ٿي ٿو پوي،

    جي ڪنهن جي دل سان سَچو دل جو عشق ٿي ٿو پوي،
    بَچي سَگهي ئي نٿو قَرب ۾ ڪُسي ٿو پوي–

    مَري ٿي روز شهر ۾ ڪائي نئين مُومَلَ،
    جنهن سان به روحَ جو راڻو ڪوئي رُسي ٿو پوي–

    اُتي دُکي ٿا پَون باهِه جا ڪيئي دوزخَ،
    جِتي به درد ۾ انسان ڪو دُکي ٿو پوي–

    سُتل جي نِنڊَ ۾ آهي ته ڳاهجي ٿو پَيو،
    پهاڙ ڏاري ٿو آدم جڏهن اُٿي ٿو پوي–

    اسان ته پيار جي حد ئي نه آ رکي زاهدَ،
    جتي به دل ٿي جُهڪي سِرُ اُتي جُهڪي ٿو پوي–


    نظر نظر سان مِلائي خُمار ڏئي وئي آ–

    نظر نظر سان مِلائي خُمار ڏئي وئي آ–
    نشو لهي ئي نٿو اهڙو پيار ڏئي وئي آ–

    گهٽيءَ گهٽيءَ مان مَهڪ هُن جي پيار جي ٿي اچي،
    هو مُنهنجي نينهن کي ڏاڍو نِکار ڏئي وئي آ–

    خِزان جو نانءُ به هاڻي ته اڻ ٻُڌو ٿو لڳي،
    سَموري عُمرِ لئه موسم بهار ڏئي وئي آ–

    منھنجي وجود ۾ مِٺڙو سُرورُ جُهومي ٿو،
    وڏي سُڪون ۾ آهيان قرار ڏئي وئي آ–

    ٻه تُحفا سَاهه ۾ سانڍي رَکيا اَٿم زاهدَ،
    چپن جو چاهُه ۽ ٻانُهن جو هار ڏئي وئي آ–


    عجب نيڻ آهن غضب ٿا ڪَرِن–

    عجب نيڻ آهن غضب ٿا ڪَرِن–
    گهڻن کي ٿا گهائن غضب ٿا ڪَرِن–

    نهاري پيئاري جيئاري وَري،
    جڏهن ٿا جُهومائِن غضب ٿا ڪَرِن–

    سڀئي ناز انداز تُنهنجا پرين،
    ٿا محفل مچائن غضب ٿا ڪَرِن–

    ڪڏهن ٿا ٻَکن ۾ لڪائن پرين،
    ڪڏهن ٿا رُلائن غضب ٿا ڪَرِن–

    لِکي جَن کي زاهدَ ڏنم زندگي،
    نٿا سي نِڀائن غضب ٿا ڪَرِن–


    شال ٿڌڪار ۾ رَهين راڻا – مان ته سَحرا ۾ ٿو سَڙان تو لئه

    شال ٿڌڪار ۾ رَهين راڻا – مان ته سَحرا ۾ ٿو سَڙان تو لئه–
    تو کي ڪو سو لڳي نه واءُ ڪڏهن – مان ته ڪاڙهن ۾ ٿو ڪڙهان تو لئه–

    عارضي هيءَ مِلي حَياتي آ– سا به ڪيڏي عجيب ٿي گُذري،
    روز هر هر پَيو مران تو لئه – روز هر هر پَيو جيئان تو لئه–

    سِڪ آهي تڏهن سِڪان ٿو مان – ڏُک ڏين ٿو تڏهن ڏُکان ٿو مان،
    تون کلي ڇو نه ٿو مِلين مون سان – مان رڙيون ٿو ڪري روئان تو لئه–

    ڪيڏو تڙپان ٿو ته به نٿو سمجهين– ڪيڏو سياڻو آن ته به نٿو سوچين،
    ڪيڏا هِن سنگدل زماني جا – سُورَ صَدمه پَيو سَهان تو لئه–

    پيار تو سان آ پيارَ تُنهنجي ۾– آسَ آهي اِها ئي زاهد جي،
    جيڏا ڀيرا جنم وَٺان جَڳ ۾– ساهُه جيڪو کڻان کڻان تو لئه–


    دَڳن ۾ درد مِلن ٿا بَچي بَچي هَلجو–

    دَڳن ۾ درد مِلن ٿا بَچي بَچي هَلجو–
    سفر ۾ ساٿ ڇڄن ٿا بَچي بَچي هَلجو–

    وَٺو ٿا عشق جو رستو ته راهَه ۾ راڻا،
    ڪنڊن تي پيرَ پَون ٿا بَچي بَچي هَلجو–

    جڏهن به حُسن تي هِرکي پَوي ٿي دل ڪنهنجي،
    عذابَ سِرَ تي اچن ٿا بَچي بَچي هَلجو–

    قَدمَ قَدمَ تي جَلادن جو قيد خانو آ،
    لڱن تي لوهَه لڳن ٿا بَچي بَچي هَلجو–

    سَمُوريون ماڻِجو زاهدَ عظيم تعبيرون،
    اکين جا خُوابَ چَون ٿا بَچي بَچي هَلجو–


    مُحبتَ به ڪيئون ٿا ته سَچائيءَ سان ڪيئون ٿا–

    مُحبتَ به ڪيئون ٿا ته سَچائيءَ سان ڪيئون ٿا–
    نفرتَ به ڪيئون ٿا ته سَچائيءَ سان ڪيئون ٿا–

    ڏئي پيارُ سَچو پَنهنجو ڪنهنجي روحَ ۾ پيدا،
    راحَتَ به ڪيئون ٿا ته سَچائيءَ سان ڪيئون ٿا–

    جا ڳالهه اَندَر ۾ آ اُها ڳالهه زُبان تي،
    عِزت به ڪيئون ٿا ته سَچائيءَ سان ڪيئون ٿا–

    سِرُ عشق ۾ صَدقي جي ٿِئي ٿو ته ڀَلي ٿي،
    چاهت به ڪيئون ٿا ته سَچائيءَ سان ڪيئون ٿا–

    اَچُ سنڌ جي دُشمَن کي وِجهئون ڌوڙِ مَٿي ۾،
    غيرت به ڪيئون ٿا ته سَچائيءَ سان ڪَيئون ٿا–

    منزل تي پُڄڻ لاءِ ته ھر حال ۾زاهدَ
    همت به ڪيئون ٿا ته سَچائيءَ سان ڪيئون ٿا–


    ڪائنات ۾ تخليق جو شاهاڪار آ عورت

    ڪائنات ۾ تخليق جو شاهاڪار آ عورت
    هر ديس جي ڌرتيءَ جو سينگار آ عورت

    جي ڀيڻ آ ته ڀاءُ تان سِرُ گهورَ ٿي ڪري،
    جي ماءُ آ عظمتَ سَندو مينار آ عورت–

    دل ۾ جي ويهاري ته سَنواري ٿي زندگي،
    ناتو سَچو رَکي ته نِجو پيار آ عورت–

    آدم سِوا حَوا جي مُسافر هو رُڃَ جو،
    آدم جي دل جي باغ لئه بَهار آ عورت–

    تاريخ شاندار آ عورت جي ساٿ سان،
    هر انقلاب جو وڏو ڪِردار آ عورت–

    عورت بنا اڌوري سَڄي ڪائنات هُئي،
    زاهدَ سَموري سُونهن جو سَنسار آ عورت–


    ڏاڍي ڏور منزل نه ڪو ساڻ ساٿي جَڏو جيءُ آهي جيئاريون پَيا

    ڏاڍي ڏور منزل نه ڪو ساڻ ساٿي جَڏو جيءُ آهي جيئاريون پَيا
    اڪيلي اڪيلي ويڳاڻي ويڳاڻي نِماڻي حَياتي گذاريون پَيا

    نه ڪائي خوشي آ نه ڪا روشني آ اڌوري ڏکي ۽ رُکي زندگي آ،
    اڃان چئني پاسن کان آهي انڌيرو اڃان پاڻ کي پاڻ ٻاريون پَيا–

    تون سائين اسان جو سهارو به تون آن سدائين اسانجون اُميدون به تو ۾،
    ويهي روحَ جي راهَه ۾ روز راڻا رُڳو واٽ تنهنجي نِهاريون پَيا–

    اوهان ميت مُنهنجا اوهان گيت مُنهنجا اوهان راڳ سُرَ سازَ سنگيت مُنهنجا،
    اسان پاڻ ڪوجها ڪِنا ئي صحي پر اوهان کي سينگاريون سَنواريون پَيا–

    سفر مَنجهِه زاهدَ ڪي راڻا ٿا گُهرجَن نِجا نينهن سان پُر نِماڻا ٿا گُهرجن،
    جيڪي پاڻ کي پاڻ جَهڙا لڳن ٿا اُنهن کي اَندرَ ۾ ويهاريون پَيا–


    نانءُ تُنهنجو لِکيم دِل مَٿان ساري دُنيا وِساري ڇَڏيَم–

    نانءُ تُنهنجو لِکيم دِل مَٿان ساري دُنيا وِساري ڇَڏيَم–
    تو ڏنو پيار جو آسرو ساهُه تنهنجي سهاري ڇَڏيُم–

    مون چَيو پيرَ سوري پرين قُرب ڪر آءُ اوري پرين،
    تو چَيو بيهُه ٿورو اڃان عُمرِ ساري گذاري ڇَڏيَم–

    مون چَيو تو سوا ڪيئن جيئان تو چَيو ڇو اَچان ڇو اَچان،
    تنهنجي اِنڪار پويان پرين جان ڳڻتين ۾ ڳاري ڇَڏيَم–

    عشق تو کي مون آڇيو جڏهن پيرُ مون ڏي تو پاتو تڏهن،
    ساهَه جي سِيج توکي ڏئي جيءُ پنهنجو جيئاري ڇَڏيُم–

    تنهنجي هر ڪا خوشي او مِٺي تُنهنجي زاهدَ جي آهي خوشي،
    لُڙڪ تنهنجي اکين ۾ ڏِسي پنهنجي مُرڪن کي ماري ڇَڏيُم–


    ڪُونجَ نِماڻي ڪيٽي بَندَر جي راڻي–

    ڪُونجَ نِماڻي ڪيٽي بَندَر جي راڻي–
    تون آن مُنهنجي مَن جي مَندر جي راڻي–

    مُنهنجي روحَ کي پنهنجين مِٺڙين مُرڪن سان،
    مَنڊَ هنيا ٿئي جادو جَنترَ جي راڻي–

    سو گَهرُ سُندر ڪيڏو ڀاڳن وارو آ،
    جنم وتوٿئي جنهن گهر ۾ گهرجي راڻي–

    پنهنجي سِرَ جي پوتيءَ جي عِزَتَ رَکجانءِ
    ساهَه سيباڻي مُنهنجي اندرَ جي راڻي–

    سادي آن پَر پَنهنجي سَڱ سان سَچي آن،
    پنهنجي ور سان ٺهندي آن ور جي راڻي–

    سَسُئي، سُهڻي، مومَل، مارُئيءَ جَهڙي آ،
    زاهدَ لاڙ اُترڪاڇي ٿر جي راڻي–


    سُڪونَ جي تلاش آ سُڪون آ ڪِٿي–

    سُڪونَ جي تلاش آ سُڪون آ ڪِٿي–
    اچو ته گڏ هَلئون اُتي سُڪون آ جِتي–

    جَنَم جَنَم سِتم سِتم سَهن ٿا ساهڙا،
    قدم قدم تي زندگي عذاب آ هِتي–

    اکيون گُهرن ٿيون آس کان قرار ديس جو،
    ڇو درد هي ڇڏن ئي نٿا پنهنجي ديس کي–

    اُهو سماج آهي پنهنجي عشق جو سبب،
    جتي نه ڪو چنگيز ڪنهن به چاهه کي چِٿي–

    هُجن ته جيءَ جيءَ لئه وڏيون خوشيون هُجن،
    وَٺي ته هر ڪو ساهُه سُکَ جون گهڙيون وَٺي–


    راتِ رولي نه ڇَڏي راهَه پُڇڻ بَهِتَر آ–

    راتِ رولي نه ڇَڏي راهَه پُڇڻ بَهِتَر آ–
    ماٺِ ماري نه ڇَڏي يارَڪُڇڻ بَهِتَر آ–

    زندگي ساهَه مَٿان بارُ بَڻي بيٺي هُئي،
    هاڻي تون جيءَ ۾ جيئارين ٿو جيئڻ بَهِتَر آ–

    ڏور مَنزل آ سَفر دَردَ جو صحرائُن ۾،
    مُنهنجي پاسي ۾ پرين تُنهنجو هُجڻ بَهِتَر آ–

    جام آڏو آ پرين جامَ پُٺيان جَنگ به آ،
    اِن ڪري جامَ مَٿان جام پيئڻ بَهِتَر آ–

    سَچُ سَمجهان ٿو ته مسجد ۾ وَڃان ڇو زاهدَ،
    پنهنجي مئخاني ۾ سَرمَست رَهڻ بَهِتَر آ–


    عشق سُرن جو آهي اعلى–

    عشق سُرن جو آهي اعلى–
    سَرگَم جا سَت رَنگ نِرالا–

    سا قائم سُر سِرَ جو سائين،
    ري ريکبُ آ راڳ جي مالا–

    گا گنڌار گُلاب جو گُل آ،
    ما مڌم آ مَئه جا پِيالا–

    پا پنچم سان پيار آ پنهنجو،
    ڌا ڌيوتَ سان جيءَ جَمالا–

    سُرَ گُرَ ساز آواز سان آندا
    ني نِکات عجيب اُجالا–

    ساري گا ما پا ڌا نِي سا،
    زاهد ساهَه ۾ سانڍ الا لا–


    دوستن جا دلبرن جا - گهر سدا وسندا رهن

    دوستن جا دلبرن جا - گهر سدا وسندا رهن
    منهنجي مٺڙن جي اڱڻ تي - مور شَل نچندا رهن

    سونهن ۽ سُرهاڻ سان گڏ - سنڌ جي ڌرتيءَ مٿان
    مُحبتي ماڻهن جا ميلا – موج سان مچندا رهن

    نفرتن جا گند ڪچرا – باهه ۾ ساڙي سڀئي
    پيار وارن پيچرن تي – پيرڙا کڄندا رهن

    هر پهر نئين عيد آهي – دل وارن جي ديس ۾
    روح روحن سان ٿا رلجن – رنگ ٿا رچندا رهن

    اڄ ته زاهد رات ساري – جُهومندي محفل سڄي
    سُر ۾ گيتن ساڻ گڏ جي – ساز ٿا وڄندا رهن


    بئڪ ٽائيٽل پيج


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 858
    ڪتابن جو مشاهدو: 2336091
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 598235
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ