ڪڏهن ها ۽ ڪڏهن ننهن جي اشارن کي ته سمجهايو
اکيون ڍاري پيا ماريو خمارن کي ته سمجهايو
وَٺي دل کي ڪڙو چاڙهي ڪرن تا قيد زلفن ۾،
پرينءَ جي سونهن ۾ آيل نِکارن کي ته سمجهايو
ڏِٺُم هر سال اوسيئڙو پکين جي لاءِ ڪينجهر جو،
سِڪي ٿو ساهُه! ڪونجن جي قطارن کي ته سمجهايو
ڪٿان سي نانگ آڻي ۽ وجهي ماري مَٽن اندر،
مِٺي موکي چوي بيٺي مَتارن کي ته سمجهايو
چمڪ سان چاهه منهنجي کي ڇڪين ٿا پاڻ ڏي زاهد
”ڦٽائن ننڊ ٿا منهنجي ستارن کي ته سمجهايو–“
هي غزل 1980ع ۾ هڪ طرحي مشاعري پاران مليل طرح تي لکيو هيم.