تون چوين ٿو ته مان خاموش رهان ڪيئن رهان
سَچَ جو ساهُه ڪڍي ڪوڙُ چَوان ڪيئن چوان
ڇو پنهنجي ضد جا زنجير مون کي جَڪڙين ٿو
ڳالهه سمجهين ئي نٿو ڪاڏي وڃان ڪيئن ڪيان
دل ۾ هڪ درد هُجي ها ته ڪڍي ڇڏجي ها،
سمنڊ سُورن جو آ دل ۾ سو ڪڍان ڪيئن ڪڍان
باهِه تو وِچَ تي ٻاري آ وِڇوڙي واري –
مان ٿو ٺاريان تون مَچائين ٿو اچان ڪيئن اچان
تو کي وڻندو ته وڏي ڳالهه هوندي زاهد لئه،
لوڪ لئه پاڻ سَنواريان۽ سَجان ڪيئن سَجان