سِجُ اُڀريو آ تون به آءُ پرين
آڻ ڪوهير ۾ هُڳاءُ پرين
تون ڪا مرهم جي مهرباني ڪر،
جو مِليو تنهن ڏنو آ گهاءُ پرين
پيار مَحشر تائين مِٺو رهندو،
نينهن کي ٿو کپي نڀاءُ پرين
اوترو ئي عظيم آهين تون،
تو ۾ جيڏو آهي جُهڪاءُ پرين
تون ئي تون ۾ ٿي گُم ويو زاهدُ،
تو سان اهڙو لڳو لڳاءُ پرين