بي وَسيون پُڪارن ٿيون زندگي ڪٿي آهين–
تون اسان جي جيون جي اي خوشي ڪٿي آهين–
اَڄُ به هڪ ڳڀي جي لئه ڪيتريون اکيون آليون،
غُربَتُن جي قسمت جي مانِڙي ڪٿي آهين–
ظُلم جي انڌيرن ۾ خُوابَ آٿتون آهن،
ساٿ ڏي اُميدن جي دوستي ڪٿي آهين–
هر طرف جَبُرَ هيٺيان زندگيون پَيون تَڙپن،
مَسجدُن مان نِڪري آ بندگي ڪٿي آهين–
سِنڌُ ديس جا سارا زخم ٿا گُهرن مَرهَم،
آءُ پَهُچُ زاهدَ جي شاعري ڪٿي آهين–