شاعري

سرگم جا ست رنگ

ھي ڪتاب نامياري شاعر ۽ راڳي زاھد شيخ جي غزلن جو مجموعو آھي. انعام سنڌي لکي ٿو:
”زاهد نه رڳو شعر رچيندڙ پر ان سان گڏوگڏ ۽ شايد ان کان رتي به گهٽ نه، هي ٻيجل جي ڏات جو پڻ ڄاڻو آهي ۽ هڪ وڏي زماني تائين ڪنڌ ڪڪوريندڙ ته نه پر دليون ڌڪ ڌڪ ڌڙڪائيندڙ ۽ موهي ڇڏيندڙ شاعر جو تاج پنهنجي مٿي تي رکي هلندڙ آهي... اسان جو زاهد ڄڻ نئون جيون وٺي پر، ڪلهه جا هڙ گيت سراسر سنگيت ڪـٺو ڪري اڀري آيو آهي...“
  • 4.5/5.0
  • 2460
  • 662
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • زاهد شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سرگم جا ست رنگ

پبلشر جو نوٽ

سنڌ ۾ شاعري ازلئون هر عام ۽ خاص جي اظهار جي بهترين وِٿ رهي آهي... ماضيءَ جي ڳالهه کڻي ڪري بس ڪيون، پر حال ۾ به اسان جا نج سنڌي حڪمران نه نه ڪندي به شعر ۾ پنهنجا خيال پڌرا ڪرڻ ۾ ئي ڄڻ سڦلتا سمجهن ٿا...
مثال طور ٻه دفعا وزير اعظم جي پد تي رسيل بينظير ڀٽو پڻ پنهنجي پاڻ هرتڙي ئي پر جلاوطنيءَ ۾ هڪ ڊگهو نظم ”شاهه لطيف ۽ مارئي ملير جي“ لکي سنڌ جي ان پراڻي ريت کي پاڻي ڏنو:
ٻيو ته اسان جا وڏا وڏا سياستدان پڻ ان رنگ سان سلهاڙيل رهيا آهن جهڙوڪۡ: حيدر بخش جتوئي، رسول بخش پليجو ۽ شايد ٻيا پڻ ان واهڙ منجهان هٿڙا ڌوئي چڪا هوندا جن بابت مونکي کڻي ڪل نه به هجي ...

اسان وٽ رت ۽ خوشبوءِ ٻنهي اسڪولن جا شاعر موجود آهن: هڪڙا مارئي معنا وطن جي حب، مهانتا ۽ رسائيءَ واري جاکوڙ ۾ شعر چون ته ٻيا وري راڻو ڳائي پرينءَ کي پرچائڻ ۾ ماهر....
انهن ٻنهي اسڪولن جي ابي ڀٽائيءَ ڪيڏي نه سٿرائي ۽ سهنج سولائيءَ سان ٻنهي کي هڪ ڪري ڏيکاريو آهي:
سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسي وسري...
حيف تنين کي هوءِ، وطن جن وساريو
اڄ به اسان وٽ ٻنهي اسڪولن جا گيت عام جام واهپي منجهه آهن، جن جي خاص سڃاڻپ آهن: شيخ اياز ۽ استاد بخاري
پر ڳالهه اتي به دنگ نٿي ڪري گهڻو اڳتي وڌي ٿي وڃي ۽ هڪ هنڌ اهڙو پڻ اچي ٿو جتي ڪير ساڻيهه بنا ٻي ڪا ٻولي نٿو ٻولي ان ئي زماني جو شاعر آهي اسان جو زاهد شيخ جنهن جا ٻول ته اڻڳڻيا پر اُهي ٻول ڪير وساري:
“ننڍڙي ننڍڙي هٿڙي، ۾ اڄ ڳاڙهو ڳاڙهو جهنڊو آ”
۽ اهڙا انيڪ سڏ پڙاڏا بڻجي ويل سندس ٻهه ٻهه ٻول جن کان ڪن لاٽار ڪرڻ سولي به ناهي...
۽ زاهد نه رڳو شعر رچيندڙ پر ان سان گڏوگڏ ۽ شايد ان کان رتي به گهٽ نه، هي ٻيجل جي ڏات جو پڻ ڄاڻو آهي ۽ هڪ وڏي زماني تائين ڪنڌ ڪڪوريندڙ ته نه پر دليون ڌڪ ڌڪ ڌڙڪائيندڙ ۽ موهي ڇڏيندڙ شاعر جو تاج پنهنجي مٿي تي رکي هلندڙ آهي...
تان جو اڄ کان ڪي ورهيه ٿيا جو سنڌ ۾ چئوڦير سانت سلهاڙجي وئي هئي ۽ سياست ڪنهن اونداهي ڪنڊ ۾ منهن هڻي ڇپ ڪري ويهي رهي هئي ۽ ادب ڪک پن ٿيندي ٿيندي جو بچيو ته، وري سڳنڌن جي هير گهلي ۽ سمورا ڪلهه جا جر جر جرڪندڙ ٽانڊاڻا ۽ ٻلهارپ جا جهرڻا انگاس تان وهي پيا ۽ سنڌ نئين سِر، سُر، ساز ۽ سياست سان نروار ٿي ته، اهي ڪُل ڀاڳيا جي ڪلهه جي سونهن هئا سي وسڪارن ۾ کنڀين جان اڀري آيا آهن...
اسان جو زاهد پڻ ڄڻ نئون جيون وٺي پر، ڪلهه جا هڙ گيت سراسر سنگيت ڪـٺو ڪري اڀري آيو آهي...
نئون نياپو هميشه سنڌ پرستيءَ جي سنيهي جو ساٿاري رهيو آهي ۽ رهندو ...
ان ئي سلسلي جو هي هڪ هارُ ، زاهد جا ڪتاب لڳاتار
جيون گيت خوشيءَ جا
سرگم جا ست رنگ

زاهد شيخ جي مڙوئي ميڙي چونڊي جيون جي ڪل ميراث نئون نياپو اوهان لاءِ هڪ کان پوءِ ٻيو ڪتاب پڌرا ڪندو هلندو...
ساڳي پراڻي آس تي ته، شل ڪو ڪتاب يا ڪنهن ڪتاب جي ڪا سٽ سنڌوءَ ۾ رتوڇاڻ جي ڇولي بڻجي پوي ۽ جهنگ جهر مان جهانگي ڪر موڙي اٿن ۽ اڻکٽ رات کي چير اچي پوي...
زاهد شيخ جو ڪتاب اوهان جن هٿڙن ۾ اچي ويو آهي. ان بابت پنهنجي پورَ پچار کان نئون نياپو ۽ زاهد شيخ کي ڄاڻڻهار ڪندا هلندا ته ٻئي... زاهد ۽ نئون نياپو ان کي پنهنجي سڦلتا سمجهندي وڏي ھمت، جوش ۽ جذبي سان اڳتي وڌندا هلندا ۽ نوان نوان گيت ۽ سنگيت جا جهرڻا اوهان کي آڇيندا رهندا...

اوهان جو

[b]سنڌي انعام[/b]