کِلي ٿي ڏِسي جي اگر ڇوڪري
ته دل تي ڪري ٿي اثر ڇوڪري
خبر ئي نٿي پئي ته مِنٽن ۾ ڪيئن،
وڃي من ۾ ٺاهي ٿي گهر ڇوڪري
جڏهن ٿي اندر ۾ ويهاري ڇڏي
ته ٺاري ڇڏي ٿي اندر ڇوڪري
سفر زندگيءَجو وڻي ٿو تڏهن،
ٿئي ٿي جڏهن همسفر ڇوڪري
لڳي ٿو ته جنت گُهمڻ ٿو وڃان،
جڏهن گهر جو کولي ٿي در ڇوڪري
سنواري ڇڏي ٿي سڄي زندگي،
جي دل سان بَڻائي ٿي ور ڇوڪري
آ سُهڻي ته هر ڪا مگر دوستو،
وفادار آهي نه هر ڇوڪري
نه دنيا ۾ ڪنهن ساڻ دل ٿي لڳي،
ڪري ٿي جڏهن دربدر ڇوڪري
ڀلي سُورَ ڪيڏا به زاهد ڏئي،
وڻي ٿي سڀن کي مگر ڇوڪري