جواني مَست آ مَدهوش آ مَخمُور آ سائين
جواني نينهن جي بي حَد نشي ۾ چُور آ سائين
پُڇايان ٿو ٻڌائي ڪو ڪٿي آهي ڪڏهن ملندو،
جو منهنجي سِر جو سائين آ سو مون کان ڏور آ سائين
اندر ۾ آ اثر جنهنجو نظر ۾ آ نشو اُن جو،
اکيون اُن لئه نهارن ٿيون اکين جو نور آ سائين
تون ئي تون آن تون ئي رهندين تون ئي تون ۾ جيئان ٿو مان،
وڃان ڪاڏي ڪيان مان ڇا هي دل مجبور آ سائين
جي دل جا حال اوريندس ته جَڳ ۾ راڄ روئيندا،
نه کوليو يار زاهد کي سَڄو ئي سُور آ سائين