شاعري

سرگم جا ست رنگ

ھي ڪتاب نامياري شاعر ۽ راڳي زاھد شيخ جي غزلن جو مجموعو آھي. انعام سنڌي لکي ٿو:
”زاهد نه رڳو شعر رچيندڙ پر ان سان گڏوگڏ ۽ شايد ان کان رتي به گهٽ نه، هي ٻيجل جي ڏات جو پڻ ڄاڻو آهي ۽ هڪ وڏي زماني تائين ڪنڌ ڪڪوريندڙ ته نه پر دليون ڌڪ ڌڪ ڌڙڪائيندڙ ۽ موهي ڇڏيندڙ شاعر جو تاج پنهنجي مٿي تي رکي هلندڙ آهي... اسان جو زاهد ڄڻ نئون جيون وٺي پر، ڪلهه جا هڙ گيت سراسر سنگيت ڪـٺو ڪري اڀري آيو آهي...“
  • 4.5/5.0
  • 2460
  • 661
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • زاهد شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سرگم جا ست رنگ

اسان جا ذِهنَ ۽ زِندَهه ضميرَ جاڳن ٿا

اسان جا ذِهنَ ۽ زِندَهه ضميرَ جاڳن ٿا
نه رهندي رات سحر جا سفيرَ جاڳن ٿا

وطن جي عزتن ۽ عظمتن جا رکوالا،
امڙ جا لال ۽ ڀيڻُن جا وَير جاڳن ٿا

جو ميري اک سان ڏسندو مَروڙجي ويندو،
اي سنڌ تنهنجي مِٽيءَجا خمير جاڳن ٿا

مُئا نه موت کان جيڪي نه زندگيءَ سان مِليا،
وفا جي قيد ۾ اهڙا اسير جاڳن ٿا

صَديُن کان سَچَ کي سُوليءَ تي سَجائڻ وارا،
اَنا کي ماري فنا جا فقيرَ جاڳن ٿا

حبيب کوڙ ها زاهدَ طبيب ٿي نه سگهيا،
مِلي نه جَن کي آ مرهم سي جِهيرَ جاڳن ٿا