تُنهنجا مُنهنجا ساههَ سهارا سارا بيت ڀٽائيءَ جا
هر ڪنهن پياريءَ شيءَ کان پيارا سارا بيت ڀٽائيءَ جا
عشق اُلا ٿي اُڀري پِيو آ ڀٽ ڌڻيءَ جي ڀٽ مَنجهان،
رَنگ نِيارا نِينهن نظارا سارا بيت ڀٽائيءَ جا
تَندُ تنوارون پريت پَچارُون باغ بهارو سِنڌُ سڄي،
ٿر وسڪارا ٻنيون ٻارا سارا بيت ڀٽائيءَ جا
علم عقل ۽ سونهن جي ساگر جي هر لهر پُڪاري ٿي،
ٻُڏندي ٻيڙيءَ لاءِ ڪنارا سارا بيت ڀٽائيءَ جا
موجَ ڀري مهراڻ جي هر ڪنهن ڇوليءَ ۾آ شاهه لطيف،
سنڌ نديءَ جا ڀاڳ ڀلارا سارابيت ڀٽائيءَ جا
راتيون ڪيئن نه روشن رهنديون ڀٽ ڌڻيءَ جي ڀونءِ مٿان،
وايون آهن چَنڊَ، سِتارا سارا بيت ڀٽائيءَ جا
دنيا لاءِ دعائون ٿي پيا اهڙا لفظ لطيف لکيا
جڳ سڄي جا جيءَ جيارا سارا بيت ڀٽائيءَ جا
ڪَتُ کي پنهنجي رتُ ڏيان ٿو پوءِ به زاهد سوچُن کي
ڏاڍي ڏين ٿا سگهه سگهارا سارا بيت ڀٽائيءَ جا