تون ورهين کان ساقي آهين – شل مئخانو آباد رهئي
ٿو درد وندن جا ڏک لاهين – شل مئخانو آباد رهئي
ٿو تو کي ڏک جي دانهن ڏيان – ٿو تو سان دل جا سُورَ سليان
هِڪڙو ئي ته منهنجو آن سائين – شل مئخانو آباد رهئي
سَڀُ جيڪي کامن پَچرن ٿا – سي تو سان ويهي سُڏڪن ٿا،
تون روئندن کي ٿو پَرچائين – شل مئخانو آباد رهئي
تون سُرَهو گل چَمن جو آن – تون پيارو هر ڪنهن پن جو آن،
هر محفل کي ٿو مَهِڪائين – شل مئخانو آباد رهئي
مِٽيءَ جي خوشبو ساڻ کڻي – گڏ مَوج ڀَريو مَهِراڻ کڻي،
هر جيءُ ٿو زاهد جهومائين – شل مئخانو آباد رهئي