مُنهنجي قلم جيڪا ڄَڻي شاعري
ڀٽائيءَ جي پيرن پَڻي شاعري
مان پاليان پَيو ذِهن جي هَنجَ ۾،
پنهنجي نينگري پَدمڻي شاعري
لِکيم ٿورڙي پر لِکيم روحَ سان،
ڪري ڇا ڪندُس مان گهڻي شاعري
مُنهنجي شاعري دَردُ آ سِنڌُ جو،
تڏهن سِنڌُ کي آ وَڻي شاعري
اي سنڌوءَ جون ڇوليون سنڀالي رکو،
وڃو مون وٽان هي کڻي شاعري
جڏهن ٿر تي زاهد وسن مينهن ٿا،
ٺهي ٿي پوي هر ڪڻي شاعري