ڏاڍي ڏور منزل نه ڪو ساڻ ساٿي جَڏو جيءُ آهي جيئاريون پَيا
اڪيلي اڪيلي ويڳاڻي ويڳاڻي نِماڻي حَياتي گذاريون پَيا
نه ڪائي خوشي آ نه ڪا روشني آ اڌوري ڏکي ۽ رُکي زندگي آ،
اڃان چئني پاسن کان آهي انڌيرو اڃان پاڻ کي پاڻ ٻاريون پَيا–
تون سائين اسان جو سهارو به تون آن سدائين اسانجون اُميدون به تو ۾،
ويهي روحَ جي راهَه ۾ روز راڻا رُڳو واٽ تنهنجي نِهاريون پَيا–
اوهان ميت مُنهنجا اوهان گيت مُنهنجا اوهان راڳ سُرَ سازَ سنگيت مُنهنجا،
اسان پاڻ ڪوجها ڪِنا ئي صحي پر اوهان کي سينگاريون سَنواريون پَيا–
سفر مَنجهِه زاهدَ ڪي راڻا ٿا گُهرجَن نِجا نينهن سان پُر نِماڻا ٿا گُهرجن،
جيڪي پاڻ کي پاڻ جَهڙا لڳن ٿا اُنهن کي اَندرَ ۾ ويهاريون پَيا–