شاعري

سرگم جا ست رنگ

ھي ڪتاب نامياري شاعر ۽ راڳي زاھد شيخ جي غزلن جو مجموعو آھي. انعام سنڌي لکي ٿو:
”زاهد نه رڳو شعر رچيندڙ پر ان سان گڏوگڏ ۽ شايد ان کان رتي به گهٽ نه، هي ٻيجل جي ڏات جو پڻ ڄاڻو آهي ۽ هڪ وڏي زماني تائين ڪنڌ ڪڪوريندڙ ته نه پر دليون ڌڪ ڌڪ ڌڙڪائيندڙ ۽ موهي ڇڏيندڙ شاعر جو تاج پنهنجي مٿي تي رکي هلندڙ آهي... اسان جو زاهد ڄڻ نئون جيون وٺي پر، ڪلهه جا هڙ گيت سراسر سنگيت ڪـٺو ڪري اڀري آيو آهي...“
  • 4.5/5.0
  • 2460
  • 661
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • زاهد شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سرگم جا ست رنگ

سَڄي سَڄي رات مان سَڙان ٿو – تڏهن ته دانهُن ۾ درد آهي

سَڄي سَڄي رات مان سَڙان ٿو – تڏهن ته دانهُن ۾ درد آهي
سَڄو سَڄو ڏينهن مان ڏکان ٿو– تڏهن ته دانهن ۾ درد آهي

جي ساز کي ڌڪ لڳي ٿو سائين – ته ساز ڀي رَڙ ڪري ٿو سائين
ڪو ڌڪ لڳو آ ته مان رڙان ٿو – تڏهن ته دانَهُن ۾ درد آهي

ڳنڍي هَلين ها ته مان به جيڪَر– سَڄي حياتي سَڄو هُجان ها،
ڇني ڇڏين ٿو ڇڄي پوان ٿو – تڏهن ته دانهُن ۾ درد آهي

هي گيت جي گونجندا ڏسين ٿو – خبر اٿئي ڪا ته ڪيئن لِکان ٿو،
تنهنجي وڇوڙي ۾ جهيرجان ٿو– تڏهن ته دانهُن ۾ درد آهي

نه ڪُوڙُ زاهدَ نه ڪَچُ آهيان – مان سَچُ رهندس مان سَچُ آهيان،
مان سَچَ جو مَچُ ٿي مچان ٿو– تڏهن ته دانهُن ۾ درد آهي