شاعري

سرگم جا ست رنگ

ھي ڪتاب نامياري شاعر ۽ راڳي زاھد شيخ جي غزلن جو مجموعو آھي. انعام سنڌي لکي ٿو:
”زاهد نه رڳو شعر رچيندڙ پر ان سان گڏوگڏ ۽ شايد ان کان رتي به گهٽ نه، هي ٻيجل جي ڏات جو پڻ ڄاڻو آهي ۽ هڪ وڏي زماني تائين ڪنڌ ڪڪوريندڙ ته نه پر دليون ڌڪ ڌڪ ڌڙڪائيندڙ ۽ موهي ڇڏيندڙ شاعر جو تاج پنهنجي مٿي تي رکي هلندڙ آهي... اسان جو زاهد ڄڻ نئون جيون وٺي پر، ڪلهه جا هڙ گيت سراسر سنگيت ڪـٺو ڪري اڀري آيو آهي...“
  • 4.5/5.0
  • 2460
  • 661
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • زاهد شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سرگم جا ست رنگ

چاهه سان چاهه جي رهندو ته چاهتون مِلنديون

چاهه سان چاهه جي رهندو ته چاهتون مِلنديون
روح سان روح جي رلبو ته راحتون مِلنديون

مون ته پوڄا پئي ڪئي سونهن جي سوچيو به نه هو،
موٽ ۾ پيار جون ايڏيون مَراعتون مِلنديون

مان ته سائل آهيان تُنهنجو ۽ رهڻ ٿو چاهيان،
تون مُحبت جو سخي آن سَخاوتون مِلنديون

جاءِ جيءَ ۾ جي ڏيو ٿا ته اسان کان به پرين،
عمر ڀر لاءِ اوهان کي صَداقتون مِلنديون

ڪوئي جابر ڪوئي جلاد نه بَچندو باقي،
برهه جا باز ٿا جاڳن بغاوتون مِلنديون

عشق پنهنجي ۾ ايڏي سگهه ٿو سَمجهان زاهدَ،
حُسن کان قرب جون بيحد عنايتون مِلنديون