پنهنجي دل مون ائين ڏِٺي آهي
ديس جي درد جي چِٺي آهي
رَتُ هر سَتَ کي پَئي بَخشي،
سِنڌُ ڌرتيءَ جي مِٽي آهي
کائي سِنڌُ جو نمڪ حرام نه ٿي
تو ۾ جي شرم جي ذري آهي
سِنڌُ سِنڌين جي آهي ۽ رهندي،
مون غلط ڳالهه ڪانه ڪئي آهي
ويهي پنهنجن سان آ خَتم ڪرڻي،
وِچَ ۾ ٿورڙي وِٿي آهي
زندگي زهر ٿي وئي آ پر،
موت کان پوءِ ڀي مِٺي آهي
ڇو عذابن ۾ ٿا رَهون زاهد،
ڪائي غلطي ضرور ٿي آهي