ڪتاب جو نالو: نت نت آهه نئون
مصنف: لطف پيرزادو
ڇپائيندڙ: مرڪ پبليڪيشن شهدادڪوٽ
ڪيٽيگري: لطيفيات
شايع ٿيڻ جو سال: 2019
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 10 ڊسمبر 2019 ع
پڙهيو ويو: 1608 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 297 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب سنڌ جي کاهوڙي ڪردار ۽ ڀٽائي جي پارکو لطف پيرزادي جي شاھ لطيف جي شاعريءَ بابت لکيل مضمونن جو مجموعو آهي.
لطف پيرزادي جي هن ڪتاب ۾ شامل مضمونن ۾ شاهه جي زندگي، شاعري کان سواءِ سندس ذاتي ڪردار ۽ شخصيت تي به گهري نظر وڌي وئي آهي. لطف پيرزادي لطيفيات ۾ ڀٽائي جي درگاهه، سندس فقيرن جي ڪردار ۽ اُن ۾ جديديت توڙي قدامت کي به سامهون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. لطف پيرزادي جي سماج، سياست، عقيدت تي گهري نظر هئي، اُهو ئي سبب آهي جو هن لطيف تي منفرد قسم جو ڪم ڪيو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا سهيڙيندڙ وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر نوٽ
  • مهاڳ : مِٽي ان خمير... تاج جويو
  • سهيڙيندڙ پاران
  • سنڌ جو شاهه (جنهن جيهو ناهه ڪو)
  • اک الٽي ڌار
  • شاهه لطيف جي ٻولي
  • شاهه لطيف تي تحقيق کان رهجي ويل موضوع
  • شاهه لطيف انساني نفسيات، ڪيفيتن ۽ جذبن جو شاعر
  • شاھه لطيف جي شاعريءَ جا محرڪات
  • شاهه جي رسالي ۾ حيات ۽ موت جو فلسفو
  • جي لوڻ لڱين مون لائين...
  • سندي سور صفت
  • ماڙيءَ من ڦڪو ڪيو!
  • حيف تنين کي هوءِ
  • مئي هاٿيءَ سين مامرو، اچي پيو انڌن
  • شاهه جي شاعريءَ ۾ عورت جا ڪردار
  • شاهه جي رسالي ۾ سهڻيءَ جو ڪردار
  • مونکي ڀانئي ڀاڄ (سسئيءَ جي پس منظر ۾ لکيل )
  • شاهه جي شاعريءَ ۾ ٿر تي وسڪاري جا رنگ
  • ڀٽائي صاحب جو مذهبي پهلو
  • روزي ۽ عيد بابت لطيفي خيالات
  • ڀٽائيءَ جي رسالي ۾ قلندري طريقت جا اهڃاڻ
  • صوفي تي ٿيا، جيئن ڪين کنيائون پاڻ سين
  • صوفي لا ڪوفي...!؟
  • ملڪ مڙوئي منصور...!!!
  • ڪيو مطالع مون...
  • هو جي جھونا پسجن جھوپڙا
  • شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي شاعري
  • ڀٽائيءَ جا آثار
  • جمعو شاهه جمال جو!؟
  • نائچن وارو ڀٽائيءَ جو لوڙهو
  • شاھه لطيف جي وائي ۽ ان جا راڳائي فقير
  • اجرڪ جي صنعت سان لاڳاپيل لفظن ۽ اصطلاحن جو شاهه جي رسالي ۾ استعمال
  • گنج شريف ڪيئن ڇپيو؟
  • خبر تو ڪيهي، قاضي هن ڪتاب جي!
  • شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه انسائيڪلو پيڊيا جو اڀياس
  • ڀٽائيءَ جي جنم ڏينهن جون تقريبون
  • آيو سو اَتور، جنهن ڏکيون ڏِک وهاريون
  • ڀٽ شاهه جي خوبصورتيءَ وارو منصوبو
  • ڪراڙ ڍنڍ، ڀٽ شاهه بيوٽيفڪيشن پلان، تعارف ۽ تجويزون
  • لوچيان ٿي لاحد ۾ !
  • بئڪ ٽائيٽل پيج

  • حق ۽ واسطا سهيڙيندڙ وٽ محفوظ

    BOOK NO: 61

    حق ۽ واسطا سهيڙيندڙ وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو : نت نت آهه نئون
    موضوع : لطيفيات
    ليکڪ : لطف پيرزادو
    سهيڙيندڙ: عنايت پيرزادو
    نظرثاني: علي حسن چانڊيو
    ڇاپو پهريون: 2019ع
    تعداد: هڪ هزار
    ڪمپيوٽر لي آئوٽ: نديم احمد سولنگي
    ڇپائيندڙ: لطف پيرزادو اڪيڊمي
    ڇپيندڙ: مُرڪ پبليڪيشن، ڪراچي

    ملهه: 300 رپيا


    Office: Room No 305, 3rd Floor Sabir Manzil 98
    Near Gul Plaza, Marston Road Karachi
    murtaza.laghari9@gmail.com
    cell:03005182494


    مانَواري محقق بدر ابڙي جي خيال آڌار سائين فقيري ميگهواڙ پاران¬ ڀٽائي سرڪار جو تيار ڪيل تصوراتي مجسمو، پهريون ڀيرو ٽائيٽل طور استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ ادارو ٻنهي مهربانن جو ٿورائتو آهي.

    ڪـتـاب ملـڻ جـا هـنـڌ:

    ڪاٺياواڙ بڪ اسٽور اردو بازار ڪراچي، ڀٽائي ڪتاب گھر حيدرآباد،
    ڪنول سمبارا ڪتاب گهر حيدرآباد، رابيل ڪتاب گهر لاڙڪاڻو،
    سوچ ڪتاب گهر دادو، عزيز ڪتاب گهر سکر، ٿر ڪتاب گهر مٺي،
    تهذيب بڪ اسٽور خيرپور ميرس، مهراڻ ڪتاب گهر سانگهڙ،
    پريتم قاضي نواب شاهه مُرڪ پبليڪيشن ڪراچي


    ارپنا

    لطف پيرزادي سميت
    ڀٽائيءَ جي سمورن
    فقيرن،
    عاشقن،
    ۽
    پانڌيئڙن جي نانءِ

    _ سهيڙيندڙ


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”نت نت آھ نئون“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب سنڌ جي کاهوڙي ڪردار ۽ ڀٽائي جي پارکو لطف پيرزادي جي شاھ لطيف جي شاعريءَ بابت لکيل مضمونن جو مجموعو آهي.
    لطف پيرزادي جي هن ڪتاب ۾ شامل مضمونن ۾ شاهه جي زندگي، شاعري کان سواءِ سندس ذاتي ڪردار ۽ شخصيت تي به گهري نظر وڌي وئي آهي. لطف پيرزادي لطيفيات ۾ ڀٽائي جي درگاهه، سندس فقيرن جي ڪردار ۽ اُن ۾ جديديت توڙي قدامت کي به سامهون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. لطف پيرزادي جي سماج، سياست، عقيدت تي گهري نظر هئي، اُهو ئي سبب آهي جو هن لطيف تي منفرد قسم جو ڪم ڪيو آهي.
    هي ڪتاب لطف پيرزادو اڪيڊمي پاران 2019ع ۾ مُرڪ پبليڪيشن، ڪراچي وٽان ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آهيون پياري عنايت پيرزادي جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر نوٽ

    سنڌو قديم تهذيبن مان هڪ آهي، سنڌ کي پنهنجي تهذيب آهي، سنڌ تخليقڪارن جي ڌرتي آهي، جتي شاهه لطيف، سچل سرمست، سامي، شيخ اياز، تاجل بيوس، شمشيرالحيدري، استاد بخاري، استاد پيرل، بيدل مسرور، اڪبر لغاري، پروفيسر اعجاز قريشي، نورالهدا شاهه، ج اين منگهاڻي، سعيد سومري جهڙا لاتعداد تخليقڪار پيدا ٿيا/ٿين ٿا.
    نااهل حڪمراني، شرپسندي، تعصب پرستي، لاقانونيت، جاگيرداري دور ۾ ڊگهي جدوجهد اديب جي حصي ۾ اچي ٿي، حقيقي اديب ئي قلم ذريعي مزاحمتي ڪردار ادا ڪري ٿو، ۽ پنهنجي ڌرتي بچائي سگهي ٿو. سنڌ ۾ اهڙن تخليقڪارن جي ڪمي نه آهي، هن ڌرتي تمام وڏا اديب، ڪلاڪار ۽ ماهر استاد پيدا ڪيا آهن، پر ڪجهه اهڙا مزاحمتي ڪردار به آهن، جيڪي ادب سان خانداني وابستگي رکن ٿا، نه رڳو ايترو پر انهن خاندان عملي جاکوڙ ۾ به ڪردار ادا ڪيو، اهڙن خاندانن ۾ پيرزاده پنهنجي سڃاڻپ پاڻ آهن، سندن بنيادي سڃاڻپ موهن جي دڙي جي مٽي آهي. ٻلهڙيجي سندن اباڻو علائقو سڏجي ٿو.
    ٻلهڙيجي جي پيرزادن ۾ ادب، سياست، قومپرستي ۽ سنڌيت پرستي ۾ ڪيترائي نالا ڳڻائي سگهجن ٿا، انهن ۾ فقيرصفت شخص لطف پيرزادو نمايان نانءُ رهيو آهي.
    لطف پيرازدو گهڻ رُخي شخصيت جو مالڪ هو، هو سڄي حياتي قومپرست سياست، صحافت ۽ ادب ڳنڍيل رهيو. پر جڏهن کان کيس ڀٽائي جي لئون لڳي ته لطيفي رنگ ۾ رنگجي ويو. آخري دم تائين ڀٽائي جي فڪر سان سلهاڙيل رهيو. جنهن سبب هو لطيف جو ڪُل وقتي فقير ثابت ٿيو، هن لطيف جي شاعري کي اهڙي نظر سان ڏٺو ۽ پڙهيو جو شاهه جو حافظ ٿي ويو، نه رڳو ايترو پر هن شاهه جي شاعري مان سندس رمز، رهڻي ڪهڻي، اٿڻي ويهڻي، قومپرستي، مزاحمتي انداز به سمجهي ورتو هو.
    لطف پيرزادو پنهنجي اندر ۾ شخص نه پر ادارو هو، هن لطيفي رمز ۾ اچي دنياوي سڀ شيون ٿڏي ڇڏيون.
    لطف پيرزادي لطيف جي شاعري تي ته تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي، پر شاهه جي شاعري ۾ سمايل راز، رمز، فقيري ۽ فِراق نظر ۾ رکي ڪيترائي مضمون، مقالا لکيا، جيڪي وقت به وقت مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ پڻ مسلسل ڇپجندا رهيا. لطف پيرزادي جو سندس زندگي ۾ ڪو به ڪتاب نه ڇپجي سگهيو هو، لطف پيرزادي جو ادبي پورهيو هڪ ڪتاب تائين محدود ته نه ٿو ٿي سگهي، پر سندس وڇوڙي بعد انهن مضمونن ۽ مقالن مان هڪڙو حصو سندس پُٽ عنايت پيرزادي سهيڙيو آهي، جنهن کي ڪتابي شڪل ڏئي ”نت نت آهي نئون“ جي نالي سان اشاعت هيٺ آندو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ لطف پيرزادي جا 38 مضمون ۽ مقالا شامل ڪيا ويا آهن.
    لطف پيرزادي جي هن ڪتاب ۾ شامل مضمونن ۾ شاهه جي زندگي، شاعري کان سواءِ سندس ذاتي ڪردار ۽ شخصيت تي به گهري نظر وڌي وئي آهي. لطف پيرزادي لطيفيات ۾ ڀٽائي جي درگاهه، سندس فقيرن جي ڪردار ۽ اُن ۾ جديديت توڙي قدامت کي به سامهون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
    لطف پيرزادي جي سماج، سياست، عقيدت تي گهري نظر هئي، اُهو ئي سبب آهي جو هن لطيف تي منفرد قسم جو ڪم ڪيو آهي.
    اسان سمجهون ٿا ته هن ڪتاب ۾ ڪيترائي اهڙا داستان پڻ شامل آهن، جيڪي شاهه صاحب جي زندگي سان ويجهي وابستگي رکن ٿا، ۽ اڪثر انهن موضوعن تي شاهه جي پارکو ليکڪن پهرين گهٽ لکيو آهي.
    مرڪ پبليڪيشن ڪراچي طرفان لطف پيرزادي جو هي اهم ڪتاب شاهه جي پڙهندڙن، لکندڙن توڙي لائبريرين لاءِ انمول تحفو آهي، عنايت پيرزادي جي محنت سان لطف پيرزادي جي محنت سهيڙيجي هٿيڪي ته ٿي وئي پر پڙهندڙ لاءِ پڻ وڌيڪ ڄاڻ جو سبب بڻبا.


    مرتضيٰ لغاري

    03005182494


    مهاڳ : مِٽي ان خمير... تاج جويو

    مهاڳ : مِٽي ان خمير... تاج جويو

    اسان جي دوست، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار انور ابڙي، لطف پيرزادي کي ”ڀٽائيءَ جي تمر“ جو لقب ڏنو آهي. هو واقعي ڀٽائيءَ جو تمر هو. لطف پيرزادو درويش طبيعت صوفي ٻلهڙيجيءَ جو واسي هو. ڪوٽ ڏيجي موهن جي دڙي کان به قديم ماڳ چيو وڃي ٿو. ڪوٽ ڏيجي، واگهرجي، باگڙيجي، ٻلهڙيجي ۽ ٻيا اهڙا، سنڌ جي ماڳن جا نالا، مون کي هڪڙي ئي يُگ جا ڀاسن ٿا. آرڪيالاجيءَ جي ماهرن کي ان ڏس ۾ اَوس تحقيق ڪري نتيجا ڪڍڻ گهرجن. ٻلهڙيجيءَ جي دانش جو سنڌو سڀيتا، سنسڪرتيءَ ۽ قديم ڪلاسيڪي شاعريءَ سان اٿاهه لڳاءُ، ان کوج لاءِ اڀاري ۽ اُتساهي ٿو ته هتان جي مٽيءَ جي خمير جي ڊي اين اي ڪرائجي، ڇاڪاڻ ته هتان جيڪو به ساماڻو آهي، ان جو سورن سان سڱ، دردن سان دوستي آهي:
    سُورن سانڍياس، پُورن پالي آهيان،
    سُکن جي سيد چئي، پُکي آءٌ نه پياس،
    جيڪس آءٌ هياس، گُري گوندر ول جي!
    (شاهه)
    لطف پيرزادو مهين جي مٽيءَ جو مائٽ هو. ڀٽائيءَ جو حافظ هو. سائين محمد ابراهيم جويي، سنڌ جي عظمت جا ٽي اهم اُهڃاڻ ڄاڻايا آهن. 1 : موهن جو دڙو، 2 : دودي چنيسر جو رزميه داستان، 3 : شاهه جو رسالو. ان حوالي سان، منهنجي نظر ۾ ، ٻلهڙيجي ۽ اُن جو خمير، گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي ٻن اهڃاڻن، موهن جي دڙي ۽ شاهه جي رسالي جي بيتن سان ڳوهيل رهيو آهي.
    ڀٽائيءَ سنڌ جي مٽي ٻيهر ڳوهي هئي ۽ جي لطف پيرزادو، لطيف جي دور ۾ هجي ها ته اَوس ڀٽائيءَ جي ڳوهيل مٽيءَ مان هجي ها، پوءِ به ائين چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نٿو سمجهان، ته لطف جو خميرُ ۽ ضميرُ، مهين جي دڙي ۽ ڀٽ شاهه جي مٽيءَ جو ڳوهيل ضرور هو:
    مٽي ان خميرَ، اصل هئي ايتري!
    (شاهه)
    لطف پيرزادي کي ڀٽائيءَ تي وڏي دسترس حاصل هئي. سنڌ ۾ ڀٽائيءَ جا حافظ ته کوڙ ٻُڌبا آهن، پر ڀٽائيءَ جي روح ۽ رمز جا پارکو تمام گهٽ پيدا ٿيا آهن، ۽ لطف، انهن ٿورن ماڻهن ۾ شمار ٿيندو هو جيڪي لطيف جي روح ۽ رمز جا پارکو بلڪه رازدان هئا.
    شيخ اياز هڪ هنڌ لکيو آهي ته :
    ” ڀٽائيءَ، تمر فقير کي چيو: ”تمر! منهنجي جُتي ته کڻي ڏي!“ تمر جيئن جُتيءَ ۾ هٿ وجهي کڻڻ جي ڪئي ته سندس ٻانهن مان سَٽ نڪري وئي ۽ ڀٽائيءَ کي مخاطب ٿي چيائين، ”سائين، جُتي ايڏي ڳري؟“ لطيف سندس حيرانيءَ تي مُرڪي چيو، ”تمر! اِن ۾ صدين جو ٿڪُ به ته آهي!“
    لطف پيرزادي ڀٽائيءَ جي جُتيءَ جو وزن ته نه ماپيو هو ۽ نه اُن جو ٿڪُ پروڙيو ۽ محسوس ڪيو هو، پر لطف جي پنهنجين اکين جو جيڪو ٿڪُ هو، اُهو به صدين تي محيط هو. ان ٿڪَ ۾ ڀٽائيءَ جي بيتن کي پڙهڻ، پروڙڻ ۽ انهن جي معنيٰ ۽ مفهوم جي تهه تائين پهچڻ لاءِ هن جي اکين جيڪي اوجاڳا ڪيا هئا ۽ جنهن گوندر سان سندس پلئهُ پيو هو اُن جا شاهدَ ٻلهڙيجيءَ جا رهواسي، هتان جي دانش ۽ اسان ضرور آهيون.
    ڪنين ڪنين ماڙهئين، گوندرُ وڏِي وٿ،
    ٻَڌي گوڏ گرٿ، ساٽو ڪجي سُور جو!
    (شاهه)
    لطف پيرزادي جي اک لطيف جي لفظن، ٻوليءَ، استعارن، ڪِناين، معنيٰ، مفهوم، بيانيي ۽ پسمنظر کي جنهن نموني ڏٺو هو، اُها اک، هيءَ ظاهري اک نه هئي. هن لطيف جي فقيرن، راڳين ۽ ويراڳين کان جيڪو لطيف ٻُڌو هو، اُهو لطيفُ ۽ اُهو لطيفي سنيهو اسان جا هي ظاهري ڪن ٻُڌي نٿا سگهن. لطف پيرزادي جا ڪَن ڪي ٻيا هئا، جن جيڪي جهٽيو، ٻُڌو ۽ سُئو، تنهن کي لفظن ۾ بيان ڪري ئي نٿو سگهجي:
    هي ڪَنَ گاڏهان وِڪڻي، ٻيا ڪي ڪَن ڳنهيج،
    تنين سين سڻيج، سُپيريان جي ڳالهڙي!
    (شاهه ڪريم)
    لطف پيرزادو، ٻلهڙيجيءَ جي دانش جي ستاري انور پيرزادي جو ڀاڻج هو ۽ انور جي معرفت هن ڪيترين ملازمتن ڪرڻ سان گڏ ڀٽائيءَ جي ڀاڻي تي به نوڪري ڪئي هئي پر هيءُ آزاد روح، نوڪرين جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجڻ کان مٿي هو، ڇو ته اُهو آزاد روح، الستي آواز ۽ الهام جو متلاشي هو، سو هڪ هنڌ ڪٿي ٿو سُک سان ويهي ٽِڪاءُ ڪري!
    بري کي برن ۾ ، ڏاڻي ڏينهن ٿياس،
    بگهاڙيون بغلن ۾ ، لڱين لوهه لڳاس،
    نوَ نيئر، ڏهه ڏانوڻيون، پندرهن پئنڌ پياس،
    جُه سڄڻ ياد پياس، ته ڇرڪ ڇنائين هيڪڙي!
    (شاهه )
    اُهو ”ڇرڪ“ ئي اُها ساڃاهه، اُها ڏاهپ ۽ اُهو فهم هو، جنهن مهاتما گوتم ٻُڌ کي گهر ڇڏائي، ”نرواڻ“ ڏياري هئي ۽ جنهن ”ڇرڪ“ لطيف کي جوڳين ۽ سامين سان گڏ هنگلاج ۽ راجسٿانَ، جيسلمير ۽ دُوارڪا جا پنڌ ڪرايا هئا:
    نانگا نانيءَ هليا، هنگلاجان هلي،
    ديکي تن دوارڪا، مهيسين ملهي،
    آڳهه جن علي، آءٌ نه جيئندي اُن ري!
    (شاهه )
    اسان وٽ ڀٽائيءَ جا پارکو سڏائڻ وارا ڪيترائي ملندا، انهن مان ڪيترن پي. ايڇ. ڊيون به ڪيون هونديون، انعام اڪرام، تمغا ۽ ميڊل به ورتا هوندا، سندن ٿيسزون وڏن ادبي ادارن ڇپايون به هونديون، پر اُنهن مان ڪن ڳاڻ ڳڻين، اُن فهمَ کي پروڙيو هوندو، جيڪو لطيف جي سٽن ۾ پِنهان آهي.
    هن مُهين جي مٽيءَ جي ماڻهو لطف پيرزادي، مُهين ۽ ڀٽ جون نه رڳو ياترائون ڪيون هيون، پر اُتي جون مَٽيون به ڀريون هيون ۽ بنا ڪنهن ڊگريءَ جي ڳَٽ جي، هن انهن ٻنهي ماڳن تان جيڪا محبت جي مالها ڳل پاتي هئي، اُن ۾ ”يارن سان ڪهڙا ليکا“ وارو فلسفو سمايل هو. هو ليکي چوکي، شماري ۽ قطاري ڊوڙ کان دور، هڪ صاف دل صوفي، سيڪيولر ۽ روشن خيال روح جو مالڪُ، سالڪ هو، جيڪو جڏهن لطيفُ پڙهندو هو ته نه رڳو پاڻ روئندو هو پر ٻين جا ڳچ به ڳاري وجهندو هو. ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي ارٿي سنڌو درياهه ۾ پرواهه ڪرڻ وقت جيڪي به شخص موجود هئا، تن کي خبر هوندي ته لطفُ، سوڀي کان جڏهن لطيف جي بيتن ۾ موڪلاڻي ڪري رهيو هو، ان وقت لطف جي نيڻن ۾ ته لُڙڪن جا موتي چمڪي رهيا هئا پر اسان سڀ، اياز گل، ادل سومري، محمد علي پٺاڻ، گلاب پيرزادي ۽ اقرار پيرزادي سوڌا ڳوڙهن جي درياهه ۾ غوطا کائي رهيا هئاسون:
    اُٿيو ۽ اُٿياڪ، ڪالهونڪر ڪاڏي گيو،
    ويو جاڳائي جيڏيون، برههُ مون بيباڪُ،
    چُرڦُر ڪاري چاڪ، سُور سُمهاري ڪينڪي!
    (شاهه)
    هن ڌُڌڙ سان ڌوتل ۽ کهه ڀُڪليل وارن ۽ ميرڙي مُنهن واري ساڌوءَ ۽ ديش ڀڳت شخص، موهن جي مٽي ۽ ڀٽائيءَ جي بيتن مان جيڪا ساڻيهه جي سڪَ ۽ مارُن جي محبتَ پِرائي هئي، اُن جو ماڻ ماپڻ لاءِ ڪي سوڀي گيانچنداڻيءَ، شيخ اياز، جي. ايم. سيد، ڄيٺمل پرسرام ۽ ساڌو ٽي. ايل واسواڻيءَ جهڙا ساڃاهيا شخص کپن. لطف پيرزادي وٽ مٽيءَ جي ماڻ لاءِ ”لطيفي لات“ جو هيءُ ٻول هڪيو حاضر هوندو هو:
    سونهن وڃايم سومرا، ميرو منهن ٿيوم،
    وڃڻ تِت پيوم، جت هلڻ ناهه حُسن ري.
    هن جي نظر مارئيءَ جي غلام روپ نه پر آزاد روپ تي هئي:
    پکي ۾ پدمڻِي، جئن ڏئي وراڪا وڄ،
    سا ئي صورت سِڄ، سا ئي مُورت مارئي.
    (شاهه)
    اُن ماروئڙن جي مارئيءَ، مجسم سنڌ مارئيءَ، بلڪه نج نبار سنڌ، هر استحصال ۽ استعمار کان آزاد سنڌ لاءِ، هن جي سپني اڃا ساڀيان روپ نه ورتو هو ته پهرين ”سرويچ“ ۽ پوءِ پاڻ ”لطف“، دوستن ۽ دل جي بيوفائين جو شڪار ٿي ويا:
    سُتي لڌم سوهڻو، کٿيءَ ۾ خاصو،
    وُٺا مينهن ملير تي، ٿيو تڙ تڙ تماشو،
    چوريان جان پاسو، ته جُسو جنجيرن ۾ !
    (شاهه)
    سرويچَ ۽ لُطف جا جُسا، جنجيرن کان آزاد ٿي ويا پر سندن روح پکيئڙا اڃا اُن سون ورن آزاد سنڌ لاءِ آسروند آهن، جيڪا سنڌ ڀٽائيءَ جو خوابُ هئي، سنڌ جي سيد جو خواب هئي، سرويچ ۽ لُطف جو خوابُ هئي ۽ اسان سڀ به اُن سپني جي ساڀيان لاءِ آسائتا رهيا آهيون:
    نه ڪا جهل نه پل، نه ڪو رائر ڏيهه ۾ ،
    آڻيو وجهن آهرين، روڙيو رتا گل،
    مارو پاڻ امل، مليرونِ مرڪڻو!
    (شاهه)
    لطف پيرزادي سان منهنجي ڪافي ڄاڻ سڃاڻ هئي، ساڻس گهڻيون گهريون ڪچهريون ڪو نه ٿيون، ملندا هئاسين، هٿ جوڙ ٿيندي هئي، پر الائي ڇو اسين ٻيئي پاڻ کي هڪ ٻئي جي دلين جي ويجهو سمجهندا هئاسين، شايد اسان ٻيئي لطيف جا عاشق هئاسين، لطيف جا اڀياسي هئاسين، ان ڪري اسان جون اکين جون اُهيريون، ايتريون پختيون هيون، جو ڪي گَهَريون ڪچهريون نه ڪندي به هڪ ٻئي کان ڌار نه هئاسين، ساهئون ويجها هئاسين ۽ لطيف جو هيءُ بيت، اسان ٻنهي جو هڪ جيترو محبوب ۽ پسنديده بيت هو:
    ڇِنن توءِ مَ ڇِنُ، پاءِ اُميري اُن سين،
    هو اوگڻ ڪنئي اسونهين، تون ڳڻ پائي ڳنُ،
    پلئه پائي پِن، اِن سونهاري سڱ سين!
    لطف پيرزادو ۽ آءٌ ٻيئي ضيائي مارشل لا جا سٽيل هئاسون. هن ايم. آر. ڊي جي جدوجهد دوران جيل جون سختيون سٺيون ۽ 15 ڪوڙا کاڌا ۽ مون به هڪ سال قيد ڪاٽيو. ڦٽڪن بدران 150 ”سچ پترا“ سَٺا ۽ 10 سالن جي ملازمت وڃائي. لطف پيرزادي تي هڪ الزام ڪميونسٽ اڳواڻ ڄام ساقيءَ جي آزاديءَ لاءِ چاڪنگ ڪرڻ جو به هو ۽ مون تي قومپرست اڳواڻ عبدالواحد آريسر جو مضمون ”اسان ۽ توهان“ (هيءُ لاش ڪنهن جو آهي؟ نذير عباسيءَ جي شهادت بابت) پمفليٽ جي صورت ۾ ورهائڻ جو الزام هو!
    ٻلهڙيجيءَ جا پيرزادا، شاهه جا حافظ سڏيا ويندا آهن، اُنهن مان مير محمد پيرزادو ۽ انور پيرزادو گهڻ پڙهيا ۽ عالم شخص هئا، لطيف جي شاعريءَ جا نوان رُخ ۽ زاويا بيان ڪندا هئا. هو لطيف جي بيتن جو پسمنظر، عام شارحن کان مختلف ۽ منفرد پيش ڪندا هئا. ايڏن عالمن جي وچ ۾ ، لطف کانئن ٿورَ پڙهيو هو ۽ سندن وچ ۾ فقير لڳندو هو پر هن جيڪا فڪر ڦرهي پڙهي هئي، اُن پڙهيا پنڊت، پير پوئتي رهائي ڇڏيا ۽ لطيفي فڪر جي تفسير ۽ تشريح ۾ اڳرو ۽ اڳڀرو رهيو. انور پيرزادي جهڙو لطيف جو پارکو ۽ عالم شخص، هڪ ڀيري لطيف جي هن بيت:
    ڪِ ڌرتتي ماءِ! ڪِ ڄر سندي سڄڻين،
    هلي ۽ واجهاءِ، ٻنهي ڄيرن وچ ۾
    جي تشريح ڪندي، ”ڌرتتي ماءِ“ کي ”ڌرتي ماءِ“ سمجهي ويٺو ۽ سندس اِن معنيٰ وارو مضمون ”جاڳرتا“ رسالي ۾ ڇپيو. لطف، انور سان اِن معنيٰ ۾ اختلاف ڪيو ۽ اهڙي اور مون سان اوريندي، پنهنجي معنيٰ لاءِ تصديق ورتائين؛ ته اهڙو هو لطف پيرزادو، جيڪو لطيف جي لفظن جي معنيٰ ۽ سمجهاڻيءَ ۾ وس پُڄندي غلطي نه ڪندو هو ۽ معلوم ٿيندو هو ته هو لطيف جي روح جو پارکو ۽ سندس ڪيفيتن جو مشاهده نگار آهي.
    منهنجي آڏو لطف پيرزادي جي مضمونن ۽ ڪالمن جو ڪتاب ”نت نت آهه نئون“ موجود آهي، جنهن ۾ هن شاهه لطيف جي شاعريءَ جي محرڪن، انساني نفسيات ۽ ڪيفيتن جي عڪــاســي، لطيف جي قيد ۽ حب الوطنيءَ بابت شاعري، شاهه صاحب جي مذهبي پهلوءَ، شاهه جي شاعريءَ ۾ عورت جي ڪردارن، سُور جي صفت، ٿر تي وسڪاري جي رنگن، شاهه صاحب جي لفظي سگهه، شاهه تي ٿيل تحقيق کان رهجي ويل موضوعن، شاهه لطيف جي ٻوليءَ جي نواڻ، سگهه ۽ حسناڪي، گنج شريف، شاهه لطيف انسائيڪلوپيڊيا، لطيف جي سالگرهه، لطيف بابت قائم ڪيل ادارن ۽ ٻين ڪيترن موضوعن جو تنقيدي، تحقيقي ۽ فڪري جائزو ورتو آهي.
    جيتوڻيڪ هي مواد، لطف پيرزادي جي 2000ع کانپوءِ لکيل مضمونن ۽ ڪالمن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ هن جي سموري زندگيءَ جي لطيفي رياض جو تت ۽ ست سمايل آهي. اهي مضمون هن گهڻو ڪري روزاني عوامي آواز، ماهوار پيغام ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپايا هئا ۽ سندس فرزند عنايت چواڻي: ”هن فقير اهو ڪم، ڪنهن اداري جي اسائنمينٽ طور نه پر پنهنجي ڀٽائيءَ سان عشق جي بنياد تي، ماڻهن کي ڀٽائي سمجهائڻ جي نيت سان ڪيو آهي.“
    سچ پچ لطف پيرزادي جي هنن روڙيل رنڍن جو مطالعو ڪندي، لطيف سائينءَ جي ڪيترن شارحن ۽ محققن جي تحقيق مون کي تڇ لڳي ٿي. لطف جو لطيف سان عشق، درگاهي، خانقاهي ۽ عقيدي تي آڌاريل نه آهي، پر سندس سِٽ سِٽ ۽ جملي جملي مان لطيفي ادراڪ، ڏاهپ، فڪر ۽ فهم ساهه کڻندي محسوس ٿئي ٿو. هن لطيف جي ٻوليءَ تي گرفت، لفظن جي جڙاوت ۽ ترتيب جو جائزو ۽ ڪٿ ڪندي، اُن جي روح ۽ تهه تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ٻڌايو آهي ته :
    ”الائي ڪهڙي سگهه آهي سندس لفظن ۽ ڳالهه ۾ ! ڳالهه پريان جي ڳجهه جي، جيهي نه تيهي واري ڪار آهي، سمجهندي به هن کي سمجهڻ کان قاصر آهيون:
    وٽن ويٺي آهيان، ڏسيو ڪين ڏسانِ،
    جنهن جيهو ئي ناهه ڪو، اهڙي سونهن سنديان...
    ان سونهن سڀني کي موهي مستان ڪيو آهي، اُن فهم، فڪر ۽ راز کي سمجهڻ لاءِ سڀڪو آتو آهي:

    ”جن کي دور درد جو، سبق سُور پڙهن،
    فڪر ڦرهي هٿ ۾ ، ماٺ مطالعو ڪن،
    پنو سو پڙهن، جنهن ۾ پسن پرينءَ کي!“
    (سنڌ جو شاهه)
    لطف اهو به ٻڌايو آهي ته شاهه اُهو شاعر آهي، جيڪو ”اڻ ٿيڻيءَ کي ٿيڻي“ ڪريو ڇڏي، پاڻيءَ مٿي پير ڪڙڻ جو ڏس ڏئي ٿو، هو پنهنجا لفظ تخليق ڪري ٿو، جهڙوڪ : ڪُپيري.
    ڪپيريءَ ۾ پيرُ، ڪنين پاتو پيرئين،
    جيڪي مُنجهڻ ماڙهئين، سڄڻ تئائين سير،
    اُن ڀونءِ سندو ڀير، ڪوڙين مان ڪو لهي!
    جنهن اڻانگي پيچري (ڪُپيريءَ) تي هلندي ماڻهو، منجهيو پون، پرينءَ جو سير اُتان شروع ٿئي ٿو. مطلب ته لطيف، مرڻ لاءِ ماڻهوءَ کي ائين اُتساهيندو آهي، جهڙوڪر بس سندس مرڻ جي دير آهي، دلبر جو حضور اکين اوڏڙو آهي:
    مري جيءُ ته ماڻئين، جانب جو جمال!
    شاهه جو ڪمال اهو آهي ته هو ڏکيون ڳالهيون سولي نموني سمجهايو وڃي شاهه جي اِن فن، آرٽ ۽ اتساهه کي جنهن نموني لطف، سولي ٻوليءَ ۾ سمجهايو آهي، اُن کي بيان ڪرڻ ۽ اظهارڻ لاءِ عالمن کي سوين ورق درڪار آهن.
    لطف پيرزادي شاهه لطيف جي ڏانءَ ۽ ڏات جون خوبيون بيان ڪندي لکيو آهي ته :
    ”شاهه لطيف جي ڏات ۽ ڏانءَ جي هڪ اهڙي خوبي به موجود آهي جيڪا ٻي ڪنهن فنڪار وٽ ورلي ملندي، اُهي آهن الٽي معنيٰ وارا اصطـــلاح ۽ جمـــلا. اهڙيون ڳالهيون جيڪي اسان جي سماجي سرشتي ۾ اڻ ٿيڻيون ۽ نه قبولڻ جهڙيون آهن.“ ان لاءِ هن شمشيرالحيدريءَ جي مقالي مان مثال به پيش ڪيو آهي ۽ اهڙن الٽن جملن ۽ اصطلاحن کي، سنڌي ٻوليءَ جي نقاد هيري ٺڪر ”شاهه لطيف جون الٽ باسيون سڏيو آهي.“ اُن جو هڪ مثال سهڻيءَ جي ڪردار مان ملي ٿو، جيڪا ڏم جي نڪاح ٻَڌي زال آهي، ۽ اها مڙس جي پاسي مان اُٿي، درياهه تري مُحب ميهار سان ملڻ وڃي ٿي ۽ شاهه چوي ٿو :
    ساهڙ ڌاران سهڻي، آهي ۾ آزار،
    ڏم پاسي ڏکندو، صحت وٽ سنگهار...
    اُها ڳالهه بيان ڪندي لطف پيرزادو لکي ٿو ته ”جڏهن ته اسان جي نيم جاگيرداري دور ۾ ڪارو ڪاريءَ جو رواج آهي. ڪنهن به اهڙي عورت جي ڪردار کي اسان سٺو نٿا سمجهون، ان کي بدڪردار، بڇڙي ۽ ڪاريءَ جي خطابن سان ياد ڪريون ٿا. لطيف اهي سڀ ڪڙيون حقيقتون اسان کان هضم ڪرايون آهن.“ (هوءَ جا لات لطيف جي )
    شاهه لطيف پنهنجي دور سان گڏ هر دور جو شاعر آهي. اُن جا ڪيترا بيت ۽ بيتن جون ڪيتريون سٽون، هر دور جي حڪمران لاءِ تلوار کان تکيون هونديون آهن. ان ڪري حڪمران ۽ انهن جا دلال اهڙين سٽن تي اڻ سڌي طرح سينسرشپ مڙهيندا آهن. لطف اُن جو ذڪر، ڊاڪٽر اياز قادريءَ جي حوالي سان، سندس ڪتاب ”مون مطالع سپرين“ مان ڏيندي ڪيو آهي:
    ” هڪ سرڪاري پروگرام ۾ شريڪ ٿياسين. اهو ضياءَ شاهيءَ جو دور هو. پروگرام هو لطيف تي. اُن پروگرام جي منتظمين، پروگرام شروع ٿيڻ کان اڳ فرمائش ڪئي ته مهرباني ڪري لطيف جا اهڙا بيت نه پڙهجو جن ۾ ڦاهي، وطن جي آزادي، قيد ۽ تشدد جو ذڪر هجي. اوهان ته پروگرام ڪري هليا ويندا، سڀاڻي اسان لاءِ مصيبت ٿيندي.“
    لطف ان دور جو ذڪر ڪندي اهو به لکيو آهي ته : ”اُن دور ۾ پي. ٽي. وي تي پڻ اهو ماحول هو، جو لطيف جو سُر ڪلياڻ ۽ سُر مارئي ممنوع هئا. اهڙا بيت هن چئنل تان نشر نه ٿيندا هئا.“
    آئون خود ان جو گواهه آهيان ته وفات کان ٻه يا ٽي ڏينهن اڳ، اُستاد منظور علي خان، ڳوٺ لاکا آباد (تعلقي سڪرنڊ) ۾ ، اسان جي دوست مير حسن لاکي پاران ڪرايل ”لطيف ڏينهن“ دوران فجر جو شاهه لطيف جي مشهور وائي ”پرچن شال پنهوار“ ڳائيندي چيو هو ته ”مون کي ريڊيو پاڪستان تي هيءَ وائي ڳائڻ کان منع ڪيو ويو آهي.“
    اها ته مشهور ڳالهه آهي ته اپريل 1919ع ۾ ، انگريزن طرفان ڪرايل دهلي قتلام ۽ جليان والا باغ سانحي خلاف سنڌ جي صوفي اديب ڄيٺمل پرسرام، ”هند واسي“ اخبار ۾ هڪ ايڊيٽوريل لکيو هو، جنهن جو عنوان هُن شاهه جون هيٺيون سٽون ڏنيون هيون:
    اڳيان اڏين وٽ، پوئين سِرَ سنباهيا،
    ڪاٽ ته پوين قبول ۾ ، مڇڻ ڀائين گهٽ،
    مَٿا مُهائين جا، پيا نه پسين پٽ،
    ڪلالڪي هٽ، ڪُسڻ جو ڪُوپ وهي!
    ۽ اُن وقت جي، حيدرآباد سنڌ جي مئجسٽريٽ، ايڇ. ٽي سورلي، شاهه جي اُن شعر جو انگريزي ترجمو ڪرائڻ بعد ڄيٺمل پرسرام کي ٽي مهينا ٽيپ ڏني هئي، جنهن عرصي دوران هُن سنڌي ٻوليءَ ۾ پهرين جيل ڊائري ”تُرنگ جو تيرٿ“ لکي هئي. اُها ڌار ڳالهه آهي ته جڏهن سورلي کي اڳتي هلي خبر پئي ته اهو شعر اڍائي سؤ سال اڳ جي شاعر شاهه لطيف جو آهي، ته هن جي شاهه ۾ دلچسپي پيدا ٿي ۽ پوءِ هن شاهه جي شاعريءَ جو مطالعو ڪري، 1940 ع ۾ ”Shah of Bhit “ جي عنوان سان پي. ايڇ. ڊي ڪئي هئي.
    ياد رهي ته شاهه جي شاعريءَ تي پابندي ۽ سينسرشپ نه رڳو حڪمرانن ۽ انهن جي ڪامورن پئي وڌي آهي، پر اسان جي ڪيترن عالمن به شاهه جي ڪلام تي سينسرشپ لڳائي، ڪيترائي بيت بلڪه سُرن جا سُر شاهه جي رسالي مان ڪڍي ڇڏيا آهن، ڇاڪاڻ ته اهي سندن مسلڪ جي خلاف ۽ سندن سمجهه جي دائري کان وسيع هئا.
    اسان جو لطف پيرزادو، شاهه جو اُهو پهريون عاشق ۽ کاهوڙي محقق آهي، جنهن واضح لفظن ۾ چيو آهي ته ”شاهه لطيف جي شاعريءَ جو پسمنظر، ويدڪ دور کان وٺي اڄ تائين محيط آهي.“ اها صرف ڳالهه نه آهي پر ان لاءِ لطف وٽ دليل به آهن.
    لطف جي هن ڪتاب ۾ شاهه لطيف جي شاعريءَ جي روشنيءَ ۾ موت ۽ حيات جي فلسفي، صوفيءَ جي صفاتي زندگي، صوفين جي ڪردار، صوفي لاڪوفيءَ جي منصب، منصور حلاج، سنڌ جي محب وطن صوفين جي تاريخ، صوفين جي وصفن بابت جيڪو بحث ڪيو آهي، اُن مان سندس وسيع مطالعي ۽ لطيف جي ڳوڙهي اڀياس جي ڄاڻ پوي ٿي.
    اهڙيءَ ريت نانگن، سامين، ڪاپڙين ۽ لاهوتين بابت لطف جو تجزيو ٻڌائي ٿو ته هن تصوف، ويدانت، ٻڌ ڌرم ۽ ٻين مشرقي مذهبن جي به ڪافي ڄاڻ حاصل ڪئي هئي. قلندري مشرب جو مطالعو ڪندي، لطف نتيجو ڪڍيو آهي ته ”قلندر وٽ تصوف ۽ هندو مت جي ويدانت گڏوگڏ آهي ۽ هو جوڻ جو قائل آهي،“ ان لاءِ هن قلندر شهباز جي هڪ شعر جو ترجمو شاهديءَ طور پيش ڪيو آهي:
    ”آئون دنيا ۾ سئو دفعا آيس،
    هر دفعي فقيري منهنجي چيلهه سان ٻڌل هئي.“
    اِن صوفياڻي روايت جو سائين جي. ايم سيد پڻ حامي هو، جيڪو جمن دربدر جي هن سادي ڪافيءَ کي ٻُڌي، نيڻ آلا ڪري ويهندو هو:
    وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو،
    ختم اونداهه ٿي ويندي، چٽيءَ چانڊاڻ ۾ ملبو.
    هنن مضمونن ۾ ٻه مضمون شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي شاعريءَ ۽ شخصيت جي حوالي سان به لکيل آهن، جيڪو شاهه لطيف جو تڙ ڏاڏو ۽ پيش رو هو. لُطف ڊاڪٽر بلوچ ۽ ڊاڪٽر عبدالغفار سومري جي تحقيق سان اختلاف به ڪيا آهن ۽ اُن جو ناقدانه جائزو ورتو آهي. مطلب ته هي شاهه لطيف جي گهڻ رُخي مطالعي تي مشتمل ڪتاب ”لطيفيات“ ۽ ”لطيفي فهم“ کي سمجهڻ لاءِ ڪافي رهنمائي ڪري ٿو. ڀلان ڀليءَ جو ڇيهه ڪونهي پر لطف جو ادراڪ، لطف جو مطالعو ۽ لطف جي تشريح تن جي تارن کي ڇُهي ۽ ڇيڙي ضرور ٿي.

    25 آگسٽ 2019ع


    سهيڙيندڙ پاران

    سهيڙيندڙ پاران


    سموري حياتي لطيفي پيچرن تي پنڌ ڪندڙ ڀٽائي جي فقير ۽ سنڌ جي کاهوڙي ڪردار لطف پيرزادي جي شاهه لطيف بابت لکيل تحقيقي مضمونن کي سهيڙي ڪتابي شڪل ۾ پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪري رهيا آهيون، جن ۾ سنڌ جو شاهه، هوءَ جا لات لطيف جي، شاهه لطيف جي شاعريءَ جا محرڪات، شاهه لطيف تي تحقيق کان رهجي ويل موضوع، گنج شريف ڪيئن ڇپيو، ڀٽائي جا آثار، شاهه لطيف جي وائي ۽ ان جا گائڪ فقير، شاهه جي شاعريءَ ۾ عورت جا ڪردار، ڀٽائيءَ جي شاعري ۾ وطن پرستي، ڀٽائي صاحب جو مذهبي پهلو، روزي ۽ عيد لاءِ لطيف جي موقف سميت شاهه لطيف جي فڪر، ماڳن مڪانن ۽ هن عظيم رهبر، مفڪر، انقلابي، لاهوتي، هنگلاجي، تارڪ، تياڳي، درويش، اولياءَ، صوفي، اويسي ۽ هماليا جيڏي شاعر سان لاڳاپيل شاهڪار لکڻيون شامل آهن.
    محبت پائي من ۾ ، رنڍا روڙيا جن،
    تن جو صرافن، اڻ توريو ئي اگهايو.
    لطف پيرزادي جي وصال بعد سندس لکڻين کي سهيڙي شايع ڪرائڻ جي نيت سان وجود ۾ آيل ”لطف پيرزادو اڪيڊمي“ پاران ڇپايل هن ڪتاب ۾ سندس اهي مضمون شامل آهن، جيڪي گهڻو ڪري 2000ع کان پوءِ جا لکيل آهن. پراڻو مواد ملڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، پوءِ به اسان جي ڪوشش آهي ته سندس سمورا مضمون ڪتابي صورت ۾ پڙهندڙن تائين پهچايون. ڀٽائيءَ جي هن عاشق پنهنجي محبوب هستيءَ تي ايترو ته لکيو آهي جو جيڪڏهن سندس سڀ مضمون هٿ اچن ته اهو چئن پنجن ڪتابن جيترو مواد ٿيندو.
    لطف پيرزادي کي ڀٽائيءَ جي حافظ، پارکو، کاهوڙي ۽ سيلاني طور سڃاتو وڃي ٿو. ان سان گڏوگڏ هو هڪ بهترين صحافي، ليکڪ، ٽريڊ يونينسٽ، سياسي ڪارڪن، سماج سڌارڪ ۽ خلق جي خدمت تي يقين رکندڙ هڪ رياضتي فقير هو. هن جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ جدوجهد جي ڏوهه ۾ 15 ڪوڙا به کاڌا ۽ جيل جون سختيون به ڀوڳيون. جڏهن ته عمر جي آخري حصي ۾ سندس نوجوان ڳڀرو پٽ سرويچ کي سچائي ۽ سرويچيءَ جي ڏوهه ۾ کنڀي گم ڪري وڍي چيري ۽ چچري شهيد ڪيو ويو. لطف پيرزادي ڪيتريون ئي مزدور تنظيمون ۽ ٽريڊ يونينون ٺاهيون، ڪيترائي ڳوٺ، اسڪول ۽ اسپتالون ۽ روڊ رستا منظور ڪرايا. ڳوٺ جي ڪيترن ئي مريضن جا ڪراچيءَ جي اسپتالن مان آپريشن ڪرايا، ڳوٺائين ۽ فقيرن سان ڪيتريون ئي مهلون ڪيون، اهو ئي سبب آهي جو کيس فقراءُ جي ماءُ پڻ ڪوٺيو ويندو هو. ڪنهن کيس ڀٽائيءَ جي بحر جو ٽوٻو لکيو آهي ته ڪير کيس شاهه لطيف جو تمر پيو ڪوٺي، ڪنهن هن کي شاهه سائينءَ جو کاهوڙي چيو ته ڪنهن پينگهي ۾ سورن سان پيچ پائيندڙ سڏيو آهي.

    چُرن چڻڪن چت ۾ ، هُرن منجهه هِنئين،
    لطف ٿيو لطيف چئي، مهر ڪئي ميئين،
    ڏکيءَ کي ڏئين، سرهايون ساڻيهه جون.
    (شاهه)

    لطف پيرزادي پنهنجي سموري زندگي ڀٽائي تي تحقيق ۽ سندس فڪر جي پرچار ڪندي گذاري. هن ڀٽائيءَ تي ادارن کان به وڌيڪ ڪم ڪيو آهي. ان کانسواءِ موهن جي دڙي، سنڌ جي ثقافي ماڳن ۽ شخصيتن تي به سندس جهجهو ڪم ٿيل آهي. لطف پيرزادي کان ڀٽائيءَ بابت پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان ڪراچي طرفان ڪيترائي پروگرام ڪرايا ويا جن جو هاڻ رڪارڊ به نٿو ملي. هن لطيف سائينءَ تي 1970 کان لکڻ شروع ڪيو ۽ آخري پساهن يعني 2018 ع تائين لکندو رهيو. سندس مضمون گهڻي ڀاڱي هلال پاڪستان ۽ عوامي آواز ۾ ڇپيا، ڇو ته پاڻ اتي ڊيسڪ تي به ڪم ڪيائون ۽ رپورٽنگ به ڪيائون. ان سان گڏ ماهوار پيغام سميت ٻين رسالن ۾ پڻ سندس مضمون ڇپبا رهندا هئا. هن فقير اهو ڪم ڪنهن اداري جي اسائنمينٽ طور نه پر ڀٽائي سان عشق جي بنياد تي هڙان وڙان خرچ ڪري ۽ ڪشالا ڪاٽي ماڻهن کي لطيفي لات سمجهائڻ جي نيت سان ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ واسي ڀٽائيءَ کي سمجهي ان جي فڪر تي عمل ڪن ته سنڌ جا مڙوئي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا.
    لطف پيرزادو چوندو هو ته ”ڀٽائيءَ کي سمجهڻ ۾اسان کي اڃا صديون لڳنديون ۽ لطيفيات بابت ڪا به راءِ آخري نٿي چئي سگهجي، ڇو ته ڀٽائيءَ جي دور جي مستند تاريخ نٿي ملي. ان ڪري اسان کي قديم روايتن، سينا به سينا منتقل ٿيل ڄاڻ ۽ جاکوڙي محققن جي ڪيل تحقيق، علمي، عقلي ۽ سائنسي بنيادن تي وسيع سوچ سان شاهه لطيف کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻي پوندي. شاهه کي سمجهڻ لاءِ سنڌ جي تاريخ ۽ ٻوليءَ جي ڄاڻ تمام ضروري آهي. سنڌ جي تاريخ جي پسمنظر ۾ جيڪڏهن ڀٽائي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته آساني ٿيندي.“
    سو شاهه لطيف کي سمجهڻ ۽ سندس عشق جو صحيح اندازو لڳائڻ ۾ ته اڃا اسان کي صديون لڳنديون پر لطف پيرزادي جي هن ڪتاب ۾اُن عشق جا آثار ضرور پسي سگهجن ٿا، جنهن ۾شاهه سائينءَ جي فڪر، شاعري، ٻولي، آثارن، ماڳن مڪانن ۽ وائي وارن فقيرن کان وٺي رسالي جي ڇپجڻ تائين نه رڳو سموري تاريخ سهيڙيل آهي پر ڀٽ شاهه شهر جي خوبصورتي، لطيفي پانڌيئڙن کي سهولتون ڏيارڻ، ڪراڙ ڍنڍ جي بحالي، لطيفي آثارن جي حفاظت ۽ سيوا کان وٺي ڀٽائيءَ جي راڳ واري روايت کي هٿي وٺرائڻ ۽ عام ڪرڻ سميت سندس پيار، محبت، امن ۽ ڀائيچاري وارو پيغام پکيڙڻ تي زور ڏنل آهي. ڀٽائيءَ بابت گهڻ رخي مطالعي تي ٻڌل هي ڪتاب لطيفيات بابت هڪ مڪمل گائيڊ بُڪ آهي.
    ڪيو مطالع مون، هو جو ورق وصال جو،
    تنهن ۾تون هين تون، ٻي لات نه لحظي جيتري.

    وجود وڃائي پاڻان پاسي ٿيل، خوديءَ کي کائيندڙ هن فنا ٿيل فقير جي هن ڪتاب مان لطف پيرزادي جي سوچ جي وسعت، سندس گهري مشاهدي ۽ مطالعي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. لطف پيرزادي جو تعلق هڪ علمي، ادبي ۽ تعليمدان گهراڻي سان هو، هن 1952 ع ۾ استاد در محمد پيرزادي جي گهر ۾جنم ورتو. ٻن مهينن جي عمر ۾سندس والده جي وفات بعد کيس ٿڃ پنهنجي مامي فقير يار محمد جي گهر واري پياري ۽ سندس پرورش سندس ڏاڏي ميان غلام حسين پيرزادي ڪئي جيڪو تعليمدان، ڀٽائي جو ڄاڻو، فارسي دان ۽ راڳ جو شوقين هو، ميان غلام حسين لاءِ اهو مشهور آهي ته ”هو جڏهن سارنگ ڳائيندو هو ته مينهن وسي پوندو هو.“ جڏهن ته سندس چاچو گل محمد پيرزادو هڪ ڀلوڙ شاعر ۽ مخدوم طالب الموليٰ جو همعصر پڻ هو جيڪو هُن سان خطوڪتابت پڻ ڪندو هو.اهڙي گهر ۾ پرورش ۽ فقير يار محمد ۽ انور پيرزادي جهڙن مامن جي صحبت هن جي لطيف ۾ دلچسپي ايتري قدر وڌائي جو هن چوٿين درجي کان ئي ڀٽائي تي لکڻ شروع ڪيو.
    هن جي ڪامريڊ سوڀي سان به سنگت هئي ته شهيد نذير عباسيءَ جو به ساٿي هو، ڄام ساقيءَ کان شمشيرالحيدري، سراج الحق ميمڻ ۽ فقير محمد لاشاري کان سيف ٻنويءَ تائين هن جي ڪيترن ئي صحافين، اديبن، وڪيلن، ڊاڪٽرن، شاگردن، استادن ۽ سياسي سماجي ڪارڪنن، پيرن فقيرن، لاهوتين ۽ سيلانين سان ويجهڙائي رهي. سندس سنگت جو هڪ وڏو حلقو هو ۽ هي هر ننڍي وڏي ماڻهوءَ مان ڪجهه نه ڪجهه پرائڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو هو. انسانيت جي عزت، سيوا ۽ خدمت ئي هن جي سڃاڻپ هئي. هن فقير شاهه جي شاعريءَ جي روح ۾لهي، ڀٽائي جي دور جي تاريخ جو ڳوڙهو مطالعو ۽ لطيفي پيچرن تي پنڌ ڪري شاهه کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، اهو ئي سبب آهي جو سندس هي لکڻيون اسان کي حقيقتن جي ويجهو لڳن ٿيون. منهنجي خيال ۾لطف پيرزادي پاران ڀٽائيءَ کي درست رخ ۾سمجهڻ جو هڪ وڏو سبب سندس ذاتي ڏک ۽ درد به آهن.
    شاهه جو هي کاهوڙي پارکو سندس بيتن جي تشريح هڪ الڳ انداز سان ڪندو هو، ڪنهن بيت ۾ ڀلي ڪنهن واقعي يا ماڳ جو سڌو ذڪر نه هجي پر هي فقير چوندو هو ته اهو بيت ڀٽائي هن معاملي تي لکيو آهي. اهڙي طرح سندس دعويٰ هئي ته ڀٽائيءَ جي بيتن ۾ موهن جي دڙي جي آثارن جو پسمنظر به لهي سگهجي ٿو.
    اسين هن ڪتاب جي ڇپائي ۾ سمورن سهڪاري ساٿين جا بيحد ٿورائتا آهيون. ڪروڙين قرب سائين بدر ابڙي صاحب جا جنهن بيڪ ٽائيٽل لاءِ ٻه اکر لکي ڏنا ۽ ٽائيٽل لاءِ پنهنجي تصور موجب فقيري ميگهواڙ کان ڀٽائي جي ٺاهيل نئين تصوراتي مجسمي جي تصوير به ونڊ ڪئي، جيڪا هن وقت تائين ڪٿي به شايع ناهي ٿي. ٿورائتا آهيون جاکوڙي عالم ۽ اديب تاج جويي صاحب جا جنهن مهاڳ لکي ڏنو. لک لائق ماما رمضان ساريي جا جنهن لطف پيرزادي جا فائيل جي صورت ۾ سانڍي رکيل مضمون ونڊ ڪيا. ڪنڊياري جي ڳوٺ چنيهاڻيءَ ۾ ”عثمانيه لائبريري“ نالي ڪتب خانو سنڀاليندڙ محمد عثمان عباسي صاحب جا به ڪروڙين قرب جنهن سهڻيءَ بابت ماهوار پيغام ۾ شايع ٿيل مضمون سان گڏ ٻيون لکڻيون به ونڊ ڪيون. ٿورائتا آهيون عوامي آواز سٿ جا جنهن پراڻا فائيل فراهم ڪيا. لک ٿورا اقرار پيرزادي جا جنهن هن ڪتاب ۾ شامل ڀٽائي جي بيتن جا پروف ڏسي ڏنا. ڪروڙين قرب علي حسن چانڊيي صاحب جا جن ڪتاب جي پروف ريڊنگ، ايڊيٽنگ ۽ سيٽنگ سميت سمورن معاملن ۾ هر پل ۽ هر موڙ تي ڀرپور مدد ڪئي. ڪمپوزنگ ۾ هٿ ونڊائيندڙ ڪريمداد خشڪ، نعيم سنڌو ۽ گل نواز پيرزادي جون به لک مهربانيون. مرڪ پبليڪيشن جي سرواڻ، پياري دوست مرتضيٰ لغاري، رکيل مورائي، شاهه محمد پيرزادي، سومار گهانگهري، زرار پيرزادي، مسرور پيرزادي ۽ عبدالرب پيرزادي سميت سمورن سهڪاري ساٿين جا لک لائق، ڪروڙين قرب.

    ٿورا م ٿورا، مون تي ماروئڙن جا،
    ٿر جي واري ٿورڙي، ان کان گهڻيرا،
    ڀلايون ۽ ڀيرا، ڳڻي ڳڻيا ڪيترا.

    سچ جو ساٿاري ٿيڻ ۽ حق سچ جي ڳالهه ڪرڻ سبب لطف پيرزادو سموري زندگي ظالم قوتن توڙي سيڻن جي ڪيترين ئي ناانصافين ۽ تڪليفن جو شڪار رهيو. سندس اولاد هئڻ جي ناتي اسان جي زندگي به ڪا پر سڪون ۽ تڪليفن کان آجي ناهي. ڪيترن ئي مسئلن باوجود اسان جي ڪوشش آهي ته لطف پيرزادي جا شاهه لطيف سميت مختلف موضوعن تي لکيل مضمون هٿ ڪري شايع ڪرايون، اها ئي لطيف سرڪار ۽ ڀٽائيءَ جي هن سچي فقير کي اسان طرفان ڀيٽا هوندي. ساڳي وقت لطيفي فڪر جي ڦهلاءُ لاءِ ڪنهن به تنظيم ۽ شخصيت پاران ٿيندڙ هر ڪم ۾ لطف پيرزادو اڪيڊمي رضاڪاراڻي سهڪار ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار آهي.

    ڇوري ندوري، نڪو مائٽ منڌ جو،
    هو جي هلن ساٿ ۾، ڪمي ۽ ڪوري،
    آئون پڻ آهيان انهن ۾، لنگهي ۽ لوري،
    هو جي ٿرن جا ٿوري، مونهان مٿانهون گهڻا.
    (شاهه)

    عنايت پيرزادو
    لطف پيرزادو اڪيڊمي

    03343237309


    سنڌ جو شاهه (جنهن جيهو ناهه ڪو)

    سنڌ جو شاهه (جنهن جيهو ناهه ڪو)

    سنڌ ۾ لکين شاهه، سيد، مرشد ۽ وڏين وڏين گادين جا مالڪ موجود آهن پر سنڌي ماڻهو جنهن شاهه کي سڃاڻندا آهن ان جو نالو آهي شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه. ڀلي ڪير ڪنهن جو مريد هجي، پر شاهه کي پڻ مرشد جي حيثيت سان مڃيندو ۽ احترام ڪندو آهي، جو پاڻ بيت ۽ وائي چئي رسالي جي صورت ۾ سنڌي ماڻهن کي جيڪو پيغام ڏنو اٿن انهيءَ هر هڪ کي موهي وِڌو آهي. ڀل ته هالا جي نَو لکي گودڙي هجي، پاڳاري جا حُر سرن جو صدقو ڏيندا هجن، سيوهڻ جو لال سڀني اوليائن ۽ رندن جو سرگرو هجي، لنواريءَ جو لال، لاڙ ۽ اُتر ۾ مشهور هجي، دستگير جو اولاد ۽ ٻيا سنڌ جا صوفي بزرگ به حق جي ڪلمي چوڻ واري کي هر دم ياد ٿا ڪن. جڏهن به اوهان شاهه، بيت يا رسالي جو نالو کڻندا ته ٻُڌندڙ جي ذهن ۽ زبان تي لطيف جو نالو اڀري ايندو. الائجي ڪهڙي سگهه آهي سندس لفظن ۽ ڳالهه ۾ . ”ڳالهه پريان جي ڳجهه جي، جيهي نه تيهي“ واري ڪار آهي، سمجهندي به هن کي سمجهڻ کان قاصر آهيون:
    وٽن ويٺي آهيان، ڏسيو ڪين ڏسانِ،
    جنهن جيهو ئي ناھه ڪو، سا ڪا سونهن سنديان...
    ان سونهن سڀني کي موهي مستان ڪيو آهي. ان فهم، فڪر ۽ راز کي سمجهڻ لاءِ سڀڪو آتو آهي :
    جن کي دور درد جو، سبق سور پڙهن،
    فڪر ڦرهي هٿ ۾ ، ماٺ مطالع ڪن،
    پنو سو پڙهن، جنهن مان پسن پرينءَ کي.
    فڪر جي به ڪا ڦرهي ٿيندي آهي؟ جنهن سان سانت کي پڙهيو ويندو آهي. اهڙو ڪو پنو به آهي، جنهن جي پڙهڻ سان ماڻهو پرينءَ سان واڳجيو وڃي. اسان جي شاهه جي انهن الٽين ۽ ڳجهه ڳجهاندر ڳالهڙين ماڻهن کي ڳهر ڏيئي ڳڱاٽي ڇڏيو آهي جو هن جا لفظ پڙهڻ سان جان ۾ ڪنبڻي وٺيو وڃي. ايڏي درد هوندي به چون ٿا ته ٽيهٺ ورهيه جيئرو رهيو، جنهن جت فقير کي ٽي سٽون ٻڌائي ماري ڇڏيو هو:
    هيڪليائي هيل، پورينديس پنهونءَ ڏي،
    آڏا لڪ لطيف چئي، سوريون سڄن سيل،
    ڪر ٻيلي آهن ٻيلهه، جي سور پريان جا ساڻ مون.
    دردن ۽ سورن سان ته ڪا لنئون لڳل اٿس، هجيس به ڇو نه؟ پاڻ جو چيو اٿس ته اهي درد ئي آهن، جن پرينءَ جو رستو سونهائي ان سان هيڪاندو ڪيو اٿم:
    ڏک سکن جي سونهن، گهوريا سُک ڏکن ري،
    جنين جي ورونهن، سڄڻ آئيو مون گهرين.
    هن جو ڳالهه ڪرڻ جو پنهنجو هڪ انداز آهي. هي جڏهن ڳالهه ڪندو آهي ته ٻُڌندڙ الائي ڇو ان جي تهه تائين پهچي ويندو آهي. هن جي ٻوليءَ تي گرفت ايتري مضبوط آهي جو هي خام لفظ ته استعمال ئي ناهي ڪندو. هن جي لفظن جي جڙاوت ۽ ترتيب ئي ڪجهه اهڙي طريقي ۽ سليقي سان هوندي آهي جو ڳالهه ۾ ڪو به شڪ گمان باقي ناهي رهندو. مشاهدو به وٽس ڪمال جو آهي. ڪڏهن ارٽ، ڪڏهن نارُ، ڪڏهن کوهيءَ نارُ، مطلب ته سنڌ جي هر شيءِ کي ڄاڻي ۽ سڃاڻي ٿو. انهن جي اوٽ وٺي هو اسان کي پنهنجي ڳالهه سمجهائي ٿو.
    جڏهن چوي ٿو ته ”گهڙيا سي چڙهيا، ايئن اٿيئي“ ته ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي، برابر جيڪو گهڙندو ئي نه ته اهو هُن ڀر ڪيئن چڙهندو؟ ڀل ماڻهو تارو نه به هجي پر لهرون هن کي غوطا ڏئي، وڃي ڪنهن ڪنڌيءَ ڪنديون آهن. جيڪڏهن ڪو ڪاٺ جو بُنڊ لڙهندي هٿ اچي ويس ته ڄڻ هن کي ٻيڙي ور پيئي. ڪو ترهو ترندي مليس ته وڃي سُتڙ ٿيندو. لطيف سائين مرڻ لاءِ ماڻهوءَ کي اک ڇنڀ ۾ تيار ڪيو وٺي: ”مئي متي مهراڻ ۾، پئو ٽپو ڏيئي“ هن مست درياهه ۾ ٽپو ڏئي ڪاهي پئه، بس وهم نه ڪر ته ”ميهار مليئي، سنڀوڙو سيڻاهه سين.“ميهار تنهنجي لاءِ سيڻاهه کنيون هڪيو تڪيو حاضر ٿيو بيٺو آهي، توکي ٻڏڻ ڪو نه ڏيندو، ”يا الاهي امن امان، ٻاجھه ٻيلاٽي ڀانئيان!“ تنهنجي ٻاجهه مون لاءِ وچ درياهه ۾ سُڪل ٻيٽاري مثل آهي. تنهنجي ٻاجهه مون سان ساڻ هوندي ته آءٌ ڪيئن ٻڏنديس!
    لا تقنطو من رحمت الله، ترهي ان تريج،
    حبيباڻي هيج، پسين منهن ميهار جو.
    ڪيڏو نه پر اميد آهي، هو جيڪي ڪنڌيءَ تي ڪک بيٺا آهن، انهن مان به نااميد ناهي. درياهه ۾ لهڻ واري کي صلاح ٿو ڏئي ته انهن کي ميڙي سيڙي مضبوط ٻڌي پنهنجي لاءِ ترهو بڻاءِ، اهي توکي ڪڍي ڪنڌيءَ ڪندا يا توسان ساڻ سير ۾ هلندا، جو اهي بيوفائي ناهن ڪندا:
    ٻڏندي ٻوڙن کي، ڪي هاتڪ هٿ وجهن،
    پسو لڄ لطيف چئي، ڪيڏي کي ڪکن،
    توڙي ڪنڌيءَ ڪن، نه ته ساڻ هلن سير ۾ .
    *
    تانگهي ۾ تاڻي، ٻڌ پنهنجو تُرهو،
    اونهي ۾ آڻي، ڪو نه ڏيندئي ڪو ٻيو.
    ڀٽائيءَ جون ڪيتريون ئي ڳالهيون سمجهه کان ٻاهر آهن، اڻ ٿيڻيءَ کي ٿيڻي ڪريو ڇڏي. سُر رامڪليءَ جي بيت ۾ اهڙي هڪ ڳالهه ڪئي اٿس، جا ڪڏهن نه ٿي، نه ٻُڌي:
    پاڻيءَ مٿي پير، ڪين ڪڙيا پيرئين...
    سائين! ڏيو خبر، پاڻيءَ تي به ڪڏهن پيرن جا نشان ٺهيا آهن؟ جو پيري انهن کي ڪڙي (ليڪي) سگهن!؟ هيءُ آهي جو جر تي به پيرن کي سڃاڻيو وٺي. ان لاءِ عرض ته سنڌ ۾ اهڙا به سپورنج ۽ سگهڙ پيري آهن جيڪي واردات تي پير سڃاڻي ان ڪردار جي وڃڻ واري طرف ۽ ان جي واسطن کان به واقف هوندا آهن. انهن کي پڪ هوندي آهي ته هيءُ فلاڻي جاءِ تي ويندو، پوءِ جيڪڏهن چور پير لڪائڻ لاءِ ڪنهن پاڻيءَ ۾ لهندو ته هنن کي اهو به اندازو ٿيندو آهي ته جيڪو هتان پاڻيءَ ۾ لٿو آهي، اهو فلاڻي جاءِ تان چڙھندو. ان حساب سان پَرينءَ ڀر وڃي ان پير کي ڳولي پڪ ڪري وڃي توڙ رسائيندو آهي. باقي اسان جهڙو موڳو مٽر اتي ئي ٽڪين تي هٿ رکي پير وڃائي واپس ورندو. ماهر پيري پاڻيءَ تي ان طرح پير ڪڙيندا آهن.
    ڪپيريءَ ۾ پير، ڪنين پاتو پيرئين،
    جيڪي منجهڻ ماڙهئين، سڄڻ تئائين سير،
    ان ڀونءِ سندو ڀير، ڪوڙين مان ڪو لهي.
    هي پنهنجا لفظ به ٺاهيندو آهي، اهڙا لفظ استعمال ڪيا اٿس جن ڏانهن ڪنهن جو ڌيان ئي نه وڃي، نه وري اهي اڳ ڪنهن جا ٻڌل سڻيل آهن. ڪپيري يعني خراب ۽ اڙانگو پيچرو، جنهن ۾ ڪن هلڻ وارن پير پاتو، اهي جتي منجهي ٿڪجي پيا ۽ اڳتي لاءِ هنن کي راهه نظر نه آئي. لطيـف چــئي ٿــو تــه پــريـــنءَ جو سير اتان کان ئي شروع ٿئي ٿو جتان تون بي حال ٿي واپس ٿو ورين، وک وڌاءِ ته انهن جي گس جو سونهون ٿئين. طاقت نه رهي اٿئي، نستو ٿي ويو آهين، ويٺي وک نه ٿي اپڙئي ته به ڪا کُهي ٿڪل وک کڻ ته اها توکي پرينءَ سان اوڏڙو ڪري:
    کُهي جا کنيائين، تنهن وک ويجهي ڪئي،
    ڇڪي ڇنائين، پنڌ مڙوئي پٻ جو.
    ڀٽائيءَ جي نينڍ تي سر ڏيڻ کانسواءِ چارو ناهي. مرڻ لاءِ ته ماڻهو کي ايئن اتساهيندو آهي، جهڙوڪر بس رڳو هن جي مرڻ جي دير آهي، دلبر جو حضور اکين اوڏڙو آهي:
    مري جيءُ ته ماڻئين، جانب جو جمال،
    ٿئين هوند حلال، جي پِند اها ئي پاڙئين.
    *
    اڄ آديسي مر، سڀان مرندو سڀڪو...
    *
    مر ته موچاري ٿئين، جيئڻ آڏو جَت،
    هاري ڪر همت، ته دم ڏئي دوست لهين.
    بس، دم ڏيڻ جي دير آهي! دوست لهڻ ۽ ان سان همڪنار ٿيڻ جي خاطري ڪرائي ڪيئن نه ماڻهوءَ کان سر تان هٿ ٿو کڻائي:
    ته ڪر ڪيئن سئي، جي سير نه گهڙي سهڻي،
    هت حياتيءَ ڏينهڙا، هڏھن تان نه هئي،
    هُئينءَ هوند مئي، پر ٻُڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا.
    سهڻي سير نه گِهري ها ته هن کي ڪير به نه سڃاڻي ها. تون به جي عشق جي دنيا ۾ زنده رهڻ چاهين ٿو، ته پوءِ هن حياتيءَ تان هٿ کڻ. اها ته اچڻي وڃڻي شيءِ آهي. اها ته پيٽ جي سور سان به ختم ٿي ويندي. ان ڳالهه کي سمجهائڻ لاءِ سپاهين جو مثال ڏنو اٿس. ڇا تو اهو نه ڏٺو آهي ته سپاهي پگهار عيوض پنهنجا سِر وڪڻيو ويٺا آهن:
    سر سپاهين وڪيا، سوڪ نه سامي سوءِ،
    جيڪي پڇين پچ سو، گنگا نئين نه گوءِ،
    وڃ لاهوتڪي لوءِ، عجز کي آڏو ڪري.
    شرط اهو آهي ته سر به ڏئي ۽ عجز، انڪساري ۽ هيٺاهينءَ سان انهن جي اڳيان پيش به ٿئي، ڇو ته انهن کي هيٺاهين ۽ نياز ئي پسند آهي.
    جيئن ڀيرئين ۽ ڀانئيين، اوڏو ائين م آءُ،
    ان سُرڪيءَ سندو ساءُ، پڇج عزازيل کي.
    *
    جنين ڀانيو پاڻ، ڪري توائي تن کي...
    *
    هُئڻ ڪيا هيئن، وانجهيا پس وصال کان.
    هيءُ فنڪار خودي، تڪبر ۽ پاڻ ڀانئڻ جو دشمن آهي، هي ان عمل کي شيطاني عمل ٿو سڏي:
    ٿيءُ ٻاراڻي ٻوجهه، وڃائي وجود کي،
    يا خوديءَ لاءِ چيائين :
    خودي ۽ خدا، هنڌ نه ٽڪن هيڪڙي،
    ٻن ترارين جاءِ، ڪانهي هيڪ مياڻ ۾ .
    اهوئي سبب آهي جو عاشق نوڙت، هيٺاهين ۽ عجز جون پٽيون ٿو پڙهائي ۽ چوي ٿو جيڪي تنهنجي زندگيءَ جو حاصل مقصد آهن، ڀلا انهن سان ڪهڙي وڏائي توکي سونهندي. ”اي در اٻوجهن جو“ هو ته اٻوجهن ۽ ڄاڻي به نه ڄاڻندڙن تي پنهنجي مهر ڪندا آهن، انهن کي رڳو اها هڪڙي هيٺاهينءَ واري ادا ئي موهي سگهي ٿي، باقي هنن وٽ تنهنجون ٻيون سڀ اٽڪلون، عقلي دليل ۽ حجتون بيڪار ثابت ٿينديون، ڇو ته هو بي نياز آهن، هنن کي تنهنجي پرواهه ڪانهي، هنن جا الائي ڪيترا عاشق آهن، انهن وچ مان جي توکي پاڻ وڻائڻو آهي ته پوءِ ڳچيءَ ڳل پاند پائي وڃي پرينءَ کي پرچاءِ. هنن لاءِ هي ڪم ڪو ڏکيو ناهي. هنن جي هڪ نظر ئي توکي رڱي ريٽو ڪري ڇڏيندي:
    جانب تون جيڏو، آهيين شان شعور سين،
    مون تي ڪر منهنجا پرين، توهه تسي تيڏو،
    اي ڪامل ڪم ڪيڏو، جيئن نوازيم نگاهه سين.
    جيئن مولانا روم جي زندگيءَ ۾ شمس تبريز جي پل کن جي چهري انقلاب آندو هو جو ڪاڏي ويا مدرسا، ڪاڏي ويا کٿابي، ڪاڏي ويا ڪتاب، مولانا صاحب صوفي خرقو پهري سماع جي محفلن ۾ نچي رهيو هو، جيڪو اهڙين محفلن کان ڪوهين ڏور ڀڄندو هو. رومي صاحب جا غزل جن کي ڪليات شمس تبريز جو نالو ڏنو اٿس، اهي سندس ان عشق تي گواهه آهن. چون ٿا ته هن کي کڙڪ پئي ته شمس تبريز جي قتل ۾ سندس پٽ جو هٿ هو. جڏهن سندس ان پٽ جي وفات ٿي ته روميءَ صاحب ان جي جنازي ۾ شرڪت نه ڪئي. چون ٿا ته شمس تبريز کي قتل ڪري کوهه ۾ ڦٽو ڪيو ويو هو، جنهن کان پوءِ مولانا جلال الدين رومي بيقرار رهڻ لڳو هو.
    ***


    اک الٽي ڌار

    اک الٽي ڌار

    لطيف جيڪا لات لنئي آهي، ان کي شاهه جو رسالو ٿو سڏجي. رسالي ۾ سمنڊ جيڏو ڏات جو ڏيهه آباد آهي، جنهن جا ڪيئي رنگ، روپ ۽ ڍنگ آهن. هيءُ شاعر اهڙو ته اويڙو، ڏکيو ۽ ڏنگو آهي، جو اسان جي ملڪ ۾ موجوده دور ۾ به هن جي بيتن تي سينسرشپ لڳندي رهي آهي. سمونڊ جي غواصن، ٽوٻن هن مان ڪيئي ماڻڪ موتي ميڙيا آهن. هن جي هڪ سٽ به پي ايڇ ڊي ٿيسز جو عنوان به ٿي سگهي ٿي. رسالي ۾ ڪيترائي اهڙا موضوع آهن جن کي اڄ تائين هٿ به نه لاتو ويو آهي، نه وري ڪنهن ليکڪ انهن کي ڇيڙڻ جي جرئت ڪئي آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن ۽ ڪٿي ڪٿي اسان جي وڏن اديبن ان ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي ته لطيف جي انهن موضوعن ۽ عنوانن تي لکڻ کپي.
    شاهه لطيف جي ڏات ۽ ڏانءَ ۾ هڪ اهڙي خوبي به موجود آهي جيڪا ٻئي ڪنهن فنڪار وٽ ورلي ملندي. اها آهي الٽي معنيٰ يا الٽي معنيٰ وارا اصطلاح ۽ جملا. اهڙيون ڳالهيون جيڪي اسان جي سماجي سرشتي ۾ اڻ ٿيڻيون ۽ نه قبولڻ جهڙيون آهن، بلڪل اهڙي طرح جيئن سقراط ديوتائن جي سماج ۾ ” ڌرتي گول آهي“ چئي انقلاب آندو هو ۽ نيٺ کيس ڪليسا جي فتويٰ تي زهر جو پيالو پياريو ويو هو. لطيف جي سگهه ۽ شڪتي ايڏي آهي، هن جي لفظن ۾ سچ ايئن ڀريل آهي جيئن ماناري ۾ ماکي. هن جي ڏات تي ڪنهن به آڱر نه کنئي، هن کي ڪو به تعزير يا سزا نه ملي، الٽو هي پنهنجي ابتي ڳالهه اسان کان قبول ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. شاهه لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ڇپيل ڪتاب ”تحقيق ڪيئن ڪجي“ ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پڻ ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪندي لکيو آهي ته لطيف جا ڪيترائي موضوع رهيا آهن، هن مثال ڏيندي ڏکي، جبر ۽ ڏک تي لکڻ واري ضرورت تي زور ڏنو آهي، اهي هونءَ به ڪائناتي موضوع آهن.
    سينسر واري حوالي سان، ڊاڪٽر اياز قادري صاحب پنهنجي ڪتاب ”مون مطالع سپرين“ ۾ لکيو آهي ته ”هڪ سرڪاري پروگرام ۾ شريڪ ٿياسين، اهو ضياءَ شاهيءَ جو دور هو، پروگرام هو لطيف تي. ان پروگرام جي منتظمن، پروگرام شروع ٿيڻ کان اڳ فرمائش ڪئي ته مهرباني ڪري لطيف جا اهڙا بيت نه پڙهجو، جن ۾ ڦاهي، وطن جي آزادي، قيد ۽ تشدد جو ذڪر هجي. اوهان ته پروگرام ڪري هليا ويندا، سڀاڻي اسان لاءِ مصيبت ٿيندي.“ ان دور ۾ پي ٽي وي تي پڻ اهو ماحول هو جو لطيف جو سر ڪلياڻ ۽ سر مارئي ممنوع هئا. اهڙا بيت سرڪاري چئنل تان نشر نه ٿيندا هئا.
    لطيف واري الٽي ڳالهه جي حوالي سان محترم شمشير الحيدريءَ جو هڪ مقالو ماهوار پيغام ڪراچي ۾ ڇپيو هو، جنهن جو عنوان هو ”لطيف جي مشهوريءَ جا ڪي ٻيا اسباب“ ان ۾ هن مثال ڏيندي چيو هو ته سر مومل راڻي ۾ ، راڻي جي تمثيل کي علامتي طور حضرت محمد صه سان ڀيٽيو ويندو آهي، جنهن لاءِ هن مثال ۾ راڻو ئي راڻُو، روءِ راڻي ٻيو ناهه ڪو، يا ٿئو مڙوئي مينڌور جهڙا علامتي اظهار جا حوالا ڏنا ويندا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار حافظ ارشد انڍڙ به ڪري چڪو آهي. شمشير سوال ٿو ڪري ته ڇا راڻو هڪ هندو ۽ عيبدار شخص يعني اک کان ڪاڻو هو، ليڪن شاهه جو چيو ته اسان ان سان سهمت ٿي وياسين، ڪنهن کي به اعتراض نه ٿيو. ٻيو مثال هن سهڻيءَ جي ڪردار جو ڏنو آهي، جيڪا نڪاح ٻڌي زال هئي. مڙس جي پاسي مان اٿي درياهه تري ميهار سان ملڻ ٿي وڃي، شاعر چوي ٿو ”ڏم پاسي ۾ ڏکندو، صحت وٽ سنگهار“، جڏهن ته اسان جي نيم جاگيرداري دور ۾ ڪارو ڪاريءَ جو رواج آهي، ڪنهن به اهڙي عورت جي ڪردار کي اسان سٺو نٿا سمجهون، ان کي بدڪردار، بڇڙي ۽ ڪاري جي خطابن سان ياد ٿا ڪريون. لطيف اهي سڀ ڪڙيون حقيقتون اسان کان هضم ڪرايون آهن. هڪ جاءِ تي لطيف اسان جي عقيدت کي به نه بخشيو آهي:
    جکري جهڙو جوان، ڏسان ڪو نه ڏيهه ۾ ،
    مهڙ مڙني مرسلين، سرس سندس شان،
    ” فڪان قاب قوسين او ادنيٰ“ ميسر ٿيس مڪان،
    اِيءُ آگي جو احسان، جنهن هادي ميڙيم ههڙو.
    *
    جکرو جس کرو، ٻيا مڙوئي ملَ،
    مٽي ان مرسل، اصلئون هئي ايتري.
    اهي ماڻ ۽ اصول قرآن شريف ۾ ختم نبوت، محسن انسانيت حضرت محمد صه جي شان ۾ بيان ڪيا ويا آهن. لطيف اسان کي سنڌي ٻولي ۽ مزاج ۾ ساڳي ڳالهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندي اهڙي روش اختيار ڪئي آهي. هو قرآن شريف جي معنيٰ به نظم ۽ اصطلاحي ٻوليءَ ۾ ڪندو آهي، نه ڪي نثر ۾ . هن جي اها ڪوشش هوندي آهي ته، قرآن شريف جي پيغام کي سنڌي ماڻهو صحيح انداز ۾ سمجهي سگهن. جهڙي طرح ”لا يڪف الله“ جي معنيٰ ”جيڪا پڄندم سا“ ڪئي اٿس. ٻيءَ جاءِ تي هڪ بيت لکيو اٿس ته:
    و تُعِز من تشاءِ، و تذل من تشاءِ،
    سوئي راهه رد ڪري، سو ئي رهنما.
    هن جي الٽي ٻولي اسان زماني وارن ۽ گهٽ پڙهيل يا ايئن چئجي ته پڙهيل جاهلن کي مٿي تي هٿ ڏياريو ٿي ڇڏي، جيئن چيو اٿس ته:
    جندا، ايئن جُڳاءِ، جيئن آتشان آب ٿئي...
    *
    کُهي جا کنيائين، وک تنهن ويجهي ڪِي...
    *
    ڀلي ڏوريم ڀونءِ، عبث آريءَ ڄام کي...
    اهڙن ابتن خيالن جو ذڪر ڪيو اٿس جو پڙهندڙ سان ائين ٿئي ٿو جيئن هو ڪنهن انگي حساب يا معاشيات جهڙي خشڪ موضوع کي پڙهندي، ڪتاب کي بند ڪري مٿي تي هٿ ڏئي ويهي رهندو آهي! هڪ جاءِ تي مئڊم فهميده حسين پڻ اها ڳالهه لکي آهي ته بي اي جا ڪلاس وٺندي شاگرد اسان کان اڪثر ڪري لطيف جي ان الٽي ٻوليءَ بابت ڪيترائي سوال ڪندا آهن، جن کي مطمئن ڪرڻ اسان لاءِ مسئلو ٿي ويندو آهي. لطيف جهڙي طرح سسئيءَ لاءِ لکيو آهي ته:
    ٻيهر ڄاپي ڄاڻ، اِبر جي اوصاف کي...
    اهڙيءَ طرح اسان کي لطيف کي سمجهڻ لاءِ ڪيئي جنم ۽ صديون درڪار آهن. جيئن جيئن سائنس جي ترقي ٿيندي، سماج جا ماڻ ماپا تبديل ٿيندا، عقل جي وصف ۾ واڌارا ٿيندا، تيئن تيئن اسان کي لطيف سمجهڻ ۾ سولائي ٿيندي. مارڪس، اينگلس جي نظرين ۽ سائنس جي ايجادن کان اڳ واري هن شاعر جي شاعري، اسان کي ڇرڪائي ڇڏيندي آهي، جڏهن انهن مٿين ايجادات متعلق هن جي شاعريءَ ۾ اهڃاڻ ملندا آهن. مون کي ته ڪڏهن ڪڏهن پڪ ٿي ويندي آهي ته، سماجي سائنس جو علم، فلسفي جي تاريخ، سياست ۽ دنيا ۾ کانئن اڳ آيل انقلابن جي هن کي خبر هئي، جيڪي انساني زندگيءَ تي اثر انداز ٿيندا رهيا آهن.
    پاڻهين پچي پييون، ريءَ واهت ريءَ واڙ...
    *
    ” نڪو رائر ڏيهه ۾ “ جهڙيون حقيقتون پڙهي مٿين ڳالهين ۾ ايمان پختو ٿي ويندو آهي.
    ***


    شاهه لطيف جي ٻولي

    شاهه لطيف جي ٻولي

    شاھه جي رسالي ۾ جيڪا ٻولي استعمال ڪئي وئي آھي، اھا ھڪ ڊول جي ناھي. شاھ صاحب پنھنجي ڳالھ کي اظھارڻ لاءِ سنڌ ۾ رائج سڀني ٻولين جا لفظ اھڙي ته ڪاريگري ۽ ڏانءَ سان استعمال ڪيا آھن، جو ائين پيو لڳي تھ اھو لفظ جڙيو ئي ان مھل ۽ موقعي لاءِ ھو. سنڌ ڌرتي جيتري قديم آھي، ان حساب سان ايترين ئي قومن ۽ سندن ٻولين جو واهپو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ رهندو آيو آھي. سندن رسالي ۾ موهن جو دڙو کان اڳ توڙي ان وقت جي ٻولي ۽ انھن جي زندگي گذارڻ جي طور طريقن متعلق ڄاڻ، وقت بوقت ھن ڌرتيءَ تي اچي آباد ٿيندڙ ٻاھرين قومن جي ٻولي، حملا آورن جي ٻولي ۽ سنڌ ملڪ جي ٻيڙائتن وڻجارن جو جن جن ملڪن سان واسطو پيو انھن جي ٻولين جا لفظ پڻ رسالي ۾ موجود آھن. ٻولين جي لفظن جا بڳڙيل اچار پڻ استعمال ڪيا اٿئين. سنڌي ماڻھو انھن کي جھڙي طرح اچاريندا ھئا، لطيف بلڪل ان صورت ۾ انھن لفظن کي استعمال ڪيو آھي، جن جا مثال اڳتي ڏنا ويندا. ٿلھي ليکي سندس شاعري ۾ جن ٻولين جا لفظ ملن ٿا، انھن ۾ ھيٺيون ٻوليون شامل آھن:
    قديم سنسڪرت، ھندي، گجراتي، پالي، ترڪي (ترڪش)، دراوڙي، فارسي، عربي، ڍاٽڪي ۽ ڪجھ لفظ پنجابي ٻوليءَ جا پڻ ملن ٿا جيڪي سندس ٻولين متعلق ڄاڻ کي ظاھر ڪن ٿا. ڀٽائي شاعر سان گڏ ڪامياب سيلاني، فلسفي ۽ سوچيندڙ شخص ھو، جنھن جي ذھني سطح ايتري ته بلند ھئي جو ھو ھر ڳالھ کي جلد جھٽي، پنھنجي دل ۽ دماغ ۾ سمائي پئي سگھيو. شاعراڻي اظھار وقت انھن ڳالھين، لفظن ۽ واقعن کي پنھنجن لفظن ۾ بيان ڪرڻ ۾ وڏي قابليت جو مظاھرو ڪيو اٿس. جوڳين ۽ سامين جي صحبت ۾ رھي ڪري ويدن جو علم، جوڳين، سنياسين جي عقيدي، مذھب، تيرٿن، عبادتن ۽ وڏن ڏڻن جو جابجا ذڪر ڪري پڙھندڙن کي ويراڳين ۽ تياڳين جي زندگيءَ کان واقف ڪيو اٿس. انھن جي لباس، کاڌ خوراڪ، عادتن، خواھشن، ڪيفيتن، نفسيات ۽ جذبات تي نادر بيت لکي انھن جي زندگيءَ کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا اٿس.
    اھڙي طرح ننڍي کنڊ جي تاريخي ماڳن، واقعن ۽ ڪردارن کي سدائين لاءِ پنھنجي شاعريءَ ۾ زندھ ڪري ڇڏيو اٿس جنھن ۾ سورت، گجرات، ڪاٺياواڙ، ڪڇ ڀڄ، کنڀات، جوناڳڙھ، ٿر، پنجاب ۽ ان جي اترين علائقن جي ٻولين جا لھجا پڻ استعمال ھيٺ آندا اٿس. سنڌ ڌرتي جيتري قديم آھي، ان ۾ جيتريون ٻوليون رائج رھيون آھن، انھن سڀني ٻولين جا لفظ سندس شاعريءَ ۾ ملن ٿا، جن جي لسٽ مٿي پيش ڪئي وئي آھي. ھاڻي ھتي اسين انھن بيتن کي شامل ڪنداسين، جن ۾ انھن ٻولين جي لفظن سان گڏ، جاگرافي، تاريخي ماڳن، واقعن ۽ ڪردارن جو ذڪر ٿيل آھي. سنڌو نديءَ جي قدامت ۽ ان جا مختلف وھڪرا سڀ جا سڀ ڪنھن نه ڪنھن طرح رسالي ۾ موجود آھن. پوءِ انھن لاءِ ڪٿي ڪٿي اھڃاڻي اصلاح ڪتب آندا اٿس، ته ڪٿي وري انھن جو سڌو سنئون ذڪر ڪيو اٿس. جڏھن ڪنھن ڪردار جي ڪنھن گڻ تي بيت لکي ٿو ته اھو بيت ان زماني جي تاريخ، وقت ۽ حالتن تي روشني وجھي ٿو ۽ ان ڪردار سان لاڳاپيل ڪھاڻي ڏانھن پڻ واضح اشارا ملن ٿا، جن کي سھيڙڻ ۽ سموئڻ سان گڏ لطيف تي ڪم ڪندڙ محققن جو فرض ٿو ٿئي ته اھي ننڍي کنڊ ۾ آباد توڙي حملي آور قومن جي تاريخ ۽ جاگرافيءَ جو ڳوڙهو اڀياس ڪري، رسالي جي روشنيءَ ۾، تاريخ کي نئين سري سان ترتيب ڏين. سنڌي ٻوليءَ جي ھن عظيم شاعر جي گھڻ پاسائين جاکوڙ کي اھڙي طرح مھانتا ۽ مان ڏئي سگھجي ٿو. لطيف تي رڳو عقيدي وچان ڪنڌ ڌوڻڻ مان ڪي ھڙ حاصل نه ٿيندي، ليڪن سندس تخليقي قوت، مطالعي ۽ ڄاڻ واري گھرائيءَ کي رسالي مان چونڊي يڪجا ڪرڻ سان ئي سندس قد ڪاٺ جي پروڙ پئجي سگھندي.
    بر وٺا ٿر وٺا، وٺيون ترايون،
    پرھ جو پٽن تي، ڪن ولوڙا وايون،
    مکڻ ڀريِن ھٿڙا، سنگھاريون سايون،
    ساري ڏھن سامهيون، ٻولاھيون، رائيون،
    ٻانهيون ۽ ٻائيون، پکي سونهن پانهنجي.
    *
    وَرَ ري وانڊين اڏيا، پکا سي مَ پسن،
    اتر ڊاھي ان جا، ته ڪنھن کي ڪارون ڪن،
    وارث وري تن، اچي شال اولو ٿئين.
    *
    مٿن ٽٻڪ ٽٻڪڙا، چڪندڙا اچن،
    کڙيون کيھ ڀڪليون، پگھر سِرَ پيرن،
    اِي وَڙ ويڙھيچن، مون لوڏان ئي لکيا.
    شاھه جي لازوال شاعريءَ جي اھيمت ۽ افاديت تي پوءِ ئي ويساھ پڪو ٿيندو ته، ڪھڙا سبب آھن، جو ھو ھر وقت ۽ هر دور ۾ نت نئون ٿو رھي، ھر ايندڙ نسل جي رھنمائي ٿو ڪري. ڀٽائي ڪائنات جي رازن، قدرت جي ڪرشمن تي به خوب لکيو آھي ۽ انساني زندگيءَ جو تعلق ۽ واھپو به ويھي سھيڙيو آھي.
    لطيف جي ٻولين متعلق ڄاڻ جي باري ۾ ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي پنھنجي ڪتاب ( شاھ عبداللطيف آف ڀٽ ) ۾ ھڪ جاءِ تي لکيو آھي ته سندس دور ۾ رائج مشھور ٻولين ھندي، عربي ۽ فارسيءَ تي کيس عبور حاصل هو، جن ۾ پڻ اھڙي شاعري ڪري ٿي سگھيو پر ھن پنھنجي شاعريءَ لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي چونڊ ڪئي. ھن ڳالھ تي ڊاڪٽر سورلي حيرت وچان لکيو آھي ته پاڻ اھڙي ٻوليءَ جي چونڊ ڪيائين جيڪا اڃا لکت ۾ ڪا نه اچي سگھي ھئي، اھا صرف ھڪ لھجي تائين محدود ھئي، ائين سنڌي ٻوليءَ جا قديم لفظ جيڪي ختم ٿي چڪا ھئا، استعمال ڪري هن ڄڻ سنڌ جي تاريخ کي زندھ رکيو آھي.


    شاهه لطيف تي تحقيق کان رهجي ويل موضوع

    شاهه لطيف تي تحقيق کان رهجي ويل موضوع

    شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ ايڏي ته فني ۽ فڪري گهرائي ۽ شدت آهي، جو پڙهندڙ سندس شاعريءَ جي حسن، نزاڪت، واقعن، احساسن ۽ جذبات جي قيد ۾ اهڙو ته قابو ٿيو وڃي، جو هن کي اها شاعري نه پر پنهنجي وارتا تي لکيل اهڙو ڪتاب پيو ٿو ڀانئجي جنهن کي گھڙي گھڙيءَ پڙهڻ سان تانگهه ۽ تڙپ ختم نٿي ٿئي. پڙهندڙ جي ارد گرد ماحول کان ويندي ان جي نفيس جذبن ۽ ان جي تنتي سرشتي کي تاءُ ڏئي، ماڻهوءَ ۾ سوچڻ ۽ لوچڻ جي تڙپ پيدا ڪري ٿو ڇڏي، هن کي اها پڪ ٿو ڏياري ته انهن ٻن عملن کي عشق ۾ شامل ڪندين ته منزل ماڻيندين:
    عشق سين اٺاءِ، پير پريان جي پار ڏي...
    *
    ڪونهي آڳهه اهڙو، جهڙي محبت من...
    *
    پڇن سي پسن، جڏهن تڏهن پرين کي،
    ڏورينديون ڏسن، اڱڻ عجيبن جا.
    اڳلي کي قائل ڪرڻ ته کانئس ڪو سکي. شاهه جي شاعريءَ جو ڪئنواس، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو آهن، جن جي تاريخ، جاگرافي، نفسيات اخلاقيات،گڻ اوگڻ، انهن جي ٻوليءَ جا انداز، لهجا ۽ بيان ويهي پٽ جي ڌاڳي ۾ پويا اٿس. هن سنڌي ٻوليءَ جي هنج ۾ لفظن جو اڻکٽ خزانو، نت نيون معنائون ترڪيبون ۽ قاعدا وڌا آهن، هن سنڌي ٻوليءَ کي اظهار جو گڻ بخشيو آهي. شاهه سائين جن جي شاعريءَ تي ٿيل تحقيق جو سفر سوين سالن تي محيط آهي. وڏن وڏن محققن جي ڪم باوجود سنڌي ادب اڃا تائين اڃيو آهي.
    مذهب، تصوف، فنا، ترڪ ۽ قرآن و حديث وغيره جي بيان کان سواءِ رسالي ۾ انساني زندگيءَ جا جيڪي اولڙا ۽ عڪس چمڪاٽ ڪري رهيا آهن، ان جي حوالي سان تحقيق نه پئي ٿئي.
    مثال طور:
    جي ور ريءَ وانڍين اڏيا، پکا سي م پسن،
    اتر ڊاهي ان کي، ته ڪنهن کي ڪارون ڪن،
    وارث وري تن، اچي شال اولو ٿئين.
    *
    نه سي ووڻ وڻن ۾ ، نه سي ڪاتاريون...
    *
    ڏکي ڏک مٿي ڪري، ڇپر وانءُ پيهي،
    گڏبئي ات ڏيهي، سوڌيون ڏيندئي خبرون.
    *
    ملاح تنهنجي مڪڙيءَ اچي چور چڙهيا...
    ڇا اهي ڪردار ۽ اهي موضوع اسان جي محققن کي متوجه ڪري نه سگھيا آهن، جيڪي عوام سان نه سلڻ جهڙيون ڳالهيون سلي رهيا آهن، ڳجهه ڳرهي رهيا آهن، جن کي اسان مذهبي ۽ اخلاقي مصحلتن سبب نظر انداز ڪندا رهون ٿا. ڀٽائيءَ جي نواڻ ۽ تبديليءَ تي بحث ڪندي، ڊاڪٽر سورلي لکي ٿو ته ”تعجب جي ڳالهه هي آهي ته هندي، فارسي ۽ عربي کي ڇڏي ڪري لطيف غير معروف ۽ مقامي ٻوليءَ جي چونڊ ڪئي، جڏهن ته رائج ٽنهي ٻولين ۾ پڻ شاعري ڪري سگھيو ٿي.“
    هڪ ٻي ڳالهه ته ڀٽائي شاعريءَ جي موضوعن ۾ انقلاب آڻي ڪرڙ، اٺ، ڳجهه ۽ لوڪ ڪهاڻين کي موضوع بڻايو. ڀٽائي صاحب جي تعليم ۽ ڪرامتن جي باري ۾ به سورلي راءِ ڏيندي لکي ٿو ته ”شاهه جو رسالو ڀٽائيءَ جي علم ۽ تعليم جو شاهد آهي، جنهن جهڙو ڪتاب سنڌي ادب ۾ نه اڳ موجود آهي نه پوءِ پيدا ٿيڻ جي اميد آهي. رسالي ۾ جيڪا عربي، فارسي، هندي استعمال ڪئي وئي آهي، اها عام مروج تعليم جي معيار کان ڪيترا ڀيرا مٿاهين آهي.“
    ٽيون دليل سورلي جو هي آهي ته مثنوي مولانا روم، قرآن شريف ۽ شاهه ڪريم جو رسالو بيان العارفين ساڻس سدائين گڏ هوندا هئا ته ان کان وڌ لطيف جي پڙهيل هجڻ لاءِ ٻي ڪهڙي ثابتي کپي. اهي ٽئي ڪتاب لطيف رڳو ڏيکاءَ خاطر ڪين کڻندو هو. لطيف کي امي چوندڙ ڪاني ڪرامت جون ڪهاڻيون گھڙي اهو تاثر ڏيڻ چاهيندا آهن ته لطيف ڄمندي ڄام هو. اهڙين ڪرامتن ۽ نه وسهڻ جهڙين ڳالهين سان مرزا قليچ بيگ جو ڪتاب ”احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ ڀريو پيو آهي. سنڌي ادب ۾ 80_1970ع واري ڏهاڪي ۾ ترقي، پسند ادبين اهڙا سوال اٿاري ان نقطي تي ڪم ڪيو ته هن شاعر جيڪا هيڏي عوامي مقبوليت ماڻي آهي، جنهن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي ان جا ڪي عوامي ڪارڻ به آهن ۽ انهن کي رسالي جي ٻوليءَ واري شدت سان ظاهرڪيو وڃي.
    بکيءَ کِل نه اڄهي، ڏکيءَ ڏمر نانهه،
    اگهاڙيءَ وهانءُ، ويو ويچاريءَ وسري.
    يا
    کٿيريءُ تان کِل، عمر ڪج ۾ اهڙي،
    آئون ڪيئن سوڙين سمهان، مون ور گھاري وِلهه ...
    *
    وينديس، رهنديس ڪين ڪي، توڙي رات انڌاري...
    *
    ڪتي ڪتي ڪالهه، اڄ نه آتڻ آيون،
    ارٽ ڍرڪي مالهه، پوري ويون نجهرا.
    *
    اڄ آديسي مر، سڀان مرندو سڀڪو...
    *
    هٿين هٿڪڙول، ڄنگھون ٻانهون ڪاٺ ۾ ...
    اسان جي سنڌ ۾ تمام وڏا مذهبي، صوفي مبلغ پيدا ٿيا، جن تبليغ جي حد تائين رسالي جي اوٽ ۾ قرآن و حديث ۽ دين مبين جي خدمت ڪئي. ڪن وري شاهه لطيف تي عربي، فارسي، هندي، پنجابي وغيره جي اثرن تي تحقيق ڪئي. ڪن شاهه جي شاعريءَ تي رومي، شاهه ڪريم ۽ ٻين آڳاٽن شاعرن جي اثر وغيره جهڙن موضوعن تي تحقيق ڪري ڊگريون ورتيون. ڪن وري قرآني آيتن، عربي قولن، چوڻين ۽ حديثن کي يڪجاءِ ڪري رسالي مان اهڙا بيت چونڊيا جن ۾ انهن جو سڌو استعمال ڪيو ويو آهي يا اشارتن ذڪر ڪيو ويو آهي.
    هونءَ ته لطيف تي تحقيق جا مکيا ٽي پهلو جڙن ٿا: هڪ آهي هن جي حياتي، ٻيو آهي هن جي شاعري ۽ فن، ٽيون آهي هن جي ٻولي ۽ فڪر، انهن ٽنهي پاسن تي جوڳي تحقيق نه ٿي آهي، جنهن لاءِ عرض آهي ته شاهه لطيف جي ولادت جي جاءِ ۽ سندس ڄمڻ جي صحيح تاريخ تي اڃا تائين سنڌي ادب ۽ لطيفيات جا محقق متفق ناهن. هي بنيادي مسئلو آهي. ان کانپوءِ سندس شادي ۽ اولاد جي باري ۾ پڻ اختلاف آهن. هن مسئلي جي حل لاءِ مظبوط دليل ۽ شاهديون گهربل آهن، جن جي اسان وٽ کوٽ آهي. ان سلسلي ۾ اڪثر سوانح نگارن ڌُڪي ۽ انومان جو سهارو ورتو آهي. هن جي حياتيءَ واري پهلوءَ تي سلسليوار ۽ مدلل تحقيق جي ضرورت آهي. ڀٽائيءَ پنهنجي مختصر حياتيءَ ۾ جيڪي ڪم ڪيا، جنهن فلسفي ۽ نظام حيات جي وڪالت ڪئي، اهي محرڪات هٿ ڪرڻ جي ضرورت آهي ته هن ڪهڙن ڪردارن، واقعن، حادثن ۽ مشاهدي جي آڌار تي پنهنجو ذهن ٺاهيو:
    سُتي سيڄ هياس، مون کي آهه اُٿاريو،
    جنين جاڳاياس، آئون نه جيئندي ان ري.
    *
    گهوڙا ڙي گهوڙا! آئون نه جيئندي ان ري ...
    *
    گهوڙا گهڻيءَ ڀونءِ، وو وو وڃن نڱيا ...
    *
    مادر مٿان مون، ڪانگ لنوندا ڪڏهين ...
    *
    ڪوهه ٿو ڪاڳر ڪورئين، ويٺو وڃائين مس،
    ڏور تئائين ڏس، اکر جيان ئي جڙيا.
    *
    ڀينر هن ڀنڀور ۾ دوزخ جو دونهون،
    سوارو سونهون پڇي پورج سسئي ...
    *
    ويٺي وَرِ نه پُون، سُتي ملن نه سپرين،
    سي مَرُ رويو رُون، جن مسافر سپرين.
    *
    ڀٽائي صاحب پنهنجي هم وطنن کي اهي گڻ پرائڻ جي تلقين ٿو ڪري، ايتري تائين جو هو پنهننجي جوڙيل ڪردارن کي معراج تي رسائي ڪامياب به ڪري، پوءِ به انهن جي ڪچائي هٿ ڪري، انهن تي تنقيد ٿو ڪري. هو زندگيءَ جو وڏو نقاد آهي، ان کي ئي تبديليءَ جو بنياد ٿو سمجهي. خود تنقيدي عمل جو ڪوڏيو آهي. هر وقت پاڻ تي نظر، اندر ۾ جھاتي، پنهنجي عملي زندگيءَ جو مفصل جائزو وٺڻ وارو، سنڌي ادب ۾ سماجي تنقيد جو باني، تحقيق ۽ تنقيد جو حامي، وحدت ۽ ڪثرت تي عمل پيرا، حال کي حاصل ڪندڙ ڏاهو.
    حقيقت هڻي، منهنجي جان جدا ڪِي ...
    *
    تحقيق ٿيءُ تسليم سين، لاهي غم وهم ...
    *
    تحقيق جي ڀري، مٿي ريءَ کڻيج ...
    *
    ڪوڙن سين جو ڪري، ريءَ سعي ساڃاهه،
    سيڪيو سيڪي هٿڙا، ڪر اجهائي باهه ...
    لطيف سائينءَ جي فن، فڪر، شاعري ۽ حياتيءَ تي تحقيق جا ڪيترائي پهلو ۽ پاسا ٿي سگهن ٿا. جن تي تحقيق جي ضرورت هر دور ۾ رهي آهي، جنهن لاءِ سنڌ جا سڄاڻ ۽ سجاڳ اديب ۽ دانشور فڪرمند رهيا آهن، انهن طرفان اهڙا نقطا ۽ سوال اٿاريا ويا آهن ۽ انهن جي اهميت ۽ شدت محسوس ڪندي اهڙن عالمن اهڙن رخن تي تحقيق لاءِ پئي اتساهيو آهي. هن سلسلي ۾ اسين سائين جي ايم سيد، شيخ اياز، رسول بخش پليجي، شمشير الحيدري، سراج ميمڻ، تنوير عباسي، انور پيرزادي ۽ بدر ابڙي جا نالا ڳڻائي سگهون ٿا جن هن ميدان ۾ پاڻ موکيو آهي، البت اڃا گهڻو ڪجهه ڪرڻ ۽ ٿيڻ جي تؤنس تهائين وڌي آهي. شل لطيف کي اهڙو شارح ملي جو سڀني رخن کان هن عجوبي جهڙي طلسماتي شاعريءَ کي پاڻ ۾ سمائي ڪجهه سمڪ ۽ سرت عوام سان به ونڊي.
    ***


    شاهه لطيف انساني نفسيات، ڪيفيتن ۽ جذبن جو شاعر

    شاهه لطيف انساني نفسيات، ڪيفيتن ۽ جذبن جو شاعر


    شاهه لطيف جي شاعريءَ جو پسمنظر ويدن دور کان اڄ تائين محيط آهي. سندس شاعريءَ جو ڪينواس ايترو ته وسيع آهي جو ان ۾ هن ننڍي کنڊ جي تاريخ، سماجي حالتون، ٻوليءَ جا لهجا ۽ قومن جا گڻ اوگڻ شامل آهن. ان کان علاوه هن خطي ۾ وسندڙ ماڻهن جي نفسيات، ڪيفيتن ۽ جذبن جي ڀرپور عڪاسي ڪئي اٿس. ڄاڻايل مڙني پهلوئن کي زير بحث آڻڻ لاءِ ڀٽائي مختلف علائقن جا مختلف ڪردار تخليق ڪري، انسان جي روين، نفسيات، ڪيفيتن ۽ جذبات تي وڏي فنڪاراڻي انداز سان لکيو آهي. مختلف حالتن ۾ ماڻهن جا جيڪي رويا، نفسيات، ڪيفيتون ۽ جذبا جڙن ٿا انهن کي هن پنهنجي شاعريءَ جو موضوع بڻايو آهي.
    جهڙيءَ طرح هر طبقي جي اصطلاحي ٻولي الڳ الڳ ٿئي ٿي، ويندي ڪرت ۽ ڌنڌي تائين، تيئن نفسيات به سڀ ڪنهن جي الڳ الڳ آهي، ڇو ته اها جاگرافي، حالتن، تاريخي واقعن، ڪارنامن ۽ محرومين منجهان جڙي ٿي، جنهن ڪري انساني نفسيات کي اسين، طبقاتي ۽ طبعي ڀاڱن ۾ ورهائي چڱيءَ طرح پرکي سگهنداسين. ڪيفيتون ۽ جذبات وري ڌرتيءَ تي ظاهر ٿيندڙ لقائن، تاريخي حادثن ۽ انساني روين مان جڙن ٿا، جيڪي خوشي، ڏک، شڪر ۽ الڪن وغيره جي احساساتي صورتن ۾ ملڪي ۽ قومي حالتن سان جڙيل هجن ٿا.
    لطيف جي شاعريءَ جو موضوع انسان آهي جنهن جا ڪيئي رنگ ۽ روپ آهن. هو بکيو، ڏکيو، ڪاوڙيل، راضي، عاشق، پنهنجي مرضيءَ وارو، قربان ٿيندڙ، بهادر، بي ڊپو، فطرت جي حسن جو پسندڙ ۽ پرکيندڙ هجڻ سان گڏ ڪائنات بابت گوناگون تصور رکندڙ آفاقي آرٽسٽ به آهي، مختلف ڪردارن جي ماحول، علم، ڄاڻ ۽ وسيع تجربي سبب جيڪا نفسيات جڙي آهي، هن ان مان پيدا ٿيندڙ ڪيفيتون ۽ جذبا وڏي فنڪاريءَ سان يڪجا ڪيا آهن. شاهه جي رسالي ۾ ماڻهو هڪ ڊول جو ناهي، پهريان ته هو جنسي طور نر ۽ ماد ۾ ورهايل آهي، جن جي نفسيات، ڪيفيتون ۽ جذبا الڳ الڳ آهن. طبقاتي ورڇ، ماحول جو اثر، مطلب ته معاشري جي هيٺاهين سطح کان ويندي اعليٰ سطح تائين وارو ماڻهو رسالي ۾ موجود آهي جيڪو وري ٻين جي رهنمائي ڪندڙ، اصول جوڙيندڙ ۽ علم پکيڙيندڙ آهي، وڏي ڳالهه ته اهو شخص به موجود آهي جنهن وٽ ڪِي ڪونهي. اهڙي مجبور ۽ وسوڙيل ڪردار کي اظهاريندي لطيف هڪ بيت ۾ چيو آهي:
    بکيءَ کِل نه اڄهي، ڏکيءَ ڏمر نانهه،
    اگهاڙيءَ وهانءَ، ويو ويچاريءَ وسري.
    هن مختصر بيت ۾ پيش ڪيل ڪردار جي نفسيات، ڪيفيت ۽ جذبا اظهاري لطيف پڙهندڙن کي اهو بانور ڪرائڻ ٿو چاهي ته حالتن، حادثن ۽ جاگرافيائي جوڙجڪ کانسواءِ طبقاتي حيثيت سان به اهي شيون جڙن ٿيون. رسالي ۾ جابجا طبقاتي نفسيات جا عڪس پسي سگهجن ٿا. سر سارنگ ۾ ذخيره اندوز، منافعي خور سرمائيدار جي نفسيات جي نشاندهي ڪندڙ هڪ ڊگهو بيت موجود آهي، جيڪو هتي پيش ڪجي ٿو:
    حڪم ٿيو بادل کي ته سارنگ ساٺ ڪجن،
    وڄون وسڻ آئيون، ٽهه ٽهه مينهن ٽمن،
    جن مهانگي لاءِ ميڙيو، سي ٿا هٿ هڻن،
    پنجن مان پندرهن ٿيا، ايئن ٿا ورق ورن،
    ڏڪاريا ڏيهه مان، موذي شال مرن،
    وهڪي جن ورهه ٿيا، موٽي سي مڙن،
    وري وڏي وس جون، ڪيون ڳالهيون ڳنوارن،
    سيد چئي سڀن، آهه توهه تنهنجو آسرو.
    مٿئين بيت جي ٽِين، چوٿين ۽ پنجين سٽ انهن منافعي خورن ۽ ذخيره اندوزن متعلق آهي، جيڪي سستو ان خريد ڪري، لڪائي ٿا رکن ته جيئن کوٽ جي زماني ۾ ان کي ٽيڻ تي وڪڻي وڏو منافعو ڪمائي سگهن. هنن جي نفسيات ”جن مهانگي لاءِ ميڙيو“ مان ظاهر ڪئي وئي آهي. جڏهن ته انهيءَ ڪيفيت کي ”هٿ هڻڻ“ مان به ظاهر ڪيو ويو آهي. پوءِ جڏهن ”پنجن مان پندرهن ٿيڻ“ واري هن جي خواهش پوري نٿي ٿئي، ڇو ته ديس ۾ وسڪارو ٿيو آهي، پٽن پاهه جهليا آهن، وطن سرسبز ۽ خوشحال ٿي ويو آهي، ان ارزان ٿيو آهي، جيڪي کير ڏيندڙ ڀٽاريون وهڪي ويون هيون، يعني کير ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو هئائون، اهي وري مڙي رهيون آهن، يعني کير ڏهائي رهيون آهن. اهڙي خوشحالي اچڻ تي سماج جو رت چوسيندڙ جيوڙو پريشان آهي. شاعر اهڙن موذي ڪردارن کي ”ڏڪاريو“ جي لقب مان ياد ڪندي بد دعا ٿو ڪري ته شل اهي موذي مري وڃن. هن وڏي وسڪاري جون ڳالهيون ڳنوار ۽ ڌنار ڳائي رهيا آهن. اسان جو شاعر سيد صاحب رب پاڪ جا شڪر ادا ڪري رهيو آهي، جنهن ڌرتيءَ تي پنهنجي رحمت جي پالوٽ ڪري هر جيءَ کي خوشحال بڻائي ڇڏيو آهي.
    ساڳي طرح هيٺين بيت ۾ هڪ غريب ملاح جي زال جِي پنهنجي مڙس سان گفتگو پيش ڪئي وئي آهي، جيڪا ايندڙ وقت جي خطرن کان مڙس کي آگاهه ڪري رهي آهي. اهڙي حادثي ٿيڻ تي هوءَ ان کي پنهنجي ڳالهه ياد ڏياري رهي آهي ته مون اڳ ئي تو کي چيو هو ته هن ڀُتي ٻيڙيءَ جو آسرو نه ڪر، درياهه کي مستي آهي، لهرون ضرور لڳنديون، جن جي سَٽ هي اسان جو پراڻو سِڙهه سهي نه سگهندو.
    مون ٿي چيوئي ڪانڌ، ڀُتِي ڀاڙ مَ مڪڙي،
    سِڙهه پروڻا پاند، لهرون لڳنديون اوچتو.
    سر مارئي جي هڪ بيت ۾ مارئي عمر سان هيئن مخاطب آهي:
    مون ماروءَ سين لڌيون لوئيءَ ۾ لائون،
    سونَ برابر سڳڙا، مون کي ٻانهن ٻڌائون،
    عمر! چئه آئون، پَٽ ڪيئن پهريان سومرا.
    هِن بيت ۾ مارئيءَ جي نفسيات، ڪيفيت ۽ جذبا پنهنجي وضاحت سميت موجود آهن. سسئيءَ جو پنهونءَ ۽ جتن لاءِ ڪيفيتي تاثر ڪجهه هن طرح آهي:
    کوءِ ٻولي! ٻن ٻروچ! گهوري ذات جتن جي،
    مون کي چئي لوچ! پيهي ويا ڇپرين.
    ڌاري ۽ غاصب قوم لاءِ سنڌي ماڻهن جي اجتماعي نفسياتي ڪيفيت ۽ جذبا ڪجهه هن طرح بيان ڪيا ويا آهن:
    پيئيم پٺاڻن سين، ٻولي جي نه ٻجهن،
    آئون سنڌيءَ جو سعيو ڪريان، هو پارسيون پڇن،
    مون پڻ ملا تن، سرتيون سور پرائيو.
    *
    ڌريان ئي ڌاريا، مِٽ مئيءَ جا نه ٿيا،
    مدي ڏيرن من ۾ ، آئون کليو کيڪاريان
    صبح اٿي ساريان، اٺ نه اوطاقن ۾.
    سسئيءَ سان ٿيل ويڌن متعلق سسئيءَ جي خيالن، جذبن ۽ نفسياتي ڪيفيتن جو هن طرح اظهار ڪيو ويو آهي:
    مون کي جنين ماريو، آن ڪي گڏيا سي
    تن ۾ طاقت ناهه ڪا، ادا، انهين ري
    سور سليم تي، جيلانهن ڳالهه ڳري ٿي.
    مارئيءَ جي نفسيات ۽ وطن جي حب کي اسان جي ڀٽائيءَ هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي:

    جيها جي تيها، مون مارو مڃيا،
    مون جيڏيون ملير ۾ ، چونڊين موڪ ميها،
    منهنجي آه اها! ڪڏهن ڪيرائيندي ڪوٽ کي.
    *
    ٿر کي ڀانئيون ٿوڪ، جو ڍڪ ڍاٽيئڙن جو...
    سنڌي قوم جي قومي نفسيات، ڪيفيتن ۽ جذبن کي شاعراڻي زبان ۾ هيئن اظهاريو ويو آهي:
    وڍيءَ سي واڍوڙيا! رت نه ڏٺو جن،
    موت قبوليو تن، ڏٺو جن ڏکيءَ کي.
    اي قاتل! تو اهڙن امن پسند ماڻهن کي ڪٺو آهي، جن ڪڏهن رت نه ڏٺو هو، ڌرتيءَ جي هيءَ حالت ۽ قتل عام ڏسي، هر ماڻهو مرڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي. اهڙي زندگيءَ کان موت کي ڌرتي ڌڻي ترجيح ڏئي رهيا آهن. اهڙي جنگي صورتحال ۾ هنن کي مرڻ جي پڪ ٿي وئي آهي، جنهن ڪري هو وڙهي مرڻ کي ترجيح ڏئي رهيا آهن.
    گهوڙا گهڻي ڀون، ووءِ ووءِ وچن نڱيا
    مادر! مٿان مون، ڪانگ لنوندا ڪڏهين.
    شاهه لطيف جي سڄي ساري شاعريءَ متعلق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب پنهنجي ڪتاب ( شاهه عبداللطيف جي سوانح حيات، فڪر ۽ عرفان ) جي صفحي 89 تي لکي ٿو ”شاهه جو پيغام ڪنهن وقت، دور يا عرصي لاءِ ناهي، سندس اعليٰ فهم ۽ فڪر ڪنهن خاص خطي يا پرڳڻي، ڪنهن قوم يا قبيلي، ڪنهن ملڪ يا معاشري جي طور طريقن ۽ ريتن، روايتن تائين محدود ناهي. شاهه جو فڪر بني نوع انسان جي سطح تائين وسيع ۽ عالمگير آهي.“ساڳئي ڪتاب جي صفحي 80 تي مٿئين عنوان متعلق ڊاڪٽر صاحب جي راءِ آهي ته ”شاهه انسان جي نفسياتي ڪيفيتن سان هم راز آهي، شاهه جي اعليٰ شعور جي انفراديت انهيءَ ۾ آهي جو کيس پنهنجي ذاتي حال ۽ مشاهدن ذريعي انساني رشتن خاص طرح محبت جي نازڪ مرحلن تي اڀرندڙ اندروني احساسن ۽ نفسياتي ڪيفيتن جي پوري ڄاڻ ۽ آگاهي حاصل آهي. رسالي جي سڀني سُرن هيٺ دل جي دليلن، اندروني احساسن، حالتن ۽ ڪيفيتن جو پرتوو موجود آهي.“ ڊاڪٽر صاحب جي راءِ موجب ”جيڪڏهن شاهه جي ٽيهن سرن مان اهڙا بيت چونڊي انهن جي شرح ڪئي وڃي ته هڪ شاندار ۽ ناياب ڪتاب جڙي سگهي ٿو، جيڪو عالمي طور تي انساني نفسيات، ڪيفيتن، جذبن ۽ سڀاءَ تي روشني وجهي سگهي ٿو. اهڙو ڪتاب هر ماڻهوءَ جي سندس زندگيءَ ۾ رهنمائي ڪري سگهي ٿو.“ڊاڪٽر صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ شاهه جي رسالي جو سُر وار مطالعو پيش ڪيو آهي پر ان ۾ روحاني راز ۽ مذهبي رنگ نمايان آهي.
    شاهه لطيف جيئن ته عورتن جو نمائندو شاعر آهي، ان ڪري سندس شاعريءَ ۾ عورتاڻي نفسيات، سندن ڪيفيتن، جذبن ۽ حالات جا ڪيترائي نمونا ۽ رنگ ملن ٿا، جيڪي زميني حقيقتن سان ٺهڪندڙ نسورو سچ آهن، جن کي ڪوڙو چئي نٿو سگهجي، نه وري انهن کي شاعراڻو وڌاءُ ئي چئي ٿو سگهجي، هي بلڪل اهڙيون نشانيون (آيتون) آهن جن کي مٽائي نٿو سگهجي، نه وري ٻيو ڪو اهڙيون نشانيون ڏئي ٿو سگهي:
    اڀرن سِيڪارا، پسيو ور ٻين جا...
    *
    سيئي ٿيون مرڪن، جنين سندا آيا...
    *
    ڍول مَ کڻي ٻانهڙي، پرهه مَ کڻي پاند،
    آئون پنهنجو ڪانڌ، لوڪان لڪي رائيان.
    اهڙن بيتن جو ڪو روحاني راز ٿي نٿو سگهي، جنهن ڪري هتي اسين بنا تبصري ۽ تشريح جي ڪجهه اهڙا املهه بيت پڙهندڙن کي پيش ڪنداسين:

    ڪانڌ! تنهنجي پاند ري، سيءُ مران سڀ رات،.
    ڪامل ڪپاهن ۾ ، جهپ نه اچي جات،
    اچين جي پرڀات، ته آئون سيءُ نه ساريان.
    *
    سُتي پون ڇرڪ، آيل ٻاروچن جا
    ومَ وهاٽي ووءِ ڙي! ڪوهياري ڪِرڪَ،
    ڌڙ ڌوڻيو تنهن ڌڪ، جڏيءَ جيئڻ نه ٿئي.
    *
    ڇوريون ڇرڻ سکيون، پنهون ڪيائون پور،
    آيو سو اتور، جنهن ڏکيون ڏِک وهاريون.
    هنن بيتن تي تبصرو ڪندي اهو ڊڄ ٿو ٿئي ته متان ڪٿي لطيف تي فحاشي پکيڙڻ جون تهمتون نه لڳن، ڇو ته پروفيسر عثمان علي انصاريءَ اهو چئي لطيف جو هيٺيون بيت پنهنجي ترتيب ڏنل رسالي مان ڪڍي ڇڏيو هو ته ”لطيف جهڙو پرهيزگار ۽ متقي ايئن نٿو لکي سگهي.“
    چنڊ! لڳنئي منڊ، سنجهي ئي سيخ ٿِين،
    ڪر اونداهي انڌ، ته ملان محبوب سين.
    چوڏهينءَ جو چنڊ، سج جي ٽٻيءَ هڻڻ سان ئي چٽو ٿي بيهندو آهي.

    ***


    شاھه لطيف جي شاعريءَ جا محرڪات

    شاھه لطيف جي شاعريءَ جا محرڪات

    مٿئين موضوع تي گھڻو اڳ سنڌي ادبي سنگت ڏوڪري مون کان هڪ ليڪچر ڪرايو هو، جنهن جو مون کي سن ياد ناهي، باقي سنگت جو سيڪريٽري عيسيٰ ميمڻ هو. هي پروگرام ٽيڊي هوٽل جي ڇت تي شام جو ٿيو هو. ان پروگرام ۾ مون ڳالهائيندي چيو هو ته سنڌ جون ان وقت حالتون خاص ڪري ٻاهرين ماڻهن جون ڪاهون، خونريزي ۽ شاھه عنايت شهيد جي شهادت، شاھه لطيف جي درديلي شاعري جا خاص سبب آهن، جنهن ڪري هن شعوري طرح سنڌ کي سهيڙيو هو. سنڌ جي ماضي، حال ۽ مستقبل بابت هن جو فڪر سندس شاعريءَ ۾ جھلڪي رهيو آهي، هن سلسلي ۾ آئون جيڪو شاھه جو بيت سَنَد طور پيش ڪندو آهيان اهو هي آهي ته:

    سُتي سيج هياس، مون کي آه اٿاريو!
    جنين جاڳاياس، آئون نه جيئندي ان ري.

    هن بيت ۾ ”سُتي سيج هياس“ چئي لطيف پنهجي ذاتي زندگي ۽ خانداني پس منظر ڏانهن اشارو ڪيو آهي، ته آئون وڏ گھراڻي، عزتدار گھراڻي جو ٻار، بي فڪر ۽ لاڏ ڪوڏ سان نپنو هوس. پهرين سٽ جي ٻئي اڌ ۾ پنهنجي سجاڳي ۽ ان واٽ وٺڻ جو سبب ٻڌائي ٿو، جيڪا سندس شاعريءَ جو مول متو بڻجي ٿي، ته ڌرتي وارن جي دانهن مون کان سيج ۽ سک واري زندگي ڇڏائي. آئون انهن جي دانهن کي ورنائي انهن جو ساٿي بڻيس، جن مون کي، غفلت جي ننڊ مان سجاڳ ڪيو. هاڻي مون انهن جو ڀرجھلو ۽ ٻانهن ٻيلي ٿي پنهنجي زندگي گذارڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هاڻي انهن کانسواءِ منهنجو جياپو اجايو ٿيندو، تنهن ڪري مون انهن ستايل عام ماڻهن جي اڪثريت ۾ پاڻ کي شامل ڪري ڇڏيو آهي.
    جھڙا جي تهڙا، مون مارو مارو مڃيا،
    مون جيڏيون ملير ۾ ، چونڊن موڪ ميها،
    منهنجي آه اها، ڪڏهن ڪيرائيندي ڪوٽ کي.
    ڌارين حملي آور قومن يعني نادر شاھه، احمد شاھه ابدالي، ارغونن، مغلن ۽ مدد خان پٺاڻ لاءِ هڪ بيت لکيو اٿس:
    پيئيم پٺاڻن سين، ٻولي جي نه ٻجھن،
    آئون سنڌي جو سعيو ڪيان، هو پارسيون پڇن،
    مون پڻ مُلا تن، سرتيون سور پرائيا.
    ان سلسلي ۾ تفصيلي احوال اڳتي ايندو. ڀٽائي سنڌ جي نام نهاد دانشور، معلمن ۽ سياسي رهنمائن کي اپيل ڪندي چيو آهي ته:
    ڪوھه ٿو ڪاڳر ڪورئين، ويٺو وڃائين مس،
    ڏور تئائين ڏِسُ، اکر جيائين جڙيا.
    هن جو مطلب آهي ته انهن ماڻهن جي حالت کي ڏس جيڪي لفظ جوڙين ٿا. ٻولي انسان جي اظهار جو اهم ۽ موثر ذريعو آهي، اها ئي هڪ شيءِ آهي، اهي ئي لفظ آهن، جن جي مدد سان ماڻهو پنهنجي ڳالھ ٻئي کي سمجھائي سگھندو آهي. لطيف هن جاءِ تي ان ڳالھ تي زور ڏنو آهي ته، ماڻهن جي حالت کي ڏس ته انهن ڪهڙين حالتن ۾ ڪهڙا لفظ استعمال (ايجاد) ڪيا آهن: ڪي لفظ خوشيءَ جو اظهار آهن، ڪي وري غم، غصي، ڪاوڙ، ڪروڌ ۽ نفرت ظاهر ڪندا آهن، جھڙي طرح:
    ڏينديس باھه ڀنڀور کي، چئن ڪُنڊن کان ٺاهي ڙي،
    آهيڙي ڪا ساهيڙي، جا منهنجو پنهل پرچائي ڙي!
    هيءَ سندن وائي آهي. هتي عرض ته لطيف جي بيت تي جيترو ڪم ٿيو آهي، اوترو ئي وائيءَ کي درگذر ڪيو ويو آهي. حقيقت ۾ وائي هر داستان جي موضوعن جو تت هوندي آهي، جنهن تي وڌ کان وڌ ڪم ٿيڻ کپي، ڇو ته هن جو گھاڙيٽو به بيت کان الڳ آهي، ٻيو بيت آهي:
    ڀينر هن ڀنڀور ۾ ، دوزخ جو دونهون،
    سوارو سونهون، پڇي پورج سسئي.
    يا
    سڀ ننگيون ٿي نڪرو، لالچ ڇڏي لوڀ،
    سپريان جي سوڀ، ننڊون ڪندي نه ملي.
    انهن معلمن ۽ اڳواڻن جو پنهنجي پير تي نه هئڻ ۽ قوم جي صحيح رهنمائي نه ڪرڻ بابت لکيائين ته:
    دُنگي منجھه درياھه، ڪِي ٻُڏي ڪِي اُپڙي،
    هو جي واڍي واڻيا، سي سونهڻ سڀ سڙيا،
    معلم ماڳ نه اڳئين، فلنگي منجھه ڦريا،
    ملاح! تنهنجي مڪڙي، اچي چور چڙهيا،
    جتي ڍينگ ڍريا، تتي تاري تنهنجي.
    هي اشارو ڊچن ۽ انگريزن ڏانهن آهي، جيڪي سورهين صدي عيسويءَ ۾ سنڌي سمونڊ ۾ بندر جي تلاش ۾ نوس نوس ڪندا وتندا هئا. نيٺ انگريزن ڪلاچي (ڪراچي) جي بندر تي قبضو ڪري ان کي ترقي وٺرائي ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ان کي ڀرپور طريقي سان استعمال ڪيو. اسان جو ڊاڪٽر دوست الھه بچايو ميمڻ هالا وارو شيخ اياز جي بيت ”جاڳ ڀٽائي گھوٽ“ تي تنقيد ڪندي چوندو آهي ته ”يار! حد ٿي وئي، سُتل ماڻهو جاڳندڙ کي سڏي رهيا آهن، جڏهن ته صديون اڳ ڀٽائي وڏي واڪ کين چيو هو ته:
    ستا اٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري،
    سلطاني سهاڳ، ننڊون ڪندي نه ملي.
    جڳ جھان کي جاڳائڻ واري جي رهنمائي وٺڻ بدران اسان ان کي غافل سمجھي سڏي رهيا آهيون، ته پوءِ هن قوم جو ڪهڙو حشر ٿيندو! ڀٽائي صاحب سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌ جي تاريخ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ، هِتان جي پيداواري اوزارن، مختلف ڌنڌن جي اصطلاحي ٻولي، تاريخ ۽ جاگرافيءَ کي پنهنجي شاعري ۾ جوڳي جاءِ ڏني آهي، جنهن ۾ سنڌو ندي، سنڌ ۾ ايندڙ پرديسي پکي، سنڌوءَ جا قديم وهڪرا، ڍنڍون، جبل ۽ ماڳ مڪان شامل آهن. ان کانسواءِ هن انهن جي ڌنڌن ۽ ڪرتن کي ويهي پنهنجي شاعريءَ ۾ سهيڙيو آهي. هن سنڌي ٻوليءَ جا ڇوٽا لفظ (مخفف) به استعمال ڪيا آهن ۽ جيڪي سنڌي ماڻهو ٻاتا ٻول ٻوليندا آهن، انهن کي به پنهنجي شاعريءَ ۾ جاءِ ڏني اٿائين. هتي اسان هڪ ٻه مثال پيش ڪنداسين :
    مَ ڪي ڪئه مَ ڪُٻ، اِي قالي آهي ڪيچ کي...
    هتي قالي لفظ مان مراد آهي قالين. پاڻ سسئي کي چئي ٿو ته هن پهڻ جي رستي کي ڏسي نه ڊڄ، نه ڪُٻي ٿيءُ! هي ته تنهنجي لاءِ ڪيچ تائين قالين وڇايل آهي.
    کنڀات ۾ لکيائن:
    ڪرهي ڪاڪت نه رهي، وريس نه وائي...
    هتي ڪاڪت مان مراد طاقت آهي.
    ٿيئڙو گم گُداز!
    هتي وري غم کي گاف جي اچار ۾ استعمال ڪيو اٿس، جيڪو غم جو سنڌي تلفظ آهي. نادر شاھه، احمد شاھه ابدالي ۽ مدد خان پٺاڻ جي ڪاهن جو ذڪر ڪندي، ”گھوڙا ڙي!“ جو استعمال ڪيو اٿس، اڄ سوڌو اسان ڪنهن مصيبت ۽ ظلم لاءِ ”گھوڙا ڙي گھوڙا“ استعمال ڪندا آهيون. انهن مٿئين حملي آورن جي لشڪر ۾ گھوڙا هوندا هئا، جنهن ڪري هي اصطلاح سنڌ ۾ ظلم جي نشانيءَ طور استعمال هيٺ آيو، ان جي استعمال جون ڪجھه صورتون هن طرح آهن:
    گھوڙا ڙي گھوڙا، آئون نه جيئندي اُن ري.
    *
    اٿي ائين چيائين، گھوڙا! گھر نه سپرين.
    انهن لشڪرن جي حملي جي تصوير ڪجھه هن طرح چٽي اٿس:
    گهوڙا! گھڻي ڀون، ووءِ ووءِ وڃن نڱيا،
    مادر! مٿان مون، ڪانگ لنوندا ڪڏهين.
    اي امڙ، هي جو گھوڙن جو لشڪر زمين تان هلي رهيو آهي، اهو ڪڏهين مون کي لتاڙي ماري ڇڏيندو ۽ منهنجي مٿان ڪانگ لنوندا. سنڌين جي قتل عام تي لکيائين:
    وڍيءَ سي واڍوڙيا، رت نه ڏٺو جن،
    موت قبوليو تن، ڏٺو جن ڏکيءَ کي.
    مطلب، اي وڍيندڙ، تو پُر امن شهرين کي ڪُٺو (وڍيو) آهي، جن رت به ڪين ڏٺو هو، هن ڏکي ڌرتيءَ کي ڏسي، هر ماڻهو مرڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي. لطيف جا اهي سڀ حوالا ڌارين جي ڪاهن، حملن ۽ سنڌين جي قتل عام ۽ برباديءَ جا آهن. ڌارين ٺٽي، سيوهڻ، شڪارپور ۽ باغبان جي علائقي کي تاراج ڪيو هو. همايون جي دهليءَ مان ڀڄڻ وقت سنڌ جي ڪلهوڙن حڪمرانن، بيٺل فصل ڀيلائي ڇڏيا، ته متان آسودگي ڏسي ڌاريون غنيم هتي رهي نه پوي. اهڙي طرح هنن پاڻ تي ڏُڪر مسلط ڪري ڇڏيو. هن کي ٿر جي ٺاڪرن، امرڪوٽ ۾ پناھه ڏني جو سندس ڳورهاري زال اتي اڪبر کي جنم ڏنو، تڏهن لطيف لکيو ته:
    ڏکي توءِ ڏڪار، توڙي وسن مينهڙا،
    سيڻن هٿ سڪار، تو وس آهن هٿڙا.
    سنڌ جي اها مجموعي صورتحال، سندن حياتيءَ ۾ ڪلهوڙن ۽ مغل فوج هٿان جھوڪ جي شهيد شاھه عنايت وارو واقعو ۽ کهڙن جي مخدوم عبد الرحمان کي جمع جي نماز تي مسجد ۾ جماعت سان گڏ شهيد ڪرڻ اهڙا واقعا هئا جن لطيف جي ذهن تي ديرپا اثر ڇڏيا. پاڻ جھوڪ واري قتل عام تي ڀرپور شاعري ڪئي اٿن:
    سر ڍونڍيان ڌڙ نه لهان، ڌڙ ڍونڍيان سر نانھه،
    هٿ، ڪرايون، آڱريون، ويا ڪپجي ڪانھه،
    وحدت جي وهانءَ، جي ويا سي وڍيا.
    چون ٿا ته ايترا ته فقير شهيد ٿيا جو بنا غسل ڪفن جي انهن کي کوھه کڻي گڏ دفن ڪيو ويو هو، جھوڪ شريف ۾ اهڙا ٽي کوھه آهن جن کي ”گنجِ شهيدان“ سڏيو ويندو آهي. اتي شاھه عنايت جي شهادت گاھه جي زيارت به آهي، جنهن کي ڪٽهڙو آيل آهي. هن سلسلي ۾ مولانا دين محمد وفائي لکيو آهي ته رامڪليءَ جي ٽئين داستان وارا بيت:

    اڄ نه اوطاقن ۾ ، طالب تنوارين،
    آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين،
    جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.
    لطيف جھوڪ جي سانحي تي لکيا آهن. لطيف سائين، ڪوٽڙي ڪبير جي ميان الھه يار کي لکيو ته اسين مخدوم عبدالرحمان جي پٽ سان تعزيت ڪرڻ جي واسطي ايڏانهن اچڻ جو ارادو رکون ٿا. اوهان اسان کي اتان جي حالات کان واقف ڪيو. پاڻ جڏهن اتي پهتا ته، هڪ رات چينهن فقير جي کوھه تي ترسي پيا. پاڻ ٺڪريءَ تي آڱر سان بيت لکي مخدوم صاحب جي پٽ ڏانهن روانو ڪيائون:
    اڄ نه آيس آنءُ، صبح ايندس سپرين،
    جنهن تي تنهنجو نانءُ، سو کڻي بارکُهين جا.
    مخدوم صاحب جي پٽ جو نالو مخدوم محمد هو. مخدوم عبدالرحمان سان لاڳاپيل ٻِي روايت به آهي ته هڪ دفعي لطيف پنهنجي فقيرن سميت مخدوم صاحب جو مهمان ٿيو، هنن سان تنبورا به ساڻ هئا. مخدوم صاحب لطيف کي چيو ته سائين! اسين شريعت وارا آهيون، ساز سرود اسان وٽ حرام آهي. لطيف چيس ته پوءِ هنن کي ڪوٺيءَ ۾ بند ڪرائي ڇڏيو، اسين پاڻ ۾ ڪچهري ڪنداسين. پوءِ جڏهن سماع جو وقت ٿيو ته بند ڪوٺيءَ مان تنبورا پنهنجو پاڻ وڄڻ شروع ٿي ويا، اها ماجرا ڏسي مخدو صاحب لطيف سان معذرت ڪئي، جنهن کي لطيف سائين کليءَ دل سان قبول ڪيو.
    لطيف سائينءَ جو رسالو پڙهندي حيرت ٿي ٿئي ته ڪيئن هن ڄاڻي واڻي سنڌ کي سهيڙيو آهي. هن جي شاعريءَ جا جيڪي موضوع آهن، اهي نج سنڌي آهن، جھڙوڪ ڳجھه، اُٺُ، ڪانءُ، ڪتو، کبڙ، پيرون، چانهڪ، سسُر، پرديسي پکي ۽ انهن جا شڪار، ايتري تائين جو ڪنڊن، ڪانڊيرن کي به ڳايو اٿس:
    ڪيان ٿي ڪُوار، ڪنڊن ڪانڊيرن جي.
    هن سنڌ ۾ ايندڙ پرديسي پکين تي ۽ انهن جي شڪار تي به شاعري ڪئي، هيٺ ڪجھه بيت عرض رکجن ٿا:
    دلبو منجھه درياهه، پکي پسي آئيا،
    هيٺ ڪرنگھر ڪاٺ جو، مٿي پکين پاھه،
    ويچارا ويساھه، آڻي ات اڙائيا.
    *
    قسمت آنديون ڪونجڙيون، وطن سندن روھه،
    ڪنهنجو ڪونهي ڏوھه، رزق رازق هٿ ۾ .
    *
    ماري مرين شال، ڍٻ وڃنئي ڍٻيون،
    جيئن تو اچي ڪالھه، وچ وڌو ورهين ۾ .
    *
    مَ لنئون ڪونجڙي ماٺ ڪر، هينئڙي چور مَ چاڪ،
    ڦَٽيون جي فراق، سي گھر گھارينديون ڪيترو.
    *
    اصل سندي آسري، آيون ڍور ڍري،
    کنڀڙان ڀونءِ کري، پاڻان پير ڏکوئيا پکيئڙين.
    هي بيت پاڻيءَ جي ڏُڪر تي لکيل آهي. ڀٽائيءَ جي موضوعن لاءِ ايڇ ٽي سورلي لکي ٿو ته، ”هن پنهنجي شاعريءَ لاءِ جن موضوعن جي چونڊ ڪئي آهي، اهي هن کان اڳ ڪڏهن به شاعريءَ جا موضوع ناهن بڻيا. ڏسڻ ۾ بڇڙا، ڌپارا ۽ ذڪر جوڳا ئي ناهن، پر هو جڏهن انهن کي استعمال ڪري ٿو ته هن جي شاعريءَ ۾ سهڻا لڳن ٿا ۽ هن جي شاعريءَ کي چار چنڊ لڳائي ڇڏين ٿا “:
    پانڌ جنين جي پانڌ سين، لڳو ٿئي لڄ،
    سمون ڄام سهڄ، اڀو ڪري ان سين.
    *

    ڳجھون ڳاڙهي وات، اڄ اڏامي آيون،
    پڇن ٿيون پرڀات، ڪٿي راول رانئيا.
    *
    ڪتو چئي قريب جا، آهيون ساڌ صحيح،
    پهرين بات بهي، پڇون پوءِ پانڌئين.
    سورلي پنهنجي ڪتاب ( شاھه عبداللطيف آف ڀٽ ) ۾ لکي ٿو ته ”هي عربي، فارسي ۽ هندي ٻوليءَ ۾ به اهڙي شاعري ڪري پي سگھيو، پر هن پنهنجي شاعريءَ لاءِ سنڌيءَ جي چنڊ ڪئي، جيڪا هڪ لهجي طور ڳالهائي ويندي هئي، اها مڪمل ٻولي نه هئي، نه وري هن جي ڪا لکت هئي. هن ان ۾ شاعري ڪري ان کي ڪمال جي درجي تي پهچايو، جو اڄ عالمي طور تي سڌريل ٻولين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهڻ جي لائق آهي. هن جي جنم متعلق لکي ٿو ته ”جنهن وقت ۾ ۽ جن حالتن ۾ هن فنڪار جو جنم ٿيو، اهو فطرت جو وڏو حادثو هو.“
    ***


    شاهه جي رسالي ۾ حيات ۽ موت جو فلسفو

    شاهه جي رسالي ۾ حيات ۽ موت جو فلسفو

    زندگي ۽ موت جي موضوع تي دنيا جي سڀني وڏن شاعرن پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو آهي، ان کي عمدي نموني نڀايو آهي، جنهن ۾ گهرائيءَ سان گڏ انسان جي نفسيات، جذبات، ڪيفيات ۽ احساسات کي چٽو ڪيو آهي پر اسان جي لطيف سرڪار جيڪا ڏاتر کان ڏات ورتي آهي، ان جي پالوٽ، سندس رسالي ۾ سانوڻيءَ جي مينهن جيان اوڙڪون ڪيو پئي وسي. خاص ڪري موت واري موضوع کي ته اهڙو پاٻوهه، سڪ ۽ ترنم ۾ ادا ڪيو اٿس جو ماڻهوءَ جو مرڻ تي جيءُ پيو ڪري. هن فاني دنيا ۾ جيئڻ ڪيڏو اڙانگو، تڪليف ڏيندڙ ۽ زندگي زهر ڪندڙ عمل آهي، جو ماڻهو، پنهنجي جياپي لاءِ ڇا ڇا نٿو ڪري: ماڻهپي ۽ اخلاقيات جا سڀ قدر وساري، موت کان به بدتر زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو. هيءُ ڪائناتي موضوع آهي. اسان جي پاڪ ڪتاب ۾ پڻ موت ۽ حيات تي جهجهو مواد موجود آهي. گهڻو ڪري ان ئي مواد جو سهارو وٺي سهڻو لطيف سنڌي ڄاڻندڙن کي اها منجهل ڳالهه سلجهائڻ ۾ ايترو ته ڪامياب ويو آهي جو ٻيو ڪو شاعر يا فلسفي هن سان برميچي نٿو سگهي.
    اونچو اتانهون گهڻو، جيئڻ کي جبل،
    مرڻ مون سين هل، ته پٺيءَ توءِ پنڌ ڪريان.
    سسئيءَ جي واتان پنهنجيءَ قوم کي جيڪو پيغام ٿو ڏئي، اهو هي آهي ته جيئڻ جي آڏو، اڏول ۽ اڙانگو پهاڙ کڙو آهي، جنهن کي سر ڪرڻ لاءِ همٿ، حوصلي ۽ پختي ارادي جي ضرورت آهي، ان ڪري ئي هن سفر ۾ سسئي موت کي پڪاريندي، چئي ٿي: اچُ! منهنجو سونهون ٿيءُ، ته تنهنجي رهبريءَ ۾ آئون هن درنگي درياهه مان پار ٿيان. موت جي خوف کي پٺيءَ تي اُڇلائي ئي پنهنجي زندگي سڦل بڻائي ٿي سگهجي. ڇو ته جنهن کي موت ياد هوندو ان کي پنهنجي مالڪ حقيقيءَ جو خوف به دل ۾ هوندو جنهن ڪري هو پنهنجي تڇ جهڙي نفعي لاءِ خدا جي مخلوق کي ستائڻ ۽ ٺڳڻ کان اڳ ڏهه دفعا سوچيندو.
    ٺڳن گهڻا ٺڳايا، تون ٺڳن کي ٺڳاءِ،
    واقف ٿي وساءِ، آڳ نه ڏجي عام کي.
    تون اهو سالڪ ٿيءُ، جو هي جيڪي دنيا جا آڙيڪاپ ٺڳ آهن، اهي پنهنجون سڀ اٽڪلون ۽ تدبيرون تو اڳيان وڃائي ويهن. تون انهن ٺڳن کي به ٺڳ، جيڪي توکي ٺڳڻ گهرن ٿا. هن سماج ۾ ماڻهوءَ جون جيتريون گهرجون آهن، مجبوريون آهن، انهن سڀني جو تعلق جياپي سان آهي، جيڪا هڪ فطري جبلت آهي جو ساهدار، پهريان پنهنجي جياپي کي ترجيحي بنيادن تي نيبهه ڪندو آهي. ان کانپوءِ پنهنجي نسل جي واڌ ويجهه ۽ بقا لاءِ فڪرمند هوندو آهي. اسان جو آگو، رهنما ۽ سونهون ٻڌائي ٿو ته انهيءَ بقا جو راز به ان فنا ۾ آهي:
    مري جيءُ ته ماڻئين، جانب جو جمال،
    ٿئين هوند حلال، جي پند اها ئي پارئين.
    تون حلال تڏهن ٿيندين، جڏهن مري جيئندين، يعني جيئڻ اصل مرڻ سان آهي، جيڪڏهن تون پنهنجين ڪِين جهڙين سڌُن کي ترڪ نه ڪندين ته ٻين لاءِ جيئڻ جو راز توکي هٿ نه ايندو. اهو ڪهڙو مرڻ آهي جنهن جي تلقين اسانجو مرشد ڪري ٿو:
    مَرُ ته موچاري ٿئين، جيئڻ آڏو جَت،
    هاري! ڪر همت، ته دم ڏئي دوست لهين.
    اهو آهي انسان جي فاني حياتيءَ جو معراج، جنهن جو پڙاڏو رسالي ۾ جابجا گونجي رهيو آهي. هن مايا جي موهه ۽ هن ڪوڙي دنيا جي ڏيک ويک تي ڀُلجي، انساني قدرن ۽ اُتم ڳڻن کي هٿان وڃائڻ واري ڪرت کان جهليندي، حيرت واري انداز ۾ چوي ٿو:
    فاني! ڙي فاني! دنيا دم نه هيڪڙو...
    اهڙيءَ شيءِ سان وڃي نينهن لاتو اٿئي، جنهن کي ڪو دوام ڪونهي، جيڪا تو سان ساٿ نٿي ڏئي سگهي. ان جي ياريءَ مان سواءِ هٿن مهٽڻ جي ٻيو ڪِي حاصل ڪونهي. تون ان وَٿ کي وساري ويٺو آهين، جيڪا سدائين لاءِ زنده جاويد آهي. ان جي پريم ۾ ڪي گهڙيون گهاري ڏس ته ڪيئن ٿو تنهنجو اندر اُجري آئيني مثل بڻجي پوي، جنهن ۾ تون پنهنجو حقيقي روپ پسي سگهين. ماڻهو ٻاهر ڏسڻ ۾ هڪ هوندو آهي ۽ اندر ۾ ٻيو پر هن جو حقيقي چهرو اڃا ٽِين شيءِ آهي، جنهن ڏانهن هن دنيا جي گوڙ گهمسان، حرس، لوڀ ۽ لالچ وچان، ويچارو ماڻهو ڪَن ڌرڻ کان وانجهيل هوندو آهي.
    مفتي منجهه وهار، ته قاضي ڪاڻيارو نه ٿئين...
    مفتي لفظ جي معنيٰ آهي فتويٰ ڏيندڙ، اهو اصل اسان جي هردي ۾ لڪو ويٺو آهي، جنهن کي اسان ڀلجي زماني جي قاضيءَ (جج) کي ڳولي فيصلي وٺڻ لاءِ آتا آهيون. هادي هدايت ٿو ڪري ته:
    اکر پڙهه الف جو، ورق ٻيا وسار،
    اندر تون اجار، پنا پڙهندين ڪيترا.
    ٻئي هنڌ فرمائي ٿو:
    ميم رکجئين من ۾ ، الف تنهن اڳياءَ،
    چتان چوريجاءَ، اها لات لطيف چئي.
    يعني جيڪڏهن تو ”الف“ جو اکر پڙهيو آهي يا پڙهڻ چاهين ٿو ته ميم توکي من ۾ رکڻو پوندو، ڇو ته ميم جي محبت کانسواءِ الف وارو اکر يا اها ذات جنهن کي واحد ٿو سڏين، اها تنهنجي هادي ۽ رهنما ٿي توکي سڌي دڳ لائيندي. اسان جي حال تي رحم ۽ حيرت کائيندي چوي ٿو ته گهڙي گهڙيءَ ڪلمو پڙهي، وحدانيت ۽ رسالت جي آجيان ته ڪرين ٿو پر پوءِ به وڃي ٻين آڏو مٿو ٿو ٽيڪين، معنيٰ تو وحدانيت ۽ رسالت کي دل و جان سان قبول نه ڪيو آهي. جيڪڏهن تنهنجو ايمان ڪامل هجي ها، ته تون دنيا جي ڪوڙين هستين اڳيان ايئن گوڏا نه کوڙين ها. ٻين لفظن ۾ اسان کي چئي رهيو آهي ته اها تنهنجي ڪوڙي دعويٰ آهي، تون متقي ناهين.
    وحدهٗ لاشريڪ لہٗ، جان ٿو چئين ايئن،
    تان مڃ محمد ڪارڻي، نرتئون منجهان نينهن،
    تان تون وڃئو ڪيئن؟ نائين سِرُ ٻين کي.
    قرآن شريف ۾ پڻ اهو ئي ارشاد ٿيل آهي ته هيءُ ڪتاب ڪوڙ ۽ فريب کان پاڪ آهي. هي هدايت آهي متقين لاءِ، جو متقي ناهي ان کي پاڪ ڪتاب هدايت نٿو ڪري. ان رمز کي، اهي ئي عاشق صادق رسي سگهندا جيڪي الله جي هيڪڙائيءَ سان گڏ محمد صه کي هن ڪائنات جو ڪارڻي ڄاڻندا، يعني ڪائنات جي تخليق جو سبب سمجهندا. اهي جيئڻ کان اڳ جيئندا آهن ۽ مرڻ کان اڳ مري جيئندا آهن. ڪهڙيون نه الٽيون چالون آهن اسان جي سونهين سردار جون.
    جُز وڃايو جوڳئين، ڪُل سين آهينِ ڪم،
    آسڻ جن عدم، آنءُ نه جيئندي اُن ري.
    *
    مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿين نه مات،
    هوندا سي حيات، جيئڻان اڳي جي جيئا.
    انهن جي ضد ۾ وري جيڪي ڪردار آهن، انهن کي پڻ چٽو ڪري اسان جي اڳيان پيش ٿو ڪري ته جيئن اسان کرن ۽ کوٽن کي پرکي سگهون:
    سي هُئين جاڙ جيئنِ، ٺلهار ٺانٺا سکڻا...
    *
    محروم ئي مري ويا، ماهر ٿي نه مُئا،
    چڙيءَ جيئن چُهنج هڻي، لڏيائون لُئا،
    حباب ئي هئا، انهيءَ واديءَ وچ ۾ .
    ”کُلُّ نَفْسٍ ذَائقة الْمَوْتِ“ جو سنڌي ترجمو ڪندي لکيائين:
    هوءَ جا لات لطيف جي، سڏ تنهن جو سُڄي...
    لطيف نالو آهي رب پاڪ جو، جنهن جي لات يا سڏ آهي: هر نفس کي موت جو ذائقو چکڻو آهي. اها هڪ اٽل حقيقت آهي، جنهن کي ڪير لنوائي نٿو سگهي، نه وري ڪو بچي ٿو سگهي. سهڻيءَ لاءِ ڪيڏو نه خوب لکيو اٿائين، جنهن ۾ هر انسان لاءِ هڪ لاثاني سبق سمائي ڇڏيو اٿس. چوي ٿو: پنهنجي موت کي حيات بناءِ! سو ڪيئن؟ هن طرح:
    ته ڪَرُ ڪين سُئي، جي سير نه گهڙي سهڻي،
    هت حياتيءَ ڏينهڙا، هڏهن تان نه هئي،
    چُڪيءَ تنهن چري ڪئي، جا ڏنس اُن ڏُهي،
    سهڻيءَ کي سيد چئي، وڌو قرب ڪُهي،
    هوءَ تان هوند مُئي، پر ٻُڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا.
    سوچڻ جي ڳالهه آهي، واقعي به جي سهڻي سير نه گهڙي ها ته اڄ کيس ڪير سڃاڻي ها. هن جهان ۾ ، سهڻي ته ڇا، ڪير به سدائين ته جيئرو ڪو نه هوندو. نيٺ ته موت سڀ جو مهمان ٿيڻو ئي آهي. هن کي ميهر جيڪا چڪي پياري هئي، ان هن کي صفا چريو ڪري ڄڻ ڪهي ڇڏيو هو. هونءَ به ته مري ها پر هن ٻڏل جا ٻيڻا ٿيا.
    ڪُنڍي ڪلين وچ ۾ ، جڏهن هنيائون،
    موت نه ماريائون، ڏور ڏئي ويا ڏک جي.
    سورن ۽ ڏکن سان به اهڙو ئي پيچ پيل آهيس، جهڙي موت لاءِ مشتاق آهي.”اڄ آديسي مَرُ، سُڀان مرندو سڀڪو،“ ڀٽائي موت لاءِ ماڻهوءَ کي ايئن اتساهي ٿو، جو موت جو ڊڄ ڪافور ٿيو وڃي:
    گهِڙيا سي چڙهيا، ايئن اٿيئي،
    مئي متي مهراڻ ۾ ، پئو ٽپو ڏيئي،
    ته ميهار مليئي، سنڀوڙو سيڻاهه سين،
    يا
    اڳيان اڏين وٽ، پوين سر سنباهيا،
    ڪاٽ ته پوين قبول ۾ ، مڇڻ ڀانئين گهٽ،
    مٿا مُهاين جا، پيا نه پسين پٽِ!
    ڪلاڙڪي هٽ، ڪُسڻ جو ڪوپ وهي.
    رسالي ۾ موت وارو موضوع پنهنجين تمام حسناڪين سميت موجود آهي. سوريءَ تي جو سڄڻ سرها آهن، اهي ڪهڙي حساب ۾ ؟ پهرين سٽ ۾ پڙهندڙ کان سوال ٿو ڪري، وري ان جو جواب به پاڻ ئي ٿو ڏئي.
    جڏهن نيڻ اڙيا ته سولي به سيج سمان ٿي پئي:
    سوريءَ مٿي سيڻ، ڪهڙي ليکي سنرا؟
    جيلانهن لڳا نيڻ، ته سوريائي سيج ٿي.
    جڏهن ڪير هن دنيا مان گذر ڪري ويندو آهي ته اسين چوندا آهيون: ڦلاڻو ويچارو گذاري ويو. لطيف اسان کي تنبيهه ڪندي چوي ٿو:
    ويندن کي ويڪ ٿي، هوندن ڪونهي هنڌ،
    لہُ الموليٰ فہُ الڪل، ايءُ پروڙج پنڌ...
    يعني ويندن کي ته ويڪراڻ ۽ ڪشادگي نصيب ٿي، باقي جيڪي هن دنيا تي رهجي ويا، انهن کي ته رهڻ لاءِ به جاءِ هٿ نٿي اچي. جنهن جو رب تنهنجو سڀ، تو ان ڳالهه کي سمجهه. انهي خيال کي ڀڳت ڪبير داس ڪهڙي نه سهڻي پيرائي ۾ بيان ڪيو آهي:
    اس مرڻي نون ڪيا روئيي، جو گهر اپني جاءِ،
    بندا روئي ته آپ ڪون، جو هاٽ هاٽ بڪاءِ.
    ***


    جي لوڻ لڱين مون لائين...

    جي لوڻ لڱين مون لائين...

    شاهه جو رسالو علم جو اهو ڀنڊار آهي، جنهن مان جيڪو جهڙو به مقصد حاصل ڪرڻ چاهي اهو ان کي ملي ٿو وڃي. ان مقصد جي اوڻائين، چڱائين، حاصلات، عمل ۽ طريقيڪار تائين حاصل ڪرڻ وارو پنهنجي مراد ماڻي سگهي ٿو. اهڙو اظهار اسان جي تمام اديبن ۽ دانشورن پنهنجي لکڻين ۾ ڪيو آهي. هن ڌرتيءَ جو دنيا جي شاعرن ۾ هيءُ واحد شاعر آهي جنهن جي ڪلام مان هر هڪ مڪتب فڪر جو پوئلڳ پنهنجي مراد ۽ منشا ماڻي ٿو. هن سان هندو، مسلمان، شيعا، سني، جوڳي، تارڪ، پرهيزگار، متقي، ويندي انقلابين تائين سماج جا سڀ طبقا ۽ فرد متفق ٿيندي ڏسڻ ۾ ايندا. هتي، اسين هن علم جي بحر ۽ خزاني مان انقلاب ۽ انقلابي ڪارڪن جي تربيت ۽ اصلاح وارا موتي ميڙي ڪٺا ڪنداسين، جنهن مان پروڙ پوندي ته ٿورائيءَ وارا گهڻائي تي تشدد ۽ ڏاڍ وسيلي ڪيئن پنهنجي مرضي مڙهڻ ۽ انهن جي صلاحيتن تي ڪمند وجهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.
    لطيف جي ڪلام ۾ اها سگهه ۽ شڪتي ان ڪري آهي جو هي انسان ذات جي ڀلائي، بهتري ۽ سجاڳيءَ واري سفر جي سرواڻي ڪندي دنيا وارن کي بدي ۽ نيڪيءَ جو فرق سمجهائڻ سان گڏ عملي طرح به نيڪيءَ جي پاسي آهي، اهو ئي سبب آهي جو هن جي شاعري پئي پراڻي نٿي ٿئي، زماني جي انقلابن ۽ وقت جي طوفانن هن کي ڪڏهن به ماٺو ناهي ڪيو، هيءُاڳئين کان اڳرو ۽ نت نت نئون آهي، انساني سوچ ۽ عمل جي ارتقائي سفر جو امين ۽ پارکو آهي، هن انسان کي پنهنجي ماحول کي سکيو، سهڻو ۽ بهتر کان بهتر بڻائڻ جا گر، گس ۽ گام ڏسيا آهن.
    هتي جيڪا عنوان واري سٽ آهي، اها سر مارئيءَ جي هڪ بيت مان ورتل آهي، جنهن ۾ آزاديءَ لاءِ وڙهندڙ ڪردار قيد ۽ تشدد کي للڪاري رهيو آهي، هو چوي ٿو ته تون جيڪڏهن منهنجي جسم کي چير ڏئي ان ۾ لوڻ ٻرڪين، تڏهن به آئون پنهنجي مقصد تان ڪين هٽندس، نه وري پنهنجي آزاديءَ واري مطالبي تان هٿ کڻندس، تنهنجي غلامي ڪڏهن به قبول نه ڪندس.
    جي لوڻ لڱين مون لائيين، چيري چيري چم،
    مون ڪُرَ اڳي نه ڪيو، اهڙو ڪوجهو ڪم،
    جان جان دعويٰ دم، تان تان پرت پنهوار سين.
    شاهه لطيف پنهنجي جوانيءَ ۾ جهوڪ جي هاري تحريڪ کي تباهه ٿيندي پنهنجي اکين سان ڏٺو، ان جي سرواڻ شاهه عنايت جي شهادت واري واقعي هن جي ذهن تي گهرا اثر ڇڏيا، جنهن ڪري سر ڪلياڻ کان ويندي سر مارئيءَ تائين هن انهي سماج جي استحصالي قوتن کي للڪاريو آهي. سچ ۽ انقلاب جي پاسداري ڪندڙن کي مهانتا بخشيندي، ڪال ڪوٺڙين، ٻيڙين، هٿڪڙين، زنجيرن ۽ اذيت گاهن ۾ به اوچي ڳاٽ، پوري حوصلي ۽ سالم دماغ رهندڙ ڪردارن کي ڳاتو آهي، انهن کي سندن بهادري ۽ اورچائيءَ تي شاباس ڏني آهي، انهن جي تعريف ۾ سرن جا سر لکيا آهن. جهوڪ شريف جي هاري تحريڪ تي پڻ ڪيترائي بيت لکيا اٿس، جنهن لاءِ مولانا دين محمد وفائي پنهنجي ڪتاب ”لطف اللطيف“ ۾ هڪ جاءِ تي لکيو آهي ته ”سر رامڪليءَ جي ٽئين داستان وارا بيت، اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين، جهوڪ جي سانحي تي لکيا اٿس.“ ان کانسواءِ به هن جنگ ۽ معرڪي تي ڳولهڻ سان ڪافي بيت ملي ويندا.
    ڪونج نه لَکيو ٻاڻ، جو ماريءَ سندي من ۾ ،
    اوچتي پرياڻ، وڳر کڻي ويڇون ڪيا.
    گڏيل کيتيءَ واري نظام يا ڪميون سسٽم کي ساراهيندي ان جي خوشحالي، آسودگي ۽ برڪتن کي هيٺين طرح بيان ڪيو اٿس:
    منڌيون مَٽ گُڙن، جهوڪ به سونهن پهيئڙا،
    سندي سنگهارن، جُوءِ جيئاري جڏڙا.
    لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ اسان کي ٻڌائي ٿو ته جيستائين اڪثريتي عوام، سماج جا پيڙهيل طبقا، پورهيت ۽ هاري مِڙي مُٺ نه ٿيندا تيستائين انقلاب نه اچي سگهندو، اهو ئي سبب آهي جو انقلابي پارٽيون سماج جي انهن طبقن کي پنهنجي پروگرام تحت متفق ڪري انقلابي نظريي سان ليس ڪري هڪ پليٽ فارم تي جمع ڪنديون آهن، تڏهن پورهيت طبقي جي خواهش ۽ منشا انقلاب بڻجي ويندي آهي.
    ڏکيون جان نه مِڙن، تان تان ڀنڻ نه ٿئي،
    پِٽڻ واريون پڌريون، ڳاڙها ڳِل سندن،
    ٻيون هُئين هٿ هڻن، رئنديون رئڻ واريون.
    جڏهن اهي پيڙهيل، لٽيل ۽ استحصال جو شڪار ٿيل قومون ۽ طبقا انقلاب لاءِ گڏ ٿي پنهنجي مطالبي يعني انقلاب جي سينڍ ڏيندا آهن ته سماج ۾ تبديليءَ جي واضح شڪل جڙندي آهي، جنهن سان انقلاب ۾ انهن ڌرين جو ايمان پختو ٿيندو آهي، اهڙي صورتحال کي ڏسي اسان جو ڀٽائي پڻ پر اميد ٿي چوندو آهي :
    اگهن مڙي اڄ، ڪيو سڏ صحت کي،
    ڏور ڏکندا ڀڄ، مِهريءَ منهن ڏيکاريو.
    جڏهن ملڪ ۾ انقلاب جي راهه هموار ٿي ويندي آهي، تڏهن سماج جو سجاڳ اديب ۽ دانشور پنهنجي عوام کي انقلاب جي نويد ڏيندي چوندو آهي:

    اٿو اٻوجها، سپڙ جو سڏ ٿيو،
    جيئن اوين، ڪيرت ڪٽ نه سکيا، تيئن پاڻا ريڌو راءِ،
    مڱو مون مُلاءِ، آئون اوهان جو آهيان.
    آزاديءَ جي پرواني جي ترجماني ڪندي سر مارئيءَ ۾ هڪ سهڻي سٽ لکي اٿائين، جنهن مان ان ڪردار جي حوصلي ۽ همٿ جي جهلڪ سج جي ڪرڻن جيان جرڪي رهي آهي:
    وينديس رهنديس ڪين ڪي، توڙي رات انڌاري! عمر!؟
    شاهه لطيف پنهنجي طبقاتي حيثيت ۽ عوام سان پنهنجي يڪجهتي ۽ پورهيت عوام سان ڪمٽمينٽ واري لاڳاپي کي اظهاريندي پنهنجي پوزيشن واضح ڪئي آهي، ته منهنجو مرڻ جيئڻ انهن مظلوم مارن سان آهي، جيڪي ڪنهن ظلم، استبداد ۽ ڏاڍ جا ماريل آهن، جيڪي محڪوم ۽ غلام بڻجي طرحين طرحين جا ستم سهي رهيا آهن.
    ستي سيج هياس، مونکي آه اٿاريو،
    جنين جاڳاياس، آئون نه جيئندي ان ري.
    يعني آئون سکي گهر ۾ سيج ستل هئس، مونکي انهن جي آهن ۽ دانهن اٿاريو يا سجاڳ ڪيو آهي، هاڻي آئون انهن پڪاريندڙن کانسواءِ زندهه رهي نٿي سگهان.
    ***


    سندي سور صفت

    سندي سور صفت


    سور نه ساڱاهين ... هنن جا اڌما اوچتا آهن. مُٺ مُٺ سور سڀ ڪنهن وٽ آهن، ليڪن هن الستي عاشق وٽ ته ڀريون آهن، جيڪي مٿي ڪيو، وٿاڻ وٿاڻ ووڙ پيو ڏئي ته آهي ڪا؟ سورن وارِي، ڏکن ڏڌِي، ته ڪا سور پچار ڪجي، انهن سورن سان ڪا رهاڻ رچائجي، جيڪي عاشق جي ڪُڙھه ۾ وڻڪاريون ڪريو سير ڪري رهيا آهن. هن جي هردي کي اوطاق ڪري ويٺل آهن. بس ان گھڙيءَ جو انتظار آهي جڏهن ڀيڄ ڀنيءَ ور وارو ڏئي، اڱڻ مٿي انهن جي اچڻ جي وائي ٿيندي، انهن سان جڏهن ڳر لڳي ڳالهيون ڪنديس ته سور ويچارا هليا ويندا... انهن جي سار انهي ڪري ئي ٿي ٿئي جو هي ڏکئي وقت جا ساٿي ۽ سنگتي آهن، جن سان پرينءَ پڄاڻا روح رچنديون ٿينديون آهن. اندر جا احوال انهن سان ڳرهي، سڄڻ سنديون پچارون ڪري، پاڻ پرچائيندي آهيان. جڏهن ڦوڙائو ٿيو، جدائي جان جلائي، تڏهن اهي ئي سور هئا، جيڪي سڀ مون وٽ رهي پيا، هڪ به سڄڻ سان نه ويو، اهڙن ئي سڄڻ ساٿين تان سوين سُک ساٽو ڪري ڏجن ۽ اهڙو هڪڙو ئي ورھه وهائجي، جيڪو اندر جو اجالو ٿي پوي. ڏک ته سکن جي سونهن آهن، ڇو ته هنن جي ورونهن سان ئي سڄڻ جو وصال ويجھو ٿو ٿئي، تڏهن ته اسانجي قومي شاعر چيو آهي ته:
    ڏکن ڏيکاريوس، گوندر گس پرينءَ جو.
    سور به قسمين قسمين ٿا ٿين، پر هي جو اڀريو آهي، ان جي ته ڳالھه ئي ٻِي آ، منهنجي انهن سورن سان ڏيٺ ٿي آهي، جيڪي لڄون لاهي ڇڏيندا آهن، عاشق کي اوس پاس جو خيال ئي نه ٿيندو آهي، پوءِ ماجرا اها وڃي ٿيندي آهي جو ”عقل مت شرم، ٽيئي نينهن نهوڙيا!“ الهڙ جوانين کي جڏهن سينڌ تي هٿ رکي ٻن آڱرين وارو ڪيل وچن ياد پوندو آهي ته، ڪهاڙين ۽ بندوقن جي پاڇي کي جھرمر ڄاڻي اڳتي قدم وڌائينديون آهن:
    پرتؤ پنهونءَ جو، جھڙ جيئن جھالا ڏي.
    آئون پنهنجي پرينءَ کي، وٺيو راھه رئان گھڻو.
    سورن سنجھه لڌو آهي، ان ڪري پاڻ ئي مون وٽ ڪهي آيا آهن، هاڻ آئون ڪنهن کي منجھه ڏيان، مر جان پيا ذهن ۾ چڻڪن. منهنجي تن ۾ لاڳيتو پرين ائين ڏکي رهيا آهن جيئن ڀڳل هڏ سور ڪندو آهي. اي سور مون کي ايڏا ڌوڻا نه ڏي، وسوڙيل ۽ ڪمزور آهيان. منهنجي حالت اهڙي آهي جهڙي لوڻ جي پاڻيءَ ۾ هوندي آهي، سور ئي منهنجو سرمايو آهن، مون ته ڪا به ملڪيت يا ڪا ڳڻائڻ جهڙي وٿ سهيڙي ڪا نه رکي آهي، منهنجو ته سڀ ڪجھه سور ئي آهن، جن جي واکاڻ ڪري، انهن کي ساري آئون گد گد ٿي ٿيان، ته انهن مون کي پرينءَ جو پيچرو سونهائيو آهي جنهن تي هلي آئون وصال کي ويجھي ٿي ٿيان:
    مٿي منجهان مينهن، پَسو جيئن پاڻي وهي،
    مون ڀانئيو نينهن، ڄڀيون ڄيري سنديون.
    *
    مٿي مٿان مچ، ٻريم ٻاروچن جو،
    امڙ اوري اچ، ته سٽ سڻايان سور جي.
    هي ته سورن کي سڏ پئي ڪري:
    جي ماڻهن کي مارين، تن سورن کي سڏ ڪريان...
    هن کي سورن سانڍيو ۽ پورن پاليو آهي، ويچاري ڪڏهن سکن جي پُکي ڪانه پئي آهي. سوريتين ۽ پٽڻ وارين جا پار ئي پڌرا، هنن جون اکيون آلو ماھه، ڳلن تان ڳوڙهن جون بوندون بس نه ڪن... سائو منهن، سونهن ڳئي، ان اُلڪي سبب هنن، هڏن مٿي ماھه نه چاڙهيو، اندر ۾ اهائي اڻ تڻ ته ڦوڙائي فراق جا ڪڏهن ٿا ڏينهن کٽن. ڪڏهن ٿا آسر وندن جا اڱڻ اجرا ٿين، نينهن ته نيئر به اڇا اجرا ڪري ڇڏيا آهن.آئون ته اجايو اچي پريشان ٿي آهيان. ڪيڏي نه ڀوري آهيان جو پرينءَ جي سورن هوندي آئون پاڻ کي هنن سان هيڪاندي نه پئي ڄاڻان، هو ته مون سان ٻيلھه ٻڌا پيا آهن:
    سورن سونهائي، ڪِي هيڪاندي هوت سان...
    سورن کي هٿ پير ڪين ٿين، هو ته منجهين وهڻ وارا آهن، آئون آهيان جا وهلور پئي وڃان، ته ڪيئن ملبو کي سڄڻين:
    سوريتي سور، ڪنهن اڻ سوريتيءَ سين اوريا،
    هو وڃي پئي وهلور، هن ويتر سور پرائيا.
    سورن جي سار به ائين آهي، جيئن ڇٽل ڦٽ جو کرنڊ کرڙجي پوي، وري درد تازو ٿي پوي:
    ڏکي ڏک مٿي ڪري، ڇپر وانءُ پيهي،
    گڏبئي ات ڏيهي، سُوڌيون ڏيندئي خبرون.
    شاھه جو سڄو رسالو سور آهي دردناڪ دانهن آهي، ڪيڏارو آهي.
    اڄ آديسي مر، سڀان مرندو سڀڪو.
    ***


    ماڙيءَ من ڦڪو ڪيو!

    ماڙيءَ من ڦڪو ڪيو!
    (شاھه جي رسالي ۾ جيل جي شاعري)

    شاهه سائين مارئيءَ جي واتان قيديءَ جا جيل بابت تاثرات، تجربا۽ جذبا بيان ڪندي چوي ٿو ته پهرين ڏينهن ماڙي ڏسي منهنجو من ڦڪو ٿيو آهي. آءٌ مارن کي ڪوٽ چڙهي ڏوراپا ۽ ميارون ڏينديس ته اوهان ڪڏهن ڀيرو ڪري اچي منهنجي سار نه لڌي. بيت جي سٽاءَ ۽ ٻوليءَ ۾ جيڪو درد آهي، اهو شرح واري نثر ۾ سمائجي نٿو سمائجي. ڪو ايڏو وڏو فنڪار هجي جيڪو ان درد کي نثر ۾ ظاهر ڪري، باقي اسان جهڙن جي مجال ناهي، بيت ڪجهه هن طرح آهي:

    پهرين ڏينهن پسي، ماڙيءَ من ڦڪو ڪيو،
    موهڙ ماروئڙن کي، ڏينديس ڪوٽ چڙهي،
    ويڙهيچن وري، ڪر نه لڌي ڪڏهين.

    قيديءَ جي صورت ۾ مارئيءَ جو اهو پهريون تجربو هو، پهرين ڏينهن جو، جنهن کي اوهين قيديءَ جو تاثر به چئي ٿا سگهو. مارئي جڏهن کوهه تان کڄي، عمر ڪوٽ جي برجن ۽ دروازن کي ڏسي ٿي ته هن جو من ڦِڪو ٿو ٿئي. اڄ به جيل جي وڏي در کي ماڙِي سڏبو آهي، ڇو ته ان جي مٿان ٻه ماڙ اڏاوت سپرنٽينڊنٽ جي آفيس هوندي آهي، ته جيئن هن جي نظر ٻاهر به پوي ۽ جيل جي اندر حوالات به نظر ۾ هجي. ماڙي ٻي منزل تي ٺهيل ڪوٺيءَ کي چئبو آهي. من جي ڦِڪي ٿيڻ ۾ جيڪو ڪَرب ۽ پيڙا آهي، اها انسان جي مايوسي ۽ بيزاريءَ جي اهڙي ڪيفيت آهي، جنهن ۾ ڪا به شيءِ نه وڻندي آهي، ڄڻ ته انسان پنهنجي زندگيءَ کي بيڪار ۽ بار محسوس ڪندو آهي. هيءَ نظربندياڻي ٿي بيوس بڻجي ٿي پوي، تڏهن عمر کي ٿي چئي ته ”جي آئون نظربندياڻي نه هجان ته جيڪر هت پل به نه گهاريان.“ ان جي باوجود مارئيءَ کان مطالبا ۽ فرمائشون ڪيون ٿيون وڃن ته ”ملير وساري، ان کي ڦٽو ڪري ڇڏ، مارُن سان ناتا رشتا ٽوڙي، انهن کي وساري ڇڏ. بخمل، بافتا، اغرچ، عنبير، چوکا، چانور، هس، ڪڙيون، سونا زيور، جواهر، ويس وڳا ۽ هار سينگار ڪري، پٽ راڻي بڻجي پلنگ تي چڙهي ويهه!“ ان وقت مارئيءَ جا جذبا ڪهڙا آهن ۽ هوءَ ڪهڙو جواب ٿي ڏئي:
    مِلڪَ ماروءَ جي آهيان، جورِ نه ٿيان جَوءِ...
    *
    سيل ڀڃڻ جي سومرا، مون کي مت مَ آڇج مير،
    ٿورين گهڻين ڏينهڙين، وينديس هُتِ حمير،
    مڇڻ منجهه ملير، منهن مٿانهون نه کڻان!
    اي سومرا سردار! سيل ڀڃڻ جي صلاح نه ڏئي ڇو ته ٿوري گهڻين ڏينهين آئون ملير موٽي وينديس، ان ڪري آئون ڪو به اهڙو ڪڌو ڪم ڪرڻ نٿي چاهيان جنهن ڪري، آئون مارُن سامهون منهن مٿانهون نه کڻي سگهان. مارئيءَ کي ته اهو ئي افسوس آهي، جو هوءَ کوهه تان کڄي، ماڙيءَ ۾ اچي بند ٿي آهي. هن کي ماڙي مهڻو ٿي لڳي، سا ڪيئن عمر جي ڪوٽ ۾ سُکَ سان ويهي ٿي سگهي! اسان جي شاعر، مارئيءَ جي کوهه تان کڄڻ واري واردات کي بيان ڪندي ٻڌايو آهي ته ملير جي هر وسندي هر ڪچهري ان واقعي تي رَني آهي. مارئي جي هيءَ وڏي ڪمزوري بڻجي وئي آهي، جهڙوڪ هن تي ڪارنهن جو چٽو لڳو هجي جنهن جي ڪري هيءَ منهن مٿانهون نٿي کڻي سگهي. پوءِ ته فن جي پالوٽ ٿي ٿئي، ان قيدياڻيءَ جي پل پل جي وارتا کي ويهي سموهيو اٿس. هن جي اڻڀن وارن، منهن جي ميري ٿيڻ، سونهن جي ڦٽڻ وغيره کي وڏيءَ فنڪاريءَ سان ڳاتو اٿس. قيديءَ جي اٽل ارادي ۽ مارُن سان وچن ۽ وفا جا ڪيئي ڳڻ ڳايا اٿس. ڀٽائي صاحب پنهنجي هن ڪردار کي آزاديءَ جي علامت، وطن ۽ مارُن سان لازوال محبت، جيڪا ڪنهن به قيمت تي مٽجي نٿي سگهجي، نه وري ڪنهن سزا يا تشدد جي خوف کان ان محبت ۽ ارادي تان هٽڻ لاءِ تيار آهي.
    ڪنڊ لنگهيندي ڪاڻ، پيئيم پنهوارن سين،
    اتي جي عبد اللطيف چئي، رنو سڀ رهاڻ،
    ان هيڻائيءَ هاڻ، منهن مٿانهون نه کڻان.
    مارئيءَ ڏي پنهنجي ڏيهه کان مارو يا ڏاڏاڻا طعني جهڙو نياپو ٿا ڪن. متان ويس وڳا ڪري، هار پائي، پلنگن تي چڙهي وِهين! ڪڏهن به پنهنجو ستر (لَڪ) خزاني تي نه مٽج. هن کي سرتين زور ڏئي سيل نڀائڻ جو تاڪيد ڪيو آهي. شاعر، مارئيءَ جي واتان عمر کي اهو نياپو هن طرح ٿو ٻڌائي:
    جو ڏيهه ڏاڏاڻيا آيو، ڏنم تنهن طعنو،
    پائي ويهه مَ پلنگين، ڳچيءَ سر ڳانو،
    مٿان لڪ لطيف چئي، کاءُ مَ خزانو،
    سرتين سيل چوايو، جور هڻي جانو،
    ٿيو سڏ سمانو، حرف لٿي هيڪڙي.
    جڏهن لطيف لڪ مٿان، ( انگ مٿان ) ۽ ستر عيوض خزانو کائڻ کي ڪُڌائپ ۽ بڇڙ و عمل ٿو سڏي ۽ چٽن لفظن ۾ انساني عظمت ياد ٿو ڏياري، مارئي عمر کي هوشيار ڪندي چوي ٿي ته منهنجو مارن سان رشتو، ناتو ڪو اڄ ڪلهه جو ڪونهي، مون ته انهن سان ازل واري ڏينهن کان وچن ڪيو هو ۽ عدم ۾ به انهن سان گڏ گذر هو:
    الست بربڪم، جڏهن ڪن پيوم،
    قالو بلا قلب سين، تڏهن تت چيوم،
    تنهين وير ڪيوم، وچن ويڙهيچن سين.
    ”پيغام لطيف“ ڪتاب جي انتساب ۾ سائين جي ايم سيد لکي ٿو ته ”ان شاعر جي نالي، جنهن جي شاعري پڙهڻ سان اندر ۾ آزاديءَ لاءِ تڙپ پيدا ٿئي ٿي،“ ان ڪري ئي مارئي عمر کي پنهنجي مجبوريءَ کان آگاھه ٿي ڪري ته، وطن ۽ مارن کي آئون وساري نٿي سگهان:

    آئون ڪيئن ڇڏيان سومرا، تن پنهوارن پچار،
    جڙ جنين جي جان ۾ ، لڳي ريءَ لوهار،
    پکا ۽ پنهوار، ڏٺي مون ڏينهن ٿيا.
    جڏهن هن تي سختي ٿئي ٿي، دڙڪا، داٻا، تشدد ۽ سزا جا حربا استعمال ڪيا ٿا وڃن ته هيءَ پنهنجي خانداني عظمت، پنهنجي ڌرتيءَ جي رسم و رواج کان عمر کي آگاھه ڪندي وڏي واڪي چوي ٿي:
    جي لوڻ لڱين مون لائيين، چيري چيري چم،
    مون ڪُرَ اڳي نه ڪيو، اهڙو ڪوجهو ڪم،
    جان جان دعويٰ دم، تان تان پرت پنهوار سين.
    ڀٽائي صاحب جيل جي شاعريءَ ۾ هٿڪڙيون، ڏنڊا ٻيڙيون، زنجير، ڪال ڪوٺڙيون، چاري، واهت ڪندڙ وزير جهڙن لفظن جو استعمال ڪري جيل جي ماحول کي چٽو ڪيو آهي. عام قيدي ۽ وطن پرست قيديءَ جي فرق کي به ظاهر ڪيو آهي:
    بندي ٻيا به قرار، اسين لوچيون لوھه ۾ ،
    مٿي تن ترار، سدا سانڀيئڙن جي.
    *
    ماڙين ماريس ڪين ڪي، ميس مارن لاءِ،
    ڪر لهندا ڪڏهين، منهنجي اچي ماءِ،
    سانڀيئڙن ِسداءِ، ويٺو واجهـه وجهي هنئيون.
    جيل ۾ بند هجڻ هن لاءِ ڪا ڳالهـه ڪانهي، هن کي ته ان ڳڻتيءَ ڳاريو آهي ته شل مارُو ميرو ڪري نه مٽين، ان ڪري ئي عمر جي قيد ۽ سختيءَ کان وڌيڪ هن کي مارن جي ميار ۽ طعني جو فڪر آهي. قيد جي ڳڻتي ۽ اُلڪي ۾ جڏهن هن جي اک ٿي لڳي، هوءَ پاڻ کي ملير ۾ ٿي پسي، پاسي چورڻ سان جڏهن هن جا زنجير کڙڪن ٿا ته هن جي اک کلي ٿي پوي.
    هٿين هٿ ڪڙول، ڄنگهون ٻانهون ڪاٺ ۾ ...
    *

    رات لڌم سوهڻو، کٿيءَ ۾ خاصو،
    اٺا مينهن ملير ۾ ، ٿيو تڙ تڙ تماشو،
    چوريان جان پاسو، ته جسو زنجيرن ۾ .
    ماڙيءَ تي ٻيا به لطيف جا حسين بيت آهن، هڪ ۾ چيو اٿس ته :
    ماڙيءَ مينهن نه پون، ساوا گاهه نه سومرا...
    ماڙيءَ تي مينهن ناهن پوندا، نه وري ساوا گاهه ڦٽندا آهن، مينهوڳيءَ جي مند ۾ جڏهن مارُن جي ياد مارئي کي ستائي ٿي ته ان جو ذڪر لطيف هن طرح ٿو ڪري :
    ماڙيءَ چڙهي ڏٺام، پکا پنهوارن جا،
    هڪ اڳيئي سهڻا، ويتر مينهن اٺان،
    ڪهڙا ڏوهه ڪيان مِ، جيئن گهر مارو، آئون ماڙئين!
    ***


    حيف تنين کي هوءِ

    حيف تنين کي هوءِ
    (شاهه جي رسالي ۾ وطن جي حب )


    برابري، ڀائيچاري ۽ عدل تي ٻڌل سياسي نظام کي سمجهائڻ لاءِ اسان جي شاعر مارئي، سسئي، سارنگ ۽ رامڪليءَ جهڙا سُر سرجي پنهنجي ڌرتيءَ جا سوين رنگ ۽ روپ پڙهندڙن کي پسايا آهن، جن ۾ هن ڌارين جي ڦرلٽ، يلغار، ظلم ۽ ڏهڪاءُ جا انيڪ عڪس چٽيا آهن. ڏڪار واري دائمي درد جو بيان ڪندي هُن مڙني غير فطري عملن جي وڏي واڪي نندا ڪئي آهي. مظلوم ۽ بيحال ماڻهن جي حقن ۽ سماجي برابريءَ واري سرشتي جي حاصلات لاءِ ڦاهيءَ جي ڦندي کي چمڻ جي آس اندر ۾ سانڍي اٿس. ڌرتيءَ جي سرويچ پٽن کي ساڻيهه جو سُک وارڻ لاءِ ڪيئي سبق پڙهايا اٿس. پنهنجي عوام کي انهن جي ٻوليءَ ۽ ماحول پٽاندڙ ڳالهه سمجهائڻ جو وٽس اعليٰ ۽ عجب انداز آهي. ماڻهوءَ کي نيڪ ۽ سٺي مقصد لاءِ مرڻ ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ ايئن ٿو اُڪسائي ۽ اُتساهي جو ماڻهوءَ جي دل مان رياستي ڏاڍ، تشدد ۽ حڪمرانن جي دٻدٻي کي ڪافور ڪري ٿو ڇڏي. شاهه سائين هن موضوع تي ايڏي تي اثرائتي شاعري ڪئي آهي جو سندس لفظن ۾ فولادي قوت پيدا ٿي پئي آهي. ڀانءِ ته وطن جي عاشقن کي هيئن پيو چوي:
    سر سپاهين وڪيا، سوڪِ نه ڪِين سوءِ،
    جيڪي پڇين پڇ سو، گنگا نِئين نه گوءِ،
    وڃ پرياتڻيءَ لوءِ، عجز کي آڏو ڪري.
    ڇا توکي خبر ناهي ته معمولي پگهار تي سپاهي پنهنجو سر وڪڻن ٿا. تون قومي مقصد: وطن جي آزادي ۽ امن لاءِ پنهنجو سر ڏيڻ مهانگو ٿو ڄاڻين!؟ ان ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي آزاديءَ جي ويڙهاڪ کي نصيحت ٿو ڪري ته جيڪڏهن تون انقلاب کي اکين سان پسڻ ٿو چاهين ۽ ڌرتيءَ سان پنهنجو نينهن نڀائڻ ٿو چاهين ته توکي چور وانگر ٿيڻو پوندو، جيڪو پنهنجي خسيس مطلب خاطر ڪيتريون ئي تڪليفون برداشت ٿو ڪري ۽ پنهنجي مقصد تي پختو رهي پنهنجو راز مخفي ٿو رکي:
    جي ڀانئين پرينءَ مِڙان، سِک چوران ڪِي ڌات،
    جاڳڻ جشن جن کي، سور سڄيائي رات،
    اُجهي ٻُجهي آئيا، وائي ڪن نه وات،
    سلي سوريءَ چاڙهيا، بيان ڪن نه بات،
    توڙي ڪسن ڪات، ته به ساڳي سلن ڪين ڪِي.
    جڏهن به ڪو شاعر ڌرتيءَ جي درد کي پنهنجي اندر ۾ سانڍي، ان کي نئين روپ ۽ ڍنگ ۾ ملڪي حالتن سان ٺهڪندڙ انداز ۾ بيان ڪندو آهي ته اهو قومي شاعر جو درجو ماڻيندو آهي. سندس شعر لازوال حيثيت ماڻي وٺندو آهي، جيڪو ڌرتيءَ واسين جي هر دور ۾ هر حالت ۾ رهنمائي ۽ اڳواڻي ڪندي نظر ايندو آهي. هو ڪڏهن به پراڻو نه ٿيندو آهي. هر وقت نت نئون ۽ سج جيان روشن ۽ چٽو ٿي ڌرتيءَ تي پکڙيل اوندهه کي تڙي ڪڍڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو لطيف جو بيت اڄ به اڳئين کان اڳرو، نت نت نئون ۽ اسان جي سڌاري جو وسيلو بڻيل آهي:
    گِهڙيا سي چڙهيا، ايئن اٿيئي،
    مَئي متي مهراڻ ۾ ، پئو ٽپو ڏيئي،
    ميهار مليئي، سنڀوڙو سيڻاهه سين.
    شاهه سائين چوي ٿو ته ميهار (انقلاب) تنهنجو انتظار پيو ڪري، جيڪو درياهه ۾ نه گهڙندو اهو پَرينءَ ڀر ڪيئن پڄندو. ان ڪري جيڪڏهن توکي هُن پار جا مزا ماڻڻا آهن ته پوءِ مئي مَتي مهراڻ ۾ ڪُڏي ڪاهي پئو ته پنهنجي آدرش کي پسي سگهين:
    سِسي ڌار ڌري، پڇج پوءِ پريتڻو...
    *
    سندي جا ساڻيهه، کيهه کٿوري ڀانئيان...
    ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي ستن ٻولين جي وڏن شاعرن جي شاعريءَ جو مطالعو ڪرڻ کانپوءِ سڀني شاعرن مان لطيف سائينءَ کي عظيم شاعر سڏيو آهي. هن پنهنجي ڪتاب ( شاهه لطيف آف ڀٽ ) ۾ لکيو آهي ته هن وقت پاڪستان جو قومي شاعر علامه اقبال کي ڪوٺيو ٿو وڃي پر پاڪستان جو نوجوان جڏهن لطيف جو مطالعو ڪندو ته هو ان کي قومي شاعر تسليم ڪندو.
    گهوريو سو پرڏيهه، توڙي ڦلن ڇانئيو...
    *
    جيڏانهن قاتل ڪل، اکيون اوڏانهين کڻي،
    مٿو ڪن نه مل، پِڪ برابر پاهنجي.
    هن ڄاڻي واڻي اهڙا ڪردار تخليق ڪيا آهن جن سان قوم جي اصلاح ۽ تربيت ٿئي. هن جيڪو وڏو ڪم ڪيو، اهو هو معاشري ۾ نظرانداز ڪيل طبقن کي مٿي آڻي انهن جي گُڻن جي اپٽار ڪري هڪ مثالي معاشري جو خاڪو پيش ڪرڻ. ڀٽائيءَ عورت ۽ پورهيت، ڪمي ڪاسبي ۽ هاري ناريءَ کي سندن ڪرت ۽ ڪردار سببان سماج اعليٰ ۽ اڻٽر ايڪائي ڄاڻائي انهن جي اهميت کي اجاگر ڪيو آهي. قومي غيرت، قومي تشخص، ملڪ سان محبت ڪرڻ جيئن هن سيکاري آهي، شايد ئي ڪو استاد ايئن پاڙهي ۽ سيکاري سگهي. وطن جي ذري پرزي سان محبت ڪرڻ ته ڪو هن وٽان سکي.
    کارا کٻڙ ڏيهه ۾ ، ٻيا واريءَ منجهه وٿاڻ...
    *
    تن ساڏوهين سَڌ مران، جنين ڏنگا ڏار...
    هن اهڙا بهادر ڪردار جوڙيا آهن جو زال مڙس کي ٿي چئي ته جنگ دوران مري وڃين ته ڀلي ويٺي روئان، تون موٽي نه اچج، ڇو ته طعنن جي حياتي وڏي ٿيندي آهي. ڪانڌ جي منهن ۾ ڌڪڙن کي سيڪيندي ٻهڪي ٿي، جو هن کي ان ڳالهه تي خوشي ٿي ٿئي ته هن جو ور، مڙس بهادر ٿي منهن ڏئي وڙهيو آهي، ڀاڙي ٿي ڀڳو ناهي، جو هن جي پويان پٺ تي زخم هجن.
    ڪانڌ مُنهن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سونهان،
    ته پڻ لڄ مران، جي هُونس پٺ ۾ .
    سنڌ جي سمونڊ تي جڏهن انگريز ۽ ڊچ نوس نوس ڪري رهيا هئا، تڏهن هن ڌرتي ڌڻين کي سجاڳ ڪندي ”دُنگي منجهه درياهه“ جهڙو بيت سِرجي نه رڳو قوم کي سجاڳ ڪيو پر ان سان گڏ، ان جو سبب به ٻڌايو آهي ته اسان جا نام نهاد اڳواڻ، رهنما، رهبر ۽ رکوالا پنهنجي پير تي ناهن، تڏهن ته ڌرتي ڌڻين جي حقن تي ڌاڙا لڳي رهيا آهن:
    دُنگي منجهه درياهه، ڪِي ٻُڏي ڪي اُپڙي،
    واڍي جي واڻيا، سونهڻ سڀ سڙيا،
    معلم ماڳ نه اڳئين، ڦلنگي منجهه ڦِريا،
    ملاح تنهنجي مڪڙيءَ، اچي چور چڙهيا،
    جتي ڍينگ ڍريا، تتي تاري تنهنجي.
    وطن جي حب وارو جذبو ته مارئيءَ جي سونهن آهي، لطيف ڌرتيءَ وارن سان محبت ڪرڻ جو درس ڏنو آهي. اهڙن ڪردارن کي ننديو اٿس جيڪي هن جذبي کان وانجهيل آهن. انهن لاءِ لکيو اٿس ته:
    سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسيءَ وسري،
    حيف تنين کي هوءِ، وطن جن وساريو.
    وطن سان محبت ڪرڻ جو حق به اهڙو آهي، جهڙو عاشق مجازي محبوب سان لنئون لڳائيندو آهي. سڄڻ فنا ٿيڻ واري شيءِ آهي، جڏهن ته ساڻيهه کي بقا آهي. زماني جو محبوب ڪڏهن به عاشق کان منهن موڙي سگهي ٿو ليڪن وطن هميشه رهڻ واري اهڙي شيءِ آهي جيڪا فرد کي پالي ۽ سانڍي ٿي. اهڙي پيار جو اظهار هڪ ٻئي بيت ۾ به ڪيو اٿس:
    ستي سنڀريام، پيئيم ڪر ڪپار ۾ ،
    جهڙي تهڙي حال سين، پرين نه وساريام،
    سڄڻ ياد پيام، نيڻئون نِير وهي.
    اسان کي ڪهڙي به حال ۾ سڄڻ ۽ ساڻيهه کي نه وسارڻ گهرجي، لطيف جي عشق جي حد ته اها آهي جو هن کي جڏهن سڄڻ ننڊ ۾ ياد ٿا پون ته هن جي دماغ ۾ ولوٽ ٿا پون. اسان کي به ان جذبي سان ايترو ئي پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتي ڌڻين جو درد دل ۾ رکڻ گهرجي. اها ئي لطيف جي تلقين آهي.
    ***


    مئي هاٿيءَ سين مامرو، اچي پيو انڌن

    مئي هاٿيءَ سين مامرو، اچي پيو انڌن


    مئي هاٿيءَ سين مامرو، اچي پيو انڌن،
    مناڙين هٿن سان، اکئين ڪين پسن،
    في الحقيقت فيل جي، سڄا سڃاڻن،
    سندي سردارن، بصيرت بينا ڪري.
    مٿئين بيت واري تمثيل مولانا جلال الدين روميءَ جي مثنويءَ جي هڪ حڪايت تي ٻڌل آهي جنهن ۾ ڄاڻايل آهي ته مئي هاٿيءَ کي سڃاڻڻ لاءِ ڪجھه انڌن کي وٺي اچي انهن کان پڇيو ويو ته هي ڪهڙي شيءِ آهي؟ پوءِ جنهن جا هٿ هن جي ڪنن تي لڳا ان هن کي گاگڙو ڇڄ سڏيو، جنهن جا هٿ سونڊ کي لڳا ان چيو هي ٿلهي واڍ آهي، جنهن جو پڇ تي هٿ لڳو ان چيو ته هي رسو آهي، جنهن جا هٿ هن جي ڄنگهن کي لڳا ان چيو ته اهي ٿنڀا آهن. ان حوالي سان اسان جي محققن لاءِ شاھه جو رسالو پڻ اهڙي هاٿيءَ مثل ٿي پيو آهي ۽ اهي سڀ ڏسڻ وائسڻ ۽ غور ڪرڻ بجاءِ هٿوراڙيون هڻي پنهنجي پنهنجي سمجهه مطابق ان جا مطلب ڪڍي رهيا آهن: ڪو هن کي اولياءُ ٿو سڏي، ڪو تارڪ ٿو چوي، ڪي ته وري هن جي بيتن جي، ڏور بيتن جيان سوا لک نبين، پنجتن ۽ اسلامي واقعن واري معنيٰ ڳولي رهيا آهن. ڪجهه ماڻهو رسالي کي قرآن شريف جو تفسير سڏي رهيا آهن، ڪي ماڻهو وري ڏاڍي محتاط طريقي سان ڳالهه کي رومال ۾ ويڙهي هن کي نقال پڻ سڏي رهيا آهن، اهو سڀ انهن جي نظر جو فرق آهي، ڇو ته جڏهن رسول بخش پليجو چئي ٿو ته ”حفيظ تيوڻو شاهه لطيف کان وڏو شاعر آهي“ ته اها ان جي نظر ۽ سمجهه جي ڳالهه آهي.
    ڪير چوي ٿو ته شاھه تي روميءَ جو اثر آهي، شاهه ان جي بيتن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي، ڪو هن کي هندي دوهن جو مترجم ٿو سڏي، ڪنهن جو خيال آهي ته شاهه لطيف تي شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو اثر آهي، لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ شاهه ڪريم جا خيال ۽ ٻولي استعمال ڪئي آهي، ڪير چوي ٿو ته ڀٽائيءَ جي رسالي ۾ هيترو سيڪڙو ڌاريو ڪلام آهي. ان سلسلي ۾ شاهه جي رسالي جي بمبئي واري نسخي کي ڊاڪٽر گربخشاڻي ردي رسالو ٿو سڏي، ڇو ته ان ۾ تمام گهڻو ڌاريو ڪلام جمع ڪيو ويو آهي. مولانا روميءَ جي فارسي مثنوي جيئن جو تيئن موجود آهي، وارث شاهه جي هير، هير رانجها سر جي سري هيٺ ڏني وئي آهي، بيراڳ هنديءَ ۾ ڪبير، تلسي، ميران ۽ ٻين هندي شاعرن جا دوها موجود آهن. گنج شريف ۾ به ساڳي ڪار ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ نالن سان ڌاريو ڪلام موجود آهي، مثال ”کٽي چئي کڻي ويا“ ”جوڻيجو چئي جوڙ“، ”لال پرين لکمير چئي“ وغيره، انهن شاعرن جا بيت نالن سميت شامل ڪيا ويا آهن، جنهن لاءِ روايت آهي ته لطيف جي هوندي سندس صحبت ۾ ٿيندڙ سماع جي محفلن ۾ انهن کي ڳايو ويندو هو ۽ ڪاتب انهن کي نقل ڪندا ويندا هئا ۽ فقير انهن کي ياد ڪندا هئا. اڄ سوڌو وائيءَ وارا فقير ڪيترو ئي ڌاريو ڪلام ڳائين ٿا. لطيف بيت ۽ وائيءَ جي حوالي سان ايڏو وڏو نالو آهي جو اسين سنڌي سمجهون ٿا ته بيت آهي ئي لطيف جو، هن سلسلي ۾ الهداد جهنجهي ۽ محمد قاسم راهمون جا گنج شاهد آهن ته هو هر بيت کي شاهه جو ڪلام سمجهي ان کي پنهنجي مرتب ڪيل گنج ۾ شامل ڪري اهو سمجهن ٿا ته اسان لطيف جو وڃايل يا وسريل ڪلام ڪٺو ڪيو آهي. هنن وٽ لطيف جي ٻولي ۽ خيال جو ڪو خاص معيار ڪونهي.
    شاهه لطيف جي صحيح رسالي واري رٿا هيٺ ڀٽ شاهه ڪلچرل سينٽر پاران ڪيتريون ئي ڪوششون ورتيون ويون آهن، ان سلسلي جي پهرين ڪڙي شاهه لطيف کان اڳ جي ڪلاسيڪل سنڌي شاعرن ۽ سندس همعصرن جي ڪلام جي ڇپائي جي رٿا عمل هيٺ آئي، جنهن تحت قاضي قادن، شاهه ڪريم، لطف الله قادري، لطف الله لاکي، ميرن شاهه عنايت ۽ عنايت رضويءَ جو ڪلام ڪتابي صورت ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. ان سلسلي جي ٻي ڪڙي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جا ڏھه جلد آهن، جنهن ۾ هن لطيف جي ڪلام کي ٻن حصن ۾ ورهايو آهي: هڪ رسالي جا بيت ٻيا شاھه جا بيت. سر ڪيڏاري لاءِ ڊاڪٽر صاحب جو خيال آهي ته ان ۾ ستر سيڪڙو ڌاريو ڪلام آهي، ان لاءِ هن احسان فقير لانگاهه جو نالو به کنيو آهي. علامه آءِ آءِ قاضي ته مورڳو پنهنجي مرتب ڪيل رسالي مان ڪيڏاري کي خارج ڪري ڇڏيو آهي، جنهن لاءِ هن جو دليل آهي ته ”لطيف سني مسلڪ جو درويش هو، هو اهڙي شاعري نٿو ڪري سگهي.“ پروفيسر عثمان علي انصاري وري پنهنجي رسالي مان هيٺيون بيت خارج ڪري ڇڏيو، ”چنڊ لڳئي منڊ، سنجهي ئي سيخ ٿئين...“ انصاري صاحب جو دليل آهي ته” لطيف جهڙو پرهيز گار ۽ متقي شخص اهڙا اگھاڙپ وارا بيت نٿو لکي سگھي.“ جڏهن ته سندس رسالي ۾ سامونڊيءَ جو بيت ”اڀرن سيڪارا پسيو ور ٻين جا،“ سسئيءَ جو بيت ”سڀ ننگيون ٿي نڪرو، لالچ ڇڏي لوڀ، سپريان جي سوڀ ننڊون ڪندي نه ملي،“ ”سُتي پون ڇرڪ، آيل ٻاروچن جا“ ۽ ”اگھاڙيون آتڻ ۾ ، پرين پڄاڻان هون“ وغيره جهڙا بيت الائي ڪهڙي مصلحت سبب پنهنجي مرتب ڪيل رسالي ۾ شامل ڪيا اٿس، نه ته سندس سوچ مطابق اهي پڻ خارج ڪرڻ جهڙا بيت آهن!
    هرڪو عالم ۽ محقق لطيف تي پنهنجي راءِ مڙهي رهيو آهي. سڀڪو ائين ٿو سمجھي ته شاھه ائين هو ۽ هن ائين چيو آهي جيئن آئون سمجھان ٿو، ان ڳالھ ڏانهن اشارو ڏيندي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ( تحقيق ڪيئن ڪجي ) شاھه لطيف چيئر ڪراچيءَ پاران ڪرايل هڪ ليڪچر پروگرام ۾ چيو هو ته ”شيخ اسماعيل ۽ معمور يوسفاڻي شاهه لطيف کي آڱر کان وٺي گھمائي رهيا آهن.“
    اسانجي هندو ليکڪن وري ويدانت ۽ هندو مت جي پرچار ۽ اپٽار ڀٽائيءَ جي بيتن جي آڙ وٺي ڪئي آهي، جن ۾ گربخشاڻي ۽ ڀيرو مل مهرچند آڏواڻيءَ، امر ڏنو مل لالواڻي، دادا ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي ۽ ڪلياڻ آڏواڻي جا نالا ڳڻائي سگھجن ٿا، پوءِ به ڊاڪٽر گر بخشاڻي ۽ ڀيرو مل مهر چند آڏواڻيءَ جو ڪم ساراھه جوڳو آهي، ڇو ته هنن لطيف جي ٻوليءَ تي ماهراڻو ڪم ڪيو آهي ۽ وڏي محنت ۽ جاکوڙ کانپوءِ ئي نتيجا ڪڍيا آهن. ايڇ ٽي سورلي اڌ کان وڌيڪ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي تاريخ لکي آهي، پر پوءِ به هن کي لطيف جي شارحن ۾ وڏي حيثيت آهي. لطيف بابت هن جيڪي رايا ڏنا آهن يا مجموعي نتيجا ڪڍيا آهن اهي ايترا ڪارگر ۽ وزندار آهن جو، ڪير به محقق انهن کي نظر انداز نٿو ڪري سگھي.
    اسان کي سوڀو گيانچنداڻي چوندو هو ته ”هاڻي اهڙو ڪو محقق پيدا ٿئي جيڪو گربخشاڻي ۽ ايڇ ٽي سورلي جي ڇڏيل ڪم کي بنياد بڻائي ان ڪم کي مڪمل ڪري.“ هندن جي ڀيٽ ۾ مسلمانن وري قرآن، حديث، سنت ۽ ٻين مذهبي عقيدن جي بنياد تي شاھه جي بيتن جي شرح ڪئي آهي، ان شوق ۾ هو ايترا وڌي ويل آهن سندن لکڻيون شاھه جي شرح گھٽ ۽ قرآن شريف جو تفسير وڌيڪ ٿيون لڳن. ان سلسلي ۾ مرحوم رسول بخش ڏيري جي شرح ڳڻائي سگهجي ٿي. لطيف کي اُمي ۽ لدني علم جو مالڪ چوڻ، هن جي سڄي فڪر، فن ۽ تخليق جي نفي ڪرڻ جي برابر آهي. هن جيڪا به شاعري ڪئي آهي سا سوچي سمجھي ڪئي آهي، هن شين جي پرک حقيقتن جي بنياد تي بنا ڪنهن بغض ۽ عقيدي جي ڪئي آهي، رامڪلي مان هڪ سٽ آهي:
    ”الحب لله والبغض لله، خاصي سندين خوءِ“ معنيٰ : (هو محبت به خدا ڪارڻ ڪندا آهن ۽ دشمني به خدا ڪارڻ ڪندا آهن ) ڀٽائي ان اصول جو پابند هو. هو خوديءَ جو خاص مخالف ۽ انانيت کي ختم ڪرڻ وارو آهي. هن جو درس اهو ئي آهي ته پاڻ وڃائي پاڻ کي ڳولج، هو ته پنهنجي لاءِ چوي ٿو ته” اگلڙي آءٌ، مون کان ڀڳا ڀڙا نه ٿيا،“ ”مون ڪميڻيءَ ڪين ڪمايو“، ”مون ۾ عيب اپار“وغيره.
    سورلي جيڪي لطيف جا ڳڻ ڳڻايا آهن، انهن ۾ هن جيڪا پهرين ڳالھه ڪئي آهي، اها هيءَ آهي ته ”لطيف ان وقت جي رائج وڏين ٻولين يعني هندي، فارسي ۽ عربيءَ جو به ايترو ئي ماهر هو، جيڪڏهن انهن ٻولين ۾ شاعري ڪري ها ته، اهڙي ئي ڀلي ۽ خوبين سان ٽمٽار شاعري ڪري پئي سگهيو. حيرت جي ڳالھه اها آهي ته هن پنهنجي اظهار لاءِ اهڙي ٻولي جي چونڊ ڪئي آهي جيڪا ان وقت جي هڪ مقامي لهجي طور ڳالهائي ويندي هئي. هن ان ٻوليءَ کي ترقي يافته ٻولين جي صف ۾ آڻي بيهاريو، ان کي گرامر ۽ ٻوليءَ جي ٻين نزاڪتن سان سينگاريو.“
    ٻيو نقطو هن اهو کنيو آهي ته ڀٽائيءَ جيڪي شاعريءَ جا موضوع چونڊيا آهن اهي ڪڏهن به ڪنهن ٻوليءَ ۾ اڳ استعمال هيٺ ناهن آيا، اها ئي هن جي وڏي جدت پسندي آهي. هن مثال ڏيندي چيو آهي ته ڪرڙ،کبڙ، ڪتو، ڪانءُ، ڳجھه، اٺ، گھوڙو، دلو، جنڊ، درياھه، سمنڊ، جبل، ”ڪارا ڪراين ۾ ، سون اسان کي سوءَ“ جهڙا موضوع کڻي انهن سان اهڙو ته نڀايو اٿس جو اهي سندس شاعريءَ ۾ سهڻا ۽ سڀاويڪ لڳي رهيا آهن.
    ڀٽائي سڀني جو استاد آهي، هندوءَ کي چوي ٿو:
    هندو هڏ نه آهيين، جڻيو تو نه جڳاءِ،
    تلڪ تنين کي لاءِ، سچا جي شرڪ سين.
    مسلمان کي چئي ٿو :
    ان پر نه ايمان، جيئن ڪلمي گو ڪوٺائين،
    دغا تنهنجي دل ۾ ، شرڪ ۽ شيطان،
    منهن ۾ مسلمان، اندر آذر آهيين.
    سورلي لکيو آهي ته گل و بلبل محبوب جي رخسار ۽ هار سينگار کي ڇڏي، هن لوئي، کٿي، پکي، پسي ۽ پيرُون کي ڳايو آهي، ساڻيھه جي سڪ ته هن جي شاعريءَ جو روح آهي ”سندي جا ساڻيھه، کيھه کٿوري ڀانئيان“، ”حيف تنين کي هوءِ، وطن جن وساريو.“ هونءِ به لطيف اهڙي امن ڀرئي سماج جو گهرجائو آهي جتي ڪنهن به قسم جو جبر، غلامي، ڏاڍ ۽ ننڍ وڏائي نه هجي، نه وري ڪو ٽيڪس ۽ لگان هجي:
    نڪا جهل نه پل، نه ڪو رائر ڏيھه ۾ ،
    آڻيو وجهن آهرين، روڙيو رتا گل،
    مارو پاڻ امُل، مليرونِ مرڪڻو.
    سر سارنگ جو هڪ بيت آهي:
    بر وٺا ٿر وٺا، وٺيون ترائيون،
    پرهه جو پٽن تي، ڪن ولوڙا وايون،
    مکڻ ڀرين هٿڙا، سنگھاريون سائيون،
    ٻانهيون ۽ ٻائيون، پکي سونهن پانهنجي.
    اسانجي اها بدقسمتي آهي جو ڪارل مارڪس کي هندستان ۾ انگريزن جي پاليسين ۽ ترقيءَ جي ڄاڻ ته هئي، جنهن لاءِ ٿرڊ ڪانگريس ۾ ڪافي لکيو اٿائين پر هن کي ننڍي کنڊ ۽ سنڌ جي وڏي شاعر شاهه لطيف جي شاعري ۽ جهوڪ واري سوشلسٽ صوفي شاهه عنايت جي تاريخ جي ڄاڻ نه هئي ته هن سنڌ ڌرتيءَ تي پئرس ڪميون کان اڳ سوشلزم ۽ ڪميونزم جا تجربا ٿي گذريا آهن. شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ هارين، مزدورن ۽ عورتن تي ڪهڙي قسم جي شاعري ٿيل آهي ۽ هتان جي اقتصادي حالتن کي هن ڪهڙي اک سان ڏٺو آهي؛ انهن ڳالهين جي هن کي ڄاڻ هجي ها ته هندستان ۽ ان جي رياستن جي باري ۾ نه ڄاڻ هو ڪهڙا خيال پيش ڪري ها. سورلي شاهه جي فن ۽ تخليق کي ڏسي لکيو آهي ته هن فنڪار جو جنم فطرت جو حادثو آهي.
    سورلي پنهنجي ٻي ڪتاب (ميوزا پرواگنس ) ۾ ستن ٻولين جي وڏن غُنائي شاعرن جي شاعريءَ جي اڀياس ۽ تجزين کانپوءِ اها راءِ قائم ڪئي ته لطيف سڀني کان وڏو شاعر آهي. ان ئي ڪتاب ۾ لکيو اٿائين ته هن وقت پاڪستان جي شاگردن کي اهو ٻڌايو ٿو وڃي ته، علامه اقبال پاڪستان جو وڏو ۽ قومي شاعر آهي، پر جڏهن اڳتي هلي پاڪستان جو شاگرد شاعري پڙهڻ ۽ سمجھڻ جي لائق ٿيندو ته هن کي اهو چوڻ ۾ ڪا به ججھڪ محسوس نه ٿيندي ته شاهه لطيف اقبال کان گهڻو وڏو ۽ قومي شاعر آهي.
    ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي لطيف جي ٻوليءَ تي ڪارائتو ڪم ڪيو آهي. هن جي سر کاهوڙي ۽ رامڪليءَ ۾ هندو مت جا جيڪي پنٿ، شاخون ۽ انهن جا گرو آهن، انهن جي پوڄا جي طريقن تي ڄڻ ته لطيف تحقيقي پيپر لکيو آهي.
    لطيف فطرت جو شاعر آهي. هن جو محور انسان آهي، هن انسان کي عظيم ۽ بلند ڏسڻ چاهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن ڪمين ڪاسبين، مزدورن، هارين ۽ عورتن جهڙن هيٺ ڪريل ڪردارن ۽ طبقن کي مٿي کڻي آسمان تي پهچايو آهي. ڪاپائتي پڙهندي لڳندو آهي ته لطيف کي يورپ ۾ آيل نئين سجاڳيءَ جي ڄاڻ هئي، جنهن سبب سڀ آڏاڻا ۽ گھريلو صنعت تباھه ٿي وئي، مشينون ٻاڦ تي هلڻ لڳيون، ڪاريگر بيروزگار ٿي ويا.
    ڪتي ڪتي ڪالھه، اڄ نه آتڻ آئيون،
    ارٽ اکلي مالھه، پوري ويون نجهرا.
    *
    پلئه پائيو پوڻيون، در در ڀيرا ڏي ...
    *
    آئون ڪاپائتي آهيان، ڪا مون ڪتائي ...
    لطيف جي رسالي ۾ اوهان کي آڳڙيا يعني لوهر، ڪوري، ڪنڀر، اوڏ، ملاح، وڻجارا، هاري سڀ ڪردار ملندا. وڏي ڳالھه ته ڪنهن جنس جي کوٽ سبب بازارن جي ويراني ۽ بندرن جي سڃائيءَ جو نه رڳو ذڪر ملندو پر اها حالت ڏسي هن فنڪار جو هنيئون لوڻ جيان ڳري رهيو آهي:
    نه سي ونئڻ وڻن ۾ ، نه سي ڪاتاريون،
    پسيو بازارون، هينئڙو مون لوڻ ٿئي.
    يا
    نڪا بوءِ بازار ۾ نڪا ڇلر ڇٽ،
    جتي ڏنڀيرن جي، اڳي هئي اکُٽ،
    سي پڙ پسي پٽ، ماڻهو وڃن موٽيا.
    منهنجي نظر ۾ لطيف گھڻ پاسائون، پختو ۽ ڪميٽيڊ شاعر آهي، جنهن سهڻيءَ جي وڪالت ڪري ڪارو ڪاريءَ واري مسئلي تي منڌيئڙو ڦيري ڇڏيو آهي. مارئيءَ جي حب الوطني ۽ قومي ٻڌي ۽ جذبي کي جاوداني بخشي آهي. حقيقيت ۾ ثقافت کاتي وارن جو هي موضوع (لطيف منهنجي نظر ۾ ) پي ايڇ ڊي جو ٽاپڪ ٿي سگھي ٿو. ڪو مقالو يا مضمون ان جو احاطو نٿو ڪري سگھي. ڇو ته ٽيهن سُرن جي سڀني بيتن جي شرح سان گڏ جڏهن انهن جو پسمنظر ڏسبو تڏهن ئي ڪو فيصلو ڪري سگھبو، باقي نظر لاءِ پاڻ آسا جا ٽي بيت لکيا اٿس، جن مان اسانجي اديبن جي نظرياتي وابستگي ظاهر ٿئي ٿي، اهي هي آهن:
    سرمو سفيديءَ جو، جڏهن وڌو جن،
    تڏهن ڏٺي تن، اڇائي عالم جي.
    *
    سُرمو سياهيءَ جو، جڏهن وڌو جن،
    تڏهن ڏٺي تن، اونداهي عالم ۾.
    *
    سرمو سرخيءَ جو، جڏهن پاتو جن،
    تڏهن ڏٺي تن، رونق ريٽي جهڙي.
    اهوئي سبب آهي ته جنهن جي نظر جهڙي، جنهن جو فهم ۽ ادراڪ جيترو آهي لطيف ان کي اوترو ئي سمجھه ۾ اچي ٿو ۽ اهو ان مان اوترو ئي حظ حاصل ڪري ٿو. شاهه لطيف جي اها خاصيت آهي جو هڪ محقق، شارح، اديب توڙي اڻپڙهيل، پنهوار، ٻڪرار ۽ هڪ سادو ڳوٺاڻو به هن جو بيت ٻڌڻ سان يا پڙهڻ سان ڳڱاٽجي وڃي ٿو ۽ سندس لونءَ ڪانڊارجي وڃي ٿي، ڇو ته لطيف اسان جي ڏکنديءَ رڳ تي هٿ رکيو آهي، جنهن ڪري سڀ ڪو هن مان هڪ جيترو سرور ۽ لطف حاصل ڪري ٿو. ٻيو ڪو به اهڙو شاعر ڪونهي جنهن کي پنهنجي ٻولي ۽ ڌرتيءَ وارا ايئن سڃاڻندا هجن پر ڀٽائي جي زبان ڳالهائيندڙ نه رڳو هن کي سڃاڻن ٿا پر هن سان محبت به ڪن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو ساڍيون ٽي صديون گذرڻ کانپوءِ به ماڻهو هن کي وساري نه سگهيا آهن. ڪيترائي ماڻهو ان حيرانيءَ ۾ ورتل آهن ته هي پراڻو ڇو نٿو ٿئي، ماڻهن کان وسري ڇو نٿو وڃي، هي ته نت نت نئون آهي، هر پيڙهي ۽ نسل جي رهنمائي ڪندو پيو اچي، اڄوڪي گلوبل وليج ۽ انٽرنيٽ جي دنيا تي هن جو هيٺيون بيت ڪيترو نه ٺهڪي ٿو اچي:
    هتان کڻي هت، جن رکيو سي رسيون،
    ساجن سونهن سرت، وکان ئي ويجهو گهڻو.
    ***


    شاهه جي شاعريءَ ۾ عورت جا ڪردار

    شاهه جي شاعريءَ ۾ عورت جا ڪردار


    عورت هڪ ڪائناتي ۽ بين الاقوامي موضوع آهي. اسان جي مذهب، تاريخ، ادب ۽ جاگرافيءَ ۾ جيڪي انقلاب آيا آهن، اهي اڪثر ڪري عورت تان آيا آهن. عورت آدم کان اڄ تائين ۽ رام کان رهندِي دنيا تائين هر دور ۾ مرڪزي ڪردار رهندي آئي آهي. اهو حضرت ابراهيم هجي، حضرت لوط، حضرت نوح يا حضرت سليمان هجي، جن جو ذڪر قرآن شريف ۾ سندن زالن جي حوالي سان آيو آهي. قرآن شريف ۾ هڪ ڊگهي سورت ”النساءِ“ جي نالي سان آهي، جنهن ۾ عورت تي تفصيلي بحث ڪيو ويو آهي. قرآن شريف ۾ مومن جي نشانين مان هڪ نشاني صالح ۽ نيڪ زال پڻ ڄاڻائي وئي آهي. رامائڻ موجب رام بنواس پنهنجي ننڍي ماءُ جي نخري سبب ڀوڳيو ۽ سيتا جي سبب جهنگ ۾ هن کي جنگ ڪرڻي پئي.
    هتي اهو ڏسڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته هن ڪائناتي موضوع کي شاهه جي رسالي ۾ ڪهڙي طرح بيان ڪيو ويو آهي. رسالي ۾ موجود عورت جي ڪردارن کي ترتيب ڏئي سندن سماجي بيهڪ، معنوي ڪردار ۽ ان ۾ سمايل سبق جي آڌار تي انهن جي درجابندي ڪري، لسٽ جوڙي، ڀٽائيءَ جي ستن سورمين کان سواءِ سڌا ۽ اڻ سڌا عورت جا ڪردار چونڊينداسين ۽ ڏسنداسين ته اسان جي قومي شاعر انهن کي ڪهڙي گڻ يا خاصيت جي ڪري چونڊيو آهي. ڀٽائي گهڻو ڪري عورت جي زباني شاعري ڪئي آهي، ايتري تائين جو شاعر خود ڪٿي ڪٿي ته عورت ٿو ٿي وڃي: ”اديون عبداللطيف چئي!“ اهو سوال اڪثر ڪري نوجوان ۽ سنڌي ادب جا پاڙهو ڪندا آهن ته لطيف عورت تي ايترو ڇو لکيو آهي؟ ان جي جواب ۾ عرض ته حڪيم فتح محمد سيوهاڻي غلام قومن جي حوالي سان هڪ جاءِ تي لکيو آهي ته ”غلام قومن جون عورتون مرده ۽ مرد زنده لاش هوندا آهن.“ اهو ئي سبب آهي جو لطيف ڌرتيءَ تي انتهائي پيڙهيل طبقن عورت ۽ پورهيت تي ڀرپور نموني لکي ڌرتيءَ جي ٻولي، ثقافت، تاريخ، پيداواري اوزارن ۽ اصطلاحن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ محفوظ ڪري سنڌي ٻوليءَ کي وسعت بخشي. رسالي جي سر يمن ڪلياڻ کان عورت جي ڪردان جي شروعات ٿئي ٿي. ان حساب سان پهريون ڪردار ٿيندو موکي.
    جيئن ته رسالي جو پهريون عورت ڪردار موکي آهي، جنهن جو ذڪر سر يمن ڪلياڻ جي پنجين داستان ۾ اچي ٿو. هن آکاڻيءَ مطابق موکيءَ جي مَٽن جي هاڪ هئي. پري پري کان شهزادا، سردار ۽ جوان ڪَهي اچي موکيءَ جي مئخاني تي مَٽ خالي ڪندا هئا. موکي هنن جي اچڻ جو انتظار ڪندي رهندي هئي ۽ هنن لاءِ هر وقت اڱڻ اڇا رکندي هئي. لطيف انهن پياڪن کي متارن جي نالي سان ياد ٿو ڪري ۽ هنن جي پيئڻ واري عادت ۽ خاصيت تي لکندي چوي ٿو:
    سائِي ڪندا اُڃ، هي پيتو، هو آڻ ڪِي...
    هن آکاڻيءَ جي پڄاڻي نهايت ڇرڪائيندڙ آهي: ست متارا، اتي ٿي آٽيا، وهه نه وهاٽيا، متارا مري ويا، موکي تون به مرُ، موکيءَ جي ڪردار کي واضح ڪرڻ لاءِ لکيائين:
    موکي چوکي نه ٿئي، اصل اوڇي ذات
    وٽيون ڏيئي وات، متارا جنهن ماريا.
    *
    آڻي اتر هير، موکيءَ مٽ اُپٽيا...
    قصي ۾ ڄاڻايل آهي ته پياڪ هن مئخاني تي ڇهين مهيني ايندا هئا يعني سياري جي مند ۾ جنهن کي لطيف ”اتر هير“ سان ظاهر ڪيو آهي. هڪ دفعي متارن کي اهڙو ته خمار ٿيو جو اهي ڇهين مهيني نه آيا. ورندي ٻارهين ماهه موٽي پهتا ته اچڻ سان پروڪي جي پڇا ڪرڻ لڳا ۽ موکيءَ کي چوڻ لڳا ته جو پر پياريو هيئي اهو کڻي آ. موکي ان ساڳي مَٽ کي کولي ان مان شراب اوتيو ته اهو ٿورو هو. مٽ خالي ٿيڻ تي موکي منجهس نانگ جا ڪنڊا ڏٺا جيڪي ڪڍي ٿانوَ ۾ وڌا ۽ متارن کي اهو شراب پياريو، کين اهي ڪنڊا به ڏيکاريا ۽ اها قضا جي ڪٿا به ڪري ٻڌائي:
    موکيءَ سندي مٽ ۾ ، سُري سپ پيو
    *
    موکيءَ جي مٽ ۾ ، ڪو جو زهر ذرو...
    موکيءَ لاءِ چيو وڃي ٿو ته هوءَ مومل جي ٻانهي ”ناتر“ جي ڌيءَ هئي. ڪاڪ محل جي ڦٽڻ ڪري شاهي دسترخوان سنڀاليندڙ هن ٻانهيءَ پنهنجي هنر ۽ حرفت جي زور تي اچي ڪراچيءَ جي گڏاپ واري علائقي ۾ نارا ٿر جبل تي پنهنجو مئخانو قائم ڪيو. متارن جون قبرون به نارا ٿر جبل تي آهن. ستن قبرن مان ٻه پڪيون آهن، جن جي مٿن کان پيالو ٺهيل آهي ۽ هيٺان نالا لکيل آهن. هنن جي قبرن تي آگري جو ڳاڙهو پٿر لڳل آهي. باقي قبرون ڪچيون آهن، جنهن ڪري هنن تي ڪو نالو نشان ڪونهي. موکيءَ جي قبر هتان کان ٻن ٽن ميلن تي اتر اولهه طرف ننڍڙي واريءَ جي ڀٽ تي ڪنڊين جي جهنڊ ۾ آهي.
    ڀٽائي صاحب هن ڪهاڻيءَ جا سڀ پاسا بحث هيٺ آڻي پوءِ متارن جي موت تي جيڪو بيت لکيو هو، اهو ڄڻ ڊيٿ سرٽيفڪيٽ آهي:
    سري ڪين ڪيونِ، وِيڻ موکيءَ جي ماريا،
    ڪو جو سخن ڪلال جو، پِتي تي پيونِ،
    تئان پوءِ ٿيونِ، مرڻ متارن کي.
    متارن جي حادثاتي موت موکيءَ کي ڌوڏي ڇڏيو، هن جو ڌنڌو ٺپ ٿي ويو. اهڙي صورتحال ۾ موکيءَ جي حالت ۽ اڌمن کي بيان ڪندي لطيف سائين چون ٿا:
    منهن وجهيو مٽن ۾ ، موکي اڀي روءِ،
    متارا مري ويا، اڱڻ اچي نه ڪوءِ،
    متارنئون پوءِ، مِٺا مَٽ مِٽي ٿيا.
    *
    ويون اجهامي ان جون، بٺيون بس ڪري،
    ساريو سور چري، موکي متارن جا.
    ان کانپوءِ، سر کنڀات ۾ هڪ بيقرار نوجوان عورت کي اوسيئڙي جون راتيون ڪٽيندي، چنڊ، ڪتين ۽ تارن سان ڳالهيون ڪندي، پري پنڌ هجڻ، پيرين آئون نه پڄڻي، آئون اڳاهين آهيان، ٻاٻل ڏئي نه ٻور جهڙا سوداءُ پچائي نکٽ نئي ٿا وڃن. پرڀات جي ويل، ننڊاکي ماحول ۾ چئون پچونءَ ٿيڻ شروع ٿي ٿئي ته هن عاشق جا خواب ٽٽي ٿا وڃن. سڄي رات چنڊ ستارن سان ڳالهيون ڪندي پرينءَ جي پري هجڻ تي نکٽن کي نت نيون ڪارون پئي ڪري، چوي پئي:
    اڀر چنڊ پس پرين، تون اوڏا مون ڏور،
    سڄڻ ستا ولهه ۾ ، چوٽا ڀري ڪپور،
    پيرين آئون نه پڄڻي، ٻاٻل ڏئي نه ٻور،
    جنهن تي چڙهي اسور، سنجهي سڄڻ ڀيٽيان.
    *
    هن تاري هن جاءِ، هت منهنجا سپرين،
    سڄڻ ماکيءَ ساءِ، ڪَوڙا ٿين نه ڪڏهين.
    *
    تارا تيلانهين، گهڻو توءِ نهاريان،
    سڄڻ جيڏانهين، تون تيڏانهين اڀرين.
    هن کي گمان پيو ٿئي ته متان تارا سمجهندا هجن ته هيءَ اسان ڏانهن گهڻو ٿي ڏسي، شايد اسان هن کي وڻون ٿا! تارن جي غلط فهمي دور ڪرڻ لاءِ انهن کي اطلاع ٿي ڪري. هن ڪردار وٽ مومل کان راڻي جي رسامي بعد واري حالت ٿي پسجي. هن جو ڦوڙائو، هن جو درد ڪنهن ڪوٽ ۾ بند ڪيل ناريءَ جهڙو آهي. هي علامتي، عام رواجي سنڌي معاشري جي ان عورت جو ڪردار آهي، جيڪا سنڌي ڪهاڻيءَ واري ڪردار جيان ٺهي جڙي ايندي آهي ۽ پنهنجي سينڌ تي رکيل ٻن آڱرين واري وعدي جي وفا ڪندي منڍي لڻائي ڇڏيندي آهي. هي اهو ڪردار آهي جيڪو رات جي خاموشيءَ ۾ جڏهن سانت به سمهي پوندي آهي، تڏهن دل جي ڌڙڪن واري تال تي قدم رکي وصل واري سفر تي روانو ٿيندو آهي. سنڌ اندر جيڪي روزانو ڪارين جا ڪيس ٿين ٿا، اهي انهن اڙٻنگ جوانين جا جوان جذبا آهن، جي جهلئي نٿا جهلجن:
    جنهن ڇوريءَ ۾ ڇوهه، سان پٿون ٿيندي پير تي...
    *
    آئون اڪنڊيائي مران، پرين ڀلا! پر ڏور،
    لايان لال لڱن کي، چندن ڀري ٻور،
    ڪوماڻُو ڪپور، مون واجهائيندي سپرين.
    رسالي ۾ کنڀات کانپوءِ سريراڳ ۽ سامونڊيءَ ۾ وڻجاريءَ جو ڪردار نظر اچي ٿو جيڪا سنڌ جي مڊل ڪلاس واپاري، سيلر ۽ جهاز ران جي وني آهي. بندر تي ڪاريگرن، مزدورن جون زالون به موجود آهن. جيڪي پنهنجي ورن جي ورڻ جو اوسيئڙو ڪري رهيون آهن. هنن جي انتظار جي عجيب ڪيفيت آهي ڇو ته مهينن ۽ سالن جا انتظار ٿيون ڪن، ان انتظار جا عجيب نظارا لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ محفوط ڪيا آهن. هنن جي سماجي حيثيت، رشتي، ذهني حالت ۽ عورت جي حقيقي جذبن تي ايترو ته اثرائتي ۽ دل آويز انداز ۾ لکيو اٿس جو شايد ڪا عورت ليکڪا به نه لکي سگهي. اردو ادب ۾ ”لحاف“ ڪهاڻيءَ جي ليکڪا عصمت چغتائيءَ تي به اگهاڙپ جا الزام لڳا هئا. هن صرف ٻن نوجوان جسمن تي هڪ ٻئي کي لتون ڏيندي ڏيکاريو هو. ان عمل دوران جسمن ۾ جيڪا حرارت پيدا ٿي ٿئي، اها سندن جسمن ۾ عجيب ڪتڪتاڙيون ٿي ڪڍي. اهڙي عمل دوران انهن نابالغ ٻارن جي ذهن جي اسڪرين تي جيڪي رنگ ٿا اڀرن، هن انهن جو پنهنجي لفظن ۾ اظهار ڪيو آهي. لطيف هن معاملي ۾ نئين پرڻيل ڪنوار، واپاريءَ جي زال، پرڏيهه ويندڙ جي وني جيڪا تڙ پوڄارا ٿي پوڄي، روز بندر جي سلامي ٿي ڪري، ان جي جذبن ۽ اندر جي آنڌ مانڌ کي هن طرح ظاهر ڪيو آهي:
    وانئٽيون ٿيون ورڪن، اچن سڙهه اپٽيا،
    سي ئي ٿيون مرڪن، جنين سندا آئيا.
    *
    بندر ويچاري، وڃي لائيا ڏينهڙا...
    *
    سڙهه سڃاڻيو چوءِ: ماءِ! سامونڊي آئيا،
    مانَ منهنجو هوءِ، جاني هن جهاز ۾ .
    *
    جنين ڪارڻ مون، تڙ پوڄارا پوڄيا،
    پنيم اميدون، سي ئي سڄڻ آئيا.
    *
    اتر ڏني اوت، نه مون سوڙ نه گبرو،
    چارئي چُنيءَ پوت، ريڙهيندي رات گئي.
    *
    اچين جي پرڀات، ته سنجهي سيءُ نه ساريان،
    ڪامل ڪپاهن ۾ ، جهپ نه اچي جهات ...
    اها سموري ماجرا هن ڪردار جي صرف انتظار واري ڪيفيت جو اظهار آهي، جهن ۾ مختلف حالتن ۽ ڪيفيتن ۾ هوءَ بندر جا ڀيرا ٿي ڪري:

    اڀريا جئائين، ڍڪن تن تڙائيين،
    سامونڊين سائين! واءُ سڻائو وارئين.
    جهڙيون دعائون گهرندي پنهنجو پاڻ سان ڳالهائي ٿي، وڻجاري مڙس تي قسمين قسمين ڪاوڙيون ٿيون اڀرنس:
    وڃئي وسري شال، تو جو سودو سکيو،
    اڃا آئين ڪالهه، پڻ ٿو سفر سنبهين!
    *
    آئين ٻارهين ماهه، پڻ ٿو سفر سنبهين...
    ٻارهن مهينن جي انتظار جي سڪ ئي پوري نٿي ٿئي ته مٿان وري ٻئي سفر جي تياريءَ جون ڳالهيون ٿيڻ ٿيون لڳن:
    وڻجاري جي ماءُ! تون وڻجارو نه پلئين،
    آيو ٻارهين ماهه، پڻ ٿو سفر سنبهي.
    *
    وڻجاري ڪانڌاءِ، مون گهر ويٺي گهاريو...!
    *
    لاهيندا ئي ڪن، ڳالهيون هلڻ سنديون،
    ڏيندا مون ڏکن، وهه وجهندا جندڙو.
    اهڙي صورتحال ۾ اهڙن جذبن جو اتپن ٿيڻ فطري ڳالهه آهي. جسماني گهرجن پٽاندڙ انساني نفسيات ۾ تبديلي هڪ حقيقت آهي، جنهن جو ذڪر شاعر سهڻي پيرائي ۾ ڪري پڙهندڙ کي پنهنجي گرفت ۾ وٺيو ڇڏي. پڙهندڙ نه چاهيندي به شاعر جو هم خيال بڻيو وڃي. اها هن جي فن جي ڪماليت آهي، نه ته سنڌي جاگيرداراڻي معاشري ۾ جتي عورت کي ذاتي ملڪيت تصور ڪيو ويندو هجي، اتي مرد ان جي مالڪي ڪيئن ٿو ڇڏي سگهي، پر اسان جو شاعر اهو اختيار عورت کي ٿو ڏئي ته هوءَ پنهنجو جوڙ جيس ڪنهن کي ٿي بڻائي. ”منهنجو مالڪ تون، ٻيو ور ڪنديس ڪين ڪي...“ ور کانسواءِ، ونيءَ لاءِ هڪ وير به عجيب عذاب ۽ ڏک ڏيندڙ آهي. هن پيڙا جو ذڪر لطيف، طلاقيل، وانڍين، ڪلين ۽ اڪيلين عورتن جي پيرائي ۾ ڪيو آهي:
    ور ريءَ جي وانڍين اڏيا، پکا سي م پُسن،
    اتر ڊاهي ان جا، ته ڪنهن کي ڪارون ڪن
    وارث وري تن، اچي شال اولو ٿئين.
    عورت جي ان دائمي ۽ فطري درد جو حل اسان جو اڄ جو ايڪويهين صديءَ جو معاشرو به نه ڏئي سگهيو آهي. ننڍي کنڊ جي ادب، فلم ۽ ڊرامي واري صنعت وٽ اڃا شاديءَ جو موضوع جاندار آهي جنهن ۾ مختلف ڪهاڻين ۾ عورت کي سندس مرضي خلاف، مٿس ٿيندڙ ذهني ۽ جسماني تشدد ڀوڳيندي ڏيکاريو ويندو آهي. بي جوڙ شادين سان سڄي گهر جو ماحول بگڙيو وڃي ۽ اسان جي سوسائٽي ڀورا ڀورا ٿيو وڃي.
    هن سر ۾ نه رڳو ان عورت ڪردار جي پيڙا تي لکيو ويو آهي پر سنڌ جي واپاري ۽ صنعتي لاڳاپن، پرڏيهه سان ٿيندڙ واپار ۽ پرڏيهي بندرن ۽ شهرن جو ذڪر به ملي ٿو، جيڪو هڪ ڊگهو ۽ الڳ موضوع آهي.

    آيل ڍولئي ساڻ، هوند ڳر لڳي ڳالهيون ڪريان...
    *
    آيل ڍولئي ساڻ، اچي ته جهيڙيان،
    لايئي ڏينهن گهڻا، مون سين ڪيئي ٿورڙا.
    *
    هينئڙو ٻيڙيءَ جيان، ڏتڙ پئي ڏينهن ٿيا،
    پڇيو تان نه پريان، ڪرلاهو ٿي ڪڏهين.
    اها صورتحال اهو ئي ماڻهو سمجهي سگهي ٿو، جنهن جو درياهه سان واسطو هوندو، جنهن جو رستو پتڻ جو هوندو ته ان کي خبر هوندي ته ٻيڙي اوجهڙ/اوتڙ يا خراب تڙ ۾ ڪيئن ڦاسندي آهي ۽ منجهس ڪيئن پاڻي ۽ واري ڀرجي ويندي آهي. منهنجي هِنئين سان اهڙي ويڌن ٿي آهي پر منهنجا پرين ڪڏهن پڇا ڳاڇا ڪرڻ ۽ احوال معلوم ڪرڻ به نه آيا آهن. وڻجاريءَ جي ويچارن، الڪن، ارمانن ۽ اوسيئڙن کان سواءِ هن سر ۾ سمونڊ جي سوڙهه، خطرن، درياهه ۽ سمونڊ جي صورتحال، موسم، ڪڏهن چاڙهه ته ڪڏهن ماٺار واري موسمي صورتحال جو ذڪر ڪيل آهي:
    مون ٿي چيوئي ڪانڌ، ڀُتي ڀاڙ مَ مڪڙي،
    پکي پراڻا پانڌ، لهريون صحي لڳنديون.
    هن سر ۾ هڪ اهڙو ڪردار به آهي، جيڪو کاري کيڙائن کي بندر تي اوساري، انهن سان پار ٿو کڻي، جنهن مان معلوم ٿو ٿئي ته هن عورت جا وارث، ور ڪنهن حادثي ۾ فوت ٿي ويا آهن. هنن جي جهاز کي نقصان رسيو آهي، ڇو ته ڇهين مهيني ورڻ وارا ٻارهين مهيني به ناهن موٽيا. اهڙي صورتحال کي واضح ڪندي سنڌ جو مها ڪوي لکي ٿو:
    کاري کيڙائن، جيڪس وَهه وري ويو،
    گوندر ماريندو، ويچاريءَ وين جو.
    جهاز جي تباهه ٿيڻ متعلق لکي ٿو:
    پرزو پيدا نه ٿئي، تختو منجهان تن،
    وڏا ٻيڙا ٻار ۾ ، هليا هيٺ وڃن...
    ***


    شاهه جي رسالي ۾ سهڻيءَ جو ڪردار

    شاهه جي رسالي ۾ سهڻيءَ جو ڪردار

    هن سُر تي لطيف سائين نالو ئي پنهنجي ڪردار تان تجويز ڪيو آهي. هن ۾ ڏهه داستان آهن، جن دوران ڪنهن ڊرامي جيان پردو کڄندو رهي ٿو. ڪردار اسٽيج تي نروار ٿين ٿا. ڊائلاگ ٿو ٿئي. منظر ۽ پس منظر پيش ڪيا ٿا وڃن. هيروئن جي جسماني، ذهني ۽ روحاني ڪيفيتن، حالت ۽ ماحول تي ڪئمرا ڄميل آهي. هڪ هڪ لمحي جو وچور ۽ هر ايڪشن جو عڪس فلمبند ٿيل آهي. لطيف جي ستن سورمين مان سهڻيءَ جو رسالي ۾ پهريون نمبر آهي. هي رسالي جو ڇهون سُر آهي. سڀني سورمين کان پهريان هن جو ذڪر ٿو اچي. لطيفي روايت به آهي ته هي سُر ڳائڻ دوران ٻڌندڙن کي سهڻيءَ جي ”سُرڪ“ يعني کير ڍُڪُ پياريو ويندو آهي، جيڪو ڳوٺ جا ڀاڳيا رزق ۾ برڪت جي آس کڻي، فقيرن جي خدمت ۾ پيش ڪندا آهن. هڪڙي طرح هي رسم سهڻيءَ جي سنت به آهي. هن سر جي پڄاڻيءَ تي ”مائي سهڻيءَ“ جي دعا گهري ويندي آهي جنهن جا پهريان اکر آهن: ”سهڻيءَ جا سائين! سڀني جا موچارا مقصد پورا ڪرين!“ وغيره.
    عاشقن ۾ هيءَ حقيقي عاشق آهي جنهن لاءِ لطيف لکيو ته:
    حقان حق ٿئوس، هئي طالب حق جي...
    *
    هلو ته پڇون سهڻي، جا ڪر ڄاڻي نينهن...
    *
    هُئي طالب حق جي، توڏي لاڪون توڙ...
    لطيف جون ٻيون سورميون پرڻيل آهن، پنهنجن مڙسن سان وفاداري ٿيون ڪن. ليلان لالچ ۾ اچي هڪ رات لاءِ چنيسر جو سودو ٿي ڪري، جنهن تان چنيسر جي غيرت ڀڙڪو ٿي کائي ۽ ليلان سڄي عمر فراق ۽ ڦوڙائي ۾ گهاري چِتا ٿي چڙهي. هنن سڀني ڪردارن ۾ سهڻيءَ جو ڪردار انوکو آهي. هيءَ علي الاعلان عشق ٿي ڪري. هن جي ان چلت کان بيزار ٿي، گلا کان بچڻ خاطر زوريءَ هن جي ڏم سان شادي ٿا ڪرائين:
    گهر گهر گلا جا وهي، پاڙي پوءِ پچار.
    *
    هوءِ جا پڪ پرين جي، آهيان تنهن آساري...
    *
    ٻيلي پار ٻُرن جي، تن کرڪن وڌيس کاري...
    سهڻي هڪ انقلابي ۽ باغي ڪردار آهي. اهڙو باغي جيڪو پنهنجي وقت جي مروج قانونن، رسمن، رواجن، هٿ ٺوڪين اصولن ۽ نالي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجڻ جو ناهي. سهڻي انهن سڀني ريتن ۽ روايتن کان بغاوت ڪري حقيقي حق جو عَلم اوچو ٿي ڪري. عورت ذات جي دائمي، نج ذاتي ۽ زناني حق جي حاصلات لاءِ وڏي واڪي نعرو ٿي هڻي:
    ڏم پاسي ڏکندو، صحت وٽ سنگهار...
    *
    ساهڙ ڌاران سوهڻي، اڌوتِي آهي
    تن وڌائين تار ۾، ارواح جي آري،
    محبت ٿي ماري، ڪونهي داد درياهه ۾.
    سهڻيءَ لاءِ نه رڳو گهر گهر گلا، پاڙي پاڙي پچار، ڏم جا مهڻا، سس نڻان جا طعنا، سنجهي، آڌي رات، چنڊ وهاڻي پرڀات، اڻٽيهين اونداهي، جهڙ، جهڪ، مينهن واءِ، سيءُ پارو، درياهه جي دهشت، ڪُنن جا ڪڙڪا، دوپارا دڙڪا، ڪپر ڪارونڀار، پائيندڙ پڪون، چڪڻ ۽ ويرون واٽ نه ڏين، پوءِ به هيءَ آهي جا گهري ۽ گهوري پرينءَ مٿان جندڙو. پوءِ به هن جي اندر جي آنڌ مانڌ جهڪي نٿي ٿئي. ڪيئي الڪا اٻڙڪن پيا... وهڻ وڇارن مٽيون... ڪچي جي ماحول ۾ ٻنهي مندن يعني سانوڻيءَ ۽ سياري ۾ لڏپلاڻ ٿيندي آهي. سانوڻ ۾ ڍنڍون ڍورا ٻڏي ويندا آهن، هيٺاهين تي پاڻي بيهي ويندو آهي، رستا ٻڏي ويندا آهن. پوءِ مالوند ماڻهو سانگ ٿي مٿانهين آسوديءَ جُوءِ ڏانهن مال ڪاهي ويندا آهن. هاڻ درياهه ۾ چاڙهه آهي، جيئن تيئن ڪري سهڻي تري هُن ڀر پهتي آهي ته چڙن جي ڀڻڪ به نٿي ٻڌي، تڏهن الاهون ٿي ڪري:
    سڄڻ سانگ سندوءِ، شل اچي اوراهون ٿئي...
    هن کي اها ئي ڳڻتي آهي، ته ڪٿان ميهار جي دونهينءَ جي لاٽ ڏسان، کرڪين، ڀوئرن ۽ چڙن جي ڪا چونگار ڪن پئيم ته جيئن ساهڙ جي سنئين سانگ رسي ساڻس روح رچنديون ڪيان. وري جڏهن سياري ۾ درياهه لهي ويندو آهي ته مالوند پنهنجن ماڳن تي موٽ ڪندا آهن، هن مند ۾ وري پڪي جا ماڻهو پنهنجو مال ڪاهي ڪچي ۾ سانگ تي ايندا آهن، ڇو ته درياهه جي ٻوڏ جي ڪري سموري جُوءِ خوشحال ۽ سرسبز ٿي ويندي آهي، هر طرف گاهه ئي گاهه هوندو آهي.
    ٻيلا ڪج ٻهون، ته ڪانڌ ڪوڪاري ڪنڌئين...
    ڀٽائي صاحب پنهنجي ڪردارن کي آڱر کان وٺي هلائڻ وارو ۽ انهن کي همٿ ڏيندڙ فنڪار آهي جيڪو هنن کي موت جي منهن ۾ به خوش ۽ بيخوف بڻائي ٿو ڇڏي، انهن کي اڳتي وڌڻ لاءِ اتساهي ٿو:
    گهڙيا سي چڙهيا، ائين اٿيئي،
    مَئي متي مهراڻ ۾ ، پئو ٽپو ڏيئي،
    ميهار مليئي، سنڀوڙو سيڻاهه سين.
    ڀٽائي سنڌي ٻوليءَ جي الٽيءَ معنيٰ وارا محاورا به خوب استعمال ڪيا آهن. جيئن اسان ٻن پريت ڪندڙن کي ”کريل“ سڏيون، پر اصل ۾ اهي ٺهيل هوندا آهن، نه ڪي کريل. ان مسئلي تي ڀٽائي صاحب سهڻيءَ جو چٽو ۽ واضح موقف بيان ڪيو آهي. هوءَ کريل هجڻ جو اعتراف ٿي ڪري، صرف ٿورڙي وضاحت سان:
    ٻيلي پار ٻُرن جي، تن کرڪن آئون کارياس،
    اهڙي آئون نه هياس، عشق اٿاريس اوچتي.
    شاعر سهڻيءَ کي صلاح ٿو ڏئي ته ست ڇڏي لنڊي ٿيءُ ته لُڏين ۽ لاڏ ڪرين، يار جو چيو ڪري آڌي رات اٿي هن تار هن درياهه ۾ نه پر، ڍڪڻ ۾ ڍڪ پائي مَرُ يعني گهڙي گهڙيءَ جو موت قبول ڪر ڇو ته درياهه توکي ٻوڙي نه سگهندو، نه وري ڪُن ئي توکي ڪجهه ڪري سگهندا:
    سالم وئي سهڻي، ڪُنن ڪين ڪيوس...
    هن جي درياهه ترڻ جا به رسالي ۾ مختلف ٽائيم ٽاڻا بيان ڪيل آهن، ڪڏهن سنجهي جو سينگار ڪري گهران ٿي نڪري، ڪنهن مهل اونداهي اڌ رات جو ٿي اُٿي، ڪڏهن چانڊوڪيءَ ۾ ڪُنن ۽ لهرن سان جهيڙيندي پئي وڃي. ڪڏهن ته اڻٽيهين به نصيب ۾ اچيو وڃيس پر شاعر صلاح ڏيندي چويس ٿو ته هاڻي لڪڻ ڇپڻ ڇڏ، من ميهار سان گَڏِ، آڌيءَ جا انتظار ڇڏي پرڀات جو پرينءَ ڏانهن وڃ، ڀل ته توکي ڏيهه ڏسي ۽ ميهر مهڻا ڏي، جيڪي تنهنجو مُرڪ آهن:
    سدا پڇ مَ سهڻي، اونداهي اڌ رات،
    پريان ڏي پرڀات، ونءَ ڏيٺاري ڏيهه کي.
    هتي لفظ ڏيٺاري ڏيٺ ۽ ڏيٺيءَ مان ٺاهيو اٿس جنهن جي معنيٰ ٿيندي ”ڏيکاري“. هاڻي سچ به سهڻيءَ کي لڪڻ ڇپڻ جي ضرورت ڪانهي. هوءَ ملڪان ملڪ مشهور ٿي چڪي آهي، هن عشق جا اڙانگا امتحان ڏنا آهن. ميهار ۽ ڏم متعلق هن جو موقف واضح آهي، تڏهن ته ور ور ڪري پيو چوي:
    سَتي ٿي مَ سهڻي، لنڊي ٿي لڏيج،
    چيو ڪر چگهه جو، آڌيءَ رات اٿيج،
    ريءَ هِنَ ٻار ٻڏيج، ڍڪڻ ۾ ڍڪ ڀري.
    *
    آئون طعني سوڌي تنهنجي، تون طعنو ئي مون...
    *
    طعني لئي تران، مٿي وهه واڪا ڪيو...
    سهڻيءَ کي ميهار کان شڪايت آهي ته ڪڏهن ميهر ٻانهن ۾ هٿ وجهي، رهي پوڻ جو ناهي چيو، هوند ريءَ چئي رهي پوان، ڪڏهن ڪوڙي صلاح به نه ڪيائين جو آئون دوست جي دونهينءَ وٽ عمر گذاري ڇڏيان. ڏاجي ۽ پڙي جا کنهبا، ويس وڳا ۽ زيور هوند لڱين نه لائيان:
    چونم جي هيڪار، موٽي وانءُ مَ سهڻي،
    دونهينءَ پاسي دوست جي، گهاريان سڀ ڄمار،
    ٻانڌيئڙا ٻيهار، مور مَ لڱين لائيان.
    ٻانڌيئڙن ۾ لائن جو وڳو، جنهن ۾ پڙو، انگي ۽ چني ٿيندي آهي، ٻيو خاص ڪري نڪ جو ڪوڪو عورت کي مڙس پاران وڌل ناڪيلي ڀانئي ويندي آهي، ڇو ته مڙس مرڻ تي سوڳ ۾ زال سڄي عمر ڪوڪو ناهي پائيندي. جهڙي طرح هر ماڻهوءَ کي ماءُ ٿيندي آهي ته سهڻيءَ کي به هڪ ماءُ آهي. هر ماءُ پنهنجي ٻار جا ڀيد ڄاڻندي آهي، هن جي حرڪتن، عادتن ۽ نفسيات کان واقف هوندي آهي، ڇو ته هوءَ کي هن جي تربيت ڪندڙ هوندي آهي. هن کي خبر هوندي آهي ته ٻار کي ڪهڙين شين سان پيار ڪرڻ سيکاريو اٿم. ڪنهن کان ڊڄڻ، ڪنهن کان نفرت، ڇا وڻندو اٿس ۽ ڇا نه. ٻار به پنهنجي دل جو بار هلڪو ڪرڻ خاطر پناهه ۽ سڪون به ماءُ جي گود ۾ ڳوليندو آهي ۽ ان سان ئي اور اوريندو آهي. سهڻيءَ جي ماءُ کي به آنڊن ۾ وٽ پيا پون. هوءَ پنهنجي ڌيءُ جي انتظاري، بيقراري، خطرن ۽ جان جي جوکم جو سوچي، جڏهن ماڻهن جي وات ڏانهن ٿي سوچيائين ته ماڳهين مريو پئي پوي. سهڻيءَ کي ايلاز، منٿون، هدايتون، پيار، سمجهاڻيون، جهنگ ۽ جر جي جناورن جا خطرا، سُر وڃڻ جا ڊپ! پر سهڻي هڪ به نٿي ٻُڌي. ماءُ کي چوي ٿي: اي امڙ! تو جيان جي ساهڙ منهنجو فڪر ڪري ته هوند مسئلو ئي حل ٿي وڃي:
    آيل! توءِ جيئان، جي مون سارين سپرين...
    سهڻي ٿي چوي ته اي امڙ! مون کي ترڻ کان سواءِ ٻي واٽ ئي ڪانهي، ڇو ته پاڻي پير نٿو سهي، نه وري لهر نياپو ٿي کڻي وڃي، مون کي پرينءَ جي خير جي خبر ڪير آڻي ڏيندو؟ ان سانگ سبب آئون سير اڪيريو اچان:

    پاڻي سهي نه پير، لهر نياپو نه مڻي،
    آڻي ڏيندو ڪير، سُڌيون سپرين جون.
    *
    آئون نه ڄاڻان ائين، ته جر گهڙئي جوکو ٿئي...
    جر گهڙڻ، تار ترڻ ۽ ڪُن ڪپڻ واري سهڻيءَ جي ڪثرت ايترو ته وڌي وئي هئي، جو هن کي ٻيو ڪو ڪم سُجهندو ئي ڪين هو. هن عمل کان متاثر ٿيندي، درياهه ۾ ترڻ تي سهڻيءَ جي ڪيتري گرفت آهي ۽ هي ڪم هن لاءِ ڪيترو ڏکيو يا سکيو آهي؟ ان لاءِ لطيف جنڊ جي علامت جو استعمال ڪري سهڻيءَ کي آسمان تي پهچائي ڇڏيو آهي:
    جنين جَرُ جنڊ ٿيو...!
    جنڊ عورت جو فطري عمل آهي، جنهن جو لاڳاپو سانجڻ سان آهي. ان پينهين، اٽو ڳوهي ماني ٺاهڻ، عورت جي معمول جي ڪرت آهي. اهڙي طرح درياهه ترڻ سهڻيءَ لاءِ پڻ ائين روز جي ڪار ڪارت جهڙو عمل ٿي پيو آهي. اهڙي خوفائتي عمل جو نتيجو به اهڙو ئي نڪرڻو آهي.
    ٻر ٻر ٻڏي سهڻي، ويرن ۾ وائي...
    *
    دلو دور درياهه ۾ ڪيو ارادي اڌ...
    نه اوراڙ نه پراڙ، ويچاري وهه وچ ۾ .نيٺ هن تي موت واقع ٿو ٿئي. ڪهڙي طرح دم ٿي ڏئي، اها تصوير به شاعر جي اکين کان اوجهل نه ٿي آهي، چوي پيو:
    غوطي ۾ غوطو، مون کي محب ميهار جو...
    شاهه سائين سهڻيءَ جي جنازي کڄڻ ۽ ڪانڌين جو ذڪر ڪجهه هن طرح ٿو ڪري:
    ڪانڌي ڪنگ ٿياس، وهڻ جنازو سهڻي،
    ٻگها جي ٻيٽن جا، ڪلها تن ڏناس،
    اکين مَلڪه ڏٺاس، توءِ من ڪاڍو ميهار ڏي.


    مونکي ڀانئي ڀاڄ (سسئيءَ جي پس منظر ۾ لکيل )

    مونکي ڀانئي ڀاڄ (سسئيءَ جي پس منظر ۾ لکيل )


    هن ڌرتيءَ تي جڏهن کان ذاتي ملڪيت جو تصور پيدا ٿيو تڏهن کان قديم قبائلي دور، جاگيرداري ۽ سرمائيداريءَ جي دور ۾ به عورت جي حيثيت هڪ غلام کان وڌ نه هئي. هن کي ذاتي ملڪيت تصور ڪيو ويندو هو. پوءِ جڏهن سرمائيداريءَ جي عروج واري دور ۾ اينگلس ۽ مارڪس جدلي ماديت تحت مروج معاشي نظام تي تنقيد ڪندي، ان حقيقت ڏانهن اشارو ڪيو ته سرمائيداري پنهنجي ڪک مان سوشلزم کي جنم ڏيندي، وڏين وڏين فيڪٽرين جي قيام سان پورهيت هڪ جاءِ گڏجي ڪم ڪندا ته پنهنجي مسئلن کان روشناس ٿي پنهنجي پورهئي جي ڦرلٽ خلاف آواز بلند ڪري سرمائيداريءَ تي فتح حاصل ڪندا. ان وقت سوشلزم خلاف اها پروپئگنڊا ڪئي وئي ته جيڪڏهن تمام ذاتي ملڪيت کي گڏيل ملڪيت ۾ تبديل ڪيو ويو ته عورتون به گڏيل ملڪيت ٿي وينديون. اهڙي تنقيد جي جواب ۾ اينگلس ۽ مارڪس ڪميونسٽ مينيفيسٽو ۾ لکيو ته حقيقت هيءَ آهي ته سرمائيدار پنهنجي گهر واريءَ کي به پيدا واري اوزار سمجهي ٿو ۽ جڏهن هو اهو ٻڌي ٿو ته ڪميونسٽ سمورن پيداواري اوزارن کي گڏيل ملڪيت بڻائي ڇڏيندا ته فطري طور اهو نتيجو ٿو ڪڍي ته سڀني پيداواري اوزارن وانگر عورت به گڏيل ملڪيت بڻائي ويندي، سندس خواب خيال ۾ به اها ڳالهه نه ٿي اچي ته ڪو اهڙو معاشرو به ٿي سگهي ٿو، جنهن ۾ عورت جي اها حيثيت ته هوءَ رڳو پيداواري اوزار ٿي رهي، ختم ڪئي ويندي ۽ کيس معاشري ۾ اها ئي حيثيت هوندي جيڪا مرد کي مليل آهي.
    جيئن ته سسئي به جاگيرداري دور جو ڪردار آهي، ان ڪري ان معاشري جا ماڻ ۽ سوچ به اها ئي هئي، جتي عورت کي ذاتي ملڪيت تصور ڪيو ويندو هو. سسئيءَ جي الڪن، وسوسن تي اهي ئي خيال حاوي ٿا رهن.
    هن ليک جي عنوان وارو بيت سنڌي سماج جي هڪ اهڙي ناسور ڏانهن اشارو ڪري رهيو آهي جنهن جا ڦٽ اسان اڃا چيٺي نه سگهيا آهيون. ان جي جسم مان رت پونءِ جاري آهي. اهو ناسور آهي ”ڪارو ڪاري“ جنهن کي ڀٽائي صاحب ”ڀاڄ“ جي لفظ سان ظاهر ٿو ڪري، سندس ڪردارن مان سسئي، مومل ۽ مارئيءَ تي اهو چُٽو لڳي ٿو، ڇو ته مارئي کوهه تان کڄي ٿي وڃي. ان واقعي کي اسان جو شاعر مارئيءَ جي زباني هيئن ٿو چوي:
    ڪنڊ لنگهيندي ڪاڻ، پيئيم پنهوارن سين،
    اتي جي عبداللطيف چئي، رنو سڀ رهاڻ،
    ان هيڻائيءَ هاڻ، منهن مٿانهون نه کڻان.
    ”کڄي وئي!“ ان خبر تي، مارئيءَ جو ڪنڌ جهڪيل آهي ته اها مارئيءَ جي هيڻائي آهي. ٿر جي هر ڪچهري، ڀل ان ۾ ڪيترا به ماڻهو هجن، اهي هن خبر ۽ واقعي تي رنا آهن. اهڙيءَ طرح مومل سان گڏ سومل کي ستل ڏسي، راڻو ناراض ٿي واپس ٿو وري، اهو نه ته مومل کي سجاڳ ٿو ڪري، نه وري ڌارئي مرد جي تصديق ٿو ڪري، هو صرف مومل تي ڪاوڙجي پنهنجي نشاني (لڪڻ) هن جي پلنگ تي ڇڏي ٿو وڃي.
    رکي ڪام ڪڻڪيو، ماريس تنهن گمان ...
    ڪاڪ ۾ ڪٽر پئجي ويو، راڻو مومل کان منهن موڙي، دل ئي دل ۾ هن کي بي وفا، چالاڪ ۽ لالچي عورت سمجهي سدائين لاءِ ڪاڪ کان پنهنجو ناتو ٽوڙي ٿو وڃي. مومل ان الزام مان آجي نٿي ٿئي. هن کي جوڳياڻي ٿي راڻي کي راضي ڪرڻ جا جتن ڪرڻا ٿا پون، جيڪي سڀ جا سڀ بيسود ۽ بيڪار ثابت ٿا ٿين ته هيءَ ڏاگهه تي چڙهي پاڻ کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ جيئري اگني سنسڪار ۾ هلي ٿي پوي. راڻو اها خبر ٻڌي هن سان ان مچ ۾ شامل ٿو ٿئي. پنهون واپار سانگي اچڻ کان پوءِ ڀنڀور ۾ شادي ڪري ايئن ويهي ٿو رهي جهڙوڪ ڀنڀور هن جو ساڻيهه هجي. جڏهن ڀائر پنهونءَ کي کڻي ٿا وڃن ته سسئيءَ جي اندر ۾ ڪيئي انومان، وسوسا ۽ وهم ٿا ٿين. هوءَ ڏيرن جي ان عمل تي پنهنجو پاڻ سان اور اوريندي، سوچي ٿي ته پنهونءَ سان ڪنهن پنهنجي اصل ذات ”ٻانڀڻ“ سلي آهي جنهن ڪري هو مون کي غير مذهب ۽ ڌاري سمجهي ڇڏي ويو. جڏهن پنهونءَ جو پيار ان خيال تي غالب ٿو ٿئي ته وري سوچي ٿي: ڪٿي مون کي ڏير ”ڀاڄ“ (يعني ڀاڄوڪڙ، ڀڄي پرڻو ڪندڙ وغيره) سمجهي ڦٽي ڪري ته نه ويا آهن. هن سمجهيو ته هن پاڻهرتڙو پنهونءَ سان پيار جو پرڻو ڪيو آهي (مارڪس جو ذاتي ملڪيت وارو تصور ۽ عورت) سسئيءَ جا اهي سڀ خدشا اسان جي قبائلي جاگيرداراڻي سماج جي سوچ جي عڪاسي ڪن ٿا. اسان جي سماج ۾ جتي عورت ذاتي ملڪيت تصور ڪئي ويندي هجي اتي هن کي پنهنجي پسند ناپسند جو ڪو به حق ڪونهي. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”ماءُ پيءُ ڪئڙي پٺيءَ لائي هليو وڃجي“ تڏهن ته سسئيءَ کي اهو احساس ٿو ٿئي ته:
    نڪي آهيان سڱ ۾ ، نه ڪي سڱـيڻي،
    آهيان ڪميڻي، ذات ٻاروچي نه پڙان!
    هن کي الائي ڪهڙا ڪهڙا خيال پيا دل ۾ اُٿن: ڪڏهن پاڻ کي ڌاري، ڪڏهن ڀاڄ ڄاڻندي، پنهنجين ڪوتاهين تي سوچي ٿي ته مون ڏيرن جو آڌرڀاءُ ايئن نه ڪيو، جيڪو هُنن جو حق هو، مون نه ڪي سهيليون سرتيون سڏائي ڳيچ ڳاتا، نه کاڌا پڪا، نه وري ايئن ڪيم جيڪا راڄ جي رسم هئي، يعني ”شاديءَ جي دعوت“ ان ڪري مون کي ڇڏي ويا! ڪڏهن بلوچن تي ڪاوڙ ڇنڊي ٿي، ڪڏهن ته پاڻ تي ڏوهه ڏيندي پاڻ کي ئي قصور وار ٺهرائي ٿي.
    سِڪي ستيس جن لئي، آيا تان نه اٿياس،
    ڀينر آئون ڀلياس، نه ته سڪ سمهڻ ڇا لڳي!
    ڪاوڙ وچان پنهونءَ کي پاراتو ڏيندي مٿس پيار جي پالوٽ ٿي ڪري:
    پنهل! پاراتو ڏيئين، ٻئي هٿ کڻي؟
    جڙيون هوندين جڳ ۾ ، ٻيو ڏيندوءِ رزق ڌڻي...
    ان ننڊ ندوريءَ کي نندي ٿي جنهن هنن جي وچ ۾ ورهين جو وڇوڙو آڻي ڇڏيو، هن کي ڏونگر جا ڏاکڙا ۽ لڪن جا لوڏا، برداشت ڪرڻا پيا:
    رتيءَ جي رهاڻ، رلايس رڻن ۾ ... پنهونءَ سان جا پلڪ پيار جي گذري، سا ساهن کي سڄي عمر اورڻ ۾ آئي:
    حبيبن هيڪار، منجهان مهر سڏ ڪيو،
    سو مون سڀ ڄمار، اورڻ اهو ئي ٿيو.
    هيءَ نڪاح ٻڌي زال هئي، ان حق تحت دعويٰ ٿي ڪري ته:
    آريءَ جي اولاد ۾ ، منهنجي پنهل منجهه پتي...
    هن جو پنهونءَ تي ايترو ئي حق آهي، جيترو پنهونءَ جو هن تي. هن ته پهرين پاڻ پارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي: ڀنڀور کان ڀڄي، پنهونءَ جي پٺ ۾ هلڻ سان ئي هن کي راحت نصيت ٿي ٿئي. هيءَ تڏهن به نٿي ٿڪجي، هي ساڻي ٿي پگهر ۾ شل ٿي ڪري ٿي پوي ته ان منظر کي اسان جو شاعر اهڙن لفظن سان ياد ٿو ڪري جو اها تصوير ڪنهن لافاني فنڪار جو شاهڪار ٿي لڳي، تصوير ڪجهه هن طرح آهي:
    سسئيءَ سيڻن لئي، وڌو پاڻ سڪاڻ ...
    برن ۾ هيءَ جنهن پير پٺيءَ پئي وئي اهو ڪٿي ڪٿي واءُ وڃائي پيو ڇڏي، ان کي ڪارون ٿي ڪري ته جنهن پٺيءَ پنڌ ٿي ڪيان، جيڪو برن جو بورائو آهي، منهنجو سونهون آهي، اي واءُ! ان کي نه وڃاءِ، جڏهن گس تي تازي گسي ڏسي ٿي ته ڪَرُ پنهونءَ تي نظر ٿي پويس، بي اختيار چئي ٿي ڏئي:
    هيءَ گسي هيءُ گس، هي پهڻ هي پيچرو...
    ڪيتريون ئي سهيليون هن کي موٽڻ جي صلاح ٿيون ڏين ته انهن کي ايلاز ٿي ڪري ته مون کي موٽڻ جي مصلحت نه آڇيو. جڏهن ماءُ هن کي سمجهائي ٿي ته هن جي صبر جا بند ٽٽي ٿا پون. ماءُ کي اهڙا کرا ويڻ ٿي ڏئي جو هوءَ مائي ”کٽياڻي“ دنگ رهجيو وڃي.

    ماءُ! وهاڻو وار، کڻ پٿراڻي پانهنجي،
    جيڪي ڏنئي ڏيج ۾ ، سو سڀوئي سار،
    وڃان ٿي وڻڪار، ڏٺم پير پنهونءَ جو.
    *
    هيڏي شهر ڀنڀور ۾ ، جي هجي سڳي ماءُ!
    چيلهه ٻڌي چوٽو، ساڻم هلي سا،
    موٽ پرائي ماءُ! متان ڇپر لڳي ڇيتيون ٿئين.
    ڀٽائي صاحب وڏي فني ڪمال سان جهنگ جي جانورن ۽ پنهونءَ جي پاليل اٺن ۽ ڪتن کي به سسئيءَ جو همدرد بڻايو آهي، ايتري قدر جو اهي سسئيءَ جي درد کي محسوس ڪري ڏکارا ٿا ٿين:
    هو ارمان اٺن، سسئيءَ جي ته سورن جو...!
    *
    پئي جانارن ياد، جي پاريل پنهونءَ ڄام جا...
    *
    ڀُڻان مرون چُون، مئيءَ اسان کي ماريو...
    *
    ٻانڀڻ ٿي ٻوٽيون، ته ڪتا کينئي ڪيچ جا...
    هيءَ ٻيلي سڪ کي ڏونگر سان جهيڙيندي دڙڪا دهمان ڏيندي اڳتي وڌي ٿي:
    ڏونگر! تون ڏاڍو، ڏاڍا ڏاڍايون ڪرين،
    مون تن اندر ايئن وَهِين، جيئن وڻ وڍي واڍو،
    ايءُ! ڪرم جو ڪاڍو، نه ته پهڻن ڪير پنڌ ڪري.
    *
    آڏو ٽڪر ٽر، متان روهه رتيون ٿئين،
    جي تون پهڻ پٻ جو، ته لڱ منجهان لوهه.
    ڪنهن جو ڪونهي ڏوهه، امر مون سين ايئن ڪيو.
    *

    اونچو اتانهون گهڻو، جيئڻ کي جبل،
    مرڻ مون سين هل، ته پٺيءَ تو پنڌ ڪريان.
    *
    سسئي لنگهيو سو، مرد جنهن مات ڪيا...
    *
    توکي سند سسئي، سندي لونءَ لغار...
    ايڏا وڏا سرٽيفڪيٽ ڏيڻ کانپوءِ سسئيءَ کي آسمان تي رسائي، اتان جو ڦهڪو ٿو ڪرائي ته ويچاري زمين تي ڍير ٿي ڪري ٿي پئي:
    ڪُپَرِ سين ڪوهيار، لوٺي تو لڄائيو..!
    ڀنڀور کان سنگهر پٽين تائين وارو پنڌ جنهن سسئيءَ ۾ کاهوڙين، سامين، سرويچن ۽ سورمين جهڙيون صفتون پيدا ڪيون هيون، ان پنڌ کي پنهونءَ لاءِ مهڻو، خواري ۽ گلا جو سبب سڏيندي سسئيءَ جي نندا ٿو ڪري ڇو ته سسئي پنهونءَ تي اعتماد نه ڪيو، هن اهو نه سمجهيو ته پنهون مون کان زوريءَ جدا ڪيو ويو آهي. اجهو ڪي اجهو ايندو ليڪن سسئيءَ ان جذبي وچان سُڃ جو سفر پاڻ تي وڌو ته متان چئي ٻروج ڪميڻيءَ مان ڪين ٿيو. هن پنهنجي وفا کي اظهارڻ لاءِ ان پنڌ جو سعيو ڪيو، جنهن لاءِ لطيف فيصلو ڏنو ته اهو عشق هو، عاشق جو جذبو هو، نه ته هڪ عورت جي ڇا مجال جو هيڏا ڪاف جا ڪشالا ڪڍي. هُن ته نسوري جوڳياڻي بڻجي پاڻ تي جوڳ وڌو هو:
    مِرون ٿي مِرن سان، جبل جهاڳيندياس ...
    *
    رات ڏٺائين روجهه، ڀانءِ ڪِ اوٺي آئيا...
    *
    هوت ٻاروچي لاءِ، جيجان جوڳياڻي ٿيان ...
    *
    مون کي ڀانئين ڀاڄ، ڏير ڏوراڻا هليا،
    اڳيان اٿي ان جي، خوب نه پڪس کاڄ،
    ميڙي آپ سرتيون، نڪي ڳايم ڳاچ،
    سا مون هٿان نه ٿي، جيڪا رسم راڄ،
    آيل آئون اڪاڄ، ٻول ٻاروچي وترو.
    ***


    شاهه جي شاعريءَ ۾ ٿر تي وسڪاري جا رنگ

    شاهه جي شاعريءَ ۾ ٿر تي وسڪاري جا رنگ
    ( پرين جي پرديس، مونکي مينهن ميڙيا )


    ٿر تي وسڪاري کانپوءِ جتي ڌرتي سائي چادر اوڍي، جيڏانهن ڪيڏانهن گل ڦل اپائي ولين جي واس سان ڏيهه سڄو واسي ٿي ڇڏي (پسو جا پٽن ۾ ، کٿوري خوشبوءِ ) اتي پيٽ قوت لاءِ پرديس ويل پرينءَ جي ملڻ ۽ ورڻ جون واڌايون پڻ ملڻ شروع ٿين ٿيون:
    اٺي ٿين وراڻ، کيئن واڌايون آئيون...
    اهي پرديسي پرين پنهنجن پٽن تي واپس ورن ٿا، پنهنجن عزيزن، پيارن ۽ وهين جي ورنن تي ڪيئي رونقون آڻي، وڇوڙي جا وڍ ڀري ٿا ڇڏين. ان ڪيفيت تي لطيف مٿين سٽ کانپوءِ ٻيون به ڪيتريون ئي حسين ۽ خوبصورت سٽون سرجيون آهن، مثال طور چيو اٿس:
    مونکي کنوڻ خوش ڪيو، جا ڪڪر ۾ ڪاري...
    *
    منهن چڙهيو ماڻهن کي، ڏي واڌايون وڄ،
    هينئڙا کپ م کج، سگها ملندئي سپرين.
    ٿر ۾ وسڪارو، وڇڙيلن جي ميلاپ جو وسيلو به بڻجي ٿو. هن ڏيهه جي ماڻهن جي اها فطرت ۽ عادت بڻجي وئي آهي، جو ٿريو ڪٿي به هجي اڀ تي ڪڪرن جا ڪارونڀار ڏٺائين، کنوڻين کجڪا ڪيا ته پوءِ هو پل به پرديس ۾ رهي نه سگهندو آهي. پنهنجن پکن ۽ جهوپن جي سڪ هن کي ڇڪي پنهنجن پيارن سان اچيو ملائي، تڏهن ته اسان جي شاعر لکيو آهي:
    گهوريون سو پرڏيهه، توڙي ڦلن ڇانئيو...
    ٿر تي وسڪاري سان جيڪا خوشحالي ۽ آسودگي اچي ٿي، ماحول جي خوبصورتي ٿئي ٿي ان جا ڪيئي رنگ هن جي شاعريءَ ۾ موجود آهن. قدرت هن وارياسي ملڪ تي جڏهن مهربان ٿيندي آهي، تڏهن شاعر آسماني نکٽن، آثارن ۽ موسم جي تبديليءَ سبب ٿيندڙ امڪاني خوشي ۽ خوشحاليءَ جا گيت ڳائيندو آهي.
    مندائتي مينهن جي، کنوڻ نه کوٽي،
    آءُ لالن موٽي، گهوريا رسڻ ڏينهڙا.
    *
    مند ٿي منڊل وڄيا، ڪي اوهيڙن اوڪ،
    ڇاڇر ٿي ڇنن ۾ ، مينهون چرن موڪ،
    ميها، چڀڙ، ڦنگيون، ٿئين سڀئي ٿوڪ،
    لاهين مٿان لوڪ، ڏولائي جا ڏينهڙا.
    مينهن وسڻ سان هنن جا ڏک ڏولاوا ڏور ٿيو وڃن، وس ۾ ايڏي ته برڪت آهي جو جن ڀٽارين ڏڪر سبب کير ڏيڻ ڇڏي ڏنو هو، يعني وهڪي ويون هيون، اهي وري تازو ۽ سڄر کير ڏيڻ شروع ڪن ٿيون، لطيف ان ڳالهه کي پنهنجن لفظن ۾ هن طرح بيان ڪيو آهي:
    وهڪئي جن ورهه ٿيا، سي ڏيئن کير سڄر،
    مينهون پاڻ مراديون، ٿڌا چرن ٿر...
    *
    آڻيو وجهن آهرين، روڙيو رتا گل،
    مارو پاڻ امله، مليرونِ مرڪڻو.
    *
    پاڻهين پچي پيئيون، ريءَ واهت ريءَ واڙ.
    ٿر ۾ وسڪاري کانپوءِ پاڻمرادو پٽن تي ميها، چڀڙ، ڇانهيون ۽ ونگن جون وليون ڦٽي پونديون آهن. اهي ميوو ڏيڻ شروع ڪنديون آهن. ان وقت سڄو ڏيهه مرڪي پوندو آهي، چوڌاري باغ بهار ٿي ويندي آهي. تل ترايون، آب جي اڇل سان ڀرجي وينديون آهن. ان صورتحال کي چٽيندي هڪ بيت چيو اٿس:
    چيهو چکيءَ ڪنڌئين، ڪيائين گڙنگ مٿي گل،
    هڏا ڪٽيان ٿي هليو، ڀري ترايون تل،
    آندائين آب اُڇُل، مٿي باغ بهار ٿي.
    وسڪاري کانپوءِ هتي جيڪا آسودگي ٿيندي آهي، ان جي عڪسبندي ڪندي لکي ٿو:
    بر وٺا، ٿر وٺا، وٺيون ترايون،
    پرهه جو پٽن تي، ڪن ولوڙا وايون،
    مکڻ ڀرين هٿڙا، سنگهاريون سايون،
    ٻانهيون ۽ ٻائيون، پکي سونهن پانهنجي.
    مندائتي مينهن جي جيڪا مستي ۽ جيڪو زور هوندو آهي، ان جي پالوٽ ۾ جيڪا شدت هوندي آهي، آسمان جيڪي ساز ۽ سارنگيون وڄائيندو آهي ۽ کنوڻين جا کجڪاٽ ڪندو آهي، انهن کي به ويهي پنهنجي شاعريءَ ۾ چٽيو اٿس. جهڙي طرح هڪ چترڪار پنهنجي چتر ۾ رنگ ڀريندو آهي، اهڙي طرح هن پنهنجي بيتن ۾ لفظن جي زور تي ڪيئي رنگ ڀريا آهن، جيڪي پڙهندڙ جا بجا پسي سگهي ٿو:
    اڄ رسيلا رنگ، بادل ڪڍيا برجن سين،
    ساز سارنگيون سرندا، وڄايائين بر جنگ،
    صراحيون سارنگ، پلٽيون رات پڌام تي.
    *
    سڻيو رڙ رعد جي، ڪليون ٿيون ڪنبن...
    آسمان جي گجگوڙ جي ٺڪائن، کنوڻين جي کجڪاٽن ۽ تجلين سان جتي زمين روشن ٿئي ٿي، اتي ورن کانسواءِ رهندڙ زالون گهٻرائجي ٿيون وڃن. مٿين سٽ ۾ گجگوڙ لاءِ ”رعد“ عربيءَ جو لفظ استعمال ڪيو اٿائين، جڏهن ته اڪيلن ۽ وانڍين لاءِ پنجابي زبان جو لفظ، ”ڪليون“ استعمال ڪيو اٿائين. گهڻو مينهن وسڻ جي ڪري سيءُ ٿيندو آهي، آسمان تي ڪارا ڪڪر ڇائنجي ويندا آهن، جنهن کي ڪارونڀار چوندا آهيون، سڄو ماحول ۽ فضا سيءَ ۾ وٺجي ويندي آهي، ان صورتحال کي هنن لفظن ۾ بيان ڪيو اٿس:
    سڄو صاف نه اڀري، سرلي وچان سڄ،
    منهن چڙهيو ماڻهن کي، ڏي واڌايون وڄ،
    هينئڙا کپ م کج، سگها ملندئي سپرين.
    سارنگ جي سخا جي ڀيٽ ڄام تماچيءَ سان ڪندي چوي ٿو ته جڏهن سارنگ سيج چڙهندو آهي، مينهن کي موڪل ٿيندي آهي ته ڪيتريون ئي نوريون نوازي انهن کي ڏوڻا ڏيج ڏيندو آهي. هتي ”نوريون نوازيون گهڻيون ڏوڻا ڏيئي ڏيج“ لکي نوري ڄام تماچيءَ جي قصي ڏانهن اشارو ڪيو اٿائين، جنهن نوريءَ جي مطالبي تي ملاحن کي ڪينجهر انعام ۾ ڏني هئي ۽ مٿانئن مڙوئي محصول معاف ڪيا هئائين. مٿين بيت مان اها مراد حاصل ٿئي ٿي ته تماچيءَ هڪ نوريءَ کي نوازيو هو، جڏهن ته سارنگ سڀني ڏيهه واسين کي نوازي ٿو ڇڏي. آخر ۾ ٻه بيت عرض رکجن ٿا:
    اٻون ڪڪر ڪڍڙيون، اتر ڏي آهينِ،
    ڪري آگم آئيون، مند نه مٽائينِ،
    مٿان لوڪ لطيف چئي، گوندر گنوائين،
    پلر پيارين، اڃين آب اگوندرو.
    *
    اڄ پڻ اتر پار ڏي، ڪڪر ڪيائين،
    مندائتي مينهن جي، رتُ نه روڪيائين،
    پلر پلٽيائين، سانگين گهڻا سک ٿيا.


    ڀٽائي صاحب جو مذهبي پهلو

    ڀٽائي صاحب جو مذهبي پهلو

    ڀٽائيءَ جي دور واري سنڌ وڏا وڏا مذھبي عالم، مفڪر ۽ اڪابر پيدا ڪيا. ان وقت ۾ مذھب جو چرچو عام ھو، پر ملائيت ۽ لڪير جا فقير مذھب جي روح کي رھنڊو ڏئي ان جو چھرو بگاڙي رھيا ھئا، جيڪا ڳالھ لطيف جھڙي عارف کي نه آئڙي. جيئن ته پاڻ ھڪ مذھبي گھراڻي جو فرد ھو، جنھن ۾ سيد عبدالڪريم بلڙيءَ وارو، مخدوم محمد ھاشم شاھ مٽياريءَ وارو، ٻيا ڪيترائي ناميارا، مذھبي ۽ شرعي طريقي جا مبلغ پيدا ٿي چڪا ھئا. لطيف جھڙي لافاني سرجڻهار پنھنجي فڪر، عرفان، ڏاھپ ۽ ڄاڻ جي بنياد تي، سنڌي ماڻھن کي اسلام جي روح سان روشناس ڪرايو. لطيف ڪوشش وٺي قرآن شريف جي معنوي ۽ روحاني تعليم کي عام ڪيو، جيڪا ان وقت جي مُلي ۽ روايتي عالم جي وس جي ڳالھ نه ھئي، ھنن ته ان کي بڳاڙي ڇڏيو ھو. ڪبير چواڻي:
    تن مھي، من ماڻڪي، دم بلوڙڻ ھار
    مکڻ ڪبيرا کا گيا، ڇاڇ پئي سنسار.
    ڪبير جيڪو مکڻ کاڌو ھو، اھو لطيف عام ماڻھو کي پيش ڪيو، ڇو ته ھن جو ڌرم، اصول ۽ خيال اھو ئي رھيو ھو ته اھڙو عمل ڪجي جنھن سان سنڌ ڌرتيءَ جي وسوڙيل ماڻھن جي دين دنيا کي سنوارجي ۽ سڌارجي. ھن پاڻ تي ھن قوم کي اعليٰ ۽ ارفع قوم بڻائڻ ۽ ڏسڻ جي ذميواري عائد ڪري ڇڏي ھئي. تڏھن ته سنڌي ماڻھن جو رھبر، رھنما ۽ پيغامبر بڻجي رسالو ترتيب ڏنائين، جنھن ۾ سمونڊ جيان گوناگون دنيا تخليق ڪئي اٿس، جنھن ۾ سپون، ڪوڏ، موتي، ھيرا ماڻڪ، جواھر ۽ ٻي ساھدار مخلوق ساھ کڻندي پسي سگھجي ٿي. انھيءَ رسالي جو گھڻو تڻو حصو ان مذھبي تعليم تي مبني آھي، جيڪا ھڪ مومن کي سچو مومن بڻائي متقيءَ جي منزل تي رسائي ٿي. ھن جي نماز معراج بڻجي پوي ٿي، الله اڪبر جي تڪبير چوندي ھو سچ پچ مري وڃي ٿو، پنھنجي وجود کان ئي الڳ ٿي وڃي ٿو، حق سان حق ٿي وڃي ٿو ۽ چوڏس تون ھين تون جي تنوار ٻُرڻ لڳي ٿي.
    ڀٽائي صاحب جي شاعري انسان کي الله تعاليٰ جي سڃاڻپ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي، سوره فاتحه جي انھن ڪردارن کي سڃاڻڻ ۾ معاون ثابت ٿئي ٿي، جنھن لاءِ ھر مسلمان اھا دعا گھرندو آھي ته مون کي پنھنجي انھن ٻانھن منجھان ڪر جيڪي تنھنجي ڏسيل سنئين واٽ تي ھليا. اسين جيڪي نالي جا مسلمان آھيون اھي وري انھن سان ئي دشمني ڪندا آھيون. جيڪي الله جا پيارا ۽ ان جي قرآن جي معنيٰ سمجھائيندڙ آھن. نبي سڳوري صه جن آخري وقت ۾ پنھنجي ويجھن اصحابن کي فرمايو ته آئون اوھان وٽ الله جو ڪلام ۽ پنھنجي آل ڇڏيون ٿو وڃان، انھن جي پاسداري ڪجو. اسين حضور ڪريم صه تي ۽ سندس آل تي درود ۽ صلوات ته موڪليون ٿا پر انھن سان اھا محبت نٿا ڪريون جيڪا اسان کي ڪرڻ جڳائي، جنھن جي ھدايت قرآن شريف ۾ خود الله پاڪ به ڪئي آھي ته ”جن سان آئون پيار ڪيان ٿو، اوھين به انھن سان پيار ڪريو.“ اھڙي ھدايت اسان کي آخر زمان محمد مصطفيٰ صه ۽ لطيف پڻ ڪئي آھي. لطيف ته ھڪ جاءِ تي سيد جي قرب حاصل ٿيڻ لاءِ الله در دعاڳو ٿيو آھي:
    مون کي آھي اميد الله ۾ ، منھنجي سيد سار لھندو...
    مذھب رڳو پنجن رڪنن جي پورائي جو نالو ناھي جن کي اڄ اسين صرف ڏيکاءَ جي حد تائين استعمال ڪري رھيا آھيون. اسان جي ڏاڙھي، نماز، روزو، زڪوات، حج ۽ قرباني صرف ماڻھن جي ڏيکاءَ لاءِ آھي، اسين نه رڳو ماڻھن کي پر پاڻ کي دوکو ٿا ڏيون، پر الله پاڪ سان به ٺڳي پيا ڪيون، جنھن جي شاھدي قرآن شريف ڏني آھي، جنھن ۾ الله تبارڪ و تعاليٰ، پنھنجي پياري رسول صه کي فرمائي رھيو آھي ته ”انھن کي جھل تھ مون سان مڪر نه ڪن، ڇو ته مون کان وڌ ڪير مڪريل ڪونھي.“ ڪيڏو نه آيت سڳوريءَ ۾ وزن آھي بيشڪ! اڄ ڪير به سندس منڊيل مانڊاڻ جو ڪو انت نھ لھي سگھيو آھي، سڄي ڪائنات خودڪار نظام تحت ھلي رھي آھي، ويندي انساني جسم تائين. ڀٽائي صاحب جو مذھب، ترڪ، فنا، ٻين لاءِ جيئڻ، پاڻ سڃاڻڻ ۽ الله کي سڃاڻڻ وارن سونھري اصولن جي ارد گرد گھمي رھيو آھي. ھڪ جاءِ پنھنجي عقيدي ۽ ايمان کي ھيٺين طرح بيان ڪيو اٿس:
    آڳھه جن علي، آئون نه جيئندي ان ري...
    سرکاھوڙي ۽ رامڪليءَ ۾ ننڍي کنڊ جي سڀني عقيدن، مذھبن، فرقن جي اپٽار ٿيل آھي: جوڳين، سناسين، گروئن، چيلن جو ذڪر آھي ۽ اھو اھڙي ته پيرائي ۾ ڪيل آھي جو پڙھندڙن کي گمان ٿو ٿئي ته شايد لطيف پاڻ ڀڀوتي، ڪاپڙي ۽ جوڳي ھو، شايد ان خيال کان ئي لطيف مٿين سٽ لکي پنھنجي سڃاڻپ ڪرائي آھي:
    جو مُلن کي مھڻو، سو ئي مون سردار...
    لطيف ٻئي ھنڌ تي چيو آھي ته ”جوڳي ٻيا به گھڻا، منھنجو لکيو لاھوتين سين“ ھنگلاج ھندو مت جي نانيءَ جي پوڄارين جو تيرٿ آھي، ساڳئي وقت لاھوت مسلمان صوفين ۽ تياڳين جو زيارت گاھ به آھي. صوفيءَ جي منزلن ۽ مقام تي لطيف جو ھيٺيون بيت پڙھي ڏسندا، جنھن ۾ صوفين جي بصيرت ۽ انهن جي نگاھ جو ذڪر ٿيل آھي:
    صوفي سير سڀن ۾ ، جيئن رڳن ۾ ساهه،
    سا نه ڪري ڳالهڙي، جي پريون پروڙي پساهه،
    آهيس اِيءُ گناهه، جي ڪا ڪري پڌري.
    اسلامي دنيا ۾ مرشد کي جيڪا اهميت آهي، ان متعلق ڀٽائي صاحب جي رسالي ۾ ٻه بيت خاص آهن، هڪ ۾ چيل آهي ته، جنهن جو مرشد ناهي، تنهن جو مرشد شيطان آهي. ٻئي بيت ۾ وري مرشد جي اهميت کي نروار ڪرڻ لاءِ چيل آهي ته مرشد کانسواءِ ا نسان ائين آهي، جيئن ملاح کانسواءِ درياهه ۾ ٻيڙي، پوءِ به ظاهر ۾ لطيف جو ڪير مرشد ڪو نه هو، جنهن لاءِ ان وقت جا عالم ۽ مذهبي پيشوا وٽس لنگهي آيا ۽ چيائون ته ”جڏهن ته توهان جو ڪير به مرشد ناهي، ته توهين مرشد بڻجي ڪيئن ماڻهن کي تلقين ۽ توجهه ڏئي رهيا آهيو؟“ جنهن جي جواب ۾ لطيف سائينءَ کين چيو ته ”آئون اويسي آهيان“ ان تي انهن وري سوال ڪيو ته ”اهو اويسي مسلڪ ڇاهي؟“ ان جي جواب ۾ پاڻ مختصر طور تي اويسي طريقي جي وضاحت ڪيائون ۽ مخدوم معين الدين ٺاري کي فرمائش ڪيائون ته اوهين اويسي طريقي تي آسان فارسيءَ ۾ سمجهاڻي لکو! جنهن اويسي رسالو آسان فارسيءَ ۾ لکيو، جيڪو هاڻي سنڌي ترجمي سان ڀٽ شاهه ڪلچرل سينٽر پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. لطيف انهن چند هستين مان هڪ آهي، جن کي الله گهرندو آهي ۽ انهن کي هدايت ڏيندو آهي. قرآن شريف جي ستاويهين سيپاري ۾ هڪ آيت سڳوري آهي ته ”آئون جنهن کي هدايت ڪيان ان کي ڪير گمراهه نٿو ڪري سگهي ۽ جنهن کي آئون گهمراهه ڪيان ان کي دنيا جو ڪو هادي هدايت نٿو ڪري سگهي.“
    بس اتي ڇيهه ٿي ويو. هادي، مبلغ، پيغمبر، رسول ۽ مرشد هن ڀٽڪيل انسان کي سڌو دڳ ڏسندا ئي رهيا آهن ۽ انهن جي رهنمائي ڪندا رهيا آهن، سنئين واٽ تي وري به اهو ئي ايندو آهي، جنهن کي الله گهرندو آهي:
    وحده وڍيا، الاالله اڌ ڪيا،
    محمد رسول چئي، مسلمان ٿيا،
    جيلانهن ڌڻيءَ ڌئا، ويا وحدت گڏجي.
    هن بيت جو پس منظر سنڌ جي ماڻهن جو محمد بن قاسم جي وقت ۾ مسلمان ٿيڻ آهي، جنهن تي لطيف حيرت زدهه به آهي ته رڳو ڪلمو پڙهڻ سان ماڻهو مسلمان ڪيئن ٿو ٿئي؟ ٽين سٽ ۾ وري ساڳي قرآن شريف واري ڳالهه ڪيل آهي ته جنهن کي الله گهري. مون بيت جي پس منظر جي جيڪا ڳالهه ڪئي آهي، اها بيت جي پهرئين سٽ مان واضح ٿئي ٿي، ڇو ته ان وقت (محمد بن قاسم جي حملي وقت) سنڌ جو اڪثريتي عوام هندو مذهب جو پوڄاري هو ۽ اسلام وري هڪ الله کي معبود مڃڻ وارن جو مذهب آهي، جنهن ڪري لطيف لکيو ته، وحده وڍيا، يعنيٰ سنڌي ماڻهن کي هڪ الله جي پوڄا ڪرڻ واسطي ڪٺو ٿي ويو. سٽ جي ٻئي اڌ ۾ آهي ته الالله اڌ ڪيا، يعني هي ماڻهو هڪڙا ڪافر ٿي مارجي ويا، ٻيا ڪلمو چئي مسلمان ٿيا يعني پنهنجي برادريءَ کان الڳ ٿي، سنڌي ماڻهو اڌو اڌ ٿي ويا. وچين سٽ ۾ لطيف سوال ٿو ڪري ته هڪ سٽ يا جملو چوڻ سان ماڻهو مسلمان ڪيئن ٿو ٿي سگهي، هن جو عقيدو، ثقافت، صدين جي رسم رواج، هڪ جملو چوڻ سان ڪيئن بدلجي ويندي! پوءِ ان جو سبب ٿو ڄاڻائي ته جڏهن الله چاهيو ته هو حق سان هڪ ٿي، هيڪڙائيءَ ۾ هليا ويا، باقي ڪلمي چوڻ سان ڪير مسلمان ناهي ٿيندو.
    عرب قوم جو به اهڙو ئي حال هو. باوجود مسمان ٿيڻ جي، هو پنهنجي معبودن جي محبت دل مان ڪڍي نه سگهيا هئا ۽ نه وري آخر زمان نبي ڪريم صه ڏانهن سندن دشمنيءَ واري فتني کي ڪڍي سگهيا هئا، بس هو ته رڳو مصلحت ڪري مسلمان ٿيا هئا، جنهن جو نتيجو ڪربلا جي ميدان ۾ سامهون آيو. مسلمانن ئي مسلمانن جي رهنمائن ۽ اڳواڻن کي ڪٺو. تاريخ شاهد آهي ته، جڏهن آذان ايندي هئي ته جنگ بند ڪري ٻئي لشڪر نماز جي تياري ڪندا هئا. يزيد جي لشڪر ۾ ايترائي قاري هئا، جيترا بت اسلام کان اڳ ڪعبت الله ۾ رکيل هئا، قدرت جو اهو دستور آهي ته هر رسول سان سندس ئي قوم وڙهي آهي.
    لطيف جي مذهب واري پهلو کي چٽو ڪرڻ واسطي آئون سندس هيٺيون مشهور بيت لکندس جنهن ۾ پاڻ هدايت ڪئي اٿائين ته، الله کي واحد معبود ڄاڻڻ ۽ سندس رسول کي هن ڪائنات جي تخليق جو ڪارڻ سمجهڻ کانپوءِ به تون ڪنهن ٻئي جي اڳيان ڪنڌ ڇو ٿو جهڪائين، ڪنهن جي اڳيان ڪنڌ جهڪائڻ وارو عمل توکي سچي مسلمان ۽ مومن جي صفن کان ٻاهر ٿو ڪري، اها ڳالهه سمجهه ۽ ڪنهنجي اڳيان ڪنڌ نه جهڪاءِ، ڇو ته سجدو صرف ان هڪ ذات پاڪ کي جڳائي جيڪو هن ڪائنات جو خلقيندڙ ۽ پاليندڙ آهي.
    وحده لاشريڪ لہٗ، جان ٿو چئين ايئن،
    تان مڃ محمد ڪارڻي، نرتون منجهان نينهن،
    تان تون وڃيو ڪيئن؟ نائين ڪنڌ ٻين کي.
    ***


    روزي ۽ عيد بابت لطيفي خيالات

    روزي ۽ عيد بابت لطيفي خيالات
    (روزا رند رکن، عيد نه اوڏا ڪاپڙي!)


    مٿئين سٽ ۾ ٻه مختلف حالتون بيان ڪيون ويون آهن: هڪ روزو جيڪو تسئي ۽ بک جي علامت آهي، جنهن کي اسلام ۾ خداوند ڪريم، تذڪيه نفس لاءِ مقرر ڪيو آهي. هڪ جاءِ تي هن کي جسم جي زڪوات پڻ ڪوٺيو ويو آهي، سماجي ڪارج روزي جو اهو آهي ته جيئن ڍائي ماڻهوءَ کي بک جي تاثير ۽ بکئي ماڻهوءَ جو قدر ۽ احساس ڏياري سگھجي. ٻي حالت آهي عيد. هي عربيءَ ٻولي جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي خوشي.
    لطيف جيئن ته انساني سڀاءُ، سماجي حالتن، ڳڻن ۽ اوڳڻن جو آئينيدار شاعر آهي جنهن اسان جي آسپاس جي هر وٿ کي علامتي انداز ۾ پيش ڪري، اسان کي ان جي معنيٰ ۽ مفهوم سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهڙي طرح هن موضوع تي به هن بک، سڃائي، غربت، آسودگي، پيٽ ڀرائي، خوشي ۽ غم جھڙين انساني علتن، عملن ۽ حقيقتن کي اسان جي اڳيان چٽو ڪري پيش ڪيو آهي. ڏک ته هن جو پسنديده موضوع آهن. مٿي ذڪر ڪيل بک ۽ خوشيءَ واري علامت ۽ حالت کي سندس شاعريءَ مان ڪجھه سٽون چونڊي، هن موضوع سان نيبھه ڪندي اهو ڏسنداسين ته بک ۽ خوشيءَ ڏانهن ڀٽائيءَ جو ڪهڙو رويو آهي. انهن جي اظهارڻ مان هو اسان کي ڪهڙو سبق ٿو ڏئي. سندس هڪ عام ۽ مشهور بيت آهي جيڪو لڪير جي فقيرن کي منهن تي چماٽ مثل آهي، جنهن ۾ هو روزي ۽ نماز کي بهتر عمل سڏڻ سان گڏ، ڪنهن ٻئي فهم، ادراڪ ۽ عمل ڏانهن اشارو ٿو ڪري، جيڪو هنن ٻنهي عملن کان افضل آهي:
    روزا، نمازون، اي پڻ چڱو ڪم،
    او ڪو ٻيو فهم، جنهن سان پسين پرينءَ کي.
    هت ته مورڳو ڳجھارت ڏئي ويو آهي، ان فهم کي چٽو ڪري بيان نه ڪيو ويو آهي، ان جو رڳو اشارتن ذڪر ڪيو ويو آهي. سندس شاعريءَ جي ڳوڙهي مطالعي مان اسان کي اهو فهم به ملي ٿو جنهن کي هن وضاحت سان بيان ڪيو آهي. اهو اشارو آسا جي هڪ وائيءَ ۾ ڏنو اٿائين، جنهن جو ٿلھه آهي:
    اتهين ڪِي آهي، هو جي جھونا پسجن جھوپڙا...
    ان وائيءَ جي هڪ مصرع هن طرح آهي:
    خذمت ڪر خُلِقَ سين، پاند ڳچيءَ پائي،
    اُتهين ڪي آهي، هو جي جھونا پسجن جھوپڙا.
    ان فهم جو ڏس ڏيندي چوي ٿو ته، ڏکي انسانيت جي خدمت ڪر خُلق، اخلاص، خلوص ۽ محبت سان. ان ۾ ئي سڀ ڪجھه سمايل آهي، پرينءَ کي ويجھي ٿيڻ جي اهائي واٽ آهي. بک ۽ ڏک کي وري، هيٺئين بيت ۾ سمجھايو اٿس:
    بکي کل نه اڄهي، ڏکيءَ ڏمر نانھه،
    اگھاڙيءَ وھانءُ، ويو ويچاري وسري.
    بکايل ماڻهوءَ کي کِل ناهي ايندي ۽ ڏکويل ماڻهو ڪاوڙ نه ڪري سگهندو. سنڌيءَ ۾ چواڻي آهي، ”روزن پٺيان عيدون“ تڪليفن ۽ بکن پٺيان، سک ۽ خوشيون، نروار ٿينديون آهن. خوشي ۽ خريد کي مارئيءَ جي هڪ بيت ۾ استعمال هيٺ آندو اٿائين جنهن ۾ عيد جي نالي کڻڻ کانسواءِ، ان کي اظهاريو اٿس. هن بيت ۾ ڌرتي واسين جو جيڪو درد اوتيو اٿس، ان تي ماڻهوءَ کي سوچي ڏڪڻي وٺيو ٿي وڃي:
    خوشي ۽ خريد، وئي ويچارن وسري،
    سڪڻ ڪيا شهيد، مارو جي ملير جا.
    عيد جا اهي ٻه عمل، خوشي ۽ خريد ئي آهن، ان ڏينهن کي بهتر طريقي سان ملهائڻ لاءِ ماڻهو خوشيون ڪندا آهن، پنهنجي حيثيت کان وڌيڪ پنهنجي ٻارن ۽ گھر ڀاتين جي خوشيءَ لاءِ وڌيڪ خرچ ڪندا آهن. پر لطيف جي ڏيھه واسين جي اها حالت آهي جو اهي، اُن خوشي ۽ خريد جي سَڌ ۽ سڪ ۾ مورڳو مريو ٿا وڃن. هنن جي اها خواهش ۽ اها اميد انهن کي شهيد ڪريو ڇڏي. هو پنهنجي بيوسي، مفلسي ۽ لاچاريءَ سببان پنهنجن جذبن، خواهشن ۽ اندر واري انسان کي مرندي پسن ٿا، جنهن کي اسان جو ڀٽائي شهادت جو درجو ٿو بخشي.
    سگھن سُڌ نه سور جي، ته گھايل ڪيئن گھارين،
    پيل پاسو پٽ تان، واڍوڙ نه وارين،
    پر ۾ پچن پرين لاءِ، هئي! هنجون هارين،
    سڄڻ جي سارين، تن رويو وهامي راتڙي.
    *
    بک وڌائون بگرين، جوڳي ڪندا جنڃ،
    سامي جھاڳي سڃ، وسئين کي ويجھا ٿيا.
    انهن جي تمام پونجي اها بک آهي جيڪا ميڙي سيڙي، هنن پنهنجي ڳنڍين، قنديلن ۽ جنبيلن ۾ محفوظ ڪري رکي آهي. ان سان ئي جشن ملهائيندا آهن، هو پاڻيءَ بدران اڃ اوتي پيئندا آهن. جيڪي ازل جا اڃيا هوندا آهن انهن لاءِ وري پاڻي اڃيو هوندو آهي. هن جي ڇولين، لهرن ۽ روانيءَ ۾ اها تڙپ هوندي آهي، ته شل ڪو اسان کي تاسارو ۽ اڃيو جيءُ گڏجي، جيڪو ٻُڪ ڀري پنهنجي اڃ اجھائي. ان لاءِ اصطلاح ڪتب آندو اٿائين: ”پاڻي اڃيو اُن کي!“ ٻئي هنڌ لکي ٿو ته:
    اُن تڙ منجهان تِڪ، ڏني پاڻان اڃ ٿئي...
    ويراڳ پائيندڙ فنا مان بقا کي ڳولهيندڙ سدائين بک ۽ اڃ کي عزيز رکندا آهن. انسان جي اندر وارو تڏهن ئي سجاڳ ٿيندو آهي جڏهن اهڙي ڪثرت ڪئي ويندي آهي. انسان جي ڇهين حس جيئارڻ لاءِ پاڻ هڪ نسخو تجويز ڪيو اٿس:
    ڪِي سمھه، ڪي جاڳ، کاءُ اڌورو ان،
    جا مورت تنهنجي من، تنهن مشاهدو ماڻئين.
    عيدون ۽ خوشيون، روزا ۽ بک انهن لاءِ آهن، جيڪي ڍاول آهن، ڇو ته سکيو ستابو ماڻهو بک ۽ ڏک جي احساس کان وانجھيل هوندو آهي. هن کي بک جي تاثير جي خبر ناهي هوندي. جھڙي طرح بکئي ۽ ڏکئي ماڻهوءَ لاءِ خوشي ۽ خريد، اوپري ۽ اڻ ڏٺي شيءِ آهي. اهڙي طرح سکئي ماڻهوءَ لاءِ بک به اهڙي اڻ ڏٺي وٿ آهي. روزيدار تي هڪ بيت لکيو اٿس، جيڪو سُر مارئيءَ جو آهي، هن موضوع تي ان کي به پڙهڻ گھرجي:
    صائم سڪي جيئن آذان جي آواز کي،
    مون تن اندر تيئن. اڪنڊ اباڻي پار جي.
    مارئيءَ ٿي چئي ته جيئن روزائت، آذان جي آواز لاءِ سڪندو آهي، منهنجي من ۾ به مارن لاءِ اهڙي هورا کورا، تڙپ ۽ سڪ آهي.
    ***


    ڀٽائيءَ جي رسالي ۾ قلندري طريقت جا اهڃاڻ

    ڀٽائيءَ جي رسالي ۾ قلندري طريقت جا اهڃاڻ


    شاهه جي رسالي ۾ سر پورب، کاهوڙي، ڪلياڻ ۽ رامڪليءَ ۾ ويدانت، تصوف، جوڳين، سامين ۽ ڪاپڙين جي ڪرياڪرمن، تيرٿن، سندن گڻن ۽ ريتن رسمن کان سواءِ انهن جي مختلف فرقن، طريقن، متن ۽ عقيدن تي ڀرپور روشني پوي ٿي. جوڳ پچائيندڙ ڪردارن جي طريقت تي ڪيترائي تنقيدي ۽ تعارفي بيت ملن ٿا. هتي اسان سيوهاڻي شهباز عثمان مروندي مست قلندر جي فقراهي طريقت تي اهڃاڻي ۽ سڌي طريقي سان لکيل بيت چونڊي صوفي مت جي هن شاخ تي روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
    شهباز قلندر پنهنجي دور جو مڃيل عالم، شاعر، صوفي مت جو سرگرو ۽ اڳواڻ هو. هن لاءِ چيو ٿو وڃي ته هي سهروردي هو. هن جا خاص ڪري عربي ۽ فارسيءَ ۾ صرف و نحو وارا لکيل ڪتاب ان وقت جي مدرسن ۾ ڪورس طور پڙهايا ويندا هئا. فارسي زبان ۾ سندن غزل، رباعيون ۽ هڪ ڊگهي منقبت ملي ٿي، جيڪا حضرت عليءَ جي شان ۾ لکيل آهي. قلندر جي طريقت جا مکيه اصول هيٺين طرح آهن.
    1- ڀڪشوئن وانگر پنجن ابرن جي تلقين يعني ڏاڙهي، مڇون، مٿي جا وار، ڀرون ۽ پنبڻيون ڪوڙائڻ، ٽڪڻ تي وارن جي هڪ چوٽي ڇڏڻ، جنهن کي ”جات“ چوندا آهن، گيڙوءَ رتو لباس پائڻ.
    سو ئي ڪيائون روپ، جئان لوڪ لڄ ٿئي.
    2- سوا پهر جو سير: طالب جي نفس مارڻ خاطر، سوا پهر بکيا مڱڻ، جنهن جا ٻه مقصد آهن. هڪ ته هن جون ڪٿي اکيون اڙن، جنهن سان خودي کانئي ختم ڪري، انتظار ۽ سهپ پيدا ڪري. ٻيو پنڻ ڪري شرم، لڄ وڃائي پنهنجي نفس کي ماري.
    ماين مڱن بکيا، نه ڪا لڄ نه ليهه...
    پنڻ واري مال جي ورهاست کي وري پنجن حصن ۾ ورهايو ويندو آهي، جنهن مان هڪ حصو فقير کي پنهنجي نفس لاءِ حلال ڪري ڏنو ويو آهي، باقي چار حصا گهرجائو فقراهه جي شيوا لاءِ آهن، ان سبب ڪري ئي فقير کي پنج پال سڏيو ويو آهي.
    3- رياضت: مٽي ڀرڻ، جهاڙُو ڦيرڻ، مچ سائو ڪرڻ، جيءُ کي جفا ڏيڻ، دست ڪهي لا الله، جهاڙو ڪهي الاالله.
    4- لاهوت لا مڪان جو سفر: جنهن ۾ صبر، توڪل، تقويٰ، بک، ڏک ۽ سفر جي تڪليف برداشت ڪرڻ ”السفر وطائة المنار“ سفر جي سختي دوزخ جي باهه مثل آهي. لال باغ سيوهڻ کان پٻ جبل ۾ لاهوت لامڪان واري غار تائين قلندر شهباز ۽ لطيف جا تڪيا آهن. لاهوت کي قلندر ڳولهي لڌو ۽ پنهنجي فقيرن تي فرض ڪيائين. لطيف ان رستي کي سنواريو ۽ پنهنجي شاعريءَ ۾ ڳايو، سڄي رستي ۾ ٻنهي درويشن جا تڪيا آهن. ڪٿي کوهيون، مچ ۽ ڪنڊا انهن جا نشان آهن. لاهوت لامڪان ۾ پڻ ٻنهي جا تڪيا موجود آهن. فقير چوندا آهن ته لاهوتين جو رجسٽر ڀٽائيءَ وٽ رکيل آهي.
    5- طريقت جي ڄاڻ: پنج ڪلما، پنج مڪان، جبر نه دارد، فقيري لقما روا نه دارد، يعني جنهن ماڻهوءَ کي پنجن ڪلمن ۽ پنجن مڪانن جي خبر ناهي ان کي فقيري لقمو حرام آهي. ان کانسواءِ فقر نامو ۽ قلندر نامو طالب کي ياد ڪرايو ويندو آهي، جنهن ۾ جيئري مرڻ يعني ”موتو قبل ان تموتو“ وارو راز سمايل آهي. هن طريقت جا ٻيا به ڪيترائي اصطلاح آهن، جهڙوڪ زبان جو غسل، زمين توري ويهڻ، فقير جي دنيا اڍائي قدم وغيره. هنن جي حال وسيلي ۾ ڪولابو، ڪنٺو، دُر، نفيل، کڙي لا زنبيل، ڏنڊو يا بيراڳڻ، امام زين العابدين جو قيد جيڪو ڪو ڪو فقير مرشد جي امر سان پائيندو آهي. هن طريقت ۾ طالب جو شريعت وارو نالو ختم ڪري مٿس مرشد ٻيو نالو رکندو آهي. قلندري سنت موجب هر فقير لنگ ٻڌندو آهي. ڀلي کڻي اهو شادي شده هجي ليڪن لنگ انهن کي سونهي ٿو.
    لنگ ڪڍيائون لانگ، موٽي ڪن نه مسحو...
    لنگ ٻڌڻ کان پوءِ لاهبو ناهي، هي صرف مجرد ۽ ستي جتي فقير کي پائڻ جڳائي. قلندر وٽ اسلامي تصوف ۽ هندومت جي ويدانت گڏ گڏ آهي. قلندر ”جوڻ“ واري نظرئي جو قائل آهي. پنهنجي هڪ شعر ۾ چيو اٿس ته ”آئون دنيا ۾ سؤ دفعا آيس، هر دفعي فقيري منهنجي چيلهه سان ٻڌل هئي“ يعني قلندر موت کان پوءِ ٻيهر انساني روپ ۾ ڌرتيءَ تي وارد ٿيڻ واري مت جو قائل آهي. هندن جو عقيدو آهي ته هن دنيا ۾ جيڪو سٺا عمل ڪندو اهو ٻيهر انسان جي روپ ۾ ڌرتيءَ تي موٽي ايندو. جيڪو پاپ ڪندو ان کي قدرت سزا طور ڪنهن نه ڪنهن جانور جي شڪل ۾ ٻيو جنم ڏيندي. هن جي عَلم جي بيرڪ به اهڙي آهي جهڙي مندر جي مٿان گيڙو وانئٽي يعني جهنڊي هوندي آهي. لال قلندر ئي ان ڪري سڏيو ويو جو پاڻ ڳاڙهو، حلواڻ جهڙو چولو يا جُبو پهريندو هو، جهڙو اڄ بودلائي فقير ويس اوڍيندا آهن. روايتن ۾ آيو آهي ته پاڻ ٻالجتيءَ کان وٺي روزانو هڪ مڱڻهار ڇوڪري کي دهل سميت ساڻ ڪري جهنگل ۾ وڃي دهل تي نچندو هو، جنهن پٺيان قلندري ڌمال جو رواج پيو. پنهنجي هڪ شعر ۾ چيو اٿس ”سر بازار مي رقصم“ يعني آئون وچ بازار ۾ نچان ٿو. قلندر جتي ستي، لنگ بند، تياڳي، نفس مارڻ وارو يگانو مست درويش آهي تيئن لطيف جي طريقت ۾ پڻ شاهه جي وائي ڪندڙ فقير مجرد (ڇڙا) ئي رهندا هئا، جن جو اڳواڻ تمر فقير هو، پوين ۾ اسماعيل فقير کاهوڙي، ولي محمد فقير ۽ يعقوب فقير پڻ ڇڙا رهي زندگي گذاري ويا. موجوده وقت ۾ اها روايت ختم ٿي چڪي آهي.
    ڪڇي ڪاڇوٽي، نانگن ٻڌي نينهن جي،
    جهڙا آيا جڳ ۾ ، تهڙا ويا موٽي،
    تنين جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري.
    مٿئين بيت ۾ لنگ، نانگو ۽ چوٽيءَ وارو لفظ قلندر جي شخصيت ڏانهن اشارو آهن. جڏهن ته وچين سٽ ۾ هنن جي جتي ستي رهڻ واري روايت ۽ ان جي پاڪائيءَ جو ذڪر ٿيل آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هو جهڙا ماءُ جي پيٽان پاڪ پوتر ڌرتيءَ تي آيا اهڙا پاڪ صاف رهي ڌرتيءَ ماتا جي پيٽ ۾ داخل ٿيا.
    لنگ ڪڍيائون لانگ، موٽي ڪن مسحو،
    جا اسلامان اڳي هئي، سا سئائون ٻانگ،
    سامي ڇڏي سانگ، گڏيا گورک ناٿ کي.
    شاهه جي شاعريءَ ۾ گرو گوبند، گورک ناٿ، مهويشر (مهيسر) اوم ۽ ڀڳوان جهڙا نالا هن راهه جي اڳواڻن ۽ اوتارن لاءِ پيش ڪيا ويا آهن. ڪن محققن جي راءِ موجب اسلام کان اڳ واري ٻانگ وارو اصطلاح ”اوم“ ڏانهن اشارو آهي. هن مت جي تيرٿن ۽ مقدس جاين ۾ لاهوت لا مڪان، هنگلاج، ناني، گنگا، ڪاشي، دوارڪا، مٿرا ۽ گنجي ٽڪر جو ذڪر اچي ٿو، جتي ڪالي ماتا جو مندر آهي، هي به هنگلاجي فقيرن جو زيارت گاهه آهي. هندستاني هنگلاجي ٿر مان ٿيندا گنجي ٽڪر جو تيرٿ ڀيٽي، ڪراچيءَ جي لياريءَ واري علائقي رام جي لانڍي، جتي رام جون چاکڙيون رکيل آهن، جو درشن ڪري پوءِ هنگلاج ڏانهن روانا ٿيندا هئا، هڪ وائيءَ ۾ آهي :
    ٿر کي ٿورو لائي ويا، جوڳي جوان جبل جي پاسي..
    *
    نانگا نانيءَ نڱيا، هنگلاجان هلي،
    ديکي تن دوارڪا، مهيسين ملي،
    آڳهه جن علي، آئون نه جيئندي ان ري.
    ***


    صوفي تي ٿيا، جيئن ڪين کنيائون پاڻ سين

    صوفي تي ٿيا، جيئن ڪين کنيائون پاڻ سين


    صوفيءَ جي صفاتي زندگي به عجب آهي، جنهن ۾ ڪيتريون ئي بندشون، قيد، مجاهدا ۽ رياضتون هن جي جياپي جو جز بڻجيو وڃن. هن جي واردات قلبي ۽ ڪيفيات روحي مسلسل حرڪت ۾ رهندي، وحدت ۽ ڪثرت جي عمل کي عملي صورت ڏئي پنهنجي سڃاڻپ ٺهرائيندي آهي. صوفيءَ جي ڪردار کي سماج جي تبديليءَ جو ڪارڻ ڄاڻندي هن جي سوچ ۽ عمل جي معاشري تي پوندڙ اثرن، هن جي تعليم ۽ عمل تي مدلل بحث پڙهندڙن کي ڪامل ۽ مڪمل انسان کي سڃاڻڻ ۾ مدد ٿو ڏئي. اهڙو ڪامل انسان، جنهن جي حال تي پوري گرفت هجي، هو حال جو جيڪو تجزيو ٿو ڪري ۽ حالتن جو حل ٿو ڪڍي ان کي لطيف هيئن نشانبر ٿو ڪري:
    نوري ۽ ناري، جوڳيئڙا جهان ۾ ،
    ٻري جن ٻاري، آئون نه جيئندي ان ري.
    *
    اندر مُلا مل، ٻهر ڪوجها ڪاپڙي ...
    اهڙا ڪردار جيڪي ڪائنات ۽ زندگيءَ جي ارتقائي عمل کان واقف آهن، اهي هميشه انساني زندگيءَ جي ترقي ۽ خوشحاليءَ جا خواهان رهيا آهن. هنن پاران عام ماڻهوءَ کي اهڙا گڻ ۽ اصول آڇيا ويا آهن، جو مشڪل وقت ۽ مايوسيءَ جي حالت ۾ اهي انهن کي نااميديءَ جي اونداهي اوڙاهه ۾ اڇلڻ بدران روشن راهن جو ڏس ڏئي رهيا آهن.
    طلب جي تنوار، متان ڪرين مڱڻا،
    ڌڪي ڪندئي ڌار، ماڻڪ ڏئي مُٺ ۾ .
    *
    هن هڏي هئه هئه، همه کي حيران ڪيو...
    *
    هڏو ڏئي وات، ڌڻين ڌڪاري ڇڏيا...
    لوڀ ۽ لالچ واري حياتيءَ کي ڪو دوام ڪونهي، اهڙي قبيح ۽ ڌپاري هستيءَ کان نيستي هزار بار بهتر آهي، جيڪا بي نياز هجي.
    سي ستا ئي سونهن، ننڊ عبادت جن جي...
    *
    پانڌ جنين جي پانڌ سين، لڳو ٿئي لڄ...
    *
    پاڻ نه کڻن پاڻ سين، نڪي ساڻن پاڻ،
    اهڙا جن اهڃاڻ، آئون نه جيئندي ان ري.
    صوفيءَ جو پهريون شرط آهي پاڻ سڃاڻڻ، تنهن کان پوءِ ئي هن تي انسان جي تعظيم فرض بڻجي ٿي، ان منزل تي پهچي صوفي انسان کي ئي سڀ ڪجهه ٿو سمجهي ۽ پنهنجو پرين به ان ۾ ئي ٿو پسي.
    مون تي اکڙين، وڏا ٿورا لائيا،
    ته پڻ پرين پسن، جي کڻان کر سامهون.
    سبحان الله! ڇا ته خيال آهي، ڇا ته فنائيت جي منزل آهي، دشمن مان دلبر جو ديدار پسڻ، اها منزل صرف صوفيءَ کي ئي سونهين، عام ماڻهوءَ جي ڇا مجال آهي، جو سڄڻ ۽ ڏڄڻ جي فرق کي يڪسر رد ڪري سگهي. صوفيءَ جي نظر دوربين، خوردبين ۽ ايڪسري کان ڪيئي قدم اڳتي ڏسڻ جي صلاحيت رکي ٿي. اها جسم جي رڳن ۾ ڊوڙندڙ رت مثل آهي.
    صوفيءَ سير سڀن ۾ ، جيئن رڳن ۾ ساهه،
    سا نه ڪري ڳالهڙي، جي پريون پروڙي پساهه،
    آهس ايءُ گناهه، جي ڪا ڪري پڌري.
    جڏهن صوفي ان منزل تي پهچي ٿو ۽ ڳجهه کي ڳولي لهي ٿو ته هن تي هر راز عيان ٿيو پوي پر هن تي اها بندش آهي ته ان قلبي واردات ۽ روحاني ڪيفيت جي ڪنهن سان پچار نه ڪري، ايئن ڪرڻ سان هن جي پوڄا ٿيندي، جيڪا هن لاءِ روڳ کان گهٽ ناهي، جيڪا هن جي روحاني ۽ قلبي واردات کي نازڪ شيشي جيان ريزا ريزا ڪري ڇڏيندي.
    پوڄا ڪار مَ پاڻ کي، پل پوڄا کان پاڻ...
    *
    خلق خادم جيئن ڪرين، ايءُ راول وڏو روڳ،
    ڀڳن ڪونهي ڀوڳ، جي پوريا پروڙئين.
    پنڻ هر مذهب، فرقي ۽ فقہ ۾ حرام آهي، البت قلندر سيوهاڻيءَ پنهنجي طريقت ۾ سوا پهر جو سير پنهنجي طالب تي حلال ڪيو آهي، جنهن مان هڪ حصو پنهنجي نفس جي ڪتب آڻي، باقي چار حصا في سبيل الله، الله جي بندن تي خرچ ڪري. ان ڪري ئي فقير کي ”پنج پال“ چيو ويو آهي. شخصي طور، پنڻ يا وٺڻ گهٽتائي ۽ ڪڌائي آهي، جنهن سان ماڻهوءَ جو اندر مجروح ٿو ٿئي ۽ محتاجيءَ جو احساس هن کي اندر ئي اندر ۾ کائيندو ٿو رهي. صوفيءَ کي جڏهن ڪير خيرات طور ڪجهه ڏئي ٿو ته کيس صدمو ٿو رسي.
    هو سمجهي ٿو ته ڏيندڙ مون کي همدردي ۽ مدد جي لائق ٿو سمجهي، صوفي پاڻ کي ان حالت ۾ ڏسي ڏکارو ٿو ٿئي، هو سمجهي ٿو ته آئون ڏيڻ واري هٿ تي ڀاڙي، پنهنجي پالڻهار ۽ رزاق جي فياضيءَ جي ڪٿي نفي ته نه ڪري رهيو آهيان؟:
    پوريا در نه پن، متان پنئي پوري نه ٿئي،
    جو رين رساڻي دِن، ڏئي ڏُرمائي ڪين ڪي.
    شاهه جي رسالي ۾ ڪلياڻ کان رامڪليءَ تائين صوفيءَ جون ڪيتريون ئي وارتائون، اوصاف، هن جي عقيدي ۽ عمل جا ڪيئي رنگ پسي سگهجن ٿا. ***


    صوفي لا ڪوفي...!؟

    صوفي لا ڪوفي...!؟

    ڪڏهن ڪڏهن لڳندو آهي ته دنيا جي هر مذهب، فلسفي ۽ قانون جي ايجاد انسان کي زير ڪرڻ لاءِ وجود ۾ آندي وئي آهي. اهو ان ڪري جو قدرت واري هن کي اهڙي مٽيءَ مان ٺاهيو آهي، جو وڻيس ته ڪنهن کي مڃي، وڻيس ته ڪنهن کي به نه مڃي. هيءُ پنهنجي مرضيءَ وارو آهي، اگھاڙو ٿي گھمي ته ڇا؟ جي لٽا پائي ته به ان جي مرضي! خليل جبران لکيو آهي ته” غلاميءَ جي هر صورت آزاديءَ جي مقابلي ۾ بڇڙي آهي. ڀلي ته ماڻهو اها پاڻ ئي ڇونه قبول ڪري.“ انسان مذهب، رياست، قانون، رواج يا ڪنهن شخص جي غلامي قبول ڪرڻ لاءِ خود مختيار آهي، وڻيس ته ڪنهن جي اڳيان جھڪي، وڻيس ته نه جھڪي. سڄي دنيا جي مذهبن جا جيڪي باغي ٿيا اهي صوفي هئا. سندن تاريخ تمام پراڻي آهي. اهڙا فرقا زرتشت، يهوديت، عيسائيت، هندو مذهب ۽ اسلام ۾ به پيدا ٿيا. جڏهن رياست ڪنهن مذهب کي هٿيار طور استعمال ڪري پنهنجي رعايا کي غلام بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اتي باصلاحيت ۽ تخليقي ذهن رکندڙ ماڻهن ان خلاف بغاوت ڪري نئون فڪر ڏنو جيڪو برابري، ڀائيچاري، سهپ ۽ محبت تي مدار رکندڙ هو. ايڊورڊ گبن پنهنجي ڪتاب ”رومن سلطنت جو عروج ۽ زوال“ جيڪو عنايت بلوچ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي، هن مسئلي تي تفصيلي بحث ڪري سڀني قومن ۽ مذهبن مان مثال پيش ڪيا آهن، جيڪي قبل مسيح کان شروع ٿي نيٺ هندو مت ۽ اسلام تي اچي دنگ ٿا ڪن.
    اسانجي ننڍي کنڊ ۾ هندو مت مان ڀڳتي تحريڪ، ٻڌ ڌرم ۽ ٻين اڪيچار مسلڪن ۽ تحريڪن جنم ورتو، جن برهمڻ جي بالا دستي ۽ ڇوت اڇوت جي مسئلي تي هندو مت کان الڳ ٿي پنهنجو نظريو جوڙيو. مهاتما ٻڌ، ڪبير داس ۽ ميران ٻائي هندو مت جا ويدانتي صوفي آهن، جيڪي برهما يا هڪ هستيءَ کي مڃيندڙ هئا. انهن انسان جي اخلاق کي سنوارڻ لاءِ مايا جي موھه کي تياڳي، من ماري، سڀ ڪنهن سان ميٺ محبت ۽ هيٺانهينءَ سان هلڻ وارن گڻن جي پرچار ڪئي. اهڙي طرح اسلامي تصوف به قرآن شريف جي تعليمات کي بنياد بڻائي، انسان جي آزاد ۽ پاڪ پئدا ٿيڻ جو فلسفو ڏنو ۽ هن ڌرتيءَ کي خدائي فرش ڄاڻي ان تي ڪنهن جي دعويٰ ۽ حق کي نه رڳو رد ڪيو پر ان لاءِ تحريڪ هلائي وقت جي ظالمن سان مهاڏو اٽڪايو، جهڙي طرح صوفي شاھه عنايت شهيد ”جو کيڙي سو کائي“ جو نعرو ڏنو.
    هن سلسلي ۾ اسلامي تاريخ ۾ هڪ روايت ملي ٿي ته قبا مسجد جي ڀرسان ڪجھه زمين جو ٽڪرو هو، جنهن جي آباد ڪرڻ لاءِ بلال حبشي پاڻ ڪريمن صه کان اجازت وٺي ان کي آباد ڪيو، ڪجھه سالن کانپوءِ حضور ڪريم صلعم کي عرض ڪيائين ته قبلا آئون هن ٽڪري کي آباد نٿو ڪري سگھان، ان کي ڪنهن ڪڙمي يا مقاطعي دار معرفت آباد ڪرڻ ٿو چاهيان. بلال جي سوال تي امت جي مرسل الله جي آخري نبي جن فرمايو ته ”بلال! جي تون پاڻ ان کي آباد ڪرين ته ان جي اپت توتي حلال آهي، ٻي صورت ۾ ان جي اپت توتي حرام آهي.“ ان کان پوءِ بلال ان کي آباد ڪرڻ ترڪ ڪيو. هي الله جو فرش آهي، جنهن تي ڪنهن جي مالڪيءَ جي حق جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، هوا ۽ پاڻيءَ جيان ڌرتي به سڀني انسانن جي گڏيل ملڪيت آهي، جنهن جي باري ۾ ڪيترين ئي جاين تي ارشاد آهي ته هي فرش اسان اوهان لاءِ وڇايو آهي، ان تي مينهن وسائي اوڀڙ اوڀاريا آهن.گاھه، گل ۽ ميوا پيدا ڪيا آهن، جن جي خوشبوءِ ۽ ذائقو هڪ ٻئي کان مختلف آهي.
    هن ڌرتيءَ تي سڀ کان مقدم، اعليٰ ۽ عزت جي لائق صرف انسان آهي، جيڪو پابند آهي پنهنجي پالڻهار جي ٻانهپ ۽ ان جي نشانين تي سوچڻ ۽ عبرت وٺڻ لاءِ. زور زبردستي ڪير ڪنهن کي پنهنجي، فڪر، نظريي ۽ مذهب لاءِ مجبور نٿو ڪري سگھي، ڇو ته آخري پيغمبر جو فرمان آهي ته ”لڪم دينڪم وليّ دين“ ”اوهانجو دين اوهان سان، اسانجو دين اسان سان.“ ته پوءِ اتي ڇيھه ٿي ويو. صوفي مت به الله جي احڪامن ۽ قرآن شريف جي ارشادات تي مبني آهي، جنهن ۾ سڀ برابر آهن ۽ آزاد پڻ. گوري کي ڪاري تي فضيلت ڪانهي. عربي کي عجميءَ تي فضيلت ڪانهي. مومن اهو آهي جنهن جي هٿ ۽ زبان کان ٻيو انسان محفوظ هجي. ظالم، ڪوڙي، منافق تي قرآن شريف ۾ الله پاڪ لعنت وڌي آهي، اهو شيطان جيان در جو تڙيل آهي، ڀلي ڪهڙا به ويس ڪري نيٺ اهو ظاهر ٿيندو. جيڪي ماڻهو پنهنجي بزرگي ۽ عبادت تي فخر ڪندا آهن، انهن تي لطيف خوب لکيو آهي.
    جيئن ڀيرئين ۽ ڀانئين، تان هيڏي مَ آءُ،
    ان سُرڪي سندو ساءُ، پڇج عزازيل کي.
    *
    ان پر نه ايمان، جيئين ڪلمي گو ڪوٺائيين،
    دغا تنهنجي دل ۾ ، شرڪ ۽ شيطان،
    منهن ۾ مسلمان، اندر آذر آهئين.
    نه رڳو مسلمان پر ڀٽائي هندوءَ کي به هدايت ٿو ڪري ته پنهنجي مت سان سچو رھه:
    ڪوڙو تون ڪفر سين، ڪافر مَ ڪوٺاءِ،
    هندو هڏ نه آهئين، جڻيو تو نه جڳاءِ،
    تلڪ تنين کي لاءِ، سچا جي شرڪ سين.
    اهڙي طرح صوفين ۽ جوڳين ۾ به کرن ۽ کوٽن جا پار پتا ڏنا اٿس ۽ انهن جي اٽڪلن ۽ چالن کي ظاهر ڪيو اٿس، سچن صوفين ۽ جوڳين جا ڳڻ ڳاتا اٿس.
    جوڳي هن جڳت جا، ڏنڊا ۽ ڏوٽا،
    پني کائين پيٽ ۾ ، ٽڪر ۽ ٽوٽا،
    کرا ۽ کوٽا، پورب ٿيندا پڌرا.
    *
    توکي ويس وڃايو، ويس وڃايو تو،
    سامي آهي سو، جو پاڻ وڃائي منجهه پوريو.
    *
    سچن جوڳين ۽ سامين لاءِ لکيائين ته:
    سامي کامي پرينءَ لئه، ڪُسي ٿيا ڪباب،
    جھڙو ڏسن ڏوھه کي، تهڙو تن ثواب،
    اوتين ارتي گاڏئون، منجھان اکين آب،
    سندو ذات جواب، تون ڪيئن پڇين تن کان.
    *
    آديسين ادب، آهي اکڙين ۾ ،
    تن جو حسب نسب ناھه ڪي، نه امان نه اب،
    سامين کي سڀين پَرين، روح ۾ رهيو رب،
    ريءَ لانگوٽيءَ لب، پاڇي کڻن نه پاڻ سين.
    انهن جي نه ذات ٿيندي آهي، نه ڪو حسب نسب هوندو آهي، اهي ڪامل انسان صرف انسان هوندا آهن ۽ ان لاءِ سوچيندا ۽ پتوڙيندا آهن. هو پنهنجي هلت چلت ۽ ڪردار جي ڪري ٻين لاءِ مثال بڻجي ويندا آهن، جھڙيءَ طرح قرآن شريف فرمايو آهي ته ”اوهان لاءِ محمد صلعم اخلاق جو بهتر نمونو آهي.“ شاھه جي رسالي ۾ ڏسنداسين ته ڀٽائيءَ وٽ ڪهڙي قسم جو تصوف ۽ صوفي آهي. هو لڪير جو فقير آهي يا برجستو ڪردار. سنڌ ڇا دنيا جي سڀني صوفين وٽ منصور حلاج جو ڪردار مثالي رهيو آهي پر لطيف اسان سڀني کي منصور بڻائي ڇڏيو آهي:
    سڀت پچار پرينءَ جي، سڀت هوت حضور،
    ملڪ مڙوئي منصور، ڪهي ڪهندين ڪيترا.
    منصور حلاج سن 203 ھجريءَ ۾ سنگسار ڪيو ويو. هي پهريون صوفي هو، جنهن خانقاهن جو رواج وڌو، جتي طالبن کي مختلف قسم جو علم پڙهايو ويندو هو، جنهن ۾ فقه، منطق، عربي، فارسي، طب، طبعيات ۽ فلڪيات جا علم پڙهايا ويندا هئا. هن جون خانقاهون شهري آباديءَ کان ٿورو پرڀرو هونديون هيون، جيئن طالبن جي يڪسوئي ۽ فڪر ۾ ڪو خلل نه پوي. هي پهريون صوفي هو، جنهن حقوق الله لاءِ چيو هو ته اهو بندي ۽ الله جي وچ جو مسئلو آهي. هن حقوق العباد تي زور ڏيندي مظلومن ۽ پيڙهيل طبقن جي ڳالھه ڪئي ۽ رياست جي مخالفت سبب سزاوار بڻيو، هو وقت جي حڪمرانن کي چوندو هو ته الله اوهان کي ڌرتيءَ تي حڪومت ان ڪري نه ڏني آهي ته ان جي مخلوق تي ظلم ڪيو؟
    سنڌ جي صوفين جي اڪثريت شهيد ٿيل آهي، جن ۾ هڪڙا قومي ويڙهاند ۾ ڌارين قابض حڪمرانن هٿان شهادت ماڻي سدائين لاءِ تاريخ جي ورقن ۾ امر ٿي ويا، اهڙن شهيدن ۾ دولھ دريا خان، مخدوم بلاول، شاھه عنايت شهيد ۽ شهيد عبد الرحيم مڱرئي گرهوڙ واري جا نالا ڳڻائي سگھجن ٿا. ٻيا اهي شهيد آهن جيڪي ڪنهن مظلوم جي حق وارڻ خاطر چورن ۽ ڌاڙيلن هٿان شهيد ٿيل آهن، انهن ۾ داد شهيد، سيد جمال شاھه، لطيف جي پڙ ڏاڏي ۽ شاھه عبدالڪريم جي ٽئين نمبر پٽ شادي شهيد سميت سنڌ ۾ اهڙا ڪيترائي گمنام شهيد آهن، جيڪي قابض پرڏيهي لشڪرن جي تلوارن جوکاڄ بڻيا، اهڙن ڪردارن لئه لطيف لکيو آهي ته:
    جيڏانهن قاتل ڪُل، اکيون اوڏانهين کڻي،
    مٿو ڪن نه مُل، پِڪ برابر پانهنجي.
    *
    ڪلهنئون ڪورين، عاشق عبداللطيف چئي...
    *
    سرائيڪي شاعر مسلم جي هڪ سٽ آهي :
    عاشق صادق اپنا لهو، پاني سي سستا ڪر بيٺي.
    لطيف صوفيءَ جون جيڪي وصفون ٻڌايون آهن ۽ ان جو ڪردار بيان ڪيو آهي، اڄ جي زماني ۾ اهڙا صوفي ملڻ مشڪل آهن، ڇو ته صوفين خلاف رياستي تشدد ڏسي، انهن بزرگن جا پويان لڪير جا فقير بنجي صرف راڳ ويراڳ، گاديون وسائڻ ۽ پاڻ وڻائڻ تائين محدود ٿي ويا. اهي صوفيءَ جي مت ۽ ڪردار جي نفي ڪري رهيا آهن. جڏهن ته خلق کي خادم ڪرڻ يا مريد ۽ طالب ٺاهڻ واري عمل کي لطيف بيماري سڏيو آهي:
    خلق خادم جيئن ڪرين، ايءُ راول وڏو روڳ،
    ڀڳن ڪونهي ڀوڳ، نانگا وڃن نڱيو.
    لطيف فرمائي ٿو ته، ڀڄڻ ڪو ڀوڳ ناهي، جيڪي هن سچ جي راھه کي ترڪ ڪري گوشه نشين ٿي ويٺا، انهن اهو عمل ڪنهن وڏي عذاب ۽ مصيبت سبب اختيار ڪيو آهي. ان ڪري صوفيءَ کي صلاح ٿو ڏئي:
    صوفي چائين سک طلبين، صوفي ايءُ نه صلاح،
    ڪاٽي رکج ڪُلاھه، وجھج اڇلي آڳ ۾ .
    *
    جوڳ نه جوڳو تون، ڪرين پچارون جوڳ جون ...
    *
    جوڳئين جوڳ جڳاءِ، جوڳ پڻ سونهي جوڳئين،
    هاءِ! مونهين کي واءِ، جا آئون نينهن نه سِکي.
    نالي جي صوفين کي لطيف صلاح ٿو ڏئي ته، گھٽ ۾ گھٽ اڳين نيڪ ۽ اعليٰ درجي جي صوفين جي عزت جو ته خيال ڪريو!؟ ايئن نه ٿئي جو توهان جي عمل ۽ ڪردار ڪري انهن جي به گلا ٿئي. ان سلسلي ۾ انهن کي وڌيڪ سمجھاڻي ڏيندي لباس جو مثال ڏنو اٿس ته ڪپڙي کي به ايتري اهميت آهي جو اهو تنهنجي سڃاڻپ وڃائي ٿو ڇڏي. جڏهن ته تون صوفي خرقو ٿو پهرين ته ماڻهو توکي صوفي سمجھي ڀلجي ٿا پون، پر تون صوفي جي پر نٿو پاري سگھين ته ان لباس کي ئي ترڪ ڪر، متان ٻين تي حرف اچي:
    توکي ويس وڃايو، ويس وڃايو تو...
    صوفي اصل تڏهن ٿو بڻجي جڏهن نفس کي ماري نفي واري منزل کي رسي ٿو، جز وڃائي ڪُل ۾ ضم ٿي وڃي ٿو:
    جز وڃايو جوڳئين، ڪُل سي آهينِ ڪم،
    آسڻ جن عدم، آئون نه جيئندي ان ري.
    ان کانپوءِ صوفيءَ جو هردو صاف ٿي آئيني مثل ٿو بڻجي، دوئي هن کان ڪوهين دور ٿي وڃي ٿي، تڏهن ئي هو پنهنجي اندر ۾ پرينءَ جو جلوو ٿو پسي:
    صوفيءَ صاف ڪيو، ڌوئي ورق وجود جو،
    تِهان پوءِ ٿيو، جيئري پسڻ پرينءَ جو.
    *
    صوفي لا ڪوفي، ڪونه ڀانئنس ڪير،
    منجھان ئي منجھ وڙهي، پڌر ناهيس پير،
    جنين ساڻس وير، ٿئي واهرو تن جو.
    هن بيت ۾ لاڪوفي جي معنيٰ ڪن ٿا لامذهب جيڪا غلط آهي، هن لفظ جي سڌي سنئين معنيٰ ٿيندي ”لا“ معنيٰ ”نه“ ڪوفي يعني ڪوفي جو. جنهن جي اصطلاحي معنيٰ آهي دغا باز، ڪوڙو، منافق ۽ سيد جو دشمن. لطيف فرمائي ٿو ته سچو صوفي ڪڏهن به ڪوفي نٿو ٿي سگھي. اهو سچي سيد سان محبت ڪندڙ ۽ ان جو عاشق آهي، ڇو ته ڪوفين امام حسين سان دغا ڪئي هئي، ان بابت لطيف ٻه بيت لکيا آهن:
    ڪوفين قهر ڪيو، ٿيا جماعتي يزيد جا،
    پليتن کي پڙ ۾ ، ورنھه ور پيو،
    سڌر هون هو، شير شهادت رسيو.
    هتي ڪوفيءَ کي پليت سڏيو اٿس ۽ سيد کي مضبوط ۽ سچو سهارو سڏيو اٿس، جنهن کي هنن نه سڃاتو، هونئن نه ته ڪوفي به ڪلمي گو هئا، نماز پڙهندا هئا، ليڪن لطيف انهن کي پليت ۽ ڪافر ڪوٺيو آهي:
    ڪامل ڪربلا ۾ ، اهل بيت آئيا،
    ماري مصرين سين، تن ڪافر ڪنبايا،
    سچ ڪه بيبيءَ ڄايا، ههڙا سورهيه سپرين.
    *
    ڪوفين ڪاغذ لکيو، وچ وجھي الله،
    اسين تابع تنهنجا، تون اسانجو شاھه،
    هيڪر هيڏي آءُ، تخت تابع تنهنجي.
    جڏهن وقت جي خليفي کي خبر پئي ته ڪوفي امام حسين جي حمايت ڪري رهيا آهن ته ابن مسلم کي شهيد ڪرائي ڪوفين تي سختي ڪيائين ته اهي امام حسين کان ڦري ويا ۽ نيٺ ڪربلا جو واقعو پيش آيو، جنهن تي لطيف سائين سڄو سارو ڪيڏارو لکيو آهي. يزيد جي لشڪر ۾ عالم، قرآن جا حافظ ۽ پنج وقت جا نمازي به شامل هئا، جڏهن اذان ايندي هئي ته ٻئي لشڪر جنگ بند ڪري نماز پڙهندا هئا ۽ يزيد جا قاري تلاوت ڪندا هئا. لطيف انهن کي ڪافر ۽ پليت ڪوٺيو ۽ شاهدي ڏني اٿس ته سچو صوفي ڪڏهن به منافق ۽ سيد جو دشمن ٿي نٿو سگھي، سيد جي مقام لاءِ لکيو اٿس ته:
    مونکي آھه اميد الله ۾، منهنجي سيد سار لهندو...
    ***


    ملڪ مڙوئي منصور...!!!

    ملڪ مڙوئي منصور...!!!


    حسين بن منصور حلاج 203 هه ۾ المقتدر عباسي خليفي جي دور ۾ ” انا الحق“ جي نعري هڻڻ سبب سنگسار ڪيو ويو هو، ڇو ته هن جو نعرو هو ته ”آئون حق آهيان“ جنهن تي شريعت جي مُلن هن کي تعذير ڏئي سنگسار ڪرايو. اسلامي تصوف ۾ هي پهريون صوفي آهي، جنهن سڀ کان پهريان عوام جي حقن جي ڳالهه ڪئي هئي، جنهن کي عربي محاوري ۾ حقوق العباد چئبو آهي. حڪمرانن کي چوندو هو ته ”الله اوهان کي ڌرتيءَ تي ان ڪري حڪومت نه ڏني آهي ته اوهين ان جي بندن تي ظلم ڪيو، اوهان کي الله جي مخلوق جي خدمت ڪرڻ جڳائي.“ عوامي حقن لاءِ آواز اٿارڻ جي ڏوهه ۾ هن کي سنگسار ڪيو ويو، هن کي سرڪش، هٺيلو ۽ غدار جهڙن لقبن سان نوازيو ويو. هي پهريون صوفي هو جنهن خانقاهن ۽ آستانن جو رواج وڌو، جيڪي اتان جي آباديءَ کان پرڀرو ٻاهر قائم ڪيائين، جتي طالبن ۽ شاگردن کي مختلف علمن جي تعليم ڏني ويندي هئي، جهڙوڪ قرآن شريف، حديث، فقه منطق، رياضي، ڪيميا ۽ عربي، فارسي ٻولين جو گرامر پڙهايو ويندو هو.
    منصور جو نعرو هو ته ”الله ڄاڻي، الله جو بندو ڄاڻي! “يعني حقوق الله، الله ۽ بندي جي وچ جو مسئلو آهي، جڏهن ته حقوق العباد سماجي ۽ معاشرتي مسئلو آهي، جنهن کي بلهي شاهه پنهنجي لفظن ۾ هن طرح ورجايو آهي:” مين جانون ميرا الله جاني“ الله جي حقن جي ڳالهه سان گڏ هي شاگردن ۽ طالبن کي عام خلق جي خدمت ڪرڻ، انساني ۽ سماجي حقن جي تلقين ڪندو انهن جي پائماليءَ خلاف جدوجهد ڪرڻ جو درس ڏيندو هو. پيڙهيل، ڦريل ۽ ماريل ماڻهن جي ڏک، درد ۾ انهن جو ساٿي ۽ مددگار بڻيو، ان ڪري ئي سندس نالي پٺيان چوڻي ٺهي ته ”مڙس ته ڪو منصور آهين.“ اهڙي طرح گيلان مان بغداد ٺهيو، جو ان شهر ۾ جمعي جي ڏينهن 250 نمازين کي مسجد ۾ شهيد ڪيو ويو. ان بغداد ۽ ظلم جي ياد ۾ ان شهر تي نالو ئي بغداد پئجي ويو. صوفي مت جا جيڪي به معتبر مسلڪ آهن، انهن ۾ منصور جو مقام مٿانهون آهي. ان جو مٽ ڪير به نه آهي، پر اسان جي قومي شاعر، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي ٻه بيت لکي، ان راءِ کي رد ڪندي ”سنڌي قوم“ کي منصور جو درجو ڏئي ڇڏيو ۽ صوفين تي واضح ڪيائين ته اوهين اڄ سوڌو ان هڪڙي منصور تي اچي بيهي رهيا آهيو، هتي ته ملڪ ئي منصور لڳو پيو آهي، روز ٿا حق سچ جو نعرو هڻندڙ شهيد ڪيا وڃن. پاڻ لکيائين ته:
    سڀت پچار پرينءَ جي، سڀت هوت حضور،
    ملڪ مڙوئي منصور، ڪهڙا چاڙهيو چاڙهين.
    *
    سڀت پچار پرينءَ جي، سڀت هوت حضور،
    ملڪ مڙوئي منصور، ڪهي ڪهندين ڪيترا؟
    اڃا به هن جي دل نه ٺري. اهڙن عاشقن جي هڪ وڏي قطار، جلاد جي اڏيءَ وٽ ڏيکاري ٿو، جيڪي پنهنجي ڪنڌ ڪپائڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن. ڇا ته شاعري ڪئي اٿس. ڪيئن ته انهن جي بهادريءَ کي ڳايو اٿس جيڪي اوچي ڳاٽ جلاد جي اڏيءَ تي اچن ٿا ۽ ڪنڌ ڪٽائي شهادت جو جام پيئن ٿا:
    اڳيان اڏين وٽ، پوئين سر سنباهيا،
    ڪاٽ ته پوين قبول ۾ ، مڇڻ ڀائين گهٽ،
    مٿا مهاين جا، پيا نه پسين پٽ،
    ڪلاڙڪي هٽ، ڪُسڻ جو ڪُوپ وهي.
    اهو بيت جڏهن دادا ڄيٺمل پراسرام پنهنجي اخبار جي ايڊيٽوريل ۾ لکيو ته ان وقت انگريزن خلاف سڄي هندستان ۾ هلچل هلي رهي هئي. ان وقت جي انگريز سرڪار اخبار ۽ ان جي ايڊيٽر تي بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو. دادا ڄيٺمل پرسرام گرفتار ٿي ڪورٽ پهتو، ان ڪورٽ جو جج ايڇ ٽي سورلي هو، جنهن سرڪاري وڪيل کان پڇيو ته سرڪار کي اخبار جي ڪهڙي حصي يا ڪالم تي اعتراض آهي؟ جنهن تي سرڪاري وڪيل چيوته ايڊيٽوريل ۾ لکيل بيت تي. جج پڇا ڪئي ته بيت جو شاعر ڪير آهي، ان کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي، جنهن تي کيس ٻڌايو ويو ته اهو بيت شاهه لطيف جو آهي، جيڪو ڪيترائي سال اڳ وفات ڪري چڪو آهي. پوءِ جج صاحب سنڌي عالم کي گهرائي بيت جو ترجمو ڪرايو، ان کي سمجهيو. دادا ڄيٺمل پرسرام کي چار سال سزا ٻڌائي وئي.
    سورلي تي شاهه جي بيت جو ايڏو ته اثر ٿيو جو هن پنهنجي لاءِ سنڌيءَ جو استاد رکيو، جيڪو هن کي سنڌي پڙهائيندو هو. پوءِ هن لطيف جي شاعريءَ جو مطالعو شروع ڪيو. اڳتي هلي هن لطيف تي ( شاهه عبداللطيف آف ڀٽ ) جي نالي ڪتاب لکيو، جنهن تي آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ کيس ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ڏني. هن ٻيو ڪتاب دنيا جي مخلتف ٻولين جي چونڊ ستن شاعرن جي ڀيٽوار جائزي تي مشتمل لکيو، جنهن ۾ مڙني شاعرن مان شاهه لطيف کي مٿانهون ڄاڻايو اٿس. اها آهي شاهه لطيف جي شاعريءَ جي ڪرامت، جو هڪ غريب سنڌي صحافي سزا کائي ويو ۽ انگريز جج پي ايڇ ڊي جي ڊگري وٺي ٻن ڪتابن جو ليکڪ بڻجي ويو. هن قسم جي شاعري شاهه جي سڄي رسالي ۾ جابجا پکڙي پئي آهي. منهنجو ته ايمان آهي ته سڄو رسالو ڪيڏارو آهي. سنڌ جو نوحو آهي. ڪلياڻ کان سورٺ تائين سسئي، سهڻي، ليلان، کاهوڙي، رامڪلي سڀ جا سڀ سر هڪ دانهن آهن، ماتام آهن.
    اڄ آديسي مر، سڀان مرندو سڀڪو...
    *
    مئي متي مهراڻ ۾ ، پئو ٽپو ڏيئي...
    *
    سر ڍونڍيان ڌڙ نه لهان، ڌڙ ڍونڍيان سر نانهن،
    هٿ ڪرايون آڱريون، ويا ڪپجي ڪانهن
    وحدت جي وهانءَ، جي ويا سي وڍيا.
    هيءُ شاعر ماڻهوءَ کي مرڻ لاءِ ائين ۽ اتساهيندو آهي، جو مرڻ وارو ان عمل کي ايترو آسان ۽ سولو سمجهندو آهي. جهڙوڪ ٿڪ پٽ تي اڇلائڻ هجي:
    مٿو ڪن نه ملهه، پڪ برابر پانهنجي.
    *
    جيڏانهن قاتل ڪَلَ، اکيون اوڏانهين کڻي.
    هي ڪردار پنهنجو سِرُ ائين سٽي ٿا ڇڏين، جيئن ٿڪ پٽ تي اڇلائبي آهي! هن جي شاعريءَ ۾ اوهان کي اذيت گاهون، بند کوليون، ٻيڙيون، هٿ ڪڙيون، ڳچيءَ ڳانا لوهه جا، پيڪڙا پيرن ۾ ۽ ڪوٺين اندر ڪِير ملندا. جيل، چارِي چوگانن ۾ ۽ واهت ڪندڙ وزير ملندا، قيد بند جي شاعري ملندي:
    چوريان جو پاسو، ته جسو زنجيرن ۾ ...
    *
    هٿين هٿ ڪڙول، ڄنگهون ٻانهون ڪاٺ ۾ ...
    *
    بندي ٻيا قرار، اسين لوچيون لوهه ۾ ...
    *
    مٿي تن ترار، سدا سانڀيئڙن جي...
    *
    وڍيون هئين تان ويهه، نه ته وٺي واٽ وانءُ تون
    هيءُ تنين جو ڏيهه، ڪات جنين هٿ ۾ .
    ڀٽائي صاحب سنڌ جي تاريخ کي پنهنجي تعلق ۾ اهڙو ته سموهيو آهي جو يوناني، ارغون، ترخان، لوڌي، پٺاڻ، مغل، انگريز جن به قومن هن ڌرتيءَ کي زخم رسايا آهن، هن کي لٽيو ڦريو آهي، انهن جا اهڃاڻ هن جي شاعريءَ ۾ موجود آهن:
    پيئيم پٺاڻن سين، ٻولِي جي نه ٻجهن،
    آئون سنڌيءَ جو سعيو ڪريان، هو پارسيون پڇن،
    مون پڻ مُلا تن، سرتيون سور پرائيا.
    *
    معلم ماڳ نه اڳئين، ڦلنگي منجهه ڦريا،
    ملاح تنهنجي مڪڙيءَ، اچي چور چڙهيا،
    گهوڙا ڙي گهوڙا، آئون نه جيئندي ان ري.
    ان سڄي صورتحال کي چٽڻ کان پوءِ هن وٽ بچي ٿو روئڻ ۽ راڙو مون نماڻيءَ نجهري:
    ڪنهن پر روئان پرينءَ کي، پار نه ڄاڻان پنڌ،
    ڪيچين ڪارڻ ڪنڌ، نايو ٿي نعرو هڻان.
    *
    نه ڪنهن ماريا جنگ ۾ ، نه ڪنهن سور ٻري،
    روئان ڪيئن ڪري، مادر ملاحن کي.
    اهڙي قسم جي بيتن مان ڀل ڪو روحاني راز تلاش ڪري يا ڪير تصوف کي ڳولي لهي پر:
    جن کي دور درد جو، سبق سور پڙهن،
    فڪر ڦرهي هٿ ۾ ، ماٺ مطالعو ڪن،
    پنو سو پڙهن، جنهن سان پسن پرينءَ کي.
    هيءُ ته داستان آهي، درد آهي، هيءَ شاعراڻي ڪٿا آهي لٽيل ملڪ جي مارن جي، جن مٿان ناحق جنگيون مڙهيون ويون. وڙهي مرڻ کان سواءِ انهن وٽ ٻِي واهه ڪا نه هئي، اهو ئي سبب آهي جو لطيف سڄي ملڪ کي منصور ٿو سڏي. اهو تسلسل آهي دولهه درياهه خان، مخدوم بلاول، شاهه عنايت شهيد جو. ماضيءَ ۾ سنڌ جي تاريخ ۾ جيڪي قتل عام ٿيا آهن، بابت ڀٽائيءَ جو هي بيت غير معمولي رزميه داستان کان گهٽ نه آهي:
    وڍيءَ سي واڍوڙيا، رت نه ڏٺو جن،
    موت قبوليو تن، ڏٺو جن ڏکيءَ کي.
    هتي ڏکيءَ مان مراد، سنڌ جي ڌرتي آهي.


    ڪيو مطالع مون...

    ڪيو مطالع مون...


    شاهه عبداللطيف جي شاعريءَ جو بياض جيڪو گنج شريف سميت پراڻن قلمي نسخن ۾ ملي ٿو، اهو سرود يعني سر سسئيءَ کان شروع ٿيل آهي. هاڻوڪو رسالو راڳداري ۽ موضوعن کي ذهن ۾ رکي ترتيب ڏنو ويو آهي. هن وقت رسالو سُر ڪلياڻ کان شروع ٿو ٿئي، ڇو ته هي راڳداريءَ جي حساب مان پهريون راڳ آهي، سانجهيءَ وقت ڳايو ويندو آهي. ڪن ماهرن جو رايو آهي ته هي اسر ويل به ڳايو ويندو آهي، ڇو ته ٻئي سونهارا ۽ برڪت ڀريا ويلا آهن. هن سُر کي ڳائڻا ٽن شڪلين يعني، ڪلياڻ، شڌ ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ جي شڪل ۾ ڳائيندا آهن، جن جو آلاپ ۽ لڳندڙ سُر مختلف آهن.
    ڪلياڻ لفظ جي معنيٰ آهي: شانتي، آنند ۽ سڪون، جيڪا سنسڪرت جي لغت موجب آهي، پر ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ان معنيٰ کي نٿو مڃي. سندس تازو ڇپيل ڪتاب ( لطيف جو فهم۽ فڪر ) ۾ هو لکي ٿو ته هن لفظ جي معنيٰ آهي ”ڪارنامو“ جنهن لاءِ وٽس ڪو لغوي دليل ناهي، باقي، چوي ٿو ته جيئن اسان چوندا آهيون ته” تو ڪهڙو ڪلياڻ ڪيو آهي“ ان ڪري سنڌيءَ ۾ هن جي معنيٰ ٿيندي ڪارنامو! ڊاڪٽر صاحب جو دليل ڪمزور آهي. هي سُر حمد باري تعاليٰ کان شروع ٿئي ٿو، ان کان پوءِ مٺي مرسل رسول ڪريم عه جي ساراهه بيان ڪيل آهي، جيڪو هن ڪائنات جي تخليق جو ڪارڻ آهي. ان کا پوءِ، عاشق، پتنگ، ويج ۽ طبيب جو ذڪر ٿو اچي.
    شاهه لطيف کي شارحن هڪ ئي رُخ ۾ ڏٺو آهي، هن کي صوفي، پرهيزگار ۽ اولياءُ ڪري پوڄيو ٿو وڃي، جنهن جو سبب شايد اهو آهي ته هن وٽ جيڪا بغاوت، انقلابيت، سماجيات ۽ عام ماڻهوءَ سان پيار آهي، ان کان گهٻرائي، اديب سڳورا هن جي صرف مذهبي پهلوءَ کي اجاگر ڪري، رسالي کي پڙن ۾ ويڙهي ڀٽائيءَ کي قبي ۾ قيد ڪرڻ ٿا چاهين. حقيقت اها آهي ته هي وڏو سماجي نقاد آهي، ايتري تائين جو خود تنقيدي پهلو به هن وٽ موجود آهي. هن سماج ۾ خاص ڪري سنڌي جاگيرداري سماج ۾ جيڪي طبقا ٽولا ۽ فرقا آهن، اهي هن جي تنقيد واري نشتر کان وانجهيل ناهن. هن مرشدن، صوفين، جوڳين تي تنقيد ڪرڻ سان گڏ هندو ۽ مسلمان کي به پنهنجي مذهب ۽ مسلڪ سان سچو رهڻ، جي تلقين ڪئي آهي.
    اسانجي سماج جي ڪريل طبقن، عورت ڪمي، ڪاسبي، هاري ناري، هن ڌرتيءَ جي دک درد، سونهن، ڏڪار، سڪار، سمونڊ، جبل ويندي وطن جي ڪرڙن، ڪانديرن ۽کيهه يعني ڌوڙ ۽ رئيءَ سان به لنئونءَ لڳل اٿس، ايتري تائين جو سنڌ ۾ ايندڙ پرديسي پکين ۽ انهن جي شڪارين کي به ڳايو اٿس. سورن سان ته ڪو پيچ پيل اٿس، جو چيو اٿس ته:
    ڏک سکن جي سونهن، گهوريا سک ڏکن ري،
    جنين جي ورنهن، سڄڻ آيو مان گهرين.
    اهو ئي سبب آهي جو، هن بندي کي اعتماد سان اهو چوڻ جي ضرورت محسوس ٿي ته جيئن پنهنجي قومي شاعر جي اصل صورت عوام کي پسائي سگهجي ته هي تارڪ نه پر اوهان جو سونهون، رهنما ۽ ڀرجهلو آهي، ان ڪري ئي هن اوهان جي ٻوليءَ کي پنهنجي شاعريءَ لاءِ چونڊيو ته جيئن اوهان جي ٻولي محفوظ ٿئي ۽ اوهان هن کي سمجهي سگهو.
    ان ڳالهه کان ڪنهن کي به انڪار ناهي ته لطيف مذهبي هو، مومن ۽ متقيءَ جي منزل کان به وڌيڪ سچو صوفي هو، قرآني تعليمات جو شارح، اهلبيت سان محبت ڪندڙ، پاڻ وڃائڻ وارو، قناعت ۽ سادگي اختيار ڪرڻ وارو هو، ليڪن سنڌ ڌرتيءَ ۽ ان ۾ وسندڙ ماڻهن سان جو نينهن هوس، ان ڪري انهن جي سوچن، رواجن، ڏکن سورن کي نه رڳو جيئن جو تيئن پيش ڪيو اٿس پر انهن جو حل به ڏسيو اٿس. اسان سنڌين کي هن شخص سنڌيءَ ۾ قرآن شريف جو حقيقي مفهوم سمجهايو آهي ۽ واحد جي وڏائي، ان جي محبوب جو ڪردار ۽ عظمت به سمجهائي آهي، ان ڪري ئي سنڌ جي يگاني عالم عبدالرحيم گرهوڙيءَ کي لکڻو پيو ته:
    آهي عبداللطيف تي، رضامندو رحمٰن،
    جوڙي جنهن قرآن، سنڌيءَ ۾ صحيح ڪيو.
    ڀٽائيءَ محمد بن قاسم جي سنڌ مٿان حملي تي به ٻه بيت لکيا آهن. بن قاسم سنڌ تي ڪاهه 712ع ۾ ڪئي هئي ۽ اسانجو شاعر 1689ع ۾ پيدا ٿيو ۽ 1752ع ۾ پنهنجي ڏيهه اسهيو هو. چون ٿا ته مولانا جلال الدين رومي به 712ع ۾ جنم ورتو هو. ڪربلا جي ڪيڏاري کانسواءِ، ڀٽائي سنڌ جو ڪيڏارو به لکيو آهي، جو اوهان کي هن جي شاعريءَ ۾ نادر شاهه، ارغونن، ترخانن، مغلن ۽ ٻين ٻاهرين حملي آورن جي لشڪر جي گهوڙن جي ٽاپ به ٻڌڻ ۾ ايندي ۽ ٺٽي ۽ سيوهڻ کي باهه ڏئي ساڙڻ وارو دونهون به نظر ايندو!
    ڀينر هن ڀنڀور ۾ دوزخ جو دونهون،
    سوارو سونهون، پچي پورج سسئي.
    *
    ڏکي ڏک مٿي ڪري، ڇپر وانءَ پيهي،
    گڏبئي ات ڏيهي، سوڌيون ڏيندئي خبرون.
    مٿيون بيت جهوڪ جي واقعي تي لکيل اٿس. هي واقعو سندن حياتيءَ ۾ ٿيو ۽ نادر شاهه جي حملي جا ڪلور به هن جي چت کي چور ڪري ويا هئا. جهوڪ تي ته سڌا بيت به لکيا اٿس، جنهن لاءِ سنڌي ادب ۾ مولانا دين محمد وفائيءَ جي سند سان شاهدي موجود آهي. وفائي صاحب لکي ٿو ته ”رامڪلي“ جي ٽئين داستان وارا بيت ”اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين“جهوڪ جي سانحي تي لکيل آهن.
    جهڄان پسيو جهوڪ، آيل سنگهارن جي،
    جن ٿي پهي پياريا، منجهان مٽن موڪ،
    لڏي وچان لوڪ، اٺي ويئڙا اُڪري.
    ڀٽائي صاحب شعوري طرح سنڌ کي محفوظ ڪيو آهي، هن ڏيهه جي ڪا به وٿ، جيوَ، نظارو ۽ واقعو هن جي نظر کان اوجهل ناهي. سنڌ جي تاريخ، جاگرافيءَ تي پوري زور ۽ درد سان لکيو اٿس، اهڙا ئي ته تخليقڪار پنهنجي قوم جي درد کي سمجهندا آهن ۽ ان درد کي پنهنجي سيني ۾ سانڍي، صدين جون صدائون ايندڙ نسلن کي منتقل ڪندا آهن. هن جا وڏا وڙ آهن، جنهن اسان کي اهل ڪتاب قوم جو شرف بخشيو آهي، اسان وٽ شاهه جو رسالو نه هجي ها ته شايد اسان اڄ اها ٻولي نه ڳالهايون ها.
    ***


    هو جي جھونا پسجن جھوپڙا

    هو جي جھونا پسجن جھوپڙا

    شاھه لطيف جي رسالي ۾ مٿئين سٽ سر آسا جي هڪ وائيءَ جو ٿلھه آهي. پنجن مصرعن واري هن وائيءَ کي پڙهندي لڳندو آهي ته لطيف اها وائي، شاھه ڪريم بلڙيءَ وارن لاءِ لکي آهي. اهو ان ڪري جو ”هو جي جھونا پسجن جھوپڙا“ ان ڏانهن ئي اشارو آهي. هن وائيءَ ۾ لطيف پنهنجي مشهور بيت ۾ جيڪو ٻيو فهم چيو آهي ان جو ڏس پڻ ڏنو اٿائين:
    روزا نمازون، ايءُ پڻ چڱو ڪم،
    او ڪو ٻيو فهم، جنهن سان پسجي پرين کي.
    هن وائيءَ جي بند ۾ اهو ٻيو فهم ٻڌايو اٿس، هڪ مصرع ۾ لکيو اٿائين ته ”خدمت ڪر خُلق سين، پانڌ ڳچي پائي.“ اهو فهم آهي خدا جي مخلوق جي خدمت ڪرڻ، سا به نوڙت، نياز ۽ ادب سان. هي نسخو عبادت، رياضت جي عين روح مطابق آهي. هن وائيءَ ۾ ڪهاڙيءَ جو ذڪر به اچي ٿو:
    وڌائين وڍڻ لاءِ، ڳن ڪهاڙيءَ پاهي.
    *
    وڍي وڌائون، هو جو وڻ هئڻ جو...
    هن ڪهاڙيءَ ۾ ڳن، ”هئڻ“ واري وڻ کي وڍڻ لاءِ وڌو ويو آهي. لطيف فنا جي اعليٰ درجي تي فائز هئڻ ناتي اسان کي به اهو سبق ٿو ڏئي ته پنهنجي ذات کان آجا ٿيو، پاڻ کي ڪي ڪين ڀانئيو، تڏهن ئي توهان انسان بڻجي سگھندا. هن مسئلي تي لطيف جا ڪيترائي بيت موجود آهن، هتي مثال طور هڪ ٻه بيت پيش ڪجن ٿا:
    پاڻ نه کڻن پاڻ سين، نه ڪي ساڻن پاڻ،
    اهڙا جنين اهڃاڻ، آئون نه جيئندي ان ري.
    *
    جيئن ڀيرئين ۽ ڀانئيين، تان هيڏي نه آءُ،
    اِن سُرڪيءَ سندو ساءُ، پڇج عزازيل کي.
    *
    پهرئين بيت ۾ چئي ٿو ته ڪي ڪردار اهڙا به آهن جيڪي پاڻ ساڻ نه کڻندا آهن، يعني انهن کي پاڻ ياد نه هوندو آهي. هو پنهنجو پاڻ وساري ٻي مخلوق جي درد ۽ ڏک کي ڏسندا آهن ۽ انهن جي درمان لاءِ جاکوڙ، رياضت ۽ ڪشالا ڪڍندا آهن. جن ماڻهن جون عادتون ۽ اطوار اهڙا آهن، آئون انهن سُلڇڻن ماڻهن کان سواءِ جي نٿو سگھان، ٻئي بيت ۾ فرمائين ٿا ته ”تون جيڪڏهن عبادت ۽ رياضت ۾ آهين ۽ ان عمل تي توکي ناز يا غرور آهي ته پوءِ هيڏانهن يعني سچن ماڻهن جي صحبت ۾ نه اچ. ڇو ته مان يا پاڻ ڀائڻ واري عمل جو نتيجو شيطان کان پڇي ڏس ته اهو ڪيترو لاڀائتو آهي. “
    شاھه ڪريم بلڙيءَ وارو بلڪل فنا جي ان منزل تي رسيل هو جو هن جنهن سڄي زندگي فاقن، ڪشالن ۽ رياضت ۾ گذاري. ڪڏهن به سک ۽ آسائش کي پنهنجي ويجھو اچڻ نه ڏنائين. سندن حياتيءَ جو مطالعو ڪندي حيرت ٿي ٿئي ته پاڻ ڪيڏا صابرين، پاڻ وڃائڻ وارا، ٻين لاءِ زنده رهڻ وارا، مجاهدا ۽ رياضتون ڪندڙ هئا، ايتري تائين جو رات جو شهر مان سير سفر ڪري مسافرن کي لنگر ڪرائيندا هئا. گھر جو رڌ پچاءُ پاڻ ڪندا هئا، مسجد جون مٽيون ڀريندا هئا، مسجد ۾ ڪو مسافر ستل ڏسندا هئا ته ان کي ڀيڙون (زور) به ڏيندا هئا. 88 سال عمر ماڻيائون، يارهن ٻار پيدا ڪيائون، ليڪن ڪڏهن آرام ۽ آسائش کي پنهنجي ويجھو اچڻ نه ڏنائون.
    هئڻ سندي هٽ، سودو سلن ڪين ڪي...
    *
    هئڻ ڪيا هيئن، وانجھا پس وصال کان...
    سندن پذيرائي، نيڪ نامي ۽ عزت ايتري هوندي هئي جو ان وقت جا تمام بزرگ، اولياءَ ۽ عالم دين به سندن خاصي عزت ڪندا هئا. ٻين مزدورن سان جڏهن مزدوريءَ تي ڪنهن غيرآباد زمين مان لاھه ڪڍڻ ۽ جهنگ صاف ڪرڻ ويندا هئا ته ساٿي مزدور کين چوندا هئا ته اوهين ويهي بيت چئو، اسين اوهان جي حصي جو ڪم ڪري ٿا وٺون، سندس آواز سريلو هوندو هو، پاڻ سُر سان پنهنجا ۽ ٻين شاعرن جا بيت ڏيندا هئا ۽ مزدور مزدوري ڪندا هئا.
    ور سا سڃي ويڙھه، جنهن ۾ سڄڻ هيڪڙو،
    سو ماڳ ئي ڦير، جتي ڪوڙڪ ماڙهئين.
    اها اڪيلي ۽ نويڪلي جھوپڙي ڀلي جتي سڄڻ اڪيلو هجي. اها جاءِ ئي ڇڏي ڏئي جتي ڪوڙن ماڻهن يا خراب ماڻهن جي رش هجي.
    پاڻياريءَ سر ٻهڙو، جر تي پکي جيئن،
    اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾ .
    ڪهڙو نه نفيس خيال آهي، شاعر چوي ٿو ته: جيئن ڪنهن پاڻياري عورت جي مٿي تي ٻٽا يعني ٻه دلا پيل هوندا آهن يا جيئن پاڻي مٿي ڪو پکي تڙڳي رهيو هوندو آهي، منهنجي من ۾ به پرين ايئن ويٺل آهن. پاڻي ڀرڻ واري عورت جي مٿي تي ٻه دلا آهن، پر اهي هڪٻئي سان گڏجي هڪ ٿي ويا آهن، انهن جو ڌار ڌار وزن به هڪ ٿي ويو آهي. شاھه ڪريم انهن ٻٽن دلن کي ٻهڙو سڏيو آهي، جڏهن ته اسان اتر وارا انهن کي ٻيلهڙو يعني ٻيلھه سڏيندا آهيون. پکيءَ جو به پاڻيءَ تي ڪو وزن نه رهندو آهي، جو پنهنجي پرن ۽ بُجن سبب پاڻيءَ تي ترندو رهندو آهي، هن جا پر واٽر پروف ٿيندا آهن جيڪي ڀِڄي ڳرا نه ٿيندا آهن.
    ڪاپائتي، ڪنڀار، آگڙيا ۽ مهاڻا شاھه ڪريم ۽ شاھه لطيف جي شاعريءَ جا پورهيت ڪردار آهن، جن جي ڪرت ۽ انهن جي هٿان ٺهيل شين، بندر بازارين ۽ عيدن جو ذڪر انهن جي حوالي سان ڪيو ويو آهي. شاھه لطيف ته هنن جي هٿن کي سونا هٿ سڏيو آهي ۽ انهن جي ٺهيل مال مان سون پيدا ڪرڻ وارو اصطلاح استعمال ڪيو آهي. هتي نموني طور ڪاپائتي جا ٻه بيت پيش ڪجن ٿا.
    سون سريڪا هٿڙا، تياتي تاڪيد سين...
    اهڙي ئي خيال وارو ٻيو بيت اٿس:
    پاڻياري هر ڪا، جا سر گھڙو ڀري،
    ڪا لئه ڀري سڄڻين، ڪا پورهئي لئه ڀري.
    ڏسو ته هتي پاڻي ڀرڻ واريءَ جا سماج ۾ ٻه ڪردار آهن ته انهن جو ڪارج به مختلف آهي. اهڙي جيڪا پنهنجي پرينءَ لاءِ ٿي ڀري ان ۾ ڪيڏو نه پريم ۽ سوز سمايو اٿس، وري جيڪا پورهئي لاءِ ٿي ڀري اها به ايتري ئي پاٻوھه ۽ سڪ مان اهو پورهيو ٿي ڪري ته ٻچن جي پيٽ گذر واسطي گھڻي کان گھڻو ڪمائي گھر وڃي. پورهيت جي هن نفسيات جو اظهار شاھه لطيف سر ڪاپائتيءَ ۾ به ڪيو آهي.
    ڪاپائتي قرار، منجھان پوڻيءَ آيو...
    پورهيت ته سونهندو ئي پورهيو ڪندي آهي، هن کي پنهنجي ڪم سان عشق جي حد تائين لڳاءُ هوندو آهي، جنهن ڪري ڪاپائتي اسر ويل مُلي کان به اڳ پورهئي تي ويندي آهي ۽ پڪي مهل گھر اهڙي طرح ورندي آهي، گھر پهچڻ سان، پنهنجي ٻچن جي ضرورت جي شين ملڻ سان هن جا ٿڪ لهي ويندا آهن.
    ***


    شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي شاعري

    شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي شاعري

    بيان العارفين ۾ شاهه ڪريم جا ڪل 94 بيت ملن ٿا، ٽي بيت ٽن سٽن وارا آهن، باقي 91 بيت ٻن سٽن وارا هندي دوهي جي قسم جا آهن. مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب ۾ 7 بيت قاضي قادن جا، 5 دوها گمنام شاعرن جا ۽ ٽي هندي دوها به ملن ٿا. موضوع جي حوالي سان اهي موکي متارا، ڪلياڻ، سسئي، سهڻي، گهاتو، مارئي ۽ رامڪليءَ جي داستانن سان مطابقت رکندڙ چئي سگهجن ٿا. فلسفي ۽ خيال جي نسبت سان انهن ۾ انساني سڀاءُ، اخلاق، قرباني، جرئت ۽ سچائيءَ جا قدر ڏنل آهن. شاهه لطيف وٽ جيڪي موضوع آهن اهي انهن ئي آڳاٽن سنڌي شاعرن وٽان کنيل آهن. ڀٽائي انهن شاعرن جي پراڻي ۽ ٺيٺ سنڌي ٻولي گرامر جي قالب ۽ مروج لهجن ۾ ڄڻ ته ٻيهر ترتيب ڏني آهي، جهڙوڪ قاضي قادن، شاهه ڪريم، صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ ميون شاهه عنايت نصرپوريءَ جي چيل بيتن جي آڌار تي پنهنجي شاعري جو محلات اڏيو اٿس.
    فڪر ۽ ٻوليءَ جي لحاظ کان مڙني اساسي شاعرن ۾ شاهه ڪريم نيارو ۽ نشانبر آهي، هن جي شاعريءَ ۾ جيڪو درد ۽ جيڪا پيڙا آهي، ان لطيف کي وڌيڪ سوچڻ ۽ لوچڻ تي مجبور ڪيو:
    متارڪا ڳڀرو، گرٿ نه ٻڌن گوڏ،
    آئيا اڱڻ هوڏ، سر ڏيو، سرو پين.
    متارن جا نوجوان ڳڀرو، گوڏ ۾ (چيلهه سان ) ڌن ناهن ٻڌندا، پر ڪلال جي اڱڻ تي سر ڏئي شراب پيئندا آهن. هن خيال کي لطيف سائينءَ ڪيڏي نه خوبصورت انداز ۾ بيان ڪيو آهي:

    موکي! متارن جا، ننڍا ڪيم نهار،
    جُه ساماڻا سري ڌڻي، ته اڇا اڱڻ ڌار،
    ناڻو ڪيم نهار، سر پڻ ڏيندا سٽ ۾ .
    گهاتوءَ جي هڪ بيت ۾ شاهه ڪريم فرمايو آهي ته :
    جا تو گهڙي گهٽ، ماڪڙياري مڇڙا،
    ان ڪنڍي ڪيترا، نيئي پڇاڙيا پٽ.
    ”اي مڇ! تنهنجي نڙگهٽ ۾ جيڪا ميخ لڳل آهي، ان ڪنڍيءَ ڪيترائي مانگر کڻي پٽ پڌاريا آهن.“
    مارئيءَ جو هڪ بيت، جيڪو شاهه ڪريم جي بياض ۾ ملي ٿو، شاهه لطيف جو اهڙو ئي بيت رسالي ۾ موجود آهي، پر هِنن ٻنهي جي ترتيب ۽ صحت ۾ رات ڏينهن جو فرق آهي:
    ڪاڻياريون ڪيئن ڪن، عمر اڇا ڪپڙا،
    جنين جا ٿرن ۾ ، ور ٿا ويڻ سهن.
    هن خيال کي لطيف سائينءَ هيٺين طرح پيش ڪيو آهي:
    عمر اڇا ڪپڙا، ڪاڻياريون ڪيئن ڪن،
    جنين جا ٿرن ۾ ، ور ٿا ويڻ سهن،
    هو جي حق ڀڃن، سي ڪيئن ستيون سومرا.
    شاهه ڪريم جي بيتن ۾ ٽي بيت ٽن سٽن وارا آهن جنهن لاءِ علامه دائود پوٽي لکيو آهي ته ”شاهه ڪريم جي ڪلام ۾ ٽي بيت ٽه تڪيا آهن، جيڪي تاريخي لحاظ کان شعر جي ترقيءَ ۾ سونهري ڪڙي آهن. شاهه عبداللطيف به انهيءَ مدِ نظر پنهنجن بيتن ۾ وڌيڪ سٽون داخل ڪيون، جنهن ڪري شاعراڻي خيال ۾ وڌيڪ نزاڪت ۽ وسعت پيدا ٿي پئي.“ نموني طور هتي اهي بيت پيش ڪجن ٿا:
    جاڳي جاڳي سسئي، جان هيجان هٿ وڌاءَ،
    تان سڃي سيج پرينءَ ري، پنهون پٿر ناهه،
    نڪرندي چياءُ، گهوڙا گهر نه سپرين.
    جاڳي جاڳي جو سسئيءَ کي جهپ وٺي وئي، اک کلڻ تي پاٻوهه مان، جڏهن ڀاڪر وجهڻ جي ڪيائين ته، سيج سڃي هئي، پنهون کٽ تي نه هو، ٻاهر نڪري چيائين ته، گهوڙا! پرين ته گهر ۾ نٿا ڏسجن!
    ان خيال تي به لطيف ٿوري ڦير گهير سان بيت چيو آهي، جنهن جي آخري سٽ آهي:
    اٿي ائين چياءَ، گهوڙا! گهر نه سپرين.
    جيئن ته سنڌ جي ڌرتي، ڌارين جي گهوڙن جي سنبن جي لتاڙيل هئي، ان ڪري سنڌي ٻوليءَ ۾ ”گهوڙا! ڙي گهوڙا،“ انياءَ، ظلم جو محاورو ۽ اصطلاح بڻجي ويو، جنهن کي لطيف سائينءَ پنهنجي فنڪاريءَ سان رسالي ۾ ڪيترين ئي جاين تي استعمال ڪيو آهي، ان دور ۾ گهوڙو هڪ جنگي هٿيار طور استعمال ٿيندو هو:
    چندن چور ڪريندي، رتو منهن ڪهاڙ،
    سڄڻ ڏڄڻ نه ٿئي، جي رُسي سؤ وار،
    پروڙيو پرار، ته ڪرهيندي قرب ٿئي.
    چندن کي ڪپيندي، ڪهاڙيءَ جي ڌار ڳاڙهي ٿي ويندي آهي، دوست ڪڏهن به دشمن نه ٿيندو آهي، توڻي جو سؤ ڀيرا رسي. پري واري پوري طرح ڄاتو ته، مصيبتن ۽ تڪليف سان ئي قرب ٿيندو آهي.
    جهوريڙا جهڻڪن، مٿي مين مڱڻا،
    سپڙ رات سمگيا، ڏکيا ڏينهه ڏسن،
    گهر ٿا گهوٽ وڃن، چندا لٿي چارڻين.
    ڳانن ۽ جهلن وارا تنبورا، تنوارين ٿا، مڱڻا اٺن تي تنواريندا وڃن ٿا. سپڙ ڄام کين رات نوازيو آهي. اهي ڏينهن ڏٺي جو نروار ۽ نشانبر ڏسڻ ۾ اچن ٿا، اهي گهوٽ هاڻي گهر ٿا وڃن، ڇو ته چارڻن جي چنتا ختم ٿي وئي آهي.
    هن بيت ۾ ”ڏکيا“ لفظ ڏک جي جمع ۾ استعمال ٿيل آهي، جڏهن ته ڏينهه، ڏينهن جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيل آهي سمگيا معنيٰ نوازيا ۽ چندا معنيٰ چنتا آهي.
    مرزا قليچ بيگ 1904ع ۾ (رساله ڪريمي) ترتيب ڏئي ڇپايو، جنهن جي 27-28 صفحي تي لکي ٿو ته، ”جيئن ته شاهه ڪريم جو ڪلام تمام ٿوري انداز ۾ آهي، ان ڪري هن کي سنڌ جو شاعر چئي نٿو سگهجي، البته هو سنڌ جو وڏو اولياءُ ضرور هو.“ ان جي جواب ۾ 1937ع ۾ علامه دائود پوٽي پنهنجي پاران شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام ڇپايو، جنهن ۾ مرزا قليچ بيگ صاحب جي راءِ بابت لکندي پنهنجي ڪتاب جي صفحي 37 تي شاعر جي وصف بيان ڪيائين ته ”شاعر جي معنيٰ آهي اهو شخص، جنهن کي شعور يا احساس هجي ۽ نه اهو شخص جو ڪاغذ ۽ قلم کڻي قافين جي لانڍ تيار ڪري. وزن ٺاهي شعر گهڙيندو وڃي، ان کي سگهڙ چئبو، شاعر نه چئبو، شاعر اهو آهي، جنهن جي دل ۾ جذبو هجي ۽ جو انهيءَ جذبي کي سهڻو لفظي لباس پهرائي سگهي.“ ان ئي ڪتاب جي صفحي 36 تي مرزا صاحب جو رد هن طرح لکيو اٿس،” مان مرحوم جي راءِ کي ڀڃڻ نٿو چاهيان، پر شاهه ڪريم جو ڪلام پڙهندي بخوبي پروڙي سگهندا ته، مرحوم جي راءِ سراسر غلط آهي.“
    پاٺيون جان نه ڪجن، روئي ڌوئي اکڙيون،
    جر ڪجر جن اکين ۾ ، سي ڪيئن پرين پسن.
    ***


    ڀٽائيءَ جا آثار

    ڀٽائيءَ جا آثار
    (جتي رهن راتڙي، سي سونهارا هنڌ)


    سنڌ جي هن سدا حيات هستي ۽ شخصيت جي ولادت جي باري ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون مشهور آهن. سندن والد شاھه حبيب جا ساندهه ٻه فرزند صغيريءَ ۾ ئي وفات ڪري ويا. جن جا نالا هئا: عبدالطيف ۽ عبد الرشيد جيڪي سوئي ڪندر قبرستان ۾ دفن آهن. ان صدمي سبب ۽ پٽاڻي اولاد لاءِ شاهه حبيب سڪاڻل ۽ پريشان رهندو هو، وتندو هو پير فقير پڇائيندو، هڪ درويش دعا ڪندي پُٽ ڄمڻ جي واڌائي ڏنس ۽ چيائينس ته تنهنجو پُٽ وڏو نال ڪڍائيندو، البت توکي سُک ڪونه ڏيندو، جو جوانيءَ ۾ گھر ڇڏي ويندو. ان جو نالو رکج عبداللطيف جنهن کان پوءِ سندس جنم ڀينءَ پور ۾ ٿيو. جڏهن ته شاھه حبيب جي ولادت مٽياري شهر ۾ ٿي هئي جتان شاھه حبيب لڏي اچي هالا حويليءَ لڳ هن ڳوٺ ۾ رهيو هو.
    لطيف جي ولادت بابت شاھه ڪريم جون پڻ پيشنگوئيون موجود آهن، جن لاءِ روايت آهي ته شاھه حبيب جڏهن ڪريم جي ڪچهريءَ مان موڪلائي هلندا هئا ته شاھه ڪريم اٿي بيهندو هو جنهن تي فقيرن شاهه ڪريم کي عرض ڪيو ته ”قبلا، هي ڇا ماجرا آهي. جو شاھه حبيب ڪچهريءَ ۾ اچي ٿو ته اوهين ويٺا ٿا رهو، پر جڏهن هو پُٺي ڏئي هلي ٿو ته اوهان جھڙوڪ ادب وچان اٿي ٿا بيهو! ان جو ڪهڙو ڪارڻ آهي؟“ جنهن تي شاھه ڪريم فرمايو ته ”شاھه حبيب منهنجو ننڍو آهي، ان ڪري هن جي اچڻ مهل آئون نٿو اٿان، پر هن جي پُٺ مان هڪ اهڙو ماڻهو پيدا ٿيندو جيڪو نه رڳو پنهنجو نالو روشن ڪندو پر منهنجو به نالو روشن ڪندو ۽ فيض عام ڪندو. ان جي احترام ۾ آئون اٿي بيهندو آهيان.“
    ٻي روايت آهي ته هڪ ڀيري شاھه ڪريم هالن جي مخدوم سان ملڻ لاءِ جڏهن هاڻوڪي ڀٽ جي ڏکڻ طرف ميل کن پنڌ تي سنگھر واھه پهتو ته قافلي کي روڪي اتي شڪراني جي نماز ادا ڪيائون ۽ دعا گھريائون. فقيرن جي اسرار تي کين چيائون ته”اسانجي اولاد مان هڪ اهڙو بزرگ پيدا ٿيندو جيڪو هن ڀٽ کي آباد ڪندو.“ بعد ۾ لطيف پنهنجي سر ان جاءِ تي هڪ قبي واري مسجد تعمير ڪرائي جنهن جي مجاوري راهو فقير ڪندا آهن. ان حوالي سان لطيف جو پهريون آثار سنگھر واھه واري مسجد ٿيندو. ٻيو شاھه حبيب جي مٽياريءَ واري حويلي، جتي شاھه حبيب جنم ورتو. ٽيون ڳوٺ ڀينءَ پور واري حويلي جنهن ۾ لطيف جنم ورتو. چوٿون آثار مرزا مغل بيگ جو گھر جتي پهريون شعر چيو ويو:
    چيچ جنهن سيد هٿ ۾ ، تنهن کي لهر نڪو لوڏو.
    هن جاءِ کان کاهوڙي لطيف جو پيرو کڄندو ته ڪيئن نه هو جھر جھنگ، سمنڊ، درياھه، ڍنڍون ڍورا، جبل، لڪ ۽ رستا لوچي لاهوتي ٿيو هو، جتي هن کي ڪاپڙين جا قدم لڳا هئا. هي پاڻ ڪنهن جي پير ڪڍ هو، پر سندس چواڻي ته ”لڳو جن لاهوت، سي مڙهيان مور مَ نڱيا“ پوءِ جڏهن ڀٽ وسائي اٿس ته سنڌ جي ڊيگھه ويڪر ۾ هن جا آثار ڦهليا پيا آهن. سامين ۽ جوڳين سان جيڪي تيرٿ ڀيٽيا اٿائين، جن گسن پيچرن سان ويو آهي، اهي ڇڊا پاڊا ڪتابن ۾ لکيا پيا آهن، جھڙوڪ هنگلاج، لاهوت لامڪان، جيسلمير، کنڀات وغيره وغيره.
    ڀٽ وسائڻ کان وصال تائين ڪڇ ڀڄ، لاڙ، ٿر، ڪوهستان، اتر ۽ وچولي سنڌ ۾ جتي جتي ويو آهي، اهي ماڳ مڪان هن جي آثارن ۾ شامل آهن. سندن حاضريءَ ۾ جيڪي فقير هوندا هئا، انهن جا نالا ۽ ڪم پير عبدالحسين لکي ويو آهي. انهن جو مزارون به اسان لاءِ لطيفي آثار آهن. ٻيا جيڪي سندس تعميري ذوق جا شاهڪار آهن، انهن ۾ شاھه ڪريم جو روضو، ڀٽ واري حويلي، چلو ۽ بلڙيءَ ۾ روضي ٺهرائڻ کان اڳ پنهنجي رهائش لاءِ تعمير ڪرايل هڪ قبي وارو حجرو، اهي سڀ سونهارا آثار آهن جن جي سنڀال ۽ سيوا اسان تي فرض ٿئي ٿو.
    شاھه جي رسالي ۾ هند سنڌ جا ڪيترائي آثار آهن جن جو ذڪر ٿيل آهي، اهو الڳ موضوع ۽ ڊگهي لسٽ آهي. هتي اهڙن ڪجهه خاص آثارن جو ذڪر ڪبو ۽ انهن کي ڳولي لهبو، جن جو لطيف جي ذات سان سڌو لاڳاپو آهي. ان لاءِ سنڌ، بلوچستان ۽ سمنڊ جي ڪناري هن کاهوڙيءَ جا جتي به قدم لڳا، ان کي لطيفي آثار جي حيثيت حاصل هوندي، سوانح ۽ رسالي جي مدد سان جيڪي آثار سجھن ٿا انهن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو.

    لال لئو :
    کيبر کان شهداد پور ويندڙ روڊ جي کٻي هٿ تي ٻن اڍائي ميلن جي مفاصلي تي اهو لال لئو موجود آهي، جنهن ۾ شاهه لطيف پرين جي پسڻ خاطر لڪي پساھه کڻندو هو. هينئر اتي هڪ عدد حجرو ۽ هڪ مسجد تعمير ٿيل آهي.

    مائي ڳاڙهي:
    ڪراچيءَ کان اولھه اتر ڪنڊ تي حب نديءَ جي ڪناري ان مائيءَ جي مزار آهي، جتي چنڊ جي هر چوڏهين ملهائي ويندي آهي، هن لاءِ اهو مشهور آهي ته هي اها پوڙهي مائي آهي جيڪا لطيف جي ٻوڙ ۾ خراب ٿيل چادر جو پلاند ڌوئي رهي هئي، سڻڀ وارو داغ نه لهڻ جي صورت ۾ پوڙهي ان کي چوس ڏئي سڻڀ ڪڍڻ جو جتن ڪيو ته کيس جواني ملي وئي، ان پسڻ ڪري ئي کيس مائي ڳاڙهي سڏيو ٿو وڃي.

    هنگلاج:
    نانيءَ جي مورتيءَ کي کير پياري جنهن جاءِ تا ٽٻي هنئي اٿائين جو ٺٽي مان اچي نڪتو آهي، لاشڪ اها جاءِ لطيفي آثار ليکي ويندي.

    لاهوت لا مڪان:
    هتي آدم جي مچ وٽ لطيف جي مسجد ۽ چلو آهي، هن رستي تي جيڪو لال باغ سيوهڻ کان محبت فقير تي ٿو رسي ان تي به لطيف جا ڪيترائي آثار آهن، جيڪي اڄ به سندس نالي پٺيان سڃاتا وڃن ٿا، انهن ۾ چنگڻ لهڻ سان ئي لطيف جي کوهي ۽ ڪنڊو آهي. جتي لاهوتي ٿڪ ڀڃي، ڪنڙي تي پهچندا آهن. شينهن لڪ کان اورين منزل لطيف جي مسجد آهي، جتي لاهوتي مانجهاندو ڪندا آهن. هٿي ٻه وڻ انب جا ۽ هڪ نم آهي. هنن جي هيٺان ٿورو پرڀرو تغاري جيترو چلهو آهي، جنهن کي لطيف جي کوهي ٿا چون، جيڪا پاڻ هٿن سان کوٽي هئائين، اها اڄ سوڌو سڪي ناهي جبل جي ماڻهن هن مان ناليون ڪڍيون آهن جنهن تي آبادي ٿي ٿئي، هتي ٽيهن چاليهن گهرن جو ڳوٺڙو ٻجهي ويو آهي. پراڻي اسڪول جي پڪي عمارت آهي جنهن کي لاهوتي مينهن جي موسم ۾ استعمال ڪندا آهن. لاهوتي هتان اٿي شينهن لڪ تي پهچندا ۽ اتي ئي رات گذاريندا. هتي لطيف جو مچ آهي، جنهن لاءِ مشهور آهي ته جهنگلي جانورن کان بچاءُ ۽ روشنيءَ جي انتظام خاطر لطيف خود ان مچ جو بنياد رکيو جنهن ڪري اهو لطيف جو مچ ٿو سڏجي، اڄ سوڌو رسم آهي ته هر لاهوتي ان مچ ۾ ڪاٺيون ميڙي وجهندو. لڪ پار ڪجي ٿو ته وري لطيف جي کوهي ٿي اچي.

    ٺٽو :
    ٽٻيءَ واري جاءِ ميان نور محمد ڀٽيءَ وارو مدرسو جتي لطيف سائين الف بي پڙهيو. علامه معين ٺاري جي خانقاهه به اسان لاءِ لطيفي آثار آهي جتي پاڻ اڪثر ويندو هو ۽ علامه ٺاري جي وفات جي خبر اچڪي مان پيس. فقيرن کي چيائين ته دوست جو ڏيئو اجهامڻ تي آهي، آخري ديدار ڪجي. ائين چئي ٺٽي راهي ٿيا ته علامه صاحب جي جنازي ۾ شريڪ ٿيا آهن. تدفين مان واندا ٿي موڪلائي هليا ته چيائون هاڻي اسان جو ٺٽي اچڻ خير ڪي ٿيندو.

    لواري شريف :
    اها جاءِ جتي سلطان اوليا خواجه محمد زمان سان ملاقات ڪئي اٿن.

    خدا آباد:
    نور محمد ڪلهوڙي جو محل جتي لطيف سائين ٻه دفعا ويو هو ۽ غلام شاهه ڪلهوڙي جي ماءُ گلان پاران جوڙايل اڇي ماٿري تي چڙهيو هو.

    بلڙي شاهه ڪريم:
    هتي شاهه ڪريم جي روضي کانسواءِ پنهنجي رهائش لاءِ ٺهرايل هڪ قبي وارو حجرو آهي، جيڪو شاهه ڪريم جي کوهه کان اوڀر طرف باغ جي وچ ۾ آهي، اڄ اتي فقير ويٺل آهي جيڪو رياضت ٿو ڪري حجري کي لوڙهو ڏنل آهي. پاڻي ۽ گلڪاري موجود آهي.

    ڪوٽڙي ڪبير :
    مخدوم ميان الهيار جي اها جڳهه جتي لطيف سائين رهيو آهي. هن خاندان وٽ اهي ٿانو پڻ سانڍيل آهن جن ۾ ميان صاحب ۽ لطيف گڏجي ماني کاڌي هئي جيڪي اڄ به ميان غوث محمد غوث وڏي عقيدت سان سانڍيندو پيو اچي ۽ لطيفي طالبن کي ديدار پيو ڪرائي.

    کهڙا :
    کهڙن جي شهر ٻاهران لطيف سائين رات گذاري هئي.

    مديجي :
    لطيف جو تڪيو، هتي ماڙي وٽ لطيف سائين اڪثر ايندو هو ۽ ان تڪئي تي رهندو هو.
    انهن کانسواءِ به سنڌ جي ڊيگهه ويڪر ۾ ڀٽائيءَ جا ڪيترائي ئي آثار موجود آهن جن جي سار سنڀال، سيوا ۽ تحفظ سرڪار توڙي اسان جي ذميواري آهي.

    ***


    جمعو شاهه جمال جو!؟

    جمعو شاهه جمال جو!؟

    ماهوار ”پيغام“ جي آگسٽ 2012 ع واري پرچي ۾ اسان جي عزيز دوست ستار پيرزادي ”سُر ڌناسريءَ جو ڪردار شاهه جمال؟“ تي مضمون لکندي ٽي بنيادي سوال اٿاريا آهن: پهريون ته شاهه جمال ڪهڙو ۽ ڪٿان جو؟ ساڻس منسوب بيت ”پنبڻيون پير ڪري...“ (الخ) جي ڌاريو ڪلام آهي ته ڪنهن جو آهي؟ آخري سوال ٿو ڪري ته سُر ڌناسريءَ ۾ محمود نالي ڪنهن شاعر جو هڪ بيت ۾ نالو ٿو اچي، اهو محمود ڪير آهي؟ آخر ۾ پنهنجي راءِ ڏيندي چوي ٿو ته ڪٿي اهو شاهه جمال، اسان پيرزادن جو جد امجد ته ناهي!؟ جنهن جو روضو نئين ٻلهڙيجيءَ ۾ آهي. مضمون ۾ ان شاهه جمال متعلق ڄاڻايل معلومات پڻ قياسي ۽ ٻُڌِ سُڌِ تي مدار رکي ٿي.
    ان سلسلي ۾ عرض آهي ته اسان واري بزرگ جو پورو نالو مخدوم جمال الدين عرف شاهه جمار آهي ۽ هُو انهيءَ نالي سان ئي مشهور آهي، شروع کان وٺي هن جي درگاهه تي سومار لڳندو هو، چنڊ جي پهرين سومر تي ملاکڙو ٿيندو هو، سکائون اينديون هيون. اڄ سوڌو آسائتا، حاجتمند ۽ سوالي سخي شاهه جمار جا سومر ڀرڻ ايندا آهن، گهڻي مشڪل هجينِ ته چونڪ راتين جو درگاهه تي جاڳي ورندي وٺندا آهن. هن درگاهه سان جمعي واري روايت آهي ئي ڪانه، هتي ڪڏهن به جمعو نه ملهايو ويندو هو.
    1936 ع کان اڳ شاهه جمار جي درگاهه سنڌو نديءَ جي ساڄي ڪپ تي واقع هئي، هن درگاهه کان اڀرندي طرف ٻن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي درياهه وهندو هو، جنهن جي سير کي 3 مارچ 1930 ع ۾ برٽش گورنمينٽ ۽ ميرن جي رياست جو دنگ مقرر ڪيو ويو هو. درياهه جي سير کان اولهه طرف برٽش ته اڀرندي طرف رياست خيرپور ميرس مقرر ڪئي وئي. شاهه جمال جو قبرستان ۽ ڳوٺ ديهه ٻيلي گاجي جي نقشي موجب بلاڪ نمبر 407 ۾ ڏيکاريل آهي جيڪو ان وقت تعلقو لب درياهه هو ۽ هن وقت ڏوڪري آهي، ان وقت ضلعو لاڙڪاڻو هو، نه ڪي نوابشاهه جيئن ستار ڄاڻايو آهي.
    هن وضاحت کانپوءِ عرض ته سُر ڌناسريءَ وارو شاهه جمال، ڀٽ شاهه تي لطيف سائينءَ سان گڏ الهندي طرف مدفون آهي جنهن لاءِ پڻ ستار شڪ ڏيکاريو آهي. پاڻ درگاهه لطيف جو پهريون گادي نشين هو. لطيف جي وصيت موجب ميان غلام شاهه ڪلهوڙي شاهه جمال کي مسند تي ويهاريو ۽ روضي جي اڏاوت واري ڪم جي شروعات ڪئي. جمال شاهه لطيفي مسند تي ويهندي ئي لطيف سائينءَ جي روايت قائم ڪندي جمعي رات سماع ۽ سائي سومار تي مچ وارو سماع شروع ڪرايو. هتي اها ڳالهه نه وسارڻ گهرجي ته جمال شاهه جي اُن وقت سخت مخالفت ٿي هئي جنهن ڪري حڪمران غلام شاهه کي مداخلت ڪرڻي پئي هئي.
    پنبڻيون پير ڪري، سنبهه ڏانهن سعيد،
    جمعو شاهه جمال جو، عبداللطيفي عيد،
    مٿان مون مريد، قرض لاهه قبي ڌڻي.
    ڌناسريءَ جي هن بيت ۾ جڏهن ”عبداللطيفي عيد“ جو ذڪر ٿو اچي ته ذهن ۾ ڀٽ شاهه جو تصور اچيو وڃي. جمال شاهه جو لڳندڙ جمعو عبداللطيف جي عيد ٿو لڳي، يعني عبداللطيف جي روضي، قبي، آسڻ تي ڄڻ ته عيد جو سمو آهي!
    پنهنجي مضمون ۾ ستار اهو پڻ ڄاڻايو آهي ته ڪجهه محقق هن سُر کي ڌاريو ٿا سڏين. بيشڪ هي سُر ڌاريو آهي، جنهن ۾ اڪثر بيت لطيف جي دور کانپوءِ جي سندس فقيرن جا آهن، جن ۾ لطيفي قصيدو نمايان آهي. هن سُر جا ڪيترائي بيت وائيءَ وارا فقير سومهڻي ۽ صبح وارين دعائن ۾ پڙهندا آهن.
    مثال طور:
    پائي پاند ڳچيءَ ۾ ، اڱڻ جي اچن،
    سائين! سندا تن، مطلب مڙئي ڪرين.
    *
    پائي پاند ڳچيءَ ۾ ، اڱڻ جي اچن،
    سائين! سندا تن، ڏکندا ڏور ڪرين.
    *
    جي آسائو آهين ته ڪر ڀٽ تان ڀيرو،
    سونهاري سيد جو، ديک وڃي ديرو،
    ترت مانَ تيرو، مطلب مڙوئي ٿئي.
    منهنجي معلومات موجب مٿيان بيت بشمول ”عبداللطيفي عيد“ ميان صلاح فقير جا چيل آهن جيڪو خود ڪريم پوٽو آهي. لطيف سان عقيدت سبب ڪڏهن صالح ته ڪڏهن صلاح فقير لکيو اٿس. هيءُ درويش ڪريمي درگاهه جو سجاده نشين پڻ رهي چڪو آهي، هن جي گادي نشينيءَ کي لطيفي ڪرامت ڄاتو ويندو آهي. هن متعلق ”لطائف الطيف“ ۾ مير عبدالحسين سانگي هڪ حڪايت لکي آهي، هو ڄاڻائي ٿو ته ”لطيف جڏهن ڪريم سائينءَ جو روضو جوڙائي راس ڪيو ته اُن جي مهاڙيءَ تي هڪ سِرَ نصب ڪيائين جنهن تي ”لطيف“ لکيل هو. لطيف جي واپس ٿيڻ تي اُن وقت جي گادي نشين ميان عبدالواسع اها سِرَ لهرائي ڇڏي ۽ ان جو سبب اُهو ڄاڻايائين ته ”متان سڀاڻي لطيف حجت ڪري وارثيءَ جي دعويٰ ڪري گاديءَ تي نه ويهي.“ ان واقعي جو ميان صلاح کي صدمو رسيو. هن ڇا ڪيو جو اها سِرَ پاڻ وٽ محفوظ ڪري ڪجهه ڏينهن کانپوءِ لطيف کي سربستو احوال ڪيائين، جنهن تي لطيف فرمايو ته ”اسان ته الله جو نالو لکيو هو، پنهنجي حجت ڪهڙي؟“ ائين چئي اتي هڪ سائي گاهه جي بيٺل ٻوٽي ڏانهن اشارو ڪري صلاح فقير کي چيائين ته اُن کي پَٽِ. جيئن ئي فقير ان ٻوٽي کي ڇڪ ڏني ته ان جو ٻيون پاڙون ڇڄي پيون باقي ٽي پاڙون ثابت زمين مان نڪري آيون. لطيف فقير کي بشارت ڏيندي چيو ته ”تنهنجيون ٽي پيڙهيون ڪريمي گاديءَ جون مالڪ ٿينديون.“ ٿيو به ائين، ميان عبدالواسع بنا اولاد جي گذاري ويو. ميان صلاح کي ڪريمي گاديءَ تي ويهاريو ويو، جنهن کان پوءِ هن جي پٽ حيدر شاهه ۽ سندس هم نام پوٽي ساندهه ٽن پيڙهين تائين ڪريمي گادي سنڀالي.
    درگاهه ڪريميءَ جي اتر طرف ٽنهي جا قبا ٺهيل آهن. صلاح فقير جو پٽ حيدر شاهه ڪاني ڪرامت جو صاحب ٿي گذريو آهي. ڪراچيءَ جا ڪڇي، سومرا، ماڇي ۽ جت جهجهي تعداد ۾ مريد اٿس، جيڪي شاهه ڪريم جي ميلي تي حيدر شاهه جي ميندي آڻيندا آهن. هر سال سهرا لاڏا چئي جشن ملهائيندا آهن.
    هونئن به سُر ڌناسري مرشد جي شان ۾ ڪيل شاعريءَ تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ڪجهه بيت پيران پير محي الدين ميران جي شان ۾ چيل آهن ۽ ڪجهه سرور نوح جي درگاهه تي پڙهيا ويندڙ بيت پڻ شامل ٿي ويا آهن. ڪجهه بيت بهاؤالدين ملتانيءَ جي مريدن جا چيل آهن. ڪي بيت وري اهڙا آهن جيڪي لطيف جي شان ۾ لکيا ويا آهن، جن جي ٻولي ۽ اسلوب مان خبر پوي ٿي ته شاعر لطيف جي حضور قصيده گو آهي. ان ڪري ئي سمورن محققن هن سُر کي ڌاريو ڪلام ڄاڻايو آهي جنهن لاءِ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ”رسالي جا بيت“ وارو اصطلاح استعمال ڪري، اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ڌاريو ڪلام مختلف وقتن تي رسالي ۾ شامل ٿي ويو آهي.
    جمال شاهه جي باري ۾ مير عبدالحسين سانگي ”لطائف اللطيف“ ۾ ٻه ٽي حڪايتون آنديون آهن، انهن کي پڙهي ۽ سُر ڌناسريءَ جو مطالعو ڪبو ته جمال شاهه لڀي پوندو. هو ڳجهو ۽ گمنام ناهي. هاڻوڪا ڀٽائي پير ان جمال شاهه جي اولاد مان آهن. محمود شاعر به ڀٽ شاهه تي مدفون آهي، هي محمود شاهه جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. لطيف جو معتقد هو. لطيف جڏهن ونگ ولاسي کان ڪربلا معليٰ ۽ حج جو ارادو ڪري علي بندر واري جڳهه کان سامونڊي سفر ڪرڻ وارو هو ته ان وقت محمود فقير لطيف کي پنهنجو واعدو ياد ڏياريو ته ”سائين! اوهين ته چوندا آهيو ته اسان جو آخري مڪان ڀٽ آهي، پوءِ هن پڇاڙڪي عمر ۾ ايڏي سفر تي ڪيئن اُسهي رهيا آهيو؟ ڪٿي اسان کان جدائي ته نه ڪري رهيا آهيو؟“ فقير جو اهو سوال ٻڌي پاڻ ڀٽ تي واپس موٽي آيا. محمود فقير به ساڻن گڏ هو، جيڪو ڀٽ تي رهندو هو. لطيف کان اڳ هن جي وفات ٿي، سندس وصيت موجب هن کي شاهه حبيب جي پيرانديءَ ۾ جاءِ ڏني وئي. چون ٿا ته لطيف وصيت ڪئي هئي ته مون کي محمود شاهه جي پيرانديءَ ۾ جاءِ ڏجو. محمود شاهه لطيف جي مٿي کان دفن ٿيل آهي. وڌيڪ هن جي زندگيءَ تي روشني نه پئجي سگهي آهي ته هي ڪهڙو سيد هو ۽ ڪٿان جو هو؟
    ***


    نائچن وارو ڀٽائيءَ جو لوڙهو

    نائچن وارو ڀٽائيءَ جو لوڙهو


    لاڙڪاڻي شهر کان ٻاهر، جھڪر جي دڙي کان ڏکڻ طرف نڪرندڙ روڊ تي نائچن جي ڳوٺ لڳ اڀرندي طرف لطيفي آثار آهن، جن کي ”نائچن وارو ڀٽائيءَ جو لوڙهو“ سڏيو ٿو وڃي. هتي تڪئي يعني لطيف جي رهائش جي ڪوٺي ۽ هڪ عدد مسجد جا آثار موجود آهن جنهن ۾ ويھ، پنجويھه ماڻهو نماز پڙهي سگھن ٿا. نائچن واري ڳوٺ ۾ ابڙن جي اڪثريت آهي، ديھه شاهنواز ۽ تپو ابڙا ۾ هي آثار موجود آهن. هي علائقو لاڙڪاڻي تعلقي جي حدن اندر آهي، پر باقراڻي تعلقي ٿيڻ بعد ديھه شاهنواز کي بقاپور ۾ شامل ڪري باقراڻي تعلقي جي حوالي ڪيو ويو هو. جڏهن لاڙڪاڻي مختيارڪار آفيس ۾ ابڙا تپي جي تپيدار کان معلومات ورتي ته هن رڪارڊ ۽ حد جي بقاپور ۾ بدليءَ جي ڳالهھ ڪئي. هن ديھه ۾ ابڙا واھه به آهي، نائچن جو گم ٿي وڃڻ ۽ ابڙن جا ديرا ڄمائڻ واري ڪهاڻي علاوالدين جي ڪاھه جو نتيجو ٿي ڀائنجي. ان ڀاڄ ۾ ڪڇ، ڀڄ ۽ لاڙ کان ابڙن چانڊڪا پرڳڻي ۾ وارد ٿي نائچن کي نيڪالي ڏني، جيڪي دادو ضلعي جي ڪاڇي ۽ درياھه پار ميرن جي رياست ڏانهن لڏي ويا. هي لوڙهو لطيف سائينءَ جي حياتيءَ ۾ آباد ڪيل ٿو ڀانئجي، پاڻ اڪثر هتي ايندا ۽ ڪجھه عرصي لاءِ هتي رهائش اختيار ڪندا هئا. مسجد ۽ تڪئي جا آثار اها ئي شاهدي ڀرين ٿا.
    هن لوڙهي جي ايراضي 10 جريب يعني پنج ايڪڙ ٿيندي. هن سڄيءَ ايراضيءَ کي لوڙهو وريل هو، روڊ کان ٺلهن تي شاھي دروازو بيٺل هو، لوڙهي اندر ٻيرن جو باغ هو، جيڪو هر سال لوڙهي کي نئون ڪرڻ لاءِ سامان مهيا ڪندو هو. تڪئي ۽ مسجد جي ڏکڻ طرف ڪجھه قدمن تي هڪ وڏو دڙو آهي، جنهن تي هاڻي کوکرن فقيرن جا گھر آهن، جيڪي ٻن ٽن پيڙهين کان هن لوڙهي جا خدمتگار فقير رهيا آهن. هنن جي وڏي ڏاڏي دريا خان فقير ۽ سندس پٽ الھه بخش کوکر جي دور ۾ هي آثار سٺي حالت ۾ ڏسڻ جوڳا هئا پر انهن جي پونئيرن باغ ڪٽي، تڪيو ۽ مسجد شهيد ڪري مسجد جي صحن ۾ مڇي جي کڏ هنئي آهي، باغ واري ايراضيءَ ۾ پوکي راهي ڪئي ٿي وڃي. گذريل محرم شريف ۾ وڃڻ ٿيو ته سرءُ جو فصل مٽر، لوسڻ ۽ سرنهن بيٺي هئي. کوکرن جي اها روش ڏسي هتان جي ابڙن هي ڪيس وڙهيو، نيٺ ڪجھه ايراضي قبرستان لاءِ منظور ڪرائي، اتي بخشل فقير ۽ بخش علي فقير کي دفن ڪيو، اڄ به انهن جي ٻارهين مهيني ورسي ملهائي ويندي آهي جنهن جو انتظام انٽرنيشنل صوفي تنظيم ڪندي آهي. بخش علي فقير حضرت هنباھه جي سيد ولايت شاھه جو طالب آهي ۽ بخشل فقير، فقير فدا حسين جو طالب هو.
    تڪئي ۽ مسجد ۾ ڪلهوڙا دور جون وڏيون ۽ ڳريون سرون استعمال ٿيل آهن، هاڻي به سڄي قبرستان ۾ سرون ٽڙيون پکڙيون پيون آهن. مسجد جي چرين (پيڙهه) ۾ سرون لڳل آهن. هن آثار جي اولھه طرف روڊ، ڏکڻ طرف کوکرن فقيرن جا گھر، اوڀر طرف ديھ جون زمينون ۽ اتر طرف پير چنگل جو قبرستان آهي. لوڙهي ۽ قبرستان جي حد اتر طرف هڪ ٻئي سان ملي ٿي. پير چنگل واري نسبت به عجيب آهي، هن پير لاءِ منهنجي دعويٰ آهي ته اِها، اُها گھوڙي آهي جيڪا نور محمد ڪلهوڙي لطيف سائينءَ کي تحفي ۾ ڏني هئي. جمال شاھه جي گاديءَ تي ويهڻ لاءِ پڻ چنگل تي چڙهي سواري ڪرڻ جو شرط لطيف سائين وڌو هو. هن علائقي ۾ چنگل جمال شاھه جي وقت ۾ آيل ٿي ڀانئجي ۽ دم ڏيڻ بعد هتي دفن آهي. لطيف جڏهن هن گھوڙيءَ تي پهرين سواري ڪئي هئي ته هن جون واڳون گھوڙيءَ جي ڪنڌ تي اڇلي ڇڏيون هيون، نور محمد ۽ سندس نوڪرن جي پڇڻ تي لطيف وراڻيو ته ”اسانجون واڳون ئي ٻين هٿ آهن، هن جون به انهن حوالي ٿا ڪريون.“ بس ان ويل هن کي رنگ لڳي ويو، جنهن جي واڳ ڌڻي واري ان جھڙا ڪنهن جا ڀاڳ! اهوئي سبب آهي، جو اڄ به هن تي پڙ پيا آهن، سکائون ٿيون اچن، سوالين جا سوال پورا ٿا ٿين، ڪيترا ئي بي مراد پنهنجون مرادون ماڻي ٿا وڃن. مير عبدالحسين سانگي لکي ٿو ته ”لطيف سائينءَ جي رحلت کانپوءِ چنگل هميشه مغموم رهندي هئي۽ ڪيترن ڏينهن تائين اکين مان آب جاري هوس.“ (لطائف لطيفي) هن ڪتاب ۾ چنگل گھوڙيءَ جو ٽن حڪايتن ۾ ذڪر آهي.
    پهريون ذڪر 9 نمبر حڪايت ۾ آهي، جڏهن نور محمد ڪلهوڙو تحفو پيش ٿو ڪري. ٻيو لطيف جي خدمتگارن جو ذڪر ڪندي نمبر 16 حڪايت ۾ چنگل گھوڙيءَ جي خدمتگار جو نالو ۽ ڳوٺ لکيو اٿس. ٽين جڳھه تي جمال شاھه جو گاديءَ تي ويهڻ ۽ چنگل جو هڻڪار ڪرڻ. جمال شاھه چنگل کي پيشانيءَ تي چمي ڏئي سوار ٿيو ۽ چنگل کي ٿورو پرڀرو گھمائي واپس موٽيو.
    اسانجي هن قومي ثقافتي ۽ روحاني ورثي کي بي ڌيانيءَ سبب تباھه ۽ برباد ڪيو پيو وڃي، ڪو به ادارو اها ذميواري قبول ڪندي پاڻمرادو ڪي ڪوششون نٿو وٺي. روينيو، لوڪل گورنمينٽ، ڪلچر ٽوئرزم، سنڌ/ وفاقي آرڪيالاجي کاتو، ڪير به هن طرف ڌيان نٿو ڏئي، جنهن ڪري اسانجا تاريخي اهڃاڻ ميسارجي رهيا آهن. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته بدين شهر ۾ لطيف جو تڪيو، نانگن جو پڙ پڻ قبضاگيرن جي والار هيٺ اچي ويو آهي، چون ٿا اهي زرگر يعني سونارا آهن، جن شاھه ڪريم بلڙيءَ جي ڪنهن جت کان اها ايراضي خريد ڏيکاري ان تي قبضو ڪيو آهي. اسان ماڻهن کي پنهنجي ادبي، ثقافتي، سماجي ۽ سياسي جماعتن ۽ تنظيمن طرفان حڪومت تي دٻاءُ وڌائڻو پوندو، تڏهن اسان پنهنجي تهذيبي ۽ ثقافتي ورثي کي بچائي ۽ محفوظ ڪري سگھنداسين. هند سنڌ ۾ ڪيترائي ماڳ لطيف جي نسبت ۽ حوالي سان موجود آهن. سنڌ جي ڪنهن اداري کي شل اها سمجھه اچي جو لطيفي آثارن کي ڊاڪيومينٽ ڪن. ***


    شاھه لطيف جي وائي ۽ ان جا راڳائي فقير

    شاھه لطيف جي وائي ۽ ان جا راڳائي فقير


    شاھه ڪريم جي دور ۾ وائي باقاعده ڳائڻ جي رواج جون روايتون نٿيون ملن، پر سازن تي راڳ ۽ مچ تي سماع جون روايتون ملن ٿيون. شاھه ڪريم سماع جو وڏو شائق هو، هڪ دفعي ته راڳيءَ کي پنهنجو پهراڻ لاهي ڏنو هئائين. جنهن رات سندس نڪاح پڙهايو ٿي ويو، ان رات به پاڻ هڪ راڳ جي محفل ۾ ويٺو هو، جتان سندس وڏي ڀاءُ جلال شاھه، کيس وٺي وڃي نڪاح پڙهايو هو. مچ واري سماع ۾ فقير گول دائري ۾ بيهي، پهريان ذڪر جون پنج تسبيحون پڙهندا آهن. ان کانپوءِ بنا سازن جي، سُر ۾ هڪ فقير اڳواڻي ڪندي بيت ڳائيندو ويندو آهي. مچ کي چوڌاري سڄو دائرو آهستي آهستي طواف به ڪندو هلندو آهي. باقي فقير ان سٽ کي ورجائيندا آهن. هي سماع شاھه ڪريم جي دور ۾ توڙي ان کانپوءِ سندس درگاھه تي سائي سومار يعني چنڊ جي پهرين سومر رات ٿيندو آهي جيڪو اڄ سوڌو ٿيندو اچي ٿو. اهڙي رسم ڀٽ تي پڻ ملهائي ويندي آهي.
    وائيءَ واري گائڪيءَ کي لطيف ڀٽ وسائڻ کانپوءِ شروع ڪيو، جنهن لاءِ روايت آهي ته پاڻ عام ٽن تارن واري تنبوري کي پنجن تارن واري تنبوري ۾ تبديل ڪيو. وائيءَ تي راڳائي فقير ٽن، پنجن يا اِڪيءَ تعداد ۾ ويهندا آهن، جن ۾ آڳو بيت کڻندو آهي، پوءِ ان جي ساڄي پاسي فقير ان کي دهرائيندو آهي. وائيءَ جي کڻت کي (سڏُ) ڪوٺيو ويندو آهي. هي (سڏُ) بلڪل ان سڏ جھڙو آهي، جيڪو شاھه ڪريم مريدن ۾ وڃڻ وقت انهن جي ڳوٺ ٻاهران بلند آواز ۾ ”ها“ ڪري الله هو پڪاريندو هو جنهن مان مريدن کي خبر پوندي هئي ته سندن مرشد آيو آهي. وائيءَ جي کڻت يا هن جي شروعات، سُر سنگيت کان بنھه مختلف آهي جنهن لاءِ هڪ دفعي پڇڻ تي استاد منظور علي خان ٻڌايو هو ته ٻيو هر راڳ ۽ راڳڻي هيٺ کان مٿي سفر ڪندي آهي، جڏهن ته لطيف جي وائي مٿان کان هيٺ سفر ڪندي آهي، ان ڪچهريءَ ۾ استاد ٻنهي نمونن جي ”ها“ آلاپي به ڏيکاري هئي. وائي مٿي کان شروع ٿي هيٺ ختم ٿيندي آهي، جنهن ۾ بلند آواز سان ڀلو ميان، يا ڀلو الا اچاريو ويندو آهي، ان کانپوءِ آلاپ ڪري ڌيمي آواز سان الله هو چئي سُر جي پڄاڻي ڪئي ويندي آهي، جنهن کانپوءِ نئون بيت کڻندي پڻ مٿي کان هيٺ اچبو آهي.
    روايتن موجب لطيف سائين جن پاڻ به وائي ڪندا هئا. ڀٽ شاھه ثقافتي مرڪز پاران قائم ڪيل ميوزيم ۾ اهو تنبورو به رکيل آهي جيڪو لطيف سرڪار پاڻ وڄائيندو هو. ان تي چانديءَ جي جڙاوت سان چٽدار ڊزائين مڙهيل آهي، اڇي ۽ بِلو رنگ سان ڪاشي جھڙي ڊزائين پڻ اڪريل آهي.
    هر سُر جي هڪ داستان جا بيت ختم ڪري پوءِ فقير وائي پڙهندا آهن، وائيءَ کانپوءِ وري ٻئي سُر جي شروعات ٿيندي آهي. اونداهين راتين ۾ کنڀات ناهن پڙهندا. ڪلياڻ کان سامونڊيءَ تائين وارا سُر پڙهي پوءِ سهڻي پڙهندا آهن: جنهن دوران ويٺلن ۾ کير جي چُڪي تقسيم ڪئي ويندي آهي، جنهن کي سهڻي واري سُرڪي سڏيو ويندو آهي. اهو کير ڳوٺ وارا مال ۾ برڪت پوڻ جي نيت سان موڪليندا آهن. سُر جي پُڄاڻيءَ تي سهڻيءَ جي دعا گھري ويندي آهي، جنهن جا پهريان اکر هوندا آهن ”سهڻي جا سائين! خير ڪجائين“ سهڻيءَ جي دعا کانپوءِ سسئيءَ جا پنج سُر شروع ٿيندا آهن. جنهن کان پوءِ باقي رسالي جا سُر پڙهي،آخر ۾ اسُر ويل مارئي ڪندا آهن، جنهن جو اڪثر پهريون بيت ”پرھه ڦُٽندي فال، وڌم ويڙهيچن لاءِ“ پڙهندا آهن. هن سُر جي پڄاڻيءَ تي آخري دعا گھري ويندي آهي ۽ صبح جي اذان به ايندي آهي.
    تمر فقير کي خليفه اول ۽ وائيءَ جي پهرين اڳواڻ طور ياد ڪيو ويندو آهي. تمر فقير جا اُهي ٻئي حوالا معتبر آهن. سندس ڇٺيءَ جو نالو علي هو، سندس ولادت عربستان ۾ ٿي هئي، جڏهن سندس والدين حج تي ويل هئا. واپسيءَ تي جڏهن لطيف جي حضور ۾ حاضر ٿيا ته ننڍڙي جي نانءُ معلوم ڪرڻ خاطر لطيف پڇا ڪئي، جنهن تي تمر جي والد وراڻيو ته سائين هن جو نالو ”علي“ رکيو اٿئون. اهو ٻُڌي لطيف چيو ته ابا ”علي ته امامن جو امام آهي، هي نينگر جيئن ته عربستان ۾ کجيءَ هيٺان ڄائو هو، ان ڪري هن جو نالو تمر ٿا رکون.“ ائين چئي پاڻ هڪ عربي لوڪ گيت جي سٽ چيائون جنهن جو مقصد آهي ته ”کجيءَ جي وڻ هيٺان کارڪون ۽ ٻاڪرو کير تقسيم ڪيو ٿو وڃي ۽ سهيليون ڳيچ ڳائي رهيون آهن.“ اهڙي طرح تمر تي اهو نالو پاڻ لطيف رکيو، جنهن لاءِ فقير چوندا آهن ”تمر سچ جو ثمر“ ان ڏينهن سندس والدين تمر کي لطيف جي خدمت ۾ ڏيڻ جي خواهش ظاهر ڪئي، جيڪا پاڻ قبول ڪيائون. جوان ٿيڻ تي لطيف جي خدمت ۾ رهيو. هڪ روايت آهي ته ڪجھه عرصي لاءِ لطيف تمر فقير کي اهو چئي محڪم الدين سيلانيءَ جي حوالي ڪيو هو ته اوهين هن فقير کي تربيت ڏيو، اهڙي طرح هن کي خليفه اول ۽ راڳ جي پهرين اڳواڻ جا منصب نصيب ٿيا.
    تمر فقير سان چوڪنڊيءَ ۾ رکيل باقي ٽي فقير هر هڪ ولي محمد فقير، يعقوب فقير ڏيرو ۽ اسماعيل فقير کاهوڙي جنهن گنج شريف لکرائي ڀٽ تي رکيو، ترتيب وار وائيءَ جا اڳواڻ مقرر ٿيا، جن کانپوءِ يعقوب شهيد، ڪيهر فقير لنجواڻي، ابراهيم فقير خاصخيلي، سيد غلام شاھه، ميرو فقير لنجواڻي پنهنجي پنهنجي دورن ۾ وائيءَ جي اڳواڻي ڪندا هئا، جيڪو سلسلو اڃا تائين جاري آهي. سائين غلام شاھه واري جوڙ جي اڳواڻي سائين عطا محمد شاھه عرف عطن سائين ڪندا آهن. ابراهيم فقير جي ٽولي جي اڳواڻي گلڻ فقير ڪري رهيو آهي. جڏهن ته لنجواڻين جي ٽولي جي اڳواڻي جڙيل فقير ڪري رهيو آهي. تمراڻي فقيرن مان مرحوم الهه بچائي فقير کان پوءِ اڳواڻي جا فرائض مير حسن فقير انجام ڏئي رهيو هو، جن کي هن وقت بيدخل ڪيو ويو آهي. نظاماڻي فقيرن جي ٽولي جي اڳواڻي غلام حيدر فقير جو پٽ نباهي رهيو آهي. هتي اسين ثقافت کاتي جي وزير سائين سردار شاھه کي التجا ڪنداسين ته پاڻ دلچسپي وٺي، تمراڻي فقيرن ۽ موجوده سجاده نشين وچ ۾ سرچاءُ ڪرائي، وڏي اوطاق کولائي فقيرکي پنهنجي منصب تي فائز ڪرائي.
    هن وقت وائيءَ جي سکيا جو اسڪول کلڻ کانپوءِ وائيءَ وارن فقيرن ۾ ججھو اضافو ٿيو آهي، جيڪو سٺو سنئوڻ آهي، هن وقت ڏينهن جو به وائي ٿئي ٿي. وائي ڪندڙ فقيرن جو تعداد نوي کان هڪ سئو تائين پهچي چڪو آهي. سائين جمن شاھه تمراڻي فقيرن جي واري تي اڳواڻي ڪري ٿو، پاڻ لطيفي لات تنظيم جو صدر پڻ آهي. هيءَ تنظيم وائيءَ وارن فقيرن جي رجسٽرڊ جماعت آهي. راتين ۽ ٽولين جي ترتيب به نئين طريقي سان جوڙي وئي آهي. وائيءَ وارن فقيرن وٽ راڳ جي ڄاڻ، تار جي وڄت ۽ ان جي نمونن ۽ رسالي جي حفظ تي گھڻو زور ڏنو وڃي ٿو. وائي ڪندڙ نون فقيرن کي خاص ڪري انهن شعبن جي ئي سکيا ڏني ويندي آهي. وائيءَ واري اسڪول جا استاد به جھونا وائي ڪندڙ فقير مقرر ٿيل آهن. جڏهن ته پرنسيپال جون ذميواريون سائين جمن شاھه وٽ آهن. پاڻ راڳ تي دسترس رکي ٿو ۽ وائي ڏاڍي سهڻي انداز ۾ پڙهي ٿو، رسالو به سٺو حفظ ٿيل اٿس. ڪافي فقير ڏسي رسالو پڙهن ٿا، جنهن مان ٻڌندڙن کي گھٽ مزو ٿو اچي، ڇو ته انهن فقيرن کي بيت تي ايڏي گرفت نٿي ٿئي، جيتري حافظي واري جي هجي ٿي.
    هن وقت سرڪار يعني ثقافت کاتي پاران وائيءَ وارن فقيرن جو وظيفو به وڌايو ويو آهي، جنهن ڪري شهر جا ڪافي نوجوان وائيءَ ڏانهن راغب ٿيا آهن، جيڪا خوش آئند ڳالھه آهي. اهي نوجوان عزت ڀريو مقام ماڻڻ سان گڏ معاشي تنگ دستيءَ کان به آجا ٿيا آهن، پوءِ به سرڪار کي ڪوشش وٺي وائي وارن فقيرن کي گھٽ ۾ گھٽ هڪ اسڪيل جي ماهوار پگھار مقرر ڪرڻ کپي ته جيئن هو پنهنجي عيال جو گذر سفر ڪري سگھن ۽ ٻي ڪرت ڪرڻ جي فڪر کان آجا ٿي سگھن. ائين ڪرڻ سان هنن جي رسالي جي حفظ ڪرڻ ۽ وائيءَ جي راڳداري ۽ تار جي ڇيڙ ۽ وڄت ۾ اڃا وڌيڪ بهتري ايندي. جيڪي ماهر فقير، پراڻا وائي ڪندڙ آهن، انهن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ پنجين اسڪيل واري پگھار مقرر ڪئي وڃي. ائين ڪرڻ سان صدين کان هلندڙ هِن فن ۽ صوفياڻي روايت ۾ وڌيڪ نکار ايندو. اسان سنڌي ماڻهن کي ٻين راڳين جيان وائيءَ وارن فقيرن کي شادين ۽ ڳوٺڙن ۾ ملهائيندڙ ميلن ۾ گھرائڻ گھرجي ۽ سرڪاري طور لڳندڙ وڏن ميلن ۾ پڻ هنن فقيرن کي گھرايو وڃي ته جيئن هنن جي مالي سهائتا به ڪري سگھجي، ائين ڪرڻ سان اسين رسالي کي سنڌ ۾ عام ڪرڻ ۽ وڌ ۾ وڌ عوام تائين پهچائڻ ۾ ڪاميابي ماڻي سگھنداسين.
    لطيف ته اڳ ئي سنڌين جي دل ۾ ديرو ڄمايو ويٺو آهي، سندن هن محبوب روايت کي اسين عوامي حيثيت ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته لطيف اسان تي اڃا وڌيڪ مهربان ٿيندو.
    هوءَ جا لات لطيف جي، سڏ تنهن جو سُڄي.
    ***


    اجرڪ جي صنعت سان لاڳاپيل لفظن ۽ اصطلاحن جو شاهه جي رسالي ۾ استعمال

    اجرڪ جي صنعت سان لاڳاپيل لفظن ۽ اصطلاحن جو شاهه جي رسالي ۾ استعمال


    سنڌ اندر اجرڪ سازيءَ جا نشان تمام پراڻي دور کان مليا آهن، سنڌو سڀيتا جو موهن جي دڙي واري دور ۽ ان کانپوءِ واري رام جي دور ۾ هن جو عروج هو، ان دور ۾ هن کي سڏيو ئي ”سيتارامي“ ويندو هو، کتري هن ڌنڌي جا ماهر هئا ۽ اهو هنن جو اباڻو ڌنڌو هو، جيڪي سنڌ جي تاريخي ۽ جاگرافيائي حالتن جي مٽجڻ سبب کٽي ٿيا جيڪي اڄوڪي سنڌ ۾ ڌوٻي، رنگاوتي ۽ اجرڪ جي صنعت سان لاڳاپيل آهن. جهڙي طرح هر ڌنڌي ۾ استعمال ٿيندڙ اوزارن، ڪچي مال ۽ شين لاءِ مخصوص نالا ۽ اصطلاح هوندا آهن اهڙي طرح هن صنعت جي حوالي سان پڻ ڪجهه اهڙا لفظ آهن جيڪي مختلف شين ۽ مهلن تي استعمال ڪيا ويندا آهن. اهي لفظ ٻوليءَ ۾ هونئن به موجود هوندا آهن پر استعمال ۾ اچڻ سان انهن جي معنيٰ ۽ مطلب واضح ٿيندو آهي. سنڌ جي ٻين هنرن جهڙوڪ واڍڪي، بوهارڪي، ڪنڀارڪي ۽ موچڪي ڌنڌي وغيره جا اصطلاح جيئن رسالي ۾ موجود آهن اهڙي طرح هن ڌنڌي ۽ هنر سان لاڳاپيل ٻولي پڻ رسالي ۾ جابجا پکڙي پئي آهي. شاهه سائين جتي مومل جي رنگ محل جي لالاڻ جو ذڪر ٿو ڪري اتي هن کي چرون چِت ۾ چري ٿو. ان کي پانوڙي پڪ سان تشبيهه ڏيڻ سان گڏ چرون جو ذڪر ڪري ڪوڙين رنگ رچڻ واري ڳالهه کي شاعراڻي ٻٽاڪ بدران حقيقت جو روپ ٿو ڏئي، اجهو هيئن پيو فرمائي:
    هلو هلو ڪاڪ تڙين، چرون جت چڙهن،
    ڪوڙين رنگ رچن، پانوڙي پڪ سين.
    چرون ٽامي جو ديڳ جيتري وڏي منهن وارو ڊرم هوندو آهي. ان مقصد لاءِ ٺاهيل چلهي ۾ ٻٻر ۽ ڪنڊي جو سڪو ڪاٺ ٻرندو آهي. چرون ۾ مصالحا ۽ پاڻي وجهي ان کي خوب گرم ڪرڻ کانپوءِ منجهس اجرڪ وڌا ويندا آهن جن کي ڪاريگر ٻن ڏنڊن سان گهمائيندو رهندو آهي، هن عمل ذريعي اجرڪ تي ڳاڙهو رنگ چڙهندو آهي. اجرڪ جي ٺهڻ ۽ کرڻ ۾ هي مرحلو اهم هوندو آهي. اجرڪ هتي اچي ئي ريٽو ٿو ٿئي، ان ڪري کٽي اجرڪ کي چرون ۾ وجهي دعا ۽ واحد در وينتي ڪندو آهي ته هن کي ٺاهج، هاريءَ جيان کٽيءَ جو به اڻ ڏٺو سودو آهي. هيڏي حڪمت ۽ ڪثرت واري ڪرت کانپوءِ به چرون ۾ اجرڪ کي جڏهن ٺاهڻ وارو ٺاهي ٿو ته ڦٽي ڌٻا ڌٻا ٿي وڃي ٿو، اڇي ۽ بلو تي به ڳاڙهو رنگ چڙهيو وڃي، ڪڏهن ته اهو اڇن چٽن ۽ ڌٻن سبب خراب ٿيو وڃي. مومل جي حوالي سان شاهه لطيف چئي ٿو ته راڻو به رچي ريٽو ٿيو هو، چرون ۾ اعليٰ جر استعمال ڪيو ويندو آهي، هي اجرڪ جو آخري مرحلو آهي، هن کانپوءِ آخري ڌلائي ٿيندي آهي، جنهن کي تياري چيو ويندو آهي:
    رچي جي ريٽا ٿيا، ڪين اٻاٽجن اوءِ،
    کُنڀ نه کاري تنهن کي، جا هالاري هوءِ،
    توڻي ڌوٻي ڌوئي، ته به لالي لهي مَ ان جي.
    ”کنڀ“ ڪوري ڪپڙي کي پاڻي ۾ پسائي ان کي چلهي ۾ رکيل ڪنهن ديگڙي جي منهن کي پٽڪي جيان ور ڏبا آهن، ديگڙي ۾ کار وارو پاڻي هوندو آهي. ان جي هيٺان باهه ٻاربي ته ان پاڻيءَ جي ٻاڦ تند تند مان ٿيندي مٽي، مير، ڪلف ۽ ٻين مصالحن کي ڪپڙي کان ڌار ڪندي ويندي آهي، هي آهي اجرڪ جو کنڀ، باقي هر ڌوٻي ڪپڙي کي کنڀ چاڙهيندو آهي، ان کانپوءِ ان کي ڦوڙيندو آهي، جنهن کي اصطلاح ۾ چون ”ڦوڙ“ هن لفظ مان ڦوڙائو لفظ ٺهيو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي جدائي، اها جدائي کٽين جي عمل مان چٽي طرح ڏسي سگهجي ٿي. کنڀ تان ڪپڙي کي لاهي گهڙيءَ کن لاءِ اس تي پٿاريندا آهن ته ڪپڙي مٿان مير ۽ مٽي جهڙي مواد جون ننڍڙيون ننڍڙيون ڳوڙهيون اڀري بيهنديون آهن، جنهن کانپوءِ ڪپڙي کي جالاري پاڻيءَ سان صاف ڪرائي اجرو ڪندو آهي. مٿين بيت ۾ شاهه لطيف جو چوڻ آهي ته اجرڪ جيڪڏهن کنڀ چاڙهي ڌوئبو ته ان جو رنگ نه لهندو، ڇو ته هي ان مرحلي مان گذري آيو آهي، هن جي تند تند ان رنگ ۾ رڱجي ريٽي ٿي آهي.
    اجرڪ جي صنعت جو بنيادي اوزار آهي ”پور“ جنهن کي ڪاٺ جي ڪنهن مضبوط ٽڪري تي ماهر واڍو نفيس ۽ باريڪ اڪر ڪندو آهي جنهن ڪري ان ڪاٺ تي رنگ ۽ گل اڀري ايندا آهن، انهن چٽن ۽ گلن کي واضح ڪرڻ لاءِ تکن ۽ باريڪ اوزارن سان ڪاٺيءَ جي ٽڪر کي ڪوريندو آهي، پوءِ ان ۾ ڪيترائي پور، خال ۽ سوراخ ڪيا ويندا آهن جن ڪري ان جا ڪجهه حصا اڀري ايندا آهن، ان کي ”پور“ سڏبو آهي، جنهن سان اجرڪ جي بنيادي ڇر کانسواءِ هر مرحلي جي پورن جا پنهنجا نالا آهن. پور لفظ جو استعمال لطيف هيئن ڪيو آهي:
    پنهونءَ ڪيائون پور، ڇوريون ڇُرڻ سکيون.
    پنهونءَ جو پور ٿيڻ ۽ ڇورين جو ڇُر سکڻ وارا اصطلاح ڀٽائيءَ جي آفاقي ۽ لاثاني شاعريءَ جا اهي انساني جذبن جا جز آهن، جيڪي فطرت جو حقيقي اظهار هوندا آهن.
    ”اڇاڙو“لفظ کي لطيف سهڻي ۽ سامونڊي سُر ۾ درياهه ۽ سمونڊ جي پسمنظر ۾ لکيو آهي:
    آڇاڙا عميق جا، گڏيا غواصن...
    آڇاڙا ان ڪپڙي جي ٽڪر کي چيو وڃي ٿو جيڪو پاٽئي يعني جنهن ڪاٺ جي تختي تي اجرڪ رکي پور هنيو ويندو آهي، ان تي رلهيون، ڪمبل وغيره رکي ان جي مٿان هڪ ڪپڙو رکيو ويندو آهي، جنهن کي اڇاڙو چيو ويندو آهي، جيڪو پور ۾ لڳل واڌو مصالحي کي جذب ڪرڻ لاءِ استعمال ۾ ايندو آهي. اجرڪ جڏهن مصالحن واري پور لڳڻ سبب آلو ٿيندو آهي ته ڄڻ مس ڇٽي جو ڪم ڪندو آهي. سمونڊ ۾ سپون سوجهي لهڻ وارن ٽوٻن کي عميق جا اهڙا اڇاڙا ملن ٿا جيڪي هن جي جسم ۽ منهن تان سمونڊ جي گجي، پگهر ۽ پاڻيءَ جا ڦڙا صاف ڪري ڇڏين يعني هنن کي اهڙا املهه ماڻڪ ٿا ملن جن جي پسڻ سان کين دلي سڪون ٿو ملي ۽ پورهئي جو سڄو ٿَڪ لهيو وڃي. سُر ڪيڏاري ۾ لطيف نير ۽ نيروٽي/ نيرولي جي ڳالهه ڪئي آهي:
    ڪارا رڱج ڪپڙا، ادا نيروٽي،
    آئون جن لئه لوٽي، سي ملهه مسافر رانئيا.
    ***


    گنج شريف ڪيئن ڇپيو؟

    گنج شريف ڪيئن ڇپيو؟


    ڀٽ شاهه ۾ تمر فقير جي وڏي اوطاق تي رکيل گنج شريف 1207 هجريءَ ۾ ميين اسماعيل کاهوڙيءَ هِتان هُتان بيتن جو مواد گڏ ڪري، بڙ واري ڍوري جي ڳوٺ رمضان جت جي رهاڪو سيد عبدالعظيم عرف وڏل شاهه کان لکرائي مڪمل ڪيو. هن کي خوشحال فقير پڻ چون ٿا. ميون اسماعيل کاهوڙي ذات جو سمون، ويٺل ڀينءَ پور، ڀٽائي صاحب جو راڳائي فقير هو. سڄي عمر ڇڙو ٿي گذاريائين. حياتيءَ جو ڳچ حصو تمر فقير جي گاديءَ جو مهندار ۽ راڳ جو اڳواڻ هو، ولي محمد فقير کان پوءِ هن منصب تي فائز رهيو. هن شخص لطيف جي ڄاڻو فقيرن وٽان بيت هٿ ڪيا، ڪڇ ۽ سنڌ جا سفر ڪري لطيف جو ڪلام ڪٺو ڪيو. هن کان اڳ تمر فقير گنج شريف لکرايو هو، جنهن لاءِ دائود پوٽو صاحب ٻڌائي ٿو ته اهو اڏيري لال جي سيدن وٽ امانت طور رکيو هئائين، ان جو اتارو ڪڇ ڀڄ ڏانهن ساڻ کڻي ويو هو، جنهن جا بيت جتن فقيرن کي ياد آهن. ٻيو نسخو سيد پور ٽڪر جي سيدن وٽ موجود آهي، جيڪي شاهه ڪريم جي ڀاءُ جي اولاد مان آهن. ميين اسماعيل کاهوڙيءَ جي ڇپايل گنج جو پهريون بيت آهي:
    وڍيل ٿي وايون ڪري، ڪٺل ڪوڪاري،
    هن پن پنهنجا ساريا، هو هنجون هڏن لاءِ هاري.
    هن بيت لاءِ چيو ويندو آهي ته اهو مولانا رومي رحه جي فارسي قطعي جنهن ۾ بين جي درديلي آواز جو ذڪر آهي، ان کي لطيف سسئي سان تشبيهه ڏيندي ٻڌايو آهي ته بين جي دانهن ۾ جيڪو درد آهي، اهو ان ڪري پيدا ٿيو آهي جو هوءَ پنهنجي ٻوڙي کان وڍجي پنهنجا پن ڪٽائي وڄڻ ۽ ڳائڻ لائق ٿي آهي، اها هاڻي پنهنجا پن ساري روئي ۽ دانهون ڪري رهي آهي. جڏهن ته سسئي وري ڪٺل آهي، تڏهن آهون ۽ دانهون ٿي ڪري، پنهنجا هڏ يعني مِٽَ ۽ سڱيڻا ٿي ساري. جيڪي پراڻا قلمي نسخا ملن ٿا، اهي سر سسئيءَ کان شروع ٿين ٿا. ڪجهه نسخن جو پهريون بيت آهي:
    پرتوو پنهونءَ جو، جهڙ جيئن جهالا ڏي،
    آئون پنهنجي پرين کي، وٺيو راهه رئان گهڻو.
    ٻئي دور ۾ مائي نعمت، ميان احمد ڀٽائي ۽ حسين فقير وارا نسخا سر ڪلياڻ کان شروع ٿين ٿا. انهن جي ترتيب هندي راڳ جي نسبت سان رکي وئي آهي. هيءَ ترتيب هندستان جي ٻن گوين اٽل ۽ چنچل جي جوڙيل آهي، جيڪي لطيف جي حياتيءَ ۾ وٽن آيا هئا.
    صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ لطيف جي پهرين ملاقات واري روايت مان اسان کي اها خبر پئي ٿي ته 21 سالن جي عمر تائين لطيف سائين سر سسئيءَ جا بيت نه لکيا هئا ۽ صوفي شاهه عنايت شهيد 60 سالن جي عمر تائين سر مارئي جا بيت نه چيا هئا. صوفيءَ لطيف کي سسئي جا بيت ٻڌايا ۽ شاهه لطيف کيس مارئي جا بيت ٻڌايا، جنهن کان پوءَ صوفيءَ مارئي جا بيت چيا ۽ لطيف سسئيءَ تي اهڙي ته شاعري ڪئي جو سڄا سارا پنج سر لکي ڇڏيائين. ان قصي کي جانچڻ لاءِ هن ڪوهستان جو خوب سير ڪيو، لاهوت لامڪان، هنگلاج ۽ لس ٻيلي ويندي جبل جي ماحول ۽ زندگيءَ تي خوب لکيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو لطيف جي آڳاٽن قلمي نسخن جي شروعات سر سسئيءَ سان ٿئي ٿي. علامه دائود پوٽي کي اهو اعزاز حاصل هو ته هن ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ سان گڏ شاهه جو رسالو ترتيب ڏيڻ ۾ هٿ ونڊايو هو. مير عبدالحسين سانگيءَ جي لطائف الطيفيءَ جي قديم نسخي جو پڻ مطالعو ڪيو هو، ان کان سواءَ هن ٻن قديم قلمي نسخن ميين احمد ڀٽائي ۽ حسين فقير جي مرتب ڪيل قلمي نسخن کي پڻ نظر مان ڪڍيو هو، 1953 ۾ ڀٽ تي ويهي هن موجوده گنج شريف جو ڳوڙهو مطالعو ڪري ان جي پڙهڻين، بابن ۽ مواد کي چڱي طرح جانچي ڏٺو ۽ شاهه جي ڇاپي رسالن سان ڀيٽ پڻ ڪئي هئي. هن جي ان محنت جو ثمر اهو شاهه جو رسالو آهي جيڪو هن جو مرتب ڪيل آهي.
    1989 ۾ محترم عبدالحميد آخوند، سيڪريٽري ثقافت ۽ سياحت کاتو حڪومت سنڌ جي ڪوششن سان گنج جي اصل ڪاپي ڀٽائي پيرن ۽ تمراڻي فقيرن کان حاصل ڪري، ان کي هاڻوڪي سنڌي ۽ اصل صورتخطيءَ سان شاندار جلد ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو، جيڪو اڄ لطيف جي چاهيندڙن جي مطالعي هيٺ آهي، جيئن ته گنج شريف جي وڏي ڪاپي مطالعي لاءِ ڪجهه ڏکيري هئي ان ڪري، هن صاحب نئين صورتخطي ۽ پراڻي لکت جا الڳ الڳ ٻه جلد ننڍي سائيز ۾ پڻ ڇپرايا. وڏي گنج جي قيمت 5 هزار رپيا مقرر ڪيائين. گنج شريف کي هاڻوڪي سنڌي ۾ آڻڻ وارو ڪم مرحوم ممتاز مرزا صاحب سرانجام ڏنو، جن کان ڪجهه غلطيون واقع ٿيون آهن، جن کي درست ڪري گنج شريف کي ٻيهر ڇپائي پڌرو ڪيو وڃي، ڇو ته اڳيون ڇاپو ختم ٿي ويو آهي.
    شاهه جي سڀني مرتبن سان اهو مسئلو رهيو آهي، ته کانئن قلمي نسخن جي پراڻي لکت کي پڙهڻ ۾ ڪوتاهيون ٿيون جنهن ڪري سڀني جي رسالن ۾ پڙهڻين جون غلطيون ۽ اختلاف رهجي ويا آهن. ڊاڪٽر گربخشاڻي هن سلسلي ۾ گهڻي محنت ۽ ڪوشش ڪري، انهن کي ڪنهن حد تائين درست به ڪيو آهي. ڌاري ڪلام کي سڀ کان اڳ ۾ هن صاحب ئي الڳ ڪيو ۽ ان مسئلي ڏانهن اشارو ڪيو ته شاهه جي رسالي ۾ ڌاريو ڪلام داخل ٿي ويو آهي جنهن تي دادا ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي گهڻي هاءِ گھوڙا ڪئي. تازو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ان سلسلي ۾ ڪم ڪري ٻه جُلد تيار ڪيا آهن. هڪ رسالي جو ڪلام ۽ ٻيو شاهه جو ڪلام. رسالي جي ڪلام ۾ هن ڌاريو ڪلام شامل ڪيو آهي. هن صاحب جي راءِ آهي ته سر ڪيڏارو ڌاريو ڪلام آهي، جنهن تي وڏي ناراضگي ۽ مخالفت ڏسڻي پيس. بلوچ صاحب جي راءِ کي ان حد تائين اهميت ڏئي سگهجي ٿي ته سر ڪيڏاري ۾ ٿورا بيت احسان فقير جا آهن پر ان جي ڪري سڄي سُر کي ڌاريو ڪلام نٿو چئي سگھجي. جڏهن ته مير عبدالحسين سانگي هڪ روايت ڏني آهي ته لطيف جڏهن حج جو ارادو ترڪ ڪري اچي ڀٽ تي ويٺو ته پنهنجي طريقت جو لباس ڪارو مقرر ڪيائين ۽ امامن سڳورن جي شان ۾ ڪيڏارو لکائين، ان نسبت سان لطيف جو آخري ڪلام سر ڪيڏارو ٿي سگھي ٿو، مالڪ اسان جي ڪنهن اديب کي اُها سگهه ڏئي جو گنج شريف، قلمي نسخن ۽ ڇاپي رسالن کي ڀيٽي شاهه جو رسالو مرتب ڪري ته اها سنڌي ادب ۽ سنڌي قوم جي وڏي خدمت ٿيندي. هن وقت ڀيڻ ج-ع منگهاڻي صاحبه اهو ڪم ڪري رهي آهي، خبر ناهي ته ان کي ڪيترو مواد هٿ لڳو آهي، اسان جي دعا آهي ته سندس پورهيو ساب پئي. لطيفي فڪر کي اجارڻ ۽ عام ڪرڻ ۾ سندن پورهيو ڳايو وڃي.
    محبت پائي مَن ۾ ، رنڍا روڙيا جن،
    تن جو صرافن، اڻ توريو اگھائيو.
    ***


    خبر تو ڪيهي، قاضي هن ڪتاب جي!

    خبر تو ڪيهي، قاضي هن ڪتاب جي!


    سنڌي ادب ۾ شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ کانپوءِ جيڪو وڏو نالو نظر اچي ٿو ۽ جنهن گهڻي کان گهڻا ڪتاب سنڌي ادب کي ارپيا آهن، اهو آهي مانوارو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، جنهن سنڌي لغت، لوڪ ادب، تاريخ، خاص ڪري لطيف جي سوانح ۽ شاعريءَ تي جوڳو ڪم ڪيو آهي. هن کان اڳ جيڪي شاهه جي رسالي جا قلمي نسخا بشمول گنج شريف ۽ لطيف متعلق قديم ماخذ جهڙوڪ لطائف لطيفي، جيڪو سڀني کان قديم ۽ پهرين ڪوشش آهي، اهو 1888ع ۾ فارسي ٻوليءَ ۾ ڇپيو. امر ڏنو مل لالواڻي، مولانا دين محمد وفائي، ڀيرومل مهر چند آڏواڻي، علامه آءِ آءِ قاضي، دادا ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي ۽ ٻين ان مان استفعادو ڪيو. جڏهن ته گربخشاڻيءَ جو ڪم پنهنجي نوعيت جو جديد علم ۽ تحقيق جو پورائو ڪندڙ هڪ قابل قدر ڪاوش آهي، جنهن کي غور سان پڙهڻ ۽ ان جي روشنيءَ ۾ ڪم کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي.
    گربخشاڻي هندو ٿي ڪري عربي ادب ۾ ايم اي ڪئي، سندس پي ايڇ ڊي ٿيسز جو عنوان آهي:”سنڌي شاعريءَ تي عربي شاعريءَ جو اثر“ هي سڄو ڪشالو گربخشاڻي صاحب رسالي کي سمجهڻ لاءِ ڪيو ۽ ان کي سمجهيو. ڀيرومل مهر چند آڏواڻيءَ پڻ جوڳو ڪم ڪيو آهي، جنهن ۾ ”سئر لطيفي“ سنڌي ادب جي مختصر تاريخ ۽ گربخشاڻيءَ جي رسالي تي تنقيدي مقالو قابل ذڪر آهن. ڀٽ شاهه ثقافت مرڪز جي سيڪريٽري محترم حميد آخوند صاحب جس لهڻي، جنهن محققن لاءِ لطيف جا ماخذ ڇپائي هيٺ آڻي انهن کي مواد يڪجاءِ ڪري ڏنو. هن صاحب لطيف کان اڳ جي شاعرن جهڙوڪ قاضي قادن، شاهه ڪريم، ميون شاهه عنايت رضوي، لطف الله لاکو، لطف الله قادري ۽ بيدل فقير جو پنج گنج ۽ ٻيو ڪيترو ئي مواد ڇپائي لطيف تي ڪم ڪرڻ وارن لاءِ آساني پيدا ڪئي آهي.
    ان سلسلي ۾ علامه دائود پوٽي جي ڪم کي ڪڏهن به درگذر نٿو ڪري سگهجي، جنهن شاهه ڪريم ۽ لطيف تي محبت پائي من ۾ ڪم ڪيو، جنهن جو صرافن اڻ توريو ئي اگهايو آهي. مولانا دين محمد وفائيءَ کي سنڌي ادب ۾ اها حيثيت حاصل آهي جو کيس سنڌ جي چرندڙ پرندڙ تاريخ سڏيو ويو آهي. اهڙن ماڻهن جي تحقيقي ڪم کان لنوائڻ يا درگذر ڪرڻ ادبي خيانت ٿيندي. سئي ڪندر قبرستان لڳ شاهه حبيب جي ڪنڊن وٽ لطيف جي جنم جي ڳالهه پهريان علامه دائود پوٽي ڪئي آهي، جنهن کي سند جي حيثيت حاصل آهي. مولانا دين محمد وفائي ”مشاهير سنڌ“ جي ٽن جلدن ۾ مٽياريءَ جي ساداتن، ڪريم پوٽن ۽ شاهه حبيب جي ڪٽنب تي تفصيلي لکيو آهي. ”لطف لطيف“ ۾ ڀٽائيءَ جي سوانح ۽ شاعريءَ تي ڳوڙهي انداز سان لکيو ويو آهي جيڪو حقيقت کي ڪافي ويجهو آهي. ان جي ڪم کي اڇاتري نظر سان ڏسڻ کان بهتر ٿيندو ته ان جو ڳوڙهو اڀياس ڪري ان جي ڀيٽ ڪئي وڃي.
    شاهه لطيف جي سوانح لکندي ڊاڪٽر صاحب هيءَ سڄي ڪهاڻي انومانن، گمانن ۽ ڌڪن تي لکي آهي، جيڪا ليکڪ جي ٻوليءَ مان ظاهر آهي. هو صرف اندازو لڳائيندو رهيو آهي ۽ اقرار ڪري رهيو آهي ته، فلاڻي ڪي فلاڻي ڳالهه لاءِ ڪا ٺوس ثابتي ڪانهي. وڏي خيانت اها ڪئي اٿائين جو جهوڪ جي قضئي، شاهه عنايت شهيد ۽ ميران پور جو ذڪر نه ڪيو اٿس. جڏهن ته شاهه ڪريم صدو لانگاهه جي مدرسي ۾ ابتدائي تعليم پرائي ۽ سندس امڙ ان جي قبرستان ۾ مدفون آهي. بلوچ صاحب ميان عبدالواسع جو مختصر ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ”هو ديندار هو“ پر ان تاريخي حقيقت کان لنوائي ويو آهي ته شاهه ڪريم جي هن گادي نشين ڪلهوڙن ۽ مغل فوج جي مهماني ڪئي، انهن جو سونهون بڻيو ۽ انهن کي مدد ۾ پنهنجا ماڻهو ڏنا. رسالي ۾ جابجا جهوڪ جي سانحي تي بيت ٽڙيا پکڙيا پيا آهن. مولانا دين محمد وفائيءَ رامڪليءَ جي ٽئين داستان وارا بيت ”اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين“ جهوڪ جي قضئي کي منسوب ڪيا آهن. هي صاحب لطيف جو جوڳين سان ٽن سالن جي صحبت، گنجي ٽڪر، لاهوت لا مڪان ۽ هنگلاج جي سفرن کي رد ٿو ڪري. جڏهن ته لطيف جو ڪلام انهن واٽن جي نشاندهي ٿو ڪري. سئي ڪندر قبرستان لڳ شاهه حبيب جي ڪنڊن وٽ لطيف جي جنم جي ڳالهه پهريون ڀيرو ڊاڪٽر دائود پوٽي ڪئي آهي، جنهن جو ذڪر نه ڪيو اٿس. جن ڳالهين کي پاڻ رد ڪري ٿو، وري انهن جو اعتراف به ڪري ٿو. سئي ڪندر مان شاهه حبيب جي لڏڻ لاءِ لکي ٿو: سياتن فقيرن شاهه حبيب کي چيو ته ”اوهان وٽ قطب پيدا ٿيندو، جيڪو وڏي رجاعت وارو ٿيندو، اسين فقير کبڙن ۾ لڪا ويٺا آهيون، ان ڪري اوهان هتان لڏي وڃو يا اسان کي لڏي وڃڻو پوندو،“ جنهن کانپوءِ حبيب گهر وارن کان ٻار ٿيڻ جي پڪ ڪري، اتان ڪوچ ڪيو ۽ ڪوٽڙي مغل مرزا مغل بيگ جي ڪوٽ لڳ گهر اڏي ويٺو، جنهن جي اتر طرف لال لئو آهي. جڏهن ته سال کن اڳ سياتن جي درگاهه تي مونکي کيتو ڀيل ٻڌايو ته شاهه لطيف ڏهن ٻارهن سالن جو ٿيو ته، سياتن کيس چيو ته”اوهين عاشق آهيو، اوهان وٽ راڳ ۽ ناچ ٿيندو، اسين شريعت جا صاحب آهيون، ڀلائي ڪري ڪنهن ٻيءَ ڀونءِ کي وسايو.“ جتان پوءِ حبيب ڪوٽڙي مغل لڏي آيو، سخي هاشم پاران شاهه حبيب کي پٽ ٿيڻ جي واڌائي ڏيڻ سان گڏ مٽياريءَ مان لڏي وڃڻ جو پڻ چيو ويو هو.
    روايت ۾ آيو آهي ته سخي هاشم شاهه، حبيب سائينءَ کي چيو ته هتان لڏڻ کانپوءِ ئي اوهان کي پٽ ٿيندو، جنهن ڪري شاهه حبيب مٽياريءَ مان لڏي، ڀينءَ پور اچي ويٺو، جتي اڳ ئي هڪ بزرگ بخاري سيد رهندو هو، جنهن پڻ شاهه حبيب کي اتان لڏڻ لاءِ چيو ۽ نيڪ پٽ جي پيدا ٿيڻ جي خوشخبري ڏني. شاهه حبيب سال کن اتي رهي پوءِ، هالا حويليءَ آيو، جتي سندس حويليءَ جا ڦٽل نشان، کوهه ۽ هڪ ڪنڊو بيٺل آهي، جنهن جي هيٺان هڪ مزار شريف آهي، جنهن لاءِ ڪير به نٿو ٻڌائي ته اها ڪنهن جي آهي. اتي ڪاظمي سيد هاڻي رهائش پذير آهن، جن جي والد صاحب جو نالو محمود شاهه هو.
    منهنجي خيال ۾ اها مزار شريف شاهه حبيب جي پهرين گهر واريءَ جي ٿي سگهي ٿي. ”والله اعلم باالغيب“ هتان لڏي پوءِ شاهه حبيب سئي ڪندر آيو آهي ۽ عرس فقير، ڏيري وٽان ٻي شادي ڪئي اٿس. ان گهر مان جيڪو پهريون پٽ ٿيس ان تي پنهنجي ڀاءُ جو نالو عبدالرشيد رکيائين، جيڪو صغيريءَ ۾ ئي وفات ڪري ويو هو، ان جي نالي واري تختيءَ تي وفات جو سن 1109 هه لکيل آهي. جڏهن عبداللطيف پهرين جي مزار تي وفات جو سن 1110ع لکيل آهي ته پوءِ شاهه عبداللطيف ڀٽائي 1102 ۾ ڪيئن ڄائو؟ اهو صرف وفات جي سن 1165هه مان 63 سال عمر پوري ڪري ولادت جو سال 1102هه مقرر ڪيو ويو آهي. مولانا دين محمد وفائي ۽ سانگي صاحب، شاهه حبيب جي اڳئين گهر مان ٻن نياڻين جو ذڪر ڪيو آهي. مشاهير سنڌ ۾ مولانا دين محمد وفائي انهن نياڻين جي گهر وارن (مڙسن) ۽ اولاد جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. پلي واري ڳالهه لکندي، ٻڍڙي خادمه تي بيبي صاحب جي ناراضگيءَ جو ذڪر ڪيو اٿس ۽ لطيف جي ڀيڻ بي بي بتول جو ذڪر ڪيو اٿس ۽ ان کي لطيف جي سڳي ڀيڻ ڄاڻايو اٿس. ليڪن بي بي بتول اڳئين گهر مان هئي ۽ ٻڍڙي خادمه جو نالو بيبي لعل هو جيڪا بيبي بتول جي ننهن هئي، جنهن لاءِ لطيف ان کي چيو ته اسان جي ڀيڻ جو گهر آباد ڪريو جنهن تان بيبي لعل سر سهڻيءَ مان بيت پڙهيو:

    ڀيڏان جت ڀڳيون، آيون اُتِ وري،
    ڪانهي ٻي ڳري، مينهن کي ميهار ري.
    بيبيءَ لعل تي سانگي صاحب تفصيل سان لکيو آهي، هن لاءِ لطيف جو پڻ هڪ بيت ڏنو اٿس:
    لعل ڦلن مالهه، جوڳيءَ جڙي ٻڌي ٻانهن ۾ ...
    بيبي لعل جي مزار، ديهه شيخاڻيءَ ۾ ، شيخاڻي مائينر لڳ عبدالحق ميمڻ جي زمين ۾ آهي، جنهن تي ميان حبيب الله صديقيءَ ناظميءَ جي دور ۾ قبو اڏرايو آهي، هن جي مزار تي هر چنڊ جي اٺين رات فقير وائي ڪندا آهن. ڊاڪٽر صاحب لطيف جو حج ۽ ڪربلا موليٰ جي زيارت لاءِ علي بندر ۽ ونگ ولاسيءَ تائين وڃڻ جو ذڪر به نه ڪيو آهي، جتان کيس محمود شاهه واپس ورايو هو، جو پوءِ اچي پنهنجي فقيرن جو ويس، ڪارو پٽڪو، ڪاري قميص ۽ بلو شلوار ڪيو هو، ان روايت ۾ سانگي صاحب لکي ٿو ته پوءِ لطيف ڪيڏارو چيو، ان حساب سان ڪيڏارو لطيف جو آخري ڪلام آهي.
    علامه آءِ آءِ قاضي به رسالي مان ڪيڏارو خارج ڪيو هو، هن جو دليل آهي ته لطيف سني مسلڪ جو درويش هو، هو اهڙو ڪلام نٿو لکي سگهي، قاضي صاحب اسلامي ماڻهو هو، هن جون يورپ ۾ مسجدون ٺهرايل آهن ۽ جمعي جي نماز جو خطبو ڏيندو هو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب به تنظيم فڪر و نظر جماعت اسلاميءَ جو ميمبر رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو هنن صاحبن رسالي مان سر ڪيڏارو خارج ڪيو آهي.
    ڊاڪٽر صاحب الائي ڪهڙي مصلحت سبب، شاهه ڪريم ۽ مخدوم نوح جي ملاقاتن جو به ذڪر نه ڪيو آهي. جڏهن ته ٻين اهو به لکيو آهي ته لطيف جي جوڳين سان وڃڻ ڪري حبيب شاهه پريشان رهڻ لڳو ۽ درگاهه نوح تي پٽ جي خيريت ۽ واپس اچڻ لاءِ اڪثر دعا گهرڻ ويندو هو.
    رسالي جي ترتيب ۽ متن :
    فهرست ڏسڻ سان ئي هينئون ڦسي پيو، پويان سر اڳيان رکيا ويا آهن ۽ اڳيان سر پويان رکيا ويا آهن، سر سهڻيءَ کي 28 هين نمبر تي رکيو ويو آهي، جڏهن ته سر سارنگ کي آخري يعني 29 هين نمبر تي رکيو ويو آهي. سر ڪيڏارو مورڳو ڏنو ئي نه ويو آهي، ڏهر، بلاول، ڪارايل جيڪي آخري سر آهن انهن کي پهريان رکيو ويو آهي. سر پورب جي ڪانگل واري داستان کي بروو ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سر مان ”سنڌي“ جو لفظ ڪٽيو ويو آهي.
    هاڻي هتي ڪجهه اهڙا بيٽ پيش ڪندس جن جي ٻولي ۽ سٽاءَ کي تبديل ڪيو ويو آهي:
    سُر بروو، داستان چوٿون، بيت نمبر 4:
    جيئن سا ڪاني ڪانهه، لهسندي لاتيون ڪري،
    اچي اُڀري اوچتو، درد پريان جي دانهن،
    ويڄ ڏنڀين ڇو ٻانهن، سُور هنئين کي سامهان.
    هي بيت سڀني رسالن ۾ هيٺين طرح لکيل آهي ته:
    جيئن سا ڪاني ڪانهه، لسندي لاتيون ڪري،
    اچي پيئي اوچتو، درد پريان جي دانهن،
    ويڄ ڏنڀئي ڪُهه ٻانهن، سُور هنئين کي سامهان.
    هن بيت جي معنيٰ ڪجهه هن طرح ڪئي وئي آهي:
    جيئن ڪانهه جو وڍيل ڪانو، باهه جي سيڪ کائڻ کانپوءِ (نڙ بڻجي ٿو) ۽ منجهائنس سريلو آواز نڪرندو آهي. هيءَ معنيٰ صرف لُهسندي لفظ جي روشنيءَ ۾ ڪڍي وئي آهي، جنهن جي وضاحت لاءِ آئون ڪانهه، ڪاني ۽ نڙ جي فرق کي واضح ڪندس: ڪانهه جي تيلي سنهي ٿيندي آهي، جنهن مان لکڻ واري ڪلڪ ٺاهبي آهي، هيءَ جڏهن ڪچڙي هوندي آهي ته اها مٺي ٿيندي آهي، جنهن کي چانهڪ چئبو آهي، جيڪا مينهون شوق سان چرنديون آهن، ڪانهه جو جڏهن ٻوڙو اڀڙندو آهي ته ان کي ”ٻوڙي“ سڏبو آهي، جيڪا مينهن جا شوقين کُرپي يا رنبيءَ سان ڪڍي، ڌوئي صاف ڪري مينهن کي چاريندا آهن. باهه لڳڻ سان هن جي تيلي ڀسم ٿي ويندي آهي. ڊاڪٽر صاحب جي معنيٰ ۾ جنهن ڪاني جو ذڪر ڪيو ويو آهي اهو سَر جي ٻوڙي ۾ ٿيندو آهي ۽ اندران نهرو هوندو آهي، جڏهن ته ڪانهه جي تيلي بانس ۽ نڙ جيان پوري ٿيندي آهي، منجهس سڳي جهڙي هڪ تار هوندي آهي. بانسري جيڪا سريلو آواز ڪڍندي آهي، اها نڙ جي ڪاني مان ٺهندي آهي، ان کي به باهه جي لهس کان بچائي رکبو آهي، باقي ڪانهه ۽ سر جو ڪانو ان ڪم ناهي ايندو. هن بيت ۾ ”لسندي لاتيون ڪري“ جو مقصد آهي ته وڍيندي يا لڻندي، آواز ٿي ڪري.
    سر بروو، داستان چوٿون، بيت نمبر: 6
    ڌَرُ تي دونهينءَ جيئن، سُرُ پُر سندي بڻجين،
    لڳو آهه لطيف چئي، تن پريان سين تيئن،
    حاصل ٿئي هنئين، قرينو قريب جو.
    اصل بيت جي پڙهڻي هن ريت آهي:
    جيئن ڌَرُ مٿي دونهه، سُر پُر سندي سڄڻين،
    لڳو آهه لطيف چئي، تن پريان سين تيئن،
    حاصل ٿئي هيئن، قرينو قريب جو.
    هن جي معنيٰ ۾ ڊاڪٽر صاحب ڄاڻائي ٿو ته، ڌرتيءَ کي دونهينءَ جي دونهين وانگر، منهنجو تن پرين ڏانهن سر پر ڪري رهيو آهي. دراصل هن بيت ۾ ”دونهينءَ“ لفظ جو غلط استعمال ڪيو ويو آهي. جيڪو ”دونهه“ يعني هاٿيءَ جي سونڍ آهي، بيت جو مطلب ٿيندو ته جهڙي طرح هاٿيءَ جي سونڍ زمين مٿان گسي رهي آهي، منهنجو جسم به پرين سان ايئن لڳل آهي، مون کي پرينءَ جو اهڙو قرب ڇو نه حاصل هجي.
    سر يمن ڪلياڻ، داستان پنجين جو بيت نمبر 11 هن ريت لکيو ويو آهي:
    پني ۾ پيهي، تان تون الف نه اجهئو،
    ڳالهه پريان جي ڳجهه جي، جيهي نه تيهي،
    خبر تو ڪيهي، قاضي هن ڪتاب جي.
    هن بيت جي اصل پڙهڻي هن ريت آهي :
    پني ۾ پيهي، تان تون اکر نه اڄهئو،
    ڳالهه پريان جي ڳجهه جي، جيهي نه تيهي،
    خبر تو ڪيهي، قاضي هن ڪتاب جي.
    مٿئين بيت ۾ ڊاڪٽر صاحب ”اکر“ جي جاءِ تي ”الف“ لکيو آهي ۽ ”اڄهئو“ جي جاءِ تي ”اجهئو“ لکيو آهي. رسالي ۾ ڪافي نوان بيت به ڏنا ويا آهن، جن لاءِ ڪا وضاحت ڪانهي ته اهي ڪهڙي بياض تان کنيا ويا آهن. سر مارئيءَ جي ڏهين داستان ۾ ”زمر زخرف سومرا الخ...“ وارو سلسلو ڏنو ويو آهي، جنهن لاءِ گربخشاڻي اهو چئي اهي بيت رسالي مان خارج ڪيا هئا ته اهو ڌاريو ڪلام آهي ۽ سيد گدا شاهه جي دم پختيءَ جو نتيجو آهي. ڊاڪٽر صاحب سوانح ۾ سيد بقا محمد شاهه پاڳاري جي ملفوظات ۽ لطيف جي ساڻس ملاقات جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته لطيف پاڳاري کي ”زمر ز خرف سومرا، حمد جنين جو هنڌ“ وارو بيت ٻڌايو جنهن بقا محمد شاهه کي متاثر ڪيو ۽ اهو بيت سندس ملفوظات ۾ درج آهي. ”تون حبيب تون طبيب“ واري سلسلي کي ”حبيب تون طبيب تون“ ڪري لکيو ويو آهي.
    موکي متارا جي بيت ”وٽ وٽ وٽيءَ ۾ ، مٽ مٽ منڌ ٻئو“ کي ’وٽر وٽر وڌ وٽيءَ ۾‘ لکيو ويو آهي. ڀٽائيءَ جي رسالي جي اها ترميم ۽ ايڊيٽنگ ڏسي علامه آءِ آءِ قاضي ياد ٿو اچي جنهن شاهه جي شاعريءَ جي پرک جا چار معيار مقرر ڪيا هئا، جن ۾ هڪڙو اِهو ته ”جيڪڏهن اوهان ڪنهن به عظيم شاعر شاعريءَ جو ڪو لفظ هيٺ مٿي ڪندا، يا اصل لفظ جي جاءِ تي پنهنجو لفظ ڏيندا ته شعر جو رڌم ٽٽي ويندو، ان جو مقصد ۽ معنيٰ مٽجي ويندي. اعليٰ پائي جي شاعري اهڙي هٿچراند برداشت نٿي ڪري سگهي.“ هن رسالي کي پڙهندي ٻيو ماڻهو جيڪو گهڻو ياد پئي آيو اهو هو ڀيرومل مهر چند آڏواڻي، جنهن گربخشاڻيءَ جي رسالي تي تنقيد ڪندي لکيو هو ته ”هن شاهه جي بيتن جو قتل ڪيو آهي“ پر هن رسالي ۾ ته مورڳو لطيف جي فڪر، فهم ۽ فلسفي کي قتل ڪيو ويو آهي. ٻي ڳالهه جيڪا پڙهندڙ کي محسوس ٿيندي اها آهي ته لطيف کان وڌ رومي صاحب تي ڪم ڪيو ويو آهي. بهتر اهو ٿئي ها ته ”لطيف تي روميءَ جو اثر“ جي عنوان سان اها سڄي شرح ڏني وڃي ها ته سنڌي ادب ۾ هڪ ڪتاب جو اضافو ٿي پوي ها. ان ڳالهه تي ڪنهن کي به اعتراض ڪونهي ته لطيف مولانا جلال الدين روميءَ کان متاثر هو پر لطيف جو ڏانءُ، ڏات ۽ فهم نرالي رنگ جو آهي، هو پنهنجي ٻوليءَ وارن کي انهن جي ئي ڪردارن ۽ وٿن وسيلي ڳالهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. جهڙي طرح راڻي ۽ جکري جي حوالي سان ختم المرسل جي ڳالهه ذهن نشين ڪرائي اٿس، يا سڀ ۾ پنهون پاڻ ڪونهي ٻيو ٻروچ ريءَ، وغيره...
    هاڻي يورپ ۾ پڻ شيڪسپيئر خلاف اهڙيون ڪوششون ٿي رهيون آهن ته هن پاڻ کان اڳ وارن اديبن جي ٿيم ۽ ڪردارن کي کڻي ڊراما لکيا هئا. ميون شاهه عنايت رضوي جو رسالو مرتب ڪندي، ڊاڪٽر بلوچ صاحب، ميون صاحب ۽ لطيف جي شاعريءَ جو تقابلي جائزو پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر صاحب اها ڳالهه ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته لطيف ميون شاهه عنايت جي طرز ۽ طرح تي بيت چيا آهن جنهن ۾ لطيف جا جوهر ليکڪ جي ڪوشش تي پاڻي ڦيري ٿا ڇڏين. لطيف جيڪي قاضي قادن ۽ شاهه ڪريم جي بيتن جي طرز ۽ طرح تي بيت لکيا آهن، اهي سندس ڏات ۽ ڏانءَ جا شاهڪار آهن. ايئن لڳندو آهي ته ڄڻ لطيف پاڻ کان اڳ وارن شاعرن جي شاعريءَ کي ٻولي، مقصديت ۽ گهاڙيٽي جي حساب سان درست ڪيو آهي. هي ته سنڌي شاعريءَ جو سج آهي، جڏهن سج نڪرندو آهي ته سڀ تارا گم ٿي ويندا آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ هزارين نه پر لکين شاعر آهن، لطيف کان اڳ، لطيف جا همعصر، لطيف کانپوءِ، اڄ سوڌو شاعري ٿيندي پئي اچي، پر سنڌي ماڻهن کي رڳو لطيف ياد آهي، ٻئي ڪنهن جي سٽ ته ڇا پر نالي کان به واقف ڪونهن! گهڻا اديب لطيف جي ان خوبيءَ کان ڊنل آهن ۽ هنن کي فڪر آهي ته لطيف پراڻو ڇو نٿو ٿئي؟ بابلا! هي پراڻو ڪيئن ٿيندو، جنهن اوهان جا درد، محروميون، مسئلا ۽ حالتون اوهان کي آڇيون آهن، هن جا لفظ اوهان جي دل جو احوال ٿا اورين ته پوءِ هي پراڻو ڪيئن ٿيندو، هيءُ ته رهنديءَ دنيا تائين سنڌي ماڻهن جي رهنمائي ڪندو رهندو.
    هِتان کڻي هُت، جن رکيو سي رسيون،
    ساڄن سونهن، سُرت، وکان ئي ويجهو گهڻو.
    هن رسالي ۾ سر آسا جا ڇهه صفحا خالي آهن، جيڪي پيسٽ نه ٿيا آهن. 22، 23، 24، 27، 30، 31 ڏهر جي مشهور بيت جي وچين سٽ ڏنل ڪانهي، البت ان جي معنيٰ ڪئي وئي آهي.

    دلبو منجهه درياهه پکي پسي آئيا،
    هيٺ ڪرنگهر ڪاٺ جو، مٿي پکين پاهه،
    ويچارا ويساهه، آڻي اتي اڙيا.
    معنيٰ ۾ وري وچئين سٽ جي سمجهاڻي نه ڏني وئي آهي، وڏي ڳالهه اها ته هي رسالو ثقافت ۽ سياحت کاتي طرفان ڏهين جلد طور اڳ ئي ڇپيل هو. ٻيهر سنڌي ادبي بورڊ کان رڳو ڊاڪٽر سومري جي شرح ڪري ڇپايو ويو آهي، جنهن جي اجازت ثقافت کاتي کان ناهي ورتي وئي.
    ***


    شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه انسائيڪلو پيڊيا جو اڀياس

    شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه انسائيڪلو پيڊيا جو اڀياس


    هن انسائيڪلوپيڊيا کي جيئن هُئڻ کپندو هو هي ان معيار تي پورو لهي نه سگهيو آهي، ڇو ته هن ۾ بيجا ورجاءُ ۽ بيسود احوال درج ڪيا ويا آهن. ساڳين شخصيتن، ماڳن، وسندين، شهرن ۽ واقعن جو بار بار ذڪر ڪرڻ کانپوءِ به انهن متعلق جامع ۽ پوري معلومات نه ڏني وئي آهي. شاهه حبيب جي اولاد لاءِ به ڪيترائي مختلف ۽ اختلافي حوالا ڏنا ويا آهن، انهن جي راوين ۽ ڪتابن جي باري ۾ ڪا به ڄاڻ نه ڏني وئي آهي. شاهه حبيب جي ٻن شادين ۽ انهن مان ٿيل اولاد وارو مسئلو تحقيق طلب آهي، جنهن تي جامع طريقي سان تحقيق ڪري ڪي ٺوس نتيجا ڪڍڻ ۽ ڪنهن هڪ راءِ تي بيهڻ کپندو هو.
    هن انسائيڪلوپيڊيا کي اهڙيءَ طرح ترتيب ڏيڻ کپندو هو جيئن سموري معلومات مڪمل صورت ۾ هڪ جاءِ اچي وڃي ها، ڇو ته اڄ هرڪو ماڻهو آڱُرِ جي هڪ اشاري سان سڄي معلومات پڙهڻ ۽ جاچڻ گهري ٿو. ان ڳالهه کي نظر ۾ رکي هن انسائيڪلوپيڊيا کي به اهڙي طرح ٺاهڻ کپندو هو، جيئن پڙهندڙ پنن جي اٿل پٿل کان بچي پوي ها. هن وقت صورتحال اها آهي جو هي انسائيڪلوپيڊيا ڪنهن قانون جي ڪتاب مثل ٿي پيو آهي، جنهن ۾ لکيل هوندو آهي ته قانون فلاڻو، ان جو ڪلاز فلاڻو، سب ڪلاز فلاڻو، ان جو سب سيڪشن فلاڻو، ڏسو صفحو فلاڻو. هن ڪتاب ۾ به اها ڳالهه اڪثر جاين تي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جو بار بار لکيو ٿو وڃي ڏسو باب فلاڻو، عنوان فلاڻو، صفحو نمبر فلاڻو. هتي مثال طور جمال شاهه پهرئين گادي نشين ۽ مائي گلان جا مثال پيش ڪري سگهجن ٿا. جمال شاهه لاءِ ڪتاب اندر مختلف جاين تي پنج ڇهه دفعا ذڪر ڪيو ويو آهي، پر ڳالهه اهائي ساڳي: ڪا به اعتبار جوڳي ۽ تحقيق ٿيل معلومات ڪانهي جنهن کي مڪمل ۽ آخري چئي سگهجي. مائي گلان لاءِ به صرف ٽي روايتون ملن ٿيون: هڪ شاهه لطيف کان دعا گهرڻ، ٻيو نور محمد ڪلهوڙي وٽ پيش ٿيڻ وقت شريعت محمدي صه موجب نڪاح جو مطالبو ڪرڻ ۽ ان مان غلام شاهه ڪلهوڙي جو پيدا ٿيڻ ۽ ان کانپوءِ ماءُ جي چوڻ تي شاهه لطيف جو روضو ٺهرائڻ، پراڻا هالا لڳ خدا آباد ٻيهر جوڙائڻ جتي مائيءَ گلان هڪ ماڙي ٺهرائي هئي، جنهن تي چڙهي لطيف جي روضي جي نيل جي زيارت ڪندي هئي. خدا آباد”ثاني“ لاءِ ڪو احوال ڏيڻ بجاءِ لکيو ويو آهي ته اهي آثار اڄ ميسارجي ويا آهن. جڏهن ته انهن آثارن تي هڪ انگريز ماهر ۽ اشتياق انصاريءَ جي تحقيق ٿيل آهي. ماڙيءَ وارو دڙو اڃا موجود آهي، باقي شهر جي آثارن تي آبادي يعني پوک ڪئي ٿي وڃي. مائي گلان جي قبر محمد آباد لڳ موري ۾ آهي، جنهن جو نه ذڪر ڪيو ويو آهي نه وري ان جو فوٽو ڏنو ويو آهي.
    ميان عبدالقدوس جي ٻن پٽن شاهه حبيب ۽ عبدالرشيد جي ذڪر ۾ مختصر طور ٻڌايو ويو آهي ته عبدالرشيد کي پنج پٽ ٿيا جن جا نالا به ڏنا ويا آهن، انهن پنجن مان ٻن جا نالا عبدالقدوس آهن. هڪڙو پهرين جو ۽ ٻيو ٽئين نمبر جو پر اهو ناهي ڄاڻايو ويو ته پهريون عبدالقدوس ڪيتريءَ عمر ۾ ڪڏهن گذاري ويو جو وري ٽئين نمبر پٽ جو ساڳيو نالو رکيو ويو. عبدالرشيد جي اولاد جا پونئير ڪير آهن، ڪٿي انهن جي رهائش هئي، انهن جي خاندان مان هن وقت جيڪڏهن ڪي آهن ته اهي ڪٿي آباد آهن، اهو سڀ ڪجهه ڄاڻايل ناهي. شاهه حبيب جي اولاد لاءِ ڪٿي ٽي پٽ، ڪٿي چار پٽ ته وري ڪٿي پنج پٽ ۽ ٻه نياڻيون ڄاڻايل آهن. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکي ٿو ته عرس فقير ڏيري جي نياڻيءَ مان شاهه حبيب کي ٽي پٽ ٿيا، جن ٽنهين جا نالا عبداللطيف هئا، جن مان هڪ بچيو جيڪو شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه ٿيو. وري بلوچ صاحب ونگ ولاسي تان ڀيرو ۽ شاهه لطيف پاران حج ۽ ڪربلا معليٰ جي زيارت جي ارادي سان علي بندر واري واٽ سان وڃڻ جو ذڪر ڪري ٿو. ”هتي شاهه لطيف جا عزيز رهندا هئا“ جن مان جمال شاهه هن جي ڀائٽي جو پٽ هو، جنهن شاهه صاحب جي ڏاڍي خاطر تواضع ڪئي، جنهن تان راضي ٿي جمال شاهه کي لطيفي گاديءَ تي ويهڻ جي واڌائي ڏني. جمال شاهه جي احوال ۾ ڄاڻي واڻي گهٽي ڏيڻ ۽ لطيف جو کيس گڏ سمهارڻ جو ذڪر ناهي ڪيو ويو، جڏهن ته گاديءَ تي ويهارڻ لاءِ، چنگل گهوڙيءَ جي ان کي سڃاڻڻ واري سڄي روايت نقل ڪئي وئي آهي، پر اهي سڀ ڳالهيون هڪ جاءِ تي ڪٺيون ناهن ڏنيون ويون.
    مضمون جي ڊيگهه کان بچڻ لاءِ هتي صرف پنهنجي پاران صفحي وارين پروف جي غلطين، حوالن، روايتن ۽ ڀٽائيءَ سان منسوب واقعن جي گهٽ وڌاين، اڳ پوءِ ۽ کوٽ ڏانهن اشارو ڪندس.
    ڊاڪٽر فهميده حسين پاران لکيل ٻه اکر ۾ مرحوم ڊاڪٽر الهه رکيو ٻٽ جي جاءِ تي ”علي نواز ٻٽ“ لکيل آهي. مقدمي جي (11) ب ۾ امداد سرائيءَ کي سراڻي لکيو ويو آهي. ساڳي ئي پيراگراف ۾ ڊاڪٽر نواز علي شوق کي علي نواز جتوئي لکيو ويو آهي، صفحي نمبر xxxiiiتي به امداد سرائيءَ کي سراڻي لکيو ويو آهي. صفحو نمبر xxxii جي v جي آخر ۾ لکيل آهي ته ”تحقيق جي اصولن موجب ان ۾ سڌارا ۽ گهربل واڌار ڪندو ويندو.“ هتي ”واڌارا“ ٿيندو. صفحو نمبر 12 تي ڊاڪٽر بلوچ پاران لطيف جي ڄمڻ واري جاءِ شاهه حبيب جا ڪنڊا لڳ مقام سوئي ڪندر، جو حوالو پهريان ڊاڪٽر علامه دائود پوٽي ڏنو آهي، جنهن تان ڊاڪٽر بلوچ اتارو ڪيو آهي ۽ دائودپوٽي جو حوالو به نه ڏنو ويو آهي. هتي ديهه سوئي ڪندر جاگير جو نقشو به ڏيڻ کپندو هو، ڇو ته ڊاڪٽر بلوچ سروي نمبر 134 ڄاڻايو آهي، جيڪو دائودپوٽي صاحب نمبر234 لکيو آهي. ”چونڊ مضمون“ دائودپوٽو تان هن کي ڀيٽڻ کپندو هو.
    شاهه حبيب پاران ڪيل لڏپلاڻ جو خاڪو ڪجهه هيٺين طرح آهي: مٽياريءَ مان سخي هاشم شاهه جي چوڻ تي ڀينءَ پور ۾ آباد ٿيڻ، اتان بخاريءَ جي چوڻ تي هالا حويليءَ لڏي وڃڻ، اتان سئي ڪندر لڳ شاهه حبيب جا ڪنڊا وٽ حويلي اڏڻ ۽ عرس فقير ڏيري وٽان شادي ڪرڻ کانپوءِ، جڏهن ٽيون عبداللطيف جيڪو ڀٽائي سڏيو، ڏهن ٻارهن سالن جو ٿيو ته ڏيرن فقيرن جي عرض ڪرڻ تي، ڪوٽڙي مغل لڏي آيا، جتي ”جنهن جي چيچ سيد هٿ ۾ ، تنهن کي لهر نه لوڏو“ وارو واقعو پيش آيو. ڊاڪٽر بلوچ جي لکڻ موجب شاهه حبيب ٿورو پرڀرو گهر جوڙي ويٺو جتان لطيف ڀٽ تي لڏي آيو.
    صفحو نمبر17: لال لئي لڳ مرزا بيگ جي ۽ شاهه حبيب جي حويليءَ جا آثار ميسارجي ويا آهن، اتي زمين آباد ڪئي ٿي وڃي، ان آباد زمين ۾ هڪ دڙو اڃا موجود آهي، جيڪو مرزا جي حويلي ٿي سگهي ٿو. هن ماڳ تي جاڙا واٽر کان ڪچو رستو وڃي ٿو، ٻيو پڪو روڊ کنڊوءَ کان ڳوٺ جادم ٻگهيو وڃي ٿو، ٻنهي رستن سان هن ماڳ تي پهچي سگهجي ٿو، ڪتاب ۾ اڳتي هلي، کنڊو روڊ واري رستي ۽ جادم ٻگهيو ڳوٺ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. صفحو نمبر17 تي ان ڀٽ جو تفصيل سان ذڪر ناهي ڪيو ويو جتي ويٺي لطيف مٿان واري وري وئي هئي. ڪتاب ۾ اڳتي هلي ان ننڍڙي ڀٽ ۽ ڪنڊيءَ جو فوٽو ڏنو ويو آهي، جتي پيءُ پٽ وچ ۾ منظوم ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏنو ويندو آهي:
    ”لڳي لڳي واءُ، ويا انگڙا ڍڪجي“
    (حبيب)
    ”پيئي کڻي پساهه، پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي“
    (لطيف)
    هيءَ ڀٽ، ڀٽ شاهه کان ٽنڊي آدم ويندڙ روڊ تي ٻه ڪلوميٽر کن پنڌ تي روڊ جي اتر طرف واقع آهي. هن وقت اها ڪنڊي، ڌاڳن، تعويزن ۽ رنگين اڳڙين سان ڀريل آهي، جيڪي زيارتي ماڻهو ان ۾ ٻڌي ويندا آهن.
    صفحي نمبر19 تي ڪوٽڙي مغل ۾ رهائش دوران شاهه لطيف جو مرزا بيگ جي نياڻيءَ تي عاشق ٿيڻ جو ذڪر ناهي ڪيو ويو، جنهن سبب شاهه حبيب تي ڏکيو وقت آيو ۽ شاهه لطيف سيلاني ٿي، وطن جا وڻ ڇڏيا. صفحو نمبر 82 ”برهه مڻايس بر الخ...“ کانپوءِ جيڪا عبارت ڏني وئي آهي ان مان صاف ظاهر آهي ته شاهه لطيف کي مجازي عشق جي چوٽ لڳي. عبارت ڪجهه هن طرح آهي:
    ”اها برهه جي باهه هئي، جنهن شاهه لطيف کان ڳوٺ جا وڻ ڇڏايا. هن جي من ۾ محبت اهڙو ته مچ مچايو هو، جو هو ڏينهن جا ڏينهن بر پٽ بيابان جهاڳيندو رهيو.“ هن ئي عبارت جون آخري سٽون آهن:
    ”شاهه حبيب پنهنجي پٽ جي اهڙي پريشان حالت ڏسي کيس سڀاويڪ خيال ٿيو ۽ سندس خاطر لاءِ انهيءَ سڱ ڇڪڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪيائين، پر ڪو وقت سندس سعيا سجايا نه ٿيا، شاهه لطيف نااميديءَ وچان ديس ڇڏي پرديس جا ڏک ڏاکڙا سٺا.
    ساجن ڪارڻ سُڃ، مَرُ قبولي سسئي،
    اندر جنين اُڃَ، پاڻي اڃيو اُنِ کي.“
    مٿين عبارت ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي آهي، جنهن جو حوالو نه ڏنو ويو آهي. ڪتاب ۾ ڊاڪٽر بلوچ پاران ان سڄي قصي جي نفي ڪئي وئي آهي. ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو ته ”شادي عشق ٻئي نه پر پيءُ جي چوڻ ۽ شريعت جي پورائي لاءِ ڪئي هئائين. لطيف جهڙو پرهيزگار ۽ متقي اهڙي حرڪت نٿو ڪري سگهي، اها روش هن جي تعليم ۽ پرورش جي خلاف آهي.“ صفحو نمبر 82 تي کنڀاٽ کي اڪثر جاين تي ”گنباٽ“ لکيو ويو آهي. هن صفحي تي به ”ديهه گنباٽ“ لکيل آهي، جيڪا ”گنڀاٽ“ ٿيندي. صفحو نمبر 84 تي ”هنگلاج ويندي“ جي عنوان هيٺ جيڪو بيت ڏنو ويو آهي ”ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، ڪن وٽيا ڪن ڌار“ لکيل آهي جو ”ڪن وٽيا ڪن ڍار ٿيندو، ڌ، ڌوٻي نه پر ڍ ڍڳو ايندو. صفحي نمبر 13 تي شاهه لطيف جي سوانح واري احوال ۾ لکيل آهي: ”انهيءَ ڪري پوري وثوق چئي سگهجي ٿو.“ هتي ”پوري وثوق سان چئي سگهجي ٿو“ ٿيندو. صفحو نمبر15 تي لکيل آهي ”مٿيئن ڳالهه جي رد ۾ البت هڪ ثبوت ضرورت مليو آهي هتي ”ضرورت“ غلط آهي، اهو ٿيندو ”ضرور“. صفحي نمبر31 تي شاهه لطيف جو بلڙيءَ تان ڀيرو ۾ شاهه لطيف جي حجري جو ذڪر ناهي ڪيو ويو، جيڪو شاهه ڪريم جي روضي ٺهرائڻ واري دور ۾ ، پنهنجي رهائش لاءِ لطيف جوڙايو هو. ميان عبدالواسع سان اڻبڻت جو ذڪر به ناهي ڪيو ويو، ڇو ته ميان عبدالواسع ميان نور محمد ڪلهوڙي جي حمايت ۽ شاهه عنايت شهيد جي مخالفت ڪئي هئي. صفحو نمبر 31-32 تي لکيل آهي ته ”شاهه لطيف ۽ شاهه عنايت شهيد جي ملاقات جي ڪا جوڳي ثابتي ڪانهي،“ جڏهن ته دين محمد وفائي ۽ مير عبدالحسين سانگيءَ ان جو ذڪر ڪيو آهي ته شاهه لطيف (ٻاويهن) سالن جو هو ۽ شاهه عنايت (60) سٺ سالن جو هو، جو ٻنهين جي پاڻ ۾ ملاقات ٿي هئي. شاهه شهيد، لطيف کي ”پسي ڏونگر ڏاهه، جم هلڻ ۾ هيڻي وهين“ الخ، وارو بيت ٻڌايو، ان وقت تائين لطيف سسئي ڪا نه لکي هئي، ان کانپوءِ ئي سسئيءَ جا بيت چيائين. لطيف وري شاهه شهيد کي مارئي جا بيت ٻڌايا، ان وقت تائين شاهه شهيد مارئيءَ جا بيت نه چيا هئا، ان کانپوءِ ئي شهيد مارئي جا بيت چيا:
    صفحو نمبر39 جسوڌڻ جي ذڪر ۾ بيت ڏنو ويو آهي:
    ”ڍور نه اڳيئن ڍار، مهند ملاحن لنگهيو“
    موڙي ڇوڙيا مڪڙا، پسي پاڻِيءَ پار،
    جسوڌڻ جيها يار، پيئڙا وير وماس ۾ .“
    هتي ”لنگهيو“ جي جاءِ تي ”لَکيو“ يعني ڄاتو، سمجهيو ٿيندو ۽ ”ڇوڙيا“ جي جاءِ تي ”چڙهيا“ ٿيندو، ڇو ته پڳهه ڇوڙي پوءِ مڪڙي/مڪڙا يعني ٻيڙيءَ کي ڌڪو ڏبو آهي.
    صفحو نمبر38-39 تي ٻانهي خان شيخ جي رسالي مان بيت ڏنا ويا آهن:
    ”پٽيهل تو ۾ پُورُ، اڳيون ڪونهي آب جو“
    سڪين ڪهڙي سُورِ؟ واري پيئي پيٽ ۾ .“
    هتي ”پيئي“ جي جاءِ تي ”وريئي“ ٿيندو.
    ”ڪنڊا تون ڪيڏو؟ الخ... واري بيت جي آخري سٽ لکيل آهي:
    ”جسوڌڻ جيڏو، ڪو تو ڏٺو پهئڙو.“
    هن جي اصل پڙهڻي هيٺين طرح آهي.
    ”جسوڌڻ جيڏو، ڪِ تو گڏيو پهيئڙو.“
    صفحو نمبر43: شاهه لطيف جي بدين واري تڪئي جي احوال ۾ تڪئي ڀرسان کدڙن فقيرن جي مڙهيءَ جي نشاندهي ٿيل آهي. ٻه دفعا مڙهيءَ جي صورتخطي صحيح ڏني وئي آهي، ٽيون دفعو ان کي ”مڙي“ لکيو ويو آهي، جيڪا ”مڙهي“ ٿيندي.
    صفحي نمبر 49 تي لطف الله قادريءَ جي احوال ۾ سندس درگاهه يا مزار متعلق ناهي ٻڌايل ته اها اگهماڻيءَ جي ڪهڙي طرف آهي. هتي اهو واضح ناهي ته هي ماڳ اگهماڻي ڪوٽ آهي يا ڪو ٻيو ماڳ. ان ئي نالي سان روپا ماڙيءَ طرف به ماڳ آهي، باقي اگهماڻي ڪوٽ کان ولاسو گهڻو ڏکڻ ڏور آهي، البته هتان به درياهه جو پراڻو وهڪرو آهي يعني ”اگهماڻي ڪوٽ وٽان.“
    صفحي نمبر 54 تي سندڙيان سڱڙي الخ... واري وائيءَ جي آخري سٽ لکيل آهي ”آهي عبداللطيف چئي، هيءَ مُئا جيئارڻ جهڙي“ هن جي اصل پڙهڻي آهي:
    ”هيءَ مُئا جيئاريندڙي“
    صفحي نمبر 55 تي شاهه لطيف جا ونگي تان ڀيرا جي احوال ۾ لکيل آهي: ”ونگو ان وقت مشهور واپاري مرڪز شهر ۽ دريائي بندر هو“ هتي ”مرڪز“ جي جاءِ تي ”مرڪزي“ ٿيندو.
    صفحو نمبر59 تي ميين مرکئي جي احوال ۾ ڄاڻايل آهي ته ”شاهه لطيف هن جو ايترو خيال رکندو هو جو، هن پنهنجي والد شاهه حبيب جي روضي جو دروازو شاهه ڪريم ۽ لعل محمد لالاڻيءَ ۾ ميين مرکئي جي نسبت سان ڏکڻ طرف ڪيو هو.“ هتي واضح رهي ته شاهه ڪريم جي روضي جو دروازو ڏکڻ نه پر اڀرندي طرف آهي، جڏهن ته سندس والد لال محمد لالاڻيءَ مٿان ڇپر آيل آهي ۽ مٿن کان ڪرڙ جي وڻ هيٺان پاڻيءَ جي نادي رکيل آهي، جيڪا فوٽوءَ ۾ واضح آهي.
    صفحي نمبر61 تي ٿر واري ايرياضيءَ تان ڀيرا واري عنوان ۾ ڪاهوءَ جي دڙي جو ذڪر ڪيو ويو آهي، رڳو اهو ڄاڻايل آهي ته هن وقت تباهه ٿي رهيو آهي ۽ آبادي ڪئي ٿي وڃي. هن دڙي جي قدامت ۽ آرڪيالاجي نقطي نگاهه موجب ڄاڻ ڏيڻ کپندي هئي ته هي سنڌو سڀيتا جو قديم ماڳ آهي ۽ هن جو واسطو مهين جي دڙي سان آهي. هن جي کوٽائي ۽ دريافت متعلق تاريخي حقيقتون بيان ڪيون وڃن ها پر جيئن ته هي مواد معمور يوسفاڻيءَ جي ڪتاب ”لطيف جا ٿر تان ڀيرا“ تان کنيو ويو آهي، ان ڪري ان ڪتاب ۾ جيترو لکيل آهي هتي به اهو ڏنو ويو آهي.
    صفحي 61 تي عثمان ڪاڇيلو درس جي احوال ۾ بيت ڏنو ويو آهي:
    ڪُپيريان پري ٿيا، اَٻُڌي ٻُڌائون،
    انهي وٽ آءٌ هير ڏسي آيو.
    هن بيت جي اصل پڙهڻي هن طرح آهي:
    ڪُپيريان پري ٿيا، اٻڌي ٻڌائون،
    اني کي آئون، اجهو ڏسي آيو.
    اهڙو ئي هڪ ٻيو بيت آهي:
    ڪپيريان پري ٿيا، اٻڌي ٻڌائون،
    انين وٽ آئون، رهي آيس راتڙي.
    هي رامڪليءَ جا بيت آهن، هنن ٻنهي بيتن جي مٿان جيڪو پهريون بيت آهي، اهو ڪجهه هن طرح آهي:
    ڪپيريءَ ۾ پير، ڪنين پاتو پيرئين،
    جيئان منجھڻ ماڙهئين، تئان سڄڻ سير،
    ان ڀونءِ سندو ڀير، ڪوڙين مان ڪو لهي.
    صفحي 64 تي پڊاماڻي پنري جي حوالي سان هڪ بيت هيٺين طرح لکيل آهي:
    اڄ گهرجين يار، پڊاماڻي پنرا،
    ڪاڇي ٻيئي ٻار، اچي ويرن ويڙهيا.
    هن بيت جي اصل پڙهڻي هن طرح آهي:
    اڄ گهرجين يار، پڊاماڻي پُنرا،
    ڪاڇي ٻيئي پار، اچي ويرن ويڙهيا.
    صفحي 78 تي آهي ته ڪي بت وڏا ۽ انسان جي قد جيڏا هئا ته ڪي ننڍا فوٽ جي جيڏا هئا. هتي فوٽ ۽ جيڏا جي وچ تي آيل ”جي“ اضافي آهي جيڪا نه ايندي.
    صفحي 79 تي آهي ته پر ٻني ۽ ٻيلي وارا ٻيٽ گيرٿر ۽ کاهڙ به انهن ۾ شامل هئا. هتي ”گيرٿر“ نه پر ”کيريڙ“ ٿيندو. ذهن نشين هجڻ کپي ته صفحي 61 کان 81 تائين 20 صفحا معمور يوسفاڻيءَ جي ڪتاب ”لطيف جا ٿر تان ڀيرا“ تان کنيل آهن. صفحي 81 تي آهي ته ”لطيف ملتان کان واپسيءَ تي ساهي پٽڻ واسطي خدا آباد وٽ لنگر انداز ٿيو. هتي ميان نور محمد پاران معجون موڪلڻ واري روايت درج ناهي ڪئي وئي، جنهن ۾ زهر قاتل هو. لطيف ان دٻليءَ جو ڍڪڻ کولي، ان کي درياهه ۾ اڇليو ته ويجھو جيڪي مڇيون هيون، اهي مري پاڻيءَ جي سطح تي ترڻ لڳيون. پوءِ لطيف پاڻ سان گڏ فقراءَ کي حڪم ڪيو ته هاڻي اتان پاڻي پيئو، اوهان کي تپ ڪڏهن به نه ايندو. هن روايت مان ميان نور محمد جي لطيف سان دشمني ظاهر ٿئي ٿي.
    صفحي 97 تي لکيو ويو آهي ”شاهه لطيف ۽ شهباز قلندر لاءِ اهو مشهور آهي ته لاهوت لامڪان ۾ سندن بيٺڪون ۽ چلا آهن.“ هتي لاهوت لامڪان جي حقيقت بيان ڪرڻ کپندي هئي ته ”لاهوت کي پهريان قلندر شهباز ڳولي لڌو ۽ پنهنجي طريقت جي فقيرن لاءِ لاهوت ڪرڻ لازمي ٺهرايو. لطيف کاهوڙي ۽ سر رامڪليءَ ۾ هن واٽ ۽ ماڳ کي ڳائي ظاهر ڪيو، جنهن ڪري لطيف کي لاهوتي سڏيو ويندو آهي. فقيرن جو ايمان آهي ته لاهوتين فقيرن جو رجسٽر لطيف وٽ رکيل آهي“ جو چيائين ته ”نانگا تنهنجو نانءُ لکجي لاهوتين ۾ “ ڪامياب لاهوت يا قبول پيل لاهوت لاءِ هڪ جاءِ اشارو ڏنو اٿس:
    ”لڳو جن لاهوت، سي مڙهيان مور نه نڱيا.“ عام زيارتين ۽ زماني جي لاهوتين لاءِ لکيائين ته:
    پسي تنهن پهڻ کي، اچي نه آرام،
    هرا ڪر حرام، کامُ ته کاهوڙي ٿئين.
    يعني من مارڻ کانسواءِ لاهوت اجايو آهي، هونئن به قلندري طريقت يا فقيرن جي مت موجب لاهوت لامڪان هڪ روحاني منزل آهي. صفحي 100 تي هاهوت لاءِ لکيل آهي ته بڊي جبل جي چوٽيءَ تي غار آهي جنهن جو نالو 40 سالن کن اڳ گولي فقير نوحاڻيءَ رکيو. هن ئي احوال ۾ ماکيءَ جي پنڊپهڻ ٿيڻ ۽ جبل جي ٻن اوچين ديوارن وچ ۾ رستي جو ذڪر ڪيل آهي، جنهن کي بازار مصطفيٰ صه چئجي ٿو، اهو وضاحت سان ناهي لکيل. هتي ان آدم جي ٻنيءَ جو ذڪر به ٿيل آهي، جتي لاهوتي هر ڪاهي حضرت آدم عه جي سنت بجا آڻيندا آهن. گولي فقير کي مون به ڏٺو. هن وقت ان جا پٽ اُتي ڊيوٽي ڪن ٿا، هي ماڳ بگاشير جي درگاهه لڳ آهي. فقير جي روحاني منزلن ۾ هاهوت به هڪ منزل آهي، جنهن جو ذڪر قلندر نامي ۾ به آهي. ٻيون منزلون هي آهن: جبروت، ملڪوت، ناسوت، هاهوت ۽ لاهوت. هاڻوڪي هاهوت ۾ هڪ سُئي ناڪو آهي جنهن مان لاهوتي نانگ جيان سمهڙ گسڪي ور وڪڙ کائي ٻاهر نڪرندا آهن.
    صفحي 102تي ڏهين منزل بهلول ديواني جي مزار بابت لکيو ويو آهي ته هن لاءِ مشهور آهي ته ايران جو شهزادو هو، جنهن شاهاڻي زندگي ترڪ ڪري فقيراڻو رنگ اختيار ڪيو هو. هن جي قبر سان گڏ ٻي قبر مينهن جي آهي جنهن جو ذڪر ناهي ڪيو ويو. ٻيو ته هي ايران وارو بهلول ديوانو ناهي جيڪو مٽيءَ جا گهر ٺاهي جنت وڪڻندو هو، جنهن لاءِ مشهور آهي ته هارون رشيد جي زال کي نَوَ لکي هار عيوض جنت ڏني هئائين. ان جي مزار ايران ۾ آهي. هي بهلول نوحاڻي آهي، هن جو واسطو ميانوال تحريڪ سان هو، جنهن جو عبدالله مگسي پنهنجي مقالي ميانوال تحريڪ مهراڻ رسالي ۾ ذڪر ڪيو آهي. لاهوتي فقير بهلول نالي جي نسبت سان هن کي ايران وارو ديوانو سمجھندا آهن، جهڙي طرح محبت فقير لاءِ چوندا آهن ته قمبر ٻانهو آهي. محبت هن جي طريقت جو نالو آهي. هن ئي صفحي تي آري پير جو ذڪر ڪيو ويو آهي پر هن متعلق وڌيڪ معلومات درج ناهي ڪئي وئي. هيءُ ماڳ آنڌاري جبل جي ڀڪ ۾ آهي. هتي پاڻيءَ جو وڏو ڪنب آهي، جنهن ۾ واڳون آهن. آري پير جي روضي ۾ سندس مزار جي پيرانديءَ ۾ ٻاليءَ جي قبر آهي ۽ سندس کٻي پاسي اڀرندي طرف قبر جي لڳو لڳ واڳونءَ جي قبر آهي، جنهن جو نالو مور فقير ٻڌائين ٿا.
    صفحي 104 تي بيت آهي:
    ”نانگا نانيءَ هليا، هنگلاجان هلي،
    ديکي جن دوارڪا، مهيسن ملهي،
    آڳهه جن علي، آءٌ نه جيئندي ان ري.
    هتي ٻيءَ سٽ ۾ ”ديکي جن دوارڪا“ جي جاءِ تي ”تَنِ“ ٿيندو. هن کان اڳ ۾ هنگلاج جي سفر جو ذڪر ڪيو ويو آهي ته، هيءُ ماڳ ڪراچيءَ کان 300 ميل پري آهي، هتان ”آگو“ اڳواڻ يا سونهون کڻندا آهن. پر اهو ناهي ٻڌايو ويو ته ڪراچيءَ جي لياريءَ واري رام جي اوطاق تان سندس چاکڙين جي زيارت ڪري اتان ئي ”آگو“ کڻندا آهن. آگي جي نشاني اها آهي ته هو هڪ ڇڙهي کڻي قافلي جي اڳ ۾ هلندو آهي. هتي ڇڙهي ۽ رام جي چاکڙين جو ذڪر نه ڪيو ويو آهي.
    صفحو 105، ٻاٻيهي ڏونگر تان ڀيرو
    هتي هڪ جملو لکيل آهي”شاهه لطيف اهڙي ئي ماحول جو ماحول گهورو هو.“ هي جملو درست هيٺين طرح ٿيندو”شاهه لطيف اهڙي ئي ماحول جو گهورو هو.“ٻيو دفعو جيڪو ماحول لکيل آهي اهو اضافي ۽ غلط آهي.
    صفحي 106 تي بيت آهي:
    ”مڙهه پوريائون ماٺ ٿي، تڪين ناهه تنوار،
    آسڻ مٿان ان جي، نت ٽمايم نار،
    سامي سڀ ڄمار، ڏئي ڏک ڏور ٿيا.
    بيان ۾ چيل آهي ته هتي هڪ جوڳي رهندو هو، جنهن سان لطيف رهاڻ ڪندو هو، ٻئي دفعي جو لطيف آيو ته اتي جوڳي موجود ڪو نه هو، ان جي مڙهيءَ کي تاڪ ڏنل هو. هن نسبت سان هيٺيون بيت وڌيڪ ٺهڪي ايندو:
    ”تڪيا تاڪيائون، ويا رمندا رام ڏي،
    کجان خبر نه لهان، تن آديسين آئون،
    ڪنهن کُڻَ کنيائون، ڪيڏانهن ويا ڪاپڙي.
    صفحي 106 تي ٻيو بيت ڏنل آهي، جنهن جي آخري سٽ آهي:
    سرافنئون ڌار، ماڻڪ ملاحظو ٿئي.
    هن سٽ جي صحيح پڙهڻي ٿيندي.
    صرافنئون ڌار، ماڻڪ ملاحظو نه ٿئي.
    هتي ملاخطو کانپوءِ نه ايندي، ڇو ته صراف کانسواءِ موتيءَ جي سڃاڻپ نه ٿي سگهندي.
    صفحي 194 تي آهي:
    تن ملاحن جو ماڻ، سمي سِڙ ڪيو پنهنجي
    هتي ”سڙ“ غلط آهي، اهو ٿيندو ”سِرُ“.
    صفحي 194 تي آهي:
    ڪتي مٿي آيون، ڪري تند تيار،
    اُتل اوڏانهين ٿئي، جيڏانهن پرينءَ پار،
    ڪاپائتيءَ قرار، منجھان پورهئي آيو.
    هن بيت جي پهرين سٽ ۾ ”مٿي“ جي جاءِ تي”متي“ ٿيندو. ٻيءَ سٽ ۾ ”اُتَلَ“ جي جاءِ تي ”اُٽل“ ٿيندو ۽ ٽِين سٽ ۾ ”پورهئي“ جي جاءِ تي ”پوڻي“ ٿيندو.
    صفحي 194 تي آهي :
    ڌڪن هيٺ ڌيري، مان گڏيئي رُڪ سين.
    هتي ”گڏيئي“ جي جاءِ تي ”گڏينئي“ ٿيندو.
    صفحي 194 تي آهي:
    تو جا ڏٺي اَڇُ، تنهن پاڻيءَ پُنا ڏينهڙا.
    هيءَ سٽ هن طرح ٿيندي:
    تو جا ڀانئين اَڇَ، تنهن پاڻيءَ پُنا ڏينهڙا.
    ساڳي صفحي تي ٻيو بيت لکيل آهي:
    اک اُلٽي ڌار، ونءُ ابتو عام سين.
    هن جي صحيح پڙهڻي ٿيندي”اک الٽي ڌار، ونءُ الٽو عام سين“
    صفحي 135 تي عرس فقير ڏيري جي احوال ۾ لکيل آهي ”ڪنڌر“ فقير جيڪو ”ڪندر“ ٿيندو، ڪتاب ۾ هن فقير جو نالو ڪڏهن ”ق“ سان ته ڪڏهن ”ڪ“ سان لکيل آهي، اصل ۾ ان جي صورتخطي ”قندر“ صحيح آهي.
    صفحي نمبر 207 تي آهي: ”لاهوتي ٽين منزل تي پهتل جوڳي، ڪل منزلون آهن: ناسوت، ملڪوت، لاهوت ۽ هاهوت.“ اصل ۾ اهي پنج منزلون آهن، جبروت، ملڪوت، ناسوت، هاهوت ۽ لاهوت جنهن لاءِ قلندر جو قول آهي ”پنج ڪلمه، پنج مڪان، خبر نه دارد، فقيري لقمه روا نه دارد“ يعني جنهن کي پنجن ڪلمن ۽ پنجن مڪانن جي خبر ناهي ان کي فقيري لقمو روا ناهي يعني جائز ناهي.
    صفحي 207 تي بيت ڏنل آهي:
    ”ڪن ڪٽ ڪاپٽ، ڪاپڙي لانگوٽيا لال،
    لاهوتي لطيف چئي، موهيا ڪنهن نه مال،
    ههڙا وٺي حال، هلو ته تڪيا پسون تن جا.
    هن بيت جي آخري سٽ ۾ ”وٺي“ جي جاءِ تي ”جنين“ ٿيندو ۽ هلو کانپوءِ ”ته“ نه ايندو. سٽ ڪجهه هن طرح ٿيندي:
    ”ههڙا جنين حال، هلو تڪيا پسون تن جا.“
    صفحي 293 تي روحل فقير لاءِ اهو ڄاڻايل ناهي ته جھوڪ شريف ۾ شاهه عنايت جي گاديءَ تي ڪهڙو درويش هو جيڪو روحل فقير جو مرشد هو ۽ کيس وڃڻ جي اجازت ڏني. هن ئي صفحي تي عبدالمجيد سنڌيءَ جي حوالي سان لکيل آهي ته هي واقعو سرفراز ڪلهوڙي جي دور جو آهي پر ان واقعي جو ذڪر ناهي ڪيو ويو. وري لطيف جا متاخرين واري باب ۾ راڄو ليکي روحل فقير جو ماسات ڄاڻايو ويو آهي جيڪا ڳالهه تحقيق طلب آهي. منهنجي معلومات موجب راڄو ليکي ميان نصير محمد جو منشي هو، جنهن ڪري هن کي ليکي سڏيو ويندو هو. عبدالله مگسي هن کي هندو ڄاڻايو آهي، هن جي سماڌي ڪاڇي ۾ گاج بند جي اڀرندي طرف ڪيهر شاهه مست جي مزار کان ٽي فرلانگ اولهه طرف واقع آهي. روحل فقير جي احوال ۾ ٻه واقعا بيان ڪيا ويا آهن: هڪ مائٽ جي قيمتي شال مٿان وجھڻ وارو واقعو، ٻيو جڏهن راڄو ليکي بهرام خان کي نوڪريءَ مان ڪڍرايو ته فقير جي دل کٽي ٿي، پاڻ به توشاخاني جي ناظر واريءَ نوڪريءَ کان الڳ ٿيو.
    صفحي 300 تي مخدوم غلام محمد بگائيءَ جي احوال ۾ لکيل آهي ته ”محمود آباد لڳ مورو جي مسجد ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي روبرو کهڙن جي مخدومن جي قتل تي لکيل مرثيو پڙهائين. هتي”محمود آباد“ غلط آهي. اها آهي محمد آباد.
    صفحي 305 تي ميون محمد مبين ٿرائيءَ جي احوال ۾ لطيف جي هڪ سٽ ڏنل آهي:
    ردا آهي رضا جي، سا اوڇڻ آديسين.
    هن جي اصل پڙهڻي هن طرح آهي:
    ردا آهي راز جي، اوڇڻ آديسين
    صفحي 310 تي اعجاز شاهه جي احوال ۾ هن جي هڪ بيت جي ٻِي سٽ هيٺين طرح لکيل آهي:
    سيم ٻانگ برهه جي، قلٻئون ڪنن ساڻ.
    هتي ”سيمِ“ کي اعرابون ڏئي اچار صحيح ڪيو وڃي يا سُئَمِ لکيو وڃي.
    صفحي 312 تي اعجاز شاهه جي ڪانگل واري بيت جي ٻي سٽ آهي:
    ڪوٺيو چويم ڪن ۾ ، سُن خبر سندي خيرَ،
    هتي ”سن“ جي جاءِ تي ”سُڻُ“ ٿيندو.
    صفحي 342 تي شاهه جي بيت جي آخري سٽ ڏنل آهي:
    ساهڙ ريءَ صواب، آءٌ گهڻو ئي گهوريان.
    هتي” ثواب“ ٿيندو.
    صفحي 344 تي شاهه لطيف جو پاڻ سڃاڻڻ وارو فلسفو ”من عرف نفسہٗ، فقد عرف ربہٗ “ کي حديث لکيو ويو آهي، جڏهن ته هي حضرت علي ڪرم الله وجهه جو قول آهي.
    صفحو 345 تي خواجه محمد زمان لواريءَ واري جي والد جو نالو حاجي عبداللطيف لکيو ويو آهي، جڏهن ته ان کي عبداللطيف ڪلان ڪوٺيو ويندو هو.
    صفحي 346 تي خواجه احمد زمان ۽ لطيف جي ملاقات ۽ گفتگوءَ جو احوال شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي حوالي سان ڏنو ويو آهي، اها سڄي ڪهاڻي ان کان اڳ ڊاڪٽر گربجشاڻي لواريءَ جا لال ڪتاب ۾ ڏني آهي. هتي رڳو بيت جو حوالو گربخشاڻيءَ جو ڏنو ويو آهي. لواريءَ جا لال ۾ ڪني پاڻي ۽ سائي وڻ جو ذڪر پڻ ٿيل آهي.جنهن تي خواجه صاحب چيو ته” ان کي ڪنو پاڻي ڏنو وڃي“ اهڙي طرح لطيف خواجه صاحب کي لاجواب ڪري ڇڏيو. هن ملاقات جو ذڪر پرواني ڀٽيءَ به ڪيو آهي، اهو مقالو هن هڪ سال ڀٽائي تي ٿيندڙ ميلي جي ڪانفرنس ۾ پڙهيو هو. پروانو ڀٽي چوي ٿو ته” جڏهن ٻنپهرن جي مانيءَ جو وقت ٿيو ته ٻه ماڻهو آيا، جن لطيف ۽ خواجه صاحب جي وچ تي چادر جھلي پردو ڪيو، پوءِ خواجه صاحب لاءِ الڳ ۽ لطيف لاءِ الڳ ماني آئي. ان موقعي تي لطيف جو بيت پرواني ڀٽيءَ ڏنو آهي ته لطيف اهو بيت ان موقعي تي چيو:
    گندي ۽ گراهه، جنهن سناسيءَ سانڍيو،
    تنهين کان الله، اڃا اڳاهون ٿئو.
    صفحي 377 تي شيخ اياز جي احوال ۾ لکيل آهي ته ”شيخ اياز جي شاعريءَ تي سنڌيءَ جي جن سڄاڻ عالمن ۽ اديبن مضمون، مقالا ۽ ڪتاب لکيا، انهن ۾ محمد ابراهيم جويو، رسول بخش پليجو، غلام محمد گدا ۽ رشيد ڀٽي وغيره شامل آهن.“
    هتي ”غلام محمد گدا“ جي جاءِ تي ”مولانا غلام محمد گرامي“ ٿيندو.
    صفحي 390 تي صوفي صديق فقير سومري جي احوال ۾ سر راڻي جي بيت جي سٽ ڏني وئي آهي:
    راڻو ئي راڻو، راڻي ريءَ ڪين ناهه ٻئيو.
    هن سٽ جي اصل پڙهڻي هن طرح آهي:
    راڻو ئي راڻو، رِيءَ راڻي ٻئو ناهه ڪي.
    صفحي 400 تي غلام محمد شاهه گدا جي احوال ۾ لکيل آهي، ”گدا جي شادي پنهنجن ويجھن عزيزن منجھان هڪ نهايت خوبصورت، پاڪدامن، پارسي عورت سان ٿي هئي.“ هتي پارسي جي جاءِ تي ”پارسا“ ٿيندو. ساڳي ئي صفحي تي گدا شاهه جي شاعريءَ تي اياز قادريءَ جو تبصرو ڏنو ويو آهي: ”استعارن، تشبيهن ۽ صنعتن سان سنگار سونهن بخشيو آهي.“ هي جملو هيٺين طرح ٿيندو:
    ”صنعتن سان سينگاري سونهن بخشي آهي.“ ”سينگار“ جي جاءِ تي سينگاري ۽ ”بخشيو“ جي جاءِ ”بخشي“ ٿيندو.
    صفحي 434 تي صفحو 334 پيسٽ ٿي ويو آهي، جنهن ڪري نارائڻ شيام جو ذڪر هلندي حمل فقير جو ذڪر شروع ٿي ٿو وڃي. شيام جي ذڪر ۾ 434 صفحي وارو مواد ڏنل ئي ڪونهي.
    صفحي 437 تي نارائڻ شيام جي احوال ۾ آهي:
    ساهه کي ويا سور وٺي، ڄڻ چنڊ کي گرهڻ ڙي ڍوليا!
    هاءِ اسانجي جندڙي ٿي وئي پند پهڻ ڙي ڍوليا!
    هتي ”پنڊ پهڻ“ ٿيندو، دال کي هيٺان ٽٻڪو ڏئي ڊال ٺاهڻو پوندو.
    صفحي 438 تي نياز همايوني جي احوال ۾ لکيو ويو آهي ته ”هن آبڪلاڻي جي مند ۾ سنڌو درياهه ۾ چاڙهه، ان چاڙهه ۾ ڇولين جي ڇوهه ۽ ڪنن ڪڙڪن کي ڪني ٻڌو ۽ اکين ڏٺو هو. هتي ”ڪُنَين جي ڪڙڪن“ ٿيندو.
    صفحي 439 تي: ”ڪنن ڪي ڪڙڪن، ويرن جي لهرن جو به اثرائتي انداز ۾ بيان ڪيو آهي، هتي ”ڪنن ڪي ڪڙڪن“ بجاءِ ”ڪنن جي ڪڙڪن“ ٿيندو.
    اها آهي حالت هن ڪتاب جي، اڃا ته ڪافي شين تي نه لکيو آهي جو اڳ ئي مضمون ڊگهو ٿي ويو آهي. ارادو هئم ته هن کي تحقيقي مقالي جي صورت ۾ لکان، گهربل ڪتابن مان حوالا ڏئي مڪمل ڪريان.
    هن ڪتاب جي مقدمي ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا هڪ ڳالهه لکي آهي ته، شاهه لطيف چيئر ڪراچيءَ جي هر گڏجاڻيءَ ۾ آءٌ هن پراجيڪٽ تي ڳالهائيندو هوس پر ڊاڪٽر پيرزاده قاسم هميشه خاموش رهندو هو. نيٺ جڏهن مون ڇهون دفعو اها ڳالهه ورجائي ته ڊاڪٽر قاسم پيرزاده چيو ته الانا صاحب، آئون به ڀٽائي جو مداح آهيان ۽ کيس دنيا جو عظيم شاعر مڃيندو آهيان، اوهان جي ڳالهه تي آءٌ ڪن لاٽار ۽ خاموشي ان ڪري اختيار ڪندو هوس ته هيڏي وڏي پراجيڪٽ کي سنڀاليندو ڪير ۽ ان کي ان معيار موجب جوڙيندو ڪير؟ جيڪڏهن اوهان ذمو کڻو ته آئون هن پراجيڪٽ کي منظور ٿو ڪريان. هن وقت ڊاڪٽر قاسم پيرزاده جو اهو خدشو سو سيڪڙو سچ ثابت ٿيو ته ڪتاب جو پهريون جلد ئي ان معيار جو جڙي ناهي سگهيو، جيڏو لطيف وڏو شاعر آهي.
    ***


    ڀٽائيءَ جي جنم ڏينهن جون تقريبون

    ڀٽائيءَ جي جنم ڏينهن جون تقريبون


    سنڌ جي هن مها ڪويءَ جي جنم واري واقعي کي، ايڇ ٽي سورلي قدرتي حادثو ٿو سڏي. هو چوي ٿو ته اهڙا فنڪار پنهنجي وقت کان اڳ پيدا ٿيندا آهن ۽ رهندي دنيا تائين پنهنجا اڻ مٽ نشان ڇڏي ويندا آهن. سورلي لکي ٿو ته ”اهڙا شاعر ۽ فنڪار وقت جا محتاج نه ٿيندا آهن، البت هر دور ۾ نت نوان خيال ۽ امنگون آڇيندي ان سماج جو صحيح ڇيد پيش ڪندا آهن، هڪ لحاظ کان ان دور جي تاريخ رقم ڪندا آهن. جيڪي شاعر ان پائي جا نه هوندا آهن ته انهن جي شاعري ڪجھه وقت کانپوءِ ختم ٿي ويندي آهي، نه ماڻهن کي شاعر جو نالو ياد رهندو آهي، نه وري ڪا سرجيل سٽ ياد هوندي آهي.“ اِن حوالي سان هن هڪ عجيب ڳالھه ڪئي آهي، هي لکي ٿو ته ”پاڪستان جو قومي شاعر علامه اقبال کي سڏيو وڃي ٿو پر هتان جو نوجوان جڏهن شاھه لطيف جو مطالعو ڪندو ته اهو صاف صاف چئي ڏيندو ته اسانجو قومي شاعر لطيف آهي.“
    ان قسم جو هڪ مثال شيخ اياز (ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙيءَ ) ۾ پڻ ڏنو آهي. پشاور اسٽيشن تي لهي جڏهن شيخ اياز ٽانگي ۾ ويهي ٿو ته ٽانگي واري کان مختصر سوال ٿو ڪري: تون خوشحال خان خٽڪ کي سڃاڻين؟ ٽانگي وارو ناڪار جواب ڏئي ٿو. تڏهن شيخ اياز پنهنجي شاعر جي آفاقيت، مقبوليت ۽ عوام جي دلين تي راڄ ڪرڻ واري ادا تي گد گد ٿئي ٿو ۽ چئي ڏئي ٿو ته بيشڪ عوامي ۽ قومي شاعر اهڙا ئي ٿيندا آهن.
    لطيفي بارگاهه ۾ لطيف سائينءَ جي جنم ڏڻ ملهائڻ واري رسم ڪي پنج سال کن اڳ، اڳوڻي گادي نشين سائين غلام شبير شاھه ڀٽائي شروع ڪئي. هيءَ تقريب رجب مهيني جي چنڊ بيهڻ واري رات درگاھه تي چادر چاڙهي، قرآن خواني ۽ سماع سان شروع ڪئي ويندي آهي. مقالن ۽ تقريرن جي نشست کانپوءِ عام فنڪار راڳ جي محفل مچائيندا آهن. ياد رهي ته هن رسم کان اڳ لطيف فائونڊيشن جو بنياد رکيو ويو هو، ان طرفان ئي هي رسم ملهائجڻ ۾ آئي. هن سال سالگرهه تقريب چئن جڳهن تي ٿي: اربع يعني جمادي الآخر جي 30 تاريخ واري رات ڀينءَ پور ۾ سيد اقبال شاھه ڀٽائي ۽ ناٿو فقير وساڻ جي اڳواڻيءَ ۾ لطيف جي جنم واري جاءِ تي ملهائي وئي، جتي وائي، راڳ رنگ ۽ لنگر نياز ٿيو. چون ٿا ته هن جڳھه تي سالگرهه ملهائڻ جي رسم عاشق پنجابي ڀٽ شاھه تي سال اڳ اڍائي سير سِيري جا ٺاهي ملهائي هئي، جيڪا هاڻي، ديڳين ۽ سوين ماڻهن جي شرڪت سبب مشهور ٿي وئي آهي.
    ڀينءَ پور ڏانهن وڃڻ لاءِ ٻه رستا آهن: مٽياريءَ کان مسو ڀرڳڙيءَ واري بس ۾ ويهي وري مسو ڀرڳڙيءَ مان موسيٰ کٽياڻ واري بس ۾ سوار ٿي موسيٰ کٽياڻ لهبو. ٿوري ئي مفاصلي تي ڀينءَ پور جا آثار آهن، جتي ناٿو فقير وساڻ رياضت ڪندو آهي. ٻيو رستو ٽنڊي ڄام کان موسيٰ کٽياڻ ايندو آهي. خميس رات مرڪزي تقريب لطيف فائونڊيشن پاران ملهائي وئي. هيءَ مجلس سادگيءَ سان ۽ مختصر نموني ختم ٿي البت لنگر جون چاليھه کن ديڳيون ورهايون ويون. مون هڪ دوست کان ان مختصر ۽ پروگرام جلدي ختم ٿيڻ جي باري ۾ معلوم ڪيو. هن ٻڌايو ته شاھه ڪريم بلڙي واري جو سجاده نشين سيد اعجاز شاھه وفات ڪري ويو آهي، جنهن جو چاليهو به نه ٿيو آهي، ان سبب ڪري تقريب کي مختصر ڪيو ويو آهي. مٿان وري ماھه پهريون جمعو هو. سيد، فقير، مريد، عقيدتمند سڀ اچي گڏ ٿيا هئا. ان رات فقراءِ طرفان ڀٽ شاھه تي لطيف جي حُجري وٽ سالگرهه ملهائي وئي، جنهن ۾ سڀئي سيد، پير ۽ معتقد شامل ٿيا. ان ڏينهن ئي يعني خميس جي شام جو ڪلچر کاتي جا آفيسر، ڊائريڪٽر، ڊي جي ۽ سيڪريٽري اچي پهتا ۽ ثقافت کاتي پاران ڀٽ شاھه تي سالگرهه ملهائڻ جو پروگرام ٿيو، ريسٽ هائوس تي چراغان ڪيو ويو، ڪجھه دوستن کي ڪراچي حيدرآباد مان کنيون آيا، جن ۾ اديب ۽ صحافي شامل هئا. ڪجھه هتان جي ماڻهن کي ڪوٺ هئي، جن ۾ ڀٽائي پير نازڻ سائين، خداڏنو شاھه، ايشور لال ۽ ٻيا شامل هئا. جمن شاھه ڪلياڻ مان ۽ هڪ ڏهر مان وائي پڙهي دعا گھري. ان کانپوءِ تقريرون ٿيون، اهڙي طرح هي چوٿين ۽ آخري تقريب پڄاڻيءَ تي پهتي، جڏهن ته (حُجري ) واري محفل صبح تائي جاري رهي.
    ***


    آيو سو اَتور، جنهن ڏکيون ڏِک وهاريون

    آيو سو اَتور، جنهن ڏکيون ڏِک وهاريون
    (شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي 333 هين سالگرهه جي حوالي سان)


    درگاهه لطيفيءَ جي خانداني روايتن موجب حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جو جنم ڏينهن پهرين رجب المرجب تي ملهايو ٿو وڃي. هيءَ رسم اڳئين سجاده نشين قبلا سائين الهه بخش شاهه ڀٽائي عرف سيد غلام شبير سائينءَ جن قائم ڪئي. هن وقت هي ڏهاڙو سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ لطيف فائونڊيشن پاران ملهايو ويندو آهي پر ٻه وڏيون تقريبون درگاهه لطيف ڀٽ شاهه تي ۽ ٻي ڀينءَ پور واري ماڳ تي ملهائي ويندي آهي جتي شاهه حبيب جي حويلي هئي. هن وقت اتي مسجد تعمير ٿيل آهي. لطيف جي سوانح نگارن جي اڪثريت هن جاءِ کي لطيف جو ولادت گاهه قبول ڪري ٿي. پر حقيقت ڪجهه اور آهي، جيڪا تحقيق طلب پڻ آهي. سنڌ جي تاريخ نويسن ۽ لطيف جي سوانح نگارن ڪا تاريخ ڪا نه ڄاڻائي آهي. باقي سندس 63 ورهيه حياتيءَ کي بنياد بڻائي سال طئي ڪيو آهي. هن سلسلي ۾ بدر ابڙي جي تحقيق چئي ٿي ته لطيف جو جنم به چوڏهينءَ صفر تي ٿيو هو، جنهن تاريخ تي پاڻ وصال ڪيو هئائون. جڳهه جي باري ۾ هڪڙا، هالا حويلي، ٻيا ڀينءَ پور ته ٽيان وري ٻنهين جڳهن کي گڏائي پيش ڪري رهيا آهن. جڏهن ته تازي تحقيق موجب جنهن جو پهريون اشارو علامه دائود پوٽي ڪيو هو، جنهن کي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب درست قرار ڏيندي پنهنجي راءِ ۾ به شاهه حبيب جا ڪنڊا لڳ سوئي قندر قبرستان ٿو ڄاڻائي. ڊاڪٽر صاحب جي تازي ڇپايل ڪتاب ( لطيف جي سوانح، فڪر ۽ عرفان) ۾ مٿين ڳالهه تي زور ڏيندي ان ئي جاءِ کي ولادت جي جاءِ سڏيو اٿس. هي ڪتاب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ يادگار انسٽيٽيوٽ حيدرآباد تازو ڇپايو آهي. ان کان اڳ رسالي جا ڏهه جلد ترتيب ڏيڻ وقت بلوچ صاحب، علامه دائود پوٽي سان متفق آهي.
    سنڌ جي مها ڪوي/شاعر اهڙي دور ۽ حالتن ۾ جنم ورتو جو، ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي کي لکڻو پيو ته ”هن فنڪار جو جنم فطرت جو حادثو يا ڪرشمو هو.“ قدرت هن قديم ڌرتيءَ تي مهربان ٿي، هن کي اهڙو فنڪار، رهبر، اڳواڻ، فلاسافر ۽ قوم جي ٻيڙيءَ جو ناکئو ڏنو، جنهن ظلم، پستي ۽ تباهيءَ هيٺ آيل ڌرتيءَ تي اهڙا ته گل ٽيڙيا جن جي سڳنڌ ولايتون واسي ڇڏيون، ڌرتيءَ وارن جي دماغ کي معطر ڪري انهن مان خام خيالي، فتور، فتنو ۽ فساد ڪڍي، پيار، امن، ڀائيچارو، ايڪتا ۽ هيڪڙائيءَ جا فصل پوکيا. ظلم ۽ ڏاڍ هيٺ آيل، پيڙهيل طبقن کي مٿي آڻي انهن کي جيئڻ جو ڍنگ ڏنو. لطيف جي ڏات ۽ ڏانءُ سنڌي ماڻهن کي اهي اعليٰ ۽ ارفع گڻ آڇيا، جيڪي ورلي ڪنهن قوم وٽ هوندا آهن. اهي گڻ هڪ ماڻهوءَ کي ڪامل انسان بڻائڻ لاءِ ڪافي آهن. هن جي پيغام ۽ تعليم ۾ پاڻ سڃاڻڻ، ٻئي جو ڀلو گهرڻ، ڪنهن جي ڪم اچڻ، سو به خُلق ۽ نوڙت سان، شامل آهن. هن خلوص ۽ پيار سان خدمت ڪرڻ جو درس ڏنو هو.
    هن جي پيغام ۾ الله کانپوءِ انسان کي ئي مقدم ۽ اعليٰ ڄاڻايو ويو آهي، جنهن کي رنجائڻ، ان جو حق ڦٻائڻ، ان سان دغا ڪرڻ جهڙن عملن کي عيب ۽ گناهه ڄاڻايو ويو آهي. ايثار، قربانيءَ، سهپ ۽ درگذر کي وڏي وٿ سڏيو ويو آهي. عشق، وفا، مقصد سان سچائيءَ لاءِ هر تڪليف برداشت ڪرڻ کي انسان جي زندگيءَ جو مقصد بڻايو ويو آهي. هيءُ صاحب چوي ٿو ته جيڪي اٿئي سو هتي اٿئي، هتي ڪر ڪا ڪار ڪتڻ جي، ويسلو ويهي وقت نه وڃاءِ، ڪنهن جي ڪم اچ، معاشري ۽ سماج لاءِ ڪجهه ڪري وڃ. عورت، پورهيت ۽ ڪاسبيءَ کي هن خوب ڳايو آهي. سندن فن ۽ صلاحيتن کي ايڏو ته اڀاريو اٿس، جو انهن تي پيار اچيو وڃي، پڙهندڙن جي انهن سان همدردي ٿيو وڃي. اسان جي بناوٽي ۽ ڏيکاءَ واري معاشري جا بخيا اڊيڙي ڇڏيا اٿس. ڪوڙي مان ۽ آڪڙ کي ڪچ ڄاڻي، پڙهندڙن کي انهن کان پري رهڻ جي تلقين ٿو ڪري. چوي ٿو ته اهو پاڻ پڏائڻ وڏو روڳ آهي، ڪنو مرض آهي، ان کان ڀڄ. هي تنهنجي زندگي زهر بڻائي ڇڏيندو، تنهنجو جياپو بي معنيٰ رهجي ويندو، تون محروم ٿي مري ويندين، يعني بلڪل ائين جيئن پاڻيءَ جو ڦوٽو لهرن لڳي اڌ ٿي پوندو آهي. پنهنجي بقا لاءِ اهو ڪي ڪج جو تون هميشه لاءِ زندهه رهين. تنهنجو نانءُ روشن ٿئي. انهن سڀني ڳالهين کي سمجهائڻ خاطر ويهي ترتيب وار پنهنجي شاعريءَ جا سُر سرجيا اٿس سوچي سمجهي ويهي سنڌ کي قلمبند ڪيو اٿس، نه ڇڏيو اٿائين ڪو هڪ پاسو، پرديسي پکين کان وٺي ڪنڊن، ڪانڊيرن تائين، جبل سمونڊ، سنڌو، ڍنڍون، بر، ٿر، جهر جهنگ سڀ جا سڀ ڳايا اٿس. سنڌوءَ سان مخاطب ٿيندي چوي ٿو:
    سنڌو تون پوراڻ، جڳ گهڻا ئي سنڀرين....
    هڪ سٽ ۾ ڄڻ سنڌوءَ کي عمر ڏئي ڇڏي اٿس، جيڪا ڪيترن ئي جڳن کان وهندي ٿي رهي. الاهي ڪيترا وهڪرا مڙيل اٿس، ڪيئي حڪومتون ۽ بادشاهيون ڏٺيون اٿس، جنهن جي ڪناري تي ويد لکيا ويا هجن، موهين جي دڙي جهڙو شهر آباد هجي، ان جي عمر جو اندازو ڪرڻ ڪا معمولي ڳالهه ناهي. پنهنجي ڳالهه سمجهائڻ لاءِ ڪيئي ڪردار تخليق ڪيا اٿس. هن جيان ته ڪنهن کي ڳالهه ڪرڻ ئي نه ايندي، پاڻ جڏهن چوندو آهي ته ”اديون عبداللطيف چئي“ ته آئون جواب ۾ عرض ڪندو آهيان ”ڀلي چئي، سدا چئي، ٻيو ڪو ائين چئي ئي نٿو سگهي.“ پنهنجو تعلق يا واسطو ڏکويلن وسوڙيلن ۽ درد جي مارين سان جوڙيندي چيائين ته:
    ستي سيج هياس، مون کي آهه اٿاريو،
    جنين جاڳاياس، آئون نه جيئندي اُن ري.
    ننڊ جو ويري آهي. دنيا ۾ جيڪڏهن ڪا خراب ۽ بڇڙي شيءِ ڏسي ٿو ته اها ننڊ آهي. ”ننڊ م هيرج نيڻ“، ”ننڊان نڀاڳن کي، اولانڀا اچن“ ”نيڻين ننڊ اکوڙ...“ ننڊ بيشڪ غفلت ۽ ڪاهلي آهي. هن کي قرآن شريف ۾ موت جي ڀيڻ سڏيو ويو آهي، هي به ان جو مظهر آهي.
    ***


    ڀٽ شاهه جي خوبصورتيءَ وارو منصوبو

    ڀٽ شاهه جي خوبصورتيءَ وارو منصوبو


    هن مسئلي تي پهريان پهريان 1951ع ۾ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير عبدالستار پيرزادي ۽ سنڌ اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر ميران محمد شاهه توجهه ڏنو. سندن ڪوششن سان هاءِ وي کان ڀٽ شاهه تائين پڪو روڊ تعمير ٿيو. بجلي آئي، ننڍڙي ڳوٺ کي يونين ڪائونسل جو درجو مليو. انهن سڄڻن ئي لطيف جو عرس سرڪاري طور تي ملهائڻ جي رسم وڌي. پهرين ميلي تي ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جو بنياد وڌو ۽ ان جا مول متا پڻ هنن ئي مقرر ڪيا، ان سلسلي ۾ سائين جي ايم سيد هنن کي ڪارائتيون تجويزون ڏنيون. هي مرڪز پنهنجو ڪارج اڄ ڏينهن تائين ڏئي نه سگهيو آهي جنهن جو سبب سرڪاري مداخلت آهي. هن وقت ڀٽائي ريسٽ هائوس سرڪاري گيسٽ هائوس بڻجي ويو آهي، جيڪو ضلعي انتظاميا ۽ سرڪاري ميٽنگن کان وڌيڪ ڪو ڪم ڏيڻ ڪرڻ کان قاصر آهي. هي مرڪز لطيف تي تحقيق ڪرڻ لاءِ اديبن، محققن کي اتي سهولتون ڏئي تحقيق ڪرائڻ لاءِ قائم ڪيو ويو هو. هن ڪم ۾ ڪجهه واڌارو ايوب جي دور ۾ به ٿيو. ايوب ڪابينا جي وزير ذوالفقار علي ڀٽي جي ذاتي دلچسپي ۽ ۽ ثقافتي مرڪزي ڪميٽيءَ جي اپيلن تي فنڪار هاسٽل، ميوزيم، لائبريري ۽ آڊيٽوريم جون عمارتون جڙي راس ٿيون، جن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري رسم ۽ افتتاح شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هٿان ٿيل آهي. هن جي ڪوشش سان ئي ايوب خان ثقافتي مرڪز ڪميٽيءَ کي پنهنجي اشاعتي مقصدن لاءِ ڪجهه رقم جاري ڪئي.
    ڀٽ شاهه ۽ درگاهه کي خوبصورت بڻائڻ وارو منصوبو، ڀٽي صاحب عوامي حڪومت جي دور 1974ع ۾ شروع ڪيو ۽ ان منصوبي جو افتتاح ڪيو هو، پر هاڻي اهو افتتاح وارو پٿر گم آهي. هن منصوبي هيٺ اتي ڪوارٽرن جي هڪ ڪالوني تعمير ڪرائي وئي ته جيئن درگاهه جي چوگرد رهائشي علائقي کي خالي ڪري، انهن ماڻهن کي ڪالونيءَ ۾ آباد ڪيو وڃي. درگاهه جي چئني طرفن کان پارڪ رکڻ ۽ ڪشادا روڊ تعمير ڪرائڻ جو پروگرام بڻايو ويو هو. شهيد ڀُٽي جو ارادو هو ته جيئن ئي ڪو ماڻهو هاءِ وي کان لهي ڀٽ شاهه ڏانهن اچي ته ان کي روضو چٽيءَ طرح نظر اچي. هن جي ان اسڪيم کي جنرل ضياءَ 1986ع ۾ ناڪام ڪري ٺهيل ڪالونيءَ کي هنرمند ڪالوني ٺاهي اتي مختلف هنرمندن کي آباد ڪيو، جن ۾ اجرڪ، ڪاشي، جنڊي ۽ ڪپڙي اُڻڻ وارن ڪورين کي، اهي ڪوارٽر مالڪاڻن حقن تي الاٽ ڪيا ويا. هن منصوبي کي ناڪام ڪرڻ ۾ ڪجهه بااثرن جو به هٿ آهي، جن جا گهر روضي جي لڳو لڳ آهن ۽ هي اٿڻ لاءِ تيار ناهن، جيڪڏهن هي صاحب اها جاءِ خالي ڪن ته بيشڪ لطيف جي مزار مولانا روميءَ رحه جي روضي جيان ڏيک ڏيڻ لڳندي. روضي جي ڏکڻ ۾ لاڙڪ فقير، تنبورا چوڪ ۽ مارڪيٽ اچي وڃن ٿا. اولهه ۾ ڀٽائي پير، خاصخيلي ۽ مهاجر پاڙو آهي. 91-1990 ع ۾ ٽائون ڪميٽيءَ بس اڏي کي الله واري چوڪ تي ٺهرايو هو، جيڪو اڃا تائين سڃو پيو آهي. تنبوري چوڪ تي ايڏي رش ٿي ٿئي جو پيادل گهمندڙن ۽ ايندڙ زيارتين کي ڏکيائي جو منهن ڏسڻو ٿو پوي. هنن سڀني مسئلن پويان، بااثرن جو اثر رسوخ ڪارفرما آهي، جنهن ڪري سرڪار جا ڪيترائي منصوبا بيڪار بڻجي وڃن ٿا.
    شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي پهرين حڪومت ۾ روضي جي اتر طرف رهائشي ڳتيل آبادي هئي، اتان جي رهواسين کي اڍائي ڪروڙ رپيا گهرن ۽ پلاٽن جو معاوضو ڏئي، جڳهه خالي ڪرائي، اتي 12 مسافر خانا ٺهرايا ويا هئا. هاڻي انهن تي به قبضا ٿي رهيا آهن. اوقاف کاتي جي ملي ڀڳت سان انهن مسافر خانن ۾ هوٽل ۽ دڪان قائم ٿي رهيا آهن. ڪيترن مسافر خانن تي قبضا ڪيا ويا آهن، جنهن ڪري زيارت لاءِ ايندڙن کي کلئي آسمان هيٺ صحن تي رهڻو پوي ٿو. هنن مسافر خانن جي اڏاوت پڻ اڻپوري ڪئي وئي آهي، هت نه گڏيل بورچي خانو آهي، نه وري پيئڻ جي پاڻيءَ جي سهولت آهي. مسافرخانن ۾ پکا لڳل ناهن، نه وري اتي ڪي وڇاڻا ئي آهن، هن اسيڪم کي ايوان لطيف جو نالو ڏنو ويو هو. شهيد محترمه جي آخري حڪومتي دور ۾ 15 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان، ڀٽ شاهه خوبصورتي منصوبو جوڙيو ويو، جنهن جي نگرانيءَ سنڌ حڪومت جي رٿابندي ۽ ترقيات کاتي حوالي ڪئي وئي هئي، اِن ڪم جي شروعات ڪندي ڪراڙ ڍنڍ جي بحالي ۽ خوبصورتي تي ڪم شروع ڪيو ويو.
    واضح رهي ته ڪراڙ ڍنڍ جا ٽي حصا پوريا ويا آهن، باقي ڪجهه ايڪڙن تي کڏ وڃي بچائي وئي آهي. شهيد ڀٽي جي دور ۾ تنبورا چوڪ کان آڊيٽوريم تائين ڪراڙ جي مٿان پل تجويز ڪيل هئي، پر ڪراڙ جي ڪپر تي موجود هوٽلن کي هٽائي ڍنڍ جو اوڀاريون حصو پوري اتي متاثرن کي پلاٽ ڏنا ويا ۽ ٽيڪسي اسٽينڊ بڻايو ويو. هن منصوبي هيٺ هاءِ ويز چار ڪلوميٽر ۽ ڀٽ شاهه لنڪ روڊ تي وڻڪاري ڪئي وئي، ايڪسيلينس سينٽر وٽ نرسري قائم ڪئي وئي آهي. شهر جي بنيادي سهولتن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي لائين وڇائي وئي، جڏهن ته گندي پاڻيءَ جي نيڪال تي اڃا تائين ڪم ناهي ٿيو. تعليم جي سلسلي ۾ بهتر ڪم ٿيو، پرائمري ۽ هائير گرلس ۽ بوائز اسڪولن ۽ ڪاليجن جون عمارتون جوڙايون ويون آهن، باقي اڏاوتي ڪم اڃا رهيل آهي. شهيد محترمه رهائشي اسڪيم تي اڃا ڪم شروع ناهي ٿيو، البت ان لاءِ زمين هٿ ڪئي وئي آهي. هن شهر جي ڪچين آبادين ۾ ڪو به ترقياتي ڪم نه ڪرايو ويو آهي. انهن جا روڊ ۽ گهٽيون ڪچيون آهن، بارش جي موسم ۾ اتي پاڻيءَ جا تلاءَ ٺهي ٿا وڃن، جڏهن ته گندي پاڻي ۽ ڪچري جي ڍيرن ۾ پڻ اضافو ٿي رهيو آهي، جنهن ڪري اهي علائقا گندگيءَ سبب مڇرن ۽ بيمارين جي لپيٽ ۾ آهن. هتان جي بيسڪ هيلٿ سينٽر کي اڃا اپ گريڊ ناهي ڪيو ويو. هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته گندي پاڻيءَ جي نيڪال ۽ شهر جي صفائيءَ تي ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪيو وڃي ته جيئن شهر حقيقي منعيٰ ۾ خوبصورت ڏسڻ ۾ اچي. بس اسٽينڊ کي شهر کان ٻاهر منتقل ڪري، سواريءَ واري رش تي ڪنٽرول ڪيو وڃي، تنبورا چوڪ کان اندر ڪنهن به گاڏيءَ کي داخل ٿيڻ نه ڏنو وڃي.
    هن وقت اها صورتحال آهي جو الله واري چوڪ کان تنبورا چوڪ تائين روڊ جي ٻنهي پاسن کان پارڪنگ سبب اچڻ وڃڻ وارن، خاص ڪري پنڌ ايندڙ ويندڙ ماڻهن کي ڏکيائي جو منهن ڏسڻو پوي ٿو. 1990ع ۾ ٽائون ڪميٽيءَ بس اسٽينڊ ٺهرايو هو، جيڪو اڃا تائين سڃو پيو آهي. ايف ايم ريڊيو کي پنهنجي بلڊنگ ڏئي ان جي ڪيپيسٽي وڌائي وڃي. درگاهه تي وائيءَ واري سماع کي ريڊيو ۽ ٽي ويءَ تان نشر ڪرڻ لاءِ ٽائيم مقرر ڪيو وڃي. هيلي پيڊ، ڀٽ شاهه کان درگاهه تائين وي آءِ پي روڊ واري منصوبي تي عمل ڪري ان کي مڪمل ڪيو وڃي. درگاهه جي اوسي پاسي ڳتيل رهائشي آباديءَ کي معاوضا ڏئي ٻيءَ جاءِ تي منتقل ڪيو وڃي، ائين ڪرڻ سان درگاهه جي خوبصورتي ممڪن ٿي سگهندي ۽ اسان جي شاعر جي درگاهه به مولانا روميءَ جي درگاهه جيان ڏيک ڏيڻ لڳندي. ان سلسلي ۾ رٿابندي ۽ ترقيات کاتي جي مدد سان اهي فائيل ڪڍي سگهجن ٿا، جيڪي شهيد ڀٽو جي پهرين عوامي حڪومت ۾ تيار ڪيا ويا هئا. شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي هن منصوبي جو افتتاح 1974 ع ۾ ڪيو هو، افسوس جو ڪجهه فسادين اهو پٿر به ڀڃي اتان هٽائي ڇڏيو آهي. هن منصوبي تحت روينيو ڪيمپ آفيس کان هاءِ اسڪول طرف ويندڙ روڊ جي کٻي پاسي ايگريڪلچر زون قائم ڪرڻو هو، جتي زرعي ٻج، ڀاڻ دوائون ۽ مشينري جا دڪان ۽ ورڪشاپ قائم ڪرڻا هئا ته جيئن هن علائقي جا آبادگار، هاري ان مان فائدو وٺي پنهنجي اپت وڌائي سگهن ۽ پنهنجي ضرورتن جو پورائو ڪري سگهن. ***


    ڪراڙ ڍنڍ، ڀٽ شاهه بيوٽيفڪيشن پلان، تعارف ۽ تجويزون

    ڪراڙ ڍنڍ، ڀٽ شاهه بيوٽيفڪيشن پلان، تعارف ۽ تجويزون


    ان وقت ڀٽ شاهه ننڍڙو ڳوٺ هو، جڏهن 1951ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر سيد ميران محمد شاهه ۽ اڳوڻي وڏي وزير عبدالستار پيرزادي ڪلچرل سينٽر جو بنياد رکيو، هنن جي ڪوششن سان سرڪاري طور پهريون ڀيرو لطيف جو ميلو”ساليانو عرس“ ڪري ملهايو ويو، جنهن لاءِ سنڌ سرڪار هنن کي 10 هزار رپيا بجيٽ ڏني. شاميانا هڻي، فانوس ۽ جنريٽر هلائي هنن ميلي جون تقريبون سرانجام ڏنيون. ادبي ڪانفرنس جو رواج وڌو ۽ ان ۾ پڙهيل مقالا ايندڙ سال ڇپرائڻ جو پروگرام جوڙيو،”يادگار لطيف“ جا ڪتابچا ان جا گواهه آهن.
    هن ئي پهرين ميلي ۾ هنن نيشنل هاءِ وي کان درگاهه تائين روڊ جو مطالبو ڪيو، ڀٽ شاهه ڪلچر ڪميٽي معرفت ڪلچرل سينٽر ڀٽ شاهه جي تجويز پيش ڪئي. روڊ 1953ع ۾ ٺهي راس ٿيو، ان وقت ڀٽ شاهه يونين ڪائونسل به نه هو، هن وقت ٽائون ڪاميٽي آهي. ڪلچر سينٽر جي بنياد رکندڙن جو مقصد واضح هو ته درگاهه ۽ ڳوٺ کي جوڳي ترقي ڏياري پوءِ هتي ادارا قائم ڪجن ته جيئن انهن جي هلائڻ ۽ ڪامياب ٿيڻ کي يقيني بڻائي سگهجي. هن درگاهه ۽ هن هستيءَ سان سنڌي ماڻهن جو روحاني رشتو آهي، اهي هن کي اهڙي ئي شان شوڪت سان ڏسڻ گهرن ٿا، ان ڪري هر دور حڪومت ۾ هن طرف ٿوري گهڻي توجهه رهي آهي ڪجهه اعلانن جي شڪل ۾ ته ڪجهه عمل جي شڪل ۾ . حڪومت لاءِ مجبوري اها آهي ته هماليه جيڏو قد رکندڙ شاعر جو ميلو ٻارهين مهيني اچي ٿو جنهن ۾ عوام ڀرپور شرڪت ڪري ٿو، ان مجبوري سبب جنرل ضياءُ کي به اچڻو پيو.
    هن پلان کي ڪيئن هجڻ گهرجي، هن ڳوٺ ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون سهولتون هجن، هتي جا ثقافتي ادارا ڪهڙي قسم جو ڪم ڪندا، عوام ۽ خاص ڪري ادب لاءِ ڪهڙا منصوبا هوندا؟ انهن معاملن تي وقت به وقت بحث ٿيندو رهيو آهي. اسين هتي صرف ان شروعاتي بحث جي نتيجي ۾ ورتل ڪوششن ۽ تجويزن تي نظر وجهنداسين ته انهن تي ڪهڙي طرح ۽ ڪيترو ڪم ٿيو آهي ۽ وڌيڪ ڇا ڪرڻ جي ضرورت آهي.
    هن سلسلي ۾ سائين جي ايم سيد جي صلاحن کي به نه وسارڻ کپي، جيڪي هن 1952ع واري ميلي ۾ لکت ۾ پيش ڪيون هيون ته ڀٽ شاهه ڪلچرل سينٽر کي ڪيئن هجڻ گهرجي، پنهنجي ان پيپر جي شروعات ۾ چيو هئائين ته ”آئون حزب اختلاف ۾ هوندي، حزب اقتدار جي فنڪشن ۾ آيو آهيان، جنهن جو مقصد صرف لطيف تي بهتر ڪم ڪرڻ جو نيڪ ارادو آهي، ان ڪري ئي هن پروگرام ۾ شامل ٿيو آهيان.“ اهڙي طرح شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ايوب جي منسٽريءَ کان وٺي هن درگاهه تي ايندو رهيو ۽ سرڪار کان وقت به وقت فنڊ به منظور ڪرائيندو رهيو. ميوزيم ۽ آڊيٽوريم وارين عمارتن جو افتتاح ڀٽي صاحب جو ٿيل آهي. 1976 ع ۾ عوامي حڪومت جي دور ۾ ڀٽ شاهه ڪلچر ڊولپمينٽ ڪامپليڪس جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو هو، جيڪو هن وقت ڀڄي ڀري ويو آهي. ان پروجيڪٽ جي فائيلن ۾ هن کي جديد قسم جو مثالي شهر بڻائڻ جون تجويزون شامل هيون، هن مقصد لاءِ جيڪا زمين خريد ڪئي وئي هئي، ان تي قبضو ٿي چڪو آهي. هن منصوبي ۾ ايگريڪلچر لاءِ الڳ ڪامپليڪس جي تجويز هئي جنهن ۾ سبزي ۽ اناج منڊيءَ کانسواءِ دوائون، ڀاڻ ۽ اوزار وغيره، ايگريڪلچر مشينري لاءِ ورڪشاپ وغيره تجويز ڪيل هئا. ملاکڙي کان الله واري چوڪ تائين روڊ جي اولهه طرف پيل پلاٽ اوقاف کاتي پاران مسافر خانن لاءِ وقف ڪيا ويا هئا، جنهن جي پيڙهه جو پٿر اسلم سنجراڻي رکيو هو جيڪو ان وقت اوقاف کاتي جو چيف هو، اهي اڄ سوڌو جڙي راس ناهن ٿيا.
    ڪراڙ ڍنڍ کي ٽي ڀيرا پوريو ويو آهي، جنهن ڪري هن جي ڊيگهه ۽ ايراضي متاثر ٿي آهي، اها هن وقت ڪني پاڻيءَ جي کڏ جو ڏيک ڏئي رهي آهي. ڪراڙ ڍنڍ سان شاهه لطيف جون تاريخي يادون وابسته آهن. هڪ جاءِ تي انور صاحب لکيو هو ته هن ڍنڍ جو پاڻي ماڻهن لاءِ شفا آهي، ماڻهو تبرڪ طور هي پاڻي گهر کڻي ٿا وڃن پر هتي منتظم هن کي گندو ڪندا ٿا رهن. مالي سال 1991 ع ۾ ڪراڙ کي ڀرڻ، ڪلچرل سينٽر جي باغيچن ۽ اسٽيڊيم جي ڇٻر کي پاڻي ڏيڻ لاءِ ٽيوب ويل نصب ڪئي وئي، جيڪا اسپورٽس بورڊ جي بجيٽ مان لڳائي وئي. جيترو وقت ٽيوب ويل ڊائريڪٽ هئي ته رات ڏينهن هلندي هئي ۽ ڪراڙ ڀريل هوندي هئي، جڏهن ميٽر لڳو ته لاگ بڪ رکيو ويو. پارڪ، زرعي زمين ۽ کڏ جا الڳ الڳ ڪلاڪ کنيا ويندا هئا، نيٺ اسپورٽس بورڊ هن ٽيوب ويل مان هٿ ڪڍي ملاکڙي گرائونڊ ۾ ٻه ننڍيون مشينون هڻايون ۽ ٽيوب ويل جو ملازم به اوڏانهن شفٽ ڪري ڇڏيو. هن وقت ٽيوب ويل ناڪارا بڻيل آهي. ڪراڙ ڍنڍ جو ايريگيشن وارن جي واهه تي باقاعده پاڻي منظور ٿيل آهي جيڪو علائقي جا آبادگار استعمال ڪري رهيا آهن.
    هن سلسلي ۾ ورلڊ سنڌي انسٽيٽيوٽ آمريڪا جي سنڌي نوجوانن ڪراڙ ڍنڍ جي خوبصورتيءَ لاءِ ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي هئي ۽ پنهنجي وسيلن سان ڪجهه فنڊ به گڏ ڪيو هو. انور پيرزادي معرفت هنن پنهنجي خواهش سنڌ حڪومت تائين پهچائي هئي، ليڪن هن تنظيم جو سيڪريٽري جنرل هندستان جو هڪ انجنيئر لکومل لوهاڻو آهي، جنهن جي نالي کان گهٻرائجي سنڌ حڪومت هنن کي خدمت جو موقعو نه ڏنو. ڪرڻ ته ائين کپندو هو ته هنن سان اهو شرط رکجي ها ته اهو ڪم ڊبليو ايس آءِ ڪنهن لوڪل تنظيم جي معرفت ڪندو ۽ منصوبي جي نگراني سنڌ سرڪار ڪندي. ڪراڙ ڍنڍ کي بهتر ڪرڻ واسطي ڪيترائي تجربا ڪيا ويا: اها ڪڏهن ڪلچر، ڪڏهن ٻيلي کاتي، ڪڏهن ٽائون ڪميٽي جي انتظام ۾ ڏني وئي پر اڄ تائين بهتر ٿيڻ بدران سوڙهي ٿي پنهنجي قدرتي سونهن وڃائي ويٺي آهي، هن جي ڊيگهه پراڻي نقشي ۾ شاهه جي باغ کان ريل جي بند تائين هئي، هن جي کاٻي ڪپ تي يعقوب شهيد واري ڀٽ ۽ ساڄي پاسي شاهه لطيف واري وڏي ڀٽ آهي. هي ڍنڍ سهڻيءَ واري درياهه جو ڇڏيل نشان آهي، هن جو هڪڙو ٽڪرو بائوديرو ۽ سيکاٽ وٽان ڪلياڻ جي نالي سان مشهور آهي، جيڪو بند جي اندرئين پاسي آهي، هن ۾ اڃا تائين درياهه جو پاڻي اچي ٿو.
    ڪلچر سينٽر طرفان هتي آڊيٽوريم، فنڪار هاسٽل، ميوزم، لائبريري، شاهه جو باغ، ڪجهه ٻيا پارڪ، 3 بنگلا ۽ 16 فليٽ آهن. راڳ جو اسڪول به هنن جي ذمي آهي، جيڪو منظور ٿيڻ کان اڄ تائين قائم نه ٿي سگهيو آهي. موٽيل ايس ٽي ڊي سي، ملهه هاسٽل ۽ ملاکڙا گرائونڊ اسپورٽس بورڊ وارن جي حوالي آهن، جڏهن ته ڪراڙ وري اوقاف کاتو سنڀاليندو آهي. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن طرفان جيڪا بجيٽ اعلان ڪئي ٿي وڃي، اها مٿي ذڪر ڪيل کاتن جي مد ۾ خرچ ڪئي پئي وڃي، ان مان لاڀ اپت وغيره به ان کاتي کي ٿئي ٿي پوءِ به هو ان ٺاهيل شيءِ کي سنڀالي نٿا سگهن. شهيد بينظير صاحبه جي ٻن حڪومتن دوران ڪروڙين رپيا خرچ ڪيا ويا. ڪراڙ ڍنڍ، درگاهه، باٿ روم وغيره جو ڪم ٿيو، ان سڄي بجيٽ جو اڌ معاوضن جي شڪل ۾ ڏئي ايوان لطيف وارا 12 مسافرخانا ٺهرايا ويا ۽ حويليءَ جي مرمت ڪرائي باقي صحن کي سنگ مرمر جو فرش هڻايو. هي مسافرخانا اڃا اڻپورا آهن ۽ انهن کي ڪرائي ته ڏئي انهن ۾ دڪان ۽ هوٽل کولرايا پيا وڃن، جڏهن ته هنن مسافرخانن کي ڊيڪوريٽ ڪرڻ تي اوقاف کاتو خرچ ڪري ها، انهن ۾ قالين وڇائڻ، پردا ۽ الماڙيون لڳائڻ، ٻه عدد ڪچن، هڪ اڀرندي طرف ٻيو اولهه طرف، سئي گئس به هجي جيئن ماڻهو پنهنجو کاڌو تيار ڪري سگهن. هاڻي هن فرش تي ڪاٺين جي باهه ٻاري ٿي وڃي، ٻه وقت رٻ جو لنگر هلندو هو، اهو به اوقاف طرفان بند ڪيو ويو آهي.
    هتي آفيسرن کي ته پروٽوڪول ملي ٿو پر ڪنهن اديب يا محقق کي اهڙي سهولت ڪونهي، جو يونيورسٽيءَ جي ڪنهن پي ايڇ ڊي ڪندڙ اسڪالر کي ضرورت جون شيون ميسر ڪري ڏنيون وڃن. سڄي سنڌ اندر لطيف ۽ سندس شاعريءَ متعلق ڄاڻ ڪٺي ڪرڻ، لاڳاپيل آثارن جي ڳولا ڪرڻ، پنهنجي خرچ تي رسالي تي تحقيق ڪرائڻ وغيره جهڙا ڪم ڪلچر کاتو ڪري ٿو سگهي. لاهور ۾ هر ساز ۽ راڳ جي تعلقم ڏني ٿي وڃي باقي هتي اهڙو اسڪول يا ڪاليج نٿو کولي سگهجي. فائن آرٽ جو ڪاليج ڄامشوري کان هن جڳهه تي بهتر ٿئي ها. هتي ٻولي، ادب، موسيقيءَ تي تحقيقي ادارا جوڙي سگهجن ٿا.
    ديانتداريءَ سان شروع کان آخر تائين رڪارڊ تي آيل تجويزون جيڪي انفارميشن، ڪلچر سينٽر ۽ پلاننگ ڊپارٽمينٽ وٽ محفوظ آهن، انهن کي ڪٺو ڪري انهن جي لسٽ ٺاهي پوءِ سروي ڪرڻ کپي ته ڪهڙي اسڪيم کي اڳ ۾ رکجي ۽ ڪيئن ان جي جوڙجڪ ڪجي. ايوان لطيف تي پهريون نالو ايوان رومي رکيو ويو هو، جنهن جو مقصد هن درگاهه کي مولانا روميءَ جي درگاهه جيان تعمير ڪرڻ هو، اميد ته حڪومت بنا خوف ۽ لالچ جي هن قومي منصوبي کي انتهائي توجهه ۽ نظرداريءَ سان پايئه تڪميل تي پهچائيندي ۽ سنڌي ماڻهن جون همدرديون حاصل ڪندي.
    ***


    لوچيان ٿي لاحد ۾ !

    لوچيان ٿي لاحد ۾ !
    ڀٽائيءَ جي نالي ٺهندڙ تنظيمن ڏانهن

    لطيف فائونڊيشن، لطيفي لات، لطيفي تحريڪ، ڀٽائي ريسرچ سوسائٽي، انهن مڙني نالن ۾ رکيو ئي ڇاهي؟ سنڌي عوام جي اساٽ ۽ اڻ تڻ انهن نالن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هيءَ قوم پنهنجي محسن ۽ مها ڪويءَ کي ڪجهه ڀيٽا ڏيڻ ٿي چاهي ۽ ڪجهه ڪرڻ گهري ٿي. اهي خواهشون خواب ئي رهجيو وڃن ڇوته ڪنهن جي مفاد پرستاڻي لوڀ ۽ سستي شهرت ماڻڻ جا جتن ڪرڻ ڪري سنڌ جي هن قومي ڪاز کي نقصان رسي رهيو آهي. ٿيڻ ته ائين کپي ته انهن سڀني تحريڪن ۽ تنظيمن جو پاڻ ۾ رابطو رهي. هڪ ٻئي جي ڪارڪردگي ۽ ڪم کان آشنائي رهي. صلاح مصلحت سان هن هماليه جيڏي فنڪار جي شرح، تنقيد، تفسير ۽ سوانح لکڻ ۽ سهيڙڻ وقت انصاف جو دامن نه ڇڏجي، ڇو ته اسان جي ٿورڙي ڀل، غلطي، جذباتي يا سطحي فيصلي سان هن ڪائنات جي فنڪار سان زيادتي ٿي سگهي ٿي. ڀٽائي سڀ جو هوندي به ڪنهن هڪ جو ناهي. جهڙي طرح پاڻ فرد تي زور ڏيندي چيو اٿس ته تون جيڪو به آهين سو ٿيءُ، پنهنجو پاڻ سان سچو رهه. ڪافر آهين ته ڪافر ٿي رهه، چور آهين ته چور ٿي رهه، جوڳي آهين ته جوڳي ٿي رهه، نه ته اهو سڀ ڪجهه نه سڏاءِ، جيڪو تون نٿو ٿي سگهين، متان ٻين تي الزام نه اچي. تنهنجن پرڪارن ڪري، ڪير انهن کي نه لوئي. لڪير جو فقير ٿيڻ کان پرهيز ڪر، سندس تعليم جو مقصد ئي فرد کي سنوارڻ ۽ سينگارڻ آهي، جنهن سان مثالي معاشرو قائم ٿي سگهي ٿو.
    مفتي منجهه وِهار، ته قاضيءَ ڪاڻيارو نه ٿئين.
    سڄي سنڌ، هند ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جتي به سنڌي ڳالهائيندڙ رهن ٿا، اهي لطيفي درگاهه، لطيفي درس، تعليم ۽ رسالي کي عام ڪرڻ، شان ڀرئي شاعر کي ان مرتبي جي ڀيٽا ڏيڻ واسطي سندس سوانح، فلسفي ۽ پيغام کي عام ڪرڻ سان گڏوگڏ لطيفي درگاهه ۽ لطيفي نگريءَ کي مثالي ۽ پر آسائش بڻائڻ لاءِ جتن ڪرڻ جو سوچي رهيا آهن. هن سلسلي ۾ ڪجهه اسمن جي نشاندهي ڪجي ٿي، جن تي ابتدائي مرحلي ۾ ڪم شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي.
    (1) درگاهه تي ايندڙ ماڻهن کي هر قسم جي معلومات ۽ سهولتون ڏنيون وڃن، گڏيل بورچي خانا تعمير ڪرائي مسافر خانن ۾ پاڻيءَ جي رسد ۽ قالين يا فراسين وغيره جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. ادارن جي ٽيم جوڙي پري کان ايندڙ پانڌيئڙن کي ڀٽ شاهه متعلق ڄاڻ ۽ هر قسم جون سهولتون ڏنيون وڃن.
    (2) ڀٽ شاهه ڳوٺ جي ترقي ۾ ڳوٺاڻن جي شموليت ۽ سهڪار سان مسئلن جي نشاندهي ۽ انهن جي بهتر حل لاءِ پتوڙڻ جنهن لاءِ هن ڳوٺ جي غير سرڪاري تنظيمن کي شامل ڪري سگهجي ٿو.
    (3) ڪراڙ ڍنڍ جي سونهن برقرار رکڻ، ان کي وڌائڻ، سينگارڻ ۽ اها پڪ ڪرڻ ته هن کي سُڪڻ نه ڏبو، هن ۾ سدائين پاڻي هجڻ لازمي آهي. هن جي ٻنهي ڪنارن تي لان ۽ گل ڦل رکيا وڃن. گهمڻ وارن لاءِ اتي بينچون رکيون وڃن.
    (4) ڪلچر سينٽر: هن مسئلي تي 76-1975 وارا ڪلچر ڪامپليڪس جا فائيل کولائي، ان پيٽرن تي ڪلچر سينٽر کي آباد ڪيو وڃي. هي سينٽر پنهنجي 55-56 سالن جي عمر ۾ اهو ڪجهه ناهي ڪري سگهيو، جنهن لاءِ جوڙيو ويو هو، هن جي وڌيڪ اسٽڊي ڪري هن کي ايڪويهين صديءَ جي گهرجن پٽاندڙ جوڙيو وڃي. ان کانسواءِ ملاکڙو اسٽيڊيم ۽ ملهن جي هاسٽل، راڳ جي اسڪول ۽ ڳائڻن جي هاسٽل، لائبريري ۽ ميوزيم تي جوڳو ڌيان ڏئي انهن کي لاڀائتو بڻايو وڃي. ريسرچ جي حوالي سان هڪ اهڙي هاسٽل هجي جنهن ۾ لطيف جا پارکو اچي رهن، تحقيق ڪن، لائبريريءَ مان مدد وٺن. سڄي سنڌ اندر جن به اسڪالرن جو ڪم همٿ افزائي لائق هجي، انهن جي ڪم کي ڇپرائي نروار ڪرڻ پڻ اهڙين تنظيمن جي مقصد ۾ شامل ڪيو وڃي.
    هن سلسلي ۾ پاڪستان سرڪار، سنڌ حڪومت پاران پڻ پنهنجن وسيلن آهر انهن پاران تعميراتي ڪم، ڪتابن جي ڇپائي ۽ سالياني عرس مبارڪ جا خرچ برداشت ڪيا ٿا وڃن. اسين ٿورو به اڳتي اينداسين، نيڪ نيتيءَ سان ڪم ڪنداسين ته نه ڄاڻ ته ڪيترائي همدرد ۽ هم خيال اوهان جي جذبي جو قدر ڪندي، هن ڪم ۾ هٿ ونڊائڻ ۾ فخر محسوس ڪندا. مٿي ذڪر ڪيل ٽن تنظيمن جو تعلق به ڀٽ شاهه ڳوٺ سان آهي ۽ انهن جا روح روان ڀٽائي پير آهن. هاڻي انهن تي اها ذميواري عائد ٿئي ٿي ته اهي لطيفي قافلي کي ڪهڙي گس تي وٺي ٿا هلن. پانڌيئڙن پاران جيڪا لطيفي تحريڪ وجود ۾ آئي آهي ان جو چيف آرگنائيزر به ڀٽ شاهه جو آهي، باقي ريسرچ سوسائٽي ڪجهه مٿي ڦرين اديبن جو خواب آهي.
    هتي اها ڳالهه به ياد رهي ته ملاکڙو گرائونڊ کان الله واري چوڪ تائين روڊ جي اولهه پاسي جيڪي پلاٽ پيا آهن، اهي اوقاف کاتي پاران زائرين خاطر مسافر خانن لاءِ وقف ٿيل آهن، پر 1980ع کان انهن تي ڪابه تعمير نه ٿي رهي آهي، الٽو ميلي ۾ اهي ڪِرائي تي ڏئي ناڻو ڪمايو ٿو وڃي.
    اسان جو خيال آهي ته جيڪڏهن سنڌ گورنمينٽ جي اوقاف کاتي وٽ ايتري رقم ناهي جو هن منصوبي کي تڪميل تي پڄائي ته اهي پلاٽ درگاهه تي مختلف درگاهن، ڳوٺن شهرن کان هر سال قافلن جي صورت ۾ ايندڙن کي الاٽ ڪيا وڃن ته اهي اتي پنهنجي لاءِ مسافر خانا تعمير ڪن ۽ انهن کي استعمال ڪن. ائين ڪرڻ سان اسين هن منصوبي ۾ عوامي شرڪت کي يقيني بڻائي سگهنداسين.
    لوچيان ٿي لاحد ۾ ، هادي لهان نه حد،
    سپريان جي سونهن جو، نڪو قد نه مد،
    هت سڪڻ بي عدد، هت پرينءَ پرواهه ناهه ڪا.
    ***


    بئڪ ٽائيٽل پيج


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 923
    ڪتابن جو مشاهدو: 2922787
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 759834
    2020 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ