سفرناما

مور ان ملائيشيا

”مور اِن ملائيشيا“ ڏاڍو دلچسپ سفرنامو آهي ۽ اِهو هڪ شاعر جي اک جي ماڻيل مشاهدن جي نتيجي ۾ لکيو ويو آهي ۽ شاعر جي اک عام اک کان ڌار هُجي ٿي، ان ڪري سفرنامو بہ هڪ منفرد ۽ دلچسپ سفرنامون آهي. مور ساگر جو هي سفرنامو نہ رڳو تاريخي جڳھين جو پس منظر رکي ٿو، پر انساني روين جي ڇنڊ ڇاڻ سان گڏ مور ساگر جي داخلي ۽ خارجي احساسن جي اظھار جو ذريعو بنيل بہ نظر اچي ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 381
  • 83
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • مور ساگر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book مور ان ملائيشيا

مھاڳ: ٽو خان، اِن ملائيشيا

مور ساگر جڏهن ملائيشيا ويو پي ته ڏاڍو ايڪسائيٽيڊ هو ۽ ساڻس گڏ آءٌ به ايڪسائيٽيڊ هئس، مور ساگر جو ايڪسائيٽيڊ هئڻ ته سڀاويڪ هو ۽ اوهين سمجهندا به هوندا ته هو ملڪ کان ٻاهر وڃي رهيو هو. هڪ نئون جھان ڏِسڻ، پر منھنجي ايڪسائيٽيڊ هئڻ تي اوهانجي ذهن ۾ ضرور سوال پيدا ٿيندو هوندو... ۽ اوهين شايد اِهو سمجهندا هوندا ته همراهه سان به دوسوءَ وارو ڪم آهي، جيڪو پرائي دهل تي نچڻ شروع ڪري ڇڏيندو آهي. برابر اِها سوچ به ٿي سگهي ٿي، پر ڳالھه هيءَ آهي ته مور ساگر منھنجو دوست آهي ۽ هو پرڏيھه جي سفر تي وڃي رهيو هو. هڪ دوست هئڻ جي ناتي سندس خوشي منھنجي خوشي هئي، وري اِهو ته مور هڪ ليکڪ به آهي، سو روپئي جا سورنھن آنا پڪ هيم ته مور ساگر ملائيشيا مان موٽڻ کانپوءِ سفرنامو ضرور لکندو، ايئن اسين به سندس اک سان ملائيشيا گهمنداسين ۽ سندس ماڻيل مشاهدي ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿينداسين.
مور ساگر جو هي سفرنامو ”مور اِن ملائيشيا“ ان سفر جي ڪٿا آهي.
سورهين صدي جي آخر ۽ سترهين صديءَ جي شروعات ۾ برطانيا ۾ فرانسس بيڪن نالي هڪ مُفڪر ٿي گُذريو آهي، جنھن ڪيترن ئي موضوعن جھڙوڪ: مطالعي، دوستي ۽ ڪتابن وغيرهه تي بھترين لکڻيون لکيون آهن. اُنھن ۾ سفرنامو به شامل آهي. پنھنجي هڪ مضمون ۾ سفرنامي بابت خيالن جو اظھار ڪندي هو لکي ٿو، ”سفر ۾ جن شين جو مشاهدو ڪرڻ ضروري هوندو آهي، انھن ۾ شھر جون ڀتيون، ڪوٽ قلعا، ساحل، پُراڻا آثار، کنڊر، ڪتب خانا، درسگاهون، گهر باغ، بارود خانه وغيرهه“ اڳتي هلي هو پنھنجي ان نظريي جي وڌيڪ وضاحت ڪندي لکي ٿو: ”باقي رهيون دعوتون، شادي، مُراديءَ جون ريتون رسمون، ڪفن دفن جا طور طريقا، ۽ ان قسم جا ٻيا تماشا.... ته سياحن کي ان پاسي ڌيان نه ڏيڻ گهرجي.“ سفرنامي لکڻ جو هڪ اهو ڍنگ / اسلوب آهي، جنھن ۾ هو تجويز ڪري ٿو ته جڏهن ڪو مسافر ڪنھن اجنبي ملڪ ۾ گهڙي ٿو ته ان جي مشاهدي جا موضوع اُن ملڪ جون عمارتون، وڻ، کنڊر ۽ بارود خانا قرار ڏجن ٿا. البت انھن ڀتين ۽ ڇتين جي اندر انسانيت، انھن جون خوشيون ۽ غميون، اهي سڀ ان موضوع کان ٻاهر رکيا ويا آهن. خدا ٿو ڄاڻي ته ان ۾ بيڪن جي راءِ جو ڪيترو اثر هو، جو ان کانپوءِ ڊگهي عرصي تائين لڳ ڀڳ اڍائي سئو سالن تائين اولھه ۾ جيڪو به سفرنامو لکيو ويو، اُن ئي انداز ۾ لکيو ويو. البت اڻويھين صدي جي آخر ۾ وڃي سفرنامن جي هڪ نئين اسلوب جي شروعات ٿئي ٿي. جنھن ۾ اسين بيڪني فلسفي ۽ حڪمت جي ابتڙ ڏِسون ٿا ته هڪ سيلانيءَ جي مشاهدي جو مرڪز انسان قرار پائي ٿو، ۽ اجنبي ملڪ جا قلعا، ڀتيون، کنڊر ۽ بارود خانا ان انسان جي مرڪزي ڪھاڻيءَ جي پسمنظر ۽ ماحول جو ڪم ڏين ٿا.
وقت گذرڻ سان گڏ سفرنامو ادب جي هڪ اهڙي موضوعي ۽ داخلي صنف بنجي چُڪو آهي، جنھن ۾ هڪ فنڪار کي پنھنجي ذات جي اظھار جو سڀ کان وڌيڪ اثرائتو، سِڌو سنئون ۽ سولو رستو ميسر اچي ٿو.
مور ساگر جو هي سفرنامو ”مور اِن ملائيشيا“ نه رڳو تاريخي جڳھين جو پس منظر رکي ٿو، پر انساني روين جي ڇنڊ ڇاڻ سان گڏ مور ساگر جي داخلي ۽ خارجي احساسن جي اظھار جو ذريعو بنيل به نظر اچي ٿو، مور ساگر ڇاڪاڻ ته هڪ شاعر به آهي، تنھن ڪري سونھن کان متاثر ٿيڻ فطري عمل آهي ۽ مور ساگر کي ملائيشيا ۾ جتي به ڪا سھڻي من مھڻي صورت نظر آئي آهي ته مور ساگر جي شاعراڻي حِس ڦڙڪي پئي ٿي، جيئن ”ڇير به ناهي پير تنھنجي ۾“ عنوان سان سرجيل شاعري - يا جڏهن سنھڙي ۽ سھڻي سنھالڻ ايئرهوسٽس اچي ڪجهه کائڻ ۽ پيئڻ لاءِ پُڇي ٿي ته شاعر مور ساگر ان جي مُرڪ تي موهت ٿي، ”تو جي مُرڪون سجايون منھن تي“ نظم سرجي وٺي ٿو. ايئن ڪيترن ئي هنڌن تي پنھنجي شاعراڻي طبيعت سبب موقعي جي مناسبت سان مختلف شاعرن جا شعر ڏيڻ سان گڏ پنھنجا شعر به ڏِنا آهن، جيئن هڪ هنڌ ويٺي جڏهن سندن اڳيان هڪ سُھڻي صورت لنگهي ته مور ساگر سان همسفر محترم انعام ڀٽي جي وات مان بي اختيار نڪتل ملئي لفظ ’بگوس لا‘ (جنھن جي معنيٰ آهي سھڻي شئي) تي ان سهڻي صورت پويان مُڙي ڏِٺو ته مور ساگر جي شاعراڻي رڳ ڦڙڪي پئي، ۽ شعر سرجي ويس.
جي ڪيان تعريف تنھنجي، ڪيئن ڪيان ڪھڙي طرح،
سونھن تنھنجي تي لکان، پر ڪيئن لکان ڪھڙي طرح.
مور ساگر جو هي سفرنامو ”مزاح جي حِس“ سان به ڀرپور نظر اچي ٿو. ٻن خانن يعني محمد خان جوڻيجي ۽ محمد خان سمي جي هن سفر ۾ اسانجي ٻي خان کي پان جي تلاش جيڪو پريشان ڪيو، اُن کي پھرينءَ خان خوب اينجواءِ ڪيو. جيئن هڪ هنڌ لکي ٿو، ”اسان ته ٻئي خان صوفي، شراب، سگريٽ، سوپاريون سڀ کان پري... بس طلب هئي يار خان کي پان جي. پان جي سِڪ همراهه کي سوڙهو ڪري وِڌو هو. وَس ۾ هُجيس ها ته سانوري سنھڙي سنھالڻ جي ساڙيءَ جو پلاند پَڪڙي ۽ عاجزاڻي انداز ۾ چوَي ها ته ”ڪِٿي ڪو پان مِلندو.؟“ وري ٻي هنڌ لکي ٿو، ”گاڏي محمد خان ڊرائيو ڪندو هليو ۽ گڏوگڏ ڪچھري به ڪندا هلياسين پر محمد خان کي هڪڙي عادت آهي ’پان کائڻ‘ جي، جنھن ڪري اڪثر ’هون هون‘ جواب ڏيندو هليو. ۽ محمد خان سمي جي اِها ’هون هون‘ پان کايارن جي هڪ اهڙي گونگي زبان آهي، جيڪا فقط پان کايار ئي سمجهي سگهن ٿا.“ ساڳئي نموني ان مزاح جي حس ۾ چيل جملا، ”واهه چانڊيه تنھنجي لئه“ يا ”اِهي اَٿئي ايڪاسي هزارن جا مَزا“، پڻ سفرنامي کي دلچسپ بنائين ٿا.
مور ساگر هي سفرنامو لکندي، ان کي ننڍن ننڍن عنوانن تحت ورهايو آهي، جهڙوڪ: ’ڀلاڙي خان تنھنجا ڀاڳ‘، ’ 2 خان اِن ڪئالالمپور‘، ’جيئن ماتلي منجھان ڦليلي‘، ’چاڪليٽ ۽ چاهه‘ وغيرهه. انھن ننڍن ننڍن عنوانن تحت مور ساگر ڏاڍيون دلچسپ ڳالھيون ۽ تجربا لکيا آهن. جيئن هڪ هنڌ گهمندي شھر وچان گذرندي نھر کي ڏِسي مور لکي ٿو، ”شھر وچان هڪ نھر پئي گذري جيئن ماتليءَ وچان ڦليلي يا بدين جي وچان قاضيه واهه،“ پوءِ وري ان جي ڀيٽ ڪندي مور لکي ٿو، ”پر هِتي ته مزو ئي ٻيو هو، ڪِنارن تي به تفريح ۽ ننڍا ننڍا پارڪ ۽ پاڻ وَٽ وري نھرن جي ڪنارن تي قبضا ۽ گند جا ڍڳ، ڪاش ڪو اهڙو انسان، ايم. پي. اي، وزير يا آفيسر پيدا ٿي پوي، جيڪو ماتلي شھر منجهان لنگهندڙ ڦُليلي جي ٻنھي ڪپرن تان قبضا ختم ڪرائي، ڦُليلي ۾ ڇوڙ ڪندڙ گٽر بند ڪرائي، ٻنھي ڪپرن کي پَڪو ڪري، گرين بيلٽ ٻنھين ڪپرن کان هجن، ته آئون پوري يقين سان چوان ٿو ته هن کان به وڌيڪ خوبصورت نظارا اکين کي ڏِسڻ جي لاءِ ملندا“.
مور ساگر اهو ته فقط ڦُليلي جي ڪپرن جي حوالي سان لکيو آهي، پر هِتي ته کوڙيءَ کي گهمرو آهي، ندين ۽ نھرن جا ڪپر ته پنھنجي جاءِ تي، پر هِتي ته شھرن جي حالت به ڏاڍي خراب آهي. سنڌ جي ڪِن شھرن جي حوالي سان مونکي ڪنھن دوست جو چيل اهو جملو ياد پيو اچي ته، ”ڪڏهن ڪڏهن ڪِن شھرن مان لنگهبو آهي ته اُنھن جي تباهه ٿيل حالت ڏِسي، ايئن محسوس ٿيندو آهي ته هن شھر ۾ ڄڻ اڌ ڪلاڪ اڳ جنگ بند ٿي آهي“.
ملائيشيا گهمڻ مور لاءِ هن نئون تجربو هو ۽ ان سان گڏ سندس مشاهدي جي اک به تيز رهي. هو ملائيشيا جي هر ترقيءَ کي پنھنجي ملڪ جي ترقيءَ سان ڀيٽيندو ٿو وڃي، جيڪو سندس پنھنجي وطن سان محبت جو ثبوت آهي ۽ پنھنجي ملڪ جي خراب حالت تي اندر ۾ ڪڙهندو ٿو رهي.
ملائيشيا جي هن سفر ۾ ٻنھي محمد خانن جي گڏ هئڻ جي ڪري ڏاڍا مزيدار لطيفا ٿيا. جڏهن هڪ هنڌ قطار ۾ ٽڪيٽ وٺڻ مھل ٻنھي محمد خانن جي ٽڪيٽ وٺڻ جو وارو آيو ته ٽڪيٽ ڏيندڙ ڇوڪري منجهي پئي ته مور ساگر Same Name, Same Name چئي ٽڪيٽ ته ڪٽرائي پر ساڳئي وقت شاعر مور ساگر جي شاعراڻي حِس به ڦڙڪي پئي ۽ سندس ذهن ۾ هڪ نظم سرجي آيو.
”مور اِن ملائيشيا“ ۾ ڪيتريون ئي دلچسپ، وندرائيندڙ ۽ بامقصد ڳالھيون موجود آهن، جن جي دلچسپيءَ ۾ پڙهندڙ گُم ٿي وڃي ٿو. مور جو سادو سودو ۽ شاعراڻو اسلوب ڪِٿي به بور يا بيزار نٿو ڪري. ان سان گڏ مور ملائيشيا جي نظارن ۽ اُتان جي سياست جي باري ۾ به هلڪي ڦُلڪي انداز ۾ تبصرو ڪندو ٿو وڃي. هو جڏهن ڪئالالمپور شھر ۾ ملائيشيا جي وزيراعظم مھاتير محمد جي آفيس اڳيان لنگهيا ته مور ساگر لکي ٿو، ”مھاتير محمد جي آفيس جي ويجهو گذرياسين ته سائين انعام ڀٽي آفيس ڏانھن اشارو ڪندي چيو ته مون جڏهن به سياست شروع ڪئي ته رول ماڊل مھاتير محمد کي بنائي ۽ آفيس جو نظام به سڄو هيئن هلائبو، پوري پلازه ۾ آفيس آهي، جنھن ۾ هر ڊپارٽمينٽ آهي ۽ سڀئي پارٽي عھديدار ۽ ورڪر هلائين ٿا. ڪنھن جي به جاگير يا ورهاست تسليم نٿي ڪئي وڃي، جيئن اسانجي ملڪ ۾ آهي نسل درنسل سلسلو هلندو اچي، هِتي ايئن ناهي“.
مھاتير محمد ملائيشيا کي جيڪا ترقي ڏياري، ان جي نتيجي ۾ هو اسان جھڙن مُلڪن جي ماڻھن لاءِ مثالي ڪردار بنجي وڃي ٿو. هونئن به جڏهن نظرين جو دور ختم ٿئي يا نظرياتي سياست نه هجي ته اُتي شخصيتون ئي رول ماڊل هجن ٿيون ۽ مھاتير محمد به هڪ رول ماڊل ڪردار آهي، جنھن نه رڳو ملائيشيا جي سياست ۾ حِصو ورتو، پر ملائيشيا کي ترقي ڏيارڻ ۾ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ کانپوٰءِ ملڪي ۽ پارٽي قيادت تان رٽائر ٿي ويو. اهو به جمھوريت جو حُسن آهي. انھن ملڪن ۾ جمھوريت نه رڳو وڌيڪ سگهاري آهي، جتي سياست يا پارٽي قيادت ڪنھن جاگير طور نسل در نسل منتقل نٿي ٿئي. پوءِ جڏهن مهاتير محمد محسوس ڪيو ته ملڪ کي سندس ٻيهر ضرورت آهي ته هن سياست تان رٽائرڊ مينٽ ختم ڪري 2018 جي چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ هينئر 92 سالن جي عمر ۾ ملائيشيا جي وزيراعظم جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو آهي.
مور ساگر کي ڪئالالمپور گهمندي، هٿ جي مليل اشارن تي ٽين جنس وارا همراهه ڏِسي، حيدرآباد جي ٿڌي سڙڪ ياد اچي وڃي ٿي. جيئن لکي ٿو، ”هتي به شايد ايئن ئي بيھندا آهن، جيئن حيدرآباد جي ٿڌي سڙڪ، گدو چوڪ ۽ آسپاس لاءِ ٻڌو اٿم ته بيھندا آهن، هيءَ شايد ڪئالالمپور جي ٿڌي سڙڪ آهي.“
هڪ پڙهندڙ لاءِ ”مور اِن ملائيشيا“ ۾ نه رڳو ڪيتري ئي معلومات ميسر آهي، پر ڪافي دلچسپ ۽ نيون ڳالھيون به پڙهڻ لاءِ مِلن ٿيون. جيئن چاڪليٽ فئڪٽري جي ......... جتي چاڪليٽن جي مختلف قسمن جي ٺھڻ بابت رسيپشن جي سھڻي ڇوڪري جڏهن کين چاڪليٽن جي مختلف قسمن جي ٺھڻ بابت ٻُڌائيندي هڪ خاص چاڪليٽ جي به ڳالھه ڪئي. جنھن جو ذڪر ڪندي مور ساگر لکي ٿو، ”چاڪليٽن جا مختلف ۽ کوڙ قسم هئا، جن ۾ هڪڙو اهڙو به چاڪليٽ هو، جنھن جي باري ۾ ٻُڌايائين ته هي چاڪليٽ خاص جنسي قوت لاءِ ٺاهيو ويندو آهي. ۽ هي صرف مردن جي کائڻ لاءِ آهي، هاڻي ته نظرن چؤطرف گهمي ڏِٺو ته سڀني مردن جي چھرن تي حياءَ جي لالائي جون ريکائون اُڀرندي نظر آيون، ڇوڪري ايتري ته خود اعتماديءَ مان چئي رهي هئي، جو ڇا چئجي، وري وري دهرائي رهي هئي.“
”مور اِن ملائيشيا“ ڏاڍو دلچسپ سفرنامو آهي ۽ اِهو هڪ شاعر جي اک جي ماڻيل مشاهدن جي نتيجي ۾ لکيو ويو آهي ۽ شاعر جي اک عام اک کان ڌار هُجي ٿي، ان ڪري سفرنامو به هڪ منفرد ۽ دلچسپ سفرنامون آهي.

[b]يوسف سنڌ ي
[/b]7 مئي 2018،
ذيل پاڪ، حيدرآباد.