ٿڪاوٽ ڄڻ جسم تي ڪپڙن جيئن پاتل هئي
سامان کي هڪ پاسي رکي، مُنھن کي ڇنڊا هڻي روم کولي AC آن ڪري سُمھين پياسين، ٿڪاوٽ ڄڻ جسم تي ڪپڙن جيئن پاتل هئي. ننڊ اوهيرا ڪري آئي اکين ۾. سُجاڳ تڏهن ٿياسين جڏهن سائين انعام اچي دروازي تي دستڪ ڏِني، ملياسين، حال احوال ڪياسين، پوءِ فريش ٿياسين ۽ ٽيئي 17 فلور تان هيٺ لٿاسين ۽ روانه ٿياسين ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ.
سائين چيو ٽيڪسي ۾ هوٽل تائين هلي پيا سگهون، پر اوهانکي کي ريل ۾ ٿو وٺي هلان، جيئن نظارا ڪندا هلو، روڊ جي ڀر ڏيئي فوٽ پاٿ تان هلي رهيا هئاسين، گرمي پئي محسوس ٿي، روڊ رستا وڏا ويڪرا ۽ صاف سُٿرا هئا، جڏهن روڊ پار ٿي ڪيوسين ته روڊ جي پاسي ۾ هڪڙو ٿنڀو لڳل هو جنھن ۾ هڪ بٽڻ کي سائين دٻايو ته جيڪي گاڏيون روڊ تان اچي رهيون هيون سي بيھي رهيون، مون ۽ خان هڪٻئي ڏانھن حيرت سان ڏِٺو ۽ هڪڙي خوشي به محسوس ٿي ته ڪھڙو سِسٽم آهي ته روڊ پار ڪرڻ لاءِ ماڻھو بَٽڻ ٿو دٻائي ۽ گاڏيون سڀ بيھي ٿيون رهن، ماڻھو آرام سان روڊ پار ڪري هليو ٿو وڃي. هاڻي اچي اسٽيشن تي پُھتاسين. واهه ڪھڙي خوبصورت اسٽيشن ٺھيل آهي ۽ اُن جو نظام، پھرين مشين ۾ نقشو کُلي اچي ٿو، پوءِ جِتي لھڻو آهي اُن اسٽيشن جي نالي کي دٻائي ۽ ڪيترا ماڻھو آهن، اُهو بٽڻ به دٻايو، پئسا لکجي ايندا، هيٺان نوٽ رک ته ATM ڪارڊ وانگر اندر مشين ۾ ويندو، جيترا پئسا ڪرايو هوندو اِهو ڪَٽي ٻيا پئسا مشين واپس ڪندي، ۽ گڏ ٻن قسمن جا ٽوڪن به ڏيندي، هڪڙو ٽوڪن جيڪو اسٽيشن اندر اِن ٿيڻ لاءِ مشين ۾ وجهبو ته هٿن وانگر رُڪاوَٽ ٺھيل پوئتي هَٽي ويندي ۽ اندر داخل ٿي وڃبو، ٻيو ٽوڪن وري جِتي لھبو ۽ ٻاهر وڃڻ لاءِ ساڳين طرح لڳل مشين ۾ ٽوڪن وجهبو ته دروازو کُلي ويندو ۽ ماڻھو ٻاهر نڪري ويندو، سائين انعام سڀ اِهو عمل ڪندو ۽ اسانکي سمجهائيندو به هليو، مشين ٽچ اسڪرين هُئي، بس هڪ ڀيرو سمجهڻ جي ضرورت آهي. تيستائين ريل اچي وئي جيئن بريڪ لڳو ته دروازا آٽوميٽڪ کُلي ويا، اسين اندر داخل ٿياسين ۽ ٻيا جيڪي لٿا پي اُهي لٿا بعد ۾ دروازو پاڻئي بند ٿي ويو ۽ ريل هلڻ شروع ٿي وئي، هاڻي شھر مان گذري رهي آهي. اسان درين مان شھر جو ديدار ڪندا ٿا هلون. واهه ڏاڍو خوبصورت شھر جو منظر سامھون آهي، وڏا وڏا اپارٽمينٽ ٺھيل ۽ وچ وچ ۾ وڏا وڏا وڻ، گرينري به هر طرف نظر آئي، ۽ ٻيو اِها نواڻ نظر آئي ته اپارٽمينٽ/ فليٽن جي 2 يا 3 منزلن تي ننڍا ننڍا پارڪ نظر آيا. ڪُجهه گهڙين کان پوءِ اسٽيشن جو نالو انائونس ٿيو ۽ دروازي مٿان هڪڙي اسڪرين به هلي رهي هئي، جنھن ۾ ايندڙ اسٽيشن جو نالو هلي رهيو هو. آءٌ ۽ خان ته صرف مُسڪرائي ۽ حيرت جو اظھار ڪري رهيا هئاسين، اسٽيشن تي لٿاسين، ساڳيو عمل جيڪو چڙهڻ وقت. مشين مان ٽوڪن مليا هئا هاڻي هِتي وري مشين ۾ ٽوڪن وِڌاسين ته ٻاهر نِڪتاسين، اگر ٽوڪن ڪِٿي هٿ مان ڪِري وڃائجي وڃي ته همراه اندر لوهه، پوءِ مقرر ٿيل ڏنڊ ڀري ئي ٻاهر نڪري سگهي ٿو.