چاڪليٽ ۽ چاهه
شام جو دلڪش نظارو ۽ ٻي تون،
ياد پيا جي ته هر ويل هينئين ۾ هُرندي رهندي آهي، جيئن رت هلي رُڳن ۾. هاڻي VG اسان کي جِتي وٺي آئي، اُتي ته بس مِٺو ئي مِٺو آهي، ڪڙاڻ واري ڪائي شئي ناهي هِتي. ها چاڪليٽ جي فيڪٽريءَ ۾ ٻاهران جيئن انٽر ٿياسين ته گيٽ تي هڪ سائيڊ کان ڇوڪرو ۽ هڪ سائيڊ کان ڇوڪري بيٺي هئي، هنن جي هٿن ۾ اسٽيڪر هئا ڪمپني جي نالي ۽ مونوگرام وارا. ڇوڪرو مردن کي ڇاتيءَ تي بيج وانگر هڻندو آيو ۽ ڇوڪري عورتن کي، جيئن اندر وڃڻ سان سڃاڻپ ٿئي ته هي ماڻھو چيڪ ٿيل آهن. خطري جي ڪا به ڳالھه ناهي.
اندر جيئن ئي انٽر ٿياسين ته رسيپشن تي هِڪڙي سھڻي ڇوڪري ويٺي هئي جنھن اُٿي بيھي مُسڪرائي اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو، ۽ پوءِ سڀني کي چيائين ته گول دائري ۾ ٿي ويجها ٿيو. سڀئي کيس ويجها ٿي بيٺاسين، هاڻي هِن ننڍيون ننڍيون پلاسٽڪ جو برڻيون (ڏٻيون) کوليون جن ۾ مختلف شيون پيل هيون، انگريزي ۾ ٻُڌائيندي هلي ته هي هي شيون پاڻ ۾ ملائي مِڪس ڪري پوءِ چاڪليٽ ٺھندو آهي. چاڪليٽن جا مختلف ۽ کوڙ قسم هئا. جن ۾ هڪڙو اهڙو به چاڪليٽ هو جنھن جي باري ۾ ٻُڌايائين ته هي چاڪليٽ جنسي قوت لاءِ خاص ٺاهيو ويندو آهي. ۽ هي صرف مردن جي کائڻ لاءِ آهي. هاڻي ته نظر چؤطرف گهمي ڏٺو ته سڀني مردن جي چھرن تي مُسڪراهٽ هئي، ۽ اسان سان گڏ جيڪي ليڊيز هنيون اُنھن جي چھرن تي حياءُ جي لالائي جون ريکائون اُڀرندي نظر آيون. ڇوڪري ايترو خوداعتمادي سان سان چئي رهي هئي جو ڇا چئجي وري وري دُهرائي رهي هئي، اُن چاڪليٽ جو نالو.
پوءِ پاسي ۾ هڪڙي ٻي سُندري بيٺي هئي جنھن چمچي سان سڀني جي هٿ تري تي ٽيسٽ خاطر ڪَٽيل چاڪليٽ رکندي وئي، اُهي ٽيسٽ ڪري اندر وڌياسين، اندر وڏي ايريا ۾ شيلف ٺھيل آهن، جن ۾ مختلف ورائٽين ۽ ڊزائنن جا چاڪليٽ رکيل آهن ۽ بازار کان رعايتي اگهه تي مِلن ٿا، هِڪڙي مزي واري ڳالھه هئي ته جنھن به پورشن ۾ وڃون (مختلف قسمن، ڪوالٽين جا الڳ الڳ پورشن آهن) هر پورشن تي هڪڙي خوبصورت ڇوڪري بيٺل آهي، جنھن جي هٿ ۾ ڪٽيل چاڪليٽ ۽ چمچو آهي جيڪو ماڻھو انٽر ٿئي پيو اُن جي تري تي رکندي وڃي. اِهو تعارف هو ته هاڻي توهان جيڪو چاڪليٽ ڏسڻ يا وٺڻ ٿا چاهيو، انھيءَ جي ٽيسٽ هيءَ آهي. ڏاڍو مزو پيو اچي. خان کي چيم خان ڏي خبر چاڪليٽ ته پاڻ سڀ ٽيسٽ ڪري ورتا، هاڻي وٺون نه وٺون مرضي آهي. پر هِتي جيڪڏهن اسان سڀني گڏجي پيڪيٽ ورتا ته انھي تي اسانکي اڃا به وڌيڪ ڊسڪائونٽ ملندي. اسان سڀني هڪٻئي کان پُڇيو پر ٻيا ڪي به راضي نه ٿيا، باقي محمد خان، شعيب ۽ مون ٽِن ٽِن قسمن جا چاڪليٽ ورتا وڌيڪ تعداد ۾، ڊسڪائونٽ به مليو. اسانکي ته هونئن به ڪا شئي ڳوٺ ته وٺي وڃڻي آهي، ملائيشيا جا چون ٿا ته چاڪليٽ سڀ کان مشھور آهن. بھتر آهي ته چاڪليٽ ئي وٺي وڃون. اِن خيال کان اسان ته ڪافي ورتا باقي سڄي سنگت مفت ۾ ٽيسٽ ڪيا.
گهمي ڦري ٻاهر نڪتاسين هاڻي وري گاڏي اُتي ئي کڻي آئي جتان چڙهيا هئاسين هوٽل رائل جي سامھون، سڀني هڪٻئي کان ڀاڪر پائي موڪلايو ۽ هٿ هوا ۾ لوڏياسين. سڀئي پنھنجي پنھنجي منزل طرف روانا ٿيا. آئون، شعيب ۽ محمد خان جنھن طرف وڃڻا آهيون، اسان جي گائيڊ VG جي گذرڻ جو رستو به اِهو ئي آهي، تنھن ڪري اسان کي آڇ ڪيائين ته منھنجي گاڏي ۾ ويھو اوهان کي اوهانجي منزل وٽ لاهي ڇڏينديس، واهه واهه اهڙي آڇ جو ڪير انڪار ڪري، VG جي ڪار ۾ ويٺاسين، ڪار ڪا خاص نه هئي، مڊل ڪلاس جي ماڻھوءَ وٽ جھڙي هجڻ گهرجي اهڙي ئي هئي. شعيب کي اڳيان سيٽ تي ويھاريو، اسان ٻئي پوئين سيٽ تي ويٺاسين، ڪچھري به ڪندا هلون، بلڪ هو ٽيئي ۽ آئون صرف ٻُڌڻ وارو هُيس.
اسانجي منزل به اچي وئي، لٿاسين پنھنجا بيگ سنڀالي کنيا ۽ VG کان هٿ لوڏي موڪلايوسين. VG پنھنجي گهر ۽ اسان پنھنجي عارضي آشياني طرف.
فليٽ تي پُھتاسين سائين انعام ڀٽي ۽ سر امتياز چانڊيو صاحب ٻئي ويٺا هئا، اسان کان حال احوال ورتائون ته ڪيئن رهيو ٽوئر؟ مزو آيو گهمڻ ڦِرڻ ۾ نه؟ گهمڻ ڦِرڻ ۾ ڪنھن کي مزو نه ايندو. سائين ڏاڍو مزو آيو، ملائيشيا ۾ وري به ساڳيون ئي ڳالھيون ته ملڪ ته آهي هي، پاڻ ته ڌوڙ ۾ رهيا پيا آهيون، ايئن ماڻھو چئي ته وڃي ٿو جذبات ۾ پر حقيقت اِها آهي آهي ته اسانجو مُلڪ جنھن ۾ الله پاڪ طرفان پيدا ڪيل سڀئي نعمتون آهن پر اسانجا حڪمران وڏا ............. آهن، جيڪي ترقي ته چاهين ئي نٿا هنن جي نيت آهي ته، اسان هميشه ترقي پذير رهون جيئن ٻين ملڪن کان خيرات پِندَا رهون ۽ ڪرپشن ڪري پنھنجا اڪائونٽ ڀريندا رهون.
هاڻِ شعيب ۽ امتياز پنھنجا بيگ کنيا ۽ موڪلائين پيا، شعيب ٻُڌايو ته مونکي به 21 تاريخ تي ڳوٺ لاڙڪاڻي وڃڻو آهي، تياري ڪرڻي آهي نه ته پاڻ وٽ اوهانکي رهايان ها ۽ گاڏي به هئي وڌيڪ گهمي ڦِري ڏسون ها ملائيشيا کي، پر خير زندگي رهي ته وري ڪڏهن. کانئن ڀاڪر پائي موڪلايوسين.
پوءِ خان ۽ آئون ٿوري ئي دير لاءِ ويٺاسين آرام ته ڪيئن ڪجي، آيا ئي گُهمڻ ڦِرڻ لاءِ آهيون، سائين انعام چيو اوهان فريش ٿي وٺو ته هلون ٽو اِن ٽاور تي. خوش ٿياسين ها سائين اسان اڄ صحيح نموني نه گهميو هو، وقت ٿورو هئڻ ڪري. سائين ٻُڌايو هونئن به ڏينھن کان وڌيڪ رات جو مزو هوندو آهي، هلي ڏِسو ته سھي رات جا رنگ.
اسان فريش ٿي ڊريس چئنج ڪئي، هينڊي ڪيم کي چيلھه سان ٻڌم ۽ پوءِ ٽيئي نڪري پياسين، سائين هِن ڀيري اسانکي زمين اندر هلندڙ ٽرين ۾ وٺي ويو. واهه زمين اندر به ڄڻ دنيا لڳي پئي آهي، اسٽيشنون جھڙيون ٻاهر خوبصورت آهن، اهڙيون ئي اندر به آهن، جيستائين ٽرين اچي ماڻھو هيڏانھن هوڏانھن گهُمي ڦِري يا ڪا شئي وغيره وٺي، سڀ ڪجهه زير زمين موجود آهي. هاءِ ڇا ته هن مُلڪ کي هِتي جي حڪمرانن ٺاهيو آهي، رشڪ ٿو ٿئي اسانکي، ۽ اسانجي ملڪ جا حال ڏِسي روئڻ ٿو اچي.
ٽرين آئي چڙهي ويٺاسين، اچي ٽو اِن ٽاور وٽ لٿاسين، ڇا ته منظر آهن ۽ ماڻھو. آئون سمجهان ٿو ٽوئرسٽ کانسواءِ به هِتي جا لوڪل ماڻھو سڄي ڏينھن جي ٿڪاوٽ لاهڻ جي لاءِ يا پيار جا پل گهارڻ لاءِ به اچن ٿا، هھڙو رنگ، ماحول، رنگين روشنيون، رنگين پاڻي، رنگين ماڻھو، هر سو رنگ ئي رنگ، ڀلا بوريت يا ٿڪاوٽ جو احساس ڪيئن ٿو ٿي سگهي اهڙي جڳھه تي. محمد خان ۽ آئون ته هنن رنگين منظرن کي ڪئميرائن ۾ بند ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهيون.
ٽو اِن ٽاور جي هڪ پاسي جتي سڀ کان وڌيڪ رش آهي، اُتي ميوزڪ وڏي آواز ۾ هلي ٿو ۽ رنگين ڦوهارا ميوزڪ تي ڊانس ڪن ٿا. ڪمال آهي، سائين انعام ٻُڌايو ته هاڻي دبئي ۾ به اهڙا ڦوهارا آهن. جيڪي ميوزڪ تي ايئن ڊانس ڪندا آهن. يار ڪمال جو لطف ۽ سُڪون آهي. ٿڌيون هوائون، جهيڻي روشني، هڪ طرف ته صفا روشني گهٽ هئي ۽ اُتي به اسان جوڙا ويٺل ڏِٺا، جن کي اسان دنيا جي هُل هنگامن کان بي پرواهه پنھنجي دُنيا ۾ مَگن ڏِٺو، هِتي سڀ ڪو آزاد آهي، بشرطيه سندن عمل سان ڪنھن ٻي کي ڪا تڪليف يا نقصان نه ٿئي، باقي هرڪو مرضيءَ جو مالڪ آهي. هِتي ملئي ڇوڪريون، عورتون فُل لباس ۾ ويڙهيل ڏِٺيوسين ته ٻي طرف چيني ڇوڪريون، مايون ايئن صفا مختصر ڪپڙن ۾ ۽ ماحول کان بي پرواهه پنھنجي بواءِ فرينڊن جي ٻانھن ۾ ٻانھون وجهي هلندي گُهمندي ۽ جُهومندي ڏِٺوسين. هر ڪنھن کي پنھنجو پنھنجو ڪلچر، پنھنجي پنھنجي ثقافت آهي، ڀلي ته هرڪو پنھنجي رنگ ۾ رنڱيل رهي. بس ايترو ضرور ته پنھنجا رنگ، پنھنجو ڪلچر ۽ پنھنجي ثقافت سڀڪو پاڻ تائين رکي ٻي تي مڙهڻ جي ڪوشش نه ڪري ته پوءِ ڪو مسئلو ئي پيدا نه ٿيندو ۽ سڀڪو سڪون ۾ رهندو.
هَلو هَلو ڪاڪ تـڙين، جِتي نيھن اُڇل،
نه ڪا جھل نه پَل، سڀ ڪو پَسي پرين کي.
(شاهه)
یہ تو گھر ہے پریم کا، خالہ کا گھر نانھ،
سیس اُتارے بھوئیں دھرے، تب بیٹھے گھر مانھ
(کبیر)
(هي پريم جو گهر آهي، ماسيءَ جو گهر ناهي، جِتي تون راند ڪندو وتين، جيڪو هن گهر اچڻ گهري ٿو. سو سر وڍي زمين تي ڌري).
سائين انعام اسانکي هر طرف کان منظر ڏيکاريا، باقي ٽو اِن ٽاور تي مٿي چڙهڻ رهجي ويو. جنھن لاءِ چون ٿا ته صبح 6 وڳي اُٿي اچڻو پوندو ٽڪيٽ جي لاءِ. ٽڪيٽ لاءِ وڏي لائن لڳندي آهي. روزانو جيترا ٽڪيٽ ڏيڻا هوندا آهن، اُهي ڏئي پوءِ بند ڪري ڇڏيندا، باقي جيڪي رهيا اُهي وري ٻي ڏينھن ڪوشش ڪن. پوءِ اسان وقت وڃائڻ لاءِ رِسڪ نه پي کڻڻ چاهيو. ڇو ته وقت ئي ته اسان وٽ نه بچيو هو ۽ جيڪو بچيو هو اُن مختصر وقت ۾ گهڻو ڪُجهه ڏسڻ ٿا چاهيون. ڪُجهه دير لاءِ مختلف جڳھين تي ويٺاسين ۽ ماحول مان لُطف اندوز ٿياسين پوءِ نِڪتاسين ٻاهر، هاڻي مختلف روڊن تان واڪ ڪرڻ کي پسند ڪيون ٿا، هڪ ته رات ٺري آهي، ٻي ته ملائشيا جي مُند چري آهي. تنھن ڪري اسان کي ڪجهه دير ۽ ڪجهه پنڌ تائين واڪ ڪرڻ گهرجي. هڪڙي رستي تي وڏا وڏا گيٽ ٺھيل ۽ سينگاريل نظر آيا، سائين انعام کان پُڇا ڪئي، چيائين ته جنھن به قوم جو ڏيھاڙو هوندو آهي اُها ائين سيليبريٽ ڪندي آهي. چينائي آهن، عيسائي آهن، ملئي آهي، پوءِ جيستائين ڪنھن ٻي جو ڏيھاڙو اچي تيستائين هي اُن جاءِ تي رهندا. ڏاڍو سھڻي نموني سينگار ڪيو ويو هو. عيسائين جو ڏِڻ هو شايد جو وڻن تي به جهرمر جهرمر بلب نظر آيا.
روڊ ڪراس ڪري اڳتي اچون ٿا، ڪجهه ماڻھو گڏ بيٺا آهن، هڪ موٽر سائيڪل روڊ تي ڪِري پئي آهي، هڪ بيٺي آهي، ۽ هڪڙي بائيڪ تي پويان ويٺل ڇوڪري هئي. هئي ته سنھڙي پر آواز وڏو ساٿ ڏئي رهيو هئس، سامهون جنھن موٽر سائيڪل ٽڪرائي هئي، اُن کي داٻو ڏئي رهي هئي. محمد خان ۽ آئون وڃي ويجها ٿياسين. سائين انعام مُسڪرائي اسان کان پُڇيو هي ڇوڪري زور زور سان جيڪو ڪُجهه چئي رهي آهي اِهو اوهين سمجهو پيا؟ اسان به مُسڪرائيندي چيو سائين!............ بلڪل به نه.ٽھڪ ڏئي چيائين جيڪڏهن ڪجهه سمجهه ۾ ئي نٿو اچي ته بيھڻ مان فائدو ڪھڙو؟ اسان به گڏجي کِلي چئون ٿا واهه سائين واهه ڌڪ زورائتو آهي مڃڻ مُراد آهي. ٽيئي ٽھڪ ڏيون ٿا.
اڳيان هڪ روڊ تان گذرون ٿا جنھن تي ڪجهه هوٽلون يا ڪلب چئجن، قطار ۾ هئا، اُتي مختلف ميوزڪ ۽ ميوزڪ تي ڇوڪريون ڊانس ڪري رهيون هيون. جهيڻي روشني ۽ ماڻھو سڀ مست مگن پي رهيا هئا ۽ جوان خوبصورت رقاصائون سندن لطف کي اڃا به وڌيڪ وڌائي رهيون هيون. هِتي سرعام بار کُليل ڏِٺاسين اسان ڪنھن ۾ به اندر نه وياسين، بس رستي تي بيھندا، ڏسندا وياسين پي.
ٿورو اڳيان وڌون ٿا ته هڪڙي چوڪ تي ٻه کدڙا بيٺا هئا، ۽ اتفاق سان اسانکي به اُن چوڪ تي بيھي فيصلو ڪرڻو هو ته اڃا اڳيان پنڌ هلجي يا هتان کان ٽرين ۾ چڙهجي، ڪجهه دير بيٺاسين ته هنن کي به شڪ پيو اسان کي ڏسي بيٺا آهن. اُهي پنھنجي اسٽائيل ۾ اکين سان ۽ هٿن سان پوز هڻڻ لڳا، اسان به مُسڪرائي هڪٻئي کي چئي رهيا هئاسين ابا همراهه غلط فھميءَ جو شڪار پيا ٿين بھتر آهي ته هِتان کِسڪي هَلون، اسان جي مسڪرائڻ ۽ صلاح ڪرڻ تي همراه وڌيڪ غلط فھمي جو شڪار ٿي ويا ٻنھي مان جيڪو وڌيڪ خوبصورت هو، ٿورو اڳيان وڌڻ لڳو، انھيءَ کي وڌندو ڏِسي اسان رڳو ٽَن ڪيو، مُڙي ٻي روڊ تي هليا وياسين.
هِتي به شايد ايئن بيھندا آهن جيئن حيدرآباد جي ٿڌي سڙڪ جي گدو چوڪ ۽ آسپاس تي ٻُڌو اٿم ته بيھندا آهن، شايد هيءَ ڪئالالمپور جي ٿڌي سڙڪ آهي.
اسٽيشن کي ويجهو ٿياسين، ٽرين آئي، چڙهي ويٺاسين، پنھنجي عارضي آشياني جي ڀر واري اسٽيشن تي لٿاسين. Bistari Condominium Jalan جي فليٽ نمبر 17 تي پُھتاسين ۽ ڪجهه دير ساهي کنئي، ٿڪاوٽ لٿي، هاڻي سڀاڻي جو سوچيوسين، سڀاڻي 17 تاريخ آهي ۽ اسانجو KL ۾ آخري ڏينھن آهي، انھيءَ ڏينھن تي گهمڻون به آهي ۽ شاپنگ به ڪرڻي آهي.
سائين انعام کان صلاح ورتيسين ته سڀاڻي ڪھڙي طرف وڃون، چيائين هڪ ڏينھن ۾ توهان ڪنھن بيچ تي به نٿا وڃي سگهو ۽ نه ئي جوهر بارو. ها باقي ”پُترا جايا“ وڃي سگهو ٿا. جيڪو هينئر ويجهڙائي ۾ نئون شھر تعمير ٿيو آهي. سڀئي آفيسون اُن طرف آهن، نيون بلڊنگون، آرٽيفيشل ڍنڍ به آهي، پر اُن جي سڃاڻپ هڪڙي خوبصورت مسجد آهي، جِتي سياح گهمڻ ويندا آهن. رستي بابت پُڇيو ته سائين پني تي نقشو ٺاهي ڏِنو.
سري پتالنگ ٽرين ۾ چڙهي، بندر تاسيس تي لھندؤ اُتان KLi ايڪسپريس ۾ ويھندا. وڃي پُترا جايا تي لھندا. اُتان کان لوڪل بس ۾ سوار ٿي. ماسڪ (مسجد) وٽ لھندا. آخري اسٽاپ اُهو ئي آهي. ڪجهه دير ڪچھري ڪئي ۽ پوءِ خان چيو ته هلون ڪيفي تي هلي فوٽو اپ لوڊ ڪيون، چيم نه يار اُتي هلي ڪنداسين اپ لوڊ، هاڻ ڪجهه آرام ڪيون ۽ صبح جو سويري اُٿـڻون به آهي.
مون سُمھڻ کان پھرين پرين جو آواز ٿي ٻُڌڻ چاهيو، فون نمبر ملايم پر نمبر نه پيو لڳي، پوءِ ساڻس هينئن مخاطب ٿيس:
نيڻ ننڊ کي سڏي رهيا هِن،
چنڊ تِن کي تَڪي رهيو آ،
عجيب اُڻ تُڻ مَتي آ مَن ۾،
قرار ڪِٿي لِڪي ويو آ،
ٻانھن ڪائي نه آ ڪنڌ هيٺِان،
نه سرگوشي ڪا ٻُري آ ڪَن ۾،
وار ڀي هِن رهيا هي وِکريل،
آڱرين ڪئي ڪنگي نه تِن کي،
گهڙيال ڪانٽن جا آ ٽَڪ ٽَڪ،
سمورو گهر آ نِنڊ ورتل،
سمورو تَـر آ نِنڊ ورتل،
اڪيلي جاڳان چئه مان ڪيسين،
ڏيئي وانگي ياد ۾ تنھنجي،
ٻَران اڪيلي چئه مان ڪيسين،
جيئان اڪيلي چئه مان ڪيسين.
ايئن پاسا ورائيندي نيٺ نِنڊ نيڻن کي پنھنجي آغوش ۾ آڻي سُمھاري ڇڏيو، ۽ اسين نِنڊ ديوي جي ٻانھن ۾ نه چاهيندي به سُمھين پياسين.