ويزا، موضوع بنجي ويو
ايجنٽ سان مِلياسين، ٻُڌايائين تھ اڃا ڪو آسرو ناھي، اسان به کيس چيو ته پوءِ ٻئي نه وينداسين. چيائين ٻين وڳي تائين فائنل ٿي ويندو. ”جيستائين ويزا جي ورندي مِلي، تيسيتائين هلي اقبال جوڻيجو (سنڌ سيڪريٽريٽ) کان ٿي اچون،“ محمد خان چيو. سنڌ سيڪريٽريٽ آياسين. اقبال جي آفيس مٿي سيڪنڊ فلور تي سيڪريٽري آف لٽريسي ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ آهي ۽ محمد خان کي موڪل جي درخواست / اجازت ليٽر کڻڻو هو. مٿي سيڪنڊ فلور تي چڙهياسين. وڪيل منڱريو سان ملاقات ٿي، چيائين: ’مور ساگر هِتي پيا ڏِسجو‘. چيم ’ها يار ڪم آهي ڪنھن دوست سان.‘ مون اڃا تائين ڪنھن به دوست کي ملائيشيا وڃڻ جو نه ٻُڌايو آهي. ڇو ته اڃا ته منھنجي ويزا اٽڪيل هئي ٽِن ڏينھن کان ۽ اڄ آخري ڏينھن آهي ها يا نه. تنھن ڪري اڳواٽ دوستن کي ٻُڌائڻ مُناسب ناهي.
هڪ مزيدار واقعو ٻُڌايان ته ’ريڊيو FM-92 تي هڪ پروگرام ۾ هڪ شاعر هڪ ڪھاڻيڪار جو انٽرويو رکيل هو، شاعر آئون هئس ۽ ڪھاڻيڪار صديق منڱيو هو. انٽرويو ڪندڙ رشيد آزاد ۽ مرحيات شھناز راڄپر هئا. انٽرويو ڏئي آيس صديق منڱيي ته الائي ڪنھن ڪنھن کي ٻُڌايو هوندو، پر مون پنھنجن ويجھن دوستن ۽ مائٽن کي ٻُڌايو ته منھنجو انٽرويو ايندو، ريڊيو FM-92 تي ۽ اُنھيءَ ٽائيم تي ريڊيو کي ويجھا ٿي ويٺاسين، پر انٽرويو نه آيو، آر. جي کان پُڇا ڪئي چيائين يار افسوس جو ڪمپيوٽر آپريٽر کان اوهان ٻنھيءَ جا انٽرويو ڊليٽ ٿي ويا، جي مناسب سمجهو ته وري انٽرويو رڪارڊ ڪرائي وڃو، چيم ’هاڻي وري ڪِٿي ٿو انٽرويو ڏجي.‘ سو اُن ڏينھن کان وٺي وري ڪيڏي به وڏي ڳالھه هُجي اڳواٽ ڪنھن سان به ناهيان ڪندو.
اقبال مِليو، آفيس ۾ ويٺاسين، بس صرف ايترو جو اسان کي ليٽر ڏِنائين، چانھه به ڪانه پيتيسين گهڻو ئي اسرار ڪيائين. اسان تي ته ويزا جي تلوار لٽڪي رهي هئي، تنھن ڪري جلد ئي اقبال کان موڪلائي نِڪتاسين. رستي ۾ ڪنھن دوست جو ميسيج آيو، ’ڪيئن آهين؟ ڪِٿي آهين؟.‘ ’چيم في الحال ته ٺيڪ آهيان، ٽين وڳي کانپوءِ ڪيئن هوندس، ڪِٿي هوندس پتو ئي ناهي.‘ منھنجو اِيئن لکڻ ۽ هُن جو شروع ٿي وڃڻ، ڇا ٿيو؟ ڇا ٿيڻون آهي؟ مهرباني ڪري ٻُڌايو، مون سندس بي چيني ۽ بيقراري ميسيجن مان ئي محسوس پئي ڪئي. چيم بس اڌ ڪلاڪ باقي آهي ٽين وڳي ٻُڌائيندس.
’شيرازي ٽريولر‘ آفيس ۾ ويٺا آهيون ايجنٽ کان ٻيون ڪي صلاحون وٺون، يا پُڇون ها، پر اسان جون ته سڀئي ڳالهيون هاڻي اِن ڳالھه تي اچي دنگ پيون ڪَن ته، ويزا نه ملي ته ڇا ٿيندو؟! مئڊم به رابطي ۾ هئي مسلسل، مون سان به ته ايجنٽ سان به. جڏهن ويزا لڳڻ جو وقت 2 وڳي فائنل هوندو آهي هن وڌائي 3 وڳي فائنل ڪري ڇڏيو آهي، جنھن مان محسوس ٿيو ته همراهن کي هاڻي ذاتي دلچسپي آهي، منھنجي ويزا لڳرائڻ سان. ڇو ته پوءِ هنن کان ٻه به ويون ته هڪ به ويندي. محمد خان ڪنھن وقت چوي ته آئون اڪيلو ڪيئن ويندس، ۽ مون به چيو اگر سڀاڻي ٿو ٿئي ته اڪيلو آئون به ڪونه ويندس.
موبائيل اسڪرين تي ميسيج آيو، گهڙيال ڏي ڏِٺم پورا ٽي ٿيا هئا. حيران رهجي ويس، ميسيج اُن ئي محبوب دوست جو هو جنھن کي چيم ته ٽين وڳي ٻُڌائيندس.
پُڇَنِ سي پَسَنِ، جَڏه تَڏه پرين کي،
ڏوريندِيُون ڏِسَنِ، اَڱڻَ عَجِيبَنِ جا.
دل ۾ خيال آيم ته کيس چوان .............. پر پاڻ تي ضبط رکيم. هاڻي ته اسان جي دل جي ڌڙڪن به گهڙيال جي سيڪنڊ ڪانٽي جيئن گهمي رهي آهي. بس ٻه ٽي منٽ گُذريا، تيستائين رضوان چيو ”مبارک ہو ویزا لگ گئی“ اسان جي پيٽ ۾ ساهه پيو ۽ بس چيوسين جلد ٽڪيٽ ڪَٽ.
مون پرينءَ کي فون ڪري ورتي ۽ هڪ ٻن ٻين دوستن کي ميسيج ڪري ٻُڌايم، جيڪي مون جيان ئي بي چين هئا، منھنجي ويزا لڳڻ جي انتظار ۾.
هاڻي وري ايجنٽ رضوان هڪ ٻيو نخرو ڪيو ته اڪانامي سيٽ ڪا به نه بچي آهي، بزنس ڪلاس ۾ اٿوَ ڏهه ڏهه هزار مٿي ٿيندا، 71 هزار بجاءِ 81 هزار. سوچيوسين پئسا کپائڻ لاءِ ئي ته گهران نِڪتا آهيون، پوءِ وري سوچڻ ڇا جو، Ok ڪيوسين. پر ٻنھي جا 22 هزار مٿي پيا ٿين، کيس چيوسين ڪجهه پئسا واپسيءَ ۾ ڏينداسين، چيائين ٺيڪ آهي. ٽڪيٽ ملي ڏِٺم 4L-Srilankan Air Lines-Flight No-184 ۾ ڪلاس `A` آهي.
ادا منظور کي چيم ڪُجهه پئسا جلدي آن لائين ڪر. اُن 15 هزار اڪائونٽ ۾ جمع ڪرايا، مون اُهي اُتي ئي مھراڻ هوٽل ۾ بينڪ جي ATM مان ڪڍي ورتا.
گاڏيءَ ۾ ويٺاسين 3:20 منٽَ هِتي ئي ٿي ويا، اڃا ايئرپورٽ الائي ڪيترو پري آهي، پُھچي به سگهنداسين الائي نه! رِسڪ ته کنيو اٿئون...الله مالڪ آهي. رستي ۾ ڪا به رنڊڪ نه هوندي ته ضرور پُھچي وينداسين.
جيڪڏهن صبح وارو چڪر ٿو ٿئي. رزاق آباد پُھتاسين ته روڊ بلاڪ، گاڏين کي ٻي روٽ تان پئي روانو ڪيائون، پڇا ڪئيسين ٻُڌايائون ته پوليس ٽريننگ سينٽر تي بم ڦاٽو آهي ست کان وڌيڪ اهلڪار شھيد ٿي ويا آهن.
ڪراچي جون حالتون هاڻي ايئن ٿي ويون آهن. خبر ناهي ڪڏهن امن ٿيندو، ڪڏهن دهشتگردن مان جان ڇُٽندي، پر في الحال امڪان ته نظر نٿا اچن، ڇو ته جيڪا ڌُر سڀ کان وڌيڪ دهشتگرد رهي آهي اُن کي هر حڪومت ۾ حِصو ڏِنو ٿو وڃي، ته پوءِ دهشتگرديءَ تي قابو ڪيئن پائيندا. اسان جي حڪمرانن لاءِ آئون ته ساحر لڌيانويءَ جا هي لفظ ئي چئي سگهان ٿو.
تم ہی تجویز صلح لاتے ہو،
تم ہی سامان جنگ بانٹتے ہو،
تم ہی کرتے ہو، قتل کا ماتم،
تم ہی تیر و تفنگ بانٹتے ہو۔
هو ته معاهدا ڪري پنھنجا هٿ مضبوط ڪري ويهندا آهن، پوءِ هي دهشتگرد اڇي ڪاري جا مالڪ ٿي ويٺا رهندا آهن. خدا ڄاڻي ته ڪڏهن ڪو اهڙو مڙس ماڻھو پيدا ٿيندو، جيڪو هن دهشتگرديءَ جي باهه کي وسائي، وطن واسين کي سُک جي ساهه کڻڻ ۾ مدد ڪندو ۽ اسين کيس اياز جو هي شعر آڇينداسين:
ڌرتي ڌوئو، اُڀُ به ڌوئو، هر شيءِ جنھن تي رَت سا ڌوئو،
اَمن چڱي شيءِ آهي يارو، ديس سڄو لَت پَت آ ڌوئو.
الله جي مھرباني سان رستي ۾ ڪا به رُڪاوٽ نه هُئي، تنھن ڪري وقت تي پُھچي وياسين.