ڪولمبو – سريلنڪا
*
هِتي اسان جو ٽِن ڪلاڪ جو اِسٽي آهي، پر ايئرپورٽ جي اندر ئي گُهمي ڦِري سگهون ٿا. ٿورو اڳيان هلياسين ته واهه شاندار ايئرپورٽ پيو نظر اچي، سائيڊن کان ٿوري فاصلي تي ڪمپيوٽر LCD اسڪرين رکيا آهن. اسان ته ٻئي ڊوڙي اچي ڪمپيوٽر تي بيٺاسين، هِتي ته ظاهر آهي اسان صرف فيس بوڪ ئي استعمال ڪري پيا سگهون. پر ڪوشش جي باوجود به ’@‘ واري ڪي ڪم ئي نه پئي ڪري، پوءِ هڪ هڪ ڪري ڪيز چيڪ ڪيونسين پر نه. پوءِ سوچيوسين ممڪن آهي ڪائي ٽِرڪ رکيل هُجي جيڪا اسان کي سمجهه ۾ نه پئي اچي، خير ڪمپيوٽر مان ڪڍياسين هٿ. وڌياسين اڳيان، پھرين پھرين مُنھن ۾ ٻُڌ جو وڏو ۽ خوبصورت مجسمو نصب ٿيل آهي. اسان موقعي جو فائدو وٺندي فوٽو گرافي ڪري ورتي، بعد ۾ هيٺ لڳل تختِي پڙهيسين ته لکيل هو ’فوٽو گرافي ڪرڻ منع آهي.‘ انگريزي ۽ سريلنڪن زبان ۾ لکيل هئي.
ٿورو اڳيان هڪڙو ڪائونٽر هيو. جنھن تي خان سِم ورتي ۽ انٽرنيٽ پيڪيج، 1200 روپين جي سِم پئي، صرف ٽِن ڪلاڪن لاءِ، ڇو ته اڳيان ملائيشيا ۾ هيءَ سِم ڪم نه ڏيندي، اُتي وري ڌار سِم وٺڻي پوندي. ٻه سانوريون ڇوڪريون ويٺيون هيون. هِڪڙي سنھڙي، ڏند وڏا ۽ ٻي موٽي ۽ ڇوٽي، خان ٿو چوي: ’هي ته سيراڻي روڊ جون سانوريون ڇوڪريون آهن‘ چيم ’ها اَبا پاڙو ته سڀني کي پيارو آهي.‘ تڏهن ته ڊوڙي اچي هِنن کان سِم ورتي اٿئي ۽ فون الڳ پيو ڪري انگريزي ۾ ساڻن ڪچھري ڪري پيو. آئون ته هونئن ئي انگريزي کان پري، سو هيڏانھن هوڏانھن نظرون ڊوڙائي پيو اکيون ٿڌيون ڪريان، جو هر طرف کان خوبصورت مايون بي حجابي طبيعت ۽ اڌ ڍڪيل جسمن سان گُهمي ڦِري رهيون هيون. هِتي جو اِهو ڪلچر آهي، تنھن ڪري ڪنھن کي به ڪُجهه محسوس نٿو ٿئي، بلڪِ اسان جھڙن پھريون ڀيرو ٻاهر جي دنيا ڏسندڙن پُڻ انھن کي ڪنھن به لحاظ کان اهميت ڏيڻ يا گھرائي سان ٽِڪ ٻَڌي ڏِسڻ نه پي گهريو. ڄڻ اسان به اِن ڪلچر جو حصو هئاسين. اِن ڳالھه کي اهميت نه ڏيندي ڏسندا، گُهمندا، ڦِرندا رهياسين.