ڀلا ڙي خان تـنھنجا ڀاڳ
هاڻي سائي ويس ۾ مورکنڀ ڊزائن وارا ڪپڙا پھريل مورڻي ظاهر ٿي، جنھن مسافرن کي سفري احڪام سمجهايا ۽ ڪا ايمرجنسي ٿئي ته ڇا ڪرڻ گهرجي. هاڻي اسان پنھنجا پنھنجا بيلٽ ٻَڌا ۽ جھاز نمبر 319 سريلنڪن، ڌرتي کان ۽ هوائن کان مٿي بُلندي طرف اُڏڻ لڳو. آئون اياز کي ٿو دُهرايان:
تون آءُ ته اُڏامون ڌرتيءَ تان،
ماڻھو ڄڻ موراکيون آهنِ،
جي هِت ويٺيون ڄار اُڻن ٿيون،
پنھنجي ئي ڦاسائڻ لاءِ!
ڪوريئڙي کي ڪئن سمجهايان،
موت اڳيان هو مَکيون آهن،
جي ڪنھن ميڙي رکيون آهن،
ڄڻ هُن جي ڳڙڪائڻ لاءِ،
هيءَ دُنيا جا دوکو آهي.
ڇا ڇا ٿي سا تومان چاهي،
تنھنجي عمر کسي ٿي توکان،
رانديڪن جي پائڻ لاءِ،
اَچ ته اُڏامون سامھون لامون،
ناهن دور ڪَتين جون ڪامون،
پيون لُڏن جي هندورن جان،
توکي ئي لوڏائڻ لاءِ،
تون آءُ ته اُڏامون ڌرتيءَ تان...!
ڪُجهه دير کان پوءِ اُها ئي خدمت ٿيڻ لڳي جيڪا اسان لاءِ ته نئين ڳالھه هئي پر هِنن مورکنڀ سنھالين سنھڙين سانورين لاءِ روز جو معمول آهي. پھريان مُنھن صاف ڪرڻ لاءِ جيڪي ٽوال (توليا) اُٻاري ڏنائون، تِن سان مُنھن صاف ڪرڻ وقت هڪڙي راحت پئي محسوس ٿئي. اُن کان پوءِ جوس، ڪولڊ ڊرنڪ، جنھن جنھن جيڪا فرمائش ٿي ڪئي، ۽ هن ڀيري هڪڙي تبديلي اِها هئي ته شراب جا سڀئي برانڊ موجود هئا. جيڪڏهن ڪنھن کي پيئڻو آهي ته ٻُڌائي، سائي ساڙهي واري ساقي آفر ڪئي ۽ مسڪرائي هلي ويئي. اسان ته ٻئي خان صوفي شراب، سگريٽ، سوپاريون سڀ کان پري، بس طلب هئي ته يار خان کي پان جي، پان جي سِڪ همراه کي اصل سوڙهو ڪري وِڌو هو. وس ۾ هجيس ها ته سانوري سنھڙي سنھالي جي ساڙهي جو پلاند پَڪڙي ۽ عاجزانه انداز ۾ چوي ها ته ’ڪِٿي ڪو پان مِلندو‘ پر سندس لاءِ اِهو به ممڪن نه هو.