واپسي
صبح جو پھرين مونکي سُجاڳي ٿي. آئون وهنجي سھنجي تيار ٿيس ته خان کي اُٿاريم، خان به تياري ڪري ورتي، سائين انعام کي به اُٿاريوسين، اُهو به تيار ٿي ويو. هاڻي مون پنھنجا موبائيل کيسي ۾ ٿي کڻڻ چاهيا، هڪڙو ته گڏ هوندو هو، هڪڙو موبائل نوڪيا وارو اچڻ سان ئي بند ڪري رکي ڇڏيو هُيم، اُهو موبائيل نه پيو ملي، موبائل موبائل ڪندي ٻئي بيگون واپس کوليم هڪ هڪ شئي کي اُٿلائي ڏِٺم ۽ گڏوگڏ ڄڻ ته بدن مان سَت به پيو وڃي، ڄڻ ته BP لو ٿيندي وڃي. هاڻي مونکي پَڪ ٿي وئي ته ڪالھه فليٽ جي صفائي لاءِ جنھن ڇوڪري کي گهرايو هوسين، جنھن سڄو فليٽ صاف ڪري هنڌ بسترا ڇنڊي صاف ڪيا هئا، اُهو ئي کڻي ويو، ڇو ته موبائل مون ٽيبل جي خاني ۾ رکيو هو. ذهن ۾ الائي ڇا ڇا سوچي رهيو آهيان ته واپس نٿو وڃان موبائل ڳولي پوءِ ويندس.
منھنجي اهڙي حالت ِڏِسي نيٺ سائين انعام ۽ محمد خان کي اِهو چوڻون پيو ته هاڻي پريشان ٿي ڇا ڪندين، وڃڻي شئي وئي. ڄڻ اڌ اُجهاميل جسم سان اُٿيس هينڊ ڪيري جو هينڊل ڇڪي ٻاهر ڪڍيم ۽ مٿين خاني ۾ ڪجهه رکڻ چاهيم ته اندر هٿ کي ڪا شئي لڳي، ڏِسان ته موبائل. ’ٻار ڪِٿي ٻار ڪڇ تي‘. بس ٿڌو شوڪارو ڀري رب جو شڪر ادا ڪيم. ڄڻ ته توانائي بحال ٿي وئي پوءِ خوشي خوشي مان فليٽ تي آخري نظرون وجهي ٻاهر نڪتاسين. ٽيڪسيءَ کي اشارو ڪيوسين، اچي ڀر ۾ بيٺي، ويٺاسين KL کان ايئرپورٽ تائين اسانکي ڪلاڪ ڏيڍ لڳي ويو.
ڪئالالمپور ايئرپورٽ پھچي بورڊنگ ڪارڊ ورتاسين، ۽ پاسپورٽ تي KELUAR جا اسٽيم لڳرائي سامان چيڪ ڪرائي سندن حوالي ڪيو، هاڻي مزي سان ايئرپورٽ تي هيڏانھن هوڏانھن پي گهمياسين، ڪجهه شيون هِتان به ورتيوسين ۽ انھن ۾ هڪ هڪ پيڪيٽ چاڪليٽن جو به هو، ورتوسين. ڦِرندا ڦِرندا اچي لائونج ۾ ويٺاسين.
هڪ پاسي نظر ڪئيسين ته خضدار وارو سائين محمد خان جتڪ به پنھنجي فيملي سان گڏ ويٺو هو، سندس فيملي جي ڪري اسين ساڻس هٿ ملائڻ نه وياسين ته هُن اُٿي اچي اسان سان هٿ مِلايو، مون مذاق ڪندي چيو سائين اڳ ۾ ٻه خان محمد ئي ايئرپورٽ وارن لاءِ مسئلو هئاسين هاڻي ته وري ٽي خان محمد ٿي وياسين، سڀئي اچي کِلياسين.
ٿوري دير کانپوءِ ڪنن تي آواز پيو ته سريلنڪا ايئرلائين 319 جا مسافر اچن. لائين ۾ هلڻ لڳاسين، جھاز ۾ اندر داخل ٿياسين ته خان کي چيم خان هاڻي بابا پاڻ به عوامي آهيون اُن ڪري، هنن سيٽن تان نظرون گهمائي پوئتي هليو هَل.
پنھنجا پنھنجا سيٽ نمبر ڳولي ويٺاسين، ٽي سيٽون گڏ هُيون، سائين انعام جو سيٽ نمبر 11، منھنجو 12 ۽ 13 نمبر ڪاري وڳي واري ڪونج جو هو، جيڪا دروازي مان نِڪتي ته کُليل وارن ۾ آڱريون ڦِيريندي سِيٽ نمبر پڙهندي آئي، دِل ۾ ڌڪ ڌڪ ٿي ته ڪاش انھيءَ جو 13 نمبر هُجي، بس دِل ۾ اڃا خيال ئي آيو ته اسانجي سيٽ مٿان اچي بيٺي، اردو ڳالهائيندڙ هئي چيائين پليز مونکي گُذرڻ ڏيو، آئون پنھنجي سيٽ تي سوڙهو ٿي ويٺس، هيءَ گذري وڃي 13 نمبر سيٽ تي ويٺي. آئون ته بس دِل ئي دِل ۾ خوش پيو ٿيان ته واپسي ۾ مسافر ڪو چڱو مليو آهي. مونکي خوش ٿيندي ڏِسي سائين انعام چيو ڇوڪري شايد پاڻ کي ايزي محسوس نه پئي ڪري اِن کي ڪنھن ٻي سيٽ تي شفٽ ڪيون. چيم سائين ڇوڪري خوش آهي بس توهان ويھو، ڇوڪري جو فِڪر نه ڪيو.
بس اڃا اِها ئي گُفتگو جاري هئي ته نالي ڀائي محمد خان اچي مٿان بيٺو، سائين اوهان کي تڪليف نه ٿئي ته عرض ٿو ڪيان اِهي ٻئي سِيٽون مونکي ڏيو ته منھنجا ٻارڙا گڏجي ويھن، سائينءَ سان گڏ ٻه مايون هيون، جن مان هِڪڙي اسانجي اڳيان واري سيٽ تي هئي، هڪڙي جي صفا پويان سيٽ هئي، اسان چيو ها سائين ڇو نه اچو توهان اچو، اسان اُٿي وڃي پوئتي ويٺاسين ۽ سائين محمد خان جتڪ جي فيملي گڏجي ويٺي، سائين انعام جو به مسئلو حل ٿي ويو ۽ مونکي ته تمام سُٺو محسوس ٿيو، جو سائين کي سيٽ ڏِني، سامان مٿان سائين نه کڻڻ ڏِنو، چيائين اِهو ڀلي پيو هُجي اسان سنڀاليون ٿا.
اسان پويان وڃي ويٺاسين هاڻي ته الائي پويان ٿي وياسين، منھنجي پاسي ۾ هڪڙو پنجابي هو شايد، پر مون ساڻس ڳالھائڻ ئي نه پي چاهيو، اکيون ٻوٽيم ننڊ لاءِ نه، پر ايئن ئي آس پاس کان بي خبر رهڻ لاءِ.
ٻيھر جو اکيون کُليون ته سائي ويس ۾ سانوريون کُليل پيٽ ۽ پُٺن سان سامھون هُيون. سلام کان پوءِ ڪجهه هدايتون پريڪٽيڪلي سمجهايائون، جھاز هلڻ شروع ٿيو، بس منٽن ۾ مٿي هوا ۾ بلڪل هوا کان مٿان کڻي هليو.
هن ڀيري سائين انعام گڏ هو، بس جھاز مٿي هوا ۾ هليو سائين به ڄڻ ننڊ جي وادي جو سير ڪرڻ لڳو. مون اسڪرين آن ڪئي، هيڊفون ڪنن ۾ لڳايو، فلم عاشقي لڳائي ڏسندو رهيس، عاشقي اڳ به ٻه ٽي ڀيرا ڏِٺي هئي، لوَ اسٽوري آهي، ۽ گانا به وڻندڙ اٿس، اڪيلائيءَ ۾ ڏسجي ٿي ته اکيون ڀرجيو اچن ٿيون.
فلم ختم ٿي ته خبر پئي ڪولمبو پُھچي ويا آهيون، اڳيان پائليٽ روم مان آواز ڪنن تي پيو، سيٽن تي پنھنجا پنھنجا بيلٽ ٻَڌي ويھو اسان ’بندرا نائيڪي انٽرنيشنل ايئرپورٽ‘ ڪولمبو تي لينڊ ڪري رهيا آهيون. بس ڪجهه گهڙين ۾ جھاز کان ٻاهر آياسين ۽ سريلنڪا جي سرزمين تي هڪ ڀيرو ٻيھر پنھنجا پير رکياسين.
پھريان اسان رُخ رکيو اُن ڪائونٽر جو جتان ويزا ملندي آهي، اسان چيو اسان ٻه ڏينھن لاِءِ سريلنڪا ۾ رهڻ ٿا چاهيون، پر جواب مليو ته اڳي ته ايئن هوندو هو ته اُتي ئي ۽ اُنھيءَ وقت ويزا ملي ويندي هئي. هاڻي اسانجو پيارو پاڪستان دُنيا ۾ ڪجهه وڌيڪ ئي مشھور ٿي ويو آهي، تنھن ڪري هھڙن مُلڪن به پنھنجون پاليسيون بدلائي ڇڏيون آهن. ڪو وقت هو سريلنڪا جي ويزا ئي فِري هوندي هئي، بس چوندا هئا رڳو اچو، رهائشون، سھولتون ايڪسٽرا هونديون هيون.
اڳي اِيئن هُياس، جو پنھون ڌوتم ڪپڙا،
هاڻِي اِيئن ٿياس، جو جت نه نيم پاڻي سين.
اِهو ڪم لڳو پيو آهي، هاڻي چون ٿا پنھنجي ملڪ مان ئي ويزا لڳرائي پوءِ اچو سرينڪا، اِهو به آسرو لٿو، هاڻي مون ۽ خان رُخ رکيو ايئرپورٽ تي لڳل ڪمپيوٽرن جو. کولڻ لڳاسين فيس بُڪ. هن ڀيري فيس بُڪ آساني سان کُلي ويا. ڪجهه دوستن سان هيلو هاءِ ٿي ته اسان ڪولمبو ۾ پُھتا آهيون، شمس ۽ زيب سان هيلو هاءِ ٿي، شمس چيو چاچا منھنجي لاءِ واچ ورتي اٿئي؟ چيم ها ورتي اٿم. هن پھريان ئي چيو هو ته منھنجي لاءِ هڪ واچ ضرور وٺيو اچجان.
منھنجي سامھون لڳل ڪمپيوٽر تي هڪڙي خوبصورت ڇوڪري اچي بيٺي. تيستائين خان به رڙهي اچي پاسي ۾ بيٺو، يار هاڻي ته مونکي ڏي، ٿوري دير آئون ميل چيڪ ڪري وٺان، سندس مُنھن ۾ ڏِسي چيم ها ادا توکي ميل ياد اچي وئي ميل ٿو ڏِسي يا في..........
ٺيڪ آهي پر فيس بڪ منھنجو بند نه ڪجان. ميل چيڪ ڪري وَٺ خان ڏِٺو هي موٽي بيھڻ نه ڏيندو ميل جو خان به ڪيو هو بھانو، بس هن کي به سامھون بيھڻو هو. سو ميل کولي ۽ يڪدم بند ڪري چيائين ’بس ڇڏينس کڻِي ڳوٺ هلي ڏسنداسين. هلو جھاز تي سڏ نه ٿئي‘ چيم حاضر سائين هلون ٿا. تون هلي ويھه سڏ ٿئي ته مونکي اشارو ڪجائين سامھون پاسي ۾ ته بيٺو آهيان. خير مون به فيس بڪ بند ڪيو، اچي خان جي پاسي ۾ ويٺس ته مونکي ويجهو ٿي چيائين اِها ڇوڪري خبر ٿئي ڪير آهي. نه مونکي ڪھڙي خبر. صنم شيخ آهي، هڻ لٺ اِتي وڃي پُھتين چيائين بھاني سان پاسي مان گذري آڏي اک سان ڏِسي ورتم. مڃيم بابا مڃيم. تون ئي اُستاد آهين، اسين شاگرد.
ڪجهه دير کان پوءِ سڏ ٿيو. سريلنڪا ايئرلائين، ڪراچي وڃڻ لاءِ تيار آهي. اسين به اچي ويجها ٿياسين. جھاز ۾ پير پاتوسين ته ساين ساڙهين وارين مُسڪرائي آجيان ڪئي. اسان به موٽ ۾ مُسڪرائي ڪنڌ ڌوڻيو. وڃي پنھنجي پنھنجي سيٽن تي ويٺاسين. ڪجهه دير بعد ساڳيون هدايتون، ساڳيون سنھڙيون سانوريون ڇوڪريون. هن ڀيري هدايتن تي ڌيان ئي نه ڏِنو ۽ اکيون ٻوٽي ڇڏيون. ننڊ لاءِ نه بس ائين ئي ننڊ ۽ سفر ۾ ڪجي پوءِ بيڪار آهي. سفر جو مزو ئي حرام، آئون سفر ۾ ننڊ ڪرڻ جو عادي ناهيان، نه ئي ننڊ ڪرڻ پسند ڪيان ٿو. سفر ۾ اکيون کُليون رکڻ گهرجن جيئن آس پاس ۽ قدرتي نظارن کي ڏسبو رهجي نه ته سفر جو مزو ئي ڪھڙو. سانوري سائي ساڙهي ۾ آئي ۽ اورينج جوس پياري وئي.
شام جا پاڇا پوري طرح لڙي آيا ۽ اسين ڪراچي جي ’جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ‘ تي سنڌ ڌرتي جي خوشبوءِ هاڻين هوائن ۾ پُھچي وياسين. سائين انعام به روانو ٿي ويو. اسين پنھنجي پنھنجي ماڳ ڏي موٽياسين.