ڇير به ناهي پير تنھنجي ۾
تو جي مُرڪون مُنھن سجايون
ڪير ٿو اُن جي پويان جھانڪي
خالي تنھنجون ٻانھن ڪرايون
ڪير ڀلا سوچيندو اُن تي
سڀني جي پاسي کان بيھي
سڀني سان تون نيڻ مِلائي
دِل پنھنجي کي دريا ٺاهي
دردن جون ڪي نَديون جنھن ۾
روز اچي ڇوڙ ڪَن ٿيون
هينئون ٻوڙان ٻوڙ ڪَن ٿيون
پنھنجي سنھڙي سھڻي بُت کي
آڙنگ منجهه اُلا بڻائي
هر ڪنھن جي ڀر کان بيھي
پوءِ به پُڇين ٿي ڇا ڪجهه گُهرجي؟
ڳاڙها، ڪارا، کارا، مِٺا
تيرن ۽ تلوارن جھڙا
هر ڪنھن واتان لفظ ٻُڌي
پوءِ به مِلائي پنھنجون نظرون
پوءِ به چَپَن تي مُرڪ سجائي
تون جو پُڇين ٿي ڇا ڪُجهه گُهرجي؟
سونھن خُدا جو سو پَل هڪڙو
پُل صراط جھڙو پائي
پير ۾ پير ڏيئي هلين ٿي
ڇير به ناهي پير تنھنجي ۾
ڪنھن جو ڌيان ڇِڪائي جيڪا
ڪنھن کي ڇِرڪ ڀرائي جيڪا
ڪنھن کي چيري چاڪ ڪري جا
ڪير ڀلا ڪو ٿيندو اهڙو
سناٽي کي سڏ سمجهي
ڪير نيھاري هيٺ مٽيءَ ڏي
تنھنجي پيرن ۾ ويڙهيل
درد، دُک ۽ سور صدين جا
ڪير ڀلا آ واندو اهڙو
توکي ڳولي، توتي سوچي
تون گهڙي لئه گل جي خوشبو
ڪنھن سان جو هلڻِي ناهين
سونھن خُدا جو سچ چوان ٿو
تون ته صفا ڪا هرڻي آهين
پر هرڻي وانگي ٽھڻي ناهين
ڇو ته ڪنھن سان گڏ هلڻِي ناهين
تون ته، کن پَل کِلڻي آهين
ٻيھر نه ڪنھن سان مِلڻي آهين.
دِل اندران واهڙ جيئان وهندڙ احساس کيس ارپي، آئون وري به آيس موٽي چنڊ ڏي.
دل تي تنھنجي ياد سندو، اُڀري آيو چَنڊ،
صنم تنھنجي سونھن جيَ، من کي موهيو مَنڊ،
هينئڙي منجهه اُڪنڊ، ملين ته ماٺي ٿيئي.
جيئن ئي چنڊ تان اکيون هَٽيون، سامھون ساوَن پنن جھڙو لِباس پاتل سنھاليون سانوَريون اسان لاءِ ڪُجهه کڻي آيون. سيٽ ۾ فولڊ ٿيل ٽِري کوليوسين، اُن تي رکيائون، چڪن برياني، رائتو، فروٽ جو هر قسم، ساڻ گڏ مکڻ، مطلب ته هر شئي جي ٽيسٽ ضرور هئي. ايئن اسان بسم الله ڪري کانئڻ به شروع ڪيو ۽ هڪٻئي کي ايئن به پيا چئون، ’واهه سائين واهه ايڪاسي هزار جا مزا‘. پريان اڪانامي ڪلاس ۾ ڇا هو خدا ٿو ڄاڻي. اسان ته جيڪي ڏهه هزار واڌو ڀريا هئا، هي خدمتون اُنھن جي عيوض آهن.
کائي پي ورتوسين، ٿوري دير بعد ٿانوَ کڻي ويون. ڪُجهه دير کان پوءِ ظاهر ٿيون، سڀني کي ٿيلھي ڏينديون ويون، ٿيلھي کوليسين ته اندران چادر نِڪتي، سمجهي وياسين اشارو، ’هاڻي خدمتون ٿيون، سُمھي رهو‘ منھنجي اکين کان ننڊ ته ڪوهين ڏور هئي، پر ڪوشش ضرور ڪيم صرف سڀاڻي جو سوچي، جيڪڏهن هينئر ڪُجهه گهڙيون اکين کي ننڊ جي آغوش حوالي نه ڪيم ته پوءِ سڀاڻي جو ڏينھن ننڊ حوالي ٿي ويندو ۽ اِهو اسان کي گهمڻ جي حوالي سان وڏو لاس آهي. خبر ناهي ته ڪنھن گهڙي ننڊ اچي پنھنجي ٻانھن ۾:
ڌرتي کان دُور
ڏور آڪاس تي
هوائن جي هنج ۾
وجود گهيري
شفيق ماءُ جيئن
اکين مٿان هو
ٿڌا هٿ ڦِيري
سُمھاري ويئي
ڪوهين ڏور
پري پرين کان
ڄڻ ماري ويئي
سُمھاري ويئي
صبح جو اک اُن وقت کُلي جڏهن ملائيشيا جي زمين ۽ اُڀ جي درميان هئاسين، جھاز ۾ چيو ويو ته ڪئالالمپور ايئرپورٽ تي پُھچي چُڪا آهيون. پنھنجا پنھنجا بيلٽ ٽائيٽ ڪيو ۽ سيٽن تي سِڌا ٿي ويھو. بيلٽ لاءِ هٿ وڌايم ته جهولي ۾ هڪڙو بليڪ ڪلر جو پرس پيو هو، ٿيليِ ۾ پيڪ ٿيو. مون سمجهو ته متان ڪنھن جو مٿان بيگ وغيرهه مان ڪريو هجي. پوءِ خان جي هٿ ۾ به ساڳيون پرس ڏِٺم سمجهي ويس ته هي جھاز وارن طرفان اسان لاءِ گفٽ آهي. کوليوسين ته اندر پرفيوم، شيمپو، ٽوٿ برش، ٽوٿ پيسٽ، چِپ اسٽڪ، پرفيومڊ ٽشو سڀ شيون ڏاڍي خوبصورت سيٽنگ سان پيون هيون. هڪ ٻئي ڏي ڏسي وري به مسڪراهٽ سان گڏ ساڳيون ئي جملو ’واهه سائين بزنس ڪلاس جو مزو‘.
هاڻي اسان جي فلائيٽ 319 سريلنڪن، ملائيشيا جي ڪئالالمپور ايئرپورٽ تي لينڊنگ ڪري چُڪي هئي. سڀني پنھنجو پنھنجو سامان سنڀاليو ۽ آهستي آهستي جھاز مان نِڪرڻ لڳاسين، دروازي تي بيٺل سائي ويس ۾ ويڙهيل مورڻين کان موڪلايوسين.
سائي ساڙهي ۾ وجود ويڙهيل
وجود ۾ ڪيئي راز سھيڙيل
ڪيتريون اکيون اُن ۾ اٽڪيل
گهاٽ گهاٽ جا ساٺ سوَين
دَر دَر جا هن درد الڳ
ڪيئي ڪھاڻيون سانڍي سيني
ڪيئي وَڍ ويڙهي اندر ۾
ٻاهر هو جو دَر تي آئي
صفا مورڻي جھڙي سائي
ڳاڙها پيلا، ناسي نيرا
رنگن تجلا ساڙهي هُن جي
هُن جو هوا ۾ لوڏيو هٿ کي
پوءِ به هٿ ڪرائي خالي.