سنھڙيون، سانوريون، سايون مَٿِن ساڙهيون
ڪا ٺيس نه ڏي تون ماڻھوءَ کي، آسيس چڱي آ هر ڪنھن جي،
ڪيئن چئجي ڪو پَل ڪيئن هجي، پر مورک ڪونه لَکائن ٿا.
ڇو سُک جو ساٿي آنھن رڳو، اچ مون مان ڏُک جي ڏاهپ سِک،
مون لاءِ امر اِنسان اُهي، جي پنھنجو پاڻ ڀُلائن ٿا.
(شيخ اياز)
سيٽ نمبر 4-A ڳولي اُن تي ويٺس ۽ خان 3 تي ويٺو. بزنس ڪلاس هو، تنھن ڪري سيٽون وڏيون ويڪريون ۽ ٻه گڏ هيون، سڀني سيٽن ۾ وڊيو اسڪرين لڳل هئي، جنھن ۾ توهان جيڪو چاهيو ڏسي/ٻُڌي سگهو پيا، مونکي جا دل ۾ خواهش هئي ته شل منھنجي سيٽ دري واري پاسي کان هجي، سو ايئن ئي ٿيو. سيٽ دري واري سائيڊ کان ملي، تنھن ڪري آئون ته جانچڻ لڳس ٻاهر جا نظارا، وڏي پکيڙ تي پکڙيل هوائي اڏو، جنھن تي مختلف ملڪن جا ۽ مختلف ڪمپنين جا جھاز ڪي ننڍا ڪي وڏا نظر اچي رهيا آهن. اسان کي ڪجهه دوستن P.I.A ۾ وڃڻ کان جهليو هو، خبر ناهي ته ايئن ڇو هو، شايد اسان جو معيار اڃا ٻين ملڪن جي جھازن جهڙو يا سفر ۾ سھولتن جهڙو ناهي.
سائي ساڙهيءَ ۾ سنھڙي سانوري مُسڪرائيندي ظاهر ٿي ۽ پُڇيائين جوس ڪھڙو پيئندا، ’اورينج‘. اسان ٻنھي ساڳيو ئي چيو، جوس مِليو، پيتوسين، هاڻي اسڪرين کي آن ڪيو، ان جي مينيو ۾ وڃي پھرين ته ڏسندو رهيس ته آهي ڇا ڇا؟ اِهو فيصلو پوءِ ڪبو ته ڇا ڏِسجي، وڊيو ۾ ميوزڪ، گانا، انڊين، سريلنڪا جا ۽ انگلش پُڻ، گيم، فلمون ۽ هڪڙو اهڙو مينيو هو، جيڪو جھاز بابت ئي معلومات فراهم ڪري ٿو. جھاز ڪيتري بُلنديءَ تي آهي، روٽ ڪھڙو آهي، ڪيڏانھن وڃي رهيو آهي، هن وقت ڪِٿي پھتو آهي، هاڻي اسان ڪھڙي سمنڊ مٿان، ڪھڙي ملڪ مٿان لنگهي رهيا آهيون. سڄي معلومات هلندي رهي، خان اسڪرين تي ڏسندو رهيو. مون وري فلم لڳائي ”ڀاڳ ملڪه ڀاڳ“ جيڪي ٻه ٽي موجود هيون، اُنھن ۾ منھنجي اڻ ڏٺل فلم اِها ئي هئي، تنھن ڪري لڳايم، ٿوري دير کان پوءِ مائيڪ تي Welcom ڪرڻ کان پوءِ هدايتون شروع ٿيون ته هاڻي اسان جو جھاز اُڏام ڪري رهيو آهي، تنھن ڪري توهان کي هنن هدايتن تي غور ڪرڻون آهي. آواز سان گڏ هڪ ٻي هوسٽ ظاهر ٿي، جنھن آواز سان گڏ اداڪاريءَ ذريعي مسافرن کي سمجهايو پي ته: بيلٽ ڪيئن ٻَڌو ۽ ڪو مسئلو ٿئي ته ايمرجنسيءَ ۾ توهان کي ڇا ڪرڻ گُهرجي، آڪسيجن پائيپ نڪ تي ڪيئن چاڙهجي، ساهه ڪيئن کڻجي، سڀ ڪجهه سمجهايائين ۽ آهستي آهستي جھاز ڊوڙڻ شروع ڪيو، ڪجهه فاصلي کان پوءِ مٿي ٿيڻ لڳو، آئون ته دري کولي ويٺو هُيس، تنھن ڪري سڀئي نظارا ڪري رهيو هُيس. آهستي آهستي ڪراچي جي شھر مٿان گذري بلنديءَ طرف وڃي رهيا آهيون. هاڻي هيٺ شھر ايئن نظر پيو اچي، جيئن بلڊرن جي بروشرن ۾ جڳھين، بنگلن جا نقشا نظر ايندا آهن، ۽ وڻندڙ منظر وڻ روڊن جي پاسن ۽ جڳھين جي وچ ۾ خوبصورت منظر پَسائي رهيا هئا. وڻن جي جيڪا گرينري آهي. اِها اکين لاءِ فرحت پُڻ هوندي آهي ۽ روزانو صبح اُٿڻ سان ساون وڻن ڏي ڪجهه دير تائين اکيون رکجن ته اکين لاءِ وڏو سڪون جو سبب هجي ٿو. ٻاهران گرينريءَ تان نظرون هٽائي جڏهن واپس جھاز ۾ نظرون کڄن ته، سامھون اُهي سايون ساڙهيون، مورڻيون ڄڻ، پُٺا ۽ پيٽ کُليل، سندن ڊريس تي مور جي کنڀ نما ڊزائن پرنٽ ٿيل آهي.
جَھڙا پانَنِ پَنَ، تَھڙيون سالوُن مَٿِنِ سائِيون،
عَطرَ ۽ عَبيِر سين، تازا ڪَيائوُن تَنَ،
مَڙهيا گهڻو مُشڪَ سين، چوٽا ساڻُ چَنَدنَ،
سُنھنِ رپي سونَ سين، سَندا ڪامَڻ ڪَنَ،
ڪَيائين، لال لَطِيفُ چئي، وَڏا ويس وَرَنَ،
مُنجهه مُرڪَيسِ مَنَ، سوڍي سان سڱ ٿيو.
(شاهه لطيف)
مور هِن ’ايئر ڪمپني‘ جي سمبل طور آهي شايد. جھاز جي سيٽ جي کيسي ۾ مينيو پيل هئا ۽ ميگزين به، اُنھن تي به مور وڌيڪ ڇانيل رهيو، پر هر شئي تي هنن جا جيڪي ٽيگ لڳل هئا، اُنھن تي به ۽ جڏهن به اسان وڊيو آن ڪيون. ڪھڙي به فلم يا گانو، پر پھريان مور جو ديدار ٿئي، پوءِ گانو يا فلم هلي. سو ڳالھه پئي ڪيم سانوري مورڻيءَ جي، جنھن خوب خدمت پي ڪئي. هنن جي ته ڊيوٽي ئي اِها آهي، پر اسان کي سُجهيو مذاق.