الـطاف شيخ (مھاڳ)
بھرحال مور ساگر جو هي سفرنامو ”حيدرآباد کان هنزه تائين“ پڙهڻ شروع ڪيم ته بس ڪرڻ تي دل نٿي چاهيو. مطلب ته دلچسپ هجڻ ڪري ٻن ٽن ڏينھن ۾ ئي ختم ڪري ورتم. مون ڪڏهن هنزه، گلگت ۽ پاڪستان جا ٻيا اتراهان علائقا نه ڏِٺا آهن ۽ نه ڪڏهن انھن کي ڏِسڻ جو ارادو هو، پر مور ساگر جو هي حيدرآباد کان هنزه تائين سفرنامو پڙهي، مونکي به شوق جاڳيو آهي ته جن جن ماڳن تي مور ساگر ويو آهي انھن کي آئون به ڏِسان. پر حقيقت اها آهي ته دوستن جي ٽولي سان گڏ گهمڻ جو مزو ئي ٻيو آهي، جيئن هن سفرنامي جو ليکڪ مور ساگر پنھنجي دوست ۽ ٽيچر انعام ڀٽي ۽ مھراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي جي شاگردن سان گڏ نڪتو. گروپ ۾ گهمڻ ۽ دوستن جي مختلف شھرن، ماڻھن ۽ واقعن بابت ٽيڪا ٽپڻي به سفرنامي کي دلچسپ ٿي بنائي، ڇو جو پڙهندڙ سفرنامي ۾ مختلف شھرن يا جاين جي فقط تاريخ جاگرافي معلوم ڪرڻ ۾ دلچسپي نٿا رکن، پر هو اِهو به معلوم ڪرڻ چاهين ٿا ته انھن هنڌن تي پھچڻ ۽ رهڻ ڪھڻ ۾ مسافر ڪھڙا طريقا اختيار ڪيا، هن کي ڪھڙيون دشواريون پيش آيون، ڪھڙين غلطين، ڪوتاهين ۽ اڻڄاڻاين ڪري هڪ مسافر کي جُٺين پُٺين کي مُنھن ڏيڻو پيو. جن کي اڳلو ڌيان ۾ رکي پنھنجي سفر کي بھتر بڻائي سگهي.
”حيدرآباد کان هنزه تائين“ سفر ۾ جتي لاهور ۽ اُتي جي مشھور تاريخي جاين (مينار پاڪستان، شاهي قلعو، بادشاهي مسجد، واگها بارڊر) کان وٺي وادي ناران، جهيل سيف الملوڪ، گلگت، وادي هنزه، سوات ۽ پشاور بابت معلومات ڏنل آهي، اُتي انھن هنڌن تائين پھچڻ ۽ ماڻيل مشاهدن، تجربن ۽ نظارن جو پُڻ احوال ڏِنو ويو آهي، ۽ هي سفرنامو انھن هنڌن تي وڃڻ لاءِ سٺي گائيڊ آهي ۽ گهر ويٺي پڙهڻ وارن لاءِ سٺو تفريحي ڪتاب آهي. ايتريقدر جو مور ساگر جو هي ڪتاب ”حيدرآباد کان هنزه تائين“ عائشه زرداري جو ”ڪراچي کان هنزه تائين“ ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ هاڻ منھنجي به دل چوي ٿي ته هنزه جو چَڪر هڻي هڪ عدد سفرنامو ”هالا کان هنزه تائين“ آئون به لکان.
هڪ همراه مليو چوڻ لڳو: ”مونکي به سفرنامي لکڻ جو شوق آهي پر ولايت وڃڻ لاءِ وسيلا نه اٿم“ عجيب درويش آهين، مون چيومانس، سٺي سفر نامي لکڻ لاءِ ڇا انگلينڊ، فرانس يا جپان آمريڪا جو چڪر ضروري آهي ڇا؟
مون کيس ٻُڌايو ته منھنجو سڀ کان گهڻو پسند آيل ۽ پڙهيو ويندڙ سفرنامو ”حيدرآباد کان هالا“ بس ذريعي سفر آهي. جنھن ۾ مون رڳو بس ۾ سوار ماڻھن، ڊرائيور، ڪنڊيڪٽر کان مختلف مسافرن جي حرڪتن ۽ ڳالھين جو احوال لکيو آهي، جيڪو مون ڪلاڪ کن جي سفر ۾ ڏٺو... ته ڪيئن ڊرائيور پنھنجي لئه ٿو رکي، ڪيئن ڪنڊيڪٽر رستي تي ڳوٺن مان چڙهندڙ غريب ڳوٺاڻن تي رعب ٿو رکي، ڪيئن بس ۾ چڙهندڙ هڪ مرد سامان جي هڙ زال کان کڻائي پاڻ وڏيرو ٿي هٿين خالي چڙهي ٿو. بس ۾ سوار ٻه پوليس وارا ٽڪيٽ وٺڻ کان لنوائين ٿا، ڀٽ شاهه مان ٻه ناچڻيون، ڪاري ديسي ڪڪڙ جيڏن پرسن سان بس ۾ چڙهن ٿيون. ڪنڊيڪٽر جي ڀرپور ڪوشش جي باوجود اهي به ٽڪيٽ نٿيون وٺن، پر اهو آهي ته ان جي بدلي ۾ ڪنڊيڪٽر جي دلپشوري تي هو اعتراض نٿيون ڪن. معاملو ايئن هلندو ڏِسي پوليس وارا به هنن سان فري ٿيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا پر اهي ٻئي ڄڻيون پوليس وارن کي اهڙا ته کُتا جواب ڏين ٿيون جو پوليس وارا چُپڙي ڪري پنھنجين سيٽن تي شريف ٿي وهڻ جي اداڪاري ڪن ٿا... وغيره وغيره.
بھرحال مون سفرنامو لکڻ واري کي اهائي صلاح ڏني ته هو وسيلن مطابق پنھنجي ملڪ جو، يا پنھنجي صوبي جي ڪنھن شھر جو ئي سير ڪري ان بابت احوال لکي سگهي ٿو. پنھنجي ملڪ جي هر شھر حيدرآباد، ڪراچي کان لاهور پشاور تائين جو سفرنامو ڪيترن ئي لکي ڇڏيو آهي، آئون هاڻ ڇا لکان؟ هن وراڻيو.
دراصل اها به هڪ غلط فھمي آهي. مختلف شھرن يا هنڌن جو ”سفرنامو“ لکڻ ڪا انھن شھرن جي سِٽي سروي ڪرڻ ناهي جو جيڪا هر هڪ ساڳئي ڪري ايندو ته ڪراچي کان حيدرآباد هيترو مفاصلو ٿيو، حيدرآباد کان نواب شاهه هيترو ۽ سکر کان خيرپور هيترو سفرنامو کڻي ساڳئي ملڪ، ساڳئي شھر يا شھر جي ڪنھن ساڳئي ماڳ جو هجي، پر هر هڪ جو احوال، هر هڪ جي ڏِسڻ جي اندرين اک، هر هڪ جي سوچ، معلومات ۽ Observation مختلف ٿئي ٿي. هنزه بابت ماڻھن ڪيترائي سفرناما لکيا هوندا، پر هر هڪ پنھنجي نوعيت جو هوندو. مور ساگر جي هن سفرنامي مان لڳي ٿو ته هن جو مطالعو تمام گهڻو آهي ۽ هن کي شاعري سان به دلچسپي آهي ۽ پاڻ به هڪ سٺو شاعر آهي ۽ سندس شاعري جو مجموعو ”پيار جي پنڌ ۾“ پريت پبليڪيشن حيدرآباد طرفان سال 2005ع ۾ ڇپجي چُڪو آهي. هو سفر ۾ نظر ايندڙ ڪيترين شين تي پنھنجي ۽ ٻين جي شاعري ياد ڪري خوبصورت شعر پڙهندڙن سان به Share ڪري ٿو.
جڏهن به چنڊ ٿا ڏسون، پرينءَ توکي ٿا ساريون،
کڻي اُڪنڊ ٿا جيئون، پرينءَ توکي ٿا ساريون.
مور ساگر اسلام آباد ۾ هڪ حسينا لاءِ لکي ٿو ته: توڙي جو کڻي هن جا پُسيل وار نه هئا ۽ خماريل اکيون به نه هيون، پوءِ به سڀني ڇوڪرن جي دلين تان ڇُري ڦيريندي وئي. اهڙي موقعي تي هي شعر هوائن ۽ هُڳائن کي ڇُھندو اچي دل تائين پھتو:
ھوائن ۾ خوشبوءِ آ پکڙي وئي،
پرينءَ وار پنھنجا نه کولي گهمو،
ڪيڏي سونھن تنھنجي آ نِکري وئي،
هوائن ۾ خوشبوءِ آ پکڙي وئي.
وادي ڪاغان جي پھاڙين تي پيلي رنگ جا گل ڏِسي هن کي سنڌ جو باغي شاعر ابراهيم منشي ياد ٿو اچي جنھن لاءِ مور ساگر لکي ٿو “سرنھن جي اهڙن پيلن گلن کان متاثر ٿي شايد ابراهيم منشي گهڙي پَل لاءِ قيد جي پيڙا وساري دل جي ڪنھن گوشي ۾ اميد کي ساري چئي ويٺو هو ته:
سرنھن پيلا جهليندي گل، انھن کيتن ۾ ملنداسين،
ڪَتيون ڪيئي قيد ۾ گذريون، چڱو چيٽن ۾ ملنداسين.
وادي ناران ۾ اُتي جي هڪ قومپرست سان ملي مور ساگر کي پنھنجي وطن جي قومپرست پارٽين جا اڳواڻ ياد اچن ٿا. جن لاءِ هو لکي ٿو ته: اسانجي قومپرست اڳواڻن جا ٻه روپ آهن، هڪڙو ظاهري ٻيو لڪل، جيڪو لڪل روپ آهي، اهو ظاهري روپ تي وڌيڪ حاوي هوندو آهي ۽ نتيجي ۾ سنڌ ڀوڳيندي ئي رهي آهي. شاعر غلام رسول ٽالپر پڻ سچ چيو آهي ته:
ڪو نه سڄڻ ڪو سنَڌَ ڏِسان ٿو،
ويڪو رهبر رَند ڏِسان ٿو،
دڳ تي دوکان، ڌنڌ ڏسان ٿو
لِڪ ۾ ٿو حق وڪامي!
هر ڪو پر هت پَڪ وڪامي!
جيئن ته شروع ۾ لکي آيو آهيان ته هن سفرنامي جو ليکڪ مور ساگر بنيادي طرح شاعر آهي ۽ هن جو مطالعو به سٺو لڳي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو هن کي جتي ڪٿي پنھنجا شاعر ۽ اديب ياد اچن ٿا. ساهيوال ۾ پھچڻ سان هن جي دل تي شيخ اياز ۽ ان جي لکيل ”ساهيوال جي جيل ڊائري“ تري اچي ٿي. لاهور گهمڻ دوران، هڪڙي بورڊ تي ”ڪوٽ لکپت“ ڏسي هن کي رسول بخش پليجو ۽ هن جو لکيل ڪتاب ”ڪوٽ لکپت جو قيدي“ ياد اچيو وڃي.
بھرحال سفرنامو اهڙي شئي آهي جيڪو ڀلي کڻي ساڳئي ماڳ جو هجي. پر ان ۾ مواد هر لکندڙ جي طبيعت مطابق رهي ٿو. مور ساگر کي شاعر جي ناتي جتي هر هنڌ ۽ هر شئي ۾ سُونھن ۽ حُسن ياد آيو آهي، پنھنجي وطن جا شاعر ۽ اديب ياد آيا آهن، اتي مون جھڙي کي ٿي سگهي ٿو سمنڊ ۽ سنڌو درياهه ياد اچي ها، سکر ۽ ڄامشوري جا بتيلا ۽ هوڙها، مھاساگر جا آفت جيڏا جھاز ۽ فيريون (Ferries) ياد اچن ٿا. ان ڪري سفرنامن لاءِ آئون هميشه چوندو آهيان ته ان جو مدار ماڳن، شھرن ۽ ملڪن تي ناهي پر لکڻ واري جي اندر جي اک ۽ جذبن تي Depend ڪري ٿو. ان جي بھتر سمجهاڻي هن لطيفي مان به حاصل ٿي سگهي ٿي.
هڪ نئين شادي ٿيل ڪنوار پنھنجي گهوٽ سان شڪايت ڪندي چيو ته ”آخر اهو ڇو آهي جو منھنجي ساهيڙيءَ جو مڙس هن کي هر وقت منھنجي نيراني هير، ماهتاب، منھنجي ڪَتي ۽ ٽيڙو، ماڪ ۾ ڀنل رابيل، منھنجي شفق... وغيره وغيره، جھڙين پيارين شين سان مخاطب ٿئي ٿو ۽ هڪڙو تون آهين جو هر وقت مونکي جانور جي نالن سان سڏين ٿو... منھنجي ٿلھي گابي، منھنجي ڪاري مينھن، منھنجي موڳي رڍ، منھنجي ٻ ٻڪري...!“ مڙس چيس ”اها ته ڪا اهڙي ڳالھه ناهي. جھڙي هوءَ پنھنجي مڙس کي پياري آهي اهڙي تون مونکي آهين. پر هن جو مڙس ته ٿيو موسميات کاتي جو آفيسر ۽ ماهر فلڪيات سو ظاهر آهي هو سج، چنڊ ۽ تارن جي ڳالھه ڪندو ۽ جاني! توکي ته خبر آهي ته تنھنجو مڙس ڊاڪٽر ڍور (جانورن جو ڊاڪٽر) آهي سو ظاهر آهي هن جي وات تي هر وقت رڍ، گابي، ڏاچي ۽ مينھن رهي ٿو...“ سو سفرنامن جي معاملي ۾ به اهي ڀلي کڻي ساڳئي هنڌ جا هجن پر سفرنامو لکڻ واري جي طبيعت تي آهي. جيئن چوندا آهن ته ”سرمون هرڪا پائي پر اک اک جو ڦير“. بھرحال مور ساگر جي هن صنف ۾ پھرين ڪوشش آهي ۽ هن ڪافي محنت سان هي سفرنامو لکيو آهي، جنھن لاءِ مونکي پَڪ آهي ته هن کي سٺي موٽ ملندي.
مور ساگر پھرين جنوري 1979ع تي بدين ضلعي جي ڳوٺ ميون ملوڪ ۾ محمد رمضان جوڻيجو جي گهر ۾ جنم ورتو. بنيادي تعليم پنھنجي ڳوٺ ويجهو رپ جي هاءِ اسڪول مان حاصل ڪئي. انٽر ۽ B.A بدين شھر جي اسلاميه ڪاليج مان ڪئي. 1996ع ۾. هي سنڌي ادبي سنگت شاخ بدين جو ميمبر ٿيو جتي هن کي نقاش علواڻي، عطا دل، نور محمد سومرو، نواز کٽي، امر سومرو، ذوالفقار خاصخيلي، ظفر خاصخيلي، رفيق آس لغاري، محرم راز، امر انصاري جھڙا سٺا دوست مليا. جنھن کان پوءِ هو اڄ تائين شاعري جي سلسلي کي قائم رکندو اچي. گذريل ڪافي سالن کان هو حيدرآباد ۾ ڇپائي جي بزنيس ۾ مشغول آهي ۽ رابعه اسڪوائر، گاڏي کاتي ۾ ساحل پرنٽر اينڊ پبليڪيشن تي ڪم ڪري رهيو آهي.
الطاف شيخ
ڪراچي